سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(زندگي - هڪ سفر)

 

صفحو :3

وري به ميلهيءَ ڳالهايو ، ” لڳي ٿو ، تو سان ناراض آهي . تون هن کي ٻڌائڻ بنا ڀارت ڀڄي آئين نه ! “

ڀڄي آيس ! اِهو منهنجو پنهنجو اوائلي رد عمل صرف پٺاڻي ئي دهرائي سگهي ٿي . پڇيو مانس ، ” رهندي ڪٿي آهي ؟ “

ميلهيءَ وراڻيو ، ” مون کي ٻڌايائين ئي ڪونه . ڄاڻي ٻجهي نٽائي ويئي . ڊپ لڳو هوندس ته ڪٿي مان تو کي ٻڌايان يا لکان .مون چيو مانس، ’گوبند مون کي شاديءَ بعد گڏيو ئي ڪونهي . مان آهيان گهر ڌياڻي ۽ هُو آهي وڏو ماڻهو  . ‘ خبر اٿيئي ، ڇا چيائين ؟ چيائين، ”شڪر آهي ، هن جو ڏس پتو ڪٿان به ملي سگهي ٿو . مان گمناميءَ ۾ چڱي آهيان .‘ مان ڀوپال ۾ لٿيس ۽ هوءَ اڃا به ويٺي هئي .“

الائي ڇو ، مون ميلهيءَ وٽ وڌيڪ وقت ويهي نه سگهيس . مان ٻاهر هليو آيس ، ڪجهه به چوڻ کانسواءِ . ڪافي دير اُڌارو اُڌارو ويٺو رهيس . ڪافي دير بعد سڳن پنهنجي چتر زبانيءَ سان مون کي ماضيءَ مان ڇڪي حال ۾ آندو .

صبوح جو پنجين بجي ڌاري ساڳيءَ بس ۾ ، ڪشنچند ڊرائيور بنجي اسان کي ڀوپال ۾ اسان جي رهائش واريءَ جڳهه تي ڇڏي ويو . سال ٻن اندر اِهو ڏاڍو مڙس خون ٿي ويو !

سميلن جي  پهرئين ڏينهن جي سنگيت پروگرام کان متاثر ٿي انڊور جو هڪ سماجي ڪاريه ڪرتا خوشيرام موهن وٽ آيو ته موٽندي انڊرو ۾ به پروگرام ڏيندا وڃجو . موهن ڪڪيءَ ۽ سترام کان نه پڇيو ۽ نه مون سان صلاح ڪئي . خوشيرام کي ”ها“ ڪري ڇڏيائين. مون کي سڌ ڪڪيءَ مان پيئي. مون ڪلاڪار منڊل جي همراهن مدن ۽ راجن کي ٻڌايو. هُو ڪڪيءَ ۽ سترام جي انڊور وڃڻ جي حق ۾ نه هئا، هنن جو رايو هو ته جڏهن لوڪ  سر وارن سان منهنجو سمجهوتو صرف ڀوپال سميلن لاءِ هو ۽ هنن مون سان يا ساڻن پروگرام کڻڻ کان اڳ صلاح به نه ڪئي آهي، ڀڳونتي ۽ سترام کي ساڻن وڃڻ نه کپي. سترام چيو، ”اسان جي نه وڃڻ سان به هنن جو ڪم ٿي ويندو . اسان ٻن پروگرامن ۾ ٻه ٻه گيت ڏنا آهن – ڪڪيءَ جو سولو، ”ننگڙا نماڻي دا“ ۽ مون سان گڏ ”سنڌ ۽ سنڌي ...“  مون دل ئي دل ۾ چيو، ”ڪم نه هلندن. ’سنڌ ۽ سنڌي‘ جو پڙاڏو انڊور ۾ ئي ويندو اِن وچ ۾، انڊور وارا به منتظر هوندا انهن کي ٻڌڻ لاءِ“ مون ڪڪيءَ ڏانهن نهاريو . هن چيو ، ”ايشو اڳ ئي بمبئي هليو ويو آهي . اوهان انڊور هلندا ته مون کي هلڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونهي .“ ۽ مون اڳ ئي ظاهر ڪري ڇڏيو هو ته مون کي اسڪول مان موڪل ملي ئي اِن شرط تي آهي ته مان ڀوپال سميلن کان سڌو بمبئيءَ نوڪريءَ تي اچي چڙهندس. مون موهن کي همراهن جا رايا نه ٻڌائي پنهنجي مجبوري ۽ تنهنڪري ڪڪيءَ جي لاچاري ٻڌائي. هن چيو، ”ڀل ڀڳونتي ۽ سترام نه هلن، اوهان به نه هلو، پر سنڌ ۽ سنڌي‘ ڏوهيڙا لکائي ڏيو، مهرباني ڪري.“ ڪڪي موجود هئي، تنهن وقت. هن بنا دير ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڏوهيڙا پني تي لکي موهن جي حوالي ڪيا.

”سنڌ ۽ سنڌي“ راهيءَ جي زباني نه ڄميا هئا، انڊور ۾ به لوڪ سر وارن کان نه ڄميا. الائي گهڻن ڪلاڪارن/ڪلاڪارن جي جوڙين پنهنجي پنهنجي آواز آزمائي ڪئي. اُهي ڪڪيءَ جا جاگير بڻيا رهيا. سترام فلم لائين ۾ مشغول ٿي پروگرامن ۾ شرڪت نه ڪرڻ لڳو ته ڪڪي اُهي سولو ڳائڻ لڳي. پوءِ سريندر بولاڪاڻي هن سال انهن ۾ ساٿي – گائڪ بڻيو .

بمبئيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن بعد ڇندواڙا پروگرام لاءِ ريهرل رکڻ چاهيم ته ڀڳوان نياپو موڪليو، ”آفيس مان موڪل نه ملڻ ڪري منهنجو هلڻ ممڪن نه آهي .“ مان ڪجهه چوان ئي چوان تنهن کان اڳ وچ واري چيو، ”جڏهن ناگپور ۾ ڇندواڙا جي پروگرام جي ڳالهه نڪتي هئي تڏهن ڀڳوان کي خبر ڪا نه هئي ته ڀوپال سان انڊور به گڏبو ۽ چئن بجاءِ ڇهه ڏينهن لڳي ويندا.“ مون موهن کي آزمائش ۾ وجهڻ نه چاهيو.

مان به چٽو ٿِي ويس. هڪ طرف واعدي موجب پروگرام ڏيڻ کپي ،ٻئي طرف سوال هو ته ڇندواڙا جا بانيڪار ڀڳوان ۽ موهن کي آيل نه ڏسي نراس ٿيندا، ناراض ٿيندا ۽ شايد ڏمربا. ڪجي ته ڇا ڪجي؟ مون ڪڪيءَ سان صلاح ڪئي. هوءَ به منجهي پيئي، اُن کان وڌيڪ پريشان ٿي وئي. مون چيومانس ”چئين نٿي، للڪارن تي هريل آهيو، هيءَ للڪار به قبول ڪريو.“ هن مايوس ٿي چيو، ”ڪهڙي آڌار تي چوان؟“ مون چيومانس ”بنيادي ريت پنهنجي آڌار تي. هوءَ ڪجهه چوي ئي چوي مون کي اميد جو ترورو نظر آيو . ڏاڍيان چيم: شو مسٽ گو آن. مون سترام کي پڪڙيو . چيومانس،”طبلا سٺا ٿو وڄائين. مٽڪو به وڄائي ويندين. ناگپور ۽ ڀوپال ۾ ڀڳوان سان ريهرسلن ۽ پروگرامن ۾ رهيو آهين. پڪ اَپ به سٺي اٿيئي، ڇندواڙا وارن کي ڀڳوان نه ته ڀڳوان وارا گيت ملندا ته ناراض نه ٿيندا. ڪر الهه تهار، رهجي ايندي. ٻڌندڙ خوش ته بانيڪار اڳ ئي خوش. صرف پروگرام شروع ٿيڻ تائين وچ جو مروڙو کائڻو پوندو .“ وچ جي مروڙي کائڻ جي صلاح هن کان وڌيڪ مون پاڻ کي ڏني .

سترام چيو، ”سو ته ٺيڪ آهي پر طبلچي ڪٿان ايندو ؟“ ۽ کيس ئي سجهي آيو. چيائين، ”منهنجو دوست آهي ماڌو ڀمڀاڻي، ڍولڪ به هلائي ڄاڻي ۽ ٿورا گيت به ڳائي ڄاڻي .“

مون دل ۾ دل ۾ شڪر ڪيو. منهنجي زندگيءَ سان اِهو وڙ رهيو آهي جو مشڪلاتون اينديون آهن، منجهائينديون آهن، مان ڪوشش جو دامن نه ڇڏيندو آهيان، پوءِ ڪو مشڪل ڪشا اِنساني جامو پهري اڳيان ايندو آهي، من ۾ اِهو به آواز اُٿيو، ”دهلي اڃا دور آهي.“

ڪئيسين ريهرسل شروع. ننڍڙو رميش ۽ هن جو پيءُ گلاب ميرچنداڻي به هلڻ لاءِ تيار ٿيا.

ڇندواڙا آهي مڌيه پرديش ۾، وڃڻ لاءِ سولو پوندو آهي ناگپور. اُتان ڇهه ڪلاڪ کن بس جو سفر آهي. اَڻانگو. اَڻانگو، بانيڪار نه چيو هو . انهن اُن کي سڻائو جتايو هو ۽ ڪلاڪ به مان سمجهان ٿو گهٽ چيا هئائون ...  

جڏهن ڇندواڙا پروگرام ڏيڻ لاءِ ناگپور اسٽيشن تي لٿاسين ته چيجن واسواڻي ۽ لڇمڻداس بجاج اسان کي ڏسڻ شرط پريشان ٿي ويا . چيجن چيو ، ” مالهي صاحب ، مار کائڻ آيا آهيو ڇا ؟ لولي لنگڙي گروپ وٺي اچڻ کان پروگرام کان ئِي نٽايو وڃو ها .“ مون ۾ ريهرسل جي دوران ۾ جو آتم وشواس پيدا ٿيو هو ، تنهنجي سهاري چيم ، ” رهجي ايندي.“ لڇمڻداس بجاج ڀڳوان ۽ موهن کي نه ڏسي چوندوَ ، هنن بنا نه اچو ها ته بهتر هو .“ منهنجو ايمان ڌڏڻ لڳو ، چيم ، ” اوهان جو مطلب آهي، هتان ئي موٽي وڃون ؟ “

ائين ڪيئن چون ؟ هئا دوست ۽ خير خواهه ، صلاح ڪيائون ، لڇمڻداس بجاج گڏ هليو ته تر جي اثر دار ڪم ڪندڙ جي حيثيت ۾ هو ڇندواڙا جي بانيڪارن کي مون سان گستاخ پوڻ کان روڪيندو . هن جو منهن لٿل ئِي رهيو . بس جي سفر ۾ .

اها جيت جي اڳڪٿي هئي يا هار جي اڳواٽ ٺٺولي! مان اندر ئي اندر سڪوڙبو ويس. پنهنجو ۽ گروپ جو خير منائڻ لڳس .

ڏهه سينگاريل سائيڪل رڪشائون قطار ۾ بيٺيون هيون، پهرينءَ ۾ مون کي اڪيلو، ٻينءَ ۾ ڪڪي اڪيلي، ٽينءَ ۾ سترام، چوٿين ۾ ايشور ناواڻي، اِن طرح اٺ رڪشائون اسان بلي، گلاب ۽ بجاج گڏ ويٺا. باقيءَ ۾ مکي ۽ پئچ ٻه ٻه ٿي ويٺا . اڳيان دهلن شرناين وارا، پٺيان  رڪشا هئي، پاسن کان ۽ رڪشائن پٺيان سنڌي ۽ غير سنڌي. رڪشائون هليون ۽ فضا ۾ نعرا گونجڻ لڳا: ”جهولي لعل - ٻيڙائي پار. “،”گرونانڪ جي جئه“ ۽ ”جو بولي سو نها _ست سري ڪال“

ههڙي عجيب اُتساهه، واري سرگس مون اڳ نه ڏٺي هئي، ڪنهن به ڪلا ڪار، ساهتڪار يا سياستدان جي سلسلي ۾ . مان هڪ ئي وقت خوش به هوس، حيران به هوس ۽ پريشان (Embarrassed) به هوس. پريشاني جو ڀئو شايد وڌيڪ هو جو پنڌ هلندڙ هڪ بانيڪار ڀانپي ورتو. ”اسان غير سنڌين کي ڏيکارڻ ٿا چاهيون ته سنڌين ۾ به سٺا ڪلاڪار آهن “

سٺا ڪلاڪار! ڪلاڪارن جي ٽولي واقعي هنن وٽ پهريون دفعو آئي هئي. اِن کان اڳ هنن ڀڳت يا ڪٿاڪار گهرايا هئا. سُٺا ڪلاڪار ثابت ٿينداسين يا نه، اِهو اڃا مون کي به ڏسڻو هو، مون هونءَ به هر پروگرام کي امتحان ڪري ورتو آهي، اڄ توڻي. اُن جي رزلٽ نڪرڻ تائين هڪ شاگرد جيان من ئي من ۾ پريشان رهندو آهيان، پر هت ته سوال جي نشاندهي وڏي هئي، اها وڏي ٿيندي ئي ويئي.ڪلاڪار گهٽ، هنڌ بلڪل نئون ۽ بانيڪار بنهه اَڻ واقف. پاڻ کي ڏڍ به نه پيو ڏئي سگهان ته رهجي ايندي .

۽ هڪ بانيڪار ويجهو اچي پڇيو ، ”سائين ، ٻه مکيه ڪلاڪار ڪو نه آندا اٿَو ڇا؟“

مون رکائي سان چيو ”پروگرام بعد ڳالهائينداسين .“

سنڌين جي بستي، موهن نگر، ڇندواڙا کان چڱي پري هئي ، ويتر سرگس ڪافي ڍلي رهي هئي . منهنجو وقت ئي وڌي ويو . رکي ري پٺيان پيو نهاريان_ ڦڪيءَ مرڪ سان .ڪڪيءَ جي چپن تي مرڪ غائب هئي، هن جي چهري مان کٽڪي جي ڀاونا پئي بکي ...

     ميزبانن اسان جي چڱي غير رواجي مهمانوازي ڪئي، هڪ ٽن ڪمرن واري جڳهه خالي ڪرائي هئائون. سڀني ڪلاڪارن لاءِ فراسيون پيل کٽون پهرينءَ کان تيار هيون. ڪڪيءَ لاءِ پاسي واريءَ جڳهه ۾ هڪ ڪمرو سجايو هئايون. اُتي آرسي به هئي، ڪنگي به هئي ۽ ميڪ اپ جو سامان به هو . ڪا نه ڪا نينگري يا ننڍي نيٽي استري هن جي حضوريءَ ۾ حاضر هئي. اسان وٽ به ڪي نه ڪي ٻه ڄڻا اردليءَ ۾ بيٺا ئي هيا.گهريوسين پاڻي ته کير جي گهاگهر کڻي آيا! بسڪيٽن بدران ڪيڪ سلائيس !!

    ٻاهر به سائيڪل رڪشائون بهاري ڇڏيون هئائون . سائيڪل گهر گهر جي اڳيان ٻيٺل هئي ، موهن نگر شرنارٿي ڪئمپ جيان هو، صرف ٻه فلئت ٽائيپ ننڍا گهر هئا - هڪ ۾ اسان رهيل هئاسين ۽ ٻئي جي هڪ ڪمري ۾ ڪڪِي .

ڪڪِي به منجهي ويئي هئي . ٿانئيڪِي ٿيڻ بعد هوءَ اسان واريءَ جڳهه ۾ هلي آئي ، نينگري  مردن ۾ نه اچي ٻاهر ئي بيهي رهي . مون کي اڪيلائيءَ ۾ چيائين ، ” اسان جي ٽائيپ وارو پروگرام هتان جي ماڻهن کي پسند نه اچي ته ؟ “

مون پنهنجو انديشو من اندر محفوظ رکي هن کي چيو، ” هنن اسان جي ٽائيپ وارو پروگرام ڏسي ئي اسان کي ٻوليو آهي ، دلجاءِ ڪر . رهجِي ايندي .“

هن جي مرڪ موٽي آئي. چيائين، ”جي اوهان ٿا چئو ته ضرور رهجي ايندي .“

مون دل ۾ چيو، ”تنهنجو اهو وشواس مون کي جوابداري به ڏيندو آهي ته ان کي نباهڻ جو حوصلو به .“ چيم، ”پڪ ئِي پڪ رهجي ايندي .“ ائين مون پاڻ کي به پڪو ڪيو .

اسٽيج ڪافي مٿي ٺاهي هئائون؛ ڪارڻ جي خبر پروگرام ڪرڻ وقت پيئي. ٻين هنڌن جيان زالن ۽ مردن جي وهڻ جو بندوبست الڳ الڳ هو پر هت ٻنهي وچ ۾ چار چار فوٽ اوچي ڪنتان جي ديوار هئي. پرڻيل زالن، ننڍين خواهه وڏين جا گهونگهٽ پنهنجي پاسي ويهي وڃڻ تائين سلامت هئا. ڪن جا منهن مرداني پاسي کان ڍڪيل ويهي وڃڻ بعد به هئا.

پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ناگپور ۾ ڏسي آيل ريت پٽاندڙ منهنجي ڀر ۾ چانهه جو ٿرماس ۽ ڪوپ پليٽ رکي ڇڏيائون .

۽ پروگرام ڄمي ويو ، اُميدن کان گهڻو گهڻو وڌيڪ . سترام ڀڳوان جي ڪسر پوري ڪئي ، مٽڪو به سٺو وڄايائين . ماڌو ڀمڀاڻيءَ ڍولڪ به چڱيءَ ريت وڄائي  ۽ لاڌو به ڳاتو – ”راڻا وچ نه ڇڏي ... “ شاهه جي ڪلامن تي رميش جا زنانيءَ ڊريس ۾ نرتيه به اثردار رهيا . ڀڳونتيءَ ڳائڻ جو بار ٻين کان وڌيڪ کنيو ۽ خوب نباهيو . هن  گرواڻيءَ جا ٻه ڀڄن به ڳاتا. ” سنڌ ۽ سنڌي “ جو جادو هت به هلي ويو . ” ساجن سجني جا خط “ ۽ ” ساکيون “ دوگاني طور ڳائڻ سان ڀڳونتي سترام جي جگل جوڙي وجود ۾ اچي ويئي . مون کي پاڻ سان به انصاف ڪرڻ گهرجي ته اسمن جي چونڊ ۽ مهل به پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي.

کٽي ڇٽِي، کلندا خوش ٿيندا رهائش واري جڳهه پهتاسين ته مکي ۽ هڪ پئنچ پلاند پساري اچي مون اڳيان بيٺا . چيائون، ”سائين روسئي ته تيار آهي پرپهرين اسان جي هڪ وينتي سويڪار ڪريو . ٽين رات به پروگرام ڏيو . اسان جي پسگردائيءَ ۾ سنڌين جون الاهي بستيون آهن ؛ اُنهن جا سڄڻ ههڙي پروگرام کان وانجهجي ويندا ته عمر ڀر پيا ميارون ڏيندا . اسان نينڍون صبوح جو ئي موڪلينداسين، پر ڪي سڀان اچي سگهندا . باقي پرهينءَ، ٻاهران آيل سڄڻ به پنهنجيءَ پنهنجي بستيءَ جي ماڻهن کي آڻڻ لاءِ وڃي رهيا آهن .“ مون تي جو ڪاميابيءَ جي فلڪ طاري هئي، چيم، ”ٺيڪ آهي، ٽيون ڏينهن به ترسنداسين .“

هوءَ کاڌي جي انتظام کي لڳي ويا ته رميش جو پيءُ گلاب منهنجي ڀرسان آيو. چيائين ”مالهي صاحب، مکي چوي ٿو، اکنڊ پاٺ صاحب رکيل آهي. ڀوڳ سڀاڻي پوندو . کاڌو ويشنو آهي. دارونءَ جي ورتائڻ جي به بستيءَ ۾ منع ڪيل آهي . پر جي اوهان کي طلب هجي ته اوهان لاءِ آڻيون .“ گلاب منهنجي جواب لاءِ منهنجو منهن تڪيندو رهيو.

مان سمجهي ويس ته ڪي ڀڳت / ڪٿاڪار دارونءَ بنا رهي نٿا سگهن ، اِن ڪري اها آڇ ڪئي وئي آهي . هنن کي منهنجي ڏکي ڪري مون سان ڳالهه ڪرڻ جي همت نه ٿي ، اِن ڪري گلاب جهڙي ڪرڙوڍ کي همزار بڻايائون .منهنجو ڏک ڪيترين اَڻ سهائيندڙ ۽ بي واجب ڳالهين کي همٿائڻ کان روڪي رکندو آهي . مون چيو ” پئنچن کي چئو ، دارون نه کپي ، ويشنو کاڌو ، هاضمي لاءِ ڪارائتو آهي.“

پروگرام ٻيون ڏينهن به ڪامياب رهيو ، ٻڌندڙن جو انداز به وڌيو . اُن رات به مان گلاب معرفت دارونءَ جي آڇ کان انڪاري ٿيس . جيتوڻڪ پرکيم ته گلاب پاڻ ۽ ڪي بانيڪار نراس ٿيا . ٽينءَ رات ته جيپون به آيون ، موٽرون به ۽ هڪ ٻه بس به ڀرجي آئي . فراس به  وڌيڪ وڇايا ويا ۽ وچ واري ڪنتان جي ديوار به وڌيڪ ڊگهي ڪئي وئي ، ظاهر هو ته ڳوٺن ۾ وسيل سنڌين ۾ پڙدي جو رواج سنڌ کان هلندڙ ، صحيح سلامت هو .

اُن رات اسان جي ڪاميابي چوٽيءَ تي رسي – گڊ ، بيٽر ، بيسٽ – سٺو ، بهتر ، بهترين ، پهريون دفعو نوجوان ، سٺن رئونشن ۽ مرڪ واري سُريلي نينگري فينستائيءَ سان مکيه گائڪا طور ميدان ۾ آئي هئي. هن جا سڀ ساٿي گائڪ ۽ سازيندڙ سوٽيڊ بوٽيڊ ، پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڦڙت هئا . ننڍڙو نرتيڪار به وڻندڙ هو . سنڌي سنگيت جي اهڙي وشالتا ۽ ڀنتا پهريون ڀيرو هنن جي پلئه پيئي هئي ۽ ڪو به گيت/ اسم ڍلو ۽ اڻ وڻندڙ نه هو . مون سنگيت کيتر ۾ قدم رکندي ئي چست تال ۾ وشواس رکيو هو . ڪلامن جي لئه به تڪڙي هئي .

 مون ٽينءَ رات به محفل کان ڪنارو ڪرڻ چاهيو پر ڏٺم ته ڪن مکيه بانيڪارن کي به خود پيئڻ لاءِ ڪلاڪارن کي پيئارڻ جو بهانو گهربل هو . پوءِ به محفل ۾ دارونءَ کان وڌيڪ موج مستي چرچن گهٻن ، ٽوٽڪن ۽ ٽهڪڙن سان ڪڪِي ۽ رميش سهجيئي ماني کائي وڃي آرامي ٿيا .

اسان هت به مٽڪي ۾ ۽ باجي تي آيل پيسا ٽيئي راتيون بانيڪارن کي ڏنا . اُهي ناگپور جيترا نه هئا . اسان اُميد رکي هئي اوٽ موٽ جي ڀاڙي ۽ واٽ خرچ جِي . هنن پنج سئو رپيا ٻيا به ڏنا. چيائون ”اسان طرفان خرچي سمجهو .“ سوکڙيون به چڱيون ڏنائون . هنن اسان کي ڇندواڙا جون بزاريون به ڏيکاريون ۽ اسان سنڌين جي وڏن دڪانن تي پير به گهمايا . ناگپور ، بئراڳڙهه ۽ ڀوپال جيان هت به سنڌين آرٿڪ اُنتيءَ جي راهه تي تکيون وِکون کنيون هيون . مذڪور شهرن جيان هت به ميوي، ڪرياني، ڪپڙي ۽ مڃيار جي واپار ۾ سنڌين پاڻ موکيو هو، چئجي چڱو ڌاڪو ڄمايو هو. ڇندواڙا ۾ سگريٽن – ٻيڙين ۽ ڊالڊا جي پوري ضلعي لاءِ ڊسٽريبيوشن مکيءَ ۽ هڪ هن جي سالي کي هئي! ۽ سنيهه، آڌرڀاءُ هر سنڌيءَ وٽان مليو .

ناگپور ۾ بجاج اسان جي ڪاميابيءَ جون سرڪيون ڀريون ، شد مد سان. گرئنڊ مغل چيجن اُمنگ ۾ اچي چيو ، ”هت ته  پروگرام ڏيو . مون به هڪدم ”ها“ ڪئي . پر ڪا سنسٿا تيار نه هئي . خود ڪنور رام جي ميلي جا بانيڪار منهن موڙي ويا هئا . بجاج جي ساک تي ڪنهن کي وشواس ئِي نه پيو ڄمي . مون کي ارمان ٿيو ته اسين مفت ۾ به مهانگا ٿي لڳاسين . مون کاُن ئي لڙي منجهند واري گاڏي پڪڙي واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو . اسان ماني کائي وڃڻ جي تياري ڪري ئي رهياسين ته ناگپور ۾ وسڻ شاهه درٻار جي گديسر سائين سکرمداس چيو، ”  ڀل درٻار اڳيان پروگرام رکو .“ اسان رهي پياسين . منهنجو به ضد هو ته ناگپور وارن اڳيان ثابت ڪريون ته ڪلا جي کيتر ۾ جيڪو وهي سو لهي ۽ ڪلا  ڪلاڪارن کان مٿي ئِي آهي .

ٻه صندل ، ٻه مائيڪ ، مٿان کليل آسمان ، هيٺ اسين ۽ سامهون رستو ؛ فراسين تي پنجاهه کن ٻڌندڙ جن ۾ ڏهه منهنجا همراهه ۽ خير خواهه – چيجن ، بجاج ، ايسر ، آسن ، ديو ، جاني ۽ ٻيا . خود گديسر جو پاسي ۾ پيل صندل اڃا خالي هو . مون به ڪڪيءَ – سترام کان سازن جي ڌن بعد شروع ڪرايو . ” اوم نمهه ڀڳوتي ... “

بجاج گويا آٿت ڏيندي اڳ ئي چيو هو ، ” جري پٽڪا جا ماڻهو آواز ٻڌڻ بعد ئي پڙ ٿي ايندا آهن “

ڪڪيءَ ۽ سترام جا آواز ، رات جي سناٽي ۾ سڄيءَ بستيءَ تائين پهتا هوندا . ماڻهو ايندا ويا ،ايندا رهيا – زالين مردين ، هزار ڏيڍ کان مٿي، ڏهن منٽن اندر . ڇندواڙا ۾ اثر ڄمائڻ پنهنجيءَ جاءِ تي هو، ناگپور ۾ ٻهي ڌاڪو ڄمائڻ جي اهميت پنهنجي هئي . ساڍي نوين بجي پروگرام شروع ڪيو هو، هڪ بجي تائين ٻه اڍائي هزار ٻڌندڙ ويٺا رهيا . مون به ميلو متل ڇڏڻ ۽ راند رس ۾ ڇڏڻ جي اعلان سان جهولي لعل جي ڌنِي لڳارائي. الاهِي مرد ۽ ٿوريون زالون اُٿي نچڻ لڳيون. سائين سکرامداس پکرون پارائيندي چيو، ”پلئه  پارايو .“ پروگرام جي سمايتي پلئه سان پوري ڪرڻ جي برمپرا جي شروعات اُن ڏينهن کان ٿي .

مون اسٽيج تان لهي ٻيڙي لاءِ شيرواڻيءَ جي کيسي ۾ هٿ ئي وڌو ته چيجن ڊوڙي اچي ٻک وجهي مون کي مٿي کنيو، چيائين، ”مالهي صاحب، تون هدايتڪار سان گڏ حاذق  حڪيم به آهين. ٻڌندڙن جي نبض به سڃاڻين ته ڪلاڪارن کي اُتساهت ڪري به ڄاڻين .“ مون چيو، ”اڄ به جماعت جي ڪرامت کٽيو آهي ، ڪلاڪارن جي صداقت ۽ لگن ميدان ماريو آهي .“ چوڌري دوست ۽ درشڪ ويڙهي ويا . جوانن به پهريون دفعو ڪڪيءَ ۽ سترام کي آٽوگرافن لاءِ ورايو . اوچتو ، هڪ الهه لوڪ وڌندو آيو، سڀني سري هن کي اچڻ لاءِ رستو  ٺاهي ڏنو. روشنيءَ جو پورو بندوبست نه هو، اونداهي ۾ ڏٺم، هڪ ڏاڙهي وارو شخص، پيرن تائين چوغي ۾ ملبوس، رنگا رنگي اڳڙين جو جهنڊو ساڄي هٿ ۾ جهلي، کاٻي هٿ سان منهنجي پٺي ٺپري رهيو هو ، مان بي اختيار نئڙي هن ئي پيرين پيس، پنج به پيسيون وڏي کيسي مان ڪڍي مون کي ڏنائين ۽ چيائين ”وٺ وڌندين. ۾ پوءِ پتو پيو ته هُو الهه لوڪ جلگانءُ جواني، گودڙي وارو گهنشيام بابا هرداسرام هو. هن جيڪا ڪنور رام جي مڃتا وڌائي، جيڪو سماجي ۽ تعليمي ڪاريه ڪيو، اهو جلگانءُ وارن کانسواءِ ڀارت ۽ ٻاهر جي سنڌين کي چڱيءَ ريت نيڪ روشن آهي. هن جي سڃاڻپ مليم، تنهن کان اڳ اِهو الهه لوڪ پنهنجي شرڌالن جي گهيري ۾ گم ٿي ويو، مون من ئي من ۾ وري پرڻام ڪيومانس .

ٻئين ڏينهن لڙي منجهند جو گاڏيءَ ڇٽڻ کان اڳ ناگپور ورسيءَ جا ٻه ٽي بانيڪار رات جي روسئي، ميوو ۽ مٺائي کڻائي آيا. سکارام چوڻ لڳو، ”ڪنور جو قسم اٿيئي، ايندڙ سال ورسيءَ جي ميلي تي اچج ضرور. ڀل ڪهڙا به ڪلاڪار آڻ .“ هن لڪ ڇپ ۾ اخبار ۾ ويڙهيل وسڪيءَ جي بوتل مون ڏانهن وڌائي چيو، ”واٽ تي لئه ڪندا وڃجو .“ مون اُها وٺڻ کان انڪار ڪندي پڇيو، ”پنجواڻي صاحب جي مهماني به ان نموني ڪندا آهيو؟“ سکارام وراڻيو، ”پنجواڻي ته فرسٽ ڪلاس ۾ هوندو آهي. اسين رسوئي ڀائي ڇتا رام ڀڳت کي ڏيندا آهيون، هُو ٿرڊ ڪلاس ۾ سازيندڙن سان سفر ڪندو آهي .“

مون هڪ ئي وقت ٻه سچ ڀانپيا؛ هڪ ته ڪلا جي کيتر ۾  ڪاميابي ۽ ناڪاميابيءَ وچ ۾ وڏو سنڌو آهي، ٻيون ته گهڻن ڪلاڪارن (ڀڳت به اچي ٿا وڃن انهن ۾ ) هنن جي ساٿين کي دارونءَ لاءِ عجيب ڇڪ آهي ۽ چئجي کڻي اِها به حقيقت واضح ٿي، دارون بندي هجي يا نه، سنڌين جي مهمانوازيءَ ۾ دارونءَ کي به چڱي اهميت حاصل آهي . دارونءَ جو ، جو رشوت ، پيتيءَ ۽ لالچ ڏيڻ سان سرڪاري آفيسرن جي سلسلي ۾ تعلق آهي سو ڪلچرل کيتر ۾ به ٿيڻ لڳو هو، مون کي ائين لڳو .

ناگپور سميلن ۾ منهنجو ايڪانڪي، ” گستاخي معاف “ عام درشڪن اڳيان نه آيو هو ؛ ڀوپال سميلن ۾ منهنجو ايڪانڪي ” نمِي “ برسات ڪارڻ ٿيو ئي ڪو نه . احمد نگر جو سيٺ راڌا ڪرشن مڌيان ٻنهي سميلنن ۾ حاضر هو . ڀوپال سميلن جي دوران ۾ سنڌ ۽ سنڌي ڏوهيڙن هن کي به متاثر ڪيو هو. هن سان ناگپور ۾ ملاقات ٿِي ڪا نه . ڀوپال ۾ هُو پاڻ مون سان مليو . چيائين، ”مالهي، هاڻ احمد نگر اچڻ جي تياري ڪر .“ گڏيو ۽ ڳالهايائين ائين ڄڻ منهنجو ورهين کان واقف ئي نه هو، چڱو ويجهو هو . ديهه ڀريل، ڪڙتي ڌوتيءَ ۾، مٿي تي کاڌيءَ جي ٽوپي. ڪڙتو ۽ ٽوپي کير جهڙي اڇي، ڪانجهي ڪيل. رعبدار شخص. ٻه همراهه گڏ هيس ، سدائين . ٽي چار گهمرا راهه ويندي گڏياسين. ڀيري ڀيري سان چيائين، ”مالهي، احمد نگر اچڻ جي تياري ڪر .“ جن جو نالو به ڪنهن ٻئي شخص ٻڌايو. مون پڇيو، ”ڌنڌو“ هن چيو، ”مالهي صاحب، ڌنڌو نه پڇو، رتبو پڇو . رعب ته ڏسوس ٿا. سيٺ راڌا ڪرشن مڌيان احمد نگر برو ميونسپالٽيءَ جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهي .“ مون وري پڇيو ”ڪمائڻ لاءِ ڇا ڪندو آهي؟“ هن چيو، ”ظاهري واچن گهڙيالن جو شاهي دڪان اٿس ...“ مان پوءِ به سوالي نگاهن سان هن ڏانهن نهاريندو رهيس. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري چيو، ”مون کي سڌ ڪانهي پر ڪن جو چوڻ آهي ته احمد نگر ضلع ۾ رتن جي مٽڪي جو بادشاهه آهي . اهو راز سلڻ بعد چيائين، ”رڄ چڱو مڙس آهي، سيٺ راڌا ڪرشن.“

اُن زماني ۾ سرڪار آمريڪين فيچر رويي آنڪڙي جي جوئا تي بندش وڌي هئي . رتن کتريءَ مٽڪو ايجاد ڪيو هو . مٽڪي مان ٽي نمبر ڪڍندو هو ، هڪ نمبر لڳائڻ سان هڪ جي نائوڻ ملندي هئي ، ٽن نمبرن جي صحيح ڌڪي هڻڻ تي هڪ جا ايڪاسي ملندا هئا . هن مٽڪي بدران تاس جي پتن ذريعي نمبر ڪڍڻ شروع ڪيا ته به مٽڪو نالو هلندو آيو . سنڌي دماغ جي ايجاد پوري مهاراشٽريه ۾ ، خود مهاراشٽريه کان ٻاهر به مشهور ٿي ويئي . گهڻن نقل ڪيو پر رتن جي مٽڪي جهڙي مشهوري / ڪاريت حاصل ڪري نه سگهيا .

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org