صليب تي چڙھيل يسوع کي سندس دشمن رکي رکي طعنا ھڻي
رھيا ھئا. ”اڙي...او....تو تھ ٻين کي ٿي بچايو!
ھاڻي پاڻ کي تھ بچاءِ؟ ڏاڍو پاڻ کي ڏاھو ٿي
سمجھيئي! مسيح! ھر مرض جو طبيب! ڪيڏانھن ويئي
تنھنجي حڪمت؟ ڪيڏانھن ويئي تنھنجي ڏاھپ؟“
”ھوڏانھن ڏسوس!“ ٻين چيو. ”چوي ٿو خدا جو پٽ
آھيان! ڀلا، جي آھي تھ، ڇو نٿو ڏيکاري پنھنجي
قدرت؟ لھي اچي نھ سوريءَ تان!“
جيڪي سپاھي ماڻھن کي روڪڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ بيٺا
ھئا، اھي بھ پاڻ کي روڪي نھ سگھيا، ۽ وڏي وات يسوع
تي چٿرون ڪرڻ لڳا: ”سو، تون يھودين جو بادشاھھ
آھين؟ اڙي وڏا بادشاھھ، پھرين پاڻ کي تھ ڇڏاءِ!
لھي ڏيکار انھيءَ سوريءَ تان!“
جيڪي ٻھ ڦورو ھن جي پاسن کان پنھنجي پنھنجيءَ صليب
تي ٽنگيل ھئا، اھي بھ ھن کي طعنا ڏيڻ ۽ لڄي ڪرڻ
لڳا. يسوع ڪنھن کي ڪو جواب ڪونھ ڏنو، پر وڏي صبر
سان، سڄو سور ساھھ ۾ سانڍيو، چپ چاپ صليب تي بيٺو
رھيو.
”جي تون مسيح آھين، تھ ڪا واھر ڪر! پنھنجي بھ ۽
اسان جي بھ!“ ھڪڙي ڦوروءَ رڙ ڪري ھن کي چيو. ”جي
بچائيندڙ آھين تھ اسان کي ڇو نھ ٿو بچائين؟ پر تون
کوٽو مسيح آھين.... تون ڇا اسان کي بچائيندين....
پھرين پاڻ کي تھ بچاءِ!“
ان تي ٻئي ڦورو پنھنجو ڪنڌ ڦيرائي، يسوع ڏانھن
ڏٺو، ۽ ھن، انھيءَ گھڙيءَ، جو ڪجھھ ان ماٺيڻي ۽
ٻاجھاري منھن ۾ ڏٺو، ان تي ھن کي تمام گھڻو ارمان
ٿيو ۽ سندس ساٿي يسوع کي جيڪي چئي رھيو ھو، ان تي
ھن کي شرم محسوس ٿيو. ھن پوءِ ان پنھنجي ساٿيءَ کي
روڪيو ۽ پنھنجي پر ۾ ڇينڀيو.
”تو ۽ مون تھ ڏوھھ ڪيو آھي، ۽ اسين ان جي سزا کائي
رھيا آھيون“، ھن چيو. ”پر ھن ماڻھوءَ ڪھڙو ڏوھھ
ڪيو آھي؟ ھي تھ بيڏوھو آھي!“ پوءِ ھن يسوع ڏانھن
منھن ڪيو.
”سائين“، ھن چيو، ”پنھنجي پاڪ بادشاھت ۾ مون
خطاڪار کي نھ وساريندا!“
يسوع جي دل ڀرجي آئي ۽ ٻاجھارين اکين سان ھن ڏانھن
ڏٺائين ۽ پنھنجي آواز ۾ اٿليل ھانءُ جو پاٻوھھ
ڀري، ھن کي چيائين: ”اڄ، جنت ۾ تون مون سان گڏ
ھوندين.“
ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي لڳل صليبن کان ٿورو پري، يسوع
جا ڪي ٿورا دوست بيٺا ھئا، ۽ ھنن جون دليون ڏک ۾
وسامي رھيون ھيون. ھنن ڄاتو ٿي تھ ھو ڪيڏو سور سھي
رھيو ھو. ھنن ڄاتو ٿي تھ ھو ان وقت پويان پساھھ
کڻي رھيو ھو. پر ھو ھن لاءِ ڪجھھ بھ نٿي ڪري
سگھيا.
يوحنا اتي ھو، يسوع جو پياري ۾ پيارو ساٿي، ۽ ان
سان گڏ مريم بيٺي ھئي، يسوع جي ماءُ، ڏاڍي پريشان،
ڏاڍي ڏکايل – ھوءَ پنھنجو بيڏوھو سدورو پٽ ٻن ڦورن
جي وچ ۾ سوريءَ تي چڙھيل ڏسي رھي ھئي. يسوع پنھنجي
پياري ساٿيءَ ۽ پنھنجي پياري مانائتي ماءُ ٻنھي کي
ڏسي رھيو ھو، ۽ پنھنجي مجبور ماءُ جي دل جو دک
محسوس ڪري رھيو ھو. ھن جو ھو ئي سھارو ھو، ۽ ھو
وٽانئس وڃي رھيو ھو. ڪير ھاڻي ھن کي پٽ جو پيار
ڏيندو ۽ ھن جو خيال رکندو؟
ھن ڏٺو تھ يوحنا ھن کي پرڀائي رھيو ھو – ائين ڄڻ
ھو ھن جو سڳو پٽ ھو. پوءِ يسوع ھنن ٻنھي سان
ڳالھايو.
”ڏس، اھو تنھنجو پٽ آھي!“ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو.
۽ يوحنا کي چيائين، ”ڏس، اِھا تنھنجي ماءُ آھي!“
۽ ٻنھي سمجھيو تھ ان مان ھن جو ڇا مطلب ھو. يوحنا
کي مريم جي سنڀال ائين ڪرڻي ھئي ڄڻ ھوءَ سندس
پنھنجي ماءُ ھئي، ۽ ھن کي يوحنا لاءِ ائين سوچڻو
ھو ڄڻ يوحنا سندس پنھنجو پٽ ھو. ائين ان ڏينھن کان
وٺي، يوحنا يسوع جي ماءُ، بيبي مريم، کي پنھنجي
گھر وٺي ويو، ۽ پٽ وانگر ھن جي سنڀال ڪيائين.
پنھنجي ان عذاب وقت بھ يسوع جي ڪومل من ۾ انھن جو
ويچار ھو، جيڪي کيس پيارا ھئا - ۽ ان وقت ھو سچ پچ
تھ ڪيڏي نھ عذاب ۾ ھو! يسوع کي سڄو اھو عذاب سھڻو
ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن دل ۾ اھو پڪو ارادو ڪيو ھو تھ اھو
ئي رستو ھو، جو ھو ماڻھن کي ڏيکاري سگھيو ٿي تھ
انھن لاءِ ھن جي وشال من ۾ ڪيڏو نھ اٿاھھ ۽ نرمل
پيار موجود ھو! پر ان مھل ھو ايڏيءَ تڪليف ۾ ھو، ۽
ھو ايڏو ضعيب ھو، جو ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ ھن جو
روح ڇِپ جھڙي ڏک جي ڳري بار ھيٺان دٻجي ۽ نپوڙجي
رھيو آھي. ھن محسوس ڪيو تھ ھو بنھھ ھيڪلو ھو، ۽
پنھنجي حياتيءَ جي ان سڀ کان وڌيڪ اونداھي گھڙيءَ
۾ ھن جي زبان تي خدا جي مداح جا اھي لفظ تري آيا،
جيڪي ھن ننڍپڻ ۾ سکيا ھئا. جڏھن ھو ماءُ جي دامن
وٺي ھلندڙ نستو ۽ بي سرتيو ننڍڙو نينگر ھو:
”منھنجا مولا، منھنجا مولا، تو مون کي ڇو ڇڏيو
آھي!“
اس ڏاڍي تکي ھئي، ۽ يسوع اڃايل ھو. ھڪڙي سپاھيءَ
ھن جو جھيڻو آواز ٻڌو:
”آءٌ اڃيو آھيان.“
ھو ڊوڙي، ويجھي پيل کاري شراب جي ڪونڊي وٽ ويو، ۽
ڪپھھ جي پؤڻي کڻي ان ۾ وڌائين، جنھن پنھنجي مقدار
جو پاڻياٺ چھي ورتو. پوءِ ان سپاھي ڊگھي ھڪ لٺ جي
چوٽي تي اھا ڪپھھ جي پؤڻي رکي، مٿي ڪري، يسوع جي
چپن تائين آندي. يسوع پنھنجي ٽانڊن جھڙي اڃ لاھڻ
لاءِ ڪپھھ جي ان پؤڻيءَ مان ٿورڙو ڦاڻياٺ چوسي
سگھيو، ۽ ھن جي اکين مان سرھائيءَ جا ڌيما آثار
بکي اٿيا. ھن مشڪل ۽ غمناڪ گھڙيءَ ۾ سپاھيءَ جي ان
ٿورڙي مھربانيءَ ھن جي زخميل روح لاءِ مرھم جو ڪم
ڏنو ھوندو.
پوءِ يسوع چيو، ”بس، ڳالھھ پوري ٿي!“ ھاڻي واقعي
ھو گھڙيءَ ٻن جو مھمان ھو، ۽ اھا ھن کي خبر ھئي.
پيار ۽ ٻاجھھ ڀريل ھن جي املھھ حياتيءَ جي ھاڻي
پڄاڻي ٿي رھي ھئي.
ھن ھڪ وڏي دانھن ڪئي. ”منھنجا رب، منھنجا ٻاجھارا
....، آءٌ پنھنجو ھيءُ روح توکي ٿو سونپيان!“ ھن
جو ٿڪجي پيل مٿو ڍري پيو، ۽ ھو ماٺ ٿي ويو. ناصرت
جو يسوع دنيا کان موڪلائي ويو.
جنھن گھڙيءَ ھي ٽي ماڻھو صليب تي چاڙھيا ويا ھئا،
ان گھڙيءَ کان وٺي آخر تائين، سپاھين جو ڪپتان
صليبن جي ويجھو ويٺو ھو، ۽ ھن اھو سڀ ڪجھھ پئي ڏٺو
۽ ٻڌو، جيڪي يسوع ان وچ ۾ اتي ڪيو ٿي يا چيو ٿي.
يسوع جي پنھنجي ماءُ کي ڏيکاريل سڪ ۽ سنيھھ ۽ ھڪڙي
ڦوروءَ لاءِ ھن جو قياس ۽ قرب سڀ ھن پنھنجي اکئين
ڏٺا ھئا. ھن پنھنجن ڪنن سان يسوع جي اھا دانھن بھ
ٻڌي ھئي، جيڪا ھن پنھنجي آخري دم کڻڻ وقت ڪئي ھئي،
۽ جيڪا ڄڻ ھن جي پوري زندگيءَ جي سوڀ ۽ سڦلتا جي
للڪار ھئي.
”تحقيق ھيءُ ھڪ نيڪ ماڻھو ھو“، ڪپتان چيو. ”ھيءُ
سچ پچ خدا جو پيارو ٻالڪ ھو.“
نيٺ انھيءَ گھڙيءَ ھڪڙو ماڻھو وڌي اڳتي آيو، جنھن
جو نالو يوسف ھو ۽ اھو ارمتيھ جي ڳوٺ جو چڱو مڙس
ھو. ھو يسوع جو پوئلڳ ھو، ۽ ھن سان بيحد پيار ۽
عقيدت ھيس، پر پاڻ کي ظاھر نھ ڪندو ھو. ۽ جيسين
يسوع جيئرو ھو، تيسين ھن يسوع ۽ يسوع جي تعليم ۾
پنھنجي ايمان جو اعلان نھ ڪيو ھو. پر ھاڻي ھن
محسوس ڪيو ھو تھ پنھنجي آقا جي گذري وڃڻ کان پوءِ
ھن کي پنھنجي ايمان جي سلامتيءَ ۽ صداقت لاءِ ضرور
ڪجھھ ڪرڻ گھرجي.
انھيءَ ڪري، پھرين ھو پلاطس وٽ ويو ۽ ھن کان يسوع
جو مڙھھ گھريائين، تھ جيئن ھو ان کي دفنائي سگھي.
پلاطس ھن کي ان جي موڪل ڏني، ۽ پوءِ ھن ۽ ٻين ڪن
دوستن گڏجي يسوع جو مڙھھ صليب تان ھيٺ لاٿو، ان جي
ھٿن پيرن مان چڀندڙ تکا ڪوڪا ھڪ ھڪ ڪري ڪڍيا ۽
پوءِ يسوع کي ھنن ھڪڙي نرم سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ويڙھيو
۽ ان تي ھنن چونڊ سرھاڻيون ۽ خوشبودار مصالحا ۽
جڙيون ٻوٽيون ڇٽڪاريون.
جنھن ھنڌ صليبون کتل ھيون، ان جي ويجھو ئي ھڪڙو
باغ ھو، جتي ھڪ نئين قبر ھئي، جنھن ۾ اڃا ڪنھن کي
بھ نھ رکيو ھئائون. اھا ٽڪريءَ جي پاسي ۾ ھڪ ننڍي
غار وانگر ٺھيل ھئي. يوسف اھا قبر ھٿ ڪئي ۽ يسوع
جو مڙھھ کڻائي ان ۾ رکايو، ۽ ان جي منھن تي ھڪڙو
ڳرو پٿر ڏيارائي ڇڏيائين تھ جيئن اھو بند رھي.
ڪي عورتون، جيڪي صليب جي ڀرسان بيٺيون ھيون، ۽
بيٺي رنائون ۽ پار ڪڍيائون، تن يوسف ۽ سندس ماڻھن
کي اھو ڳرو پٿر ريڙھي، غار جي منھن تي ڏيندي ڏٺو.
”ھاڻي اسان کي ھتان ھلڻ گھرجي،“ عورتن ھڪٻئي کي
چيو. ”ھاڻي يسوع لاءِ ھتي ٻيو اسان کي ڪرڻو ئي ڇا
آھي؟ پر ھن جي مڙھھ کي مکڻ ۽ سرھي رکڻ لاءِ عود ۽
لوبان ۽ ٻيا سرھا مصالحا کڻي سگھو ئي موٽي ٿيون
اچون.“
55
: يسوع موٽي ٿو اچي
يسوع جي ساٿين کي جڏھن اھو سڀ معلوم ٿيو، جو سندس
پياري آقا سان ٿي گذريو ھو، تڏھن ھنن جي مٿان دھشت
۽ مايوسي طاري ٿي ويئي. ھنن کي ڪا ڳالھھ اعتبار ۾
نھ پئي آئي. ھيءُ نيڪ انسان، سندن پيارو دوست ۽
ايڏو شانائتو ۽ اڻموٽ ساٿي، جنھن ھيترا معجزن جھڙا
ڪم ڪيا ھئا، ۽ جيڪو ايترو ڏاھو ۽ عالي ھمت ماڻھو
ھو، اھو ائين ٻن ڌاڙيلن جي وچ ۾ بيھاري، صليب تي
چاڙھيو ويو ھو! ۽ اتي ھن دم ڏنو!
يسوع جا ساٿي، ٽڙي پکڙي، يروشلم ۾ زير زمين ٿي
ويا. انھن کي ڊپ ھو تھ ھو ڏسبا تھ جھلجي پوندا ۽
کين بھ سويءَ تي چاڙھيو ويندو. ھنن جي دل تان اِھا
ڳالھھ ئي لھي ويئي تھ يسوع چيو ھو تھ ٽي ڏينھن
گذرندا ئي ڪين تھ ھو اٿندو، ۽ سندس تعليم ھنڌين
ماڳين پکڙبي. ھنن ائين سمجھيو، ڄڻ ھو ۽ ھن جو
پيغام ھميشھ لاءِ ختم ٿي ويا ھئا.
ھو بلڪل نراس ۽ پريشان ھئا. شھر ۾ خوشين جا آواز
اٿي رھيا ھئا، جو ماڻھو وڏي جشن جون تقريبون
ملھائي رھيا ھئا، ۽ ٻئي پاسي يسوع جا ساٿي ھئا،
جيڪي بيحد غمناڪ ۽ بيوس ھئا. ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو،
ڄڻ سندن سڄي دنيا ھميشھ لاءِ پرزا پرزا ٿي ويئي
ھئي.
ٽئين ڏينھن، صبح جو سوير، ڪي عورتون، جيڪي يسوع
جون بيحد پياسي ۽ معتقد ھيون، اھي ھن جي قبر تي
ويون. ھنن گل، خوشبودار وڻن جا پن ۽ ڪيتريون ٻيون
سرھاڻيون پاڻ سان کنيون ھيون، جيڪي ھنن ان غار ۾
ڇٽڪارڻ لاءِ خريد ڪيون ھيون، جتي يسوع جو مڙھھ پيل
ھو. ھو جيئن اوڏانھن آيون پئي، تيئن واٽ تي پاڻ ۾
يسوع جي دک جون ڳالھيون بھ ڪنديون پئي آيون.
”مون کي پڪي خبر آھي تھ غار ڪٿي آھي“، ھڪڙي
چيو. ”جتي ھنن يسوع جو مڙھھ پئي رکيو، اھا جاءِ
مون پاڻ پنھنجي اکين سان پئي ڏٺي. جڏھن ھڪڙو وڏو
پٿر ريڙھي، ھنن غار جي منھن تي رکيو، تھ بھ آءٌ
اتي ڀرسان ھيس ۽ سڀ اکئين پئي ڏٺم.“
”وڏو پٿر!“ ٻيءَ عورت چيو. ”اھو تمام ڳرو تھ نھ
ھو؟ پاڻ ان کي چوري سگھنديوسين؟“
عورتن جڏھن ٻڌو تھ غار جي منھن تي ھڪڙو وڏو ۽ ڳرو
پٿر ڏنل ھو، تڏھن ھو گھٻرائجي ويون تھ اھو پٿر ھو
ڪيئن اتان پري ڪري سگھنديون.
”اھو اسان کي اتان ڪير چوري ڏيندو؟“ ھو پريشان ٿي
ھڪٻئي کي چوڻ لڳيون.
اھا سج اڀرڻ جي مھل ھئي، ۽ ھي عورتون بھ قبر واري
باغ ۾ انھيءَ مھل اچي پھتيون ھيون. غار وٽ پھچڻ
سان، ھنن جيڪي ڏٺو، تنھن ھنن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.
قبر بھ کانئن پري ڪانھ ھئي – پر ان جي اڳيان، غار
جي منھن تي، ڪوبھ پٿر ڏنل ڪونھ ھو! ڪنھن ماڻھوءَ
اھو اڳي ئي اتان سوري پري ڪري ڇڏيو ھو!
ھو اتي حيران ٿي، بيھي رھيون – ڳالھائڻ نھ پئي
اڪلين. نيٺ ڪجھھ اڳڀريون ٿي، ھو غار ۾ اندر
گھڙيون. پر ھنن ڏٺو تھ اتي يسوع جو مڙھھ ھوئي
ڪونھ! ان جي بدران ھنن قبر تي ساڄيءَ ٻانھينءَ وٽ
ھڪڙو ڪو نوجوان مرد ويٺل ڏٺو، جنھن کي ھڪڙو ڊگھو،
چمڪندڙ سفيد چوغو اوڍيل ھو!
عورتون ڊپ ۾ وٺجي ويون. ھنن کي حيرت ھئي تھ ڇا ٿيو
ھوندو! يسوع جو مڙھھ ڪيڏانھن ويو؟ ھيءُ عجب جھڙو
سھڻو نوجوان ڪير ھو؟
ھن ساڻن ڏاڍي ٻاجھاري نموني ۾ ڳالھايو – ڇو تھ ھن
ڏٺو تھ ھو ڊپ ۾ ڪنبي رھيون ھيون. ”اوھين ڊڄو نھ!
اوھين يسوع ناصريءَ کي پيون ڳوليو نھ، جنھن کي
صليب تي چاڙھيو ويو ھو! ھو اٿي ويو آھي. ھو ھتي
ڪونھي. ڏسو! ھيءَ ئي جاءِ آھي نھ، جتي ھن جو مڙھھ
رکيل ھو!“
عورتن ھن جي ڳالھھ بڌي. ھو حيران ٿي ويون، ۽ ھنن
تي ھيبت طاري ھئي. ھو ڪا ڳالھھ سمجھي ڪانھ ٿي
سگھيون. ڇا، سچ پچ يسوع ھليو ويو ھو؟ ڇا، ھو وري
جيئرو ٿيو ھو؟ ھيءُ قبر جي ڀرسان عجب جھڙو ماڻھو
ڪير ھو! جنھن ھنن سان انھيءَ نرمائيءَ سان ڳالھايو
ٿي، ۽ جنھن نيٺ ھنن کي يسوع جي ساٿين کي پھچائڻ
لاءِ ھڪڙو پيغام بھ ڏنو ھو!
ھو پٺي ورائي، وٺي ڀڳيون. ٻاھر صبح جي سج جي پھرين
اس پکڙي رھي ھئي، سڄي واٽ ھو ڊوڙنديون ويون. ھنن
جون دليون عجب ۽ خوف کان دڪ دڪ ڪري رھيون ھيون.
يسوع مري وڃڻ کان پوءِ وري اٿيو ھو! ھن جا ساٿي
ھيءَ اڻيٿيڻي خبر ٻڌي، ڇا چوندا؟
يسوع جي ساٿين عورتن جي خبر ڏاڍي تعجب سان ٻڌي.
ھنن کي ويسھھ ئي نھ پئي آيو تھ اھا ڪا ڳالھھ سچي
ھوندي. پطرس ۽ يوحنا ھڪدم اٿي کڙا ٿيا، ۽ وٺي قبر
واري باغ ڏانھن ڊوڙ پاتائون. ھنن اکين سان ڏسڻ ٿي
گھريو تھ ڇا ٿيو ھو! عورتن جا لفظ ھنن جي ڪنن ۾
ٻري رھيا ھئا. ”ھو آقا کي قبر مان ڪڍي ويا آھن!
خبر نھ آھي تھ ڪيڏانھن کڻي ويا اٿس!“
ھو ٻيئي يڪساھيءَ ڊوڙي رھيا ھئا، پر يوحنا، جيڪو
ٻنھي ۾ ننڍو ھو، سو تکو تکو اول اتي پھچي ويو. ھن
ٿورو نوڙي اندر ڏٺو. ھو اچرج ۾ ھو تھ اندر ڇا
ھوندو! پر ھن اتي تھ ڪجھھ بھ ڪونھ ڏٺو! رڳو ڪفن جا
اڇا سڻيءَ جا ڪپڙا اندر غار ۾ ھڪڙي پاسي پيا ھئا!
اڃا يوحنا اتي بيٺو ئي ھو، ۽ ٻڏتر ۾ ھو تھ اندر
وڃي يا نھ، تھ پطرس بھ سھڪندو سھڪندو اتي پھچي
ويو. ھو ھڪدم غار ۾ اندر گھڙي ويو. اتي ھن ڏٺو تھ
ڪفن جا ڪپڙا پيا ھئا. پر يسوع اتي ھو ئي ڪونھ!
پطرس حيران ٿي ويو. عورتن جيڪا ڳالھھ ڪئي ھئا، سا
سچي ھئي! ھيءَ ڪھڙي نھ مبارڪ ۽ ساھھ سڌير خبر ھئي!
پوءِ يوحنا بھ اندر قبر ۾ ويو، ۽ ھن پڻ پڪ ڪري ڏٺو
تھ يسوع اتي ڪونھ ھو. ”پاڻ کي ھڪدم ھلي ٻين ساٿين
کي ھيءَ خبر ڏيڻ گھرجي“، پطرس چيو. ”ھاڻي، اسان
سمجھيو تھ جڏھن آقا چيو ٿي تھ ٽي ڏينھن گذرندا ئي
ڪين تھ ھو وري اٿندو، تھ ان مان سندس مطلب ڇا ھو.
اڄ ئي اھو ٽيون ڏينھن آھي.“
يوحنا ۽ پطرس پوءِ اتان ان خالي قبر تان اٿي، ٻين
پنھنجن
ساٿين کي سڄي ڳالھھ ٻڌائڻ ويا، جيڪا ھنن ڏٺي ھئي.
ھنن جي دل ۾ رڳو ھيءَ تمنا ھئي تھ ڪنھن ريت يسوع
کي ڪٿي ڏسي سگھن! ۽ پوءِ سچ پچ بھ ھنن جي اڳيان
ثابت ٿي ويندو تھ ھو وري جيئرو ٿي، ھن دنيا ۾ اچي
چڪو ھو.
ھڪڙي عورت، جنھن جو نالو مريم مگدليني ھو ۽ جيڪا
يسوع کي بيحد پيار ڪندي ھئي، اھا بھ ان ڏينھن صبح
جو ان باغ ۾ ويئي، ۽ سڏڪا ڀريندي ۽ ڳوڙھا ڳاڙيندي
ان قبر تي ويئي، جنھن ۾ يوسف کي يسوع جو خاموش ۽
بيوس مڙھھ رکندي ڏٺو ھئائين. اتي پھچندي، ھن بھ
ڏٺو تھ غار جي منھن تي ڏنل اھو پٿر اتان ھٽيو، ھڪ
پاسي پيو ھو. ھن پوءِ جھڪي غار ۾ جھاتي پائي
نھاريو، ۽ اندر ٿي، قبر ۾ جوھھ وجھي ڏٺو.
ھن جي عجب جي حد نھ رھي، جڏھن ھن ڏٺو تھ جتي يسوع
جو مٿو رکيل ھو اتي ھڪڙو فرشتو ۽ جتي ھن جا پير
ھئا، اتي ٻيو فرشتو ويٺا ھئا. جيئن ئي حيرت وچان
ھن انھن ڏانھن ڏٺو، تيئن انھن ساڻس ڳالھايو.
”تون ڇو ٿي روئين؟“ ھنن پڇيو.
”ڇاڪاڻ تھ ھو منھنجي آقا جو مڙھھ ھتان کڻي ويا
آھن، ۽ مون کي خبر ناھي تھ اھو ھنن ڪٿي رکيو آھي.“
مريم مگدلينيءَ ڏاڍي ڏک ڀرئي آواز ۾ چيو.
پوءِ ھن محسوس ڪيو تھ ڪو ھڪڙو ٻيو ماڻھو ھو، جو ھن
جي ويجھو اچي بيٺو ھو، سو ھوءَ منھن ورائي ڏسڻ لڳي
تھ اھو ڪير ھو – جيتوڻيڪ ھن جون اکيون ڳوڙھن ۾
ڀريل ھيون ۽ ھوءَ پورو ڏسي بھ ڪانھ ٿي سگھي. ھن
ائين محسوس ڪيو تھ اھو جيڪو ھن جي ويجھو اچي بيٺو
ھو، سو باغ جو مالھي ھو.
”تون ڇو ٿي روئين“، ھن ڏاڍيءَ ٻاجھھ سان ھن کان
پڇيو. ”تون ڪنھن کي پيئي ڳولين؟“
”او سائين!“ مريم دانھن ڪئي – ھن جي ڳلن تان ڳوڙھا
ڳڙندا رھيا. ”جيڪڏھن تو ھن کي کنيو آھي، تھ تون
مون کي رڳو ٻڌاءِ تھ ھن کي ڪٿي رکيو اٿئي، تھ آءٌ
ھن کي اتان کڻي وڃان!“
۽ پوءِ جنھن ماڻھوءَ کي مريم مالھي سمجھيو ھو،
تنھن منھن مان ھڪڙو لفظ ڪڇيو - ۽ اھڙي تھ پيار ۽
ٻاجھھ سان ھن اھو لفظ اچاريو ھو، جو ھوءَ ھڪدم
سمجھي ويئي تھ اھو ماڻھو ڪير ھو.
”مريم!“ ھن چيو.
ھوءَ ڇرڪجي ويئي ۽ منھن ورائي ھن ڏانھن ڏٺائين، ۽
ھن جي ھردي مان خوشيءَ جي رڙ نڪري ويئي. ”منھنجا
آقا!“ ھن کي خبر ھئي تھ اھو يسوع جو آواز ھو، جنھن
لاءِ ھن جي دل ۾ اٿاھھ پيار ھو. ھوءَ پنھنجن گوڏن
تي ڪري پيئي ۽ ھن جي آڏو ڪرنش بجا آندائين، ۽ ھن
جو من خوشيءَ ۾ ٽمٽار ٿي ويو.
56
: يسوع پنھنجن ساٿين سان ملي ٿو
انھيءَ ڏينھن شام جو يسوع جا ٻھ ساٿي، يروشلم مان
نڪري، امائوس جي ڳوٺ ڏانھن پئي ويا، جتي انھن جا
گھر ھئا. اھي جيئن ويا پئي، تھ پاڻ ۾ ڳالھائيندا
بھ پئي ويا ۽ سڄي واٽ ھنن جون ڳالھيون اھي ئي ھيون
جيڪي گذريل ٿورن ڏينھن ۾ ٿي گذريون ھيون.
ھنن پنھنجي آقا يسوع بابت ۽ جيڪي سخت تڪليفون ۽ دک
ھن کي سھڻا پيا ھئا، انھن بابت پاڻ ۾ ڳالھايو ٿي.
ھو ڏاڍا ڏکويل ھئا، ۽ جيتوڻيڪ ھنن اھو سڀڪجھھ ٻڌو
ھو، جيڪو چيو پئي ويو تھ يسوع جي قبر واري باغ ۾
پوءِ ٿيو ھو، پر ان سڀ تي اعتبار ڪرڻ ھنن لاءِ
ڏکيو ھو.
جيئن اھي ڳالھيون ڪندا، ھو ھلندا پئي ويا تھ
پوئتان ھڪڙو ماڻھو تڪڙو تڪڙو ايندي، اچي کين رسيو،
۽ ساڻن گڏجي ھلڻ لڳو. اوندھھ لھي رھي ھئي، ۽ ھو
پوريءَ طرح ھڪٻئي کي ڏسي بھ نھ پئي سگھيا.
اھو يسوع ھو، جيڪو ساڻن گڏ ھلي رھيو ھو – ھائو،
اھو يسوع ھو، جيڪو امائوس ڏانھن ويندڙ رستي تي ھنن
سان ڪلھو ڪلھي ۾ ڏيئي اڳتي وڌي رھيو ھو. ۽ ھن ساڻن
ڳالھائڻ شروع ڪيو.
”اھو ڇا آھي، جيڪو اوھين ھڪٻئي کي چئي رھيا آھيو،
۽ جنھن بابت اوھين ايترا دکي ٿا ڏسجو؟“
”تون پڪ ئي پڪ يروشلم ۾ ڌاريون ٿو ڏسجين، جيڪڏھن
توکي اھڙين ڀيانڪ ڳالھين جي خبر ناھي، جيڪي گذريل
ٿورن ڏينھن ۾ اتي ٿي گذريون آھن؟ ھڪڙي ساٿيءَ چيو،
جنھن جو نالو ڪلئوپاس ھو.
”ڪھڙيون ڳالھيون؟“ ڌارئين شخص پڇيو.
”ناصرت جي يسوع بابت“، ڪلئوپاس چيو. ”ھو ھڪڙو
حيرتناڪ ماڻھو ھو – خدا جي آڏو ۽ سڀني ماڻھن جي
آڏو، قول ۽ فعل ۾ ھڪ عظيم انسان. ھن کي ربين ۽
حاڪمن ڏوھي ڪري، صليب تي ٽنگي شھيد ڪري ڇڏيو.“
”توکي خبر آھي“، ٻئي ساٿي چيو، ”تھ اسان اميد ٿي
ڪئي ۽ اسان کي ويساھھ ھو تھ ھو اسان جي وطن
اسرائيل ۽ ان جي ماڻھن کي بچائي سگھندو ۽ آزاد
ڪرائي سگھندو. اھا اميد اسان جي ختم ٿي ويئي. ھاڻي
اسان کي اسان وٽ ڪا اميد باقي ڪانھي.“
”پر ھڪڙي ڏاڍي عجيب ڳالھھ ٿي آھي“، ڪلئوپاس چيو:
”ڪي عورتون، جيڪي اڄ صبح جو ھن جي قبر تي ويون
ھيون، تن اتي ڏٺو تھ قبر خالي پيئي ھئي. ۽ ھنن
اتان موٽي اچي اسان کي ٻڌايو تھ ھنن اتي فرشتا ڏٺا
ھئا، جن کين ٻڌايو تھ يسوع جيئرو ھو! پوءِ اسان جي
سنگت مان ڪي اتي ڏسڻ ويا، تھ جيڪي انھن عورتن ٿي
چيو، سو سچ ھو يا ڪوڙ – پر ھنن يسوع کي اتي ڪونھ
ڏٺو.“
پوءِ اھو ڌاريون شخص ڏاڍي ڏاھپ ۽ شان سان ڳالھائڻ
لڳو. ”اي بي سمجھؤ! جو ڪجھھ خدا جا نبي ۽ نيڪ بندا
چئي ويا آھن، ان کي سمجھڻ ۾ اوھين ڪيترا نھ ڪند ۽
ڍرا آھيو! اوھين اھو نٿا ڏسي سگھو تھ، پنھنجي مقصد
۽ پنھنجي ڪمال کي پھچڻ واسطي، يسوع لاءِ اھي سڀ
تڪليفون ۽ ڏک سھڻ ضروري ھئا!“
۽ پوءِ ان ڌارئين شخص انھن کي سندن پاڪ ڪتابن جون
ڪيتريون ئي ڏاھپ ڀريون ڳالھيون ٻڌايون، جيڪي گھڻا
گھڻا سال اڳي سندن بزرگ ۽ ڏاھا شخص انھن ۾ لکي ويا
ھئا تھ ھو انھن تي عمل ڪري ۽ انھن لاءِ ڏک ۽
تڪليفون سھي، پنھنجي مستقبل جي ڪمال کي پھچي سگھن.
ھو اھي سڀ ڳالھيون پوري ڌيان سان ٻڌي رھيا ھئا ۽
ھنن جون دليون اچرج ۽ اتساھھ ۾ ڀرجي ويون. ڪيتريون
ئي ڳالھيون ھو چٽيءَ طرح سمجھڻ لڳا، جيڪي اڳي ھو
ڪڏھن سمجھي نھ سگھيا ھئا. ھاڻي ھنن جي سمجھھ ۾
ھيءَ ڳالھھ بھ ويٺي تھ يسوع کي ايڏا سور ۽ ڏک ڇو
سھڻا پيا ھئا، ۽ ڇو ھن پنھنجي طاقت پاڻ کي مدد ڪرڻ
۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ استعمال نھ ڪئي، جيتوڻيڪ ھو
سدائين ٻين کي بچائيندو ۽ ٻين جي مدد ڪندو رھندو
ھو.
ترت ئي اھو امائوس جي ڳوٺ ۾ پھچي ويا، ۽ ان ڌارئين
شخص ائين ڏيکائي ڏني ڄڻ ھو اڳتي وڃي رھيو ھو. پر
ھو ھن پنھنجي عجب جھڙي نئين دوست کان ڪنھن بھ صورت
۾ جدا ٿي نٿي سگھيا.
”اسان وٽ ترسي پؤ!“ ھنن ھن کي منٿ ڪئي. ذري گھٽ اڌ
رات اچي ٿي آھي ۽ سڄي ڏينھن جي ٿڪ کي آرام بھ
گھرجي!“
پوءِ ھنن سان گڏ ھو انھن جي گھر ويو، ۽ ھنن سان
ويھي ماني کاڌائين. ۽ جيئن يسوع سدائين ڪندو ھو،
ھن پھريائين روٽي کنئي، ان لاءِ شڪر ادائي ڪئي، ۽
ان کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ انھن کي حصو حصو ڪري اھي
ڏنائين.
اتي ھو سمجھي ويا تھ ھيءُ ھنن جو مھمان، جنھن ساڻن
ھھڙي ٻاجھاري نموني ھھڙيون پيار ۽ ڏاھپ ڀريون
ڳالھيون ٿي ڪيون، سو سندن ئي پنھنجو پيارو آقا
يسوع مسيح ھو! ھو اکيون ڦاڙي ھن کي ڏسڻ لڳا - ۽
جيئن ئي ھو ھن کي ڏسي رھيا ھئا، تيئن ھو سندن نظرن
کان غائب ٿي ويو!
”ھيءُ يسوع ھو!“ ڪلئوپاس چيو، ۽ ھن جي دل خوشيءَ ۾
ڀرجي ويئي. ”اسان کي ڄاڻڻ کپندو ھو. جڏھن رستي تي
ھن اسان سان ڳالھايو ٿي ۽ اسان کي ھيتريون ڳالھيون
ايڏي قرب ۽ ڏاھپ سان سمجھايون ٿي، تڏھن اسان جا
آنڊا اٿلي ڪين پئي آيا ۽ اسان جا روح جاڳندا ۽
دلين جا تاڪ کلندا ڪين پئي ويا؟“
”ھاڻي اسان کي ھڪدم موٽي يروشلم ھلڻ گھرجي ۽ ھلي
ھيءَ ڳالھھ ٻين پنھنجن ھمراھن کي بڌائڻ گھرجي“، ھن
جي ساٿيءَ چيو. پوءِ جيتوڻيڪ رات گھڻي گذري چڪي
ھئي، ۽ ڏاڍي اويل ھئي، تھ بھ ھي ٻھ ساٿي انھيءَ ئي
مھل اٿي، انھيءَ ئي رستي سان، جنھن سان آيا ھئا،
يروشلم ڏانھن روانا ٿيا. ھنن جي دل ۾ ايڏي خوشي
ھئي، جو جيستائين ڪجھھ نٿي ڪيائون، تيسين کين آرام
ڪونھ ٿي آيو.
جڏھن ھو اتي پھتا، تڏھن ھنن اتي پنھنجن ساٿين جو
وڏو ميڙ گڏ ٿيل ڏٺو، ۽ ھنن انھن کي سڄي احوال کان
واقف ڪيو.
”اسين ايستائين سمجھي نھ سگھياسين تھ ھو يسوع ھو،
جيستائين ڪھ ھن روٽي کڻي ان جي شڪرادائي نھ ڪئي ۽
ان کي ڀڃي، ان جا حصا حصا ڪري، ان کي ورھائي نھ
ڏنا – جيئن ھو سدائين ڪندو ھو!“ ڪلئوپاس چيو.
”پوءِ اسان جون اکيون کليون ۽ اسان ھن کي سڃاتو!“
ايتري ۾ جيئن گڏ ٿيل ساٿين پاڻ ۾ انھن عبرت ۾
وجھندڙ شين بابت پئي ڳالھايو ٻولھايو، جيڪي انھيءَ
ڏينھن اتي ٿي گذريون ھيون، تيئن ھنن ڏٺو تھ ھڪڙو
ڪو ٻيو شخص ساڻن گڏ ڪمري ۾ ويٺو ھو! ھو ڪو اوچتو
اتي اچي ويو ھو – ڪيئن آيو ھو، سا بھ ھنن کي خبر
پئجي ڪانھ سگھي ھئي. پوءِ ھن انھن سان ڳالھايو –
ان آواز ۾ جيڪو ھنن جو سڃاتل ھو ۽ ھنن جي دل کي
بيحد سٺو لڳندو ھو.
”اوھين سڀ شال سلامت ھجو!“
سڀ ساٿي ڇرڪي پيا. ھنن جي منھن مان خوف بکي رھيو
ھو. ھو اکيون کپائي ان ماڻھوءَ کي ڏسي رھيا ھئا،
جيڪو چپ چاپ ۾ اوچتو وٽن اچي ويٺو ھو. ڇا اھو يسوع
ھو؟ ھنن کي اعتبار نھ پئي آيو. پر آواز تھ ھن جو
ئي ھو!
يسوع ڏٺو تھ ھنن کي ويسھھ نھ پئي آيو تھ سچ پچ ھو
پاڻ اتي ھنن وٽ آيل ھو. ”اوھين ڇا لاءِ ٿا ڊڄو؟“
ھن پڇيو. ”اوھان کي ڇا جو شڪ آھي تھ آءٌ سچ پچ ھتي
اوھان سان گڏ نھ آھيان؟ منھنجن ھٿن کي ۽ منھنجن
پيرن کي ڏسو – ڇا، اوھين نٿا سمجھي سگھو تھ سچ پچ
آءٌ پاڻ اھو آھيان؟ ڀلي، اوھين مون کي ھٿ لائي
ڏسو! جيئن مون کي ھي گوشت آھي ۽ ھي ھڏا آھن، تيئن
ڪنھن روح کي تھ ڪونھ ٿيندا آھن!“
پوءِ ھن پنھنجا ھٿ ڊگھيري، ھنن ڏانھن ڪيا، ۽
پنھنجا پير وڌائي ھنن کي ڏيکاريا، ۽ ھنن اھي ڏٺا
تھ انھن ۾ زخم ھئا جيڪي چڀندڙ تکن ڪوڪن انھن ۾ ڪيا
ھئا، جيڪي انھن ۾ ھنيان ھئائون. پوءِ ھنن کي خبر
پيئي تھ بيشڪ ھو يسوع پاڻ ھو. سندن پنھنجو محبوب
آقا، جنھن ھنن لاءِ ايتريون سختيون ۽ ايترا سور
سٺا ھئا، ۽ اجھل خوشيءَ ۾ ھنن کان رڙ نڪري ويئي.
يسوع جو ھڪڙو ساٿي، جنھن جو نالو توما ھو، سو
انھيءَ مھل اتي ڪونھ ھو، جڏھن انھيءَ نموني يسوع
ھنن کي پاڻ سڃارايو ھو، ۽ جڏھن ٻين ھن کي اھا خبر
ٻڌائي، تھ ھن کي ان تي اعتبار اچي نھ سگھيو.
”يسوع فوت ٿي ويو ۽ دفن ٿي ويو“، توما چيو. ”ھاڻي
رڳو ڳالھيون پيون ھلن، ۽ عجيب غريب خبرون پيون
ٻڌجن، پر منھنجي لاءِ انھن کي مڃڻ مشڪل آھي. ھاڻي،
اوھين ٿا چئو تھ اوھان مولا يسوع کي ڏٺو آھي! پر
آءٌ پاڻ جيستائين ھن جي ھٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نھ
ڏسندس، ۽ ھن جي زخمن تي پنھنجون آڱريون رکي نھ
ڏسندس، تيستائين آءٌ ڪونھ مڃيندس تھ ھو ڪو يسوع
آھي.“
اٺن ڏينھن کان پوءِ يسوع جا ساٿي وري گڏ ٿيا.
دشمنن جي خوف کان جاءِ جو دروازو ھنن بند ڪري ڇڏيو
ھو. ھن موقعي تي توما بھ انھن سان گڏ اتي موجود
ھو.
۽ ان موقعي تي يسوع ٻيھر وٽن آيو، ۽ چيائين،
”اوھين سڀ شال سلامت ھجو!“ ۽ پوءِ ھن توما جي منھن
۾ نھاريو، ڇاڪاڻ تھ ھن کي خبر ھئي تھ توما ڇا چيو
ھو.
”ھيءُ منھنجو ھٿ وٺ ۽ ان ۾ ڪوڪن جا نشان ڏس!“ ھن
توما کي چيو. ”پنھنجون آڱريون منھنجن زخمن تي ھڻي
ڏس! وڌيڪ شڪ نھ ڪر، ھاڻي مڃ، ۽ منھنجي مھما کي
تسليم ڪر!“
۽ توما کي ھاڻي ڪو شڪ ڪونھ ھو تھ ھو يسوع ھو.
”منھنجا آقا! منھنجا مولا!“ ھن دانھن ڪئي.
”توما“، يسوع چيو، ”تو تھ مون کي ڏٺو آھي ۽ پوءِ
مون کي مڃيو آھي، پر مبارڪ آھن اھي، جن ڏسڻ کان
سواءِ مون کي مڃيو!“
57
: يسوع گليل جي علائقي ڏانھن
ھڪڙو ٻيو ڀيرو يسوع پنھنجن ساٿين سان گليل جي
علائقي ۾ مليو. ان ڀيري بھ يسوع ھنن وٽ اوچتو آيو،
جڏھن ھنن کي ھن جي اچڻ جو نھ گمان ھو ۽ نھ آسرو
ھو. سڀ يروشلم کان موٽي گليل ۾ آيا ھئا، ۽ انھيءَ
ڏينھن، پطرس، جيڪو، بنان ڪنھن ڪم جي، ويٺي ويٺي،
ڪڪ ٿي پيو ھو، پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي، ڀري سمنڊ ۾
مڇين مارڻ لاءِ نڪري ويو ھو.
”آءٌ تھ وڃان ٿو مڇيون مارڻ،“ ھن ٻين کي چيو.
”اسين بھ ٿا ھلون“، انھن چيو. ۽ ائين چئي، ھو
ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺا ۽ ٻاھر سمنڊ ۾ نڪري ويا. اھا
سڄي رات ھو مڇي ماريندا رھيا، پر ھڪ مڇي بھ ڦاسائي
نھ سگھيا.
جڏھن صبح ٿيو، تھ ھنن ڪناري طرف نھاريو، ۽ اتي
ھڪڙو ماڻھو بيٺل ڏٺائون. ان اوپري ماڻھوءَ اتان سڏ
ڪري، ھنن سان ڳالھايو.
”اوھان وٽ کائڻ لاءِ ڪا مڇي آھي!“ ھن رڙ ڪئي.
”نھ!“ ھنن جواب ڏنو.
”پنھنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو: اوھان کي
گھڻي مڇي ملندي،“ ڪناري تي بيٺل ماڻھوءَ چيو.
پوءِ ھنن پنھنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي پاڻيءَ ۾
اڇلايو ۽ ھڪدم ان ۾ ايتريون تھ مڇيون اچي ڦاٿيون،
جو ان کي ڇڪي مٿي ڪڍڻ ئي ھنن لاءِ مشڪل ٿي پيو.
ھيءَ وڏي ھڪڙي عجب جھڙي ڳالھھ ھئي. يوحنا اتان
ڪناري تي بيٺل ان اوپري ماڻھوءَ ڏانھن چتائي
نھاريو، ۽ ڏسي، ڏسي، ھن ڏاڍي امنگ ۾ ڀرجي، پطرس کي
دانھن ڪري چيو:
”ھو ڏس! يسوع!!“
پطرس، ٻڌڻ سان، ڪناري ڏانھن نگاھھ ڪئي، ۽ ھڪدم کڻي
پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنائين ۽ فورا تري ڪناري تي وڃي
پھتو. ھن کي ھر صورت ۾ يسوع وٽ پھچڻو ھو. ھو ھڪ پل
بھ ترسي نٿي سگھيو. ٻيا بھ ھن جي پوئتان ٻيڙيءَ
مان بتيلو لاھي، ان ۾ چڙھي، جھٽ ۾ اتي پھچي ويا.
اھي پاڻ سان مڇين سان ڀريل ڄار بھ، بتيلي سان
ٻڌيو، گھليندا آيا.
ھو جڏھن ڪناري تي پھتا، تڏھن ڏٺائون تھ باھھ پئي
ٻري ۽ ان تي مڇي پچي رھي ھئي، ۽ پاسي کان مانيون
رکيون ھيون.
”اوھين جيڪا مڇي ماري آيا آھيو، ان مان بھ ڪا کڻي
اچو: اھا بھ گڏجي کائينداسون“، يسوع چيو. اھو ٻڌي،
پطرس مڇيءَ سان ڀريل ڄار ڇڪي پاڻيءَ مان ڪڍيو، ۽
ان ۾ ڦاٿل مڇيون ڳڻڻ لڳو. جڏھن اھي ڳڻي پوريون
ڪيائون تھ ھڪ سؤ ٽيونجاھھ ٿيون – پر تھ بھ ڄار
صحيح سلامت ھو ۽ ھڪ ھنڌان بھ مڇيون ان کي ڇني نھ
سگھيون ھيون! ھڪڙيءَ مھل ڄار ۾ ايترين مڇين ڦاسڻ
جي اھا ڳالھھ يوحنا کي زندگيءَ جي آخري دم تائين،
جڏھن ھو تمام پيرسن ٿي ويو ھو، ھميشھ ياد رھي.
”ويھو تھ کائون“، يسوع چيو. پوءِ ھو سڀ گڏجي
پنھنجي نيرن کائڻ ويٺا، ۽ چپ چاپ کائيندا رھيا.
منجھائن ڪو ھڪڙو ساٿي بھ ھمت ڪري ھن کان پڇي نھ
سگھيو تھ سچ پچ ھو سندن آقا يسوع ھو، جيڪو وٽن
موٽي آيو ھو، يا ھو ڪو ٻيو ھو! ترت ئي ھنن کي
معلوم ٿي ويو تھ ھو اھو ئي سندن پنھنجو ھميشھ وارو
محبتي دوست، ساٿي ۽ آقا يسوع مسيح ئي ھو!
پطرس کان اھا ڳالھھ وسري ڪانھ سگھي ھئي تھ ھو ٽي
ڀيرا پنھنجي آقا کان انڪاري ٿيو ھو – جڏھن يسوع کي
وڏي عبادتگاھھ جي سردار ربي، ڪائفا، جي محل ۾ وٺي
ويا ھئا. ھن کي اھا ئي ڳڻتي ھئي تھ يسوع پنھنجي
تبليغ جي ڪم لاءِ ھن تي وڌيڪ ڀروسو ڪري سگھندو
الائي نھ! يسوع کي بھ پطرس جي انھيءَ ڳڻتيءَ جي
ڄاڻ ھئي. ھو پوءِ پطرس کي وٺي، ھڪ پاسي ويو، ۽ ھن
سان ڏاڍي پيار واري ۽ گنڀير نموني سان ڳالھايائين.
”شمعون!“ ھن چيو – يسوع ھن کي ان جي اصلي نالي سان
پڪاريو – پطرس ھن جو پوءِ جو نالو ھو، جيڪو يسوع
ھن تي پنھنجي پھرينءَ ملاقات وقت رکيو ھو. ”شمعون!
ڇا، ھنن ٻين کان وڌيڪ تون مون کي پيار ڪونھ ٿو
ڪرين؟“
۽ پطرس چيو، ”ھائو، منھنجا سائين! تون ڄاڻين ٿو تھ
آءٌ توکي ائين پيار ڪريان ٿو.“
”تھ پوءِ، منھنجن گھيٽڙن کي چار ۽ پيار!“ يسوع
چيو، جنھن مان ھن جو مطلب ھو تھ پطرس کي انھن
ماڻھن جي رھبري ۽ مدد ڪرڻ کپي، جن کي خدا جي گھڻي
خبر ڪانھ ھئي. پوءِ يسوع وري ھن کي چيو، ”شمعون،
تون مون کي پيار ڪرين ٿو؟“
۽ پطرس ٻيو ڀيرو جواب ڏنو، ”ھائو، منھنجا آقا، تون
ڄاڻين ٿو تھ آءٌ توکي پيار ڪريان ٿو.“
”تھ پوءِ، منھنجين رڍن کي چار ۽ پيار!“ يسوع چيو،
۽ ھن ڀيري ھن جو مطلب ھو تھ پطرس کي انھن ماڻھن جي
رھبري ۽ مدد ڪرڻ کپي، جن کي ”گھيٽڙن“ کان وڌيڪ ڄاڻ
۽ سمجھھ ھوندي آھي.
وري يسوع پطرس کي چيو، ”شمعون، تون مون کي پيار
ڪرين ٿو؟“ ان تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تھ اھو
سوال يسوع ھن کان ٽيون ڀيرو پڇيو ھو.
”منھنجا مولا، تون سڀڪجھھ ڄاڻين ٿو“، ھن چيو، ”۽
انھيءَ ڪري توکي ضرور ڄاڻ ھوندي، تھ آءٌ بيحد توکي
پيار ڪريان ٿو.“
”تھ پوءِ، منھنجين رڍن کي چار ۽ پيار.“ يسوع چيو.
ٽي ڀيرا پطرس پنھنجي آقا کان انڪاري ٿيو ھو، ۽
ھاڻي ٽي ڀيرا ھن اقرار ڪيو ھو تھ ھو سندس چئيوان
پوئلڳ ھو ۽ ساڻس ھن جو پيار ھو. ائين، يسوع وري ھن
تي اعتماد رکيو. يسوع کي خبر ھئي تھ پطرس ھڪ اڏول
پھاڙ ٿي بيھندو، جنھن تي ھن جي سڄيءَ دعوت جو
دارومدار رھندو ۽ ان جي بنياد تي ئي سندس سڄي
ڪليسا جي تعمير ٿيندي. پطرس ئي سندس غريب گھيٽڙن ۽
رڍن جي ڌڻ کي چاريندو پياريندو، ۽ ھو ئي سندس
تعليم جي رستي سان ٻين جي رھبري ۽ مدد ڪندو. يسوع
جو ھيءُ نيڪ ۽ سچو ساٿي ۽ پوئلڳ پنھنجي ان ڀاڳ تي
ڏاڍو خوش ھو.
58
: ڳالھھ جي پڄاڻي
ان کان پوءِ چاليھن ڏينھن تائين يسوع ڌرتيءَ تي
رھيو، ۽ اھو سڄو وقت ھو دوستن ۽ ساٿين وٽ ويندو
رھيو، ۽ ھنن کي ھمٿائيندو رھيو ۽ ٻڌائيندو رھيو تھ
ھنن جا ڪھڙا فرض ھئا ۽ کين ڇا ڪرڻو ھو. ھنن کي
آسماني بادشاھت جي قائم ٿيڻ جي خوشخبري ھر ڪنھن کي
ٻڌائڻي ھئي. ھنن کي ھيڻن ۽ ڪمزورن جي مدد ڪرڻي
ھئي. ھنن کي اھي ڳالھيون سيکارڻيون ھيون، جيڪي خود
يسوع ٿي سيکاريون. ھو ئي سندس دعوت جا اوائلي رڪن
ھئا. ھو ئي پھريان مسيحي ھئا. ھنن کان پوءِ، سڄيءَ
دنيا ۾ لکين، ڪروڙين ٿيندا، پر ھي پاڻ جيڪي ٿورڙا
ھئا، انھن جو ئي اھو ڀاڳ ھو ۽ اھو درجو ھو، جو ھو
ان سدا روشن خوشخبريءَ جا پھريان پکيڙيندڙ ھئا.
۽ پوءِ اھي ڏينھن آيا، جڏھن ڪنھن بھ يسوع کي وري
ڪونھ ڏٺو. ھن جي ساٿين چيو ٿي تھ ھو سوڀيا جي ڪڪر
سمان اڀري، آسمان تي چڙھي ويو ھو؛ پر ھنن کي خبر
ھئي تھ ھو سدائين ساڻن گڏ ھو، سندن دماغ ۽ سندن دل
۾، ۽ ھو ئي سندن مدد ڪري رھيو ھو ۽ سندن رھبري ڪري
رھيو ھو – بلڪل ائين جيئن ھو پنھنجن نيڪ ۽ سچن
مڃيندڙن ۽ پوئلڳن جي پوءِ ھيترا سارا دور، ويندي
اڄ ڏينھن تائين، مدد ۽ رھبري ڪندو رھيو آھي.
۽ ائين ھڪ عجيب انسان جي ھيءَ عجيب ڳالھھ پوري ٿئي
ٿي. لڳ ڀڳ ٻھ ھزار سال گذري چڪا آھن، جو ھو ڄائو
ھو، پر جيڪي ڳالھيون ھن سيکاريون، سي ڪڏھن بھ وسري
نھ سگھنديون.
۽ ھاڻي آءٌ ھن امر ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ائين ئي ڪريان
ٿو، جيئن آءٌ سمجھان ٿو تھ يسوع پاڻ گھرندو تھ مون
کي ڪرڻ گھرجي – ھن جي ھڪ اھڙي فرمان سان، جنھن تي
ھو پنھنجي سڄي حياتي قائم رھيو ۽ عمل ڪندو رھيو:
”ھڪٻئي سان پيار رکو.“
(حيدرآباد سنڌ نومبر،
1979-27)
م. ا. ج |