سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ٻارن جو مسيح

باب: --

صفحو :8 

يوحنا ڏاڍو ھڪ عجيب واعظ ھو. ھن کي ڪوبھ ڊپ ڪونھ ٿيندو ھو. ماڻھو ھن کي ”يوحنا، بپتسمي وارو“ سڏيندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ جڏھن ھن ماڻھن کي چيو تھ خراب ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ انھن جي بدران سٺا ڪم ڪريو، ۽ ھنن ساڻس ھائوڪار ٿي ڪئي، تڏھن ھن انھن کان واعدو ٿي ورتو تھ جيئن ھنن چيو ٿي تيئن ھو ڪندا. ۽ ان لاءِ ھو انھن کي اردن نديءَ ڏانھن وٺي ويندو ھو، جتي ھن کي ٽٻي ڏياري يا مٿن پاڻي نائي، انھن کي پاڪ ڪندو ھو – اھو ھن جو ”بپتسمو“ ھو، جيڪو ھو انھن کي ڏيندو ھو.

”جيڪڏھن آءٌ اوھان کي بپتسمائيندس ۽ اوھان کي پاڪ ڪندس، تھ اھا اوھان سڀني لاءِ ھڪ نشاني ھوندي تھ اوھان پنھنجي دل مان سڀ خراب ڳالھيون ڪڍي ڇڏيون آھن ۽ اوھان جي دل صاف آھي، ۽ پوءِ ئي ان ۾ چڱيون ڳالھيون اچي سگھنديون ۽ ويھي سگھنديون،“ يوحنا چيو. پوءِ جڏھن ھنن يوحنا جو وعظ ٻڌو، ۽ ھو پنھنجن خراب ڪمن کان پشيمان ٿيا، تڏھن انھن مان سوين ماڻھو بپتسمي وٺڻ لاءِ يوحنا وٽ ويا ۽ ھن سان واعدو ڪيائون تھ ھو حد امڪاني ڪوشش ڪندا ۽ چڱا ڪم ڪندا.

”بپتسمي وارو يوحنا حيرتناڪ ماڻھو آھي،“ ماڻھن ھڪٻئي کي چيو. ”ھو ڪنھن کان ڪونھ ٿو ڊڄي ۽ جڏھن بھ ڪو خراب ڪم ڪري ٿو تھ ان کي چيو ڏئي! خود فريسين ۽ سدوسين * کان بھ ڪونھ ٿو ڊڄي، جيڪي پاڻ کي سدائين سچو ۽ سدائين چڱو سمجھن ٿا ۽ ٻئي ڪنھر کي بھ پاڻ جھڙو نٿا سمجھن!“

”ھن انھن کي چيو تھ اوھين نانگ آھيو!“ ھڪڙي ماڻھوءَ عجب کائيندي، چيو. ”مون پاڻ ھن کي ائين چوندي ٻڌو! ھن  انھن کي چيو تھ ٻين وانگر اوھين بھ پنھنجيءَ ذلالت ۽ پنھنجن ڪڌن ڪمن کان توبھھ ڪريو! ھو مٿس ڏاڍا ڪاوڙيل آھن.“

”ھو چوي ٿو تھ اسان کي ھڪٻئي تي ڪھل ڪرڻ کپي، ۽ جيڪي اسان وٽ آھي، اھو پاڻ کان وڌيڪ غريبن ۾ ورھائڻ کپي،“ ھڪڙيءَ عورت چيو. ”۽ اِھو اوھان ٻڌو تھ محصول اوڳاڙيندڙن کي ھن ڇا چيو! ھن انھن کي چيو تھ اوھان کي سڪي پڪي محصول جي رقم اڳاڙڻي آھي، ۽ ان کان وڌيڪ پائي بھ وٺڻي نھ آھي. اوھين وڌيڪ رقم اڳاڙيو ٿا ۽ اھا پاڻ وٽ رکي ٿا ڇڏيو – ائين اوھان کي ڪرڻو نھ آھي.“

”ھن فوج جي سپاھين کي بھ ڏاڍي ڇنڊ ڪڍي، جيڪي ھن جو وعظ ٻڌڻ آيا ھئا،“ ھڪڙي ماڻھوءَ چيو. ”ھن انھن کي چيو تھ ظالم نھ ٿيو، ۽ ٻين تي ڪوڙا الزام نھ ھڻو! ھيءُ بپتسمي وارو يوحنا سچ پچ تھ ڏاڍو وڏو ماڻھو آھي. ڇا، اوھين نٿا سمجھو تھ ھيءُ اھو اسان جو مسيح ٿي سگھي ٿو، جيڪو خدائي وعدي موجب اسان وٽ اچڻو آھي؟“

پوءِ ڪيترن ئي ماڻھن ائين چوڻ شروع ڪيو تھ شايد يوحنا ئي خدا جو اھو پاڪ ٻالڪ آھي. پر جڏھن ان بابت انھن ھن کان پڇيو تھ ھن ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو.

”نھ،“ ھن چيو، ”اوھين رڳو ھيئن سمجھو تھ آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان وھنجاري پاڪ ڪريان ٿو، ۽ ائين اوھان کي ان سچي پچي بچائيندڙ – ان سچي پچي مسيح – جي اچڻ لاءِ تيار ڪريان ٿو. ھو مون کان گھڻو وڏو آھي، ۽ آءٌ ھن جي آڏو جتي سڌي ڪري رکڻ جي لائق بھ نھ آھيان.“

اھو ٻڌي، ماڻھو ھڪٻئي جي منھن ۾ ڏسڻ لڳا ۽ ان نئين مسيح بابت عجب ۾ پوڻ لڳا، جيڪو بپتسمي واري يوحنا کان بھ وڏو ھوندو. ”جڏھن اھو اوھان وٽ ايندو، تڏھن آءٌ ھن کي سڃاڻندس،“ يوحنا چيو.

پوءِ، ھڪ ڏينھن مسيح آيو. ھو ناصرت مان نڪري، اردن نديءَ ڏانھن ھلي آيو ھو، ڇاڪاڻ تھ ماڻھن کان ھن انھيءَ عجب جھڙي نئين واعظ بابت ٻڌو ھو.

”ڏسو!“ يوحنا، جذبي ۾ ڀرجي چيو. ”ڏسو، ھو خدا جو معصوم گھيٽڙو!“

”آءٌ تو وٽ بپتسمي لاءِ آيو آھيان.“ يسوع چيو.

”تو وٽ ڌوپجڻ لاءِ ڪي بھ گناھھ ڪينھن! تون تھ مون کي بپتسماءِ، ڇو تھ مون کي ان جي ضرورت آھي،“ يوحنا جواب ڏنو. پر ھو پنھنجي سؤٽ کي نديءَ جي وھندڙ پاڻيءَ ۾ اندر وٺي ويو ۽ ھن کي بپتسمو ڏنائين.

يوحنا کان بپتسمي ملڻ تي يسوع جي دل خوشيءَ ۾ ٽمٽار ٿي ويئي، ڇو تھ ھن ائين محسوس ڪيو ڄڻ خدا ھن جي بلڪل ويجھو ھو ۽ ھن تي بيحد مھربان ھو. جيئن ھو پاڻيءَ مان ٻاھر آيو، تيئن ڏاڍي ھڪڙي عجيب ڳالھھ عمل ۾ آئي.

ائين ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ اچانڪ آسمان جو در کلي پيو ھو ۽ ان مان ھڪڙي تابناڪ روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿيو. ۽ خدا جو پاڪ روح ڪبوتر جي شڪل ۾ ھيٺ لھي آيو، ۽ ائين ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ اھو اچي يسوع جي مٿي تي ويٺو. ۽ پوءِ ھڪڙو از غيبي آواز آيو، جنھن چيو، ”ھيءُ منھنجو پيارو پٽ آھي؛ ھن کان آءٌ پوريءَ طرح خوش آھيان.“

14: يسوع، ۽ برائيءَ جو راجڪمار شيطان

جڏھن يسوع کي بپتسمو مليو، ۽ ھن کي ڄاڻ ٿي تھ ھو ئي خدا جو، آسمان مان ھيٺ ڌرتيءَ تي موڪليل پنھنجو خاص ٻالڪ ھو، ۽ ھن کي ئي پنھنجي قوم جو، ۽ ٻين عام ماڻھن جو مسيح ٿيڻو ھو، تڏھن ھن لاءِ انھيءَ ڳالھھ تي سوچڻ ۽ ويچارڻ ضروري ٿيو تھ ان سڄيءَ ڳالھھ جو آخر ڇا مطلب ھو، ۽ مٿس ھيءُ ڪھڙو ڳرو بار پيو ھو.

ھن انھيءَ مسيح بابت گھڻو ڪجھھ ٻڌو ھو، جيڪو يھودين جو بادشاھھ ٿيڻو ھو. سچ پچ، ھيءَ ڪيڏي نھ عجيب ڳالھھ ھئي، جو ھو پاڻ، جيڪو ھڪڙو ڳوٺاڻو واڍو ھو، سو ئي اھو ماڻھو ھجي، جنھن کي خدا پنھنجي ان ڪم لاءِ ڌڻيو ھجي! يسوع پنھنجي اندر ۾ ھڪ وڏي طاقت محسوس ڪئي. ھن محسوس ڪيو تھ ھو اھي ڳالھيون ۽ اھي ڪم ڪري سگھندو جيڪي ٻيو ڪوبھ ڪونھ ڪري سگھندو. اِھو ھڪڙو وڏو ۽ حيرت انگيز خيال ھو، ۽ ان بابت ھن کي پاڻ ئي پنھنجي اندر ۾ سوچڻو ھو.

انھيءَ ڪري، ھو ٻھراڙيءَ ڏانھن ھڪڙي اھڙي ھنڌ ھليو ويو، جتي ايڪانت ھئي، ۽ اتي ھن وڃي پنھنجي سڄي ڪم جي رٿا تي ويچار ڪيو ۽ سوچيائين تھ ھن کي ڇا ڪرڻ گھرجي. ھن اِھو خيال ڪيو تھ ھو پنھنجن سڀني اوچن ۽ اونھن ويچارن کي سادن لفظن ۾ بيان ڪندو تھ جيئن ماڻھو اھي ٻڌن ۽ سمجھي سگھن. ھو انھن کي آکاڻيون ٻڌائيندو تھ جيئن ھو سندس ڳالھيون سولائيءَ سان پنھنجيءَ دل ۾ ويھاري سگھن. ھو ڏکويلن کي آٿت ڏيندو، ۽ جيڪي بيمار ھئا، تن کي چڱي ڀلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

يسوع ائين ٻھراڙيءَ ۾ ھلندو رھيو – ھن جو من پنھنجن خيالن ۾ گم ۽ ھن جي دل سدا حيات اميدن سان ڀريل. ڪيترا ڏينھن تھ ھن کي کاڌو کائڻ بھ ياد ڪونھ ھو. ھن جو پيٽ انھيءَ خوشي ۾ پر ھو تھ دنيا جي خراب ڳالھين ۽ ڪوڙين طاقتن سان لڙڻ ۽ انھن کي شڪست ڏيڻ لاءِ کيس ئي ڌڻيو ويو ھو، ۽ دنيا ۾ پيار جي بادشاھت قائم ڪرڻ جو بار مٿس ئي رکيو ويو ھو.

پر برائيءَ جو راجڪمار، شيطان، خدا جي پاڪ ٻالڪ کي دنيا ۾ ڄاول ڏسي ھرگز خوش ڪونھ ٿيو، جيڪو برائيءَ کي چڱائيءَ جي مدد سان ڪيرائڻ ۽ ختم ڪرڻ جون رٿون رٿي رھيو ھو. انھيءَ ڪري ھو يسوع وٽ آيو ۽ ھن جي من ۾ خيالن جو سرٻاٽ ڪرڻ لڳو تھ جيئن يسوع پنھنجي مسيحي زندگيءَ جي راھھ تان ھٽي وڃي، جيڪا ھو پنھنجي لاءِ رٿي رھيو ھو. ھن کي اِھا خبر ھئي تھ يسوع پنھنجي اندر ۾ خدا جي ان عجيب طاقت جي اڃا شروعات مس ڪري رھيو ھو، جيڪا کيس اھڙن اھڙن معجزن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪندي، جيڪي ڏسڻ ۾ بنھھ جادوءَ جھڙا لڳندا – اھا طاقت، جنھن سان ھو بيمار ماڻھن کي سندن بيماريءَ کان نجات ڏياري، صحت ۽ چڱڀلائي ڏيندو، ۽ مئل ماڻھن کي وري جياري پنھنجن پيرن تي بيھاريندو.

پوءِ، اھا ڳالھھ تھ معلوم ڪندي تھ يسوع کي بک محسوس ٿي رھي ھئي، شيطان ھن جي من ۾ ھڪڙو خيال وڌو. ”ڇو نٿو انھن پٿرن کي ڦيرائي مانيءَ جا روٽ بڻائي ڇڏين؟ خدا جو پٽ اھا ڳالھھ تھ ضرور ڪري سگھي ٿو؟“

پر يسوع ائين ڪونھ ڪيو. شيطان پوءِ ھن جي ڪن ۾ ٻئي ھڪڙي خيال جو سرٻاٽ ڪيو، ۽ ائين ڄڻ تھ خواب ھو، يسوع کي يروشلم جي مقدس عبادتگاھھ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو.

”ڏس!“ شيطان چيو. ”تون سڄي شھر کان ھاڻي مٿي آھين – پر تون تھ خدا جو سگھارو پٽ آھين، سو ھتان تون پاڻ کي ھيٺ ڦٽو ڪري سگھين ٿو، ۽ پوءِ بھ توکي ڪو ايذاءُ نھ ٿيندو. توريت ۾ لکيل ڪونھي تھ خدا جا فرشتا تنھنجو بچاءُ ڪندا ۽ توکي پنھنجين ٻانھن ۾ کڻي وٺندا تھ جيئن تنھنجو ڪو پير بھ ڪنھن پٿر سان ٽڪرجي نھ وڃي؟ تھ پوءِ، ھتان پاڻ کي ھيٺ اڇلاءِ، ۽ پوءِ ئي تون پاڻ کي ۽ ٻين سڀني کي اھو ثابت ڪري ڏيکاريندين تھ سچ پچ تون خدا جو پٽ آھين.“

پر يسوع اھڙي ڪابھ بيعقليءَ جي ڳالھھ ڪانھ ڪئي. پوءِ شيطان پويون ڀيرو ڪوشش ڪئي. ھو يسوع کي ھڪڙي اوچي جبل تي وٺي ويو، ۽ ھڪ پلڪ ۾ ھن کي دنيا جون سڀ بادشاھتون ڏيکاريائين تھ اھي ھن جي آڏو پٽ تي پيون ھيون!

”ڏس!“ شيطان چيو. ”تمام وڏي طاقت، ۽ اھي وڏيون وڏيون بادشاھتون سڀ تنھنجي لاءِ آھن، جيڪڏھن تون رڳو پنھنجي ڏات ۽ پنھنجون صلاحيتون خدا جي بدران منھنجي لاءِ استعمال ڪرين. آءٌ اِھي سڀ توکي ڏيئي سگھان ٿو، جيڪڏھن تون رڳو منھنجي پوئلڳي ڪرين، مون کي پوڄين ۽ منھنجو حڪم مڃين، جيئن ٻيا سڀ ماڻھو ڪن ٿا. تون ھڪڙو واڍي جو پٽ آھين. تو لاءِ رڳو وعظ ڪري، دعائون گھري ۽ عبادتون ڪري وڏو بادشاھھ بنجڻ بيحد مشڪل ڪم آھي، بلڪ ائين ٿي ئي نٿو سگھي. پر آءٌ توکي جھٽ ۾ بادشاھھ بڻائي سگھان ٿو – شرط رڳو اھو آھي تھ تون منھنجو فرمانبردار بڻج ُ۽ منھنجو بندو ٿيءُ.“

پر يسوع وري بھ ھرکجي نھ سگھيو. ھن برائيءَ جي راجڪمار کي منھن ۾ چتائي ڏٺو، ۽ چيو: ”شيطان، منھنجي اڳيان تون ھٽي وڃ! توکي خبر آھي تھ مون کي ھڪڙي مالڪ، پنھنجي خدا، کي مڃڻ گھرجي ۽ فقط انھيءَ جي بندگي ڪرڻ گھرجي.“

پوءِ شيطان کي خبر پيئي تھ ھو شڪست کائي چڪو آھي، ۽ اتان ھو ڀڄي ويو. جڏھن يسوع کي معلوم ٿيو تھ ھو ھميشھ لاءِ شيطان تي سوڀ پائي چڪو ھو، تڏھن ھن جي دل ۾ ھڪ بيحد وڏي خوشيءَ اچي واسو ڪيو: ھاڻي ھو پنھنجي طاقت ۽ پنھنجون سڀ صلاحيتون خدا لاءِ ڪم آڻي سگھندو، ۽ جو ڪجھھ کيس ٿيو اھو ھو سھندو، ۽ ڪھڙي بھ مشڪل زندگي کيس گذارڻي پئي اھا ھو گذاريندو : ھن پنھنجو پاڻ خدا کي سونپي ڇڏيو ھو، ۽ ھاڻي ھو ٻين جي ڀلائيءَ جي راھھ ۾ ھلندو ۽ سڀني کي اھا راھھ ڏيکاريندو.

پوءِ يسوع کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ فرشتا ھلي وٽس آيا آھن ۽ ھن جي پرگھور پيا لھن، ۽ ھو بيحد خوش ٿيو.

15 : يسوع جا پھريان ساٿي ۽ دوست

پوءِ يسوع، ٻھراڙيءَ جي پنھنجي ايڪانت واريءَ جاءِ مان نڪري، گليل جي آباد ۽ ماڻھن سان ڀريل سرزمين ڏانھن ويو. ھن ھڪدم پنھنجو ڪم شروع ڪرڻ ٿي چاھيو، ۽ ھر اھو ماڻھو، جيڪو ھن کي ٻڌڻ لاءِ تيار ھو، ان کي ھن پنھنجي ڳالھھ سمجھائڻ ٿي گھري. ھن انھن کي اھي سڀ عبرت ڀريون ڳالھيون ٻڌائڻ ٿي گھريون، جن جي ھن کي ڄاڻ ھئي.

ھن محسوس ڪيو تھ ھن کي مدد ڪرڻ لاءِ ڪو نھ ڪو ساٿي ھن سان گڏ ھئڻ گھرجي. ھن کي پھريائين پنھنجي سکيا ڪن خاص ماڻھن کي ڏيڻي ھئي، جيڪي سندس ڳالھيون ٻين ماڻھن تائين – ويجھن ماڻھن ۽ پرانھن ماڻھن تائين – نيئي پھچائين. انھيءَ ڪري ھن لاءِ ضروري ھو تھ ھو ڪي پنھنجا پھريان ساٿي ۽ دوست پيدا ڪري، جيڪي ھن جا پوئلڳ ھجن، ۽ اھي ھن تي يقين رکن، ۽ سندس تعليم اھڙيءَ ريت ٻين کي ڏين جيئن ھن پاڻ ٿي ڏني.

ھڪڙي ڏينھن، يسوع جو سوڀيا ڀريل گليل جي سمنڊ جي آسپاس وڃڻ ٿيو ۽ اتان ھو وڌي ان جي ڪناري تي وڃي بيٺو. اتان ھن ڪيترن ئي مھاڻن کي ڏٺو، جيڪي مڇي ماري رھيا ھئا، ۽ منجھن ھڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھن ٻھ ڀائر ڏٺا. انھن مان ھڪڙي جو نالو شمعون ۽ ٻئي جو اندرياس ھو، ۽ اھي ڏاڍا سٺا ماھيگير ھئا. يسوع کي ھنن جي ڪم جو نمونو ۽ سڀاءُ ڏاڍو وڻيو، ۽ ھن کي پوري خاطري ٿي ويئي تھ ھو انھن تي ڀروسو ڪري سگھيو ٿي، ۽ اھي ھن کان ضرور دل لائي سکيا وٺندا.

ھن پوءِ اتان بيھي انھن کي پاڻ ڏانھن سڏيو. ھنن پنھنجا ڄار ھٿن ۾ جھليندي، مٿي نھاريو ۽ يسوع کي ڏٺو. ھن ۾ انھن کي اھڙي ڪا جوت ڏسڻ ۾ آئي، جو ھن تان پنھنجون اکيون ئي کڻي نھ پئي سگھيا.

”اوھين مون سان ھلو،“ يسوع، سڏ ڪندي، ھنن کي چيو، ”آءٌ اوھان کي ماڻھن جو شڪاري بڻائيندس!“

شمعون ۽ اندرياس سمجھي نھ سگھيا تھ ھن جو ڇا مطلب ھو. ھو اِھو سمجھي نھ سگھيا تھ يسوع کين چيو ٿي تھ ھنن کي مڇين بدران ماڻھن کي ”پڪڙڻ“ ۽ ڇڪي پاڻ ڏانھن آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ ائين سڀني ماڻھن کي گڏجي ”پيار جي بادشاھت“ ۾ رھڻ گھرجي. پر جيتوڻيڪ ھو نٿي سمجھي سگھيا تھ ھن جو ڇا مطلب ھو، تھ بھ ايترو ھنن ڄاتو ٿي تھ کين، ٻيو سڀ ڇڏي، ھن سان وڃڻ ضروري ھو.

ھنن، پوءِ، پنھنجا ڄار ڇڪي ٻيڙيءَ ۾ وڌا ۽ چپو ھلائي، ٻيڙيءَ کي آڻي ڪناري سان لڳايائون، ۽ ٽپ ڏيئي ھو لھي پيا ۽ ڏاڍي شوق سان اچي يسوع جي اڳيان بيٺا، ۽ پڇڻ لڳا تھ ھن کانئن ڇا ٿي چاھيو!

ٿورو پنڌ اڳيان، يسوع ٻيا ٻھ ڀائر ڏٺا، جيڪي پنھنجي پيءُ سان گڏ ھڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ويٺا ھئا، ۽ پنھنجا ڄار پئي ڳنڍيائون. يسوع انھن کي بھ پاڻ ڏانھن سڏيو.

”اچو، مون سان ھلو!“

سڏ تي ٻيئي ڀائر، يعقوب ۽ يوحنا، پنھنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي، ڪناري تي ھليا آيا ۽ يسوع جي پٺيان ھلڻ لڳا. اھي ۽ اھڙا ٻيا ھن جا سچا پچا دوست ۽ ساٿي ھئا، جن ھن جي حياتيءَ ۾، ۽ پوءِ بھ، ھن سان پورو ساٿ ڏنو ۽ ھن جي ڪم کي اڳتي وڌايو. ھن پوءِ انھن جھڙا اٺ ٻيا ساٿي بھ چونڊي کنيا، پر ھي پھريان چار ھن جا ويجھي ۾ ويجھا يار ۽ ھن جي ڪم ۾ گھڻي ۾ گھڻا مددگار رھيا.

انھن مان ھڪڙو تمام گھڻو محبتي مڙس ھو. اھو شمعون ھو. ھو دلير ھو ۽ ڏاڍو نرم دل بھ ھو، پر ڪڏھن ڪڏھن ھو، زور ڪري، پنھنجيءَ تي ھلڻ وارو بھ ھو. ڪنھن کي بھ سندس ڪا خاطري ڪانھ ھوندي ھئي.

”ھيءُ ڏاڍو سٺو ماڻھو ٿي سگھي ٿو،“ سڀني ٿي چيو، ”پر خبر نھ آھي، ڇو ناڪام ثابت ٿو ٿئي؟“

پر يسوع کي خبر ھئي تھ شمعون بيحد لائق ماڻھو ھو ۽ سندس

ڪم ۾ کيس وڏي مدد ڪندو. ھن شمعون جي منھن ڏانھن ڏسي، چيو: ”تنھنجو نالو شمعون آھي، پر آءٌ توکي پطرس سڏيندس.“

”تون مون کي پطرس ڇو سڏيندين؟“ شمعون، اچرج وچان چيو.

”ڇاڪاڻ تھ ”پطرس“ جي معنيٰ ”پٿر“ آھي.“ يسوع جواب ڏنو. ”ھڪ ڏينھن تون اھڙو ئي محڪم ثابت ٿيندي، پطرس، جھڙو پٿر، ۽ جيڪا بادشاھت آءٌ اڏيان ٿو ان جو گھڻي قدر ڀرجھلو تون ٿيندين. تون پاڻ کي پطرس ثابت ڪندي، اھڙو سوگھو ۽ اڏول جھڙو پٿر.“

يسوع ڪل ٻارھن دوست چونڊيا، انھن جو ھن سان عشق ھو. اھي ھن جي ڳالھين کي ايترو سمجھندا ھئا، جو جڏھن ھو ساڻن نھ ھوندو ھو تڏھن بھ ھو ٻاھر نڪري ويندا ھئا، ۽ وڃي ماڻھن کي وعظ ڪندا ھئا ۽ انھن کي سکيا ڏيندا ھئا. اھي ھن جا ٻارھن پوئلڳ يا ساٿي ھوندا ھئا، ۽ ھنن جي اھا سنگت ڏاڍي مبارڪ ۽ پاڪ سنگت ھوندي ھئي. جيڏانھن ھنن جو محبوب آقا ۽ ھادي ويندو ھو، تيڏانھن ھن جي پٺيان ھو بھ ويندا ھئا.

16 : يسوع پنھنجو ڪم شروع ڪري ٿو

۽ ھاڻي سچ پچ يسوع پنھنجو وڏو ڪم شروع ڪيو. ھو ٻھراڙيءَ ۾، ھيڏانھن ھوڏانھن، چوڌاري وڃڻ لڳو ۽ ھر ڪنھن سان ڳالھائڻ لڳو. ھن ديولين ۾ وعظ ڪيا. ھن جي دل ۾ جيڪي اعليٰ خيال ھئا، انھن کي ھن سادن ۽ سھڻن لفظن ۾ بيان ڪيو. جو ڪجھھ ھن چيو ٿي، ان کي ھر ڪو ماڻھو، ۽ خود ٻار بھ سمجھي ٿي ويا. ھن جي ڪابھ ڳالھھ سمجھڻ ۾ مشڪل ڪانھ ھئي.

”خدا جي بادشاھت ويجھي آھي،“ يسوع چيو. ”وڌيڪ غلط ڪم نھ ڪريو، پر نيڪ ڪلام کي ۽ جا خوشيءَ جي خبر اوھان کي مان ڏيان ٿو ان کي مڃو. خدا اوھان جو آسماني پيءُ آھي، ۽ ھن کي اوھين وڻو ٿا. ان تي ڀروسو رکو ۽ ڪنھن کان نھ ڊڄو. برائيءَ کان ڀڄو ۽ نيڪ ڪم ڪريو. پوءِ سڄي خوشي – تمام وڏي خوشي - ۽ سڄو سک اوھان لاءِ آھي.“

ماڻھن يسوع کي ٻڌو، ۽ ھن کي ڏٺو. ھو ڏسي سگھيا ٿي تھ ھو مجسم نيڪي ھو. ھو ھن جي چوڌاري اچي ٿي گڏ ٿيا. ھنن جو ھن سان پيار ھو. ھو ھن جي ھر لفظ ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا. ترت ئي ھن جي ڳالھھ سڄي ملڪ ۾، ۽ ان جي ڪنڊڪڙڇ ۾، پکڙجي ويئي.

”تو يسوع کي وعظ ڪندي ٻڌو آھي؟ بس، حيرت آ حيرت! توکي تھ خبر آھي تھ ھو ڪير آھي؟ ھو يوسف جو پٽ آھي، جيڪو ناصرت جو ھڪڙو واڍو ھو! اڄ تون اچي ھن کي ٻڌج. ھو جيڪي ڳالھيون ڪري ٿو اھي سمجھڻ ۾ سڀ آسان آھن. ھن کي ٻڌي تنھنجي روح کي راحت ايندي ۽ تنھنجي دل ڏاڍي خوش ٿيندي.“

ائين جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ماڻھو ھن کي ٻڌڻ لاءِ ھن وٽ ايندا رھيا. جڏھن ھو ڳالھائيندو ھو، تھ ديوليون ڀرجي وينديون ھيون، ۽ جي ٻاھر کليل ميدان ۾ وعظ ڪندو ھو تھ انبوھھ ماڻھن جا، ھتان ھتان ڊوڙندا، کيتن ۽ ماٿرين ۾ ھن کي ٻڌڻ لاءِ اچي ڳاھٽ ٿيندا ھئا. ماڻھو محسوس ڪندا ھئا تھ يسوع، جو ڪجھھ چيو ٿي، اھو ھن پنھنجي دل ۾ پرکيو ۽ پروڙيو بھ ھو ۽ ھن کي خبر ھئي تھ ھو ڇا چئي رھيو ھو. ھنن کي اھا خاطري ھئي تھ جيئن ھن چاھيو ٿي تھ ھو ٿين، اھڙو ئي سٺو ھو پاڻ ھو. جڏھن پيار ڀريل دل سان ۽ اکين ۾ سڃاڻپ جا سھاءَ کڻي، ھنن ڏانھن ڏسندو ھو، تھ ھو چاھيندا ھئا تھ ھو پاڻ بھ اھڙا ٿين، ۽ سڀني کي ڀاڪر پائي، دل سان پيار ڪن.

”ھيءُ شخص ائين ئي ڳالھائي ٿو، جيئن سچ پچ ھو سمجھي ٿو ۽ چاھي ٿو. ھيءُ اسان جي ٻين واعظن وانگر ڪونھي، جو دل ۾ ھڪڙي ڳالھھ ھوندي اٿن ۽ زبان سان ٻي ڳالھھ چوندا آھن،“ ماڻھن ھڪٻئي کي چيو.

۽ پوءِ يسوع پنھنجي اھا اچرج جھڙي طاقت ڪم آڻڻ شروع ڪئي، جنھن سان ھو بيمارن کي بيمارين کان ڇڏائي سگھيو  ٿي. ھن جڏھن دکي ۽ سورائتا ماڻھو ڏٺا، تڏھن ھنن جو دک ۽ ھنن جو ايذاءُ ھو سھي نھ سگھيو. ھو سڀڪنھن کي ڀانئڻ وارو ھو ۽ ھن جي دل ڏاڍي ڪنئري ۽ نازڪ ھئي، ۽ جڏھن ڏسندو ھو تھ ڪنھن کي ھن جي مدد جي گھرج آھي، تھ ھو انھيءَ ئي مھل ڊوڙي، ان وٽ پھچي ويندو ھو.

ھن کي اِھا خبر ھئي تھ ھن وٽ ھڪ وڏي ڄاڻ ۽ غير معمولي طاقت ھئي. ھو بيمار ماڻھن جي ھٿ ڏسڻ ۽ انھن کي ڇھڻ سان، يا ساڻن رڳو ڳالھائڻ سان، انھن کي بھتر بڻائي سگھيو ٿي. ھيءَ ھڪ عجيب ڏات ھئي، ۽ ترت ئي سڄيءَ ٻھراڙيءَ ۽ ان جي آسپاس جا ماڻھو يسوع جي انھن ڳالھين تي اتساھھ ۽ اچرج ۾ ڀرجي ويا.

”ھيءُ رڳو وعظ ڪونھ ٿو ڪري! ھيءُ بيمارن کي چڱو ڀلو بھ ڪري ٿو! سچ پچ ھيءُ خدا جو پيارو پٽ آھي! آءٌ ڪالھھ اتي ھوس، ۽ منھنجي اڳيان ھن ھڪڙي غريب ماڻھوءَ کي ٺيڪ ڪري ڇڏيو! ھيءُ سچ پچ ھڪ عجيب ماڻھو آھي.“

”ھيءُ روح ۽ جسم ٻنھي کي چڱو ڀلو ڪري ٿو! ھيءُ سچ پچ مسيح آھي، اسان جو بچائيندڙ آھي! پنھنجن ڪمن کي ڇڏيو، ۽ ھلو، مون سان ھلي، ھن جون ڳالھيون ٻڌو. رڳو ھن جي ڪڙتي کي ھٿ لائڻ ئي اھڙي نعمت آھي، جو اوھين سڄي عمر ياد ڪندا!“

اھڙيءَ طرح، جيڏانھن يسوع ويو ٿي، ھن جي پٺيان انبوھھ ماڻھن جو لڳو ٿي ويو. انھن مان ڪن کي آس ھوندي ھئي تھ ھو ڪي حيرت ۾ وجھڻ جھڙيون ڳالھيون ڪري، ۽ ڪي معجزا ڏيکاري جيڪي ماڻھن کي جادوءَ وانگر ٿي لڳا، تھ ھو اھي ڏسن. انھن مان ڪن چاھيو ٿي تھ ھو رڳو ڳالھائي ۽ وعظ ڪري تھ ھو اھو ٻڌن. ٻار ھن جي پٺيان ٿي ويا، ڇاڪاڻ تھ انھن جو ھن سان پيار ھو ۽ انھن سمجھيو ٿي تھ اھڙو حيرتناڪ ماڻھو ھنن ڪڏھن ڪونھ ڏٺو ھو.

۽ ڪي ھن سان گڏيا ويا ٿي، ڇاڪاڻ تھ اھي بيمار ھئا ۽ انھن کي چڱي ڀلي ٿيڻ جي اميد ھئي. انھن ڏينھن ۾ طبابت، يعني ڊاڪٽري، اھڙي اچرج ۾ وجھڻ جھڙي سڌريل ڪانھ ھئي جھڙي ھاڻي آھي، ۽ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون ھيون، جيڪي ڪوبھ ڊاڪٽر ڇٽائي نٿي سگھيو. اڄڪلھھ، ڪھڙو بھ کڻي ڪو بيمار ھجي پر ان لاءِ ڪنھن نھ ڪنھن علاج جي اميد آھي، ڇاڪاڻ تھ اسان جي بدن جي بناوت بابت، ۽ اھو ڪيئن ٿو ڪم ڪري ان بابت، گھڻو ڪجھھ معلوم ٿي سگھيو آھي ۽ تمام وڏيون ڳالھيون دريافت ٿيون آھن. پر گذري ويل انھن ڏورانھن ڏينھن ۾، جڏھن ڪو ماڻھو سخت بيمار ٿيندو ھو تھ ان لاءِ تمام ٿورو ڪو علاج ٿي سگھندو ھو.

انھيءَ ڪري، ائين ٿيندو ھو، جو گھڻو ڪري ماڻھو سالن جا سال پيا چڙندا ھئا، ۽ اھي پنھنجي چڱڀلائيءَ ۽ سگھاري ٿيڻ لاءِ سڀ ڪجھھ ڏيڻ لاءِ ۽ سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا ھئا. انھن جڏھن يسوع جھڙي مھربان ۽ پياري ماڻھوءَ بابت ٻڌو، جنھن جي ھٿ ۾ شفا ھئي، تڏھن ھنن جي مئل دلين ۾ ساھھ پئجي ويو، ۽ اھا ڳالھھ ھنن لاءِ ڏاڍي ھڪ عجيب ڳالھھ ھئي. ۽ ھو ميڙاڪا ڪري، ڪنھن نھ ڪنھن طرح – ڪي پيرن تي ھلي ۽ ڪي پنھنجن دوستن ۽ عزيزن کان پاڻ کڻائي – ھن وٽ پھچي ويندا ھئا.

”شايد ھن کان اسان کي شفا ملي!“ بيمار ماڻھن پنھنجي پاڻ کي چيو، ۽ ھنن جي دل ڀريل دلين ۾ اميد جي جھلڪ روشن ٿِي ٿي ويئي. ”ڇا بھ ٿئي، پر اسين ھن وٽ وينداسين. شل ھن جي ويجھو وڃي سگھون! شل ھن سان پنھنجو حال ڪري سگھون! ھر وقت ھن جي چوڌاري ماڻھن جا انبوھھ آھن!“

17 : امير جو پٽ

اھڙيءَ طرح، انھن ڏينھن ۾، ھڪڙو ڪو امير شخص ھو، جيڪو ڪفرنحوم جي شھر ۾ رھندو ھو، ۽ ھن کي ھڪڙو ننڍو سڪيلڌو پٽ ھو. پيءُ کي پنھنجي پٽ سان بيحد پيار ھوندو ھو، ۽ ھو ان جي سک ۽ آرام جو تمام گھڻو خيال رکندو ھو. ان لاءِ ھن خادم مقرر ڪيا ھئا، جيڪي ھن جي ٽھل ٽڪور ڪندا ھئا. ان لاءِ ھو قسم قسم جا رانديڪا ۽ مٺايون وٺي ايندو ھو. ھو ائين سمجھندو ھو تھ سڄيءَ دنيا ۾ جيڪڏھن ڪوسھڻي ۾ سھڻو ۽ سٺي ۾ سٺو ٻار ھو تھ ھن جو اھو ننڍڙو پٽ ھو.

ھڪڙي ڏينھن ھن جو اھو پيارو پٽ بيمار ٿي پيو. ھن ان ڏانھن تمام غمگين نگاھن سان ڏٺو، ۽ ھن کي کڻي پنھنجي گوڏي تي ويھاريو، ۽ ھن جي گرم ھٿن کي جھليائين ۽ ھن جي ٻرندڙ پيشانيءَ تي ھٿ رکي ڏٺائين. ويچاري ٻار کي راند روند وسري ويئي ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏائي ويو.

”اسان کي ھڪدم طبيب گھرائڻ کپي،“ ھن جي پيءُ چيو، ۽ ھڪڙي خادم کي طبيب ڏانھن موڪليائين. طبيب اچڻ سان ٻار کي بستري تي ليٽائي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ ھن جي کاڌي پيتي جي خاص انتظام جي ھدايت ڪئي. ھن کي خاموش سمھاري ڇڏڻو ھو، ۽ خدا گھريو تھ ھو پنھنجي وقت تي پاڻيھي ٺيڪ ٿي ويندو.

پر ننڍڙو نينگر ٺيڪ ئي نھ پئي ٿيو. جڏھن ھڪڙي ڏينھن ھن جو پيءُ ھن کي ڏسڻ ويو، تھ ھن کي ٻار جي حالت وڌيڪ خراب ڏسڻ ۾ آئي. ھن جون اکيون پئي ٻريون. ھن ھيڏانھن پاسو ورائي ھوڏانھن پاسو پئي ورايو، ۽ ڪڻڪاٽ پئي ڪيائين. ھن جي پيءُ ھن کي پنھنجين ٻانھن ۾ جھلي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو. ڪري، سو ڇا ڪري؟ شايد ٻيو طبيب پھرئين طبيب کان وڌيڪ قابل ۽ ڄاڻو ھجي!

پوءِ ھن ٻيو طبيب گھرايو، ۽ ان کان پوءِ وري ٻيو. ھو ھڪ دولتمند ماڻھو ھو، ۽ ھن کي پنھنجي دل گھرئي پٽ تي پيسي خرچ ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانھ ھئي. ھن جڏھن ٻار کي ائين بستري تي بي آراميءَ سان ليٽندي پيٽندي ڏٺو ٿي، تڏھن ھن جي دل نپوڙبي پئي ويئي.

امير شخص ڏاڍيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڀرجي طبيبن سان ڳالھايو. ”ٻار جي حالت اھڙي ئي آھي جھڙي پھرين. ان ۾ ڪا بھتري ڪانھ ٿي ڏسجي. پاڻ اڳي کان ھو وڌيڪ نازڪ حالت ۾ ڏسجي ٿو. ڇا، ھو – ھو – او خدا – ڪٿي ھن جي دشمنن کي ڪجھھ...!“

طبيبن ٻار جي پيءُ ڏانھن خالي نگاھن سان نھاريو. ٻار جي حالت جيڪا ھئي سا ھئي. ھو وڌيڪ ڪري بھ ڇا ٿي سگھيا.

امير شخص ھنن جي منھن ۾ ڏٺو ۽ سمجھي ويو، ۽ ھن جو ھانءُ غم ۾ ٻڏي ويو. ھن جي پنھنجي پٽ سان ڏاڍي دل ھئي. ھو اٿي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ھليو ويو ۽ اتي ڏک ۽ بيوسيءَ کان ڪوٺيءَ ۾ ھيڏي ھوڏي ھلڻ لڳو. ھن کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ڇا ڪري. ھو اڃا اتي ئي ھو تھ سندس خادم ڊوڙي وٽس آيا.

”سائين،“ ھنن تکو تکو ھن کي چيو، ”اوھان يسوع نالي ھڪڙي نئين طبيب جي خبر ٻڌي آھي؟ ھو وعظ بھ ڪري ٿو ۽ علاج بھ ڪري ٿو. ھن ڏاڍيون حيرتناڪ ڳالھيون ڪيون آھن. اوھين ھن کي ھتي آڻيو ۽ ننڍڙي جي علاج لاءِ منٿ ڪيوس. جي ترت ڪجھھ نھ ٿيو تھ ننڍڙي جي دشمنن کي الائي ڇا ٿي ويندو!“

امير شخص پنھنجن خادمن ڏانھن ڏٺو ۽ ھن جي دل ۾ ھڪڙي ننڍڙي اميد جي جھلڪ پيدا ٿي. ”آءٌ سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھيان،“ ھن چيو. ”مون کي ٻڌايو تھ اھو ماڻھو ڪٿي آھي؟“

”ھو ھينئر گليل جي قانا ڳوٺ ۾ آھي،“ خادمن مان ھڪڙي ڏاڍي چاھھ وچان چيو. ”سائين، مون کي ڇڏيو تھ ھن ڏانھن اوھان جو پيغام کڻي وڃان. ھن ڏانھن ھڪڙو خط بھ لکي ڏيوم. آءٌ واءَ وانگر اڏامي ويندس، ۽ ھڪدم ھن کي اوھان وٽ وٺي ايندس.“

”نھ. آءٌ پاڻ اوڏانھن ويندس،“ امير شخص چيو. ”آءٌ ھن کي ھيڏانھن اچڻ لاءِ پيرين پوندس. ھن کي ضرور اچڻو پوندو. او منھنجا ساھھ کان پيارا سڪيلڌا پٽ! توکان سواءِ منھنجو ڇا ٿيندو؟ ھن دنيا ۾ تون ئي تھ منھنجو سڀ ڪجھھ آھين!“

ھو پوءِ ڊوڙي وري پنھنجي بيمار نينگر وٽ ويو، ۽ پوئين ھڪ نگاھھ ھن تي وجھي، پاڻ پنھنجي سر انھيءَ ئي گھڙيءَ اٿي قانا ڏانھن روانو ٿيو. جيترو تکو ٿي سگھيس، اوترو تکو ھو ڪاھيندو اوڏانھن ويو. ڪھڙي نھ بي انت خوشي ھن لاءِ اھا ٿيندي، جو ھيءُ واعظ ھن جو پٽ ھن کي بچائي ڏئي! ھونئن ھيءُ واعظ ڪير بھ ھو، ان سان ھن جو ڇا؟ جو ڪجھھ بھ کانئس ھو گھرندو، اھو ھو ھن کي ڏيندو!

رستي ۾ ھن کي ڪيترائي ماڻھو مليا، جن ھن کي يسوع جو پورو ڏس ڏنو. ھنن ھن کي ھيءُ بھ ٻڌايو تھ يسوع خاص ڪو طبيب ڪونھ ھو، پر ھو تھ ھڪ عجيب انسان ھو، جنھن زندگيءَ جو بھتر رستو ٿي ڏسيو – نيڪيءَ جو ۽ پيار جو رستو. امير شخص يسوع بابت ماڻھن کان اھي ڳالھيون ٻڌي، پرپٺ ھن جو پرستار بڻجي پيو ۽ کيس يقين ٿي ويو تھ ھو واقعي ڪنھن وڏيءَ مڻيا وارو ماڻھو ھو.

نيٺ ھو اتي پھچي ويو، جتي يسوع رھيل ھو. اتي پھچڻ کان پوءِ، ھو ڏاڍي انتظار ۾ ٻاھر ترسي بيھي رھيو تھ يسوع ٻاھر نڪري تھ ھن کي پنھنجي دل جو حال ٻڌائي! ھن جي دل جي آس جيئن پوءِ تيئن وڌندي رھي تھ يسوع ساڻس گڏجي ڪفرنحوم ھلندو ۽ ائين ھن جي ھٿان سندس بيمار پٽ جي جان بچي ويندي!

پوءِ يسوع ان ڪوٺيءَ ۾ آيو، جتي اھو امير شخص انتظار ۾ ويٺو ھو. ھن يسوع ڏانھن ڏٺو ۽ ڏسڻ سان ھو سمجھي ويو تھ يسوع کان ئي ھن جي دک جو علاج ٿي سگھيو ٿي – ڇو تھ ھن ۾ اھا سگھھ ۽ اھا ڪھل کيس ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا ھر ڪمزور جو ڏڍ ۽ ھر ايذايل جو مرھم ٿي سگھي ٿي. سچ پچ بھ تھ يسوع ۾ اھو قرب ۽ اھا ٻاجھاري پنھنجائپ ھئي، جنھن کان ڇڪجي ھر راھھ وڃايل ۽ تڪليف ۾ آيل ماڻھو ھن وٽ وڃي آرام ۽ آٿت وٺندو ھو.

”سائين،“ امير شخص ڏاڍي لاچاري انداز ۾ چيو، ”منھنجو ننڍڙو معصوم پٽ ڪفرنحوم ۾ بيمار آھي. ھو مرڻ جي بستري تي آھي. مون تي... مون تي قياس ڪريو، مون سان گڏجي اوڏانھن ھلو ۽ ھن جو ڪو بلو ڪريو! مون کي يقين آھي تھ توھين ھن کي بچائي سگھو ٿا. ڇا، مون سان گڏجي ھلندا؟ ھو منھنجو ھڪڙو ئي پٽ آھي، ۽ مون کي بيحد پيارو آھي. ھيءُ ستون ڏينھن آھي، جو ھو تپ جي آڙھھ ۾ ٻري رھيو آھي.“

يسوع کي عجب ٿيڻ لڳو تھ ھيءُ ماڻھو کانئس رڳو ڪنھن معجزي جي اميد رکي وٽس آيو آھي! ڪيترائي ماڻھو ھاڻي وٽس اھڙن عجائبات جي ڏسڻ لاءِ ايندا ھئا، ۽ دل ۾ چوندا ھئا تھ پوءِ ئي ھو کيس خدا جو پيارو سمجھندا ۽ مٿس ايمان آڻيندا. پر يسوع ائين ھرگز نھ چاھيندو ھو تھ ماڻھو کيس رڳو اھڙن معجزن جي ڪري مڃين. ھو چاھيندو ھو تھ ماڻھو سندس ڳالھيون ٻڌن ۽ سندس تعليم کي سمجھن، ۽ جيئن ھن کين چيو ٿي، تيئن ئي سندن تعليم تي ھو عمل ڪن.

”تون ۽ ٻيا رڳو چاھيو ٿا تھ آءٌ اوھان کي معجزا ڪري ڏيکاريان!“ ھن چيو. ”توھين تيسين مون کي ڪين مڃيندا، جيسين آءٌ اوھان کي حيرت ۾ وجھڻ جھڙي ڪا ڳالھھ نھ ڪري ڏيکاريان!“

”سائين،“ امير شخص بيوسيءَ جي انداز ۾ چيو، ”آءٌ ڪي اھڙيون نشانيون يا معجزا ڪونھ ٿو گھران. منھنجو پٽ مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آھي. آءٌ رڳو چاھيان ٿو تھ اوھين مون سان ھلي سگھو تھ مون تي ڪھل ڪريو ۽ ھلي ان جو ڪو علاج ڪريو. مون سان ھينئر ۽ ھن گھڙيءَ ھلو، نھ تھ ھو مري ويندو.“

يسوع پريشان حال ماڻھوءَ ڏانھن ڏٺو، ۽ ھن جي دل ٻاجھھ ۽ پيار سان ڀرجي ويئي، ”تون ڪو ڊپ نھ ڪر،“ ھن ڏاڍيءَ نرميءَ سان چيو. ”تنھنجو پٽ جيئرو آھي. تون موٽي گھر وڃ، ۽ اتي ڏسندين تھ جيڪي مان چوان ٿو سو صحيح آھي.“

امير شخص يسوع جي ڳنڀير منھن ۾ نھاريو، ۽ اعتبار ڄمي ويس. ھن جي دل ايتري تھ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويئي، جو ھن جي سھڻ کان ٻاھر ڳالھھ ھئي. ھو اتان اٿيو ۽ ٻاھر نڪري، ڏينھن رات جو خيال نھ ڪندي، تڪڙو تڪڙو ڪنھن طرح موٽي پنھنجي گھر پھتو. يسوع ھن کي جيڪي چيو ھو، ان تي ھڪ گھڙيءَ جو شڪ بھ ھن کي ڪونھ ھو. ھن جي دل کي پڪ ھئي تھ ھن جو پٽ ٺيڪ ھو. جيتوڻيڪ يسوع ٻار سان ڳالھايو بھ ڪونھ ھو، ان کي ڏٺو يا ڇھيو بھ ڪونھ ھو، پر ڪنھن طرح ھن جي ڳالھھ جوا ثر ٻار تائين پھچي ويو ھو ۽ ھو ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو ھو. ان جي ھن کي خاطري ھئي.

پوءِ، ھو جيئن پنھنجي گھر جي ويجھو پھتو، تھ ڏٺائين تھ ھن جا نوڪر چاڪر ھن جي انتظار ۾ ٻاھر بيٺا ھئا، ۽ جيئن ئي ھنن کيس ڏٺو تيئن ھو ڊوڙي وٽس آيا. ھنن جا منھن خوشيءَ ۾ ٻھڪي رھيا ھئا.

”سائين! اوھان جو پٽ خوش آھي! ڏسو... ھو اوھان ڏانھن پيو اچي!“

امير شخص پنھنجو پٽڙو پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو. ھڪڙو خادم ان کي، پير پير ۾ ڪندو، ڏانھنس وٺي پئي آيو. پري کان ھيٺ ويھي، ھن پنھنجون ٻانھون ڊگھيريون، ۽ پوءِ ھڪدم ٻار کي کڻي ھنج ۾ جھليائين. ”آءٌ ٺيڪ آھيان،“ ٻار ھن کي چيو. ”منھنجي مٿي جو سور لھي ويو آ. ابا، آءٌ توسان راند ڪندس!“

ھن پنھنجي ننڍڙي نينگر جي ڳلن تي پيار جي ٿڦڪي ھنئي، ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي ھن جي منھن ۾ چتائي ڏٺائين. ھن جو من ايترو تھ خوشيءَ ۾ ٽمٽار ٿي ويو، جو ھو مشڪل سان ڳالھائي ٿي سگھيو. ھن ڇوڪر کي کڻي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو، ۽ ڪنڌ کڻي خادمن ڏانھن ڏٺائين، جيڪي پاڻ خوشيءَ ۾ ٽڙي رھيا ھئا.

”ڪھڙي وقت منھنجي ٻچي کي تپ ڇڏيو ھو؟“ ھن پڇيو.

”سائين، آسرو لاھي ويٺا ھئاسين،“ ھڪڙي خادم چيو، ”۽ پوءِ ستين ڏينھن صبح جو، ھن جو تپ لھي ويو، ۽ ھن جي حالت گھڻي سڌريل ڏٺيسين ۽ خدا جو شڪر ڪيوسين.“

”ستين ڏينھن صبح جو!“ امير شخص کان دانھن نڪري ويئي، ۽ ھن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. ”بلڪل انھيءَ ڏينھن صبح جو يسوع چيو ھو ”ڪو ڊپ نھ ڪر، تنھنجو پٽ جيئرو آھي.“ ھيءُ سچ پچ ڏاڍو وڏو انسان آھي! اوھين پاڻ ھن کي ڏسو ھا تھ اوھان کي خبر پوي ھا! ھاڻي، اسان سڀني کي اتي ھلي، ھن جون ڳالھيون ٻڌڻ گھرجن. جيڪي ھو چوي ٿو، اھو اسان کي مڃڻو آھي، ۽ ان تي اسان کي عمل ڪرڻو آھي. ۽ منھنجا پيارا پٽ، تون بھ اسان سان گڏجي ھن وٽ ھلج ۽ ھن جون ڳالھيون ٻڌج. توکي تھ ھن وٽ ھلي، ھن جو احسان مڃڻو آھي. ھن تنھنجي جان بچائي آھي - ۽ تون ھتي ھن کان ھيترا ميل پري بيمار پيو ھئين!“

۽ اھڙيءَ طرح، انھيءَ ڪٽنب ۾، ۽ ٻين اھڙن ڪيترن ئي ڪٽنبن ۾، ڪيترائي ھئا، جن يسوع کي بيحد پيار ڪيو ٿي ۽ ھن کي دليان مڃيو ٿي ۽ جيڪي ھن چيو ٿي ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. ھو ھر ڪنھن سان ھن جي ڳالھھ ڪندا ھئا، ۽ ائين ھن جي ڳالھين ٻڌڻ لاءِ ۽ ھن، جو ڪجھھ ڪيو ٿي، ان کي ڏسڻ لاءِ، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ماڻھن جا انبوھھ ھن وٽ ايندا رھيا ۽ ھن جي چوڌاري گڏ ٿيندا رھيا.

18 : تلاءَ تي ستل ماڻھو

يروشلم جي شھر ۾، رڍن جي پڙيءَ کان ٿورو پرڀرو، ھڪڙي عجيب قسم جو تلاءُ ھوندو ھو. ان کي ”بيت حسدا“ جو تلاءُ سڏيندا ھئا. ”بيت حسدا“ عبراني ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”ٻاجھھ جو گھر.“ ان جي چوڌاري پنج موڪريون ڏيڍيون ٺھيل ھونديون ھيون، جن مان نڪري، اڀن ڏاڪن رستي ھيٺ پاڻيءَ تائين وڃي سگھبو ھو.

اھا ڏاڍي ھڪ درديلي جڳھھ ھوندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ڏيڍين ۾ سدائين ڪيترا بيمار ماڻھو ليٽيا پيا ھوندا ھئا. انھن مان ڪيترا تھ سالن کان اتي پيل ھوندا ھئا. ڪي انھن ۾ انڌا ۽ ڪي منڊا ھوندا ھئا، ۽ ڪن جا سنڌ سڪل ھوندا ھئا، جيڪي پنھنجون ٽنگون ۽ ٻانھون چوري بھ نھ سگھندا ھئا. انھن کي ڏسڻ سان دل کي ڏاڍو گھڻو ڏک ٿيندو ھو.

تلاءَ جي ھيٺان ھڪڙو قدرتي چشمو ھوندو ھو، جنھن مان تلاءَ کي پاڻي پيو ملندو ھو. ان چشمي ۾ ڪڏھن ڪڏھن اوچتي اڇل ايندي ھئي ۽ پاڻي اٻڙڪو کائي مٿي ايندو ھو ۽ ان ۾ گجي ڀرجي ويندي ھئي. ان وقت ماڻھو چوندا ھئا تھ تلاءُ موج ۾ آيو آھي، ۽ انھيءَ اڀري آيل پاڻيءَ لاءِ چوندا ھئا تھ جيڪو ان ۾ وھنجندو، ان کي شفا ملندي. پوءِ جڏھن جڏھن تلاءُ ائين موج ۾ ايندو ھو تھ ويچارا انڌا، منڊا، سنڌن سڪل ۽ ٻيا ڪيئي بيمار وٺي ڏاڪن تان تڪڙو تڪڙو ھيٺ لھندا ھئا، ۽ انھن مان جيڪي ان وقت ھيٺ پاڻيءَ تائين پھرين رسي ويندا ھئا ۽ ان ۾ گھڙي پوندا ھئا، تھ ھو ڏاڍو آنند محسوس ڪندا ھئا.

”ضرور ڪو فرشتو آھي، جو پاڻيءَ کي اچي ڇاڇولي ٿو!“ بيمار ماڻھو چوندا ھئا. ”ھر روز ۽ چوويھھ ئي ڪلاڪ اسان کي سجاڳ رھڻ کپي، ۽ جي اسين بلڪل انھيءَ گھڙيءَ پاڻيءَ تائين رسي سگھون ۽ ان ۾ وھنجي سگھون، جڏھن فرشتو پاڻيءَ ۾ اچي ان کي ڇاڇولي ٿو، تھ اسين ھوند بلڪل چاق چڱا ڀلا ٿي پئون!“

انھن بيمار ماڻھن ۾ ھڪڙو اھڙو بھ ھو، جيڪو اٺٽيھن سالن کان بيمار ھو. ھو ھڪڙيءَ ڏيڍيءَ ۾ ليٽيو پيو ھوندو ھو، ۽ سدائين پاڻيءَ جي موج جو انتظار پيو ڪندو ھو. پر انھيءَ مھل ھو ڪڏھن بھ وقت اندر ڏاڪن تان لھي، پاڻيءَ تائين پھچي ڪين سگھندو ھو، ۽ ائين ان جي شفا کان ھر ڀيري محروم رھجي ويندو ھو.

جڏھن پاڻيءَ ۾ موج ايندي ھئي، تڏھن تلاءَ تي ھنگامو مچي ويندو ھو. سڀئي بيمار ائين اٿي کڙا ٿيندا ھئا، ڄڻ مئلن ۾ ساھھ پيو ھو. ان وقت، چوڌاري ھڪ ئي رڙ ٻڌبي ھئي:

”ھو ڏسو! تلاءَ ۾ ڏسو! جھٽ ڪريو، پاڻيءَ ۾ گھڙو، پاڻيءَ ۾ گھڙو!“

پوءِ سڀ بيمار – انڌا، منڊا ۽ پنگلا سڀ – اڀن ڏاڪن تان تکا تکا لھندا، پاڻيءَ تائين پھچڻ لاءِ ٿڙندا ٿاٻڙندا، ڪرندا جھرندا، ڌڪبا ٿيلھبا، ھيٺ پيا ويندا ھئا. سڀني کي تلاءَ ۾ گھڙڻ جو شوق ھيٺ کنيو ويندو ھو. ڪن کي دوست عزيز ۽ مٽ مائٽ ٽيڪ ڏيو، ڏاڪن تان تڪڙو تڪڙو ھيٺ پيا نيندا ھئا. جيسين تلاءَ ۾ موج ھوندي ھئي تيسين جيڪي بيمار اتي پھچي ويندا ھئا، ۽ ان ۾ وھنجي سگھندا ھئا، اھي ٻين کي چوندا ھئا تھ ھو ڏاڍيءَ فرحت ۾ ھئا، سندن لڱن ۾ ساھھ پئجي ويو ھو ۽ پھرينءَ ٽٻيءَ سان سندن اڌ بيماري لھي ويئي ھئي!

گھڻو ڪري انھن بيمارن سان ڪو نھ ڪو ھمراھھ گڏ ھوندو ھو، جيڪو انھن کي ڏاڪڻ تان ھيٺ لھڻ ۾ مدد ڪندو ھو ۽ انھن جي ٿوري گھڻي ٻي سنڀال ڪندو ھو. پر ھيءُ ماڻھو جيڪو ايترا ڏينھن اتي بيمار پيو ھو، سو اڪيلو ھو ۽ ھن سان ڪوبھ مٽ مائٽ گڏ ڪونھ ھو. انھيءَ ڪري ھيترن ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو بھ وقت سر ھو ڪڏھن ھيٺ پاڻيءَ تائين پھچي ڪين سگھيو ھو، ۽ ائين ڏينھن جا ڏينھن ۽ سالن جا سال ھو تلاءَ ۾ اک وجھيو اتي بيمار ويٺو رھيو، ۽ ٿيندي ٿيندي ھن جي من مان چڱي ڀلي ٿيڻ جي اميد ئي ختم ٿي ويئي ھئي.

پوءِ، ھڪ ڏينھن، يسوع ان تلاءَ ۾ آيو. اھا اھڙين ئي جاين مان ھڪ جاءِ ھئي، جتي ھو اڪثر ويندو ھو، ڇو تھ ڏک ۾ گھيريل ماڻھن جي حالت تي ھن کي ڏاڍي ڪھل ايندي ھئي، ۽ سدائين ھن جي دل ۾ انھن کي آرام ڏيڻ ۽ خوش ڪرڻ جا اڌما ۽ امنگ موجود رھندا ھئا. ھو اتي ڏيڍين ۾ پيل مسڪين ۽ بيمار زالن ۽ مردن کي ڏسندو، ۽ انھن جي حال تي اندر ئي اندر جھڄندو ۽ جرھندو، اڳتي وڌندو ويو، ۽ ائين اڳتي وڌندي وڌندي، ھو ان ماڻھوءَ وٽان اچي لنگھيو جيڪو ايتري مدت رڳو آسري تي بيسود اتي پيو ھو.

يسوع کي خبر ھئي تھ ھو ڪيتري مدت کان اتي ائين بيوس ۽ بيجان پيل ھو. ھن جي اکين ۾ ھن جيڪو اونھو دک ڏٺو، تنھن ھن کي اداس ڪري ڇڏيو. ھو وڌي ھن وٽ ويو ۽ ھن سان ڳالھائڻ لڳو.

”تون چڱو ڀلو ٿيڻ گھرين ٿو؟“

يسوع جي ھنن لفظن تي، ھن عجب کائيندي ۽ ڪنڌ مٿي کڻي، ھن جي منھن ۾ نھاريو. جڏھن ھن يسوع جون ٻاجھاريون اکيون ڏٺيون، جيڪي ائين ڏکويل انداز ۾ کيس ڏسي رھيون ھيون، تڏھن ھن پنھنجو سورائتو داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو تھ ڪيئن ھن سالن جا سال تلاءَ جي جوش ڪندڙ پاڻيءَ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ”پر منھنجو ڪوبھ ساٿي ڪونھي، جو ڏاڪن تان ھيٺ لھڻ ۾ منھنجي مدد ڪري،“ ھن چيو، ”۽ انھيءَ ڪري آءٌ سدائين پوئتي رھجيو وڃان.“

پوءِ يسوع ان ماڻھوءَ ڏانھن گھوري نھاريو، ۽ ھڪڙي حيرتناڪ ڳالھھ ھن کي چيائين – ”اٿ، پنھنجو بسترو کڻ ۽ ھل!“

اھو ماڻھو رلھي ھيٺان ڪيو، پيو ھو... ۽ ائين ھو سالن کان اتي پيو ھو. پر جڏھن ھن يسوع جا اھي لفظ ٻڌا، تڏھن ھن جا سڀ شڪ ختم ٿي ويا، ۽ ھن کي يقين ٿيو تھ ھو ائين ڪري سگھيو ٿي. پوءِ ھو پنھنجن پيرن تي اٿي بيٺو، پنھنجي رلھي ويڙھي ڪلھي تي رکيائين ۽ قدم وڌائي ھلڻ لڳو. ھن کي اعتبار ئي نھ پئي آيو تھ ھو ڪو سچ پچ ھلي سگھيو ٿي ۽ ھلي رھيو ھو!

ھاڻي، ھن جي دل خوشيءَ ۾ ڀرجي ويئي، ۽ ھو حيرت ۾ پئجي

ويو. ھن کي پنھنجي ڀاڳ تي ويساھھ ئي نھ پئي آيو. ۽ ھو ايترو تھ خوشيءَ ۾ ڀريل ھو، جو اھا سڌ ئي ڪانھ پيس تھ يسوع کيس اتي ڇڏي، ماڻھن جي انبوھھ ۾ گم ٿي ويو ھو. ھو، منھن ورائي، ھن جي شڪر گذاري ڪري ئي ڪري، تنھن کان اڳ ھو اتان نڪري ھليو ويو ھو.

پوءِ اھو ماڻھو، يروشلم جي گھٽين مان ٿيندو، پنھنجن پيرن تي پاڻ ھلندو، موٽي پنھنجي گھر وڃڻ لڳو. ھو انھيءَ ڳالھھ تي حيران ھو تھ ھن سان ھيءُ ڪرشمو آخر ڪيئن ٿي گذريو ھو! ھو، پنھنجو بسترو ڪلھي تي کنيو، دل ۾ پور پچائيندو، اڳتي ھلندو رھيو. پر ترت ئي پوءِ ھن کي محسوس ٿيو تھ ماڻھو ھئا، جيڪي ٻنھي پاسن کان ڏانھنس گھوري گھوري ڏسي رھيا ھئا.

”واقعي!“ ھن سوچيو. ”اڄ تھ سبت جو ڏينھن آھي، جيڪو اسان جي آرام جو ڏينھن آھي! مون کي ھينئن بسترو ڪلھي تي کڻي ھلڻ نٿو جڳائي – ڇاڪاڻ تھ سبت جي ڏينھن اسان جي شريعت ۾ اسان لاءِ ھر قسم جي ڪم ڪرڻ جي منع آھي. پر ان ۾ منھنجو بھ ڪھڙو ڏوھھ؟ ھن حيرتناڪ ماڻھوءَ ئي تھ مون کي چيو تھ ”پنھنجو بسترو کڻ ۽ ھل!“ پوءِ ھن جو حڪم آءٌ ڪيئن نٿي مڃي سگھيس!“

ڪن يھودين ھن کي رستي ۾ روڪي بيھاريو، ۽ ھن تي سخت ڪاوڙ ڪئي. ”تون سبت جي ڏينھن تي بسترو ڇو ٿو کڻي ھلين؟“ ھنن ھن کي چيو. ”توکي خبر بھ آھي تھ اسان جي شريعت پاڪ ۾ ائين ڪرڻ جي منع آھي!“

”سائين منھنجا! اڄ مون سان ڏاڍي ھڪڙي حيرت جھڙي ڳالھھ ٿي آھي،“ ان ماڻھوءَ ڏاڍي اتساھھ وچان چيو. ”آءٌ ڪيئي سال بيمار ھوس، ۽ چري بھ نھ پئي سگھيس ۽ بيت حسدا جي تلاءَ تي پنھنجي رلھي وڇايو، ان جي مٿان پيو ھوس. پر اڄ ھڪڙو ماڻھو آيو ۽ مون کي چيائين: ”اٿ، پنھنجو بسترو کڻ ۽ ھل!“ مون ڏٺو تھ آءٌ چاق چڱو ڀلو ھوس! ۽ پوءِ مون ائين ئي ڪيو، جيئن ھن مون کي چيو ھو، ۽ پنھنجو بسترو کڻي کنيم ۽ اٿي ھلڻ لڳس.“

”ڪنھن توکي اھا ڳالھھ چئي، جيڪا اسان جي شريعت سڳوريءَ جي خلاف آھي؟“ يھودين ھن کان پڇيو.

”مون کي خبر ڪانھي،“ ماڻھوءَ جواب ڏنو. ”مون کي رڳي ھيءَ خبر آھي تھ ھو ھڪ عجيب شخص ھو، ۽ منھنجي دل ۾ پاڻ آھي تھ ھڪ ڀيرو وري ھن کي ڪٿي ڏسان. افسوس، مان ھن کان نالو پڇان ئي پڇان، ان کان اڳ ھو اتان ھليو ويو. ڇا، اوھين نٿا سمجھو تھ ھن مون کي ائين ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڇڏيو، اھا ڳالھھ سچ پچ ھڪ وڏي ڳالھھ آھي ۽ ھڪ حيرتناڪ ڳالھھ آھي!“

پر يھودين کي اِن ڳالھھ جو خيال ڪونھ ھو. ھنن لاءِ جيڪا وڏي ڳالھھ ھئي، سا ھيءَ ھئي تھ سبت جي ڏينھن ھن ان ماڻھوءَ کي اٿي، پنھنجو بسترو کڻي ھلڻ لاءِ ڇو چيو. ڇاڪاڻ تھ سندن شريعت سڳوريءَ ۾، آرتوار جي ڏينھن، جيڪو سندن سبت جو پاڪ ڏينھن ھو، ڪنھن کي بھ ڪو ڪم ڪرڻو ڪونھ ھو.

انھيءَ ڏينھن، ڪجھھ وقت کان پوءِ، اھو ماڻھو پنھنجي چڱڀلائيءَ جي نعمت جي عيوض خدا جي شڪر بجا آڻڻ لاءِ، مقدس عبادتگاھھ ۾ ويو، ۽ اوچتو اتي ھن يسوع کي ڏٺو، ۽ ڏسڻ سان ھو ھڪدم وڌي ھن وٽ ويو، ۽ يسوع ھن سان اتي ڳالھايو.

”تون ھاڻي چڱو ڀلو آھين. وڃ، ۽ آئندھ ڪو غلط ڪم نھ ڪج، متان وڌيڪ ڪنھن تڪليف ۾ اچي وڃين.“

ھن يسوع کي جو ائين ٻيھر ڏٺو ھو، سو ھن جي دل امنگ ۾ ڀرجي ويئي. انھيءَ ئي گھڙيءَ ھن جي نظر انھن يھودين مان ڪن تي وڃي پيئي، جن ھن تي ڪاوڙ ڪئي ھئي تھ ھن سبت جي ڏينھن ڇو پنھنجو بسترو ڪلھي تي کنيو ھو! ھو ڊوڙي انھن وٽ ويو ۽ پري کان يسوع ڏانھن اشارو ڪري، ھنن کي چيائين:

”ڏسو! اِھو اٿو اھو ماڻھو، جنھن مون کي چڱو ڀلو ڪيو آھي. ھن جو نالو يسوع آھي.“

يھودين پاڻ ۾ مصلحت ڪئي ۽ فيصلو ڪيائون تھ يسوع کي سڏي، کانئس پڇا ڪجي. يروشلم جا مک يھودي اڳي ئي ھن سان خصوميل ھئا ۽ ھن سان سندن حسد ھو، ڇاڪاڻ تھ ماڻھو ھن کي چاھيندا ھئا ۽ ھن جي پويان ھلندا ھئا. يھودين کي تھ ھاڻي اھو وجھھ ٿي مليو تھ ھو يسوع تي شرعي جلھھ ڪن ۽ ان لاءِ ھن تي دين جي خلاف ورزيءَ جو ڪو الزام ھڻن.

نيٺ يسوع کي گھرايو ويو ۽ يسوع ھنن جي اڳيان اچي بيٺو، ۽ ھو ان تي اھو الزام ھڻي رھيا ھئا تھ ھن سبت جي سڳوري ڏينھن تي بيمارن جو علاج ڪيو ھو. ”توکي خبر آھي تھ سبت جي سڳوري ڏينھن ڪوبھ ڪم ڪرڻ اسان جي شرع موسويءَ جي خلاف آھي ۽ اھو وڏو گناھھ آھي،“ ھنن چيو.

”منھنجو مھربان پيءُ تھ سبت جي ڏينھن بھ پنھنجي ٻاجھھ جا ڪم ڪندو ٿو رھي، ۽ آءٌ بھ ائين ٿو ڪريان،“ يسوع جواب ڏنو.

اِن تي يھودي سخت ڪاوڙجي پيا. ھن خدا کي پنھنجي پيءُ سڏڻ جي جرئت ڪئي ھئي!؟ ھنن ھن کي وڃڻ تھ ڏنو، پر ھن جي خلاف سخت تکو مٺو ڳالھايائون، ۽ ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو تھ جيڪڏھن ھنن جو وس پڄي ھا تھ ھو ھن کي ماري ڇڏين ھا يا قيد ۾ تھ ضرور وجھن ھا.

ائين، يسوع يروشلم کي ڇڏي، ماڻھن جي سکيا لاءِ گليل ڏانھن ھليو ويو!

19 : ماڻھو، جيڪو ڪوڙھيو ھو

انھن ڏينھن ۾ جڏھن يسوع ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گھمندو ڦرندو ۽ ان جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وعظ ڪندو رھندو ھو، تڏھن اتي ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو، جو ڪوڙھيو ھو. ان ماڻھوءَ کي ھڪڙي خطرناڪ بيماري ھوندي ھئي، جنھن کي ”ڪوڙھھ جي بيماري“ چئبو آھي. اھا بيماري ان زماني ۾ لادوا ھئي، يعني ان جي ڪا دوا ڪانھ ھئي، ۽ ان ۾ ماڻھوءَ جي بدن جا عضوا سڙندا، ڳرندا ويندا آھن، ۽ بيمار کي تمام گھڻو ايذاءُ سھڻو پوندو آھي، ۽ اھا بيماري ڏسڻ ۾ ئي ڏاڍي خطرناڪ لڳندي آھي.

ان دور ۾ اھو مرض گھڻو ھوندو ھو ۽ ڪيترائي ماڻھو ان ۾ ورتل ھوندا ھئا. عام ماڻھو انھن کان ڊڄندا ۽ پري ڀڄندا ھئا، ڇو تھ ھنن کي اھو ڊپ ھوندو ھو تھ جيڪڏھن ڪو ڪوڙھيو ھنن کي ھٿ لائيندو يا ان جي بدن سان ھنن جو بدن لڳندو تھ اھا بيماري کين بھ ٿي پوندي. انھيءَ ڪري ھو ڪنھن بھ ڪوڙھئي شخص کي پاڻ سان گڏ ڪونھ رھائيندا ھئا. بلڪ ان کي پنھنجن گھرن جي ويجھو بھ اچڻ ڪونھ ڏيندا ھئا.

ڪوڙھھ جي بيماريءَ ۾ ورتل ويچارن ماڻھن جي ڏاڍي دردناڪ حالت ھوندي ھئي، ڇو تھ ھر ڪو کانئن خوف کائيندو ھو ۽ کين


*  ڢڎۑښۑ ڛڎۑڠج ضإ ڠإڵڶ، ۑڠڷۑ ڶڵإ ۽ ڶۆڵۆۑ . ښڈّۆښۑ ڞڎۑڤج ضإ ڜإقب، ۑڠڷۑ صۑڎ، ڢڤۑڎ ۽ ڈڎۆۑڛ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org