سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(زندگي - هڪ سفر)

 

صفحو :2

قدرت اِها ٿي جو ٻينءَ رات ، ڏهن هزارن کان وڌيڪ درشڪن ۾ ، نرتيه ڪار رميش ميرچنداڻي وڌيڪ چمڪيو – اِن حقيقت جي باوجود ته هُو نازنين نه ، نخريلو نينگر هو . هن جي ناز و اَدا درشڪن کي موهي ورتو . اُن رات جو سرپرائيز اِسم رهيو . راهيءَ جا ڏوهيڙا . ماڻهو سن ۾ اچي ويا . عجيب خاموشي ڇانئي رهي ڪا دير . ۽ پوءِ ڪي تاڙيون وڳيون ! فرمائشون آيون پر مون موهن کي انهن جي ذڪر ڪرڻ کان به منع ڪري ڇڏي . مٽڪي ۾ به ساڍن چئن هزارن کان مٿي رپيا آيا . انهن کانسواءِ چار پنج ڪڻڪ / چانورن جون ڳوڻيون ۽ ٽي وڏا دٻا گيهه ( ڊالڊا ۽ رفائينڊ تيل ) جا ڀنڊاري لاءِ ڏيڻ جا اعلان ٿيا .

ڪاميابيءَ جو هڪ وڌيڪ ثبوت مليو ، ٽئين ڏينهن صبوح جو وري به چيجن جي گهر ۾ ” ڇندواڙا جا پئنچ آيا . چيائون ، ” ايندڙ گرو نانڪ جنم اتسو تي ٽي راتيون پروگرام ڏيو .“ مون اِن وچ ۾ ناگپور ميلي جي اِها اهميت به ڀانپي هئي ته ٻين ننڍن ميلن ۽ ورسين لاءِ ڀڳتن / ڪلاڪارن سان صلاح ڪري ٽن ڏينهن لاءِ نه ، ٻن پروگرامن لاءِ ’ها ‘ ڪئي ۽ ٻول بلي بيانو نه ، خرچ بلي ائڊوانس ورتو . چيجن گويا بود ۾ اچي ويو . چيائين، ”مالهي صاحب ، مڃو اسان کي . نه اسين اوهان کي هت اچڻ لاءِ زور ڀريون ها ته اوهان کي ڪاميابيءَ جا سڀ ثبوت حاصل ٿين ها “ مون به کلي چيو ، ” مڃڻ مراد آهي . “

ڪاميابيءَ جي قيمت ناگپور ميلي جي بانيڪارن چڪائي ورتي. ٽين رات جگن ناٿ پهاڙي هئو ڪو نه يا اُن رات هن کي آرام ڏنو ويو . اسان جو پروگرام ٻارهين کان ٽين بجي تائين رکيو ويو! مان اِن اُرهه زورائي تي به غصو پِي ئي ويس .

چيجن جو پروگرام کان اڳ اِهو ئي ضد : هر هڪ ڪلاڪار کي چمچو چمچو برئنڊي جو ضرور ڏيو . گلو وڌيڪ کلندن … “ ڪڪيءَ ته صاف انڪار ڪيو . ڀڳوان به نٽائي ويو . اشوڪ پيگ ڏيڍ وسڪي جو بنا پاڻيءَ، نيٽ ، هڪ ئي چڪ ۾ پي ويو . مان اُن ڏينهن نشچنت ٿِي، سازن جي ڌن بعد ” اوم نمهه ڀڳوتي … “ سلوڪ جي شروع ٿيڻ سان منچ ڇڏي درشڪن وچ ۾ هليو ويس . اوچتو چيجن ئي منهنجو ڌيان منچ طرف ڇڪائي چيو، ” ڪجهه مڙيو ئي غلط آهي.“ مان جو اسٽيج تي پهتس ته ڀڳوان کي پريشان ڏٺم . اشوڪ پهرئين ڀڄن ” آس تنهنجي دئار داتا … “ تي ڀڳوان کي هارمونيم جي مٿئين پڙدي تي ته ڇڪي ويو ، هيٺ لهڻ لاءِ سر ئي کسڪي ويس. ڀڳوان پگهرجي ويو هو چيائين، ”مالهي صاحب، مون کي ساهي کڻڻ ڏيو .“ هلندڙ پروگرام ۾ مون کي ٿڏي تي عقل اچي ويو . ڪڪيءَ کي اڳيان اچڻ جو اشارو ڪري مون پاڻ انائونسمينٽ ڪئي، ”ڀڳونتي اوهان اڳيان دکايل جو ڪلام پيش ڪري رهي آهي – ’جڏهن پون ٿا ياد اَباڻا‘.“ واضح ٿيو ته ريهرسل رائج نه ويندي آهي . هونءَ ڪڪي ريهرسل اڌ ڊزن گيتن – ڪلامن جي ڪندي هئي، سولو ڳائڻ لاءِ . ڳائيندي به مس هئي . اُن ڏينهن هن ڪلاڪ ساندهه مهرو جهليو . شڪر اهي ، اشوڪ جو اِن وچ ۾ نشو ٽٽي پيو ۽ پروگرام ائنٽي ڪلائيميڪس کان ئي نه بچيو، نئينءَ، وڌيڪ اثردار ڪلائيميڪس تي پهتو . وري به ٽيم ورڪ مهل تي ثاب پيو . انهن ٽن ڪلاڪن جي پروگرام ۾ ” سنڌي ۽ سنڌي “ ڏوهيڙا ٽي ڀيرا ڏيڻا پيا – ٻڌندڙن جي هر هر ۽ زوردار فرمائش ڪري . ٻڌندڙا ڀيري ڀيري سان متاثر ٿيا ٿي . ٽيون دفعو اِهي ڏوهيڙا ڳائيندي ڪڪي اچي رئڻ ۾ ڇٽڪي. مون اُن رات اسٽيج بلڪل نه ڇڏي هئي ، ٻيڙي ڇڪڻ جي سانگي به نه ، چيومانس ، ” تون گائڪا ئي نه ، اداڪارهه به آهين ، تنهنجو ڪم آهي درشڪن کي رئارڻ ۽ نه پاڻ رئڻ .“ مون کي خبر هئي ته هوءِ اڳيان ويٺل ٻڍڙن جي سڏڪا ڀري رئڻ تي پنهنجو من روڪي نه سگهي هئي .

ٽينءَ رات درشڪ ٻارنهن هزارن کان مٿي هئا . ٽئين حصي کان مٿي استريون هيون . بانيڪارن جي چوڻ موجب ايتريون زالون اڳ ڪڏهن ميلي ۾ شريڪ نه ٿيون هيون . پهريون دفعو لاڏا ۽ ساکيون منچ تان آيون هيون ، لولِي به هئي ، هڪ ” انصاف ڪٿي آ “ فلم جي . رميش جي ناز و اَدا به هئي ته ڀڳوان جي لوڏ ڌوڏ به واپس آئي هئي ۽ ڪڪيءَ به ته ناگپور ۾ اڳ ئي لوڪ پريتا حاصل ڪئي هئي .

اُن ڏينهن مٽڪي ۾ روڪ ۽ ڀنڊاري لاءِ جنس به وڌيڪ آئي. مان اِهو ذڪر ان ڪري به ٿو ڪريان جو ناگپور ميلي ۾ اِها روڪ ۽ جنس به ڪاميابيءَ جو پئمانو هئي ! اُن ڏينهن بانيڪارن خاص پلئه پاراتي درشڪن اڳيان اسان کي پڪو ڪيو ته اسان ايندڙ سال به ميلي ۾ پروگرام ڏينداسين . بانيڪارن گلن جي هارن سان گڏ پکرون به پاتيون – ڪنور رام جي آسيس طور .

ناگپور مان واپس موٽندي موهن ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ سمجهوتو ٿيو . اُتم جلد ٿيندڙ ڀوپال سميلن ۾ ڪلچرل پروگرام ڏيڻ لاءِ ڪلاڪار منڊل ۽ لوڪ سر ٻنهي کي دعوت ڏني هئي . اسان وچ ۾ طئه ٿيو ته چڙهت جي ڀاونا کي روڪڻ ۽ سهڪار جي عملي راهه کي لوڄ ڏيڻ لاءِ سميلن ۾ ڪلاڪار منڊل ناٽڪ ڏيندو جنهن ۾ هُو اداڪاري ڪندو ، سنگيت پروگرام لوڪ سر جو رهندو جنهن ۾ ڪڪي – سترام ساٿ ڏيندا .

سنڌي ساهتڪارن ۽ ساهت پريمين ، در حقيقت ڀارت ۾ ساهتيڪ کيتر جي پهرين سنسٿا ، نئون ساهت منڊل جو پوءِ ڦري سنڌي ساهت منڊل ٿيو ، اٽڪل ڏهه ٻارنهن سال ڪافي چست رهيو ، ادبي ڪلاس خواهه سميلن جي روايت هند ۾ اُن جاري ڪئي ، مشاعرن ۽ سيمينارن سڏائڻ جي شروعات به اُن ڪئي ، سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ درج ڪرائڻ جي تحريڪ به اِن شروع ڪئي . صحيح معنيٰ به اُهو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي پرڌانپڻي هيٺ سنڌي ساهتڪارن ۽ چست ساهت پريمين جو سندر مثالي آکيڙو بڻيو رهيو ، بزرگ ، نوجوان ۽ اُسرندڙ ليکڪ اِن جي ڇتر ڇايا ۾ ڀارت ۾ ساهت جو نئو نرماڻ ڪندا هئا .ڪلچرل کيتر خاص طور ناٽڪ جي لوڄ طرف به ساهت منڊل ئِي سنسٿائي روپ ۾ پهرين متوج رهيو . سنڌي ٻولي سڀا جي اسٿاپنا اُن جي اهميت تي اثر انداز ٿي ، دهلي ڪنوينشن بعد ته اُن جو مهتوَ تهائين گهٽيو . آخر اُهو وقت به آيو جو اُهو اديبن جو آکاڙو بڻجي پيو ، ادبي تنقيد جي جڳهه آهستي آهستي شخصي واد وواد ورتي ۽ ترقي پسندن – غير ترقي پسندن وچ ۾ زور آزمائي ٿي ، هڪ ووٽ تان اُتم کان لوڪناٿ جيٽلي جنرل سيڪريٽري پد جيتي ويو . مان ڪلاڪار منڊل جي وڌندڙ مشغولين ڪري منڊل ۽ ادبي ڪلاس کان الڳ ٿلڳ ٿي ويس، اِن ڇڪتاڻ جي وايو منڊل کان اڳ . پوءِ ته ٻيا ترقي پسند به منڊل ۽ ادبي ڪلاس کان ڪنارو ڪشي ڪري ويا .

اِن ادبي – شخصي ڪشمڪش ۾ باهه ۾ گيهه ڏيڻ جو ڪم چين طرفان لداخ ۾ ڪونگڪالڪ وٽ ڀارتي فوجن مٿان گوليبازي ڪري ڀارتي سولجرن کي مارڻ ڪيو هو . اِن گوليبازيءَ سان هندي چيني ڀائي ڀائي ناتن ۾ ڏڦيڙ پوڻ جي شروعات ٿي . سنڌي ساهت منڊل ۾ سازي ۽ چستي آڻڻ لاءِ مون کي منڊل جي پريزيڊنٽ بڻائڻ جي تجويز به خيال هيٺ آئي . ڪيرت مون سان اِها تجويز مون اڳيان رکي پڻ ، پر مان جيئن ڪلاڪار منڊل جي وڌندڙ سرگرمين ڪري اکل ڀارت سڀا جي جنرل سيڪريٽري پد کان نٽايو هو،  تيئن ڪلاڪار منڊل جي سچ پچ وڌيل مشغولين ڪري اها تجويز به نه قبولي ، مون وڌندڙ پروگرامن ۽ انهن جي لوڪپريتا مان آوازي ڪلچر جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ جي ڪاريه کي هڪ مدو ئي جنبي وڃڻ بهتر سمجهيو .

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ڌيري ڌيري ليکڪن ، تعليمدانن ، ڪلاڪارن ، ڪاريه ڪرتائن ۽ سنڌيت جي پيار وارن کي ڇڪيندي رهي هئي . ترقي پسند ليکڪ ته اُن سان ويجهائيءَ تان جڙيل هئا . سنڌي ساهت منڊل جي سرگرمين ۾ خاموشي ايندي غير ترقي پسند اديب دوست به سڀا ڏانهن راغب ٿيا . ڀوپال سميلن ۾ اها ادبي – شخصي ڪشمڪش وري زور آزمائي ڪئي ، جنرل سيڪريٽري پد لاءِ . سميلن جو پريزيڊنٽ لال سنگهه اجواڻي ازخود سڀا جو سال لاءِ صدر رهڻو هو . هل اِهو هو نه اتم جو جنرل سيڪريٽري شپ لاءِ مقابلو موهن ڪلپنا ڪندو ، مگر بيٺو مقابلي ۾ جيٽلي . موهن هن جي گهڻي ۾ گهڻي ڪئنوينسنگ ڪئي، هو ”هندستان“ اخبار جو آفيشل رپورٽر ٿي آيو هو . چڪري جبري لڳي. ڊيليگيشن چڱيءَ گهڻائيءَ سان آتم کي سڀا جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو . مون اُتم جي فائدي ۾ ڪم به ڪيو ته ووٽ به ڪيو . مان اُتم ۽ جيٽلي وچ ۾ اڳ سنڌي ساهت منڊل جي چڪريءَ وقت حاضر نه هوس ، هجان ها ته اُتي به ووٽ اُتم جي حق ۾ ڪريان ها ، جيترو مان ويچارن ڪري اُتم جي ويجهو هوس، ذري گهٽ اوترو شخصي سطح تي منهنجي جيٽلي سان پنهنجا ئي هئي . جيٽلي هَئو به ملوڪ ۽ ملنسار شخص . سٺو ساهتڪار به هو . هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ”سنڌڙي جا ڳوٺ وسن“ ٻوليءَ خواهه ڪردارنگاريءَ ڪري پاٺڪن ۽ ليکڪن ۾ چڱو مشغول رهيو هو . لوڪناٿ ڪلاڪار منڊل سان به وابسته رهيو . هن ”نمي“، ”گستاخي معاف“ ۽ ڪن ٻين ايڪانڪين ۾ اداڪاريءَ جو جوهر به ڏيکاريو . ڪلاڪار منڊل جي همراهن سان هنجو گهرو ناتو توڙ تائين سلامت رهيو . سندس گهر وڃبو هو ته هُو ۽ هنجي ڌرم پتني ايشوري اسان جي چڱي خاطري ڪندي هئي . ويچارن جي اختلافن منهنجي ۽ هنجي شخصي ناتي ۾ تر جو به تفاوت پيدا نه ڪيو . هُو بي وقتو اجل جو شڪار بڻجي ويو .مون پنهنجي ايڪانڪين جو پهريون مجموعو سڪ مان لوڪ ناٿ جيٽلي کي ارپڻ ڪيو.

مان سمجهان ٿو ته سڀا جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي مان پاڻ نه آيو هوس يا نه چونڊيو ويو هوس .

ڀوپال سميلن ۾ جيترو عهدي جي ڪشمڪش ڪري تناءُ هو ، اوترو ئي ، اڃا به وڌيڪ ڪلچرل پروگرام لاءِ اُتساهه هو . ساهتڪارن ۽ ڪلاڪارن کانسواءِ پهريون دفعو ٻاهران عناصر سڀا ۽ سميلن جي ڪاريه ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. انڊور جي سنڌو سيوا سنگهه جا مکيه ڪارپرداز ڪرانتي ڪرپالاڻي ۽ ديپڪ ڪوڏواڻي چڱي ڪٽڪ سان ڀوپال سميلن ۾ شريڪ ٿيا . ڪرانتيءَ ۽ ديپڪ جو ڪلچرل پروگرامن بابت به پنهنجو خاص نظريو هو : نينگرين جا نرتيه نه ڏيڻ کپن ، پيار محبت جا گيت نه ڳائڻ کپن ، ڪلام به صرف عمر مارئي يا سورٺ راءِ ڏياج جا ڏيڻ کپن، ڪنارو ته اُنهن کان به ڪرڻ کپي . ديپڪ پنهنجي هفتيوار اخبار ماتر ڀوميءَ جي تازي پرچي ۾ پنجواڻي صاحب تي جلهه ڪئي  هئي : نينگريون نچائيندڙ ۽ عشقي گيت ڳائيندڙ پروفيسر . جلهه جبري به هئي ته بيجا به . پنجواڻي لاءِ اُتساهه برقرار هو . مکيه آيل ٽوليون ٻه هيون – ڪلاڪار منڊل ۽ لوڪ سر . لوڪ سر وارا سنگيت پروگرام لاءِ چڱي تياري ڪري آيا هئا. ڀڳوان چاولا ته هو ئِي، هن سان گڏ هئي سشي آهوجا، هارمونيم تي هو ڪشن ڪٽاريا ۽ بنسري وڄائڻ لاءِ هو رام للا . سمجهوتي موجب ڪڪي ۽ سترام به هنن جي حوالي ۽ هنن جي انتظام ۾ هئا  موهن ڇاٻڙيا انائونسر ئِي نه، سنگيت پروگرام جو مهندار به هو . ناگپور ميلي جي پروگرامن هن کي ڪافي تجربيڪار به بڻايو هو. مون اُتم کي چئي ڪلاڪار منڊل جو ايڪانڪي ، ”نمي“ پهرئين ڏينهن رکايو هو جو ايشور ناواڻيءَ کي محدود ڏينهن لاءِ موڪل ملي سگهي هئي. هُو سميلن جي ٻئين ڏينهن ئي واپس بمبئيءَ وڃڻو هو. پروگرام جو هنڌ هو باب علي جو شاهي ميدان ۽ منچ قلعي جي ٻنوڙي تي ٺهيل هو . اڻ مندائتو مينهن جو وسيو ته منچ جون ڪپڙي – ڪنتان سان ٺهيل ڇتيون ڀتيون ئي نه اُڏاڻيون، سارو ميدان پاڻي پاڻي پاڻي ٿي ويو . مون موهن کي ”نمي“ ۾ سيٺ جو پارٽ ڏنو هو، ريهرسل به ڪئي هئائين پر اُها ثاب نه پيئي . ناٽڪ ٿي ئِي نه سگهيو. ٻئين ڏينهن صبوح جو ايشور بمبئيءَ واپس وريو، در حقيقت پهرينءَ رات لوڪ سر جو سنگيت  پروگرام ڊيليگيشن ۽ آجيان سڀا جي مکيه ڪارپردازن لاءِ . پروگرام اُميدن کان وڌيڪ ڪامياب رهيو . ڀڳوان پهريون دفعو ڪنهن سميلن ۾ آيو، چڱو لوڪ پريه ٿيو . سشي آهوجا اُن وقت ڪڪيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاتل سڃاتل هئي، هن به پاڻ ملهايو . ڪڪيءَ ”نگڙا نماڻي دا“ سان ٻڌندڙن کي متاثر ڪيو، سترام سان ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڏوهيڙا ڳائي ته هن ٻڌندڙن مٿان جادو ڪري ڇڏيو، اِن جادوءَ جو اثر پروگرام بعد به سلامت رهيو، صبوح جو هر ڊيليگيٽ گنگنائي رهيو هو : وطن لاءِ جان گهوري پوءِ به ٿوري …

اُن رات مشاعرو هو ، ڪرشن راهيءَ کي مون چيو، ”جيڪو شعرو وڻيئي سو چئج ، اِهي ڏوهيڙا ڇڏي ڏج .“ راهي صاحب انهن ڏوهيڙن جي مقبوليت اکئين ڪنين ڀانپي هئي . اُن کان پاڻ آجو ڪري نه سگهيو . ڏوهيڙا مشاعري ۾ چيائين ٿي . مگر جنهن داد جي هن اُميد رکي هئي، سو نه مليس . هُو سهجيئي سمجهي ويو ته انهن ڏوهيڙن جي مقبوليت ۾ ڪڪيءَ جي ادائگيءَ ۽ سترام جي همراهيءَ جو وڏو حصو رهيو هو . مون کي چيائين ، ” مالهي “ مون اهي ڏوهيڙا ڪلاڪار منڊل کي سئونپي ڏنا . “

۽ سنڌ جي سار سلامت رکڻ ۾ انهن ڏوهيڙن جو ڀارت خواهه ٻاهر يگانو يوگدان رهيو ، ورهين جا ورهيه .

ٽينءَ رات جو بئراڳڙهه ۾ لوڪ سر جو سنگيت پروگرام ٿيو ، حشام ٻڌندڙن اڳيان . مون کي ناگپور واري ورسيءَ جا پروگرام ياد اچي ويا . بئراڳڙهه ۾ اٺ ڏهه هزار ٻڌندڙ ته واهه جا هئا .گهر جي کڏن ۽ وڻن تي به ماڻهو هئا . جيڏانهن نهار ، ماڻهو ئي ماڻهو . ههڙي قسم جو پروگرام ۽ سشيءَ هن پروگرام ۾ به پاڻ ملهايو . ماڻهو جنسِي جهومندا رهيا . راهيءَ جي ڏوهيڙن هت به ميدان ماريو . ٻه دفعا اُهي ڏيڻا پيا . پروگرام جي واڳ ڏور موهن جي هٿ ۾ رهي . مان منچ تي درشڪ بڻجي ماڻهن تي پروگرام جي تاثر جو جائزو وٺندو رهيس .

ها ، هن سميلن جو ليکڪن – ڪلاڪارن جي لحاظ کان هڪ ٻيو به نرالو پهلو هو . دهليءَ بعد سالن کانپوءِ پهريون سميلن هو جو دارون بنديءَ کان ٻاهر ئي رهيو هو . دهليءَ ۾ ڪنوينشن هئي ، هت سميلن هو . دارونءَ جا دوڪان ئي نه هئا ، کلئي عام گتا هئا – سرڪار طرفان منظور ٿيل دارون پيئڻ جا اَڏا . ڪن ساهتڪارن ۽ ڪلاڪارن مڌيه پرديش سرڪار طرفان شراب پيئڻ جي هڪ قسم جي دعوت فراخدليءَ سان قبولي . جيئرن جا نالا نه ٿو کڻان ، متان ناراض ٿي وڃن ؛ پر جي سڳن آهوجا جو ذڪر نه ڪندس ته هن جي آتما جتي به هوندي تتي ناراض ٿي ويندي . سچ جو ڪانکي سڳن آهوجا به سنڌين ۾ هڪ ئي پيدا ٿيو . مان هن کي ادبي ڪلاس ۾ ” اديبن جو اديب “ ڪري سڏيندو هوس. عام فهم ٻولي به اتفاق سان لکي سگهندو هو . هن جي ويچارن جي گهرائي ، ڪلپنا جا اڏر ۽ وزن بحر جي ڄاڻ کي هر ڪو داد ڏيندو هو ، مون کي هن جون ڪهاڻيون به وڻنديون هيون . انهن جي طرز بيان مان مون کي شاعري ليئا پائيندي نظر ايندي هئي .  منهنجي نظر ۾ هن جي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ هن جون ڪهاڻيون عام فهم وڌيڪ هيون ۽ هيون به زندگيءَ جي ويجهو . هُو اعليٰ درجي جو فنڪار به هو ۽ پاڻ تي چرچي ڪرڻ جي دعوت به ڏيندو هو . هُو منهنجو ويجهو دوست ئي نه هو ، سال کن ساڳئي سڪول ۾ همڪار به هو . منجهند جو منهنجي گهران آيل ماني گڏ کائيندا هئاسين. شطرنج جو به سٺو رانديگر هو . ڌوٻ تلاءَ تي ميٽرو ريسٽارنٽ جي ڪنڊ واريءَ ٽيبل تي مون وٽ ٻيو ڪو نه هوندو ته سڳن ضرور هوندو . هُو چار منار سگريٽ  پيئندو هو، پوءِ منهنجي صحبت ۾ شواجي ٻيڙي ڇڪڻ شروع ڪيائين . هُو اڪثر چوندو هو ، ”جو سنڌي ليکڪ سگريٽ / ٻيڙي نٿو ڇڪي، سو بهتر اديب ٿي ئي نه سگهندو.“ سڳن جا ٻيا به سخن به مان اڪثر دهرائيندو آهيان . هڪ اِهو جو شايد ”بسڪيٽ“ ڪهاڻي ۾ لکيو هئائين ، ”ضرورت کان گهٽ پيسو به مصيبت آهي ته ضرورت کان وڌيڪ پيسو به مصيبت آهي .“ ٻيون ته ”ماڻهو دارون پيئڻ بعد سچ سليندو آهي ۽ سولائيءَ سان.“ هُو چڪڙي چاڙهڻ جو به شوقين هو . چوندو هو، ”داروبنديءَ جي ڪري ڇڪ وڌيڪ ٿي ٿئي ، عام جام ملي ته جيڪر مان پڇانس به ڪو نه .“ ها، هُو اڻ لڀ جو شيدائي هو .

ڀوپال ۾ هن دارونءَ جا دنگيه نه ته به جام ضرور پيتا . بئراڳڙهه به هليو جو مون خاطري ڏني مانس ته ڍئو تي پِي سگهندو – منهنجي اُتان جي ميزبان جي دعوت ۾ . هن سال پياڪ يا پيئڻ جي تمنا رکندڙ اديب دوست به ڀوپال مان بئراڳڙهه هليا . هنن کي ۽ ڪلاڪار منڊل جي ناٽڪ ڪلاڪارن مدن ۽ راجن چاولا کي ميزبان جي گهر اُماڻيم . هُو مڌ سان نباهيندا رهيا ۽ اسان مڌرتا (سنگيت) سان .

سنگيت – ڪلاڪار ، موهن ۽ مان پروگرام جي ڪاميابيءَ جي کيپ کٽي ميزبان جي گهر پهتاسين ته اُتي ويٺل همراهه سڀ موڊ ۾ هئا، سڳن جو موجي مزاج چوٽيءَ تي هو . چيائين ، ” مالهي ، مڌيه پرديش هو ، ’سونف ‘ پي ڏس ، ولائت جي وسڪي وسري ويندءِ “ مون ولائت جي وسڪي ته نه چکي  هئي ڪڏهن ، خود ديسي دارونءَ سان منهنجو واسطو صرف ناگپور ۾ چيجن جي گهر پيو هو ، ٽي راتيون ننڍا ٻه پيگ . سڳن وري ’سونف ‘ جي ساراهه ڪئي . منهنجو ميزبان ششدر  ٿي ويو . جتي دارونءَ جا ٻيا نمونا بوتلن مان جهلڪي رهيا هئا ، تتي ”سونف “ جي هڪ بوند به باقي نه بچي هئي . منهنجي ميزبان پنهنجي گهٽتائي سمجهي . اِهو ميزبان ، ڪشنچند بيلاڻي شرنارٿين کي ڪليم وڪڻائي ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندو هو، هڪ قسم جو سماج سيوڪ به هو ۽ ڏاڍو مڙس به . وارن ننڍن ۽ ڳٽڪي بدن سان داداگير جيان ڀاسندو هو . هُوءَ پيئڻ خواهه پيئارڻ جو شوقين هو . مکيه مهمان لاءِ دل گهريو شراب هُو ڪٿان به پيدا ڪندو – اهو هن جو ضد بڻجي پيو . پاڙي اوڙي مان پڇا ڪرايائين پر ” سونف “ ڪٿي به نه هو . ڪجهه طاقت جو نشو هن کي هميشه هو ، ويتر اُن سان گڏيو هو شراب جو نشو . رات جو ذري گهٽ ٻه وڳا هئا . مون گهڻو ئي چيو ، ” رهڻ ڏي ، مان پياڪ ڪونه آهيان . پيئندس هڪ ته اڌ پيگ مس ۽ اڃا ڪي بوتلن هت ڀريون پيون آهن . “ پي ميزبان پنهنجيءَ تي . نڪتو ٻاهر ، مان ، موهن ۽ ٻيا ڪلاڪار هن پٺيان . اسٽيٽ بس ڊيپوءَ جي ڦاٽڪ کي تالو لڳو پيو هو . ڀڳائين تالو ، ڪڍيائين بس ۽ اها اسان ڀرسان تيز ڪڍي ويو ، اڌ ڪلاڪ بعد ٻن ڪڇن ۾ ٻه سايون بوتلون کڻي، گهر اندر گهڙيو . سڳن جو موجي مزاج جئن جو تئن سلامت هو. هن جي زبان ڳوري هئي، مگر هن جي دل جا داستان زبان مان لڳاتار نڪتا پئي . محفل نئين سر متي. سنگيت ڪلاڪارن صرف ڳالهائڻ ۽ کائڻ ۾ ساٿ ڏنو . موهن شايد پيتو هجي، هڪ اڌ پيگ، نه به پيتو هجي؛ ياد نه ٿو اچي . ميزبان ڪشنچند بيلاڻي جئن پيتو پئي تئن گويا وڌيڪ زماني ديدهه ٿيندو پئي ويو، هن جي سياڻپ جا ٻول به اِلاهي رهيا . ڪي ٻول مون کي جڏهن ڪڏهن ياد ايندا آهن ، ” اسان سنڌين کي ڀڳوان واندڪائيءَ ۾ گهڙيو آهي . همت به اسان ۾ ڪوٽان ڪوٽ ڀري آهي . جئن تڪليفون وڌيون، تئن اسان جو  حوصلو وڌيو ؛ اسان نه ته هڪٻئي سان چڙهت ڪرڻ ڇڏي ڏيون ، هوند وڌيڪ ساوا ستابا ٿيون .“

ڪشنچند بيلاڻيءَ پهرئيندي ئي مون کي ڀوپال ۾، باب علي جي منچ تي ڳولهي لڌو هو جو هُو منهنجي ڀاڄائي جي سڳيءَ سئوٽ ميلهيءَ جو گهوٽ هو . هن مون کي بئراڳڙهه ۾ مانيءَ جي دعوت ڏني هئي ته جڏهن مون چيومانس ، ”مون سان ڪٽڪ ساهتڪارن ۽ ڪلاڪارن جو هوندو .“ چيائين، ”جيترا وڻني تيترا آڻج ، سنڌيت جو شيدائي آهين، اِن ڪري سنڌيءَ جي وڏي دل مان به واقف هوندين .“ پوءِ چيائين ، ”دلجاءِ ڪج ، کاڌو به طرحين طرحين جو ۽ پيتو به طرحين طرحين جو . “

مان ننڍي هوندي اڪثر ڀاءُ ساهري پڊ عيدن ويندو هوس، ميلهيءَ سان ادڙين دادڙين راند به ڪئي هيم. ڪشنچند ”سونف“ جي تلاش ۾ ويو ته مان ۽ ٻيا همراهه هن جي گهر موٽي آيا هئاسين. مان رڌڻي ۾ ويهي ميلهيءَ سان گڏيس . هوءَ ڀارت ۾ اچڻ بعد پهريون دفعو مون کي گڏي هئي. رڌڻي ۾ گهڙيس ته مس ته هن مون کان پڇيو، ”گوبند ، موهنيءَ سان مليو آهين ، ڀارت ۾ اچڻ بعد

موهني !

مان مهل سر سمجهي ويس ته هن جو اِشارو پٺاڻيءَ طرف هو . هوءَ سنديس پيڪي گهر ئي منهنجي واقف ٿي هئي . مون جواب ۾ سوال ڪيو ” توکي ڪٿي گڏي آهي ؟ “ هن چيو ، ” ها مون کي هڪ دفعو گڏي ، ريل گاڏيءَ ۾ . مان اٽارسيءَ مان زناني گاڏي ۾ چڙهيس ته هوءَ اڳ ئي ويٺي هئي . مون ڪو نه سڃاتومانس ، هن سڃاتو ، سڏي پنهنجي ۽ ڀرسان ويٺل نينگريءَ وچ ۾ سري پئي مون کي وهڻ جي جڳهه ڪري ڏني . پاڻ سوڙهي سڪوڙي ٿي ويٺي .“

هوءَ چپ ٿي اٽو ڳوهڻ لڳي . مان خيالن ۾ آگري اسٽيشن تي پهچي ويس. اُتي به پٺاڻيءَ ئي پهرين مون کي سڃاتو هو .

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org