سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ٻارن جو مسيح

باب: --

صفحو :13 

پوءِ برتمائيءَ پنھنجو آواز بلند ڪري، پنھنجي صدا شروع ڪئي. ۽ ھن جي اھا صدا بھ ڪا صدا ھئي!

”يسوع، مون تي ڪھل ڪر! يسوع، مون تي ڪھل ڪر!“

”ماٺ ڪر!“ ھن جي ڀرسان بيٺل ماڻھن ھن کي تنبيھھ ڪئي. ”ھيڏو گلو ڦاڙي، رڙيون ڇا لاءِ ٿو ڪرين!“

برتمائيءَ ماڻھن جي ھن تنبيھھ جو خيال ڪونھ ڪيو. ھو ساڳئي زور سان، بلڪ ان کان بھ وڏي زور سان – ايتري زور سان جيتري جي ھن ۾ سگھھ ھئي – اِھا صدا ھڻندو رھيو :

”يسوع! يسوع، مون تي ڪھل ڪر!“

ھن جي ھيءَ دانھن پٺيان دانھن، وري وري، ماڻھن جي آوازن کي لٽي، سڄي رستي تي گھنڊ جي آواز جيان ٻرندي ٿي رھي. ماڻھن جي انبوھھ مان ڪي سخت غصي ۾ اچي ويا تھ ھڪڙو خسيس پينو ايڏو گوڙ ڪري رھيو ھو، جو سڀني ماڻھن جا آواز لٽجي ٿي ويا، ۽ ڪو ٻيو پنھنجي دل جي ڳالھھ چئي ئي نٿي سگھيو! ھنن ھن کي سخت ڌمڪايو ۽ چپ ڪري ويھڻ لاءِ چيو.

پر ان ڏينھن ڪوبھ دڙڪو يا دھمان برتمائيءَ کي چپ ڪرائي نھ

سگھيو. ھو پنھنجون اھي زورائتيون صدائون ھڻندو رھيو، ڇو تھ ھن کي خبر ھئي تھ يسوع جي ڌيان کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جو اِھو ئي ھن وٽ رستو ھو.

”يسوع! مون تي ڪھل ڪر!“

يسوع، پوءِ ھن جي صدا ٻڌي، جنھن ۾ ايترو سئاندو ۽ ايتري پيڙا ھئي. ۽ ھو بيھي رھيو. ھن چوڌاري ماڻھن جي انبوھھ مٿان نظر ڦيرائي، ۽ پري رستي جي ھڪ ڪنڊ سان ويٺل ان انڌي ماڻھوءَ کي ڏسي ورتو، جنھن اھا صدا پئي ھنئي.

”انھيءَ کي ھيڏانھن مون ڏانھن وٺي اچو!“ ھن حڪم ڪيو. ماڻھو ھڪدم سمجھي ويا تھ ھاڻ ھو ان انڌي شخص جي واھر ڪرڻ وارو ھو، ۽ ھنن کي ڏاڍي خوشي ٿي. ھو ڊوڙي برتمائيءَ وٽ ويا ۽ ھن سان ڳالھايائون.

”اڙي، اٿي بيھھ، فقير!“ ھنن چيو. ”يسوع توکي سڏيو آھي!“

برتمائيءَ پنھنجي دل کي خوشيءَ وچان دڪ دڪ ڪندي محسوس ڪيو. ھو فورا اٿيو. ھن جي گودڙي ھن جي بت تان لھي پٽ تي ڪري پيئي. ۽ ھو پنھنجون ٻانھون سڌيون ڪري، کليل ھٿن سان ھوا کي ڇھندو، يسوع ڏانھن وڌڻ لڳو. ھو پنھنجي سامھون سواءِ اوندھھ جي ٻيو ڪجھھ بھ ڏسي نٿي سگھيو. ماڻھن جا وڌايل ھٿ ھن جي ھٿن تائين پھتا، ۽ انھن ھن کي آڻي آڻي، رستي جي وچ تي يسوع جي سامھون بيھاريو.

يسوع انڌي برتمائيءَ ڏانھن ڪھل ڀريون اکيون کڻي نھاريو. ”تون مون کان ڇا ٿو گھرين؟“ ھن پڇيو. ”ھاڻي، مون کي ٻڌاءِ!“

”منھنجا سائين! آءٌ جيڪر ھنن اکين سان ڏسي سگھان!“ پينوءَ چيو.

يسوع پنھنجو ھٿ وڌائي، ان غريب نماڻي جي انڌين اکين تي گھمايو - ۽ انھيءَ گھڙيءَ ھن جي اکين ۾ جوت اچي ويئي! ۽ ھن ڏٺو تھ ھو ڏسي پئي سگھيو!

۽ ھو چوڌاري، اکيون پائي پائي، عجب ۽ خوشيءَ وچان نھارڻ لڳو. برتمائي ھاڻي اوندھھ جي وچ ۾ ڪونھ ھو. ھو ھاڻي روشنيءَ ۾ ھو. ھو پنھنجي چوڌاري سھڻا سھڻا رنگ ڏسي سگھيو ٿي. ھو پنھنجي اکين سان ان ٻاجھاري سائينءَ جو ٻھڪندڙ چھرو ڏسي ٿي سگھيو، جنھن ھن جي نابينائي دور ڪئي ھئي، ۽ ھن کي سوجھرو ڏنو ھو.

۽ ھن جي دل اٿاھھ خوشيءَ سان ڀرجي ويئي، ۽ ھو اڌمي ۾ اچي نچڻ ۽ ڳائڻ لڳو. ھو ماڻھن جي انھيءَ انبوھھ سان گڏجي يسوع جي پٺيان ھلڻ لڳو – جن جون دليون يسوع جي ان بخشش تي بيحد خوش ھيون، جيڪا ان بيواھي ۽ لاچار انڌي تي ھن ڪئي ھئي. پر انھن ھزارن ماڻھن جي وچ ۾ اڄ سڀ کان وڌيڪ خوش ان پينو فقير برتمائيءَ جي دل ھئي، جنھن جون اکيون اڄ کليل ھيون، انھن ۾ جوت ھئي ۽ اھي اڄ ڏسي سگھيون ٿي.

36 : يسوع ۽ ٻار

يسوع سدائين ٻارن کي پيار ڪندو ھو، ۽ ٻار بھ ھن کي پيار ڪندا ھئا. ھنن کي خبر ھئي تھ ھو ڪٿي بھ ھوندو، تھ بھ ھنن جي ضرور آجيان ڪندو، ۽ ھنن کي سندس آکاڻيون ڏاڍيون وڻنديون ھيون، جيڪي ھو کين ٻڌائيندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن جڏھن يسوع ماڻھن سان ڳالھائي رھيو ھو، تڏھن ڪن مائرن ۽ پيئرن، جن کي ننڍا ٻار ھئا، تن سوچيو تھ انھن کي وٺي يسوع وٽ وڃون تھ ھو انھن کي دعا ڪري ۽ انھن جي مٿي تي پنھنجي ڏاھپ ۽ نيڪيءَ جو ھٿ رکي.

پوءِ ھنن پنھنجن ننڍڙن ٻارن کي سڏي گڏ ڪيو، ڪن کي ٻانھن تي کنيائون ۽ ڪي سندن پاسن کان ڊوڙندا ھليا، ۽ ائين ھو يسوع کي ڳولڻ لاءِ نڪتا.

يسوع جي ساٿين ھنن کي ٻارن سان ايندي ڏٺو. مائرن مان ھڪ وڌي ساڻن ڏاڍي اتساھھ سان ڳالھايو: ”اسين پنھنجا ٻار يسوع وٽ وٺي آيا آھيون. ھو ھنن کي رڳو دعا ڪندو، تھ ھنن جي دنيا بدلجي ويندي. ھو نيڪ بڻبا ۽ ھنن جي دل ۾ ڪھل پيدا ٿيندي. ھو پاڻ اھڙو مڻيا وارو آھي.“

”ھو ڪم ۾ آھي“، ھڪڙي ساٿيءَ ڪجھھ رکي منھن سان چيو. ”ھو اوھان کي ھينئر ملي نھ سگھندو!“

”ھو گھڻن ماڻھن سان ڳالھائي رھيو آھي،“ ٻئي ساٿيءَ چيو. ”ھيءَ ڪا مھل آھي، جو ٻار ھن کي ڪڪ ڪن! ھينئر وڃو؛ ٿورو رکي، پوءِ موٽي اچجو!“

مائرن ۽ پيئرن جا منھن لھي ويا. ھو پٺ ورائي وڃڻ لڳا. پر يسوع پري کان ھنن جا لٿل منھن ڏسي ورتا، ۽ ھن پنھنجن ساٿين کي سڏ ڪري چيو:

”انھن کي مون ڏانھن وٺي اچو! ٻارن کي مون ڏانھن اچڻ کان نھ روڪيو. اِھي منھنجي بادشاھت جا واسي آھن، جيئن اوھين آھيو - ۽، سچ پچ بھ تھ، جيسين اوھان وٽ ٻار جي دل جھڙي ڪشادي دل نھ آھي، تيسين اوھين منھنجي بادشاھت ۾ داخل ٿي نٿا سگھو!“

پوءِ مائرون ۽ پيئر، خوشيءَ ۾ ڀرجي، پنھنجا ٻار ھن وٽ وٺي آيا، ۽ ھن انھن کي ھڪ ھڪ ڪري پنھنجي ٻانھن ۾ کنيو، ۽ ھنن کي دعا ڪيائين ۽ پيار ڪيائين. ۽ ائين پوءِ، اتساھھ ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي، ھو موٽي ويا.

 

37 : دولتمند نوجوان

ننڍڙن ٻارن کي پيار ڏيڻ ۽ دعا ڪرڻ کان پوءِ، يسوع اٿيو ۽ پنھنجو رستو وٺي، اڳتي روانو ٿيو. ان مھل ھڪڙو ڪو ماڻھو پري کان ڊوڙندو ھن وٽ آيو. اھو ھڪ نوجوان ھو، جنھن کي تمام قيمتي ڪپڙا پاتل ھئا، ۽ اھو اچي يسوع جي آڏو رستي تي ڪنڌ نمائي بيھي رھيو. ھو ڪنھن بيماريءَ مان ڇٽڻ لاءِ ڪونھ آيو ھو، پر ھڪڙو سوال پڇڻ آيو ھو.

”سائين، آءٌ ڇا ڪريان، جو منھنجي زندگي، نيڪ ۽ شرافت ڀري گذري؟“ ھن پڇيو.

ھن ڪنڌ مٿي کڻي يسوع جي منھن ۾ ڏٺو. ھو ھن جي جواب لاءِ آتو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھو ھڪ نوجوان ھو ۽ سچ پچ ھن جي من ۾ نيڪ ۽ اعليٰ زندگيءَ جي گذارڻ جو ھڪ امنگ ھو، ۽ ھن کي پڪ ھئي تھ يسوع ھن کي ضرور راھھ ڏيکاريندو ۽ ٻڌائيندو تھ ھن کي ڇا ڪرڻ گھرجي.

”توکي خبر آھي تھ خدا جا فرمان ڪھڙا آھن“، يسوع چيو. ”توکي جيڪي ڪم ڪرڻا آھن، اھي بھ سڀ توکي معلوم آھن.“

”مان خدا جا سڀيئي فرمان پورا ڪريان ٿو“، دولتمند نوجوان چيو. ”مون ھميشھ ڪوشش ڪئي آھي تھ جيڪا صحيح ڳالھھ ھجي، اھا ڪريان – پر ان ھوندي بھ آءٌ محسوس ڪريان ٿو تھ اِھو ڪافي نھ آھي. ڇا، اھڙي ڪا ٻي ڳالھھ آھي، جيڪا مون کي ڪرڻ گھرجي؟“

يسوع ھيٺ ان نوجوان جي سڪ ڀريل منھن ۾ ڏٺو، ۽ ان لاءِ ھن جي دل ۾ پيار اٿلي آيو. ھيءُ سچ پچ ھڪ نيڪ طبيعت ۽ صاف دل نوجوان ھو، جيڪو اعتبار لائق ھو، جو حوصلي ۽ ھمت وارو ھو، ۽ جيڪو ذميداريءَ جا بار کڻي سگھيو ٿي.

پر ھڪڙي اھڙي شيءِ ھئي، جا ھن نوجوان کي اعليٰ خيالن ۽ عظيم ڪمن کان سچ پچ روڪيو بيٺي ھئي – اھا ھئي ھن جي دولت، ۽ ھن وٽ تمام گھڻي دولت ھئي.

”توسان رڳي ھڪڙي برائي آھي“، يسوع چيو. ”تو وٽ پئسو تمام گھڻو آھي، ۽ اھو تنھنجي آڏو وڏي روڪ آھي. وڃ ۽ جو ڪجھھ تو وٽ آھي، اھو وڪڻي ڇڏ ۽ سڀ غريبن کي ڏيئي ڇڏ، ۽ پوءِ مون وٽ اچ ۽ مون سان گڏ منھنجي راھھ تي ھل!“

نوجوان ڪنڌ ھيٺ ڪري ڌرتيءَ کي ڏٺو ۽ ھن جون اکيون ان ۾ کپي ويون. ھن وٽ گھڻو پئسو ھو ۽ وڏي ملڪيت ھئي. اھو سڀڪجھھ ھو ڪيئن ڇڏي سگھندو؟ يسوع جي پٺيان ھلڻ جو شرط ڏاڍو ڳرو ھو. ھو ارمان ۾ ڀرجي، پٺ ورائي، اھا ڏکن ڏڌل، ننڍڙي، سداچار سنگت ڇڏي ھليو ويو.

يسوع ھن کي ويندي ڏسندو رھيو، ۽ ھن جي نرمل چھري تي پيڙا جا آثار نڪري آيا. ھيءُ نوجوان سندس عجيب ساٿي ٿي سگھيو ٿي– شايد سڀ کان سٺو ساٿي.

”دولتمند ماڻھوءَ لاءِ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڪيڏي نھ ڏکي ڳالھھ آھي!“ ڏکويل آواز ۾ يسوع چيو.

ھيءَ ڳالھھ ٻڌي، يسوع جي ساٿين کي عجب وٺي ويو. ھنن جو خيال ھو تھ دولتمند ماڻھن لاءِ، غريب ماڻھن جي ڀيٽ ۾، ھر ڳالھھ لازمي طرح آسان ھوندي آھي. پر يسوع ڪنڌ لوڏي ھنن جي ان خيال کي رد ڪري ڇڏيو.

”اوھان کي ”سئيءَ جي پاکي“ جي نالي واري در جي ڄاڻ آھي“، ھن چيو، ”جيڪو شھر پناھھ جي ٻاھرئين وڏي دروازي ۾ لڳل ننڍڙو در ھوندو آھي، ۽ اسين جڏھن پنڌ ھوندا آھيون، تھ ان مان ڪنڌ ھيٺ ڪري لنگھندا آھيون ۽ شھر پناھھ کان اندر يا ٻاھر ويندا آھيون! آءٌ اوھان کي ٿو ٻڌايان تھ اٺ لاءِ ان درڙي مان لنگھڻ آسان آھي پر ھڪ دولتمند شخص جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ آسان ڪونھي!“

”اٺ تھ ان درڙي مان ڪڏھن بھ لنگھي نٿو سگھي!“ ساٿين چيو. ”ڇا، اوھان جو اھو چوڻ آھي تھ دولتمند ماڻھو ڪڏھن بھ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نٿا سگھن؟ جي ائين آھي تھ پوءِ، سائين، غريب ماڻھن جو نصيب بھ دولتمند ماڻھن کان شايد ئي ڪو بھتر ٿي سگھي! ڇا، اھي بھ خدا جي بادشاھت ۾ داخل نھ ٿي سگھندا؟“

”خدا وٽ ھر شيءِ ممڪن آھي“، يسوع چيو، ۽ ڳالھھ ۾ منجھيل انھن ماڻھن کي ڏسي، ھو مرڪيو.

خود يسوع وٽ بھ پنھنجو گھر ڪونھ ھو، ۽ ھن وٽ ڪا ملڪيت بھ ڪانھ ھئي. ”جھنگ جي لومڙن کي پنھنجي ڏر آھي ۽ ھوا جي پکين کي پنھنجا آکيرا آھن“، ھن چيو، ”پر مون کي پنھنجو گھر ڪونھي.“

ھن نٿي گھريو تھ ھن جا ساٿي ائين سمجھن تھ پئسي ۽ ملڪيت جي ڪا اھميت آھي. دل جون جيڪي شيون آھن، اھي اھم آھن – رحم ۽ انصاف، پيار ۽ خير خواھي. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ اِھي آھن تھ اھو سچ پچ دولتمند آھي، ۽ خدا جي بادشاھت ان جي آھي.

ھن ھڪ ڀيري ھنن کي ھڪڙي خوشحال ماڻھوءَ جي ڳالھھ ٻڌائي ھئي. ان ماڻھوءَ جا فصل لاڳيتيون ڪي مندون، اھڙا ڀلا ٿيا، جو ھن جا سڀ گدام ڀرجي ٽٻ ٿي ويا، ۽ ھو خوشيءَ ۾ نھ پئي ماپيو ۽ وڏي ترنگ ۾ اچي ويو.

”آءٌ پنھنجا ھي ننڍا ۽ سوڙھا گدام ڊھرائي ٿو ڇڏيان، ۽ انھن جي جاءِ تي نوان، ويڪرا ۽ وڏا گدام ٿو اڏايان“، ھن چيو. آءٌ ايڏو شاھوڪار بڻبس، جو آءٌ پوءِ سمھي آرام ڪندس، ۽ خود کائيندس، پيئندس ۽ سالن جا سال خوش گذاريندس!“

پر ان رات اھو ماڻھو مري ويو، ۽ ھن جو روح خدا وٽ پيش ٿيو. ھو پاڻ سان اوڏانھن پنھنجي ڪا وڏي ملڪيت ڪو وڏو ڌن، ڪا وڏي دولت ڪانھ کڻي ويو. انھن جي خدا وٽ ڪا اھميت بھ ڪانھ ھئي. خدا وٽ جيڪي وڏيون شيون ھيون ۽ جن جي اصلي اھميت ھئي، اھي اھي ھيون، جيڪي ماڻھو پنھنجي دل ۾ سنڀالي ٿو رکي ۽ پاڻ سان کڻي اوڏانھن ٿو وڃي – يعني، نيڪي يا برائي، پاڪائي يا ناپاڪائي.

يسوع ھميشھ پنھنجن ساٿين کي ھيءُ ئي سمجھايو تھ ھو پوريءَ طرح ڏسي سگھن تھ زندگيءَ ۾ ڪھڙيون شيون سچ پچ اھم آھن ۽ قدر لائق آھن، تھ جيئن ھو پاڻ بھ پنھنجي منھن، اھي شيون ماڻھن کي ڏيکاري سگھن ۽ سمجھائي سگھن. ساڳئي وقت ان ڪم ۾ جيڪي تڪليفون ۽ خطرا کيس ۽ انھن کي پيش اچي سگھيا ٿي، انھن کان بھ ھو کين خبردار ڪندو رھندو ھو.

”اسين يروشلم ڏانھن ٿا ھلون، جتي منھنجا گھڻا دشمن آھن“، ھن چيو. ”آءٌ اوھان کي چتايان ٿو تھ ھو مون کي اتي قيد ڪندا، مارون ڏيندا، ۽ مون تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ نيٺ ماري بھ ڇڏيندا!“

پر ھن جي ساٿين کي اِھي ڳالھيون سمجھھ ۾ ڪونھ اچي سگھيون. ھنن جي مڃڻ ۾ ئي نھ پئي آيو تھ اھي ڳالھيون ڪي صحيح بھ ٿي سگھيون ٿي. ڇا، ھو خدا جو پيارو ٻالڪ ڪونھ ھو، جنھن ھيترا عجب جھڙا ڪم ٿي ڪيا! پڪ ئي پڪ ھڪ ڏينھن ھو وڏو بادشاھھ بڻبو، ۽ ھو پاڻ بھ ھن سان گڏ حاڪم بڻبا ۽ حڪومت ڪندا.

38 : يسوع يروشلم ۾ داخل ٿئي ٿو

يروشلم ڏانھن ويندڙ رستا ماڻھن سان ڀريا پيا ھئا. ھزارين ماڻھو ھئا، جي بھار جي وڏي جشن ملھائڻ لاءِ اوڏانھن وڃي رھيا ھئا. يسوع ۽ ھن جي ساٿين ڏٺو تھ ماڻھن جا انبوھھ، ڏاڍي اتساھھ ۾ ڀريا، اھو پٿرائون جابلو رستو وٺيو، جنھن سان ھو پاڻ يروشلم ڏانھن پئي ويا، ساڻن ئي گڏيا، اوڏانھن ھلندا ٿي رھيا.

۽ ھاڻي اھو وقت آيو ھو، جڏھن يسوع کي يروشلم جي ماڻھن کي پڌرو ٿي ٻڌائڻو ھو تھ ھو خدا جو پيارو ٻالڪ ھو، ۽ وٽن مسيح بڻجي آيو ھو، ۽ ھو انھن کي سندن سڀني تڪليفن ۽ عذابن کان نجات ڏياري سگھيو ٿي، ۽ ان لاءِ کين فقط ھن تي ايمان آڻڻو ھو ۽ منجھس ڀروسو رکڻو ھو.

پوءِ جڏھن ھو ۽ سندس ساٿي بيت فگي نالي ننڍڙي ڳوٽ وٽ پھتا، جيڪو زيتون جي جبل کان گھڻو پري ڪونھ ھو، جتان يروشلم پري کان پنھنجي ٽڪريءَ تي بيٺل ڏسجي رھيو ھو، تڏھن يسوع ھڪ ھنڌ بيھي رھيو، ۽ ھن پنھنجن ساٿين مان ٻھ ساٿي چونڊي، انھن کي ھڪڙو خاص حڪم ڏنو.

”اوھين ھن ويجھي ڳوٺڙي ۾ وڃو“، يسوع چيو. ”ان ڳوٺ ۾ اوھين جتان اندر گھڙندا، اتي ئي اوھين ھڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا. اھو جڙ کودو ھوندو، جنھن تي ڪنھن اڃا سواري ڪانھ ڪئي آھي. اھو کودو اوھين ڇوڙي، ھتي مون وٽ ڪاھي اچو. جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تھ ”کودو ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ تھ ان کي اوھين ھيءُ جواب ڏجو – ”ڇاڪاڻ تھ ھيءُ خدا کي ڪم ٿو اچي.“

ائين يسوع جا اھي ٻھ ساٿي اٿي ان ننڍڙي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيا. ۽ جيئن ئي ھنن ان ۾ پير وڌو، تھ ھنن سچ پچ اھو گڏھڙو اتي ٻڌل ڏٺو. ۽ ان جي ماءُ بھ بيٺي ھئي. ھنن ان کي ڏسندي ئي ڇوڙڻ شروع ڪيو.

اتي ڪي ماڻھو ويجھا بيٺا ھئا، جيڪي ان کودي ۽ ان جي ماءُ جا ڌڻي ھئا؛ تن عجب کائيندي، دانھن ڪئي:

”ڇو ٿا انھي کودي کي ڇوڙيو؟“

”ڇاڪاڻ تھ ھيءُ خدا کي ڪم ٿو اچي“، يسوع جي ساٿين جواب ڏنو. اھو جواب ٻڌي، ھنن کين اھو ڇوڙڻ ڏنو، ۽ ھو ان کي ڪاھي اٿي ھليا ۽ پوءِ ان جي ماءُ بھ اٿي ھنن جي پٺيان ھلي. پوءِ ھو سڀ ٽڪريءَ تان لھندا، آھستي آھستي ھلندا، ترت ئي اچي پنھنجن ساٿين سان مليا.

انھن ڏينھن ۾ اتي جي رومن سرڪار جو ھيءُ قاعدو ھوندو ھو تھ فقط انھن جا ھٿياربند فوجي گھوڙن تي چڙھندا ھئا. انھن جا محڪوم، ھٿين خالي، امن جا بندا، گڏھن تي چڙھي ھلندا ھئا، ۽ يسوع امن جو شھزادو ھو. ھن فقط چاھيو ٿي تھ ٻين جي خوشيءَ جو سامان ۽ ٻين لاءِ امن ۽ سلامتيءَ جي دنيا قائم ٿئي. ھو يروشلم جي شھر ۾ ماڻھن کي رڳو امن ۽ پيار جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ داخل ٿي رھيو ھو، ۽ انھيءَ لاءِ ھو گڏھھ تي ويھي، امن جي شھزادي طور، اوڏانھن وڃي رھيو ھو.

يسوع جا ساٿي خوش ھئا تھ سندن پيارو رھبر پنڌ ھلڻ بدران اڄ گڏھھ تي سوار ھو. ھنن پنھنجا ڪڙتا لاھي ھن کي گڏھھ جي پٺيءَ تي ٽپڙي ٺاھي ڏني تھ ھو ان تي ويھي سگھي، ۽ منجھانئن ڪن وري پنھنجا ڪڙتا ھيٺ پٽ تي وڇايا تھ ڀلي ھن جو گڏھڙو انھن کي لتاڙيندو اڳتي ھلي. ھنن چاھيو ٿي تھ يروشلم ۾ ھو ھڪ بادشاھھ وانگر داخل ٿئي!

گڏھڙو، يسوع کي پنھنجي پٺيءَ تي ويھاري، اٿي اڳتي ھليو. يسوع جي ساٿين سمع ھڻڻ شروع ڪئي ۽ گيت ڳائڻ شروع ڪيا ۽ ھو زور زور سان نعرا ھڻندا ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا –

”مبارڪ آھي اھو بادشاھھ، جيڪو خدا جو نالو کڻي ٿو اچي! سڀ کان اوچي ڌڻيءَ جي ساراھھ، ڌرتيءَ تي امن، ۽ سڀني ماڻھن جي ڀلائي! سڀ کان اوچي ڌڻيءَ جي ساراھھ، ڌرتيءَ تي امن ۽ سڀني ماڻھن جي ڀلائي!“

رستي تي ماڻھن جا انبوھھ، حيرت ۾ ڀرجي، ھڪ ٽڪ ڏسڻ لڳا. انھن مان ڪي گليل جي علائقي جا ھئا، ۽ ھو يسوع کي سڃاڻندا ھئا ۽ ھن جا عجب جھڙا اعليٰ ڪم ھنن ڏٺا ھئا. انھن مان ڪيترن جي دل ۾ ھن لاءِ پيار ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن سندن عزيزن ۽ دوستن جون بيماريون لاٿيون ھيون ۽ انھن کي سندن ھر تڪليف ۽ ڏک ۾ مدد ڪئي ھئي. ۽ ائين ھو بھ سڀني سان سمع ھڻڻ ۾ شامل ٿي ويا ۽ ساڻن گڏجي زور سان نعرا ھڻڻ ۽ ڳائڻ لڳا.

۽ انھن مان بھ ڪن پنھنجا ڪڙتا لاھي ھن جي اڳيان پٽ تي وڇايا، ۽ جڏھن ھو انھن تان مٽي ٿي ويو، تڏھن ھنن اھي وري کڻي، اڳتي ٽڪريءَ جي لاھي تي ھن جي آڏو پٽ تي ٿي وڇايا، ڇاڪاڻ تھ ھاڻي ھو زيتون جي جبل تان ھيٺ لھي رھيو ھو ۽ ڪجھھ مفاصلي تي پريان سڀني کي يروشلم ڏسڻ ۾ پئي آيو.

”ھيءُ يسوع آھي!“ اھا خبر اوري پري اٿي، ۽ ھوا وانگر ماڻھوءَ کان ماڻھوءَ تائين پکڙڻ لڳي. ”ھيءُ يسوع آھي! ھيءُ يروشلم ڏانھن بادشاھھ وانگر پيو وڃي! ھاڻي تھ ڪي ڳالھيون بھ ڳالھين جھڙيون ٿيڻ واريون آھن! اٿو تھ اٿون ۽ ھن جي آجيان ڪريون، ۽ ھن جا گيت ڳايون!“

ائين ھر پاسي کان ماڻھن جا انبوھھ اچي مڙيا، ۽ اڳئين کان وڌيڪ اوچا نعرا ھڻڻ لڳا! ”دائود جو پٽ مبارڪ! ڀلي آيو، جيءُ آيو، اھو بادشاھھ، جيڪو خدا جو نالو کڻي ٿو اچي! ”ھو شعنا!“ ”ھوشعنا!“ مبارڪ ! مبارڪ!“

سڀني انھيءَ طرح خوشيءَ جا نعرا ھنيا، ۽ سڀيئي جوش ۾ ڀرجي ويا. گھڻن ماڻھن ويجھن بيٺل وڻن مان ٽاريون ڇني، رستي تي وڇايون، تھ جيئن يسوع جو گڏھڙو انھن تان مٽي اڳتي وڃي. ھيءُ ڏاڍو ھڪڙو دل اٿاريندڙ نظارو ھو.

يروشلم جي ماڻھن پري کان سمعون ۽ نعرا ٻڌا، ۽ اھي ميڙاڪا ڪري، ڏسڻ لاءِ ٻاھر نڪري آيا تھ ايترو جوش ۽ جولان ڇا لاءِ ھو.

”اِھو تھ ناصرت جو يسوع آھي!“ ڪنھن دانھن ڪئي. ”ھو پاڻ اسان وٽ يروشلم ۾ پيو اچي! اسان کي تھ ھن لاءِ اکيون وڇائڻ کپن! اچو تھ ھن جي آجيان ڪريون!“

ائين يروشلم جا ماڻھو وڌي اڳتي آيا، ۽ اڳتي وڌي ھنن يسوع جو آدرڀاءُ ڪيو. جڏھن بھ ھو ڪنھن خوشيءَ جي موقعي تي پنھنجي جذبي جو اظھار ڪندا ھئا، تڏھن ھو کجيءَ جون ٽاريون ڇني، ھٿن ۾ کڻندا ھئا، ۽ ھوا ۾ لوڏيندا ھئا. ھاڻي بھ ھنن ساون ساون، تازن تازن کجيءَ جي وڻن مان وڏيون وڏيون ٽاريون ڇني ھٿن ۾ کنيون، ۽ يسوع جي آجيان لاءِ، من جي اڇل ۾ اچي، زور زور سان، اھي ھو ھوا ۾ لوڏڻ لڳا.

”مبارڪ! مبارڪ! اسرائيل جي بادشاھھ تي خدا جي رحمت! ھوشعنا! ھوشعنا!“

يروشلم جي ان وڏي شھر ۾ يسوع جا گھڻا دشمن بھ ھئا، ۽ ڪا مھل نھ گذري تھ فريسين، جيڪي شرع جا عالم ھئا ۽ عبادتخاني جي مک ربين ماڻھن جا بلند آواز ۽ جوشيلا نعرا ٻڌا، ۽ ھنن معلوم ڪري ورتو تھ ڳالھھ ڇا ھئي.

”اھو ئي ساڳيو يسوع آھي!“ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ھنن چيو. ”ھو ھاڻي اسان جي شھر ۾ آيو آھي، ۽ ماڻھو ھن کي ڏسيو نعرا پيا ھڻن، ڄڻ ھو ڪو وڏو بادشاھھ آھي! ھيءَ ڳالھھ اسان کي نھ کپي! اسين ھن کي حڪم ڪنداسين تھ پنھنجي ماڻھن کي چوي تھ گوڙ بند ڪن.“ ھنن کي اِھا سا ھمت ڪانھ ٿي تھ ھن کي پڪڙائڻ جي ڪوشش ڪن. ھنن ڏٺو تھ شھر جا ھيڏا ماڻھو ايڏي امنگ سان ھن جي آجيان پيا ڪن، سو ڳالھھ کي وڌائڻ ھنن مناسب ڪونھ ڄاتو. پر ھنن جون ڪاريون دليون ھيون، سي سڄيون ڪروڌ ۾ ڀرجي ويون.

پوءِ ڪي فريسي پنھنجا چوغا پائي، ۽ پنھنجون عصائون ھٿن ۾ کڻي، انبوھھ جي اڳيان اچي بيٺا ۽ سڏ ڪري يسوع سان ڳالھائڻ لڳا –

”پنھنجن پوئلڳن کي چؤ تھ خاموش ٿين! ھيءُ پاڪ شھر آھي! ھتي گوڙ نھ کپي!“

يسوع مڙي ھنن کي ڏٺو، ۽ جواب ڏنو: ”جيڪڏھن اڄوڪي ڏينھن بھ ھي ماڻھو خاموش ٿين، تھ رستي جا پٿر اٿي رڙيون ڪندا!“

ائين يسوع يروشلم ۾ داخل ٿيو. ھو گڏھڙي تي سوار ھو، ۽ ماڻھن جا انبوھھ، خوشيءَ ۾ نھال، ھن جي چوڌاري نچي رھيا ھئا، ڳائي رھيا ھئا ۽ نعرا ھڻي رھيا ھئا. پر فريسي، جيڪي شرع جا عالم ھئا، ۽ عبادتگاھھ جا وڏا ربي سخت ڪاوڙيل ھئا، ۽ وڏيءَ تڪليف ۾ مبتلا ھئا. ھو ڪجھھ نٿي ڪري سگھيا! ھو ھن ماڻھوءَ کي ھٿ بھ لائي نٿي سگھيا. سڄو شھر ھن کي آدرڀاءُ ڪري رھيو ھو!

”ھيءَ تھ ڏاڍي غير معمولي ڳالھھ آھي“، ھنن ھڪٻئي کي چيو. ”ائين پيو ڏسجي، ڄڻ اسين ھن ماڻھوءَ کي ڪجھھ نٿا ڪري سگھون! سڄي دنيا ھن جي پٺيان آھي!“

39 : يسوع عبادتگاھھ ۾ وڃي ٿو

يروشلم ۾ داخل ٿيڻ کان ڏينھن ٻھ پوءِ، يسوع دعا گھرڻ لاءِ عبادتگاھھ ۾ ويو، ۽ ان جي خوبصورت ٻاھرين دالانن ۽ صحنن ۾ جيڪي ھن ڏٺو، تنھن تي ھن کي ڏاڍي بڇان محسوس ٿي ۽ سخت ڪاوڙ آئي.

اھي صحن ۽ دالان عبادتگاھھ جا حصا نھ پر سنوان سڌا ڪنھن بازار جا دڪان يا مارڪيٽ ٿي لڳا! ماڻھو اتي شين جي وٺڻ ۽ وڪڻڻ ۾ پورا ھئا. پئسن جي رڳي مٽ سٽ ھئي، سا پئي اتي ھلي. ھر ھنڌ ماڻھن جا وھٽ ٻڌا پيا ھئا. سڄي جاءِ گند ۾ ڏٽي پيئي ھئي ۽ چوڌاري گوڙ ئي گوڙ لڳو پيو ھو.

يسوع اتي بيٺو رھيو ۽ ڏسندو رھيو. ھن ڏٺو تھ ماڻھو اتي ڍڳا، رڍون، ٻڪريون، ۽ ويندي ڪبوتر بھ وڪڻي رھيا ھئا. پئسن جا ڀلاوڻا رومن سڪا مٽي، ماڻھن کي ٻيا سڪا ڏيئي رھيا ھئا، جيڪي زيارتين ۽ نمازين کي عبادتگاھھ جي وڏن ربين کي نذر نياز ۾ ڏيڻا پوندا ھئا، ۽ ھن ڏٺو تھ ڀلاوڻا عام طرح ان ناڻي جي مٽا سٽا ۾ بھ ماڻھن کي کليو کلايو ٺڳي رھيا ھئا. ھن ڏٺو تھ ماڻھو صحنن کي وچ وارن رستن طور استعمال ڪري رھيا ھئا – کين اِن ڳالھھ جي بنھھ پرواھھ نھ ھئي تھ اھي صحن مقدس عبادتگاھھ جو ئي حصو ھئا.

ڍڳا اتي ھڪ پاسي رنڀي رھيا ھئا، رڍن ٻئي پاسي ٻيڪاٽ پئي ڪيا، ۽ ناڻي جا ڀلاوڻا، گلا ڦاڙيو، ڪنھن ڦريل ماڻھوءَ وانگر، رڙين مٿان رڙيون لايو بيٺا ھئا. ماڻھو ھڪٻئي کي زور سان سڏي رھيا ھئا، ۽ ھر ڪو ڊوڙندو ڪڏھن ھت ڪڏھن ھت، ۽ ڪڏھن ڪبوترن جي ٽنگڙن ڏانھن ڪبوترن کي ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ سھڪندو ۽ ڀڄندو ٿي رھيو. ڪوبھ ڪڏھن اھو اندازو لڳائي نٿي سگھيو تھ اھي صحن ۽ دالان ڪي ان وڏي عبادتگاھھ جا ھئا، جيڪو ”خدا جو گھر“ ھو.

يسوع بيٺو ڪيترو وقت ان جاءِ کي ڏسندو رھيو، جتي صفائيءَ جي بدران گندگي ڀريل ھئي ۽ سانت ۽ امن بدران گوڙ ۽ فساد پکڙيل ھو، ۽ وڌيڪ ھن کان اھا حالت سٺي نھ ٿي. اتي جيڪي بھ ماڻھو بيٺل ھئا تن سڀني کي ھن رڙ ڪري اتان نڪري وڃڻ لاءِ چيو. ھو ناڻي جي ڀلاوڻن جي ميزن وٽ ويو ۽ انھن کي اٿلائي، ڪيرائي ڇڏيائين ۽ انھن تي جيڪي پئسا پيا ھئا سي ڇڻ ڇڻ ڪندا، چوڌاري پٽ تي پکڙجي ويا. ھن واپارين جا دخل اونڌا ڪري ڇڏيا، ۽ جيڪي ماڻھو صحنن کي وچون رستو ڪري استعمال ڪري رھيا ھئا، تن کي ڀڄائي ڪڍيائين. جيڪي ماڻھو اتي شيون خريد ڪري رھيا ھئا، انھن کي بھ ڊوڙائي ڪڍيائين، ۽ ترت ئي اتي ماڻھن ۾ ڀڄ ڊڪ مچي ويئي – ڪن واڪا ڪري پئي ڳالھايو ۽ ڪن ڪاوڙ ۾ رڙيون پئي ڪيون، ۽ ھيءُ سڀڪجھھ ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي.

رستن جا لانگھائو ماڻھو ڏسڻ لاءِ ڊوڙي آيا تھ ڇا پئي ٿيو، ۽ جڏھن ھنن ڏٺو تھ يسوع ھر ڪنھن کي ھڪالي اتان ڪڍي رھيو ھو ۽ انھن جون ميزون، دڪان ۽ دخل پٽي، اونڌا ڪري، اڇلائي رھيو ھو، تڏھن ھو اچرج ۾ پئجي ويا.

”ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟“ ھنن رڙ ڪري پڇيو. ۽ ناڻي جا ڀلاوڻا، جيڪي پٽ تي اڇليل پنھنجا پئسا، ھيٺ نوڙي، جھٽ جھٽ چونڊي رھيا ھئا، تن خوفناڪ رڙ ڪري يسوع کي چيو، ”تون ھي ڇو ٿو ڪرين؟“

۽ ان جو يسوع ھنن کي پورو پختو جواب ڏنو. ”ڇا، اوھان کي خبر نھ آھي تھ ”مقدس ڪتاب“ ۾ ڇا لکيل آھي؟“ ھن چيو. ”ان ۾ لکيل آھي تھ ”خدا جو گھر“ عبادت جو گھر آھي. پر اوھان ان کي بدلائي چورن جو ٿم بڻائي ڇڏيو آھي!“

يسوع کي بلڪل خوف ڪونھ ٿي ٿيو، ۽ ڪنھن کي بھ ھن کي ھٿ لائڻ جي ھمت ڪانھ ٿي ٿي – ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙھا ٿي ويل ناڻي جا واپاري بھ ھن جي ويجھو نٿي آيا. پر ھنن پوءِ ڊوڙي وڃي عبادتگاھھ جي وڏن ربين کي دانھن ڏني، جن ھنن کي عبادتگاھ جا صحن ۽ دالان، اتي پڙيون ھڻي واپار ڪرڻ لاءِ، مسواڙون وٺي، ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيا ھئا. عام ماڻھو اھڙو ڪو بي خوف ۽ سچو ماڻھو اتي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ اھي مڙي، ھڪدم عبادتگاھھ جي وڏي صحن ۾ ھن جي وعظ ٻڌڻ لاءِ ھن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا.

وڏا تھ وڏا پر خود ٻار بھ ھن وٽ آيا ۽ ھن کي ھمٿائڻ ۽ ھن سان پنھنجي دلي پيار ڏيکارڻ لاءِ وڏي واڪ نعرا ھڻڻ لڳا – ”دائود جو پٽ مبارڪ! ھوشعنا! مبارڪ!“ ان تي تھ عبادتخاني جا وڏا ربي ھيڪاري ڪاوڙجي پيا. پر ھو، وري بھ، ڪري ڪجھھ نٿي سگھيا، ڇاڪاڻ تھ ماڻھو ھئا، جي سچ پچ يسوع جي وعظ ٻڌڻ جا شائق ھئا.

پوءِ ھر روز يسوع عبادتگاھھ جي وڏي صحن ۾ ويھندو ھو ۽ بيمارن جون بيماريون لاھيندو ھو، ۽ جيڪي ماڻھو کيس ٻڌڻ ايندا ھئا، تن سان، دل لائي، ڳالھائيندو ھو. ھاڻي سچ پچ بھ تھ ھن وٽ ٿورو وقت وڃي بچيو ھو. اِھا ھن کي خبر ھئي. جلد ئي ھن جا دشمن ھن کي پڪڙيندا ۽ ائين ھن جي ھن عبرت ۾ وجھڻ جھڙي عظيم ڪم جي پڄاڻي ٿيندي – جيڪو ھن جي دل کي ايترو پيارو ھو ۽ ايترو وڻيو ٿي.

رات جو يسوع ۽ ھن جا ساٿي شھر کان ٻاھر نڪري، کليل آسمان جي ھيٺان، تارن جي مٺي روشنيءَ ۾، ٽڪرين جي پاسن تي وڃي بسيرو ڪندا ھئا ۽ اتي پاڻ کي محفوظ سمجھندا ھئا. فريسي، جيڪي شرع جا عالم ھئا، ۽ عبادتگاھھ جا وڏا ربي پنھنجا پنھنجا جاسوس ۽ ايجنٽ ھر ھنڌ ٻاھر موڪليندا ھئا، جيڪي موقعي جي تلاش ۾ رھندا ھئا تھ ڪڏھن يسوع انھن کي وجھھ ۾ اچي تھ ھن کي گرفتار ڪري پنھنجن آقائن وٽ وٺي وڃن. ھاڻي يسوع جي خدائي ڪم جا باقي ڪي تمام ٿورا ڏينھن وڃي رھيا ھئا، تمام ٿورا، جن ۾ ھو وعظ ڪري سگھيو ٿي ۽ بيمارن جون بيماريون ڇٽائي سگھيو ٿي.

40 : بيوھ عورت جي ڀيٽا

يسوع ھر روز عبادتگاھ ۾ وڃي وعظ ڪندو ھو. نھ رڳو سندس پوئلڳ ۽ ساٿي کيس ٻڌندا ھئا، فريسي، مفتي ۽ ربي، جيڪي سڀ سندس دشمن ھئا، اھي بھ کيس سڄو وقت ۽ پوري ڌيان سان ويٺا ٻڌندا ھئا. اھي سڀ اڪثر اتي خاص ھن کي ٻڌڻ ۽ ھن تي چوڪسي رکڻ لاءِ ايندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ ھو انھيءَ ڪوشش ۾ ھوندا ھئا تھ کين ڪي ھن جا اھڙا قول ۽ ڪم معلوم ٿي سگھن، جن جي آڌار تي ھو ھن کي جھلائي سگھن ۽ قيد ۾ بند ڪرائي سگھن.

يسوع کي اِن ڳالھھ جي خبر ھئي. ھن کي معلوم ھو تھ اھي ڏاڍا ھٺيلا، خود غرض، ڪوڙا، تنگدل ۽ ڪٺور ھئا، ۽ ھو سدائين ماڻھن کي جھليندو ھو تھ ھنن کي پاڻ ڪڏھن بھ انھن عالمن ۽ مفتين جھڙو ٿيڻ نھ گھرجي. ”اھي رڳو نيڪ ھجڻ جو ڍونگ ڪن ٿا! اھي پنھنجي نيڪيءَ ۽ نياز جو وڏو ڏيکاءُ ڪن ٿا، پر دعوتن ۾ پھرين ۽ مک جاين والارڻ ۽ ”خدا جي گھر“ ۾ پھرينءَ صف ۾ ۽ اوچي کان اوچي منبر تي ويھڻ جو ڪيڏو نھ شوق اٿن! ۽ ڪيڏو نھ حرص اٿن تھ ماڻھو کين ”سائين“، ”مولا“ يا ”حضرت“ چئي، سندن اڳيان نمن ۽ ٻانھون ٻڌي بيھن! اوھين ھرگز انھن جھڙا نھ ٿجو!“

فريسي، جيڪي اھل شريعت ھئا، ۽ سدوسي، جيڪي اھل طريقت ھئا، ۽ ڪيئي مفتي ۽ فقيھھ ويجھا بيٺا ھئا، جڏھن يسوع ائين چيو، ۽ ھو سخت ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ ھنن جي دل ۾ ھڪڙي ئي خواھش اڀري آئي – ھن شخص کي ڪنھن طرح ختم ڪرائي سگھجي!

پوءِ يسوع اتان اٿي، ٻئي صحن ۾ خاموش ويھي رھيو. اتان ھو ماڻھن کي اندر ايندي ۽ ٻاھر ويندي ڏسندو رھيو، سندس ساٿي بھ انھن کي ڏسندا رھيا. اھو ڏاڍو ھڪ مصروف ۽ ڀرپور نظارو ھو. ھيءُ بھار جي جشن جو ھفتو ھو ۽ ھزارين لکين ماڻھو ان موقعي تي يروشلم ۾ آيا ھئا ۽ عبادتگاھھ ۾ دعائن گھرڻ ۽ نمازن پڙھڻ لاءِ ٽولن جا ٽولا ٿيو پئي آيا ويا.

ھن صحن ۾ ڀيٽا جون پيتيون لڳل ھيون، جن ۾ ماڻھن عبادتگاھھ لاءِ ۽ ان جي ڪيترن خير خيرات جي رسمن لاءِڀيٽا طور پئسا پئي وڌا. ھي ڪافي گھڻيون پيتيون ھتي لڳل ھيون، جن کي ”ديني ٽجوڙيون“ بھ سڏيو ويندو ھو. انھن جي مٿان توتاري جھڙا منھن ٺھيل ھئا، جن مان پئسا اندر وجھبا ھئا تھ ڇڻڪاٽ ڪري، ھيٺ وڃي پيتين ۾ پوندا ھئا.

انھن پيتين ۾ ماڻھو پنھنجي مرضيءَ موجب پئسا وجھندا رھندا ھئا، پر کين گھٽ ۾ گھٽ تھ بھ ھڪ دمڙي ضرور وجھڻي ھئي. اسان وٽ ھاڻي ايترو ننڍو سڪو رواج ۾ ڪونھي، پر انھن ڏينھن ۾ دمڙيون بھ ھونديون ھيون ۽ اڌ دمڙيون بھ.

يسوع ويٺو، ماڻھن کي انھن پيتين ۾ پئسا وجھندي، ڏسندو رھيو. ھن دولتمند ماڻھن کي ڏٺو تھ اھي آيا ٿي ۽ بي پرواھيءَ سان، پنھنجن کيسن مان پئسا ڪڍندا، انھن ۾ وجھندا ٿي ويا، ۽ منجھانئن ڪوبھ نٽائي، پئسن وجھڻ کان پاڻ بچائي نڪري ھليو ڪونھ ٿي ويو! ھن ٻيا ماڻھو بھ ڏٺا، جن کان بھ جيترا پئسا ٿي سگھيا ٿي، اوترا ھو پيتين ۾ وجھندا ٿي ويا.

۽ پوءِ ھن جي نظر ھڪڙيءَ بيوھ عورت تي پيئي، جنھن جي ميرن ۽ چتين لڳل ڪپڙن مان ظاھر ھو تھ ھن وٽ سچ پچ تھ تمام ٿورا ڪي پئسا ٿي سگھيا ٿي. ھن جو مڙس بھ حيات ڪونھ ھو، جو ڪمائي ھن کي ڏئي. انھيءَ ڪري ھوءَ ڏاڍي ڪا ڏتڙيل ۽ سخت زندگي گذاري رھي ھئي.

”ھيءَ ويچاري مائي، جنھن وٽ ڪجھھ ڪونھ ھو، سچ پچ تھ بھ تھ ڪيترا پئسا پيتيءَ ۾ وجھي سگھندي!“ يسوع سوچيو. ھن وٽ تھ پيٽ ڀرڻ لاءِ بھ پئسو ڪونھ ھوندو!“

پر جيئن ئي يسوع ھن کي ويٺي ڏٺو، تيئن ھوءَ وڌي پيتين ڏانھن ويئي، ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن لؤڻو ھڻندي، تھ کيس ڪو ڏسي نھ وٺي تھ ڪيترڙا پئسا ھن پيتيءَ ۾ ٿي وڌا، ھن ٻھ دمڙيون پلاند مان ڇوڙي، پيتيءَ ۾ وجھي ڇڏيون ۽ پوءِ خالي پلاند کي ھٿ ۾ جھليندي، تکي، تکي ھوءَ موٽي ھلي ويئي.

پوءِ يسوع پنھنجن ساٿين سان ڳالھايو. ”اوھان ھن مسڪين بيوھ عورت کي ڏٺو؟“ ھن چيو. ”دولتمندن ۽ ٻين ماڻھن سڀني گھڻا پئسا پيتين ۾ وڌا آھن، ۽ ھن عورت فقط ٻھ دمڙيون وڌيون. پر حقيقت ۾ ھن ئي ٻئي ھر ڪنھن کان وڌيڪ پئسا وڌا! ٻين وٽ بچتو پئسا ھئا، ۽ اھي ھنن پيتين ۾ وڌا – پر ھن وٽ جو ڪجھھ بھ ھو، سو سڀ پيتيءَ ۾ وجھي ڇڏيائين. خدا جي اکين ۾ ھن جي اھا ننڍڙي ڀيٽا، اھو ننڍڙو نذر، ٻين سڀني دولتمند ماڻھن جي گڏيل نذر کان وڌيڪ قدر لائق ۽ قيمتي آھي.“

41 : يسوع جو چتاءُ

۽ ھاڻي، سچ پچ، اھو وقت ويجھو اچي رھيو ھو، جڏھن يسوع وڌيڪ پنھنجو ڪم جاري رکي نھ سگھندو. ھن کي ڏک ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن جا گھڻا دشمن ھئا ۽ اھي ھن جي نفرت ۾ انڌا ھئا، ۽ ھو، جو ڪجھھ ھر ڪنھن کي ٻڌائڻ آيو ھو، اھو ٻڌڻ ۽ سمجھڻ لاءِ تيار نھ ھئا.

يسوع کي خبر ھئي تھ نفرت ۽ بيرحمي لڙائيءَ، جھيڙي ۽ موت جا بنيادي سبب ھئا. ھن کي خبر ھئي تھ يروشلم جا ماڻھو فقط امن، پيار ۽ سھڪار جو سندس پيغام ٻڌڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان ئي موتمار خطرن کان محفوظ رھي سگھيا ٿي.

ھڪڙي ڏينھن شام جو، يسوع جي ساٿين عبادتگاھھ جي عمارت جي وڏن پٿرن ڏانھن ڏسندي، ڏاڍو عجب ظاھر ڪيو ۽ چيو: ”خدا جي گھر جا ھي پٿر اڏول ۽ امٽ آھن.“ سچ پچ بھ تھ انھن مان ھڪ ھڪ پٿر ايڏو وڏو ھو، جو اھو ڪنھن غريب جي ڪٽنب لاءِ پريان ٽڪريءَ جي پاسي تي اڏيل اڇي رنگ جو سڄو ڪو گھر ٿي معلوم ٿيو.

يسوع انھن وڏن پٿرن ڏانھن ڏٺو، ۽ ڏاڍي ھڪڙي عجيب ڳالھھ ڪئي.

”جلدئي،“ ھن چيو، ”انھن پٿرن مان ڪو ھڪڙو بھ ٻئي جي مٿان سلامت نھ رھندو! اھي سڀئي ڪري، اچي، پٽ پوندا. ڇو تھ ھر عمارت، جنھن جو ڪم نھ رھندو، سا ڊھندي.“

”سائين، اھو سڀڪجھھ ڪڏھن ٿيندو؟“ ھن جي ساٿين عجب ۽ خوف ۾ ڀرجي چيو.

۽ پوءِ يسوع انھن سڀني کي ٻڌايو تھ ڏاڍو ھڪ خطرناڪ وقت ويجھو اچي رھيو ھو، جڏھن انساني ڌڪار ۽ ساڙ يروشلم کي ۽ گھڻين قومن کي ڌڪي جنگ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيندا.

”جنگين جون ڳالھيون نڪرنديون ۽ جنگيون ٿينديون“، يسوع چيو، ”۽ قومون ھڪٻئي جي خلاف وڙھنديون. زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا ۽ خطرناڪ بيماريون پکڙنديون. اوھين، جيڪي منھنجا ساٿي آھيو، منھنجي ڪارڻ تمام گھڻا ڏک ڏسندا ۽ تمام گھڻيون تڪليفون سھندا. ڇاڪاڻ تھ ھو اوھان کي ماريندا، سزائون ڏيندا، ۽ گھلي حاڪمن ۽ بادشاھن وٽ وٺي ويندا، ۽ اڇلي بنديخانن ۾ وجھندا. پر اوھان کي ڊڄڻ نھ گھرجي، ڇو تھ ائين اوھان کي موقعو ملندو ھر ڪنھن کي منھنجي پيغام، ۽ پنھنجي مقصد بابت ٻڌائڻ جو، ۽ ان لاءِ اوھان جي زبان تي پورا ۽ صحيح لفظ پاڻيھي تري ايندا.

”اھو ھڪ خطرناڪ وقت ھوندو، ڇاڪاڻ تھ پيءُ ماءُ پنھنجن ٻارن جي خلاف ٿي بيھندا، ۽ ٻار پنھنجن مائرن ۽ پيئرن کان ڦرندا ۽ انھن سان غداري ڪندا، ۽ ڀائر، دوست ۽ مائٽ ھڪٻين سان غداري ڪندا ۽ منھان منھن ٿي بيھندا. اوھان مان ڪيترن کي ماريو ويندو ۽ منھنجي راھھ ۾ مرڻو پوندو.

”يروشلم پورو ناس ٿيندو، ۽ زمين تي اوندھھ انڌوڪار ڇانئجي ويندو. پر ھڪ ڏينھن ايندو، جڏھن منھنجي بادشاھت قائم ٿيندي، ۽ منھنجا دوست ڳولي ڳولي لھبا ۽ گڏ ڪيا ويندا. انھيءَ ڪري اوھين چوڪس رھو، جڏھن ”گھر جو مالڪ“ اٿندو ۽ اوھان وٽ ايندو – انھيءَ گھڙيءَ لاءِ اوھين تيار رھو ۽ جاڳندا رھو.“

پوءِ يسوع پنھنجن ساٿين کي ڏھن جيڏين جي ڳالھھ ٻڌائي، تھ جيئن ھو صاف ڏسن ۽ سمجھن تھ جڏھن ھن کين تيار رھڻ ۽ جاڳندي رھڻ لاءِ چيو ٿي، تڏھن ھن جو ڇا مطلب ھو.

42 : ڏھن جيڏين جي ڳالھھ

ھڪ ڀيري ھڪڙيءَ ڪنوار جون ڏھھ جيڏيون ھيون، جن کي لانئن لھڻ مھل ڪنوار جي ڀر ۾ ويھڻ جي دعوت ڏني ويئي ھئي. گھوٽ ڪنوار کي رات جو ڪنھن ويلي لانئون لھڻيون ھيون، ڇاڪاڻ تھ انھن ڏينھن ۾ اسرائيل جي ملڪ ۾ شاديون ھميشھ رات جو ٿينديون ھيون. ڏھن جيڏين کي چيل ھو تھ ھو پنھنجو ڏيئو کڻي اچي لانئن جي ڪمري ۾ پھچن، تھ جيئن کين ڪنوار سان گڏ گاديءَتي ويھاريو وڃي.

”گھوٽ جو سرگس ڪھڙيءَ ويل ھتي پھچي، اھا ڄاڻ ڪانھي“، نينگرين کي چيو ويو. ”پر اوھان کي ان مھل اطلاع ڏنو ويندو. انھيءَ ڪري اوھين پنھنجا ڏيئا ٻاري رکو ۽ پوريءَ طرح تيار ٿي ويھو.“

پوءِ ڏيئن ۾ تيل وڌو ويو. ڏھن جيڏين پاڻ پنھنجن ھٿن سان انھن ۾ تيل وڌو، ۽ انھن کي ٻاريو، تھ جيئن لانئن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ھو تيار ھجن.

انھن ڏھن جيڏين مان پنج سياڻيون ھيون ۽ پنج اياڻيون ھيون. جيڪي پنج سياڻيون ھيون، تن کي ڊپ ھو تھ جي لانئن کان اڳ سندن ڏيئن جو تيل ٻري ويو تھ کين لانئن مھل ڪنوار سان ويھڻ جو وجھھ ڪونھ ملندو، ڇو تھ سندن ڏيئا انھيءَ مھل وساميا پيا ھوندا. انھيءَ ڪري انھن ڇا ڪيو، جو پنھنجي لاءِ وڌيڪ تيل خريد ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيائون، تھ وقت سر کين اھو ڪم اچي سگھي. پنجن اياڻين جيڏين وٽ اھو ئي تيل رھيو، جيڪو سندن ڏيئن ۾ پھرين وڌل ھو.

ڏھھ ئي نينگريون پوءِ پنھنجن ڏيئن جي ڀر ۾ ليٽي پيون، ۽ نھاريندي نھاريندي ۽ ڪنائيندي ڪنائيندي، انھن مان پنجن اياڻين جي اک لڳي ويئي. ھنن ائين ٿي سوچيو تھ لانئن مھل کين ضرور جاڳايو ويندو، ۽ پوءِ ھو ٽپ ڏيئي اٿنديون، پنھنجن ڪپڙن کي ٺاھينديون، ٻرندڙ ڏيئا ھٿن ۾ کڻنديون ۽ وقت اندر وڃي ڪنوار سان گڏ لانئن تي ويھنديون. پر پنجن سياڻين جيڏين جو ويچار ٻيو ھو، ۽ اھي جاڳنديون رھيون ۽ پنھنجن ڏيئن جي وٽ سورينديون رھيون، ۽ انھن ۾ تيل وجھنديون رھيون. ھنن کي ڪنوار سان گڏ ويھڻ جي سڏ جو خيال ھو ۽ اھو انھن کي ڪنھن بھ مھل ٿي سگھيو ٿي!

اتفاق اھڙو ٿيو، جو لانئن ۾ ڪجھھ دير پئجي ويئي، ۽ اڌ رات کان بھ پوءِ گھوٽ پنھنجن سڀني جيڏين ساڻ ڪنوار جي گھر پھتو ۽ پوءِ، چوڌاري آواز اٿڻ لڳا –

”ڏسو، ڏسو! گھوٽ اچي ويو! گھوٽ اچي ويو!“

پنج سياڻيون نينگريون تڪڙيون تڪڙيون اٿيون. انھن پنھنجا ڏيئا وري بھ ڏٺا ۽ انھن جون وٽيون سوئي ۽ سوري ٺيڪ ڪيون تھ جيئن اھي وڌيڪ تيج سان ٻرن. پر پنجن اياڻين جا ڏيئا وساڻا پيا ھئا، ڇاڪاڻ جو انھن جو سڄو تيل ٻري ويو ھو. انھيءَ مھل اھي بھ اکيون مھٽي اٿيون ۽ پنھنجا وساڻل ۽ خالي ڏيئا ڏسي، وٺي پنجن سياڻين ڏانھن ڊوڙيون، جيڪي پنھنجن ڏيئن ۾ اوڏيءَ مھل وڌيڪ تيل وجھي رھيون ھيون، جيڪو ھنن اونو ڪري انھيءَ ئي گھڙيءَ لاءِ وٺي پاڻ وٽ رکيو ھو.

”اسان کي پنھنجي تيل مان ڪجھھ ڏيو!“ پنجن اياڻين نينگرين رڙ ڪري چيو. ”اسان جا ڏيئا وسامي ويا آھن!“

”اوھان کي اسين تيل نٿيون ڏيئي سگھون“، سياڻين چيو. ”اسان کي پنھنجن ڏيئن لاءِ ئي مس پورو آھي. اوھين ڊوڙي وڃي ڪنھن ھٽ تان ڪٿان پنھنجو تيل وٺي اچو!“

پوءِ انھن پنجن اياڻين نينگرين پنھنجن ڏيئن جي تيل خريدڻ لاءِ وٺي ڊوڙ پاتي. ۽ پٺيان گھوٽ گاديءَ تي ويھي رھيو. ۽ ڪنوار جون ھن سان لانئون شروع ٿي ويون. پنج سياڻيون جيڏيون پنھنجا ٻرندڙ ڏيئا کڻي وڃي اتي پھتيون ۽ انھن کي ڪنوار سان گوڏو گوڏي ۾ ڏياري ويھاريو ويو، ۽ ھو خوش خوش پنھنجي سرتيءَ کي لانئون لھرائڻ لڳيون ۽ مٿانئس گھورون گھورڻ لڳيون.

ٿوريءَ دير کان پوءِ پنج اياڻيون جيڏيون بھ اچي سھڙيون. ھاڻي انھن جا ڏيئا بھ تيل سان ڀريل ھئا ۽ تيز تيز ٻري رھيا ھئا. پر ھو بند دروازي تي اچي بيٺيون ۽ اندران در کي ڪنڊو آيل ھو.

ھنن گھڻو ئي در کڙڪايو، ۽ سڏ ڪيا، ”در کوليو! در کوليو!“

پر اندران آواز آيو، ”اوھين ڪير آھيو؟ موٽي وڃو! گھوٽ راجا لانئون لھي ڇڏيون!“ ۽ ائين اھي پنج اياڻيون جيڏيون پنھنجي سرتيءَ جي لانئن ۾ شريڪ ٿي نھ سگھيون، ۽ ٻاھر اوندھھ ۾ بيٺيون روئنديون رھيون.

”انھيءَ ڪري“، يسوع چيو، ”سدائين تيار رھو ۽ جاڳندا رھو! ڇاڪاڻ تھ ڪھڙي خبر تھ آسماني بادشاھت ڪڏھن اچي ۽ ڪھڙي ڏينھن قائم ٿئي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org