رتن
کتري ڏسڻ ۾ ٻالو ڀولو جوان هو ، سوٽ ڪوٽ تي ٺوڙهي
مٿي تي صافو ٻڌندو هو . هُو وچون ڀاءُ هو . وڏو
ڀاءُ ڏيٿو مل فلم پروڊيوسر هو . ڌرم ڪمار جي
ڊائريڪشن ۾ هن جي هندي فلم روڊ نمبر ٿري ناٽ ٿري
ڪافي ڪامياب ويئي هئي . رتن اُن ۾ ننڍو رول به ڪيو
هو .ننڍو ڀاءُ دولت مون وٽ هاءِ سڪول فار سنڌيز ۾
پڙهندو هو . مان هن کي ”خان“ ڪري سڏيندو هوس جو
گهر جو رئيسپڻو سڪول ۾ به کڻي ايندو هو . رتن جو
ڀائيٽو اوم به اسان جي سڪول ۾ پڙهندو هو . هُو
سانتيڪو هو . ”خان“ مون سان ئي سڌو هو . هڪ ڏينهن
هُو مون سان نه، ٻئي هڪ ماستر سان گستاخ ٿيو. مون
مار ڏيئي ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيومان ۽ چيومانس، ”جيسين
ڪو تنهنجو ڀاءُ مون سان نه گڏبو، تيسين مان تو کي
ڪلاس ۾ وهڻ نه ڏيندس .“ ٻئي ڏينهن مان پهرئين ماڙي
تي ڪلاس وٺي رهيو هوس جو ڪنهن اچي چيو، ”رتن کتري
اوهان سان ملڻ آيو آهي، هيٺ ورانڊي ۾ بيٺو آهي.“
مان ڇرڪي ويس، ”هن جو مون ۾ ڪهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو؟“
اُمالڪ ”خان“ جي يادگيري اچي ويم. رتن موڪليل
نياپي جي پوئواري ڪرڻ آيو هو! هو سوٽ ڪوٽ ۽ صافي ۾
هو. پيرين پئي گڏيو. نماڻائي سان چيائين، ”اوهان
جو ’خان‘ ننڍي ۾ ننڍي هجڻ ڪري لاڏ ڪوڏ سان پليو
آهي. برابر اڙٻنگ آهي. مهرباني ڪري هن کي ڪلاس ۾
وهڻ ڏيو . مارڻ يا بي ڪار ساز ڏيڻ اوهان جي
اختياري آهي. صرف رُلڻ پنڻ جو وجهه نه ڏيوس .“
ٻيون ڀيرو هُو مون کي رستي ويندي پرنسيز اسٽريٽ ۾
گڏيو . ساڳئي ادب ۽ فضيلت سان پيش آيو .
”مٽڪو“ ڪافي لوڪ پريه هو. ڏسڻا وائسڻا به ان جي
چڪر وڪڙ ۾ هئا . منهنجي بڪ اسٽال، بڪ لورس ڪارنرس
جي ڀر وارو سنڌي واچميڪر ته ”بڪِي“ يعني نمبر
وٺندڙ رهيو . ” بِڪي “ نقصان ۾ نه ويندو آهي پر هن
تي ڪا بري ويٺل هئي، هفتي اندر ايترو نقصان
پاتائين جو ”بان“ ڀري ڇڏيائين . هڪ ڀيري ڪاري ڊگي
چوغي ۾ ڏاڙهيءَ وارو شخص، قلندري ٽوپيءَ سان ”بڪ
لورس ڪارنر“ تي مون وٽ آيو . اُردوءَ ۾ چيائين،
”جناب ڪو به هڪ انگ چئو“ مون وراڻيو، ”درويش، تون
هڪ جي نائوڻ ڇا ڪندين؟“ هن جنسي ٻاڏايو، ”جناب چئو
ته ڪو به هڪ انگ“ اتفاق اهو ٿيو جو اُهو انگ نڪتو.
ٻيون به نڪتو، ٻيون به، چوٿون ڦري ويو. منهنجي
راهه ڏسڻ جا باوجود اُهو قلندري نه آيو. سمجهي ويس
ته لالچ ۾ پنهنجا پراوا الاهي پيسا ان نمبر تي
لڳائي وڃايا هوندائين. ورهين بعد لبرٽي سئنيما
واريءَ گهٽيءَ مان گذرندي انڪم ٽئڪس آفيس جي پٺيان
هڪ درويش جي روضي ٻاهر هُو گڏجي ويو. منهنجي اڳيان
گويا رستو روڪي بيٺو . مون سمجهيو، ڪجهه گهرندو.
هن تري کولي اڳيان وڌائي، ٿورا نوٽ هئا، اُن تي.
چيائين، ”جناب، مون پنهنجي نصيب ڪري هارايو . ٽي
ڀيرا اوهان جي نمبر کٽيو ، چوٿون مون ٻئي ڪنهن جي
ڏسڻ تي لڳايو هو . پهرين پرن ڪيو هوم ته اوهان جي
نمبرن جي ڪمائيءَ جو حصو اوهان کي ڏيندس .“ مون
چيو ، ” منهنجو حصو روضي جي پاسي ۾ ويٺل فقيرن ۾
ورهائي ڇڏي .“ مان تڪڙو اڳيان وڌي ويس . منهن ڦيري
پٺيان نه نهاريم . مون شڪر ڪيو ته هُو نمبر پڇڻ نه
آيو هو . ساڳئي وقت اِهو به نه سمجهي سگهيس ته
منهنجا ڏسيل نمبر صحيح نڪتا هئا ته به مون وٽ ڇو
ڪين آيو هو ؟
مون
ڇندواڙي ۾ ٽي پروگرام ڏيئي گهر پهتس ته راڌا ڪرشن
مڌيان جو خط پيو هو . مهينو پوءِ جي پروگرام جي
دعوت جو . هن ناٽڪ، نرتيه ۽ سنگيت جو پروگرام
گهريو هو . برو ميونسپالٽيءَ جو اوپن ايئر ٿئيٽر
بڪ ڪرائي ڇڏيو هئائين . هن کي هنديءَ ۾ پروگرام
کپندو هو . مون کي گويا هرکائڻ لاءِ لکيائين ،
ٿورا گيت ڀل سنڌيءَ ۾ ڏجو . هڪ ٻه نرتيه به ڀل
سنڌي گيتن تي هجن . سنڌ وارا ڏوهيڙا به هجن . باقي
ٻن ڪلاڪن جو پروگرام هنديءَ ۾ هجي . خرچ جو فڪر نه
ڪج ، ڪيترا به ڪلاڪار هجن ، ڀيٽا به سٺي
ڏيندوسانءِ . کاڌي پيتي جو انتظام تحسين جوڳو
هوندو . هن پيتي لفظ هيٺان ليڪ پاتي هئي . مون کي
دل ئي دل اندر کل اچي ويئي . هن جي نينڍ ۾ منهنجو
ايڏو چاهه نه هو جيترو مدن ۽ ايشور جو هو .
مدن
چيو ، ” اوهان کي ايترو اُتساهه نه آهي جو پروگرام
هنديءَ ۾ ڏيڻو آهي . اوهان اسان سان اِپٽا مان
نڪتا ئي سنڌي ڪلچرل کيتر کي وڌائڻ لاءِ آهيو . هن
سنڌي گيتن لاءِ به تي لکيو آهي . شروعات ۾ سنڌيءَ
کي اُڀارڻ لاءِ درشڪن سان ، خاص طور پرديشن جي
اندرين شهرن ۾ ، ڪو سمجهوتو ڪرڻو ئي پوندو ۽ ڪرڻ
به کپي .“
ايشور به هن سان سر ۾ سر ملائي چيو ، ” مان به
پروگرام کڻڻ جي فائدي ۾ آهيان . “
مون
ڪڪيءَ کان پڇيو . هن به چيو ، ” آڇ ٺڪرائڻ نه
کپي.“ پوءِ گويا منهنجي اهم – آپي کي هوا ڏيندي
مرڪي چيائين، ”اوهان ته چئلينج قبوليندا آهيو .“
مون
به اِهو پروگرام چئلينج ڪري کنيو .
چئلينج ٻٽو هو . پروگرام جي ترتيب جو ۽ گهڻو تڻو
سنڌي ڪلاڪارن معرفت هنديءَ ۾ پروگرام پيش ڪري
سنڌين ۾ ڪلا ۽ ڪلاڪارن بنسبت آتم وشواس جاڳارائڻ
جو . ٿوري ۾ اِهو چئلينج هو مون لاءِ هڪ آرگنائيزر
، هڪ هدايتڪار جو ۽ ٻنهي روپن جي ڪاميابيءَ جو .
مون
اِپٽا طرف ئِي نهاريو . ستين ڪپو کي ايڪانڪين –
”نمي“ ۽ ” گستاخي معاف “ ۾ ڪئريٽڪر ائڪٽر سيٺ جي
پارٽ ڪرڻ لاءِ مڃايو . هندي راڳن ڳائڻ لاءِ سنگيت
گروپ جي شيخ کي کنيو ۽ سمورو سنگيت ڪانو راءِ جي
حوالي ڪيو . هن ڪڪيءَ کي مڌو متي فلم جو هڪ سولو
گيت به سيکاريو ۽ شيخ سان ٻه دوگانا ڳائڻ لاءِ به
تيار ڪيو . هن پندرهن ڏينهن پڪا ريهرسل ڪرائي .
هندي ۾ انائونسر لاءِ مغني عباسي امروهيءَ کي چيم
، هُو منهنجي جڳهه تي بمبئي اِپٽا جو جنرل
سيڪريٽري بڻيو هو ۽ منهنجا ٻه ناول ، ” پکيئڙا “ ۽
” شرم ٻوٽي “ هنديءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا . اهي ڇپيا
به هئا . مڪنيءَ وري هڪ پروفيشنل غير سنڌي نرتڪي
وٺي ڏني ، جنهن سان هلڻ لاءِ هن جي ماءُ به تيار
ٿي ته هن جو پريمي به چنبڙيل رهيو . ڪلاڪار منڊل ۽
ناٽڪ ، سنگيت ڪلاڪار ، ننڍڙو رميش ، هن جو پيءُ
گلاب – سڀ ملائي مون سميت اڻويهن ڪلاڪارن جو اٽالو
احمد نگر روانو ٿيو . هن مهل تائين سڀ سفر اڻانگا
هئا، وڌيڪ اڻانگو هو ڇندواڙا جو ؛ احمد نگر جو اُن
کان وڌيڪ تڪليف وارو ٿيو . منجهند جو هتان مدراس
ايڪسپريس ۾ چڙهياسين، ڏهين بجي ڍونڍ پهتاسين. اُتي
چار ڪلاڪ احمد نگر ويندڙ گاڏيءَ جو انتظار ڪيوسين.
ڪلاڪارن جو انداز به گهڻو ۽ مهمان ڪلاڪارن جا انگل
به ڏکيا. پروفيشنل نرتڪيءَ، هن جي ماءُ ۽ هن جي
پريميءَ جي طلبن نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو، احمد نگر پهچڻ
کان اڳ ئي. ڍونڍ اسٽيشن تي ئي پنهنجي ساٿي سنڌي
ڪلاڪارن کي چيم، ”هن قسم جي ڪلچرل پروگرامن کان
مون توبهه ڪئي .“ ڦاٿي کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو؟
ڍئونڍ تي گاڏيءَ ۾ پروفيشنل نرتڪيءَ جي پريميءَ
آمهون سامهون مٿيون سامان رکڻ واريون برٿس پنهنجي
۽ نرڪتيءَ لاءِ پهريندي ئي والاري ڇڏيون . هڪ
هيٺين برٿ تي نرتڪيءَ جي ٿلهي متاري ماءُ سمهي
پيئي . جئن تيئن مغنيءَ هن کان پنهنجي لاءِ وهڻ جي
جڳهه ورتي . جئن تئن ڪڪيءَ ۽ گيتا لاءِ اڌ اڌ بينچ
جو آهلڻ لاءِ انتظام ڪيوسين . اُن ئي بينچ تي مان
ڪنڊ ۾ ويٺو رهيس . پريشاني ڪري کن به ننڊ ڪري نه
سگهيس . پندرهن ويهه ٻيڙيون ڇڪي ويس . سنڌي ڪلاڪار
سوڙهه سنگهوڙ ۾ ويٺا جهوٽا کائيندا هليا . ايترو
مڃڻو پوندو ته ستين ڪپو ۽ ڪانوراءِ ته ڪا دقت پيش
نه ڪئي . مڪمل سهڪار ڏنائون . شيخ به ڪا اڻ واجبي
طلب نه ڪئي .
ڇهه
بجي صبوح جا سياري ۾ رات جو ئي لڳا . اِن حالت ۾
به راڌا ڪرشن کير جهڙن اَڇن ڪپڙن ۾ هلٽ ماڻهن سان
احمد نگر ۾ اسان جي آجيان لاءِ اچي سهڙيو هو .جيپ
به آندي هئائين ۽ مني بس به .ر هڻ جو بندوبست
ميونسپل اوپن ايئر ٿئيٽر سان لاڳو چئن شاهي رومس ۾
ڪيوهئائين ، ٿئيٽر جي آفيس وارو ڪمرو ۽ گئريج به
اسان جي حوالي هئا . نرتڪي ، پريمي ۽ ماءُ پڇيو نه
ڳاڇيو وڃي آفيس واري ڪمري ۾ ديرو دمايو . ٿئيٽر
سان لاڳو ڪئنٽن ۽ سامهون مهيسري هوٽل وارن کي راڌا
ڪرشن هدايت ڪئي هئي ته جيڪي ڪي اسان مان ڪنهن کي
نه کپي ، ميسر ڪري ڏين ، صحِي ڪرڻ جي بندش به ڪانه
هئي. اِن سهولت جو فائدو نويڪلائيءَ ۾ نرتڪيءَ، هن
جي ماءُ ۽ ٻنهي کان وڌيڪ پريميءَ ڍئو تي ورتو .
پروگرام جا ذري گهٽ سڀ اسم ڪامياب رهيا – سنڌي ۽
مڪاني درشڪن ڀرپور تاڙين سان داد ڏنو، ور ور ڪري .
اِهو ذرو جو گهٽ ٿيو سو نرتڪيءَ جو ئِي هو . رميش
زناني ڊريس ۾ پنهنجي لوڏ ڌوڏ ۽ ناز و ادا سان هن
کان گوءِ کڻي ويو ۽ مان دل ئي دل ۾ خوش ٿيس . هاڻ
بيجا ۽ بيشمار طلبن کان ڇٽِي پوندس . ڪجهه دير
واقعي ٽنهي جي بولتي بند رهي ، سندن منهن به ملول
ٿي ويا ، پر پوءِ اُهي ئي لاٽون اُهي ئي چگهه .
راڌا
ڪرشن پروگرام هلندي ۽ اُن بعد ائين ڄڻ چوندو هجي ،
ڇڏ ته لڏان . هن جي فلڪ ۾ اضافو اچي ويو . الائي
گهڻا ڀيرا چيائين، ”مالهي، تو منهنجو منهن مٿي ڪيو
آهي، هتان جي سنڌين جو شان مان وڌايو آهي . مڃن ٿا
، سنڌين ۾ به ڪلا آهي ... “ ڪانو راءِ ، ستين ڪپو
، شيخ ۽ مغنيءَ جي مڪمل ساٿ بعد به اِها حقيقت هئي
ته سڀني سنڌي ڪلاڪارن پاڻ موکيو هو . ڪڪيءَ جي
ڪاميابيءَ کي هڪ کنڀ وڌيڪ لڳو هو .
اسٽيج هيٺ ، ڪرسيون گول ۾ رکي محفل شروع ٿي . راڌا
ڪرشن جي حالت اُها – هرڻي اڳيئي ڪڏڻِي ، ويتر
ٻڌوس گهنڊڻِي . پروگرام جي ڪاميابيءَ هن کي پر
ڏيئي ڇڏيا . دارون بنديءَ جون ڌڄيون اُڏيون ،
ميونسپل ٿئيٽر ۾ ، ظاهران ظهور . ميونسپل پريزيڊنٽ
، ميمبر ۽ آفيسر به شريڪ ٿيا . ناگپور ۾ گهٽ ۽ هت
وڌيڪ سمجهيم ته مهاراشٽريه ۾ دارون بندي صرف قاعدي
جي ڪتابن ۾ هئي يا قاعدي کان ڊڄندڙ شخصن لاءِ
هئي . اوپن ايئر ٿئيٽر جي منچ مٿان انگريزيءَ ۾
وڏا ٽي اکر لکيا هئا .
A – A B
M
مان احمد نگر ۽
M
مان ميونسپالٽي سمجهڻ ڏکيو نه هو . ”B“
جو مطلب ڇا آهي ؟ بي اختيار راڌا ڪرشن کان پڇيم ،
چيائين
A B M
جو
مطلب آهي اپني باپ ڪا مال . هڪ آفيسر چيو ، ” اِها
پربڀاشا سيٺ راڌا ڪرشن جي آهي . درحقيقت آهي احمد
نگر برو ميوسنپالٽي .“ راڌا ڪرشن چيو ” اکرن ۾ نه
اڙجو . کائو پيئو ڍوَ تي ، پرائو مال سمجهي .“ ۽
شيخ ڍئو ته پيتو . پر ڏوگهيو نرتڪيءَ جي ماءُ . هن
بڙبڙائڻ شروع ڪيو ، پهرين آهستي ، پوءِ ڏاڍيان .
اچي مٽي ڌيءَ جي پريمي تي . جيڪي ڪي هوند رواجي
طرح نه چئي سگهي ها ، اهو چئي ويئي ، ڪچين گارين
سان . مغني ، ستين ۽ شيخ هن کي جنسي کڻي ڪمري ۾
ڇڏي آيا . مون سچ پچ ڪن جي پاپڙين کي هٿ لاتو .
نرتڪيءَ ۽ هن جو پريمي پيئڻ کائڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ کي
ائين لڳي ويا ڄن ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو .
ٻئي
ڏينهن منجهند جو جنسي ناڻي جي ٿيلهيءَ سان هونءَ
کان وڌيڪ تيل ڦليل ڪري وڌيڪ چمڪندو راڌا ڪرشن آيو
. چيائين، ” جيڪي چوندين اُهو ڏيندوسانءِ“ مون کي
نر– اُتساهه ڏسي چيائين، ”دلجاءِ ڪر. ٻئي دفعي صرف
سنڌيءَ ۾ پروگرام رکندس ۽ اُهو مڪاني ماڻهن کي
ڏيکاريندس، فخر سان .“ مون مغني ۽ راجن کي اڳ ئي
چيو هو ته ڀاڙي، واٽ خرچ ۽ غير – سنڌي ڪلاڪارن
لاءِ اُجوري جو وچوروار چٺو ٺاهين .“ مغنيءَ اُهو
چٺو مون کي ڏيندي چيو، ” نرتڪيءَ پيسن تي کٽ پٽ ٿي
ڪري ، هن کان وڌيڪ هن جي ماءُ . منهنجو خيال آهي
ته هن جي پريميءَ جو ڀاڙو نه ڏيون ، حساب ٺيڪ ٿي
ويندو.“ اسان کي سُس پُس ڪندو ڏسي راڌا ڪرشن پري
کان ئي رڙ ڪئي ، ” ناراض ڪنهن کي به نه ڪجو . دعا
آهي ، مالڪ جي . “ مون مغنيءَ کي چيو، ” نه ڀاڙي
جا پيسا ڪٽ ۽ نه ناراض ڪر . ڏيندڙ جي شاهيءَ ۾
ڪنجوسائي ڪرڻ وارا اسين ڪير ؟ ها حد کان وڌيڪ اجوڳ
فائدو ڪنهن کي به نه ڏج .“
راڌا
ڪرشن سچ پچ وڏيءَ دل وارو هو . مون سان ۽ ڪڪيءَ
سان سچو سنيهه هوس . هن جي جيئري اسان ٽي ڀيرا ٻيا
به احمد نگر وياسين . هندي پروگرام بعد نج سنڌي
پروگرام لاءِ پوءِ ڪن سالن بعد ڪنور رام جي ورسيءَ
تي گهرارايائين . احمد نگر ئي هڪ اهڙو شهر هو جنهن
اِها ورسي اسان جي سهوليت ڪري ڏياريءَ بعد ملهائِي
۽ ملهائڻ جي ريت ٺاهي ڇڏي، نه ته ٻيون سڀ ورسيون
دسهڙي ۽ ڏياريءَ اندر ملهايون وينديون آهن. اُن
ورسيءَ جي پروگرام جي ٻئين ڏينهن جي آخرين پلئه
وقت ڪڪيءَ جي کليل ساڙهيءَ جي پلاند ۾ پنجن رپين
جو نوٽ وجهي چيائين، ”پلئه پاءِ ته مون کي پوٽيءَ
ڄمي .“ مان ۽ ڪڪي ٻئي حيران! ڌيءُ لاءِ، پوٽيءَ
لاءِ پهريون ڀيرو پلئه پائڻ جي ڳالهه نڪتي هئي.
”ماڻهو پٽ ئي گهرندا آهن، سندس گهر ئِي لٿل
هئاسين“ اُتي پڇيومانس، ”پوٽي ڇو؟“ چيائين، ”جئن
منهنجي ڪنڌ مان ڪلِي نڪري. جهڪان، نمان، ڏيڻائت
ٿيان ۽ هيٺيون پڙ بڻجان .“
۽
قدرت قادر جي . ٻن سالن اندر هن کي پوٽي ڄائي ، ان
وچ ۾ اسان پروفيشنل ٿيا هئاسين . پروگرامن جو
اُجورو وٺندا هئاسين . ٻه ڏينهن پروگرام رکيائين ،
هڪ ڏينهن شڪيلا بابو ڀوپاليءَ جي قواليءَ جو
پروگرام ۽ ٻئين ڏينهن اسان جو ، باس جي سر
انجاميءَ جو پروگرام . گهرايائين ٻنهي گروپن کي
ڊيلڪس بس ۾ سڌو ۽ رهايائين ، کارايائين پيئاريائين
ٻنهي ٽولين کي ساڳيءَ هوٽل ۾ . ۽ اُجوري ڏيڻ وقت
چيائين، ” جيڪي ڪِي قوالي پروگرام لاءِ ڏنو اٿم ،
اُهو ئي سنڌي پروگرام لاءِ ڏيندس . “ پوءِ دستوري
فلڪ سان کلي چيائين ، ” سنڌي ڪلاڪار هندي ڪلاڪارن
کان ڇا ۾ گهٽ آهن ؟ ڀڳونتي ته ڪنهن به حالت ۾
ڀوپاليءَ کان گهٽ نه آهي .“ وري ٽهڪ ڏيئي چيائين ،
”پلئه به ته ڀڳونتيءَ جو بحال ٿيو آهي نه ! ڪنڌ ۾
ڪلي وجهڻ واري ڪڪڙي جو بحال ٿيو آهي نه! ڪنڌ ۾ ڪلي
وجهڻ واري ڪڪڙي به ته هن جي آسيس سان آئي هئي .“
قواليءَ وارن کي مٺائي نه ڏني هئائين، اسان مان هر
هرڪ کي مٺائيءَ جا باڪس ڏنائين !
احمد
نگر ۾ پهريون هندي – سنڌي پروگرام ڏيئي بمبئيءَ ۾
پهچڻ جي هڪ هفتي اندر راجن چاولا چيو، ”مالهي، صرف
سنگيت پروگرام جو ساءُ سنڌو نگر جي ماڻهن کي به
چکائڻ کپي. تون سنڌو نگرن کي نئين سنڌ مڃيندو آهين
.“ هُو ان جو انتظام چوٿين نمبر ۾ هڪ سيڪنڊري
اسڪول جي ٽيريس تي ڪري آيو. ٽيريس کچا کچ ڀرجي
ويو، ليکڪ ته سڀ آيا، معتبر به آيا – راءِ صاحب
سيتلداس کيماڻي، سنت سنگهه اوچاڻي، منگهر مل ۽ ٻيا
. رات جو کاڌو به انهن معتبرن، مکيه ليکڪن ۽
ڪلاڪارن گڏجي کاڌو . اها منگهر مل جي دعوت رهي.
سنڌو نگر ۾ سنڌي سنگيت جي اها ڪاميابي مون لاءِ هڪ
قسم جو سرٽيفڪيٽ رهي ته سنگيت معرفت سنڌيت بچائي ۽
ڦهلائي سگهجي ٿي.
عجيب
اسٿتي بمبئيءَ ۽ ٻين وڏن نگرن ۾ پيدا ٿيڻ لڳي هئي
، اُن وقت، سنڌي ٻولي گهرن، سڪولن ۽وهنوار مان
تلانجلي حاصل ڪرڻ لڳي هئي، ففٽيز جي شروعات ۾
سنڌي، سنڌي سڏائڻ کان ئي عار ڪرڻ، پنهنجا نالا ۽
آڪاهيون بدلائڻ لڳا هئا؛ سڪسٽيز ۾ ليکڪن– ڪلاڪارن
جي الڳ الڳ ۽ گڏيل سرجوشيءَ سان سنڌين کي آتم
وشواس ته مليو ۽ هنن سنڌي سڏائڻ کان عار نه ڪيو.
آرٿڪ کيتر ۾ سنڌي ڪافي اڳتي وڌيا هئا. گاڏين ۾
ڪيلا ۽ کٽمٺڙا وڪڻڻ جي حالت ۽ فٽ پاٿ تي ويهي ڌنڌي
ڪرڻ کان هُو دڪانن جا مالڪ ۽ مارڪيٽن تي اثر وجهڻ
وارا ٿيا هئا . ڪپڙي، ڪرياني، مڃياري ۽ ميوي جي
واپار تي تيزيءَ سان سنڌي ڇانئجڻ لڳا هئا. بمبئيءَ
۾ ته هنن هڪ نئون ڌنڌو ايجاد ڪيو هو، اونرشپ فلئٽس
جو، ”نه ڀت تنهنجي، نه ڇت تنهنجي، پوءِ به جڳهه
تنهنجي .“ سنڌي ننڍن ننڍن هنرن ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ
جنبڻ لڳا. اهڙي خوشنما آرٿڪ حالت ۾ سنڌي، سنڌي
سڏائيندي به سنڌي ٻوليءَ سان ناتو ٽوڙڻ لڳا هئا.
ٻارن سان هنديءَ، غلط ئي سهين جو مرض وڌڻ لڳو هو ۽
کين ڪانوينٽ سڪولن ۾ ڀرتي ڪرائڻ آرٿڪ اُنتيءَ جو
ثبوت ليکجڻ لڳو هو . ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول
۾ درج ڪرائڻ جي هلچل به وسيع ٿيڻ لڳي هئي ته
اثردار به . جنسنگهه نيتا اٽل بهاري باجپاءِ ته
لوڪ سڀا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ آڻڻ جو
خانگي بل پيش به ڪيو هو؛ ۽ هڪ ميٽنگ ۾ پروفيسر
منگهارام ملڪاڻيءَ هڪ انديشو به ظاهر ڪيو هو: ”جئن
هڪ دروازي فردوسيءَ لاءِ سونين اشرفين جو انعام
پئي گهڙيو ته ٻئين دروازي فردوسيءَ لاءِ سونين
اشرفين جو انعام پئي گهڙيو ته ٻئين دروازي کان
فردوسيءَ جو لاش دفنائڻ لاءِ ٻاهر پئي نڪتو تئن
اَلا، ائين نه ٿئي جو سنڌي ٻولي ڀارتي وڌان جي
اٺين شيڊول ۾ داخل ٿئي ۽ سنڌي گهرن مان اُها نڪري
وڃي .“ اهڙي صورتحال جا ارڪان ظاهر ٿيڻ لڳا هئا .
شروع ۾ سنڌين کي سنڌي ٻوليءَ کان ڪترائڻ جو بهانو
لپيءَ جي لڦڙي ميسر ڪري ڏنو هو ، هاڻ واپاري ذهنيت
سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهائڻ کي ٻنجو ڏيئي رهي هئي ۽ سنڌي
ٻولي گهرن مان تڙجي رهي هئي ، هڪ فئشن بڻجي ،
سٽيٽس
(Status)
جي نالي ۾ !!
مون
من ئي من ” ر “ سان شروع ٿيندڙ شخصيتن کي داد ڏنو؛
رام پنجواڻي جنهن ” جهولڻ “ ۽ ” ڪنور “ جي ارد گرد
، پنهنجي راڳ ۽ اُن کان وڌيڪ پنهنجي چترزبانيءَ
سان ووڪل ڪلچر کي بچائڻ جو جتن ڪري رهيو هو، مسلسل
. ٻيون رتوڪ گهٽڪ هو جنهن مون کي، مدن، ايشور ۽
ڀڳونتيءَ کي اِپٽا جي هندي کيتر مان ڌڪي سنڌي کيتر
۾ اِن ووڪل ڪلچر جي ڦهلاءَ لا اُتساهت ڪيو هو . سڏ
جي پڙاڏي طور بمبئيءَ ، دهليءَ ، جئپور ، اجمير ،
احمد آباد ۽ ٻين شهرن ۽ بستين ۾ اِن ووڪل ڪلچر جا
محافظ ۽ مسيحا شخصن ۽ سنسٿائن طور وڌندا ٿي ويا .
سڀا
طرفان چيٽي چنڊ کي سنڌيت ڏينهن ملهائڻ جي به
شروعات ٿي ويئي ، بمبئيءَ ۾ لالسنگهه اجواڻيءَ جي
شايع هيٺ باندرا جي نيشنل ڪاليج جي احاطي ۾ شاهي
پئماني تي ته نه ، هزار ڏيڍ ٻڌندڙن اڳيان پهريون
دفعو 1962 جو چيٽي چنڊ – پهريون دفعو سنڌيت ڏينهن
ڪري ملهايو ويو . مکيه ڪلاڪار هئا – رام پنجواڻي
پارٽي سان ڪڪي سترام سان . ” سنڌ ۽ سنڌي “ ڏوهيڙن
اِن پروگرام ۾ به ٻڌندڙن کي ازحد متاثر ڪيو .
پنجواڻي صاحب ڪڪيءَ جي آواز ۽ اُن جي تاثير جي چڱي
ساراهه ڪئي ۽ اُميد (آسيس ) ڪئي ته هوءَ پنهنجي
آواز سان سنڌيت جي مشعال کي روشن رکڻ ۽ اُن جي
روشني ڦهلائڻ ۾ جئن پوءِ تئن وڌيڪ اثردار ٿيندي
رهندي. اُن بعد سنڌيت ڏينهن جا ميلا وڌيا – وڌندا
رهيا . انهن ميلن جا ڪامن فئڪٽر رهندا آيا -
پنجواڻي صاحب ۽ ڀڳونتي ناواڻي – پنهنجي پنهنجي
آخرين دم تائين . پنجواڻيءَ ته گويا پويون پساهه
به 1987ع جي چيٽي چنڊ ۾ کنيو . اِن کان پنج مهينا
پهرين ڀڳونتي ڪنور رام جي ورسين جي دوران ۾ راهه
رباني وٺي ويئي . چئجي کڻي هڪ سنڌيت جي شان جهولڻ
سان نباهيو ۽ ٻيءَ سنڌيت جي عيوضي ڪردار ڪنور سان
....
اُن
سمي هڪ ئي وقت مون لاءِ ۽ ڪلاڪار منڊل لاءِ ٻه
حالتون پيدا ٿيون . رميش ڄاڃاڻي وڌيڪ ۽ بهتر ناٽڪ
– سکيا لاءِ منهنجي صلاح سان ئي دهليءَ ۾ القاضيءَ
جي پرنسيپاليءَ هيٺ هلندڙ سول آف ڊراما ۾ ڀرتي ٿيو
. القاضي دهليءَ وڃڻ کان اڳ بمبئيءَ ۾ وارڊن روڊن
تي ڌيرو ڀائي انسٽيٽيوٽ انگريزي ناٽڪن جي ريهرسل
ڪندو هو ، ان انسٽيٽيوٽ ۾ اِپٽا جي ناٽڪ – سنگيت
جي به ريهرسل ٿيندي هئي . القاضيءَ سان منهنجي ڏيٺ
ويٺ اِن دوران ۾ ٿي هئي . رميش جي دهليءَ وڃڻ ڪري
منهنجو هيمون ڪالاڻيءَ تي لکيل ايڪانڪي، ”امر
شهيد“ سٽيج ٿيڻ کان رهجي ويو . ۽ اڄ تائين اُن کي
منچ ڪرڻ نصيب نه ٿيو آهي . ٻي حالت مون لاءِ
مشڪلات کڻي آئي – ”سنڌو ڌارا“ جي مالي سهائتا لاءِ
وئرائٽي پروگرام ۾ مون ڪڪي – سترام جي گيتن ڏيڻ
کانسواءِ ٻه ايڪانڪي ڏيڻ به قبوليا. مون هڪ اڳ ڪيل
ايڪانڪي ”نمي“ ڏيڻ چاهيو ۽ ٻيون نئون ”ناچو“، جو
لکيو ئي خاص اِن پروگرام لاءِ هوم . ريهرسل جي
دوران ۾ هڪ مکيه ڪلاڪار چيو، ”مالهي صاحب، منهنجي
شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون آهن، منهنجو هئڻهار
سهرو چوي ٿو، ”هڪ ناٽڪيءَ کي مان ڌيءُ ڪيئن ڏيان“
ٻنهي ايڪانڪين لاءِ منهنجي جڳهه تي ٻيو ڪو ائڪٽر
کڻو .“ شو ۾ صرف ڏهه ڏينهن باقي هئا . مان بلڪل
مونجهاري ۾ اچي ويس . مون اُن ڪلاڪار کي سمجهايو ،
” کنيل پروگرام نڀاءِ ، پوءِ ڏسنداسين . هُو هڪ تي
ٿي بيٺو ، تنو اکر واري ويٺو ، هن جا ٻنهي
ايڪانڪين ۾ اهم ۽ وڏا پارٽ هئا . مون ” گستاخي
معاف “ ۾ ليکڪ جي پارٽ جي ريهرسل پئي ڪئي . مون
لاءِ اهم ڪئريڪٽر ائڪٽنگ ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه
نه هئي . همت ٻڌي هن جي ڪردارن جي ريهرسل ڪئي
.منهنجا ساٿي اداڪار منهنجي اڳيان ته نه ، منهنجي
پرپٺ هڪٻئي کي منهنجي اداڪاريءَ جي قابليت تي راءِ
زني ڪرڻ لڳا . پنهنجي سر به سمجهي رهيو هوس ته مان
ڪردارن سان نباهڻ کان قاصر هوس . ساٿي ڪردارن کي
چوڻ شروع ڪيم ، ” مون کي به پڪ اٿم ته مان ڪردارن
سان نباهي نه رهيو آهيان پر هڪ آٿت اٿم ته ڇاڪاڻ
ته ايڪانڪي منهنجا لکيل آهن ۽ منهنجي هدايتڪاريءَ
هيٺ پيش ٿي رهيا آهن، درشڪ سهانڀوٽيءَ جي نظر سان
ڏسندا ۽ ڪي شايد ائين به سمجهن ته صحيح ڪردارنگاري
اها ئي آهي جا مان پنهنجي ائڪٽنگ ذريعي جتائي رهيو
آهيان . ڏينهن گذرڻ سان منهنجي من جي پريشاني
وڌندي رهي . پنهنجي ۽ پروگرام جي قسمت زور سمجهيم
جو پروگرام ٿيڻ ۾ ٽي ڏينهن پيا هئا جو مذڪوره
ڪلاڪار ريهرسل روم ۾ هليو آيو . چيائين ،” منهنجي
مائٽيءَ جون ڳالهيون ، في الحال ته پسي پيون . مان
اداڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان .“ مون چوڻ چاهيو ، ”
يُو آر موسٽ ويلڪم “ چيم ” جيڪا تنهنجي مرضي .“
”ناچو“ سواهه ڪرڻو پيو، اُن بدران اڳ ڪيل ايڪانڪي
ڪيو؛ ”ناچو“ اُن بعد وري نه ٿيو . پروگرام
ڪاميابيءَ سان ٿي گذريا، مگر ڪلاڪار جي روش ڪري جا
منهنجي من کي چوٽ رسي هئي ، اُن جي پيڙا مون سان
ساڻ رهي . تنهن سواءِ ووڪل ڪلچر کي عوامي سطح تي
ڦهلائڻ لاءِ سنگيت سولو ۽ وسيع طريقو نظر آيم . نه
منچ جي محتاجي، نه سامگريءَ جي ضرورت، نه سيٽنگ ۽
لائيٽنگ جو جهنجهٽ؛ ٻه صندل، ٻه مائيڪ ۽ کليو پڌر
. ڪڪيءَ جي آواز ۽ اُن جي وڌندڙ لوڪپريتا، هن جي
صداقت ۽ مڃتا به مون کي سنگيت معرفت متوج ٿيڻ لاءِ
آماده ڪيو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ اِن حقيقت به مون کي
پرڀاوت ڪيو هو ته ناٽڪ کي اوڄ ڏيڻ لاءِ سنڌو ڪلا
مندر به قائم ٿي چڪو هو، جنهن طويل ناٽڪ ”انڊر
سيڪريٽري“ ناڪاميابي اسٽيج تي آندو هو . ڀڏي
آڏواڻيءَ، ايس . پِي . مينگهاڻيءَ ۽ موتِي پرڪاش
جي ارد گرد به ناٽڪ کي اوڄ ڏيڻ وارا همراهه جمع
ٿِي رهيا هئا . ناٽڪ نئين سر ويچارو بڻجڻ وارو نه
هو . ايڪانڪيءَ کان طويل ناٽڪ تائين پهچڻ سان ناٽڪ
ياترا هيڪاري هڪ اهم سنگ ميل طيءِ ڪيو هو ۽ خود
مون ناٽڪ جڳت کي الوداع نه ڪئي هئي . |