اِن
وقت ڪرشن راهيءَ هڪ ريڊيو فيچر تيار ڪيو . هن اُن
کي ڇا سڏيو، ياد نه اٿم ، مون اُنکي ” لوليءَ کان
ماروءَ تائين “ سڏيو . اُن ۾ لولي به هئي ، اوراڻو
به هو ، لاڏو به هو، سهرو به هو ۽ پڇاڙي جو هو
مارُو ٽائيپ وئراڳ جو گيت . اُهو فيچر راهيءَ
ڪڪيءَ کي ڌيان ۾ رکي لکيو هو ۽ پاڻ ئي ڪڪيءَ جي
گهر اچي ڌنون هن کي پڪ اپ ڪرايون هيون . مون کي
اِن روپڪ منچ تان انساني زندگيءَ کي سنگيت سان
ڳنڍڻ ۽ ان جي وسعيت – گوناگونيت واضح ڪرڻ جو وسيلو
ميسر ڪري ڏنو . راهيءَ ڪي ڪلام ۽ هڪ غزل به ڪڪيءَ
کي سيکاريو . ڪجهه وقت راهي ڪلاڪار منڊل جو گويا –
گيتڪار – سنگيتڪار رهيو .
۽ هڪ
ڏينهن مون کي هز ماسٽرس وائس جي گرئموفون ڪمپنيءَ
جي بمبئيءَ آفيس جي رڪارڊنگ مئنيجر مسٽر جوشيءَ
پاڻ وٽ گهرايو . چيائين ، ” سنڌ ۾ ته رڪارڊ تمام
گهڻا هلندا هئا ، گائڪن ۽ گائڪائن جو به اٽالو
وڌندڙ هو . هت به پهرين ماسٽر چندر ۽ رام
پنجواڻيءَ جا ٿورا رڪارڊ هليا . پوءِ يڪايڪ اُهي
وڪامڻ بند ٿي ويا . هاڻ ته اسان سنڌي رڪارڊ ڀرڻ ئي
ڇڏي ڏنا آهن . ويجهڙائي ۾ خط اچڻ لڳا آهن ته اسان
تنهنجي گروپ جي نينگريءَ ، مس ڀڳونتي ناواڻيءَ جي
آواز ۾ رڪارڊ ڀريون . هنن ۽ ٻين اسان کي تنهنجو ڏس
ڏنو آهي . هنن جي چوڻ موجب هن ڪڪيءَ جي سنگيت –
زندگي جو رهبر تون آهين . مون چڱيءَ دلچسي ڏيکاري
. جوشيءَ هڪ همراهه سان ڪڪيءَ جي گهر اچي ڪڪيءَ جو
آواز ٻڌو . ڪڪيءَ جي آواز ۽ ادائگي ، ٻئي هن کي
راس آيا . چيائين ، ” هن جي لوڪپريتا ڀانپڻ لاءِ
اسان في الحال هن جو هڪ رڪارڊ ڪڍنداسين .“ مون ”
سنڌ ۽ سنڌي “ ڏوهيڙا ڀرڻ لاءِ چيو . جوشيءَ چيو ،
” گنڀير گيتن جو جوکم کڻڻ کان اڳ مان سمجهان ٿو ،
شاديءَ جي گيتن ، لاڏن جو هڪ رڪارڊ ڀريون “ مون ٻه
لاڏا چونڊيا ؛ ” منهنجا ونهيا لاڏا ... “ ۽ ” راڻا
وڃ نه ڇڏي “ پوئين سان هليءَ جو ٽپڙو به گڏيو،
”ڌوڌو ڌاڻا .. “ ڪورس لاءِ ڪڪيءَ جي وچين ڀيڻ
اندوَ ۽ هن جي ساهيڙي کي آندو . جوشيءَ رڪارڊنگ
پوري ٿيڻ بعد نهايت اُتساهه ۾ اچي چيو ، ” هن
نينگريءَ جو گرئموفون ڪمپنيءَ ۾ آئيندو روشن آهي .
جي هڪ سئو رڪارڊ وڪاميا ته مان چوندس ، ’واقعي لوڪ
پريه آهي‘ ، پوءِ مان هن جي آواز ۾ وڌيڪ رڪارڊ
ڀريندس .“ ڪڪيءَ کي ڇهين ڇهين مهيني ملندڙ
رائلٽيءَ جي حساب موجب ڪڪيءَ جي ان رڪارڊ جون سال
اندر ئي ٽي سئو کان مٿي ڪاپيون وڪاڻيون . پروگرامن
جي وڌندڙ تڙ ڀيڙ ۽ بمبئيءَ کان ٻاهر اچ وڃ ڪرڻ ڪري
اسان وري رڪارڊنگ طرف متوجي نه ٿياسين . ڪڪيءَ جو
هڪ ئي رڪارڊ سالن جا سال لوڪپريتا قائم رکندو آيو
. سالن جا سال هر شاديءَ تي اِهو وڄندو رهيو .
شرناين وارا، سنڌي خواهه غير سنڌي، اِهي ڌنون هر
خوشيءَ جي موقعي تي وڄائيندا رهيا .
ٻي
هڪ حقيقت، ٻئي طرف، به ڪلاڪار منڊل جي سنگيت گروپ
کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ ۾ مددگار ٿي؛ ڪشن ڪٽاريا جو
ڀوپال سملين جي دوران ۾ لوڪ سر وارن جو هارمونيم
پليئر هو ، سو مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”مان رام للا
۽ چني لال ڪلاڪار منڊل ۾ اچڻ ٿا چاهيون .“ رام للا
به ڀوپال آيو هو ۽ هن ٻنهي گروپن ۾ سورٺ جي ڌن
بنسريءَ تي سريلي ۽ اثرائتي نموني وڄائي هئي .
چنيلال جو آواز به بيحد بلند هو ۽ سترام ۽ ماڌوءَ
جا ٽيئي چڱيءَ ريت واقف هئا . هن به هنن جي ڀرتي
ڪرڻ جي ڀلامڻ ڪئي .
بمبئيءَ ۽ سنڌو نگر ۾ سنگيت پروگرام، وڌيڪ ڪلاڪارن
۽ مضبوط ڪورس سان وڌيڪ اثردار بڻجڻ لڳا. بمبئيءَ
کان ٻاهر احمد آباد مان وئرائٽي پروگرامن جي آڇ
ٿي. ”سنڌو“ جي مالڪ – مکيه سمپادڪ بولچند راجپال
معرفت بنگلا ايريا جي شمشان ڀوميءَ جي امداد لاءِ
. مون آڇ ٺڪرائڻ نه چاهي، مون اڳ نٽائي ويندڙ
ڪلاڪار کان پڇيو . هن چيو ”اوهان کي پڇڻ جي ڪهڙي
ضرورت آهي؟ مان اوهان سان ٻڌل آهيان .“ پوءِ ڄڻ
اڳين ڳالهه ياد ايندي چيائين، ” في الحال ته
منهنجي مڱڻي جون ڪي ڳالهيون هلندڙ نه آهن، اوهان
ئي چوندا آهيو، ’جڏهن جا مينهن تڏهن جا ڏينهن‘.“
هن ظاهري ٽهڪ ڏنو ۽ مون دل ئي دل ۾ کليو . مون
”نمي“ ۽ ”گستاخي معاف“ ٻنهي ناٽڪن ۾ سيٺ جي پارٽ
لاءِ راهيءَ کي کنيو . هن گهڻا سال اڳ ڏيپلائيءَ
جي ايڪانڪيءَ ”شاهدي“ ۾ چڱو پاڻ موکيو هو . احمد
آباد ۾ به هن الڳ الڳ ’سيٺ ‘ جو پارٽ ڪاميابيءَ
سان ڪيو . اُن پروگرام جو هرٽا ڪرتا گرنومل
ڪانجياڻي هو . هن رهايو پنهنجي فلئٽ ۾ ۽ خاطرداري
به سٺي ڪيائين .
ڪي
سال مون سنگيت پروگرام ۾ سيٽ ۽ پراپرٽيءَ جي سنجم
سان هڪ هڪ ايڪانڪي ماپارائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو.
هڪ ٻئي پٺيان، ”تون به رهه، مان به رهان“، ”جنهن
ڏئي ۾ تيل ڪونهي“، ”جهُو جي ڪناري “ ۽ ” اِن ۾ ڪو
شڪ اَٿو؟“ ايڪانڪي اِن تجربي ۾ ڪارگر ٿيا .
1962ع ۾ ناگپور جي ڪنور رام جي ورسِي ٽن ڏينهن مان
وڌائي چار ڏينهن ڪئي ويئي . مهينو ڏيڍ پيو هو جو
مون کي اڳئين سال جي پلئه جي يادگيري ڏياري ٽي
ڏينهن پروگرام ڏيڻ لاءِ پڪو ڪيو ويو . رميش
ميرچنداڻيءَ سال جي اندر اندر ئي قد ڪيو هو ۽
زناني لچڪ ۽ ناز و ادا وڃائي هئي، تنهن سواءِ
عاجزي ڏيکاري. مون ناگپور ۾ اڳ ئي ڪڪي، سترام ۽
ماڌو ڀمڀاڻيءَ سان ڌاڪ ڄمائي هئي ۽ هينئر ته ٽي
ٻيا سٺا ڪلاڪار به گروپ ۾ شامل ٿيا هئا . مان بي
ڌڙڪ فلڪ سان گروپ سميت ناگپور اسٽيشن تي لٿس . مون
هن ڀيري چيجن جي گهر وارن کي خاطرداري – مهمان
نوازيءَ کان آجو ڪري ورسيءَ جي بانيڪار کي ڪنهن
الڳ جاءِ ۾ بندوبست ڪرڻ لاءِ لکي ڇڏيو هو، پوءِ به
چيجن ۽ بجاج اسٽيشن تي ئي آيا ۽ ناگپور ۾ رهائش ۽
پروگرامن جي دوران گڏ رهيا . الڳ رهڻ مان هڪ فائدو
اِهو رهيو جو چيجن جي چڪڙيءَ جي ڀلامڻ ۽ آڇ کان
چڱيءَ ريت ڪترائي وياسين . ريهرسل ڪئيسين، چيجن ۽
اوڌو داس جو ورسيءَ جو هر پروگرام ٽيپ ڪندو هو،
ڪافي متاثر رهيا . چيجن ته چيو، ”ميدان اسان جو
آهي، مالهي صاحب! “ رات جو پهرئين گيت کان ئي
ڪڪيءَ جو آواز گهگهو ٿيڻ لڳو. مون هن جا سولو گيت
نه ڏنا ، هن جو آواز به صرف ٿورن ڪورس گيتن ۽
دوگانن ۾ استعمال ڪيو . ٻين سڀني ڪلاڪارن خوب پاڻ
ملهايو . ماڻهو پهرئين ڏينهن اُميدن کان وڌيڪ آيا
. انهن ۾ ٽاڪوڙو ته ڪونه پيو پر گهٽجندا ويا .
ڪڪيءَ جئن پوءِ تئين وڌيڪ کان وڌيڪ زور لڳايو پر
گلي هن جو ساٿ نه ڏنو، هوءَ اسٽيج تي پريشان ۽
رهائش جي جڳهه تي رُئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ”سڀان
ڇا ٿيندو؟“ مون چيو ”ڀلي ٿيندي.“ هن پڇيو، ” پڪ
اٿوَ ؟“
مون
ڏڍ ڏيڻ سانگي چيو، ”سوا سورنهن آنا .“ هن وشواس
پائي مرڪيو. ٻئين ڏينهن ريهرسل ۾ آواز سٺو ۽
پروگرام پهرينءَ رات کان به بدتر. چيجن اڳ ئي چيو،
”ڪڪي، بئرنڊيءَ جو چمچو وٺ .“ ڪڪيءَ چيو، ”نه
منهنجو گلو ساٿ ڏيندو . گلي ساٿ نه ڏنو ته اسٽيج
تي ئي رئڻهارڪي ٿي وئي . ڀڻ ڀڻ ۾ چيائين، ”چاهيان
ٿِي ان کان ته مري وڃان .“ مون ڪجهه نه چيو .
پروگرام هلندي هن جي من جي اسٿتي ڀانپي مون هن کي
ٺلهو ڏڍ ڏيڻ نه چاهيو . پروگرام فيل ته نه رهيو،
ڄميو ڪو نه. اُن ڏينهن اسان کان اڳ پهاڙي هو ،
گهڻا هن جي پروگرام بعد ئي هليا ويا . آرگنائيزرن
جو رخ ئي بدلجي ويو، هنن خاطرداريءَ ۾ ئي بيپرواهي
نه ڏيکاري وهنوار ۾ رکا ۽ بي مروت رهيا . مان
سمجهي ويس ته ڪلا جي کيتر ۾ به اها ئي ريت آهي، ”
بيٺو آهين ته لک جو ڪرئين ته ڪک جو .“ منهنجن
همراهن چيجن ، بجاج ۽ ٻين واهه جو نباهيو . هُو
سارو وقت اسان سان چنبڙيا رهيا . چيجن وري برئنڊي
جي ڀلامڻ ڪئي ، کيسي ۾ کڻي به آيو .مون ڪڪيءَ کان
پڇيو . چيائين، ”مان آواز سانگي اڄ زهر به پِي
وينديس .“ اُتيئي چيائين ، ” نه مان جوکم نه
کڻنديس ، جيڪو آواز آهي ، اُهو ئي بيهي وڃي ته ؟
پوءِ ته مان ڪٿي جي به نه رهنديس .“ هوءَ سچ پچ
اچي رئڻ ۾ ڇٽڪي . مون به هن کي ڏڍ ڏيئي هن کي ويتر
ڪمزويءَ جو احساس ڏيڻ نه چاهيو ، اُن رات مان سمهي
نه سگهيس ، هڪ طرف ڪلاڪارن جو اٽالو ۽ هنن جي جيءَ
جان سان ڪوشش ۽ ٻئي طرف هڪ نينگريءَ جي مجبوري .
مجبوري محنت مٿان غالب پئجي ويئي . ٽئين ڏينهن مون
ريهرسل رکي ته ڪهڙا سولو گيت کڻجن ، ڪيئن سولو
گيتن کي ڪورس / دوگانن ۾ بدلجي . ڪڪيءَ جو آواز ،
ڪافي بهتر . اُن رات پروگرام لاءِ اسٽيج تي چڙهڻ
کان اڳ ، مارڪسوادي هجڻ جي باوجود مون ڪنور رام جي
پتلي اڳيان هٿ جوڙي چيو ، ” جي اڄ ڪڪيءَ جو آواز
نه هليو ته مان سنگيت گروپ ئي بند ڪري ڇڏيندس .“
پوءِ ڪڪيءَ به ٻڌايو ته هن به ” وري نه ڳائڻ “ جي
عهد جو ذڪر ڪيو هو ، ڪنور رام جي پتلي اڳيان .
ٻنهي اسٽيج خواهه ٻاهر ٻه ڏينهن ٻه راتيون ڪافي
ڀوڳيو هو . ڪرشمو اهو ٿيو جو ڪڪيءَ جو آواز پهرئين
ڀڄن کان کلڻ لڳو ، کلندو ويو ، وڌيڪ کلندو ويو .
مون ٻن ڪلاڪن جا ٽي ڪلاڪ پروگرام ڏنو، پهاڙيءَ کي
به ڪلاڪ شامياني ۾ ترسڻو پيو . سنڌي خواهه غير
سنڌي ڪلاڪار (جي پهاڙيءَ جي ڪري اچڻ لڳا هئا) منتر
مگڌ ئي ويا. بانيڪار آيا. هار آندائون، پکرون
پاتائون ۽ سال بعد وري اچڻ لاءِ پلئه پائڻ لاءِ
چيائون! مون به بي رخيءَ سان چيو، ”ٻئي سال جا ڀاڳ
ٻئي سال سان .“ ۽ ڪي سال اِن ميلي کان نٽائي ويس .
تهان
پوءِ ڪڪيءَ ڪڏهن پٺتي نه نهاريو، هوءَ لوڪپريتا جي
ڏاڪڻ جا ڏاڪا چڙهندي رهي، بي ڌڙڪ .
1962ع جو سال ڀارت لاءِ سنڪٽ کڻي آيو. چين جي ڀارت
طرف منورتي 1959ع کان ڦرڻ لڳي هئي، ڦرندي ويئي.
حملو هنن 1962ع ۾ ڪيو، ڪن ڏينهن بعد پاڻ کان پاڻهي
پٺتي موٽي ويا پر جا چوٽ هنن ڀارت جي دوستيءَ ۽
سئو مان تي ڪئي سا ڀارت سهسائي ته ويو پر ڀلائي
ڪڏهن به نه سگهندو . جواهر لال جو ته چين اِنسان
دوستيءَ ۾ وشواس ئي ڌوڏي ڇڏيو . هن جي دل جو زخم
ڀريو ڪو نه . اِن مختصر يڌ ۾ ڪرشنا مينن ئي سواهه
نه ٿيو ، خود ڪميونسٽ پارٽي ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي
ويئي ، چئجي کڻي ” ڀل سڀ ڦول ڦلن ڦولن“ جي وڪالت
ڪندڙ مائوسي تنگ اِنسانيت تي ئي وار نه ڪيو بلڪه
انقلاب کي ڀارت جي سرزمين تان پٺتي ڌڪيلي ڇڏيو .
لالسنگهه اجواڻيءَ بمبئيءَ ۾ سڀا جي ڪاروباري
ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي پاڻ وٽ گهرايو. مون کي نه
نينڍ ڏنائين ۽ مان ويس . هن جئپور سميلن جنگ جو
بهانو بڻائي مهمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو . اُن وقت جنرل
سيڪريٽري اُتم سميلن جي تيارين لاءِ دهليءَ کان
ڦرندو جئپور پهچڻو هو . هُو جئپور پهتو ، تنهن کان
اڳ اجواڻيءَ جي تار به پهتي هئي ۽ آجيان سڀا به
سميلن مهمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو . اُتم جو
ويچار سميلن ڪرڻ جو هو ، موهن ڪلپنا به سميلن ڪرڻ
جي فائدي ۾ هو . مان به اِن سميلن جي مهمليءَ جي
حق ۾ نه هوس . اهو سميلن ڪري چين جي ارهه زورائيءَ
تي سميلن ۾ اعتراض جو ٺهراءُ پاس ڪجي ها . ساڳئي
وقت اديبن ۽ ڊيليگيٽن وچ ۾ قوميت جي سلسلي ۾ يڪو
جودگيءَ جو وايو منڊل قائم ڪري سگهجي ها پر ڏڌو
کير ٿڻئين ڪيئن پوي؟
چين
جي حملي غير ترقي پسندن طرفان ترقي پسندن تي ڪڙي
نڪتچيني ڪرڻ جو بهانو ميسر ڪري ڏنو. ”ڪونج“، ”سنڌو
ڌارا“، ”ڪهاڻي“ جا ڪالم سنڌي اديبن وچ ۾ واد وداد
۽ ڪشمڪش جا ادارا بڻجي پيا. راجن چاولا ”ميرج“
ٽماهي پبليڪيشن طرفان ڪتاب شايع ڪيو . ”سنڌي اديبن
۾ نظرياتي ڪشمڪش“، اُن ۾ هڪ طرف سنڌي ساهت منڊل
کان وٺي ترقي پسندن ۽ غير ترقي پسندن وچ ۾ اختلافن
جو ذڪر هو ۽ ٻئي طرف ٻنهي ويچارن وارن وچ ۾ چين ۽
ٻين مسئلن بابت متڀيدن جو چٺو هو. اها نظرياتيءَ
کان وڌيڪ شخصياتي ڪشمڪش وڌيڪ هئي . موهن ڪلپنا ۽
هن جي ساٿين گهڻي ۾ گهڻي نڪتچيني اُتم تي، تنهن
بعد ڪيرت تي ۽ ٽئين نمبر ۾ مون تي ڪئي، مان ڪڏهن
ڪڏهن وسهندو آهيان نه جي مان سنڌي ساهت منڊل جي
پريزيڊنٽ جي آڇ قبوليان ها ته شخصي متڀيد ايتري
شدت سان نه وڌن ها، شايد .
مون
ڪلاڪار منڊل جي سنگيت پروگرامن ۾ قوميت وارا گيت
ڏيڻ شروع ڪيا جي بمبئيءَ ۽ ٻين ريڊيو اسٽيشنن بلو
سِي . راڻيءَ جي هدايتڪاريءَ هيٺ ڪڪيءَ ۽ / يا
سترام کان ڳارايا هئا . اُهي گهڻو تڻو ترقي پسند
ويچار ڌارا رکندڙ شاعرن جا هئا . ڪڪيءَ ڏيون
موتيهار سان به پرڀووفا جا لکيل ”سهڻي – ميهار“، ”
نوري – ڄام تماچي“، ۽ ”ٻڌاين ٿي ڪرين ٿو ... “ ٽي
دوگانا بمبئيءَ ريڊيو سٽيشن تي رڪارڊ ڪيا . وفا جي
لفظن ۽ موتيهار جي ڌنن ماڻهن کي متاثر ڪيو . مون
اِهي ڪڪي – سترام کان منچ تي ڳارائڻ شروع ڪيا .
1963ع ۾ جئپور ۾ ٿيل سنڌي ساهتيه سميلن نئين سر
مون لاءِ ۽ مون کان وڌيڪ ڪڪيءَ لاءِ وري آزمائش جو
سنديش کڻي آيو . سال سوا اندر جئپور نون گائڪن
گائڪائن جو آکيڙو بڻجي پيو هو . سڀا جي ڪاروباري
ڪاميٽيءَ مون کي ان سميلن لاءِ سڀا طرفان ڪلچرل
سيڪريٽري چونڊيو هو ۽ سميلن جي آجيان سڀا طرفان
ڪلچرل پروگرام جو انچارج هو گوورڌن ڀارتي . ٻئي
سنڌي ڪلچرل کيتر سان وابسته هئاسين . ان ڪري جئپور
سميلن ۾ بهتر ڪلچرل پروگرام جي اميد جاڳي هئي .
سميلن جو پريزيڊنٽ پنجواڻي صاحب هو ، هوءَ به ڳائڻ
– ڳالهائڻ وارو هو . سميلن جي آجيان سڀا جي صدر
اندرسين ايسراڻيءَ جي پتني مايا ناٽڪ ، نرتيه ۽
سنگيت سان نباهيندڙ هئي . آجيان سڀا جي ڪلچرل
سيڪريٽري سنتو هزاريءَ جي پتني به سٺي گائڪا هئي .
تنهن سواءِ ڪملا ڪيسواڻي، ويرو ڀاٽيا ۽ گرداسمل
ريڊيو جا لوڪ پريه گائڪ هئا . دهليءَ مان سنڌو ڪلا
سنگم به ناٽڪ ڏيڻ لاءِ مڃيو هو. گائڪ ڪلاڪار ڏيون
موتيهار ۽ نرتيه ڪار مدن گياناڻيءَ به اچڻ جي
خاطري ڏني هئي. ڪافي صحتمند چٽا ڀيٽيءَ ۽ گوناگون
اسمن جي اميد جاڳي . گوورڌن مون تي ٻنهي راتين
لاءِ اڌ اڌ ڪلاڪ جي سنگيت پروگرام ۽ هڪ ايڪانڪي
تيار ڪري آڻڻ جو بار وڌو . مون به لوليءَ کان
ماروءَ تائين ۽ شاهه جي ڪلامن کان مذاقي گيتن
تائين سنگيت ياترا جو پروگرام طئه ڪيو ، ٻنهي
ڏينهن جي پروگرامن لاءِ . چين جي حملي جي پس منظر
۾ تمثيلي ايڪانڪي ” تنهنجو سو منهنجو “ به لکيم ۽
تيار ڪيم . اُن ۾ هڪ پاڙيسريءَ (ڪٽاريا) کي چيني
چهرو به ڏنم . تن ڏينهن سڀا ڪلاڪارن جي ٽولين کي
اڌ ڀاڙي جي رعايتن وارا فارم ميسر ڪري ڏيندي هئي ۽
هر هڪ گروپ کي ڦلن مٺ ڏيندي هئي ، پنجاهه پنجاهه
رپيا . ڪي ٽوليون پنهنجي شهر ۾ پروگرام ڪري ڀاڙي ۽
واٽ خرچ لاءِ پيسا جمع ڪنديون هيون . مون لاءِ ته
هو ساهتيه – سنسڪرتيءَ جي نالي ۾ ”گهران کائي ڏک
تي چڙهن“ وارو قصو . مون خرچ ۾ سنجم لاءِ ڪلاڪارن
جو ڪامبينيشن پرميوٽيشن ڪيو . ڪڪيءَ ۽ ڪٽاريا ناٽڪ
۾ به ۽ ايشور مدن سنگيت ۾ ڪورس لاءِ به . طبلچي
اُڌارو. ڪٽاريا ته جئپور جي ڪلاڪارن جو انداز ۽
آرڪيسٽرا ڏسي مون مٿان ڏمريو : ” اوهان اسان کي
مارائڻ آيا آهيو .“ نه مان ڊنس ، نه ڪڪيءَ پريشان
ٿي . منهنجو نئين قسم جي لوڪ – سنگيت جي
گوناگونيت ۾ وشواس هو، ڪڪيءَ جي آواز ۽ سترام جي
سهڪار ۾ ڀروسو هو . ميدان ڪلاڪار منڊل ئي ماريو .
ڪڪي ٻنهي پروگرامن جي مکيه ۽ مقبول گائڪا بڻجي پئي
. گيان مدناڻي پنهنجي نرتيه – اسم لاءِ ڪڪيءَ جو
پلي بئڪ ۾ آواز گهريو ، هڪ دوگاني لاءِ ڏيون
موتيهار ڪڪيءَ جي آواز تي حق طلبيو . اِهو سهڻي
ميهار جو دوگانو ديپڪ کي راس نه آيو . اِن مان هن
کي ’عشق ‘ جي بوءِ آئي . روبرو خواهه شڪنتلا ۾
نڪتچيني ڪيائين . گوورڌن به اسان جي پروگرام کان
ڪافي متاثر ٿيو . ورهيه پوءِ ڪونج طرفان منهنجي
سخصيت پرچي ۾ تسليم ڪيائين، ”مالهي جئپور ۾ سادن
سودن لوڪ گيتن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪري ميدان
ماريو ، هن مون کي به لوڪ گيتن جي پرٻلتا طرف
متوجي ڪيو .“ پنجواڻي صاحب به اسان جي رهائش واري
جڳهه جي آڏي اوکي ڏاڪڻ چڙهي ڪڪي کي داد به ڏنو ۽
آسيس به ڪئي ۽ وڌيڪ چيائين، ”هونئن پروگرام ۾
پڇاڙيءَ جو منهنجو وارو رهندو آهي ، هن سميلن ۾
اهو شرف ڪلاڪار منڊل جو رهندو .“ ٻئي راتيون هن جي
’ڀڳت ‘ ۾ سترام ۽ ڪٽاريا هن جا ٻولڙيا بڻيا.
جئپور ۾ ناگپور جي بجاج جي مذاق مهانگي پيئي ،
مکيه ريت ڪٽاريا کي . هُو ڪڪيءَ کي هڪ مٺائي جي
پيتي هٿ ۾ ٿمائي ناگپور هليو ويو . ڪڪيءَ سخاوت
ڪري اُها جئپور ۾ کاڌو ٺاهيندڙن ۽ هنن جي ساٿين کي
ڏني . وڏي چڪي ڪٽاريا به گهري کاڌي . هئي ڀنگ جي
مٺائي ، اُن پنهنجو اثر ڏيکاريو ته ڪٽاريا جئپور –
اجمير بس جي سفر ۾ هڪ ئي رٽ لڳائي ، ”مان مران ٿو
، مالهي صاحب ، منهنجي اڃا ته شادي ئي نه ٿِي آهي
“ جئپور ۾ وڃي لڙي
منجهند کانپوءِ هن جو نشو لٿو ، ۽ وريهه پوءِ
جئپور ۾ اسُوءَ جي چنڊ جو پروگرام ڏيڻ وياسين ته
رانڌو ۽ هن جو ساٿي اُهي هئا جن ڀنگ جي مٺائي کاڌي
هئي ۽ ڀوڳيو هو . رانڌي کلندي کلندي ڪڪيءَ کي چيو
، ” دادي ، تو الائي ڪهڙي جنم جو بدلو چڪايو! “
البت، منهنجي تمثيلي ايڪانڪي ”تنهنجو سو منهنجو“
درشڪن کان وڌيڪ ججن جي دماغن مٿان لنگهي ويو ۽
هنن هريڪانت جي لکيل ۽ جيوڻ گرسهاڻيءَ جي ڊائريڪٽ
ڪيل ناٽڪ، ”مڪان خالي آ “ کي انعام جو حقدار
ٺهرايو .
ٺهرائن ۽ تنظيمن ۾ به جئپور سميلن چئوٻول ۽ وواد
جو باعث رهيو . ڪيرت ٻاٻاڻيءَ اڳ ئي ڀانپيو هو ته
ترقي پسندن جا مخالفتي ليکڪ ۽ ڪاريه ڪرتائون جنرل
سيڪريٽري شپ لاءِ اُتم جي خلاف ضرور پنهنجو
اميدوار بيهاريندا ۽ ڪامياب ويندا . اُن زماني ۾
سڀا ۾ پريزيڊنٽ کان وڌيڪ اهميت جنرل سيڪريٽري جي
هئي . هُو ئي سڀا جو مکيه ۾ مکيه ڪارپرداز هو .
ڪيرت نٿي چاهيو ته اهو اهم ترين عهدو ڪو ترقي
پسندن کان کسجي وڃي . هن مون کي ۽ ٽهرام آزاد کي
پنهنجي گهر گهرايو . چيائين ، ” مالهي ، تون هڪ ئي
ترقي پسند آهين جنهن جي مخالفت نه ٿيندي . تون
جنرل سيڪريٽري ٿيءُ .“ مان صحيح يا غلط دوستن سان
بيهندو رهيو آهيان . اِها هن کي سڌ رهي آهي . هن
آزاد کي چيو، ”مان شايد جئپور هلي نه سگهان ، تون
مالهيءَ جي چونڊجڻ لاءِ ميدان تيار ڪج .“ ظاهر هو
ته اُتم به ان تبديليءَ لاءِ رضامند هو . مون چيو
، ” مون هن مهل تائين يڪراءِ چونڊجڻ تي ئي ڪو عهدو
قبوليو آهي . جئپور ۾ به اِن طرح ئي عهدي قبولڻ
لاءِ تيار ٿيندس. جئپور ۾ آزاد جي ڪوششن سان يا
پنهنجي سر سنڌو سيوا سنگهه جا نانڪرام ايسراڻي ۽
ديپڪ ڪوڏاواڻي مون وٽ آيا . چيائون، ”موهن ڪلپنا
اُتم جي خلاف بيهڻ لاءِ تيار آهي . جي تون بيهين
ته اسان جا سڀ همراهه تو کي ووٽ ڪندا .“ مون چيو ”
منهنجي خلاف ڪو اميدوار نه بيهندو ته مان عهدو
قبوليندس“ هنن جي ڪوششن سان يا ٻيءَ طرح مان بنا
مخالفت سڀا جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويس . پنجواڻي
صاحب جي چونڊ ته فارمل هئي ، چڪري لڳي اُتم طرفان
بيهاريل ڪانگريسي اڳواڻ پوهو مل ايسرداس ۽ ايسراڻي
– ڪوڏواڻي طرفان بيهاريل نولراءِ بچاڻيءَ وچ ۾ .
طوفاني وايو منڊل ۾ پوهومل کٽيو. پد لاءِ جهڳڙو
ڀوپال کان شروع ٿيو . هت پد ۽ شخص ڦريل هئا . هڪ
ٺهراءُ به چڱو چوٻول پيدا ڪيو؛ ”هيءَ سميلن عربي
لپيءَ کي ئي سنڌي ٻوليءَ جي لپي تسليم ڪري ٿو .“
’ئي‘ لفظ ٺهراءُ ۾ هو يا نه. مانڌاڻ مچائڻ جي
شروعات ”هندستان“ اخبار ۾ ديوناگريءَ جي حمايتين
طرفان ٿي . مان اِن ٺهراءَ جي پاس ٿيڻ وقت حاضر نه
هوس . پنجواڻي صاحب چيو، ”ئي“ ڪا نه هئي . اسان جا
همراهه چوڻ لڳا ”ئي“ هئي . پنجواڻي صاحب زوبار هيٺ
استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو جي ”ئي“ لفظ ڪڍيو نه
ويو. مون نپٽاري لاءِ بمبئيءَ ۾ سڀا جي ڪاروباري
ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ڪوٺائي، چڱي واد وداد هلي . مان
دل ئي دل ۾ کلان پيو، نيٺ چيم، ”ئي لفظ وجهو نه
وجهو ساڳي ڳالهه آهي؛ سميلن عربي لپيءَ کي سنڌي
ٻوليءَ جي لپي تسليم ٿو ڪري . جيڪي سمجهن ٿا ’ئي‘
نه هئي تن لاءِ نه آهي، جي چون ٿا ’ئي‘ هئي تن
لاءِ آهي . بکيڙو ڇٽو. اکران دي وچ جو ئي اڙيا
...“ وڌيڪ چيم ”مکيه سوال ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾
آڻارائڻ لاءِ ٻڌي ڪرڻ جو آهي ۽ نه لپيءَ بنسبت
لڙائي ڪري ويڇن وڌائڻ جو .“ وداد بند ٿي ويو ،
پنجواڻي صاحب سڀا جو پريزيڊنٽ برقرار رهيو.
اِن
ميٽنگ کان اول ئي ٻوليءَ جي اٺين شيڊول ۾ آڻارائڻ
جي سلسلي ۾ هڪ ٻي حقيقت پنجواڻي صاحب ۽ منهنجي
اڳيان آئي هئي . 1962ع جي لوڪ سڀا چونڊن ۾ جنسنگهي
اڳوان اٽل بهاري باجپاءِ کٽي نه آيو هو، هن جو
سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيدول ۾ درج ڪرائڻ وارو خانگي
بل اڳين لوڪ سڀا جي مدي پوري ٿيڻ تي پسي پيو هو ،
ٻئي جنسنگهي لوڪ سڀا ميمبر يُو . اين . ترويدي
اُهو وري پيش ڪيو هو . جئرامداس دولترام به راجيه
سڀا تي نامزد ٿيل هو ۽ هُو هاڻ ٻوليءَ کي اٺين
شيڊول ۾ آڻارائڻ لاءِ چست دلچسپي وٺڻ لڳو هو. هن
پنجواڻي صاحب ۽ مون کي الڳ لڳ خط لکيو، اِن جو
تاتپرج ڪجهه هن ريت هو: ”مهرباني ڪري ترويديءَ کي
بل لوڪ سڀا ۾ پيش ڪرڻ کان روڪيو. جوڙجڪي تبديليءِ
لاءِ بل پاس ڪرڻ لاءِ ٻنهي سڀائن ۾ ٻن حصن جي
گهڻائيءَ جي درڪار آهي . اُها خانگي بل کي ملندي
ڪا نه، خاص ڪري جڏهن اُهو مخالفت ۾ ويٺل ميمبر
طرفان پيش ڪيو ويندو. بل کي ائڪٽ جي صورت ڏيڻ لاءِ
سرڪاري پارٽيءَ جي سهمتي لازمي آهي. مان اِن لاءِ
ڪوشش ڪندس. اوهان جي ان وچ ۾ تروديءَ کي روڪيو .“
پنجواڻي صاحب ۽ مون جئرامداس سان سهمت ٿي سڀا
طرفان ترويديءَ کي بل نه پيش ڪرڻ جي تار ڪئي.
مذڪور ڪاروباري ڪاميٽي ۾ ڪن ميمبرن پهرين ته اسان
جي تار موڪلڻ تي اعتراض ورتو، پوءِ جئرامداس جي
دليلن ۾ دم سمجهي اسان سان سهمت ٿيا . ايندڙ سميلن
بابت طئه ٿيو ته لکنوءَ وارن جي آڇ قبولجي ٿِي .
اُنهن ئي ڏينهن ۾ ريلو مل ملتانِي سنڌي فلم ڪڍڻ
لاءِ سرگردان ٿيو . هُو الائي گهڻا ڀيرا
ڪانديوليءَ ۾ منهنجي گهر آيو ۽ مون کي اِن فلم جي
ڪهاڻي لکڻ لاءِ مڃارايائين .منهنجي ۽ فلم جي
هدايتڪار ديپڪ آشا جي ان سلسلي ۾ ، فلمي ٻوليءَ ۾
سٽنگ به ٿي . هن ڪا اُلٽي گنگا واري سماجي ڪهاڻي
لکڻ لاءِ چيو . مون هن کي پنهنجي ايڪانڪي ” ناچو “
جو پلاٽ ٻڌايو جنهن ۾ پنهنجي پڙهيل ڳڙيل سڪيلڌيءَ
جي اثر هيٺ سرنديءَ وارو ڪنوار پيءُ گهوٽيتن کان
ڏيتي ليتي گهري ٿو. اهو پلاٽ آشا کي وڻيو . ڊائلاگ
پنجواڻي صاحب کان لکائڻ جو فيصلو ٿيو . سترام
روهڙا ان وچ ۾ ڀاءُ کان الڳ ٿي آرٿم ريت پنهنجي
پيرن تي بيهڻ لاءِ آتو هو . مون هن کي ملتانيءَ وٽ
اڳواٽ طئه ڪيل اُجوري سان پراڊڪشن مئنيجر مقرر
ڪرايو . ملتانيءَ ديپڪ آشا جي چوڻ تي سنگيت سِي .
ارجن جي سپرد ڪيو ۽ سترام جي سفارش تي گيتڪار
گوورڌن ڀارتيءَ کي بڻايو. اوچتو مون کي اخبارن ۾
پتو پيو ته فلم جي ڪهاڻي منهنجي ناٽڪ ” ناچو “ تي
نه ، پنجواڻي صاحب جي ناول ” آهي نه آهي؟ “ تي
هوندي. |