سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(زندگي - هڪ سفر)

 

صفحو :6

 او ٽيون دفعو هو جو مان سنڌي فلمي جڳت جي دئار تي بيهندي به اندر گهڙڻ کان روڪيو ويو هوس . پهريون ڀيرو ” اَباڻا “ جي ڪهاڻي گهڻو تڻو منهنجي هئي پر منهنجي نالي ۾ نه آئي . ”ستيوادي هرش چندر“ ۾ ڪهاڻي ۽ ڊائلاگن لاءِ مون کي سئو رپيا ايڊوانس طور به مليا . اُن جو پرتاپ منيار تي مهورتي شاٽ به ورتو ويو پر اُها اڳتي وڌي ئي ڪانه، ها منهنجو هڪ ڊائلاگ سو فلمايو ويو هو، ۽ هاڻ زباني پڪ بعد به عمل ۾ ڪجهه ٻيو ڪي ٿيڻ وارو هو . پوءِ به ، مون پنهنجي سڀاءَ سان نباهيندي نه صرف ملتانيءَ ۽ آشا کي ڪڏهن ورجايو ڪو نه تهائين ملتانيءَ سان سهڪار ڪيو . مون کي هر ڀيري سان عجب اهو لڳو ته مان پنهنجي ڪهاڻيءَ جي آڇ کڻي ڪنهن وٽ به نه ويو هوس . ڌڪ کائڻ لاءِ ته هڪيو حاضر رهيو آهيان ليڪن ڌڪ ساٽائڻ ۾ به ڪو گهڻو وقت نه لڳندو اٿم . ڪي گهڙيون ، وڌ ۾ وڌ ڪي ڏينهن وڏي ۾ وڏي بي – انصافيءَ جي چوٽ جي بي انتها پيڙا من ئي من ۾ ڀوڳي دل جي تهه اندران نڪرندڙ آواز جي تائيد ڪندو آهيان : ” هينءَ به سڄڻ واهه واهه ، هونءَ به سڄڻ واهه واهه .“

اُنهن ئي ڏينهن ۾ ، مئي مهيني ۾ سڪول مان وئڪيشن ملڻ تي مون، ڪي آوازي ڪلچر جي ڦهلاءَ لاءِ ۽ ڪي لکندو سميلن جي شروعاتي ڪوششن کي همٿائڻ لاءِ ڪلاڪار منڊل جو هڪ سفر طئه ڪيو . سينٽرل ريلوي تي پهريون داٻو کنڊوا ۾، اُن بعد ڀوپال ۾ ۽ دنگ ڪانپور – لکنوءَ ۾ . چار ڄڻا – ڪڪِي، سترام، اشوڪ ۽ مان . فيصلو ڪيم، طبلچي هر هنڌ مڪاني وٺبو . شروعات ۾ اهو به سوچيو هوم ته لکنوءَ کان دهليءَ وڃبو، اُتان ويسٽرن ريلوي تي جئپور، اجمير، احمد آباد ۽ بڙودي ۾ منزلون طئه ڪري بمبئيءَ موٽبو . نڪرڻ کان اڳ سترام جي شاديءَ جي تاريخ طئه ٿي . مون هن کي ڪانپور – لکنو مان واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ باقي سفر حالتن تي منحصر رکيو . کنڊوا ۾ منهنجي هڪ پاڙيسريءَ جا ساهرا هئا. هن جو سالو خريداريءَ لاءِ جڏهن بمبئيءِ ايندو هو، تڏهن کنڊوا ۾ پروگرام ڏيڻ جي دعوت ڏيندو هو . ڀوپال جي پروگرام لاءِ کيئلداس فانيءَ کي لکي ڇڏيو هوم . وي . ٽيءَ کان کنڊوا تائين رات جي سفر ۾ خاص دقت درپيش نه آئي ، ڪوليءَ معرفت مٿيون چار سيٽون هٿ ڪري سمهي پياسين . کنڊوا کان ڀوپال جو پروگرام اوکو رهيو. وڌيڪ ڏکيو رهيو . ڀوپال – جهانسي ۽ جهانسي – ڪانپور وچ ۾  . جهانسيءَ ۽ ڪانپور وچ ۾ ته تهه اونهاري جي گپا گيهه ۾ چئني يبهندي بيهندي سفر ڪيو . ڪنهن ڪڪيءَ کي به سري پري يا اُٿي جڳهه نه ڏني . پروگرام سڀ سٺا ويا . سنگيت ، ناٽڪ کان وڌيڪ سهنجو به ڀاسيو ۽ وڌيڪ اثرائتو به ٿيو . ڪانپور ۾ شخصي طور سدانند تولاڻيءَ سان گهرائي ٿي . هُو سرن جي بٺي جو مالڪ هو، مهمانواز متر ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخص هو ، هن نثر خواهه نظم سان وڏيءَ عمر جي باوجود هڪ اُسرندڙ اديب طور ڪافي نباهيو به پئي . رڄ چڱو مڙس هو . مان ته پهريندي ئي هن جي گهر جو ڀاتي بڻجي پيس . چترڪار پرمانند پنجواڻيءَ به هڪ سنڌيت جي شيدائيءَ طور مون کي ڪافي متاثر ڪيو .لکنوءَ ۾ نيوند ڪيولراماڻيءَ جا سنڌو سماج جا همراهه مون کي ڪافي اُتساهه ۽ لگن وارا لڳا . سترام کي ڪانپور مان صبوح جو بمبئيءَ روانو ڪيو  ۽ رات واري گاڏي ۾ ڪڪي، اشوڪ ۽ مان دهليءَ لاءِ روانا ٿياسين . اشوڪ پنهنجي مائٽن ۾ ويو ، فون نمبر هڪ ٻئي کي ڏناسين – وڌيڪ پروگرام طئه ڪرڻ لاءِ . ڪڪِي ۽ من شيام ڀاڳيا جي گهر وياسين جو اُن وقت سڀا جو دهليءَ ۾ مقيم جائنٽ سيڪريٽري هئي ۽ اُتي ئي معلوم ٿيو ته اڳئين ڏينهن ڀارتواسين جي دلين جي دلين جو بيتاج بادشاهه ، امن جو عملبردار ۽ اِنسانيت جو پرستار جواهر لعل نهرو راهه رباني وٺي رمندو رهيو هو. جت ڪٿ شوڪ جي لهر وڌڻ لڳي هئي . تين مورتيءَ ۾ هن جو سرير عام خاص جي انتم درشن لاءِ رکيل هو .  شيام چيو ، ” هزارين ماڻهن جي اَڻ کٽندڙ قطار آهي ، نهروءَ جي انتم درشن لاءِ .“ تڙ ڀيڙ ۽ ڪلهي گس جو ٻڌي ڪڪي نه هلي . مان ۽ شيام وياسين . چار ڪلاڪ لائين ۾ بيهڻ بعد جواهر لعل کي پويون دفعو ڏسڻ جو وارو آيو . هن جي چهري مان هن جي دل جي پيڙا نمايان لڳم ، مون من ئي من ۾ چيو ، ” ڪاش ، چينائي هن جي نراسائيءَ جو اندازو حملي ڪرڻ کان اڳ لڳائي سگهن ها“ ، ” مون کي اهو مڃيندي فخر جو احساس ٿيندو آهي ته شاهه ۽ مارڪس کانپوءِ مون تي نهروءَ جو ئِي گهڻي ۾ گهڻو اثر رهيو آهي .“  

مان ۽ ڪڪي ٻئي ڏينهن ئي سڌو بمبئيءَ لاءِ روانا ٿياسين . ڪي ڏينهن نهروءَ جو مايوس ۽ ملول چهرو منهنجي اکين اڳيان ڦرندو دل کي دکي ڪندو رهيو ....

”جهولي لعل “ فلم جتي مون کي نظر انداز ڪيو هو ، تتي اُها ڪڪيءَ لا ڀاڳن ڀري رهي . هن کي سنڌي فلمن جي پلي بئڪ ۾ پڪي پختي ۽ شانائتي جڳهه ملي ويئي . هڪ ئي فلم ۾ هڪ سولو گيت ” ٻڌائيم ڪو ...  “ ٽي دوگانا ، هڪ پنجواڻيءَ سان ۽ ٻه گرڌر ميراڻيءَ سان، ٻه ڪورس ۾ - هڪ ماسٽر چندر جي انگل ڪري ۽ هڪ سي . ارجن جي حجت ڪري . درحقيقت اِن فلم لاءِ سترام ۾ سي . ارجن جي اک نه ٻڏي هئي . منهنجي ئي زور بار تي” تن کي ڇا ساگر ٻوڙيندو ... “ ۾ مهيندر ڪپور بدران سترام کي کنيو ويو هو ، اُهو فلم جو آخري گيت هو ، رڪارڊنگ جي لحاظ کان . سترام جي ساٿي گائڪا هئا ، آشا هرگناڻي . هن جو سولو حصو ريهرسل ۾ گهٽجي ويو . ارجن – گوورڌن ته اُهو حصو به ڪڪيءَ کان ڳارائڻ چاهيو پر مون ڪڪيءَ کي چڙهت ڪرڻ کان منع ڪئي . آشا هرگنائيءَ سٺو ڳايو . ارجن عين موقعي تي ” هئيا هو “ جي ڪرس ۾ ڪڪيءَکان حجت رکي ڳارايو ، اُن جو آخرين لفظ ” هو ها“ ڪڪيءَ جو سولو هو، اڄ توڻي ارجن مڃيندو آهي ته ” هو ها “ جي ادائگي ٻي ڪا فنڪاره ان نموني نه ڪري ها جنهن نموني ڪڪيءَ ڪئي . گاني کي فلمي ٻوليءَ ۾ ” اُٺاءُ “ ملي ويو . تنهن بعد هر سنڌي فلم ۾ ڪڪيءَ پلي بئڪ ڏنو ، هن جو آواز هر سنڌي فلم لاءِ لازمي بڻجي پيو  ۽ ڪڪي جي زندگي جي اِن مکيه موڙ جي شروعات ، يعني پهرين ٻن دوگانن جي رڪارڊنگ وقت مان هن سان ساڻ نه هوس ، جيتوڻيڪ هن اڳواٽ ئي چنيءَ جو پلئه ڳچيءَ چوڌاري ويڙهي، هٿ جوڙي نمي مون کان آسيس وٺي ڇڏي هئي . رڪارڊنگ کان ٻه ڏينهن اڳ لکنو مان تار آئي هئي ته : ” لکنو – ڪانپور همراهن وچ ۾ اختلاف ، جلد اچ ۽ سميلن تائين هت رهه .“ ڪيرت ۽ پنجواڻي صاحب ۽ لکنو سميلن لاءِ رٿيل پريزيڊنٽ ڀوڄراج ناگراڻيءَ به زور ڀريو ته مان هڪدم لکنوءَ پهچان . مامتورا صاحب کي جس هجي جو هن سنڌيت سانگي مون کي ايترا ڏينهن سڪول مان موڪل ڏني. اِن ئي سنڌيت ۽ سنڌي سنگيت جي اوڄ خاطر مون گوورڌن جي حجت قبولي رڪارڊنگ بعد ڪڪيءَ ۽ سترام کي گوورڌن سان اجمير وڃڻ لاءِ چيو جيئن هو اجمير – جئپور جي ڪلاڪارن کي ڪلاڪار منڊل جون ڌنون سيکاري ۽ گوورڌن جي سميلن – پروگرام ۾ واهرو ٿي سگهن . ڪڪيءَ جي مڃتا ۽ سترام جي سهڪار جي ڀاونا ان طرح به ڪارآمد ٿي .

مان لکنوءَ کان اول ڪانپور لٿس ، سدانند تولاڻي سٽيشن تي وٺڻ آيو هو ، سدانند ٻڌايو ته ڪانپور – لکنوءَ وارن ۾ متڀيد ڊيلگيٽن کان کاڌي جا پيسا وٺڻ بابت آهن. اسين ڪانپور وارا چئون ٿا ته جئن ٻين سميلنن ۾ کاڌو مفت کارايو ويندو آهي تئن هاڻي به ڪيو وڃي . اسان ڪانپور وارن ان خرچ بلي اڌ ڏيڻو ڪيو آهي، حالانڪ ٽن ڏينهن مان ٻه ڏينهن سميلن لکنوءَ ۾ هوندو. مون چيومانس، ”سدا نند، ڪانپور ۾ سنڌي گهڻو تڻو واپاري آهن ۽ لکنوءَ ۾ نوڪرين وارا . اوهان ٻه حصا ڀريو ۽ لکنوءَ وارا ٽيون حصو . مان ٻنهي شهرن ۾ کاڌي مفت کارائڻ لاءِ خاص اوڳڙ لاءِ ڦرڻ لاءِ تيار آهيان .“ سدانند رڄ مڙس، منهنجي ڳالهه رکيائين. ٻئي ڏينهن ماڙيوالا ۽ سندرداس کي به مڃايوسين ، اها رٿ کڻي ڪار ۾ پهتاسين لکنوءَ . آجيان سڀا جو چيئرمين جهامنداس جوتواڻي ، جنرل سيڪريٽري نيوند  ڪيولراماڻي ۽ ٻيا سڀ حيران ته جنهن سوال تي ” تون ڇا ، تون ڇا “ ٿِي هئي ، تنهن بابت اهڙو سولو ڪانپور وارن جي هيڏي ساري فراخدلي ڏيکارڻ ڪيئن ممڪن ٿيو ؟ اِن وڌيڪ اوڳڙ لاءِ مان ٻنهي ڌرين سان نڪتس .

گوورڌن اُن وقت سڀا جو ڪلچرل سيڪريٽري هو ۽ سميلن ۾ ڪلچرل پروگرام پيش ڪرڻ جي اوور آل چارج هن جي هئي. مون کي چيائين، ” سميلن ۾ تون صرف ايڪانڪي پيش ڪج، تنهنجا سنگيت ڪلاڪار منهنجي اسمن ۾ هوندا . جئپور جي آزمودي بعد چٽاڀيٽيءَ لاءِ ايڪانڪي تيار ڪرڻ جو مون ويچار ئي لاهي ڇڏيو ، اُن بعد ڪڏهن به ڪنهن چٽاڀيٽيءَ ۾ بهرو نه ورتو . مون لکنوءَ ۾ اڳ ئي سنگيت پروگرامن ۾ اڌ ڊزن دفعا پيش ڪيل، ” جُهو جي ڪناري “ پيش ڪيو . ايشور جي نه هلڻ سگهڻ ڪري هن بدران امر چندناڻي مليو . سترام ۽ ڪڪي گوورڌن جي پروگرام ۾ هئا ، پوءِ به آجيان سڀا ۽ ڊيلگيٽن جي زوردار طلب تي مون اڌ اڌ ڪلاڪ سنگيت پروگرام لکنوءَ ۽ ڪانپور ۾ ڏنو ، ٻنهي پروگرامن ۾ لتيڪا سين کان به هڪ هڪ ڪلام ڳارارايم . جئپور جيان لکنو – ڪانپور سميلن ۾ ڪڪيءَ بهترين گائڪا جو انعام پاتو. لتيڪا کي به غير سنڌي ٿي ڪري سنڌي ڪلام ڳائڻ ڪري خاص انعام مليو .

لکنو سميلن جي شروعات شاهي جلوس سان ٿِي . اهڙو جلوس لکنوءَ ۾ اڳ نه نڪتو هو ۽ سنڌين طرفان ڪنهن ٻئي شهر ۾ ڪڏهن به نه نڪتو هو. اِهو پهريون سميلن هو جڏهن واڳون ڇڏيندڙ پريزيڊنٽ به شريڪ ٿيو هجي . پنجواڻي صاحب مهورتي اجلاس ۾ ئي شريڪ نه ٿيو بلڪ پهرئين ڏينهن جي ڪلچرل پروگرام ۾ به بهرو ورتائين. جئپور جيان لکنوءَ ۾ به سڀا  جي وائيس پريزيڊنٽ پد لاءِ چڪري لڳي، هن ڀيري سدانند تولاڻي ۽ نانڪرام ايسراڻيءَ وچ ۾ چڪري لڳي. ٻنهي اميدوارن جي طرفدارن وچ ۾ ايترو ته شور و غل ٿيو جو چونڊون ٻئي ڏينهن ڪانپور ۾ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ڪانپور ۾ وري عهديدار ۽ ڪاروباري ڪاميٽي چونڊن جو حق پريزيڊنٽ ناگراڻي کي ڏنو ويو، جنهن سدانند کي وائيس پريزيڊنٽ ۽ مون کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو. نانڪرام ايسراڻي ۽ ديپڪ ڪوڏواڻي، پروفيسر گهنشيام ۽ ٻلديو گاجرا، اُتم ۽ ڪيرت ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا، ٻين جهونن نون ميمبرن سان گڏ.

مون لکنو – ڪانپور جي همراهن سان واعدو ڪيو هو ته آجيان سڀا کي مفت ۾ کاڌو کارائڻ ڪري جي کوٽ پيئي ته مان ڪلاڪار منڊل جا پروگرام الڳ الڳ شهرن ۾ ڪري، اوڳڙ ڪري ڏيندس. مان، ڪڪي، سترام ۽ اشوڪ ڪانپور ۾ رهجي پياسين، سدانند جي مهمانن طور، ناگراڻي به ماڙيوالا وٽ رهيو . هُو ۽ اسان الله آباد پروگرام ڏيڻ وياسين پر پيسن گڏ ڪرڻ لاءِ نه. لکنوءَ مان نياپو اچي ئي ويو هو ته کوٽ پوڻ جو امڪان ڪونهي، اسان بمبئي هليا آياسين. آجيان سڀا کي پنجن هزارن کان وڌيڪ بچت ئي ٿي !

ساهتيه اڪادميءَ سنڌي ڪتابن تي انعام ڏيڻ قبوليا 1957ع ۾، پهريون انعام به 1959ع ۾ ڏنو ويو–تيرٿ بسنت کي ”ڪنور“ ڪتاب تي. اُن بابت به ڪن حلقن ۾ چميگويون هيون ته اجواڻيءَ، پرنسيپال اين. بي. بٽاڻيءَ جي سفارش تي ڏياريو هو. هن کانسواءِ به ٻيا به جج مقرر ٿيندا هئا، انهن ڏينهن ۾ . جئن ته ڪي به ٻه جج يڪراءِ نه ٿي ٿيا ته انعام اجواڻيءَ جي ووٽ تي آڌارت هو . اجواڻي ائين پئي سمجهيو ته انعام جي رقم اڪادميءَ جي بجيٽ مان نه، هن جي کيسي مان ٿي نڪتي .

منهنجا ٽي ناول – ”ديسي سيڻ ڪجن“، ”جن سوري ڀانئين سيج“ ۽ ”پهرين محبت“ هڪ ٻئي پٺيان انعام جو دروازو کٽکٽائيندا رهيا .“ ”ديسي سيڻ ڪجن؟“ جي اجواڻي صاحب دل کولي ساراهه ڪئي هئي ۽ اهو ايترو پسنديده هو جو هن جي لکڻ موجب ورهين جا ورهيه هن جي ميز تي شاهه جي رسالي سان گڏ پيو هو. مون هن کي نه، هن جي وڏي ڀاءُ رامچند کي ٽي سال نبري وڃڻ بعد شڪايت ڪئي، اجواڻي صاحب موجود هو ، چيائين، ”تو مون کي ياد ڇو ڪين ڏياريو؟“ 1963ع ۾ گوورڌن ڀارتيءَ جو خط آيو، ”واڌايون، ساهتيه اڪادمي انعام تو کي مليو آهي .“ اُن سال فتحچند واسواڻي هڪ جج هو، هن منهنجي ناول جي سفارش ڪئي هئي. اجواڻي صاحب جي پٺڀرائي نه پائي اُهو انعام پائي نه سگهيو. درحقيقت چار سال لاڳيتو ساهتيه اڪادميءَ طرفان ڪنهن به سنڌي ڪتاب کي انعام لائق نه سمجهيو ويو . ٻه جج متفق راءِ نه ٿيا ۽ اجواڻيءَ ڪنهن به جج جي راءِ جي پٺڀرائي نه ڪئي . 1964ع ۾ اِهو انعام رام پنجواڻيءَ کي مليو، ”انوکا آزمودا“ ڪتاب تي . هل پئجي ويو ته اجواڻيءَ زور بار تي اِن جي پٺڀرائي ڪئي آهي. ڪو ممڻ متو اِن انعام تي! اديب مڇرجي ويا. هنن اِن ڪتاب خلاف آواز اٿاريو، رايا ورتا  ۽ ڇپيا . مون کان واٽ ويندي رايو ورتو ويو . مون به رايو ڏنو، ”ڪتاب کي انعام نه ملڻ کپندو هو، جڏهن بهتر ڪتاب ميدان ۾ هئا.“ پرهه ڦٽيءَ ۾ ڇپيل راين هيٺان هٿ سان لکيو ويو، ”گوبند مالهيءَ کي انعام ڌڌڪو رسايو آهي .“ ناگراڻيءَ سڀا طرفان نيشنل ڪاليج جي نارائڻ هال ۾ پنجواڻي صاحب جو ان انعام ڪري سنمان ڪرڻ لاءِ ميٽنگ ڪوٺائي، ڪن اديب دوستن گوڙ به ڪيو ۽ تقاضا به ڪئي ته مالهي اُن ڪتاب ۽ انعام تي ڳالهائي . مون ڊآئز تي وڃي چيو، ” هيءُ ميڙ دستوري سنمان جو آهي ، اِن ۾ ڪتاب جي انعام جي حقدار نه حقدار هجڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي . ڪتاب جي معيار بابت راءِ زني ڪرڻ لاءِ الڳ ميڙ ڪوٺائڻ کپي .“ منهنجي جواب مخالفت ڪندڙ دوستن کي نه آئڙيو . ميڙ ۾ شور و غل سلامت رهيو ، ٻاهر دوستن مون خلاف ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ، ڪافي تکن لفظن ۾ .

لڳ ڀڳ انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي ڀارت ۾ آيا، اياز اچڻ جو احوال سڳن آهوجا کي لکيو هو . سڳن مکيه ميزبان بڻجڻ جو شرف مون کي ڏئي ڇڏيو . سانتاڪروز ايئرپورٽ تي مان ئي پهريون شخص هوس جنهن سان هُو گلي مليو . اياز چيو ، ” مالهي مفاصلو ڪلاڪ ڏيڍ جو آهي ، طئه ڪرڻ ۾ سڄا سارا سترهن سال لڳي ويا .“ بمبئي ۽ سنڌو نگر ۾ اياز ۽ ڀٽيءَ جي مرحبا ۾ ميڙ رکيا ويا . خانگي ريت به ڪچهريون ٿيون . اياز جا شعر ۽ ڀٽيءَ جي چرچا جت ڪٿ محفل ۾ سينگار بڻيا رهيا . اياز ۽ ڀٽي کي ويزا صرف بمبئيءَ جي هئي . اياز جي زوردار خواهش هئي. مالوا ۾ ميرا جي سماڌي ۽ دهليءَ ۾ غالب جي مزار ڏسڻ جي . گيتا ۽ راجن چاولا پنهنجي ڪار ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ اياز ۽ ڀٽي کي ٻنهي هنڌن جي زيارت ڪرائي آيا.

لکنو سميلن جي اثر هيٺ سنڌيت جي شمع جو شعاع ڪلڪتي تائين پهتو . لکمي کلاڻي ، نو همراهه ٻيا ساڻ ڪري سنڌي يوٿ ائسوسيئيشن جو پايو وڌو . اُهو پهريون ڀيرو هو جو سرنديءَ وارن ، واپاري ورگه جي هڪ وڏي ٽولي سنڌيت بچائڻ ۽ ڦهلائڻ جي ڪاريه لاءِ جماعت بندي ڪئي هئي . هنن اُن جي بنياد رکڻ لاءِ پنجواڻي صاحب کي گهرايو ۽ سنڌو ڪلا مندر جو وڏو ناٽڪ ، ” انڊر سيڪريٽري “ پيش ڪيو . ستت پوءِ هنن ڪلاڪار منڊل کي به ڪلڪتي ۾ گهرايو . متان صرف سنڌي سنگيت ڪلڪتي ۽ اوڀر ڀارت جي سنڌين کي راس نه اچي ، هنن همينت ڪمار کي به اسان جي پروگرام سان شامل ڪيو ۽ ٿيو ائين جو ڪڪيءَ جي آواز ۽ سنڌي سنگيت جي گوناگونيت ٻڌندڙڻ کي منترمگڌ ڪري ڇڏيو .هيمنت ڪمار اُڌارو اُڌارو پئي لڳو؛ ڪڪيءَ هن جي فلمن ۾ ڪورس ۾ ڳاتو هو ، ” سناٽا “ فلم ۾ دوگاني ۾ ڳائڻ جي آڇ به ڪئي هئي پرلتا منگيشڪر جي دخل اندازيءَ ڪري اُهو ڪڪيءَ کي عين موقعي تي نه ڏنو ويو هو، تنهن سواءِ ڪڪِي رابيندر سنگيت ۾ به هيمنت دا سان ڳاتو هو ، هن وڌي اچي ڪڪيءَ جي پٺي ٺپري ۽ بنگاليءَ ۾ چيو، ”تنهنجي آواز معرفت سنڌي لوڪ سنگيت سٻر به ٿو لڳي ته گوناگون پڻ. اُن سان نباهج“ ڪڪيءَ هڪ بنگالي گيت به ڳاتو هو ۽ هيمنت دا صحيح اُچارن لاءِ به ڪڪيءَ کي داد ڏنو هو. پوءِ سنڌي سنگيت – ناٽڪ پنهنجي بل بوتي تي بنگال، بهار ۽ آسام ۾ لوڪ پريه ٿيندو ويو . لکميءَ ، ڪلياڻ کلناڻي ، ارجن پنواڻي  ۽ ڪلڪتي جي سنڌي يوٿ ائسوسيئيشن جو ووڪل ڪلچر جي بچاءَ ۽ ڦهلاءِ لاءِ اتساهڪ يوگدان رهيو آهي .

1965ع ۾ پاڪستان ڀارت تي ڪڇ ۾ حملو ڪيو، اِن ڪري سميلن مهمل ٿيو، ان دوران ۾ ڪندنداس طوطلداس آزاد هند فوج ٺاهي ۽ پرچيو ودرياتي، جو اُن وقت مهاراشٽريه اسيمبليءَ جو ميمبر هو. تقريرن ۾ سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تقريرون ڪرڻ لڳو . ليلا رام رچنداڻيءَ مان سمجهان ٿو، ”چوڏس“ اخبار ۾ هڪ ’چرچو‘ ڪيو. لکيائين، ”آزاد سنڌ فوج جي مهنداري پروفيسر رام پنجواڻي ۽ گوبند مالهي ڪندا .“ مون ته خبر پڙهي اَڻ پڙهي ڪري ڇڏي ، پنجواڻي صاحب مون کي جئه هند ڪاليج ۾ گهرائي ان خبر جو رد قد ٻنهي جي صحيحن سان موڪليو جو ڇپيو به .

جنگ جي دوران ۾ ڀارت ۾ سنڌي ڪلچر وڪاس ۾ هيڪاري اضافو ٿيو ، ڪلاڪار منڊل جا پروگرام وڌي ويا . البت مون انهن ۾ قومي ڀاونا ۽ ڀارت جي سرکشا وارا گيت ڏيڻ شروع ڪيا . ڪڪِي ريڊيو جي ٻنهي سنڌي ميوزڪ ڊائريڪٽرن بلو  . سي راڻي ۽ سِي – ارجن جي لاڏلي گائڪا هئي ، انهي ڪري مکيه شاعره جا قومي ترانا ڪڪيءَ ۽ ڪلاڪار منڊل کي ڳائڻ لاءِ ملي ويا . ڀارت ٻين فرنٽ طور راجسٿان مان سنڌ تي چڙهائي ڪئي . ڀارتي فوجون ميرپورخاص تائين وڃي پهتيون . سنڌ هند جي ڪن حلقن ۾ آزاد سنڌ جي سپني ساڪار ٿيڻ جا آثار نظر آيا پر جنگ ختم  ٿيڻ تي ڀارتي فوجون سنڌ پاڪستان لاءِ ڇڏي آيون . مون تن ڏينهن ۾ پلئه پارائڻ شروع ڪيو هو ، ”ايندڙ چيٽي چنڊ سنڌ ۾“ اِهو  پلئه ڪلاڪار منڊل جنگ پوري ٿيڻ بعد به هر پروگرام ۾ پائيندو رهيو .

ان دوران ۾ ئي اديبن جو اديب ، يارن جو يار ۽ پراون کي پنهنجو ڪندڙ سخن ور سڳن آهوجا رباني وٺي رمندو رهيو . هن زندگيءَ سان توڙ تائين نباهيو ، زندگيءَ هن سان توڙ نه نباهي .

1965ع- 66ع ۾ ڪلاڪار  منڊل جا سنگيت پروگرام جئپور کان ڪلڪتي ۽ دهليءَ کان شولاپور تائين الاهي شهرن ۾ ٿيا . مامتورا جي فراخدلي اِها رهي جو هن اسڪول مان موڪل ڏيڻ کان وس ورندي انڪار نه ڪيو . ها ، هُو ائين ضرور چوندو هو ، ” ڏسج ، تنهنجو سنڌيت جو ڦهلاءُ تنهنجي وديارٿين ڏانهن جوابداري ۾ ڪا ڪمي نٿو آڻي.“ مون سچ پچ ته وديارٿين  ڏانهن پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي . ايس . ايس . سي . وديارٿين لاءِ ته مان ايڪسٽرا پيئريڊ به وٺندو هوس ۽ ” زندگي – هڪ سفر “ طور مسلسل به ٿيڻ لڳي هئي ته  اَڻانگي به . ٽي آڏا ائوکا سفر منهنجي زندگيءَ ۽ نظريه جي سلسلي ۾ اهم رهيا . انهن تي ڪٿي نه ڪٿي اڳ لکيو اٿم . هت اُهي مختصر ۽ لازمي طور ڏيان ٿو .

جتي ڪلاڪار منڊل گرونانڪ جنم ، جهولي لعل جي ميلن ۽ ڪنور رام جي ورسين سان نت نيم سان نباهڻ لڳو هو ته تتي پنجواڻي صاحب ۽ ماسٽر چندر جي جنم دن پروگرامن ۾ به ڀيرو نه ڀڳو 1965ع جي 8 ڊسمبر باندرا ڪاليج جي هال ۾ چندر جي جنم دن اُتسو ۾ پروگرام ڏنوسين، 9 تاريخ شام جو الهه باد کان ڦري ڪلڪتي ويندڙ ميل ۾ اسان کي پٽنا ۾ گرو گوبند سنگهه جي جنم دن پروگرام لاءِ نڪرڻو هو. اِن وقت تائين سيڪنڊ ڪلاس سليپر رزرو ٿيڻ لڳا هئا . ٽڪيٽون مون وٽ  هيون ۽ مون ڪلاڪارن کي چيو هو، ”سڀ وي. ٽي. اسٽيشن تان چڙهنداسين .“ ٿيو ڪجهه ٻيءَ طرح . محبوب اسٽوڊيو ۾ ڪڪيءَ جي . ايس ڊي . برمنجي هڪ گيت ۾ ڪورس اينگهجي پيو . ٽئڪسي ۾ هن ۽ پنهنجو سامان کڻي مان وي . ٽيءَ ويس . ڪڪيءَ جي ڀاءَ  ايشور کي اسٽوڊيو ۾ لاٿم، اِن هدايت سان ته دادر کان فلاڻي سليپر ۾ چڙهجو، ٽرئفڪ جئن ۾ مان وي . ٽيءَ کان گاڏي نه پڪڙي سگهيس . سڀ ڪلاڪار دادر مان ئي چڙهيا . ٽڪيٽون مون وٽ ۽ نين ٽڪيٽن وٺڻ لاءِ پيسا ملائي ڪري سڀني وٽان نه نڪتا. هُو گيت ڳائي گهربل پيسا جوڙڻ جو سوچي ئي رهيا هئا جو ڪلڪتي جي هڪ سڄڻ ڪڪيءَ کي چيو“ مالهي پارٽيءَ جو ڪماري ناواڻي آهين نه . مون ڪالهه ماسٽر چندر جي جنم دن پروگرام ۾ اوهان کي ڏٺو . مان ٿو اوهان کي ٻه سئو رپيا ڏيان .“ ڪڪيءَ هن کان ٿورا مڃي پيسا به ورتا ۽ پيسن موٽائڻ لاءِ ائڊريس به ورتي . مون ڪافي ڀوڳيو . ٻئي ڏينهن هڪ سنڌي ڪنڊڪٽر مون کي اِٽارسيءَ تائين سٺي نموني وٺي ويو ، مانسڪ طور ڀوڳيم ، پوءِ به ڪنڊڪٽرن جي بي مروتيءَ ڪري جڳهيون ۽ گاڏا بدلائيندو پٽنا پهتس . ڪڪيءَ ڪپڙا اڌارا ورتا هئا ۽ ڪلاڪار منڊل هڪ پروگرام ڏنو به هو، اُهو پسند آيو هو، ڪڪيءَ منهنجي پٽنا پهچڻ تي سامت جو ساهه کنيو ۽ چيو، ”اسين پروگرام ۾ پاس ٿيا آهيون پر فرسٽ ڪلاس ۾ نه .“ منهنجي موجودگيءَ واري پروگرام جي رد عمل طور مکيه ميزبان ليلا رام وڇاڻي ، جو راڳ جو ڄاڻو هو، چيو، ”مالهي پهريون پروگرام هو، ٻيون جنسي جادو رهيو .“ گيتن جي چونڊ ۽ ادائگيءَ جي مهل بابت قدرت مون کي ڇهون حواس ڏنو ٿو ڏسجي، منڍ کان وٺي. مون اِن پروگرام تائين اهو تجربو پئي ڪيو جو ڪنهن به ڪلاڪار جونالو کڻڻ بنا هر پروگرام جي شروعات ۾ اعلان پئي ڪيو ته ”ڪلاڪار منڊل جا ڪلاڪار اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهن .“ ظاهر آهي ته مون منڊل کي ڪلاڪار مٿان ترجيح ٿي ڏني، بجا طور . پٽنا ۾ هڪ ڪلاڪار چيو، ”ڪلاڪارن جا نالا وٺندا ڪريو .“ مان آنا ڪاني ڪرڻ لڳس جو مون گروپ کي هر هڪ ڪلاڪار کان مٿي پئي سمجهيو . موٽندي جبلپور ۾ راڌا ڪرشن گرناڻي ۽ همراهه اسان جو اڳ جهلي بيٺا هئا، چئجي کڻي هڪ قسم جو گهيرائو ڪيائون. هنن هڪ ڏينهن جبلپور ۾ رهي پروگرام ڏيڻ لاءِ ستايو ،هنن ٻئي ڏينهن ساڳيءَ گاڏي ۾ سليپر رزرو ڪرائي ڏيڻ جو ذمو به کنيو، مون ڪلاڪارن کي لهڻ لاءِ چيو . سڀ ڪلاڪار لٿا پر ڪلاڪار ڄڻ ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي ويا. مذڪور ڪلاڪار ضد تي: ”ڪلاڪارن  جي واقفيت ڪرايو يا اسان پروگرام نه ڏينداسين .“ مان ڪڪي ۽ ايشور هڪ طرف ، سترام ٻن ٻاهين ۾ ۽ ٻيا ڪلاڪار ٻئي طرف . مون موقعي جي نزاڪت سمجهي موشو ڪيو ۽ سمجهوتو ڪيو، ” واقفيت نه ڏيندس ، ڪلاڪارن جا نالا کڻندس “ اُن ڏينهن کان مون پروگرام ۾ چوڻ شروع ڪيو، ” بمبئيءَ جي ڪلاڪار منڊل جا ڪلاڪار ڪماري ڀڳونتي ناواڻي، سترام روهڙا ، .....  ۽ .... اوهان سان اُتسئو ۾ هم شريڪ آهن .“ مون پنهنجو نالو ڪڏهن نه کنيو . اِن ڪري شروع ۾ ڪي ٻڌندڙ سترام کي مالهي ۽ مون کي سترام سمجهندا هئا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org