پر ھن جي حالت بگڙندي ويئي ۽ ماڻھو ڪنڌ لوڏڻ لڳا ۽
توبھھ ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تھ ڇوڪرو ھرگز بچي نھ
سگھندو. ”افسوس، جو ھو خدا جو نيڪ بندو، حيرتناڪ
طبيب، يسوع، ھتي ڪونھي،“ ھنن ھڪٻئي کي چيو، ”ھو ئي
ھن رن زال جي پٽ کي چڱو ڀلو ڪري سگھي ٿو. سچ پچ تھ
ويچاريءَ عورت لاءِ عذاب جا ڏينھن آھن. پھرين سندس
مڙس گذاري ويو، جنھن سان کيس ايڏو سٻنڌ ھو، ۽ ھاڻي
سندس پٽ موت جي بستري تي آھي.“
پر يسوع نائين جي ڳوٺ ۾ ڪونھ ھو. البت ھن جو ڏس ھو
تھ ھو ويجھو ئي ڪٿي ھو. پر ھن کي ڪنھن ڪونھ اطلاع
ڏنو، ۽ ھن کي ان ويچاريءَ رن زال ۽ سندس پٽ جي حال
جي ڪا خبر ڪانھ رھي.
انھيءَ رات ڇوڪرو گذاري ويو، ۽ غريب ماءُ ڏک ۾
نڍال ٿي ويئي. ڪيڏي تھ ھن جي پنھنجي پٽ سان دل
ھئي، ۽ ڪيڏو نھ سٻاجھو ۽ صحابت ھو سندس پٽ ھو.
ھاڻي ھن جو ڪوئي ڪونھ ھو. ھوءَ روئي رھي ھئي ۽ پار
ڪڍي رھي ھئي، ۽ ھر ڪنھن ھن کي پرڀائڻ جي ڪوشش ٿي
ڪئي.
پوءِ ڇوڪري جي دفنائڻ جو وقت آيو. ”توکي دل ڏاڍي
ڪرڻ کپي،“ رن زال جي ساھيڙين ۽ پاڙي جي ماڻھن ھن
کي چيو. ”توکي جنازي سان گڏ ھلڻو آھي. اسين سڀ
توسان گڏ ھونداسين، ڇو تھ اسان سڀني جي تنھنجي
ڇوڪري سان پريت ھئي، ۽ اسين سڀ ھن ڏک ۾ توسان
ڀائيوار آھيون.“
پوءِ، وھنجاري سھنجاري، ڪفن پھرائي، ۽ گلن سان
ڍڪي، ڇوڪري جو جنازو کٽولي تي رکيائون، ۽ ميت جو
جلوس اٿي ھليو. سڀني جي اڳيان ھن جي ماءُ ھئي، جا
سڏڪا ڀريندي، اوڇنگارون ڏيندي، پئي ھلي، ۽ ساڻس گڏ
سندس ساھيڙيون ھيون، جيڪي پڻ روئي رھيون ھيون.
جنازي جي پٺيان ماڻھن جو انبوھھ ھو، جي ميت جا
ڪانڌي ٿيو پئي آيا، ڇاڪاڻ تھ ويچاريءَ ماءُ سان دک
۾ سڀ شريڪ ھئا.
بلڪل انھيءَ وقت، ٻاھران، يسوع ۽ ھن جا ساٿي نائين
ڳوٺ ۾ داخل ٿي رھيا ھئا. پري کان ھنن ماڻھن جو روڄ
راڙو ۽ اوسارا ٻڌا، ۽ وڏو ميت جو جلوس بھ ايندي
ڏٺو.
”اِھو ھڪڙي سٻاجھي نينگر جو جنازو آھي،“ ڪنھن چيو.
”ھو پنھنجي پويان پوڙھي ماءُ ڇڏيو ٿو وڃي، جيڪا رن
زال آھي، ۽ اھا ڏک ۾ بيحال آھي.“
يسوع اھا غريب ۽ ضعيف ماءُ بھ ڏٺي، جنھن جي چيلھھ
ٻيڻي ٿيل ھئي، ۽ ھن کي ڏسندي، ھن جي دل ڪھل سان
ڀرجي ويئي. ھو وڌي ان وٽ ويو ۽ ھن سان ڳالھايائين.
”روءُ نھ!“ ھن چيو. پوءِ ھن کٽولي ڏانھن رخ ڪيو،
جنھن تي ڇوڪري جو ميت سينگاريل ھو، ۽ ان تي پنھنجو
ٻاجھارو ھٿ رکيائين. جيڪي ماڻھو جنازو کنيو پئي
ويا، انھن کٽولو لاھي ھيٺ رکيو ۽ يسوع ڏانھن ڏسڻ
لڳا.
يسوع مري ويل ڇوڪري سان ڳالھايو. ”جوان مڙس! آءٌ
توکي ٿو چوان تھ اٿ!“
۽ ڇوڪرو اٿي ويھي رھيو، ۽ ڳالھائڻ شروع ڪيائين. ھن
جون اکيون ماءُ کي ڳوليندي، ان تي وڃي کتيون، ۽
ماءُ کي ڏسي ھن مرڪي ڏنو. ماءُ جي دل خوشيءَ ۾
اٿلڻ لڳي ۽ ھوءَ ٻانھون ڊگھيون ڪري، اڇل کائي، وڃي
پٽ تي پيئي، ۽ پوءِ جڏھن پنھنجو ڇوڪر ھن پنھنجين
ٻانھن ۾ ڏٺو، ۽ ڳراٽي پائي، پنھنجو کھرو پوڙھو ڳل
ھن جي نرم نرم ۽ تازي تواني ڳل سان ملائي، ان جي
جيئري جيئري ڪوساڻ محسوس ڪيائين، تڏھن وڃي ويسھھ
آيس تھ ھو وٽس واپس اچي ويو ھو.
چوڌاري بيٺل ماڻھن کي پنھنجين اکين تي اعتبار نھ
پئي آيو. سندن سڏڪا خوشيءَ جي ٽھڪن ۾ بدلجي ويا.
ھو رن زال ۽ سندس پٽ وٽ اچي ڳاھٽ ٿيا، ۽ يسوع ۽ ھن
جي ساٿين جي چوڌاري مچا ڪري بيھي رھيا. انھن مان
ڪيترا تھ اھو معجزو ڏسي دھشت کان نيم بيھوشيءَ جي
حالت ۾ اچي ويا.
”ھيءُ ھڪ مھاپرش، اعليٰ انسان، اسان وٽ آيو آھي!“
ھنن زور زور سان چيو. ”خدا اسان کي وساريو ڪونھي!“
رن زال خوش ھئي، ۽ ھن جو پٽ خوش ھو. ماڻھو، جيڪي
جنازي سان ھلندي، ڏک ۾ ٻڏل ھئا ۽ رکي رکي سڏڪا پئي
ڀريائون، اھي خوش ھئا. يسوع جا ساٿي ۽ پوئلڳ بھ
خوش ھئا. جو سندن مالڪ ۽ رھبر ان غريب رن زال جي
ويران حياتيءَ ۾ خوشيءَ جو ساھھ وڌو ھو ۽ اميد جي
سرھاڻ پکيڙي ھئي.
پر ھڪڙو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ خوش ھو، اھو يسوع ھو.
خوش ٿيڻ ۽ خوشي وٺڻ برابر ھڪ عجيب شيءِ آھي، پر ان
کان وڌيڪ سٺي ۽ سھڻي شيءِ خوش ڪرڻ ۽ خوشي ڏيڻ آھي.
23
: عجيب ڳالھيون کڻندڙ
يسوع ھاڻي پنھنجي ڦوھھ جوانيءَ ۾ ھو ۽ سڄو وقت ڪم
۾ رڌل رھندو ھو. ھن کان جيترو ٿي سگھندو ھو اوترو
ھو وعظ ڪندو، ماڻھن جا ڏک سور، بيماريون ۽ آزار
معلوم ڪندو ۽ انھن جا علاج ڪندو، ھڪ ھنڌان ٻئي
ھنڌ، سڄي ملڪ ۾ ھلندو چلندو رھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن
گھڻو وقت بيمارن کي ڏسندي ڏسندي ۽ سندن ڳالھيون
ٻڌندي ٻڌندي ۽ سندن علاج ڪندي ڪندي، ڏاڍو ھو ٿڪجي
پوندو ھو. جڏھن ڪنھن کي ھو ڪنھن سور کان ڇڏائيندو
ھو يا ڪنھن آزار کان ڇٽائيندو ھو، تڏھن ھو ائين
ڀانئيندو ھو تھ ھن ۾ جيڪا چڱائي ھئي، اھا ھو خرچ
ڪري رھيو ھو، ۽ اھا ھن جي پنھنجي چڱائي اکٽ ھئي ۽
ڪڏھن ڪانھ کٽندي ھئي. پر ھن جا لڱ ڪڏھن ھن کي جواب
ڏيئي بيھندا ھئا ۽ تڏھن ھو پنھنجي منھن، پري پري،
ھليو ويندو ھو ۽ ايڪانت ۾ ويھي سوچيندو ھو ۽
انسانن جي سک ۽ ڀلائيءَ لاءِ دعائون گھرندو ھو.
ائين ھو آرام محسوس ڪندو ھو، ۽ ھن جو ٿڪل بت تازو
ٿي پوندو ھو ۽ ان ۾ سگھھ موٽي ايندي ھئي.
گھڻا علم جا صاحب ۽ امير ماڻھو، جيڪي وڏن علم جي
مرتبن ۽ طاقت ۽ دولت جي وڏن درجن تي ويٺل ھئا،
يسوع کي پسند ڪونھ ڪندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ عام ماڻھو
گھڻي شوق ۽ عقيدي سان ھن کي ٻڌندا ھئا، ۽ کين ڪونھ
ٻڌندا ھئا. انھن مان ڪي چاھيندا ھئا تھ ھو وعظ نھ
ڪري سگھي ۽ ماڻھو ھن کي نھ ٻڌن. ان لاءِ ھو ھن جي
وعظ جي جلسن کي ڦٽائڻ ۽ ھن جي وعظ جي ڳالھين ۾
رنڊڪن وجھڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ھو اِھا بھ ڪوشش
ڪندا ھئا تھ ھن جو اھڙو ڪو گفتو يا قول پڪڙين، يا
ھن جي زبان مان اھڙي ڪا ڳالھھ چوائين، جنھن لاءِ
ھن تي ھو جلھھ ڪري سگھن ۽ ھن کي ڏوھي بنائي سگھن ۽
سزا ڏياري سگھن.
يسوع کي تھ ماڻھن کي تعليم ڏيڻي ھئي: انھيءَ ڪري
ھو نھ چاھيندو ھو تھ جن کيس پسند نھ ٿي ڪيو، اھي
ائين کيس اجاين بحثن ۾ اٽڪائي، سندس قيمتي وقت
ضايع ڪن. انھيءَ ڪري، ھن عام ماڻھن کي ٻڌائڻ لاءِ،
جيڪي سچ پچ کيس ٻڌڻ ۽ کانئس سکڻ چاھيندا ھئا، ننڍن
ننڍن سبقن وانگر، ڪي ڏاڍيون عجيب ۽ دلچسپ ڳالھيون
جوڙڻ شروع ڪيون.
”ھر ڳالھھ ۾ ڪا معنيٰ ھئڻ گھرجي،“ ھن سوچيو.
”ماڻھن کي ڳالھيون آسانيءَ سان سمجھھ ۾ اچن ٿيون ۽
آسانيءَ سان ياد ٿي وڃن ٿيون. منھنجا ماڻھو سادا
سودا ماڻھو آھن، انھيءَ ڪري، آءٌ پنھنجون ڳالھيون
بھ سڌيون ساديون جوڙيندس، ۽ اھي سڀني اھڙين شين
بابت ھئڻ کپن، جيڪي ماڻھن جون اڳ ئي ڄاتل سڃاتل
آھن.“
پوءِ يسوع اھي ڪيتريون ئي عجيب ۽ عام پسند ڳالھيون
جوڙيون، جن کي اسين ”مثال“ يا ”ٽوٽڪا“ چئون ٿا. ھر
ڳالھھ ۾ ڪا نھ ڪا معنيٰ يا سمجھاڻي آھي، ۽ اڪثر
ماڻھو، جن اھي ٻڌيون ٿي، آسانيءَ سان اھي سمجھي ٿي
ويا، ۽ انھن جي وسيلي يسوع جيڪي ڪجھھ کين ٻڌائڻ ٿي
چاھيو، اھو ھنن کي من ۾ ويھي ٿي ويو.
اھي ڳالھيون ھنن کي ڏاڍيون وڻنديون ھيون، ۽ انھن
جي ٻڌڻ لاءِ ھو ھر دم تيار رھندا ھئا. ٻار بھ اھي
سمجھي ٿي ويا ۽ وڏن وانگر ھو بھ انھن جي ٻڌڻ لاءِ
سدائين آتا ھوندا ھئا. يسوع ٻارن کي ڏاڍو ڀانئيندو
ھو، ۽ ھو سدائين ھن کي پري کان ايندو ڏسي، ڊوڙي ھن
وٽ ويندا ھئا ۽ ھن جو آڌرڀاءُ ڪندا ھئا. ھو انھن
کي پنھنجي گوڏي تي کڻي ويھاريندو ھو، ۽ ھنن کان
سندن پنھنجون ننڍيون ننڍيون ڳالھيون پڇندو ھو، ۽
ھو کيس جيڪي پنھنجا رانديڪا ڏيکاريندا ھئا، اھي ھو
شوق سان ڏسندو ھو، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ويھي ساڻن راند
رھندو ھو. ڪھڙي بھ ڪم ۾ ھو رڌل ھوندو ھو، پر ٻارن
لاءِ ھن وٽ سدائين وقت ھوندو ھو، ۽ ھو ھميشھ ھنن
کي خوشيءَ سان پاڻ وٽ اچڻ ڏيندو ھو.
ھڪڙي ڏينھن يسوع ڪفرنحوم شھر جي گھٽين مان لنگھي،
ٻاھر سمنڊ جي ڪناري تي وڃي بيٺو. ھن کي اوڏانھن
ويندي ڏسي، ماڻھو بھ ھن جي پويان ھلندا اتي وڃي گڏ
ٿيا. ھو جيڏانھن ويندو ھو، اوڏانھن ماڻھن جا ميڙا
ساڻس گڏبا ويندا ھئا. ھنن جي دل ۾ ڏاڍي سڪ ھوندي
ھئي تھ ھو جيڪي ڪري ٿو سو ھو ڏسن ۽ جيڪي چوي ٿو سو
ھو ٻڌن.
جڏھن يسوع ڪناري تي پھتو، تھ ڏٺائين تھ کيس ٻڌڻ
لاءِ ماڻھن جو وڏو انبوھھ سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيو
ھو. انھن کي ڏسي، انھن پنھنجين ڳالھين بابت ھن
سوچيو تھ انھن کي اھي پنھنجون ڳالھيون ٻڌايان، جن
کي ٻڌي ھو ياد ڪندا ۽ پوءِ موٽي پنھنجي پنھنجي گھر
وڃي، پنھنجي گھر جي ڀاتين ۽ دوستن ۽ ساٿين کي
ٻڌائيندا.
پر سمنڊ جي ڪناري تي ماڻھن سان ڳالھائڻ ڏکيو ھو،
ڇاڪاڻ تھ ويجھا ويجھا ماڻھو ھن جي مٿان ڳاھٽ ٿي
بيٺا رھيا ۽ ھن کي پنھنجي ڳالھھ سڀني کي ٻڌائڻ ڏکي
ٿي لڳي. انھيءَ ڪري ھن پطرس کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ ھن
کي پنھنجي ٻيڙي ڪناري جي ويجھو آڻڻ لاءِ چيائين.
پطرس ائين ڪيو ۽ جڏھن ٻيڙي ڪناري سان اچي لڳي،
تڏھن يسوع ان ۾ چڙھي ويٺو.
ھن پوءِ ان ٻيڙيءَ تان بيھي ماڻھن سان ڳالھايو.
اھو اس ۾ چمڪندڙ ڏاڍو روشن ۽ وڻندڙ ڏينھن ھو.
ماڻھن جا انبوھھ ھئا، جي ھن جي سامھون ڪناري تي
ويٺا ھئا. پري، انھن جي پٺيان، ھڪ پاسي کان، سايون
سايون ٽڪريون ائين بيٺيون ھيون ڄڻ وڏو وڏو ڪـر
کڻي، کين ڏسي رھيون ھجن. سمنڊ ۾ ھن جي چوڌاري
ميربحر پنھنجون ٻيڙيون جھليون بيٺا ھئا – ڪن جا
مڇين ڦاسائڻ لاءِ رڇ پاڻيءَ ۾ پيا ھئا ۽ ڪن ويٺي
پنھنجن ڇنل ڄارن کي ڳنڍيو ۽ ٽاڪيو. ڪيترائي ٻار
ھئا، جن پنھنجن وڏن جي پاسن کان، ڪناري تي ۽ پيرن
۾، لگھتون ڏيئي، اڳيان ويھڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، تھ
جيئن يسوع کي ھو ٺيڪ ڏسي سگھن ۽ چڱيءَ طرح ھن جون
ڳالھيون ٻڌي سگھن.
۽ پوءِ يسوع انھن کي پنھنجون ڳالھيون ٻڌائڻ شروع
ڪيون. انھن ڳالھين مان ڪي اوھين بھ ٻڌي سگھو ٿا ۽
ھيٺ پڙھي سگھو ٿا، ۽ انھن ۾ جيڪو يسوع جو مطلب ھو
اھو اوھين بھ سمجھي سگھو ٿا ۽ ان کي وڌيڪ سمجھڻ جي
ڪوشش ڪري سگھو ٿا.
24
: ھاريءَ جي ڳالھھ
ھڪڙي ڀيري ھڪڙو ھاري ھو، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج
ڇٽڻ ويو. ھن پنھنجي ھٿ سان پھرين ھڪ پاسي ۽ پوءِ
ٻئي پاسي ٻج ڇٽيو.
ھن جي ٻج جا ڪي داڻا وڃي دڳ تي پيا، جتي لتڙ جي
ڪري پٽ ڄميل ۽ سخت ھو. پاسن کان وڻن تي ويٺل پکين
اھي داڻا ڏٺا ۽ اھي ھيٺ لھي آيا ۽ ھڪ ھڪ ڪري اھي
داڻا ھو چڳي کڻي ويا.
ڪي داڻا پٿرائين زمين تي وڃي پيا، جتي انھن کي
گھڻي مٽي ڪانھ ملي سگھي. اھي پوءِ ڪجھھ ڦٽا پر
پاڙون انھن جون وار جھڙيون سنھڙيون ۽ ننڍڙيون ھيون
۽ جڏھن سج جي تپش وڌي، تڏھن انھن جا گونچ لھسجي
ويا، ۽ ڇاڪاڻ تھ انھن جي ھيٺان گھڻي مٽي ڪانھ ھئي،
جنھن ۾ اھي پنھنجون اونھيون ۽ پختيون پاڙون ھڻي
سگھن، انھيءَ ڪري اھي اتي ئي ڪومائجي ۽ سڙي ويا.
۽ ڪي داڻا وڃي ڊڀن ۽ ڪانڊيرن جي لڪل پاڙن ۾ پيا،
جيڪي جڏھن پاڻيءَ ملڻ سان ساوا ٿي ۽ مورجي مٿي
اڀريا، تڏھن داڻن جي ڪچڙن سلن کي انھن لٽي ۽
ٻوساٽي ختم ڪري ڇڏيو.
پر ٻيا داڻا ڀليءَ زمين تي پيا، جتي ڊڀن ۽ ڪانڊيرن
جون لڪل پاڙون بھ ڪين ھيون. اھي ڦٽا، ۽ وڌي وڏا
ٿيا، ۽ پچي راس ٿيا، ۽ جڏھن ھاري پنھنجي ٻنيءَ جو
لابارو ڪرڻ آيو، تڏھن ھن ڏٺو تھ ھن جي پوکيل ٻج
موٽ ۾ ھن کي ٽيھوڻو، چاليھوٽو بلڪ سؤڻو وڌيڪ اناج
ڏنو ھو، ۽ اھو ڏسي، ھو ڏاڍو خوش ٿيو.
يسوع جا پوئلڳ ھن کي ھھڙا ننڍا پر وڏيءَ معنيٰ
وارا ”مثال“ ماڻھن کي ٻڌائيندي ڏسندا ھئا تھ حيرت
۾ پئجي ويندا ھئا. جڏھن يسوع ھيءَ ڳالھھ اتي پوري
ڪئي تڏھن ھنن کانئس پڇيو تھ ان مان ھن جو ڇا مطلب
ھو.
يسوع ھنن کي سمجھايو تھ ”خدا جو لفظ، جيڪو نيڪيءَ
جو ٻج آھي ۽ جنھن مان نيڪي ڦٽي ٿي، سو سڄيءَ دنيا
۾ پکڙجي ٿو. اھو مقدس انجيل ۾ آھي ۽ اھو اسان کي
اسان جا ھادي ۽ معلم ٻڌائين ٿا. اھو ھن ڳالھھ جي
ٻج جي داڻن وانگر جدا جدا قسم جي دلين ۾ ڇٽجي ٿو.“
”پر ڪي ماڻھو خدا جو لفظ ٻڌن ٿا ۽ ان ڏانھن ڪو
ڌيان ڪونھ ٿا ڏين، ڄڻ مٿان ئي اھو وٽانئن ڪو چڳي
کڻي ويو. انھن جون دليون ڄڻ ڄميل ۽ سخت پٽ آھن، جن
تي ٻج پوي ٿو پر ڄمي ڪونھ ٿو. ٻيا ماڻھو خدا جو
لفظ ٻڌن ٿا ۽ ڪجھھ وقت لاءِ ان ڏانھن ڌيان بھ ڏين
ٿا، پر جڏھن ان لاءِ تڪليفن سھڻ جو وقت اچي ٿو
تڏھن اھي ان کي وساري ٿا ڇڏين. انھن جون دليون
پٿرائين زمين مثل آھن، جن ۾ ٻج ڦٽي تھ ٿو پر پختين
پاڙن نھ ھئڻ ڪري اھو ترت ئي اتي ڪومائجي، سڙي، مري
ٿو وڃي.“
”۽ ٻيا وري اھڙا آھن، جن جون دليون براين سان ڀريل
آھن، جيڪي ڊڀن ۽ ڪانڊيرن وانگر آھن ۽ انھن ۾
نيڪيءَ جو ٻج ڄمي تھ ٿو ۽ وڏو بھ ٿئي ٿو پر ان جا
سلا پوءِ انھن براين جي لٽ ۽ گھٽ ۾ ٻوساٽجي، ختم
ٿي ٿا وڃن.“
”پر، آخر ۾، ٻيا اھڙا بھ آھن، جي خدا جو لفظ ٻڌن
ٿا، ان کي ياد رکن ٿا ۽ جيتري قدر بھ ٿي سگھي ٿو،
اوتري قدر نيڪي ڪن ٿا، ۽ ٻين انسانن جو خيال رکن
ٿا. انھن جي حياتين ۾ اوھان کي ڪھل ملندي ۽ پيار
ملندو. انھن جون دليون ڀليءَ زمين مثل آھن، جن ۾
نيڪيءَ جو ٻج ٽيھوڻيون، چاليھاڻيون ۽ سؤڻيون وڌيڪ
نيڪيون اپائي ٿو، بلڪ انھن دلين جون نيڪيون
وڌنديون ئي رھنديون آھن ۽ ڪڏھن ڪونھ کٽنديون آھن.
يسوع پنھنجي دل جون ھھڙيون ڪيتريون ئي ڳالھيون
ماڻھن کي ٻڌايون. انھن ۾ اھي ئي شيون پيش ڪيل
ھونديون ھيون، جيڪي ھن جي ٻڌندڙن کي پوريءَ طرح
معلوم ھيون ۽ جيڪي ھن پاڻ بھ ننڍي ھوندي کان بار
بار جانچيون ۽ ڏٺيون ھيون، ڪي ماڻھو يسوع جي ھنن
ڳالھين جي اصلي معنيٰ ڄاڻندا ھئا، ۽ ڪي ڪونھ
ڄاڻندا ھئا. پر سڀيئي انھن کي ٻڌندا ھئا ۽ دل تي
رکندا ھئا ۽ ياد ڪندا ھئا، ۽ انھن ۾ ھو جيڪي سڌيون
ساديون حقيقتون ٻڌائيندو ھو، اھي ھو ضرور سمجھندا
ھئا.
25
: اھر جي داڻي جيتري، داڻي جي ڳالھھ
يسوع اھر جي داڻي جيتري، داڻي جي ڳالھھ ماڻھن کي
ٻڌائي. ھنن کي ھن ڏيکارڻ ٿي گھريو تھ ”پيار جي
بادشاھت“ ڪيئن وڌي ٿي، سگھي.
”آسماني بادشاھت“ اھر جي داڻي جيتري ننڍڙي داڻي
وانگر آھي،“ يسوع چيو. ”ھڪڙي ماڻھوءَ اھڙو ھڪڙو
پتڪڙو داڻو کنيو، ۽ پنھنجي ٻنيءَ ۾ اھو پوکي ڇڏيو.
آيو ويو، ھر ڪو ان جي ڦٽل انگور کي ڏسي، ائين
سمجھي سگھيو ٿي تھ ان مان فقط ھڪڙ ننڍڙو نازڪ
ٻوٽڙو پيدا ٿيندو. پر ان مان جو سلو اڀريو، اھو
وڌيو ۽ ان ماڻھوءَ جي ٻنيءَ تي وڌي ھڪ پورو،
سگھارو، ڊگھو ۽ جنگ وڻ ٿيو. ۽ ڪٿان ڪٿان جا ڪيترا
پکي آيا ۽ اچي ان جي لامن تي ويٺا، اتي انھن
پنھنجا آکيرا جوڙيا ۽ ان تي ھو پنھنجا بسيرا ٺاھي
ويٺا.“
اھو مثال ڏيئي، يسوع ماڻھن کي سيکاريو تھ ھن جي
”پيار“ جي بادشاھت“ بھ اھڙيءَ طرح وڌڻ گھرجي –
تمام نازڪ ۽ ننڍڙيءَ شروعات کان وٺي ھڪ ايڏي وڏيءَ
دنيا تائين، جو ان ۾ سڀڪجھھ ۽ سڀيئي، جتي بھ آھن ۽
جيڪي بھ آھن، اھي سمائجي وڃن، ۽ سڀني کي اتي آنند
۽ شانتي
*
ملي.
26
: ميربحر جي ڳالھھ
يسوع ”آسماني بادشاھت“ پنھنجي گھڻين ڳالھين ۾ آندي
آھي. ھيءَ اھڙي ٻي ڳالھھ آھي، جا ھن پنھنجن ٻڌندڙن
کي ٻڌائي.
”آسماني بادشاھت“ ميربحر جي ڄار وانگر آھي، جيڪا
ھن سمنڊ ۾ مڇين جھلڻ لاءِ وڌي. پوءِ ھن ۽ سندس
ساٿين ڄار ڇڪي ٻاھر ڪڍي، تھ اھا ڀريل ھئي ۽ ڳري
ھئي. ان ۾ گھڻيون مڇيون ھيون، ۽ پوءِ ميربحرن
پنھنجيون ٻيڙيون ڪناري سان آڻي لاتيون تھ جيئن
پنھنجو شڪار سنڀالي سگھن.“
”ھنن کي خبر ھئي تھ ڪھڙيون مڇيون سٺيون ھيون ۽
ڪھڙيون خراب. ھنن سٺيون مڇيون کڻي پنھنجين ٽوڪرين
۾ وڌيون، پر خراب مڇين کي اڇلي ڇڏيو.“
”دنيا ۾، پڇاڙيءَ جو، ھر موقعي تي، ائين ئي آھي،
جو ٿئي ٿو ۽ ٿيندو. ھيءُ گڻ ۽ نرگڻ، چڱائيءَ ۽
مٺائيءَ جو حساب آھي. فرشتا آھن، جي سٺن ماڻھن کي
گڏ ڪن ٿا ۽ پاڻ سان نيئن ٿا ۽ نيندا رھن ٿا، پر
بڇڙن کي ھميشھ لاءِ پري ۽ ھڪ پاسي اڇلائي ٿا ڇڏين،
ڇو تھ اھي ڪم جا نھ ھوندا آھن.
27
: ريڍار ۽ وڃائجي ويل ھڪڙيءَ رڍ جي ڳالھھ
ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو چوندا ھئا تھ يسوع کي گنھگار ۽
غلط ڪار ماڻھن سان ھلڻ چلڻ نھ گھرجي، ۽ انھن سان
ڳالھائڻ بھ نھ گھرجي ۽ انھن سان گڏ ويھي ماني بھ
نھ کائڻ گھرجي – جيئن ھو اڪثر ڪندو ھو. انھيءَ
ڪري، اھڙن ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ تھ خدا بڇڙن ماڻھن
کي بھ ڀانئي ٿو ۽ انھن کي سندن برائيءَ کان بچائڻ
جي ڪوشش ڪري ٿو، ھن ھڪڙي ڳالھھ کڻي، ٻڌائي، جنھن
مان سندس مطلب ھو تھ پوءِ ھو پاڻ بھ ڇو نھ اھڙن تي
ڪھل ڪري ۽ انھن کي پنھنجي ”پيار جي بادشاھت“ ۾ آڻڻ
جي ڪوشش ڪري!
”ٻڌو!“ يسوع چيو. ”سمجھو تھ ھڪڙو ريڍار آھي، جنھن
جي ڌڻ ۾ ھڪ سؤ رڍون آھن، ۽ انھن مان ھڪڙي رڍ نسي،
ٽڪرين ۾ وڃائجي ٿي وڃي، جتي ان کي ڳڙڪائي وڃڻ لاءِ
بگھڙ وات ڦاڙيو ويٺا آھن. ڇا، اھو ريڍار پاڻ کي
ائين چوندو تھ ”مون وٽ نوانوي رڍون واڙي ۾ صحيح
سلامت بيٺيون آھن. انھيءَ ڪري ھڪڙي وڃائجي ويل رڍ
جي پرواھھ ڪانھي؟“
”نھ – ھو نوانوي رڍن کي صحيح سلامت اتي ڇڏي، ان
ھڪڙيءَ نسي ويل ننڍڙيءَ رڍ کي ڳولڻ لاءِ نڪري وڃي
ٿو. ڇا، ان جي ڳولا ھو اوستائين جاري نھ رکندو
جيستائين ان کي ڳولي نھ لھي؟ ۽ پوءِ جڏھن ھو ان کي
ڳولي لھي ٿو، تھ ھو ڪيڏو نھ خوش ٿو ٿئي! ھو پوءِ
سڄو پنڌ ان کي پنھنجن ڪلھن تي رکي، گھر کڻي اچي
ٿو.“
”۽ پنھنجن دوستن کي ۽ پاڙي وارن کي سڏي ٿو، ۽
پنھنجي خوشيءَ ۾ شريڪ ڪري ٿو ۽ مٺايون ورھائي ٿو.
”۽ ”آسمان“ بھ ائين ئي آھي، ڇاڪاڻ تھ ”پيار جي
بادشاھت“ ۾ نوانوي چڱن ماڻھن جي صحيح سلامت موجود
ھئڻ کان وڌيڪ اتي ھڪڙي خطاڪار جي واپس اچڻ تي خوشي
ٿئي ٿي، ڇو تھ ان ھڪڙي راھھ وڃايل جي موٽي اچڻ تي
ئي ان دنيا جي رونق مڪمل ٿئي ٿي.“
28
: ڇوڪري جي ڳالھھ، جيڪو ڀڄي ويو ھو
يسوع جي دل تمام گھڻو چاھيندي ھئي تھ ھن جا ماڻھو
محسوس ڪن تھ خدا کين ڪيترو نھ گھڻو پيار ٿي ڪيو، ۽
ھن ڪيترو نھ چاھيو ٿي تھ ھو سڀ سندس ”بادشاھت“ ۾
شامل ٿين، ۽ جڏھن منجھانئن ڪي راھھ وڃايل موٽي
واپس آيا ٿي تھ ھو ڪيڏو نھ خوش ٿي ٿيو.
ان بابت، وقت بوقت، ھو کين گھڻيون ڳالھيون
ٻڌائيندو ھو، ۽ انھن مان ھڪ بھترين ڳالھھ ان ڇوڪري
جي ھئي، جيڪو پنھنجو گھر ڇڏي، ٻاھر ھليو ويو ھو.
ھڪڙو ڪو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جنھن کي ٻھ پٽ
ھوندا ھئا. ھن وٽ گھڻا نوڪر چاڪر ھئا، جيڪي گھر ۾
بھ ھن جو ڪم ڪندا ھئا، ۽ ٻاھر ھن جي ٻنين ۾ پڻ
ڪمائيندا ھئا. ھن جا ڇوڪرا سٺا سٺا کاڌا کائيندا
ھئا، اوچا وچا ڪپڙا پھريندا ھئا ۽ خرچيءَ لاءِ ھنن
کي ڪافي پئسا ملندا ھئا.
پر ننڍو ڇوڪرو پيءُ جي زمينن جي ڪم مان بيزار ٿي
پيو، ۽ سڌ ٿيس تھ نڪري ٻاھر دنيا ۾ وڃان ۽ وڃي مزا
ڪيان. جيترا پئسا خرچڻ لاءِ کيس پڻس کان مليا ٿي،
تنھن کان وڌيڪ پئسا ھن کي گھربا ھئا.
انھيءَ ڪري دل ئي دل ۾ ھو ڏاڍو ناراض رھڻ لڳو ۽ ڪم
کي جواب ڏيئي ڇڏيائين. ھو ڏينھن جا ڏينھن بيڪار
ويھي، وقت وڃائڻ لڳو ۽ ھن جي پيءُ کي کيس ائين
نڪمو ويٺي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو ھو. ھن جو وڏو ڀاءُ
دل لائي پنھنجو ڪم ڪندو ھو ۽ ھر ڳالھھ ۾ پنھنجي
پيءُ جي چئي ۾ رھندو ھو. ھن کي پنھنجي ڪاھل ڀاءُ
جي خلاف سدائين شڪايت ھوندي ھئي، جو ھو پنھنجي حصي
جو ڪم بھ ڪونھ ڪندو ھو، ۽ انھيءَ ڪري ھو کيس بنھھ
ڪونھ وڻندو ھو.
ھڪڙي ڏينھن ننڍو پٽ پنھنجي پيءُ وٽ ويو. ”بابا،“
ھن چيو، ”اوھان جي ملڪيت ۾ جيڪو منھنجو حصو ٿيندو،
اھو ھاڻي ئي مون کي ڏيئي نھ سگھندا، تھ آءٌ وڃي
ڪنھن وڏي شھر ۾ رھان! ھتي تھ ھر شيءِ مون کي بي
چسي پيئي لڳي، ۽ آءٌ ڪڪ ٿي پيو آھيان. آءٌ چاھيان
ٿو تھ ھتان نڪري ڪيڏانھن ھليو وڃان. اوھان وٽ
منھنجو وڏو ڀاءُ آھي. ھو اوھان جو حڪم مڃي ٿو ۽ ھر
ڪم ڪري ٿو. مھرباني ڪري، مون کي موڪل ڏيو تھ مان
ھليو وڃان!“
ان تي، پيءُ ڏٺو تھ سندس اھو پٽ گھر ۾ خوش نٿي
رھيو، سو ھن کي سندس حصي جا پئسا ڏيئي، پنھنجي دل
مضبوط ڪري، ھن کي گھر ڇڏي وڃڻ جي موڪل ڏيئي
ڇڏيائين. ھن جو جوان پٽ پوءِ بھترين ڪپڙا پائي ۽
سينڍون ھڻندو، گھر کان نڪري ويو. کيسي ۾ پئسن جام
ھئڻ سبب ھن جي دل ٽپا پِئي ڏنا، ڇو تھ ھن وٽ ان
کان اڳ، خرچڻ لاءِ، ڪڏھن بھ ايترا پئسا کيسي ۾
ڪونھ آيا ھئا.
ائين ھو گھر ڇڏي، پري وڃي ھڪڙي شھر ۾ رھڻ لڳو.
جڏھن ماڻھن کي خبر پيئي تھ ھن وٽ جام پئسا ھئا،
تڏھن ميڙاڪا ڪري وڃي ھن وٽ گڏ ٿيا، ۽ ٿوري ئي وقت
۾ ھن جا الاھي دوست بڻجي ويا. ھن انھن کي وڏيون
وڏيون دعوتون کارايون ۽ خوب انھن تي پنھنجا پئسا
خرچ ڪيا. جيڏانھن ويندو ھو، تيڏانھن وڏي ٺاٺ سان
ويندو ھو، ۽ ھر ھنڌ ھن جي دوستن جا ولر ھوندا ھئا،
جي ھن جي پٺيان ھوندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ ھن وٽ پئسن جي
اڇل ھوندي ھئي ۽ انھن سڀني جي ھن جي انھن پئسن ۾
اک ھوندي ھئي.
پر ھن جا پئسا بھ ھن وٽ گھڻو وقت رھي نھ سگھيا.
ھڪڙي ڏينھن جڏھن ھو ڏور ڪنھن پرديس ۾ ھو، تھ ھن جا
سڀ پئسا کٽي ويا ۽ ھن وٽ پائي بھ باقي نھ رھي. ھن
جي دوستن جڏھن ڏٺو تھ ھو ھٿين خالي ھو، تھ ھو بنان
ڪنھن ھٻڪ جي ھن کي ڇڏي، ھليا ويا ۽ ھو اتي اڪيلو
رھجي ويو.
”مون کي ڪو ڪم ڪرڻ گھرجي،“ نوجوان سوچيو. پر ڪم
ڪرڻ ڪا سولي ڳالھھ ڪانھ ھئي. ھو پنھنجي پيءُ وٽ ئي
ڪو ڪم ڪرڻ ڪونھ سکيو ھو، ۽ ماڻھن کي ڪنھن نڪمي شخص
جي ڪھڙي گھرج ٿي ٿي سگھي؟ اتفاق سان ان ملڪ ۾ ڏڪار
اچي منھن ڪڍيو ۽ چوڌاري کاڌي جي ڏاڍي اڻاٺ ٿي
پيئي. ماڻھو ويلن تي وڃي پيا، ۽ ڪيترا تھ بک وگھي
مرڻ بھ لڳا. نوجوان کي حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو خبر
پيئي تھ لنگھڻ ڪاٽيندي بت ساڻو ڪيئن ٿي ٿيو، ۽ بک
۾ ماڻھو ڪيترو بيحال ٿي سگھيو ٿي.
نيٺ گھڻين منٿن کان پوءِ ٻھراڙيءَ ۾ ھن کي ھڪڙو ڪم
مليو ۽ اھو ھو ھڏڪاريندڙ سوئرن جي ڌڻ کي چارڻ جو
ڪم. ھو پوءِ سڄو ڏينھن انھن ۾ اکيون وجھيو، وڻن جي
ٿڙن کي ٽيڪ ڏيو، اڌ بکيو اڌ اڃيو، ويٺو ھوندو ھو،
۽ ڏاڍا ھن جا بُرا حال ھئا. ھو چاھيندو ھو تھ جيڪي
توتڙ ۽ سڪل بُٿ ھن جا سوئر اکوڙي پيا کائيندا ھئا،
اھي ئي ھوند کيس ملن تھ انھن کي ئي چٻي ڪجھھ
پنھنجي پيٽ جي بک ماري سگھي.
۽ پوءِ ھو سوچڻ لڳو. ”آءٌ ھتي سوئرن کي پيو
چاريان، ۽ بکيو ۽ اڃيو پرديس ۾ خوار ٿيان. ڇو مون
پنھنجي پيءُ جو سکيو ستابو گھر ڇڏيو، جتي ننڍي ۾
ننڍا نوڪر بھ پيٽ ڀريو پيا ماني کائين؟ مان ڪيڏو
نھ بيوقوف آھيان! ڪيڏو نھ ھيءُ غلط ڪم مون ڪيو
آھي!“
ھو اتي ويٺو رھيو ۽ پاڻ کي ائين ملامت ڪندو رھيو.
پراڻا ڏينھن، پنھنجي پيءُ سان جيڪي سک ۾ گذاريا
ھئائين، اھي ھڪ ھڪ ٿي پئي ياد آيس. ھو اتي جيڪي
سٺا سٺا کاڌا کائيندو ھو، اھي ياد ڪرڻ لڳو، جيڪي
اوچا اوچا ڪپڙا پھريندو ھو، اھي ياد ڪرڻ لڳو، ۽
پنھنجي پيءُ جا سک ۽ جيڪي دوست وٽس ڪچھريون ڪرڻ
ايندا ھئا اھي ھن کي ياد اچڻ لڳا. ھن جو من پنھنجي
گھر جي اڪير ۾ ڀرجي آيو ۽ ھو پاڻ کي بنھھ ھيڪلو ۽
پري ڦٽي ڪيل ڪو جانور سمجھڻ لڳو.
”آءٌ موٽي پنھنجي گھر ويندس،“ ھن اوچتو دل م چيو.
”آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ موٽي ويندس ۽ وڃي کيس چوندس.
”بابا، مون خدا جو بھ ۽ تنھنجو بھ ڏوھھ ڪيو آھي، ۽
آءٌ تنھنجي پٽ سڏائڻ جي لائق نھ آھيان. مون کي پاڻ
وٽ نوڪرن سان گڏ نوڪر ڪري رک، آءٌ تو وٽ نوڪر ٿي
ڪم ڪندس.“
پوءِ ھو سوئرن جو ڌڻ سندن مالڪ جي حوالي ڪري،
پنھنجي پيءُ جي گھر جو رستو وٺي، اٿي پنڌ پيو.
رستو ڪافي ڊگھو ھو ۽ پنڌ ڪندي ڪندي نوجوان جا پير
سڄي پيا ۽ انھن ۾ ڦلوڻا پئجي ويس.
ھن جي پيءُ پنھنجي وڃايل پٽ کي ڪونھ وساريو ھو.
جڏھن کان ھو گھر ڇڏي ويو ھو، تڏھن کان ھن وٽان خير
جي احوال ٻڌڻ ۽ کيس وري ڏسڻ جي اڪنڍ ھڪ ڏينھن لاءِ
بھ ھن جي پيءُ جي دل ۾ ماٺي ڪانھ ٿي ھئي. پر کيس
ھن وٽان ڪو خط بھ ڪونھ مليو ھو، ۽ ھن جو ٻڍو پيءُ
انھيءَ اوسيئڙي ۾ ھوندو ھو تھ ھو آخر ڪٿي ھو ۽
ڪھڙي ڪم سان ھو!
ڪڏھن ڪڏھن ھو گھر جي کڏ تي چڙھي چوڌاري ڏسندو ھو
تھ من ڪٿان سندس جوان پٽ ڏانھس موٽي ايندو ھجي.
پوڙھي پيءُ کي پڪ ھئي تھ پري ميل پنڌ تان ھو بھ
پنھنجي پٽ کي ايندي ڏسي سڃاڻي وٺندو.
۽ ھڪ ڏينھن پري پري کان ھن ڪنھن کي پاڻ ڏانھن
ايندي ڏٺو ۽ ان کي ڏسي گمان ٿيس تھ اھو سندس
پنھنجو وڃايل پٽ ھو. ان جي ھلڻ جو اھڙو ڪو نمونو
ھو، ان جي ٻانھن جي اھڙي ڪا لوڏ ھئي، جنھن مان ھن
ائين سمجھيو تھ اھو ھن جو پٽ ھو.
”پر ھيءُ منھنجو پٽ نٿو ٿي سگھي!“ پيءُ سوچيو ۽ من
۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳيس. ”ھن جا ڪپڙا تھ ليڙون ليڙون
آھن، ۽ ھيءُ تھ ڏاڍو دکي ۽ بيمار ٿو لڳي! پر ڏسڻ ۾
تھ ھن جھڙو ئي آھي – ھائو – ھي تھ برابر منھنجو پٽ
آھي!“
پوءِ، ھن جي پيءُ ھن کي ملڻ لاءِ وٺي اڳتي ڊوڙ
پاتي. در تي ترسي، پنھنجي پٽ جي اتي پھچڻ جو
انتظار ھو ڪيئن ٿي ڪري سگھيو؟ ھن کي ٻيھر اکين سان
ڏسي، ھو خوشيءَ ۾ نھ پئي ماپيو. ھن کي وٺي کڻي
پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتائين، ۽ چمين مٿان چميون ڏيڻ
لڳس!
موٽي پنھنجي گھر پھچڻ تي پٽ کي بھ بيحد خوشي ٿي
ھئي. ”بابا،“ ھن چيو. ”مون خدا جو بھ ۽ تنھنجو بھ
ڏوھھ ڪيو آھي ۽ آءٌ تنھنجي پٽ سڏائڻ جي لائق نھ
آھيان.“
ان کان وڌيڪ ھو ڪجھھ چوي ئي چوي، تنھن کان اڳ ھن
جي پيءُ جا نوڪر ڊوڙي آيا. ھنن کي خبر ئي ڪانھ ھئي
تھ اھو ڇا پئي ٿيو. پوڙھي پيءُ ھڪدم ڏانھن منھن
ورائي چيو –
”وڃو ۽ وڃي گھر ۾ پيل بھترين ڪپڙن جو جوڙو کڻي
اچو، ۽
منھنجي پٽ کي پارايو! ھن جي آڱر ۾ وجھڻ لاءِ ھڪڙي
منڊي بھ کڻي اچو، پر اھا اھڙي آڻيو، جا منھنجي پٽ
جي شان وٽان ھجي! ھن جي پيرن کي ڍڪڻ لاءِ زريءَ
واري جتي کڻي اچو! وڃو، ۽ وڃي اھي ڪم ڪريو! اڄ رات
اسين وڏي دعوت ڪنداسين. انھيءَ ڪري اھو گابو ڪاھي
اچو، جنھن کي اسين اڄوڪي ڏينھن لاءِ جھليو ويٺا
ھئاسين. اھو اڄ رات جي دعوت تي ڪسندو. اڄ اسين خوب
کائينداسين ۽ خوشيون ڪنداسين. مون سمجھيو ھو تھ
منھنجو پٽ مري ويو ھو، پر اڄ مون لاءِ ھو وري
جيئرو ٿيو آھي. ھيءُ اسان کان وڃائجي ويو ھو، پر
ھاڻي ھيءُ وري اسان لڌو آھي!“
پوءِ نوڪر خوشيءَ ۾ گد گد ٿيندا، جيئن جيئن ھنن کي
چيو ويو ھو، تيئن پنھنجي پنھنجي ڪم کي لڳي ويا.
گھرو پاليل گابو ڪھي، صاف ڪري، سيخ ڪيو ويو ۽ ان
جا ھڳاءَ ٻاھر ھوا ۾ پکڙندا رھيا. بُکن ۾ پاھھ ٿيل
ڇوڪر گھر اچڻ تي ۽ ان ايتري آڌرڀاءَ لھڻ تي ايڏو
تھ خوش ھو، جو پنھنجي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙھا
روڪي نھ سگھيو. ھر ڪو ھن کي واپس گھر ۾ آيل ڏسي،
خوشيءَ ۾ نھ پئي ماپيو.
ھائو، ھرڪو – سواءِ ھڪ شخص جي. ۽ اھو ھن جو وڏو
ڀاءُ ھو. ھو ٻاھر پنھنجي پيءُ جي زمينن تي ڪم ڪري
رھيو ھو، ۽ ھن پنھنجي ڀاءُ کي واپس ايندي ڪونھ ڏٺو
ھو. ھو پنھنجي ڪم تان جڏھن سج لٿي موٽيو، تھ پري
کان خوشيءَ جو چوٻول ٻڌي، ۽ ويجھو ايندي دعوت جون
تياريون ڏسي، وائڙو ٿي ويو، ۽ پري بيھي رھيو.
ھن ھڪڙي نوڪر کي پاڻ وٽ سڏيو. ”ھي سڀ ڳالھيون ڇا
لاءِ آھن؟“ ھن پڇيو. ”ھي راڳ، ھيءُ ناچ ۽ ھيءَ
دعوت سڀ ڇا لاءِ ٿي رھيا آھن؟ ڇا ٿيو آھي؟“
۽ نوڪر ھن کي خوشيءَ ۾ ڀرجي جواب ڏنو: ”تنھنجو
ڀاءُ موٽي گھر آيو آھي! تنھنجي پيءُ گابو ڪھايو
آھي، ۽ ھيءَ خوشيءَ جي وڏي دعوت ھن تنھنجي ڀاءُ جي
واپسيءَ تي ھن جي آڌرڀاءَ لاءِ ڪئي آھي.“
اھو ٻڌي، وڏي ڀاءُ کي ڪاوڙ وٺي ويئي ۽ ھن کي حسد
ٿيڻ لڳو. ”ھن جو پيءُ ڇو ٿو ھھڙي پٽ لاءِ ايڏو جشن
ڪري، جيڪو سدائين ٽوٽي ۽ڪاھل رھيو آھي، ۽ جيڪو
ملڪيت جو پنھنجو حصو ھن کان وٺي ھليو ويو ھو، ۽
اھو کائي پي ۽ اڏائي، ھاڻي ھٿين خالي وري موٽي آيو
آھي؟ ھيءَ سراسر بي انصافي آھي!“
آءٌ دعوت ۾ شريڪ ڪونھ ٿيندس،“ وڏي ڀاءُ سوچيو، ۽
پٺي ڦيري، در تان موٽڻ لڳو. پر سندس پيءُ ايتري ۾
ھن وٽ ٻاھر آيو ۽ اچي ھن کي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي
منٿ ڪيائين.
”ڇا، تون پنھنجي ڀاءُ جي ھيئن پاڻ وٽ صحيح سلامت
موٽي اچڻ تي خوش نھ ٿيو آھين؟“ ھن پڇيو.
”بابا“، وڏي پٽ ڪاوڙ ۾ چيو، ”ھي سڀ ھيترا سارا سال
مون تو لاءِ ڪمايو، ۽ تنھنجا حڪم مڃيا، ۽ ڪڏھن ھڪ
ڀيرو بھ ڪو غلط ڪم ڪونھ ڪيو؛ پر مون کي تو ڪڏھن بھ
ڪو گابو يا رڳو ڪو ڇيلو بھ ڪھي ڪونھ ڏنو تھ مان
پنھنجن دوستن سان گڏ ڪا دعوت ڪري سگھان. پر ھيءُ
تنھنجو ننڍو پٽ واپس گھر آيو آھي، جيڪو پنھنجي حصي
جا اڌ پئسا بھ توکان وٺي ويو ۽ وڃي پنھنجن نالائق
دوستن سان کپائي کپائي دف ڪري ڇڏيائين، تھ توھين
ھن جو ايڏو آڌرڀاءُ ٿا ڪريو ۽ سڄو سارو گابو ڪھو
ٿا ۽ ھن جي شان ۾ وڏي دعوت ڪريو ٿا!“
”پٽ“، پيءُ ڏاڍيءَ نرمائيءَ سان چيو، ”تون ھيترا
سارا سال مون سان گڏ ۽ مون وٽ رھيو آھين، ۽ توکي
خبر آھي تھ جو ڪجھھ مون وٽ آھي، سو سڀ تنھنجو آھي.
تولاءِ تھ شڪايت جي ڪا ڳالھھ ڪانھي. سٺي ۽ صحيح
ڳالھھ تھ پاڻ اھا آھي تھ تون پنھنجي ڀاءُ جو
آڌرڀاءُ ڪر ۽ خوش ٿي! توکي تھ جشن ڪرڻ کپي تھ ھو
موٽي آيو آھي. پاڻ ھن کي مئل سمجھيو ھو، پر ھو
جيئرو آھي! ھو اسان کان وڃائجي ويو ھو، ۽ ھاڻي
اسان ھن کي ٻيھر لڌو آھي!“
29
: يسوع ۽ چريو ماڻھو
يسوع ھنن مان ڪي ڳالھيون، ڪناري کان ٿورو پرڀرو،
ٻيڙيءَ ۾ ويھي ٻڌائيندو ھو. ماڻھو ڪناري تي ميڙاڪا
ڪيو، ڪي ويٺا ھوندا ھئا ۽ ڪي بيٺا ھوندا ھئا، ۽
پوري ڌيان سان يسوع جون ھي ڳالھيون پيا ٻڌندا ھئا،
۽ اھي ھنن کي اھڙيون تھ وڻنديون ھيون، جو ھڪ جي
پويان ٻيءَ ڳالھھ ٻڌائڻ لاءِ ھن کي منٿون پيا ڪندا
ھئا. ھڪ ڀيري ائين ڳالھيون ٻڌائيندي ٻڌائيندي،
يسوع ٿڪجي پيو، ۽ چاھيائين تھ ڪجھھ آرام ڪريان.
پر جيڪڏھن ٻيڙيءَ کي ڪناري سان نيئي، ڪناري تي لٿو
ٿي، تھ ماڻھو چوڌاري مڙي ٿي ويس ۽ سندس پٺيان
انبوھھ ٺاھي ٿي لڳا، ۽ ھڪ گھڙي بھ آرام ڪرڻ لاءِ
ھن کي اڪيلو نٿي ڇڏيائون.
”ھلو تھ ٻيڙيءَ کي ھاڪاري سمنڊ ۾ پرڀرو ھلون“،
يسوع پطرس کي ۽ ٻين کي چيو. ”پوءِ جڏھن ماڻھو
ڏسندا تھ اسين ھليا ويا آھيون، تھ ھو پاڻ بھ
پنھنجي پنھنجي گھر ھليا ويندا.“
ائين ان ننڍڙيءَ مڇي مارڻ واريءَ ڊونڊيءَ کي
ھاڪاري، سمنڊ ۾ پري وٺي ويا، ۽ يسوع ايترو تھ ٿڪل
ھو، جو ھو ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ ئي پاسو ڪري، ليٽي پيو.
ٻيڙي ھلندي رھي، ۽ پاڻيءَ جون ننڍيون ننڍيون
ڇوليون ان سان لڳنديون رھيون، ۽ انھن جي نرم نرم
ڇاٻڙ جي آواز تي يسوع کي ننڊ کڻي ويئي.
ائين سج لھي ويو ۽ مٿان اچي رات ٿي، ۽ سڄي رات
ٻيڙي آھستي آھستي ھلندي رھي، ۽ متان اچي اسر ٿيو.
”پاڻ موٽي گھر ڏانھن نٿا ھلون“، يسوع چيو. ”مون کي
آرام ڪرڻ گھرجي ۽ ايڪانت ۽ سانت گھرجي تھ جيئن آءٌ
سوچي سگھان ۽ دعا گھري سگھان. ٻيڙيءَکي ھاڪاريو تھ
سمنڊ جي ٻئي پار ھلي پھچون.“
پوءِ ٻيڙي پاڻيءَ تي ھلندي رھي، ھلندي رھي ۽ نيٺ
ٻئي پار ڪناري سان اچي لڳي، جتي ٻيو ملڪ ۽ ٻيا
ماڻھو ھئا. اتي گڊاريني لوڪ رھندا ھئا، ۽ ٿورو
پرڀرو يسوع جي ساٿين انھن جو گراسا نالي ننڍڙو ڳوٺ
اڏيل ڏٺو.
”اسين انھيءَ ڳوٺ ڏانھن نھ ھلنداسين“، يسوع چيو.
”اسين پريان جيڪا ھيڪلي ٽڪري بيٺي آھي، اوڏانھن
ھلنداسين. مون کي ڪجھھ وقت ھيڪلائيءَ ۾ رھڻو آھي.“
ائين ھو سڀ گڏجي ان ٽڪريءَ تي چڙھي ويا. ۽ پوءِ
اوچتو ھڪ بنھھ غير معمولي ڳالھھ پيش آئي. ھڪڙو
ماڻھو غار مان ڌوڪيندو ٻاھر نڪتو. ھن زور زور سان
رڙيون پئي ڪيون ۽ پري کان ھنن تي ھٿن ۽ ٻانھن جون
الرون ڪندو، تکو تکو مٿن ڪاھيندو پئي آيو. ھن جي
بت تي ڪپڙو پيل ڪونھ ھو، ھن جي ڏاڙھي ۽ ھن جا وار
ڊگھا ھئا ۽ منجھيل ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ھئا. ڏسڻ ۾ ھو
ڏاڍو ھڪ ڀوائتو جانور ٿي لڳو.
ھو ھڪ مست عليل شخص ھو، جيڪو اتي غارن ۾ رھندو ھو،
جتي اھي ماڻھو پنھنجن مئلن کي پوريندا ھئا. ھو
ڏاڍو ھڪ ڀيانڪ، سگھارو ۽ خطرناڪ ماڻھو ھو ۽ ھر ڪو
ھن کان ڊپ ۾ ڪوھين ڀڄندو ھو. ڪنھن جو ھن تي وس
ڪونھ ھلندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھن کي سڀ گڏجي، ڪنھن
اٽڪل سان، جھلي بھ وجھندا ھئا، ۽ پوءِ رسين ۽
سنگھرن ۾ ھن کي ٻڌي ڇڏيندا ھئا، پر جڏھن ھو پنھنجي
غصي ۾ ايندو ھو تھ ھن ۾ ھڪ ديو جھڙي طاقت اچي
ويندي ھئي، ۽ ھو انھن رسين ۽ سنگھرن کي آسانيءَ
سان ڇني ۽ ٽوڙي. ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو ھو.
|