ڪتاب بابت...
ٻه
ٽي راتيون جي ناگپور ۾ هئاسين، چيجن واسواڻيءَ ۽
هن جي همراهن ڌنوٽي هال جي گرين روم ۾ ڊراڪشا سوڍا
۾ ائين پيئاري گويا وسڪي پيئاري رهياهئا. مهاراشٽر
۾ سڄو ڊراءِ هو. مون زندگيءَ ۾ وسڪي اڃا تائين نه
چکي هئي. ڀارت ۾ ته بيئر به اکئين نه ڏٺو هو.
اُن
سال يعني 1960ع ۾ اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن
گانڌيڌام ۾ ٿيو، اُن ۾ باقاعده اکل ڀارت سنڌي ٻولي
۽ ساهتيه سڀا جڙي ۽ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي اُن
جو پهريون پريزيڊنٽ ۽ اُتم اُن جو پهريون جنرل
سيڪريٽري چونڊيو ويو. مون اِن سميلن ۾ شرڪت نه
ڪئي. مون اُميد رکي هئي ته ناگپور سميلن ۾ ڪامياب
ناٽڪ پيش ڪرڻ ۽ سنڌي ناٽڪ جڳت ۾ جاءِ جوڙي وٺڻ بعد
مون کي سميلن ۾ ناٽڪ پيش ڪرڻ جي دعوت ملندي. اِن
وچ ۾ ڪڪي ريڊيو سنگر به بڻي هئي ته لوڪ پريه به
ٿيڻ لڳي هئي . مون هن کي به دعوت ملڻ جي اُميد رکي
هئي. پر سميلن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو ڪارڻ هروڀرو اهي
دعوتون نه ملڻ نه هو. مون سڪول مان پروگرامن سانگي
گسايو هو، ويتر مامتورا صاحب اڻ سڌيءَ طرح منهنجي
وڌيڪ گسائڻ تي پابندي وجهي ڇڏي هئي. ماسترن
ماسترياڻين جي هڪ ميٽنگ ۾ هن چيو، ” پرلمنري
امتحان ويجها آهن. پاڻ وٽ ڏڏ وديارٿي آهن ، ان ڪري
يارهين درجي کي پڙهائيندڙ ماسترن ۽ ماسترياڻين کي
سڪول کان ٻاهر جي مشغولين کي پاسيرو رکي سمورو
ڌيان وديارٿين طرف ڏيڻ کپي .“ ۽ سڪول کان ٻاهر
مشغوليون صرف مون کي هِيون ! سميلن کان چار پنج
ڏينهن اول هري دلگير جي، آجيان سڀا جي جنرل
سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ تار آئِي، ”ڀڳونتي ناواڻيءَ
کي سميلن ۾ وٺي اچ.“ اصل نه کان دير بهتر . جي اها
تار هفتو ڏيڍ اڃا به اڳ اچي ها ته مان مامتورا جو
موڊ ڏسي هن کان ٻن ٽن ڏينهن جي موڪل منظور ڪرائي
ئي وٺان ها .
مان
سمجهان ٿو، مان سڀا جي پهرين ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي
به نه کنيو ويو هوس.
”
سنڌو ڌارا “ جي سملين پرچي ۾ مون پنهنجي ليک ۾ اکل
ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن کان اڳ پرديشڪ يا مڪاني
سطح تي سميلن ڪوٺائڻ جي تجويز ڏني هئي، جئن ايڪتا
جي ڀاونا مڪاني ۽ پرديشڪ سطح تي پڪي پختي ٿئي ۽
اکل ڀارت سطح واري سميلن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ۽ مسئلن
جي ڇنڊ ڇاڻ بهتر ٿئي. مون اُن ئي ليک ۾ چيٽي چنڊ
کي سنڌيت ڏينهن ڪري ملهائڻ جي ڀلامڻ به ڪئي هئي.
گانڌيڌام سميلن ۾ چيٽي چنڊ سنڌيت ڏينهن ڪري ملهائڻ
جو ذڪر نڪتو پر اهڙو ٺهراءُ سڀا جي باقاعدي ٺهي
وڃڻ عبد سڀا جي دهليءَ واري ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾
پاس ڪيو ويو. اِن وچ ۾ 1961ع ۾ چيٽي چنڊ ٿي گذريو
هو.
اِن
مهل تائين چيٽي چنڊ وڪرم سنبت انوسار نئين سال جو
پهريون ڏينهن ڪري ملهائبو هو ۽ نئين سال جي شڀ
ڪامنائن جي اوٽ موٽ ٿيندي هئي . گهڻا سنڌي واپاري
اِن ڏينهن کان حساب ڪتاب جا نوان چئوپڙا رکندا هئا
. سنڌ ۾ ڌرمي لحاظ جا اُپاسڪ شيوڪ، اِهي لعل جا
شيوڪ هند ۾ . چيٽي چنڊ کي نئين سال جي پهرئين
ڏينهن کانسواءِ اُڏيري لعل جو جنم دن طور به وڏو
ڏينهن ڪري ملهائيندا هئا. پروفيسر رام پنجواڻي
جهول لعل کي سنڌين جو اشٽ ديو ، سنڌين ۾ ايڪتا جو
نشان بڻايو ۽ هڪ قسم جو منتر – نعرو ڏنو ” جهولي
لعل - ٻيڙا ئي پار.“ سنڌي سنسڪرتي يعني سنڌين جي
سمورين خصوصيتن ادي ڄيٺمل جنهن کي سنڌيت سڏيو ،
تنهن جي حفاظت ، پردرشن ۽ ڦهلاءَ جو نشان ، سنڌيت
ڏينهن سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا بڻايو ۽ مڃايو . سڀا
جو اهو وڙ - شرف مڃڻ مراد آهي . چيٽي چنڊ جو انداز
، مقدار ۽ مهتَو اُن بعد ئي وڌيو ، اڄ توڻي وڌندو
رهيو آهي .
پنجواڻي صاحب نه صرف جهولي لعل جي ميلن کي اوڄ ڏني
بلڪه ڪنور رام جي ورسين کي سروُجنڪ روپ ڏيڻ ۾ به
چڱو يوگدان ڏنو. ڀڳت ڪنور پنهنجي جيئري ڪنور ئي
رهيو ، نه هن ڪنور رام سڏايو ۽ نه ڪنهن هن کي سڏيو
. ڀارت ۾ به ساهتيه اڪادمي انعام کٽندڙ ڪتاب جو
عنوان صرف ڪنور آهي ، ڪنور رام نه . ميلن
مچائيندڙن هن کي ڪنور رام به ڪوٺيو ته اڳيان امر
شهيد ۽ پٺيان صاحب جي صفت به جوڙي . ڪنور ، ڪنور
ئي آهي . ۽ ڀڳت ڪنور تي سئو في صدي سنڌيت جو عيوضي
ڪردار آهي . شروع شروع ۾ ڪنور – ڪنور رام جا ٻه
ميلا لڳندا هئا . اجمير ۽ ناگپور . انهن ميلن جون
تاريخون ساڳيون نه ، هڪٻئي پٺيان هيون . ان ڪري
پنجواڻي صاحب ٻنهي ميلن ۾ موج مچائيندو هو ، ڪنور
رام جيان ڇير جامو پائي . ميلن جو انداز وڌڻ لڳو.
جئن ته 1939ع ۾ ڪنور رام جي شهادت دسهڙي ۽ ڏياريءَ
وچ ۾ ٿي هئي . ورسين جا ميلا به ان عرصي اندر الڳ
الڳ تٿين – تاريخن تي ٿيڻ لڳا جيئن مکيه گائڪن ۽
ڀڳتن جي ميلي ۾ شرڪت ممڪن ٿي سگهي . پنجواڻي صاحب
کي هر ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملڻ لڳي . ۽ جيئن
ته پنجواڻي صاحب ’نه ‘ ڪرڻ نه سکيو هو ، ’ ها ‘
ڪرڻ بعد اِن ’ ها ‘ سان نباهڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مان
ڦري اڪثر ناممڪن ٿيڻ لڳو .
1961ع جي ناگپور ورسيءَ ۾ ٻه هفتا پيا هئا جو
پنجواڻي صاحب پنهنجي لاچاري ميلي جي ڪارپردازن
پهچائي . ڪارپرداز پريشان ٿي ويا. هنن چيجن
واسواڻيءَ تي زوربار آندو ته هُو مون کي ميلي ۾ ٻن
راتين لاءِ صرف سنگيت ڏيڻ لاءِ مڃائي . ۽ چين مون
تي زور بار آندو ئي . هن جو ٻيو به مقصد هو ، اِن
۾ . ناگپور ميلي ۾ منهنجي گروپ جي ڪاميابي مون کي
ساري ڀارت ۾ لوڪ پريتا جا دروازا کولي ڏيندي . پر
ڪاميابي سٿري چيز نه هئي . سڄي ودرڀ جا سنڌي ان
ميلي ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ ميلو ڏيئن ٻرڻ جي مهل کان
وٺي سج اُڀرڻ تائين هلندو هو . مکيه ڪلاڪار يا
گروپ کي اهو ميلو يارنهين ۽ ٽين بجي رات وچ ۾
جهلڻو پوندو هو. ڏهن ٻارنهن هزارن ٻڌندڙن کي به
ڪلاڪ جهلي وهارڻ ئي مقبوليت جو ثبوت هو . اِن وقت
تائين ٻه ڪلاڪار ئي ميلي ۾ مقبوليت جي چوٽيءَ تي
هئا . هڪ پنجواڻي صاحب ، ٻيو غير سنڌي هندي ڪٿا
واچڪ ۽ گائڪ جگنناٿ پهاڙي ۽ شروعات ۾ مليل ٻڌندڙن
جي انداز ۾ ڪوتاهي ناڪاميابيءَ جو اهڃاڻ ليکيو
ويندو هو .
انهن
حقيقتن جي سڌ مون کي به پوءِ پيئي . مون کي ته
چيجن جي دعوتي خط ئي منجهائي ڇڏيو هو .هن لکيو هو
”هيءَ مردن جو ميدان آهي ،ڪڪِي ڀڳونتي ناواڻي
اڪيليءَ جي جاءِ نه آهي . ڪو سڻو پرو مرد – ڪلاڪار
به آڻجو . پوري تياري ڪري اچجو پر اچجو ضرور .
اسان جي عزت جو سوال آهي . مون ۽ منهنجي همراهن
اوهان طرفان ڪارپردازن کي پڪ ڏئي ڇڏي آهي .“
مان
خط پڙهي سراپجي ويس . ايشور ، مدن ، رميش ۽ راجن
سان صلاح ڪيم ، هُو به ڇرڪي ويا . جنڊ کڻ نه جنڊ
ڳورو ، پڙکڻ ته پڙ ڳورو . دوستن جي ڪامياب سميلن
ڪيو هو ، ساهتيه ۽ تعليم کي اوڄ ڏني هئي ۽ منهنجا
خير خواهه هئا . کين ناراض ڪرڻ ڏکيو هو ۽ ان کان
وڌيڪ ڏکيو هو ڪامياب پروگرام ڏيڻ . مان شش و پنج ۾
پئجي ويس . ۽ فيصلو ڏينهن اڌ ۾ ڪرڻو هو – پنهنجي
خواهه ڪارپردازن جي لحاظ کان .
ڪڪيءَ سان ڳالهه نه ڪيم پر سڻس هن کي پئجي ئي ويئي
. اڪيلائيءَ ۾ چيائين، ” اوهان جي دوستن اوهان
طرفان پڪ ڏني آهي، هاڻي ڪترائيندا ڪيئن؟ اوهان
للڪارکان لاٽار ڪرڻ تي هريل آهيو؟ سهين ؟ مون تي
هنن جو ڀروسو آهي به، ناهي به. پر هنن جو اوهان ۾
ته پورن ڀروسو آهي . پروگرام کڻڻ کپي . هڪ گائڪ
ڇوڪري جو ڏس مان ٿي ڏيانوَ . تازو ريڊيو تي هن جي
۽ منهنجي رڪارڊنگ گڏ هئي . نالو سترام روهڙا اٿس،
موتِي پرڪاش جي اسڪول ۾ پڙهندو آهي. سادو مگر
هئڻهار گائڪ آهي. ڪريو توڪل، ٿيندا ٻيڙا پار.“ ۽
لوڪ پريه ٿيندڙ مرڪ مرڪي چيائين، ”نه ؟“ مون توڪل
جو ترهو ٻڌو .مدن جماڻيءَ منهنجو ڪي . سِي . موهن
(موهن ڇاٻڙيا ) ۽ ڀڳوان چاولا ڏانهن ڌيان ڇڪايو.
موهن مڪمل سهڪار جي خاطري ڏني ۽ هن معرفت ڀڳوان
راضي ٿيو، موتيءَ سترام ميسر ڪري ڏنو. سترام وري
پنهنجو دوست اشوڪ رتيشور آندو. هارمونيم سميت.
ڪڪيءَ جي ڀيڻويي بگلو ( ڀڳوان ) ميرچنداڻيءَ چيو،
”مالهي صاحب، هڪ ڊانسر ڇوڪرو کپيوَ ؟ آهي ننڍڙو پر
لچڪ واهه جو اٿس .“ مون چيو، ”ماشاءَ الله“ مشڪل
آسان ٿي وئي ، توڪل جي ترهي ٻڌڻ سان .
مون
اِهو طئه ڪري ڇڏيو ته مان سنگيت کيتر ۾ گهڙان ٿو
ته ان مان ڪو مقصد سڌ ٿيڻ کپي، اسٽيج تي سنگيت صرف
ڀڄنن ۽ ڪلامن تائين محدود ٿيڻ نه کپي. ان کي ڀنتا
۽ وشالتا ملڻ کپي. زندگيءَ سنگيت وچ ۾ سٻنڌ واضح
ٿيڻ کپي، پوري گوناگونيت وئرائٽي!
منهنجي ذهن ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ئي گذريل هڪ ڪلچرل
پروگرام تازو ٿي ويو. نيشنل ڪاليج ۾ ڪماري پوپٽي
هيراننداڻيءَ سنگيت روپڪ، ” سنڌي شادي “ منچ تي
پيش ڪيو هو، ان جي تياري ڪندي پوپٽيءَ مون کان
پڇيو هو ، ڀڳونتي ساکيون ۽ لاڏا ڳائيندا؟“ مون ٺهه
پهه وراڻيو هو، ” ڇو ڪين ڳائيندي ؟“ سنڌي شاديءَ
جي پس منظر ۾ هن ساکيون پيش ڪيون هيون، مردانو
آواز هن پاڻ ڏنو هو ۽ زنانو ڪڪيءَ . ڪڪيءَ ٿورا
لاڏا به ڳاتا هئا . مون اهي لاڏا ۽ ساکيون ناگپور
پروگرام ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو . اهو به طئه ڪري
ورتم ته پروگرام ۾ سولو گيت – ڪلام هوندا . دوگانا
هوندا ۽ ڪورس گيت هوندا. ڪورس گيت اِپٽا جي طور
طريقي تي هوندا. ناٽڪ کي الوداع ڪرڻ جو ويچار سپني
۾ به مون کي اُن وقت نه آيو . ناٽڪ به ٿيندا
رهندا، پنهنجي سر يا وئرائٽي پروگرامن جو حصو بڻجي
.
ڪي .
جي . کلناڻي هاءِ اسڪول دادر ۾ ريهرسل شروع ٿي وئي
. ڪڪيءَ ۽ سترام کي ڪرشن راهيءَ جا ڏهيڙا ڏنم . ”
سنڌ ۽ سنڌي “ . انهن کي بنا تال تي سر ۾ ڳائڻ جو
طريقو راهيءَ پاڻ هنن کي سيکاريو . پڇاڙيءَ واري
ڏوهيڙن کي مون ٻنهي واتان ڳارائڻ جي صلاح ڏني.
ڀڳوان وٽ به اُن وقت جي لحاظ کان چڱو مصالحو هو.
هُو سالن جا سال شوي رامناڻيءَ سان رهيو هو . مون
ريهرسل ۾ ساکيون ٻڌيون ته چيم، ” پوئين سِٽ جي
پوئين اڌ کي تال ڏجي ته جيڪر ڪيئن لڳي” سچ پچ اِهو
تال سوني تي سهاڳو ٿي پيو . موهن ننڍڙي ڊانسر
نينگر رميش ميرچنداڻيءَ لاءِ صلاح ڏني ته هن کي
ڇوڪريءَ جي ويس ۾ پيش ڪجي. هن جي لچڪ ڌچڪ به زناني
هئي. موهن هن کي شاهه جي ان ڪلامن ۾ ٻن لاڏن تي
ڊانس ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. رميش ڄاڃاڻيءَ ريهرسل جي
دوران ۾ چيو ”مان من ڪبوتر، سٺيءَ طرح ڳائي
ڄاڻان.“ اُمالڪ مٽڪو کڻي ويٺو. مون کي چيو. سترام
ڌڪڙ سٺا وڄائيندو هو ، ناگپور پروگرامن لاءِ ڌوڪڙي
هن کي ڪيوسين .
پروگرامن ٻن ڏينهن لاءِ قبوليا هئا، تياري ٽن
ڏينهن جي پروگرامن جي ڪري وياسين . اِهو به طئه
ڪيوسين ته اسمن جي چونڊ ۽ پيش ڪرڻ جي مهل مان
فيصلو ڪندس، ڪامينٽري موهن ڇاٻڙيا جي رهندي .
اِنڊين پيپلس ٿئيٽر ائسوسئيشن جي مهارئين آر . ايم
. سنگهه ۽ ڪانو گهوش کان پرايل سکيا ته ” هر اسٽيج
پروگرام کي هوم ورڪ ، ريهرسل جي ضرورت پوندي آهي .
ڀل ساڳيا ناٽڪ ۽ ساڳيا اسم سنگيت هجن ، ريهرسل اِز
اي مسٽ ، “ تي مان منڍ کان ئي محڪم رهيس . مدن ،
ايشور ۽ ڪڪيءَ به اِپٽا مان اچڻ ڪري سنڌ ناٽڪ –
سنگيت کيترن ۾ ريهرسل بابت مون کي از حد ساٿ ۽
سهڪار ڏنو . موهن ڇاٻڙيا به ريهرسل جي اهميت کي
سمجهيو ۽ مڪمل سهڪار ڪيو . پروگرام کان اڳ ، ان جي
ريهرسل ڪرڻ جي ريت به ناگپور پروگرامن ۾ جُڙي .
ڏينهن جو ريهرسل ۽ رات جو پروگرام هڪ دستور بڻجي
پيو .
مان
ڪلاڪارن جو ڪٽڪ ساڻ ڪري ناگپور پهتس، ريگيولر
ڪلاڪارن مان ناٽڪ ڪلاڪارن مدن ، راجن ۽ گيتا نه
هليا ، اسٽيشن تي لهندي ئي چيجن واسواڻيءَ پاسيرو
ڪري چيو ، ” ورسي ۾ اوهان جو پروگرام رات جو
يارنهين کان هڪ تائين آهي ، رعايت طور ، ان کان اڳ
نه رواجي سيکڙاٽ ڪلاڪار ڳائيندا آهن . ان کان اڳ
ڌرمشالا جي ٽيريس تي ڇهين کان اٺين بجي تائين سئو
ڏيڍ خاص دعوتين لاءِ اوهان جو پروگرام طئه ڪيو
اٿئون .“
مان
من ئي من ۾ باهوڙجي ويس ؛ جيءَ ۾ آيم ته چئي
ڏيانس، ” اوهان ڪير ٿيندا آهيو اسان مٿان فيصلا
مڙهڻ وارا ...“ ڪڪيءَ منهنجي من جي حالت ڀانپي مون
کي چپ رهڻ جو اشارو ڪيو مان غم کائي ويس ، موهن کي
ٻڌايم . چيائين ، ” مالهي صاحب ، ٻنهي پروگرامن کي
منهن ڏينداسين .“
موهن
مهل جو ماڻهو هو ، هر طرح ، اسان اٺين بجي صبوح
ڌاري رهائش جي جڳهه ، چيجن جي بنگلي تي پهتاسين ۽
يارنهين کان منجهند جو ٻين بجي تائين باجو ، طبلا
، گهنگهرو ۽ آواز گونجندا رهيا . مون ٽن ڏينهن
لاءِ تيار ڪيل اسمن مان ٻن ڪلاڪن لاءِ چونڊ
گوناگون اسم چونڊيا.
شام
جو سوائين ڇهين بجي پهريون پروگرام شروع ڪيوسين .
مون اسمن جي نمبر وار لسٽ ٺاهي موهن جي هٿ ۾ پهرين
ئي ٿمائي ڇڏي هئي . مان اسٽيج جي پرينءَ ڪنڊ ۾
ويٺو امتحان جو نتيجو جاچڻ لڳس ، ڌڙڪندڙ دل سان .
ٻه سئو کن درشڪ هئا . اڌ کان وڌيڪ اڳ نه ڏٺل ، اڌ
ڪلاڪ اندر سامت جو ساهه کنيم . ڪلاڪارن جي صداقت ،
محنت ، لگن ۽ ٽيم ورڪ ميدان ماري ورتو هو ، درشڪ
ٻن ڪلاڪن جي لاڳيتي پروگرام بعد به اتساهه سان
وڌيڪ پروگرام لاءِ ترسيا. مون موهن کي ” جهولي لعل
“ چوائڻ جو اشارو ڪيو ، اِهو اڳ ئي طئه ڪيو هيوسين
ته هر پروگرام پنجواڻي صاحب جي تراني ، ” جهولي
جهولي جهلي لعل“ سان پورو ڪنداسين . اِهو پروگرام
جي پوري ٿيڻ جو اهڃاڻ - چتاءُ بڻجي پيو ، اڳتي هلي
. چيجن کي ان جي ريهرسل ۾ ڄاڻ پيئي هئي. چيائين ،
” پروگرام جاري رکو ، ناميارا شخص ۽ سندن استريون
آهن، اُهي ورسيءَ ۾ ايندا ئي نه آهن ... “ مون چيو
مانس ” ميلو متل ڇڏڻ کپي ۽ سنگيت جي اُڃ اڌوري
پوري ٿيڻ کپي . تنهن سواءِ مکيه پروگرم لاءِ
ويساهين ۽ گلن کي آرام به ته کپي .“
وچ
وارا ڪلاڪ وري به چيجن جي گهر موٽي آياسين. اوچتو
بوتل ۽ گلاس اچي ويا ڪمري ۾ . چيجن مون وٽ آيو
گويا ڪن ۾ چيائين، ”مالهي صاحب، مردانو ميلو،
مرداني نموني نڀائڻ کپي. گوَئيا به پِي ڪري
ڳائيندا آهن. چڪڙي تون به وٺ، ڪلاڪارن کي به
وٺراءِ ، ڪڪيءَ کي به برئنڊيءَ ذري ڏي. پوءِ ميدان
۾ هلي ڏس رنگيءَ جا رنگ“
مان
رنگيءَ جي رنگن ڏسڻ لاءِ پاڻ کي مڃائي ٿي سگهيس پر
دارونءَ جا رنگ ڏسڻ لاءِ پاڻ کي مڃائڻ چاهيم ئِي
ڪونه. ڏاڍيان چيم، ”سڀني کي چانهه جي هڪ هڪ پيالي
پيئار . پوءِ هلي ڏسج چانهه جي اثر جو رنگ، مون
پاڻ سان گوَئيا ڪو نه آندا آهن . آڻيان ها ته هنن
کي به پروگرام کان اڳ پيئڻ نه ڏيان ها .“
ساڍي
ڏهين بجي نئين سر تيار ٿي اچي ميدان ۾ پهتاسين .
ٻڌندڙن جي انداز بابت منهنجو اندازو هو ته چار پنج
هزار ٿيندا . ظاهر هو ته ماڻهن جو ڪلاڪار منڊل جي
ڪٽڪ ڪلاڪارن ۾ هڪ پنجواڻي جهڙو وشواس نه هو .
ڪنور
رام جي آدم قد کان به شاهي پتلي اڳيان هڪ ٻئي
پٺيان هٿ جوڙي نمندا ڪافي لنبي چوڙي اسٽيج طرف
وڌياسين. مان منچ جي پرينءَ ڪنڊ وٽ ويهي ويس. مون
پروگرام جي ترتيب وارو ڪاغذ موهن کي اڳ ئي ڏيئي
ڇڏيو هو. هيترا سارا ڪلاڪار هڪ ئي وقت ناگپور ميلي
۾ اسٽيج تي پهريون دفعو آيا هئا . ۽ پهريون دفعو
ڪو انائونسر به آيو هو ؛ اسم ۽ ڪلاڪار جي ناٽڪي
انداز ۾ واقفيت ڏيڻ ۽ مذاقي ٽوٽڪا ٻڌائڻ وارو .
ڀڳوان چاولا پهريون ڀڄن شروع ڪيو، ” آيس تنهنجي
دئار داتا “ ڪورس سان، اُن بعد ڀڳونتيءَ جو سولو،
رميش جو مٽڪي تي من ڪبوتر ۽ سولو/ ڪورس ڀڳوان جو،
تنهن بعد پهريون سرپرائيز اسم – رميش ميرچنداڻي
زناني ڊريس ڪنتان جي گرين روم ۾ ڊريس بدلائي ويٺو
هو.) موهن ڪڙاڪيدار بيس آواز ۾ چيو، ” ڪماري رمولا
ميرچنداڻي، نرتيه ڪندي، شاهه جي ڪلام تي – پيرين
پونديسان چونديسان. ڪلام پيش ڪندي ڪماري ڀڳونتي
ناواڻي . ته پيش آهي ڪماري رمولا ميرچنداڻي … “
اسٽيج جي هڪ پاسي هارمونيم پليئر اشوڪ ، وچ ۾
ڀڳونتي ۽ پاسي ۾ سترام ڌڪڙن تي ۽ شاهي اسٽيج تي
نرتڪي . درشڪ ڇهه ست هزار ٿِي ويا هئا ، پنج گيت ،
هڪ نرتيه . وچ ۾ ڪامينٽري ۽ ٽوٽڪا. ٽي اهڙا چڪر
ڏنا ته ٻه ڪلاڪ پورا ٿي ويا. نه ته اسان کي سڌ
پيئي، نه ٻڌندڙن ڏسندڙن کي .
چوڌاري واهه واهه پئجي ويئي. ناگپور ۾ منهنجا
همراهه ۽ ميلي جا ڪارپرداز خوشيءَ وچان ڦوليا نه
ٿي سمايا. سڀني کان وڌيڪ سرهو چيجن هئو، وڏي کيپ
جو کٽي هئائين .
گهر
پهچندي چيجن چيو، ” هاڻ ته ڪاميابي چڪڙيءَ سان
ملهائڻ کپي .“ دارو بنديءَ جي زماني ۾ چڪڙيءَ جو
عادتي اسان مان هڪ به نه هو. ذري گهٽ مون جهڙا هئا
جن دارون چکيو به نه هو. مون چيجن کي چيو ، ” ٻين
کي ڇڏي ٿا ڏيون، هو ڀل ماني کائي سمهي پون. رات
گاڏيءَ ۾ پوري ننڊ ڪنهن به نه ڪئي آهي . تون مان
ٿا هڪ ٻئي سان نباهيون .“
اسان
اڳئين ڏينهن منجهند جو ناگپور ايڪسپريس ۾ وي .
ٽيءَ کان چڙهيا هئاسين. ويندا به سوڙهه سنگهوڙ ۾
هئاسين. رات جو صرف ڪڪيءَ کي ڪرونڊڙو ٿي سمهڻ جي
جڳهه ٺاهي ڏني هئيسين. مان ته رات ڀر هڪ ڪنڊ ۾
ويٺو هوس ۽ ٻيڙيءَ مٿان ٻيڙي ڇڪي هئم ۽ وچ وچ تي
جهوٽا کاڌا هئم . باقي ٻيا ته گويا هڪ ٻئي مٿان
ليٽيا هئا ، ڄڻ .
مان
سمجهان ٿو ، ايشور ناواڻيءَ اسان سان دارون پيئڻ ۾
ساٿ ڏنو هو ، ٻن ننڍن پيگن سان. مون پهريون ڇوٽو
پيگ ڪوڙي دوا ڪري پيتو . منهنجو اختيار هجي ها ته
اڌ ۾ ڇڏي ڏيان ها . ٻيون پيگ چيجن زوريءَ ڏنو – ”
شوَ جي سوائيءَ بنا ڪم نه هلندو، “ هن چيو. هن پاڻ
ڍوَ تي پيتو . جتي ٻن ننڍن پيگن سان منهنجي زبان
لڙکڙائڻ لڳي هئي ۽ مٿو به ڀاري ڀاري ڀاسڻ لڳو هو
تتي پيئڻ سان چيجن ۾ چستي وڌندي رهي هئي . پنهنجي
، همراهن ، بانيڪارن ۽ درشڪن لاءِ ڳالهائيندو
رهيو، ايڪسپريس گاڏيءَ جي رفتار سان . هڪ ٻِي
ڳالهه به جاچيم. رواجي طرح چيجن جي زباني ۾ اٽڪ
ظاهر ٿي ٿِي ، ڳالهايائين به رکي رکي پئي ، جملن ۾
رنڊڪ پئي پيئي . هاڻ ته لس ئي لس بنا رڪاوٽ جي پئي
ڳالهايائين . مون دل ئي دل ۾ چيو ، ” رنگي جا رنگ
واقعي نرالا آهن . “
صبوح
جو نوين ساڍي نوين بجي مکيه بانيڪار هليا آهن .
صرف مان پئي جاڳيس . هٿ ۾ هون هڪ شاهي هار ، ان
کان ننڍا هار هنن ميلي ۾ هلندي مون کي ۽ ٻين
ڪلاڪارن کي رات پاتا هئا . اِهو شاهي هار منهنجي
گلي ۾ وجهي هڪ چيو ، ” جهولي لعل “ ۽ ٻين ورايو ”
ٻيڙا ئي پار.“ مکيه ۾ مکيه بانيڪار سکا رام چيو، ”
اوهان کي ٽين رات پروگرام ڏيڻو پوندو . اِهو هار
ڪنور رام جي گلي مان لاهي آيا آهيون. اوهان کي اِن
هار جي پت رکڻي پوندي .“ اِن وچ ۾ اکيون مهٽيندي
چيجن به هليو آيو، چوندو آيو، ” مالهي صاحب، چئو
شوَ . اِها راتوڪي پروگرام جي ڪاميابيءَ جي پڪي
ثابتي اٿوَ. پئنچ هن پڙ تي هڪ رات پروگرام وڌائڻ
لاءِ صرف پنجواڻيءَ جي رهائش واري جڳهه تي ويندا
آهن ، ڪنور رام جي گلي جو هار کڻي . “
مان
بيحد خوش هوس، اڳ ئي ڪاميابي هڪ شخص جي نه رهي هئي
، ساريءَ گروپ جي رهي هئي ، ڀڳوان ڀل ٻين کان وڌيڪ
ڳاتو هو، اثردار رهيو هو . ڀڳونتيءَ جي آواز به
ماڻهن کي موهيو هو ، پوءِ به تاثير گروپ جو هو –
سڀ هڪ لاءِ ۽ هڪ سڀ لاءِ جي صحيح ۽ صحتمند ڀاونا
جو هو . ننڍڙي رميش جي نرتيه ، موهن جي ڪامينٽريءَ
۽ منهنجي چونڊ به سڦلتا ۾ پنهنجو پنهنجو يوگدان
ڏنو هو . ٽيم ورڪ جو ڪرشمو هو . مون کي جماعت جي
ڪرامت وڌيڪ متاثر ڪيو هو.
دال
پڪوان به آندا هئائون ، مٺائي به آندي هئائون ۽
منجهند جي مانيءَ بعد کائڻ لاءِ ميوو به آندو
هئائون.
مون
پڇيو، ”مٽڪي مان گهڻا پيسا نڪتا ؟ “
سيٺ
ڪرمچند جو ميلي جو پرمکه به هو ته خزانچي به، تنهن
چيو، ” ٻه هزار ٻه سئو ايڪٽيهه . “
هولارام چيو ، ” رات چار هزار واهه جو ايندا . “
ڀڳت
ڄيٺانند چيو ، ” رات جو خلق به ٻيڻي ايندي . “
سکارام چيو، ” اڄ رات اوهان کي هڪ بجي رات جو
بيهڻو پوندو .“
چيجن
اُتساهه مان چيو ، ” اها ٿِي نه ڪم جي ڳالهه . هن
پڙ تي اِها آهي ڪاميابيءَ جي اصلي ثابتي .“
ڪاميابي هڪ ٻئي پٺيان ڪٺناين جو سلسلو جوڙي رهي
هئي!
سيٺ
ڪرمچند چيو ، ”جگنناٿ پهاڙيءَ جو چوڻ آهي ته مالهي
پارٽي ڪامياب رهي آهي ، اِن ڪري ميلي جي ريت موجب
اُن کي ٻئين ڏينهن منهنجي مٿان اچڻ کپي .“ پوءِ
کلي چيائين، ”رات هن اوهان طرفان ڇڏيل ٻڌندڙن جو
اڌ حصو وڃايو آهي .“
ميلي
جي ريت !
هر
رات ڀر هلندڙ ميلي ۾ مکيه ٻه پارٽيون هونديون آهن
، يارنهين کان ٽين بجي تائين، اڪثر ٻه ٻه راتيون ،
اُهي ٻن ٻن ڪلاڪن جو وقت پاڻ ۾ ادلي بدلي ڪنديون
آهن، هنن کان اڳ نول يا گهٽ ناميارا ڪلاڪار هوندا
آهن، هنن کان ڀڳتن جي ٽولي جا سج اُڀرڻ تائين وارو
وٺندي آهي . ڀڳت اُهو ڪامياب جو سج اُڀرڻ بعد به
ٻڌندڙ ، مکيه ٽولين کان گهٽ ئي سهين ، ڀڳت ٻڌڻ
لاءِ جمع رکي . ميلي جي اِها ريت به پهريون دفعو
ناگپور ۾ ٻڌم ۽ سمجهيم . اِن ريت سان نباهڻ جي
شروعات به اِتان شروع ٿي .
”مالهي پارٽي “ مون کي نه آئڙي . مکيه ڀڳت يا
ڪلاڪار جي نالي پٺيان هلندڙ ٽوليءَ مان مون کي
انفراديت جي بوءِ آئي ، مون ته پهريندي ئي سنگيت
گروپ کي به ناٽڪ جيان ٽيم ورڪ ، مجموعي ٽولي بڻائڻ
جو يتن ڪيو هو . چيم ، ” ڪلاڪار منڊل ميلن جي هر
ريت سان نباهيندو . البت ٽئين ڏينهن پروگرام جو
فيصلو ڪلاڪارن سان صلاح ڪرڻ بعد ڪبو .“
موهن
چانهه جي پيالي سان ڪمري اندر هليو آيو . هن هار
به ڏٺو ، ٽوڪرو به ڏٺو ، پڙيڪا به ڏٺا. بانيڪارن
جي سرهائي به هن کان ڳجهي نه رهي . چيائين، ” ظاهر
آهي ، راتوڪي پروگرام مان پئنچ پرسن ٿيا آهن .“ هن
خالي هٿ پٺيان ڦيرائي پنهنجي پٺي ٺپري ، مذاقي موڊ
جتائڻ لاءِ .
ٽئين
ڏينهن جي پروگرام لاءِ ڀڳوان شروع ۾ راضي نه ٿيو .
هو آفيس مان موڪل ٻن ڏينهن جي پروگرام جي لحاظ کان
وٺي آيو هو.
هولا
رام جو پنجواڻي صاحب جي ميزباني ڪندو هو ، چيو،
”اسان ڀڳوان چاولا کي هوائي جهاز ۾ اُماڻينداسين ،
چوٿين ڏينهن صبوح جو . “
ڀڳوان يا موهن ڪي چوي ئي چوي ، مون بي اختيار چئي
ڏنو، ”مان ڪنهن به هڪ يا ٻن ڪلاڪارن کي خاص سهوليت
ميسر ڪري ڏيڻ جي فائدي ۾ نه آهيان . اسان سڀ آيا
به گڏ آهيون، سڀ واپس به گڏ وينداسين .“ پوءِ ڄڻ
ڀڳوان تي اثر وجهڻ لاءِ چيم ” ناموس ۽ لوڪ پريتا
هر ڪنهن ڪلاڪار جي پنهنجي پنهنجي يعني شخصي ٿي
سگهي ٿي، اهميت ننڍي وڏي ڪلاڪار جي ساڳي هجڻ کپي .
سهوليت به هر ڪنهن کي هڪ سريکي ملڻ کپي .“
اِن
طرح ڪلاڪار منڊل جو پهريون اُصولي نظريو به
پهريندي پهرئين سنگيت ياترا جي دوران ۾ ٺهي ويو .
ڀڳوان ڪلاڪ ٻن کانپوءِ ٽئين ڏينهن جي پروگرام ۾
شرڪت ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏني . مون سندس آفيس ۾ تار
ڪرائي ڇڏي . |