43
: پوئين ڳالھھ، جيڪا يسوع ٻڌائي
ھيءَ ڳالھھ، جيڪا يسوع جي آخرين ٻڌايل ڳالھھ آھي،
سا شايد ھن جي سڀني ڳالھين مان سٺي ۾ سٺي ڳالھھ
آھي، ۽ سچ پچ ھڪ تمام وڏي ۽ اھم ڳالھھ آھي.
”جڏھن آءٌ ھڪ وڏو بادشاھھ ٿي اوھان وٽ ايندس“،
يسوع چيو، ”۽ سڀ نيڪيءَ جا فرشتا مون ساڻ ھوندا ۽
آءٌ پنھنجي تخت تي ويھندس، تڏھن دنيا جا سڀ ماڻھو
منھنجي سامھون آڻي بيھاريا ويندا.
”آءٌ انھن مان ھڪڙن کي ٻين کان الڳ ڪندس، جيئن ھڪ
ريڍار پنھنجين رڍن کي ٻڪرين کان الڳ ڪري بيھاريندو
آھي. نيڪ رڍون منھنجي ساڄي پاسي کان بيھنديون ۽
ٻڪريون منھنجي کاٻي پاسي کان.“
”پوءِ جيڪي منھنجي ساڄي پاسي کان ھوندا، تن کي آءٌ
چوندس،
”اي خدا جي پيار وارا، سڀاڳا ٻارڙا، اچو، منھنجي
بادشاھت ۾ اچو، جيڪا دنيا جي شروع کان وٺي اوھان
لاءِ تيار ٿيل آھي. ڇاڪاڻ تھ جڏھن آءٌ بکايل ھوس
تڏھن اوھان مون کي کاڌو ڏنو ۽ جڏھن آءٌ اڃايل ھوس
تڏھن اوھان مون کي پاڻي پياريو. آءٌ ڌاريو ھوس، تھ
اوھان مون کي پنھنجو ڪيو، ۽ جڏھن منھنجا ڪپڙا
ليڙون ليڙون ھئا تڏھن اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا.
جڏھن آءٌ بيمار ھوس تڏھن اوھان منھنجي سنڀال ڪئي،
۽ جڏھن آءٌ قيد ۾ ھوس تڏھن اوھين منھنجي خبر لھڻ
لاءِ مون وٽ آيا!“
”پوءِ منھنجون نيڪ رڍون، منھنجي ساڄي پاسي کان
بيٺل منھنجا خوشيءَ ۾ ڀريل سڀاڳا ماڻھو، اچرج ۾
ڀرجي مون کي چوندا، ”پر سائين اسان توکي ڪڏھن
بکايل ڏٺو، جو اسان توکي کاڌو ڏنو؟ اسان توکي ڪڏھن
اڃايل ڏٺو، جو اسان توکي پاڻي پياريو؟ اسان وٽ تون
ڪڏھن ڌاريو ٿي آئين، جو اسان توکي پنھنجو ڪيو، يا
ڦاٽل ڪپڙن ۾ آئين، جو توکي ڪپڙا ڍڪاياسين؟ اسان
توکي ڪڏھن بيمار يا قيد ۾ ڏٺو، جو تنھنجي خبر لھڻ
لاءِ تو وٽ آياسين؟“
”۽ آءٌ جواب ڏيندس ۽ انھن کي ٻڌائيندس: ”جڏھن بھ
اوھان اھڙيءَ ڪنھن تڪليف ۾ آيل ماڻھوءَ سان اھڙو
ڪو ڀلائيءَ جو ڪم ڪيو، پوءِ اھو منھنجو ڪيتري قدر
بھ کڻي ڪو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ ھو، تڏھن اھا ڀلائي
اوھان مون سان ڪئي.“
”پوءِ آءٌ پنھنجي کاٻي پاسي کان بيٺل پاپين ڏانھن
منھن ڪندس، ۽ انھن کي چوندس تھ ”مون کان پري ھٽي
وڃو!“ ڇو تھ اھي پنھنجي عذاب ۾ ورتل ھوندا ۽ انھن
جو آزار انھن سان ھوندو. ”مون کان پري ٿيو!“ آءٌ
انھن کي چوندس. ”ڇاڪاڻ تھ جڏھن آءٌ بکايل ھوس تڏھن
اوھان مون کي کاڌو نھ ڏنو، ۽ جڏھن آءٌ اڃايل ھوس
تڏھن اوھان مون کي پاڻي نھ پياريو. آءٌ ڌاريو ھوس
تھ اوھان مون کي پنھنجو نھ ڪيو، ۽ جڏھن آءٌ ڦاٽل
ڪپڙن ۾ ھوس تڏھن اوھان مون کي ڪپڙا ڪونھ ڍڪايا.
جڏھن آءٌ بيمار ھوس ۽ قيد ۾ ھوس، تڏھن اوھان مون
وٽ ڪين آيا!“
”۽ پوءِ اھي، جيڪي منھنجي کاٻي پاسي کان ھوندا، سي
حيرت ۾ پئجي مون کان سوال پڇندا: ”پر سائين، اسان
توکي ڪڏھن بکايل ۽ اڃايل، ڌاريو يا ڦاٽل ڪپڙن ۾،
بيمار يا قيد ۾ ڏٺو؟“
”۽ آءٌ جواب ڏيندس ۽ انھن کي ٻڌائيندس : ”ڇاڪاڻ جو
اوھان اھي ڀلايون انھن سان نھ ڪيون، جن کي اِنھن
جي گھرج ھئي، تھ اوھان اِھي مون سان نھ ڪيون!“
”ائين، چڱا پنھنجين چڱاين سان خوشي ماڻيندا، جيڪا
انھن لاءِ جائز ھوندي ۽ جنھن تي انھن جو حق ھوندو؛
پر پاپين لاءِ فقط سندن پنھنجو غم ۽ آزار ھوندو،
جنھن ۾ ئي ھو ورتل ھوندا.“
44
: يھوداھ، جيڪو غدار ھو
يسوع جي ساٿين ۾ يھوداھ نالي ھڪ ساٿي بھ ھو. ھو ھڪ
ھوشيار ۽ چالاڪ ماڻھو ھو. يسوع جي سڄيءَ سنگت جي
پئسي پنجڙ ۽ خرچ جو حساب ڪتاب ھن جي حوالي ھوندو
ھو ۽ ھو ڪفايت سان سنگت جي کاڌي پيتي جي بندوبست
رکڻ جو پورو ڄاڻو ھو.
پر يھوداھ ايماندار نھ ھو. ھو اعتبار رکڻ جھڙو نھ
ھو. ھو ٻين ساٿين وانگر يسوع کي پيار نھ ڪندو ھو،
ھن جو پھريون ۽ سڀ کان وڌيڪ پيار پنھنجي پاڻ لاءِ
ھوندو ھو.
ھو يسوع جو پوئلڳ انھيءَ ڪري ھو، جو ھن سچ پچ ائين
سمجھيو ٿي تھ يسوع ھڪ وڏو ۽ طاقتور بادشاھھ بڻجڻ
وارو ھو. ”پوءِ“، يھوداھ دل ۾ سوچيو ٿي، ”آءٌ بھ
طاقتور ٿيندس، ۽ ٿي سگھي ٿو تھ جيڪي پئسا بادشاھھ
جي خزاني ۾ ايندا، اھي منھنجي ھٿ ۾ ھجن ۽ آءٌ سڄي
بادشاھت جي مال ۽ دولت جو وزير ٿي وڃان. پوءِ
منھنجي ھٿ ۾ سچ پچ وڏي طاقت اچي ويندي.“
پر جيئن جيئن ڏينھن گذرندا ويا، تيئن يھوداھ جي
اڳيان ھيءَ حقيقت ظاھر ٿيندي ويئي تھ جيڪا بادشاھت
يسوع ٿي چئي، سا اھا نھ ھئي، جيڪا يھوداھ ٿي چاھي.
يھوداھ لاءِ ”پيار جي بادشاھت“ ڪھڙي ڪم جي؟ ھن تھ
سچ پچ جي بادشاھت ٿي گھري، جنھن ۾ سچ پچ جا پئسا
ھجن ۽ سچ پچ جي طاقت ھجي – جيئن ظالماڻي رومن
حڪومت ھئي. ھن پوءِ يسوع کي دل ۾ نندڻ ۽ سادو سودو
سمجھڻ شروع ڪري ڏنو، جو ھن پاڻ کي ھڪ وڏي بادشاھھ
بنائڻ جي ڪوشش نٿي ڪئي!
”ھو ٻين ماڻھن لاءِ تھ حيرتناڪ معجزا ڪري سگھي
ٿو“، يھوداھ سوچيو. ”پوءِ پنھنجي لاءِ ۽ اسان لاءِ
ھو اھي معجزا ڇو نھ ٿو ڪري؟ اسان سڀڪجھھ ڇڏي، ھن
جي پويان لڳا آھيون – ان جو ھن کي ڪجھھ تھ انعام
اسان کي ڏيڻ کپي، ۽ اھو ٻيو ڪھڙو انعام ٿي ٿو سگھي
سواءِ ھن جي تھ ھو پاڻ بادشاھھ ٿئي ۽ اسان کي
اختيار ۽ طاقت ڏئي تھ اسين کيس حڪومت ڪرڻ ۾ مدد
ڪريون! جيڪڏھن مون کي اھا خبر ھجي ھا تھ ھو ائين
نھ ڪندو، تھ آءٌ ڪڏھن بھ ھن جي پويان نھ لڳان ھا.“
جڏھن يھوداھ ڏٺو تھ وڏا ربي ۽ فريسي، جيڪي شرع جا
عالم ھئا، ۽ مفتي سڀ يسوع تي ڪاوڙجي رھيا ھئا،
تڏھن ھن کي ڊپ وٺي ويو. ”اسين سڀ جھلجي پونداسين ۽
جيل ۾ ھليا وينداسين!“ ھن چيو. ”۽ پوءِ اسان جا ھن
يا ھن بادشاھت جا سڀ خواب ختم ٿي ويندا.“
ھن ائين، پنھنجي خيال کان، سڄيءَ ڳالھھ تي ويچار
ڪيو. ”اِھا تھ منھنجي بيوقوفي ٿيندي، جو آءٌ
پنھنجي سار بھ نھ رکان“، ھن سوچيو. ”جي يسوع کي
جھليندا، تھ مون کي ٿورو ئي ڇڏي ڏيندا! پوءِ آءٌ
ڇو ھتي ويھي رھان؟ انھيءَ لاءِ تھ مون کي بھ اچي
جھلين! آءٌ وڃي ٿو اڳوپوءِ يروشلم جي وڏن ربين ۽
حاڪمن کي چوان تھ منھنجي يسوع سان ايتري ڪا ڳالھھ
ڪانھي، بلڪ جيڪڏھن ھو مون سان ڳالھيون ڪن تھ آءٌ
کين بھ ڪم اچي سگھان ٿو. جيڪڏھن مان يسوع جي
جھلائڻ ۾ سندن مدد ڪريان، تھ پوءِ ھو مون کي وڏو
انعام بھ ڏيئي سگھندا، ۽ ائين آءٌ صاف بچي ويندس.“
انھن ڏينھن ۾ جيڪو يروشلم جو وڏي ۾ وڏو ربي ھو،
تنھن جو نالو ڪائفا ھو. ھن کي ڪجھھ سال اڳ اسرائيل
جي رومن حاڪمن يروشلم جو سردار ربي بڻايو ھو.
انھيءَ ڪري ان پنھنجن رومن آقائن کي ڪنھن بھ ڳالھھ
۾ ناراض نٿي ڪرڻ چاھيو، ڇاڪاڻ تھ ھن جي مرضي ھئي
تھ ھو سردار ربيءَ جي ان درجي تي سدائين ويٺو رھي.
ان ۾ ھن کي خوف رڳو يسوع کان ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن ڏٺو
ٿي تھ يسوع لاءِ ماڻھن جي دل ۾ گھڻي محبت ۽ عزت
ھئي، ۽ ھو ھزارن ۽ لکن ۾ ھن جي پٺيان ھئا. ”سمجھو
تھ ھيءُ ماڻھو لشڪر تيار ڪري، اسرائيل جي رومن
حڪومت تي حملو ڪري ٿو!“ ڪائفا سوچيو. ”ڪي اسان جا
ماڻھو اڳي ئي چون پيا تھ ھو اسان کي آزاد ڪرڻ ۽
اسرائيل جي بادشاھت ٺاھڻ لاءِ آيو آھي. شايد ھو
ائين ئي ڪرڻ گھري ٿو! يعني، رومن حڪومت سان وڙھڻ ۽
پاڻ کي يھودين جو بادشاھھ بڻائڻ. ھيءَ رومن سرڪار
تھ پوءِ پوريءَ طاقت سان اسان کي ڀڃي ڀورا ڪري
ڇڏيندي، ۽ ھو مون کي بھ جھلي قيد ۾ وجھي ڇڏيندا،
ڇاڪاڻ تھ مون ھن ماڻھوءَ يسوع کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو ھو
تھ ڀلي ھو بغاوت اڀاري ۽ سرڪار سان وڙھڻ جي تياري
ڪري!“
اھي خيال ڪندي، ڪائفا يروشلم جي عملدارن جي ميٽنگ
سڏائي. ھن انھن سان ان ڳالھھ تي صلاح ڪرڻ ٿي گھري
تھ ڪيئن ھو يسوع کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجھي ٿي
سگھيا.
”اسين ھاڻي تھ ھن کي، ڪجھھ نٿا ڪري سگھون، جڏھن
شھر ۾ جشن ھلي رھيو آھي، “ ڪائفا چيو. ”شھر گليل
جي ماڻھن سان ڀريو پيو آھي، ۽ انھن مان گھڻن کي ھن
سان پيار ۽ عقيدت آھي. جيڪڏھن ھاڻي ھن کي گرفتار
ڪنداسين تھ شايد ماڻھن جو وڏو گوڙ ۽ فساد ٿي پوي.
اسان کي ترسڻ گھرجي تھ جيئن ھيءُ جشن جو ھفتو چپ
چاپ گذري وڃي.“
جيئن يروشلم جا عملدار اھو فيصلو ڪري اٿيا، تيئن
ھڪڙو ماڻھو انھن جي مخفي ميٽنگ ۾ اوچتو گھڙي آيو.
اھو غدار يھوداھ ھو.
عملدار ھن کي اتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. ھيءُ تھ
انھيءَ ئي ماڻھوءَ جو ساٿي ھو، جنھن بابت ھو پاڻ ۾
انھيءَ ئي گھڙي صلاح ڪري اٿيا ھئا!
”توکي ھتي ڇا گھرجي؟“ ڪائفا پڇيو.
”جي آءٌ يسوع جي پڪڙڻ ۾ اوھان جي مدد ڪريان، تھ
اوھين مون کي ڇا ڏيندا؟“ يھوداھ پڇيو.
عملدار ھن ڳالھھ تي ڏاڍا خوش ٿيا. جيڪڏھن ھن جو ڪو
ھڪڙو ساٿي، پوري موقعي تي، ھن جي خبر کين پھچائي
ڏئي، تھ ھنن جو سڄو ڪم ھوند آسان ٿي پوي! انھيءَ
ڪري ڪائفا ڏاڍي چاھھ سان يھوداھ سان ڳالھايو.
”اسين توکي چڱي رقم ڏينداسين“، ھن چيو. ”اسين ڏسون
ٿا تھ
تون اعتبار جوڳو ماڻھو آھين ۽ جيڪا ڳالھھ اسان سان
ڪرين ٿو، سا پوري ڪندين. انھيءَ ڪري تون پڪ سمجھھ
تھ اسين توکي سٺو انعام ڏينداسين.“
”رقم مون کي ھاڻي کپي“، يھوداھ چيو. ھو پاڻ اعتبار
جوڳو نھ ھو، انھيءَ ڪري ڏاڍي مشڪل سان ھو ڪنھن ٻئي
تي اعتبار ڪندو ھو. ”ٻڌايو، گھڻي رقم مون کي
ڏيندا؟“
”اسين توکي ھڪڙي غلام جو ملھھ ڏينداسين!“ ڪائفا
چيو. ”يعني، ٽيھھ چانديءَ جون مھرون – تمام وڏو ۽
تمام سٺو انعام آھي اِھو. اھا رقم توکي ھتي جو ھتي
ڏينداسين.“
پوءِ ھنن ان غدار کي ڳڻي ٽيھھ چانديءَ جون مھرون
ڏنيون، ۽ ھن انھن کان اھي ڳڻي ورتيون. ”آءٌ توھان
کي اھڙيءَ جاءِ جو اطلاع ڪندس، جتي اوھين يسوع کي
تمام آسانيءَ سان پڪڙي سگھندا – ماڻھن جو ڪوبھ گوڙ
فساد ڪونھ ٿيندو“، يھوداھ ھنن سان اھو واعدو ڪيو ۽
چانديءَ جون مھرون پاڻ سان کڻي اتان نڪتو ھليو
ويو.
ھو پوءِ، اتان اٿي، سڌو يسوع ۽ سندس ٻين ساٿين
ڏانھن ويو ۽ انھن سان وڃي مليو. ھن جي من ۾ ڏاڍو
ھڪ پليت ۽ ھولناڪ راز ھو. ھن سمجھيو ٿي تھ ان
ننڍڙي سٿ مان ڪنھن کي بھ ان جي کڙڪ ڪانھ ھئي – پر
يسوع کي تھ ان جي خبر ھئي، ۽ ھو بيحد دکي ھو.
۽ ان وقت کان، يھوداھ ان موقعي جي تاڙ ۾ ھو تھ ھو
ڪائفا ڏانھن نياپو موڪلي تھ ھو اچي يسوع کي جھلي
وڃن. ھن ٽيھن چانديءَ جي مھرن تي پنھنجي ھاديءَ ۽
پنھنجي رھبر کي وڪيو ھو، ۽ پنھنجي عزت ۽ پنھنجي
ساک وڪي ھئي.
45
: ڏينھن ڀرجي آيا
ڏينھن ڀرجندا ٿي آيا، جڏھن يسوع جا دشمن ھن تي
پورو پورو وار ڪرڻ وارا ھئا. اھا ويسھھ ۾ نھ اچڻ
جھڙي ڳالھھ ٿي معلوم ٿئي تھ اھو ماڻھو، جنھن سڄي
پنھنجي عمر بيمارن جي بيمارين لاھڻ، ۽ ھر ڪنھن کي،
جيڪو کيس ٻڌڻ لاءِ تيار ھو، پيار ۽ ٻاجھھ جي رستي
ڏيکارڻ ۾ گذاري ٿي، تنھن کي ايذائڻ بلڪ مارڻ لاءِ
ايترا ماڻھو تيار ٿي سگھيا ٿي!
ماڻھن جا اڳواڻ ۽ سردار يسوع جي وڌندڙ اثر ۽ طاقت
کي سھي نٿي سگھيا، ۽ ھنن جي دل ۾ حسد جي باھھ ٻري
رھي ھئي. ھنن يسوع کي ڌڪاريو ٿي، ڇاڪاڻ تھ ھن سندن
نيڪي ۽ نيڪ ھجڻ جي ڍونگ کي سمجھيو ٿي، ۽ ماڻھن کي
چيو ٿي تھ ھو انھن جھڙا نھ ٿين ۽ انھن جي پيروي نھ
ڪن. نيڪ ھجڻ جو ڍونگ ڪرڻ نيڪ ھجڻ کان گھڻو آسان
ھو! پر جيڪي حاڪم ۽ سردار ھئا، انھن جو اھو ڍنگ
جڏھن ظاھر ٿي ٿيو، تڏھن اھي سخت بي آرام ٿي ٿيا ۽
ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿي ويا ٿي!
انھن کان سواءِ يسوع جا ٻيا بھ دشمن ھئا. ڪي نرم
نرم، ڪنئرا ڪنئرا پر ٻيءَ طرح بنھھ بيڪار قسم جا
ماڻھو ھئا، جن جو خيال ھو تھ يسوع چريو ھو، جو
محصول اڳاڙيندڙ زڪائيءَ جھڙن ماڻھن سان ۽ ٻين اھڙن
مردن ۽ زالن سان جيڪي بدنام ھئا، دوستي ۽ پنھنجائپ
جا ناتا ٿي قائم ڪيائين. ھن ڇو ٿي اھي ماڻھو پسند
ڪيا، جيڪي بدڪار ۽ گنھگار ھئا؟ ھو اِھو سمجھي نٿي
سگھيا تھ يسوع خاص طرح اھڙن بدنصيبن ۽ رستي وڇايل
ماڻھن جي ئي مدد ۽ رھبري ڪرڻ ٿي چاھي، ۽ انھيءَ
ڳالھھ کي سمجھڻ بدران ھو ان لاءِ ھن تي ڪاوڙيا پئي
وتيا، ڄڻ ھن انھن گنھگارن کي نيڪ ۽ بيگناھھ ماڻھن
کان بھتر ٿي سمجھيو!
۽ ٻيا ھن جا دشمن وري اھي ناڻي جا واپاري ۽ سوداگر
ھئا، جن جون پئسن سان سٿيل ميزون ۽ جن جا دخل ھن
”خدا جي گھر“ جي ٻاھرئين صحن ۾ اٿلائي ۽ اونڌا ڪري
ڇڏيا ھئا، ۽ جن جا اتي ٻڌل وھٽ ھن ڇوڙي ٻاھر ھڪلي
ڇڏيا ھئا. انھن بھ ھن کي سخت ڌڪاريو ٿي، ۽ جتي
انھن کان پڄي سگھيو ٿي اتي ھن جي غيبت ٿي ڪيائون.
ٻيا اھڙا بھ ھئا، جيڪي پھريائين ھن جي پويان لڳا
ھئا، پر يھوداھ وانگر، اھي ھن کان نراس ٿي پيا
ھئا. ھنن اِھا اميد ٿي ڪئي تھ ھو وڏو بادشاھھ
ٿيندو ۽ سندن ھر قسم جي مشڪل کي آسان ڪندو، ۽ ٻيو
تھ ھو ھر ڳالھھ ۾ ڪونھ ڪو معجزو ڪري، سندن ھر
ابتيءَ ڳالھھ کي سبتو ڪري ڇڏيندو! ھاڻي ھنن ڏٺو تھ
ھن سڀڪجھھ انھيءَ طرح ڪونھ ٿي ڪرڻ چاھيو، ھن تھ
فقط انھن جي مدد ۽ رھنمائي ڪرڻ ٿي گھري، جيڪي ڪنھن
تڪليف يا آزار ۾ مبتلا ھئا.
”ھيءُ ڪڏھن بھ بادشاھھ ڪونھ ٿيندو!“ ھنن ھڪٻئي کي
چيو. ”ھيءُ فقط ڏسڻ جو آھي! ۽ چاھي ٿو تھ رڳو وعظ
ڪندو رھي ۽ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪندو رھي. ان مان
اسان کي ڪھڙي ھوند ڪھڙو شڪر! اسين تھ چاھيون ٿا تھ
اھڙو ڪو ماڻھو ھجي، جو اسان کي پنھنجن ذليل رومن
دشمنن کان نجات ڏياري، پر اھڙو ڪو معجزو تھ ھن کان
پڄي ئي ڪونھ ٿو!
ڪيترا ٻيا ماڻھو، جن سامريھ علائقي جي ماڻھن کي
ڌڪاريو ٿي، اھي وري يسوع تي انھيءَ ڪري ناراض ھئا،
جو ھن انھن سامري لوڪن بابت چڱيون ڳالھيون ڪيون
ٿي. ”تنھن ڏينھن، ھن وري ھڪڙي سامريءَ جي ڳالھھ
ڪري ٻڌائي، جنھن ۾ ان کي نيڪيءَ، رحمدليءَ ۽
ماڻھپي جو سورمو بنائي ڏيکاريائين!“ انھن ماڻھن
چيو. ”ھر ڪنھن کي خبر آھي تھ ھي سامري ڪھڙي قسم جا
ماڻھو آھن. جيڪڏھن يسوع سمجھي ٿو تھ ھو اھڙن ماڻھن
بابت بھ اسان جو رايو بدلائي ڇڏيندو، تھ ھو ان ۾
غلط آھي. اھڙيون ھن جون ڳالھيون اسين ٻڌڻ لاءِ
تيار نھ آھيون.“
ڪائفا ۽ ٻين يسوع جي مخالفن جا ڪيترائي جاسوس ھئا،
جيڪي يروشلم جي ماڻھن ۾ پيا گھمندا ۽ نوس نوس ڪندا
ھئا، ۽ انھن جڏھن اھي خبرون پنھنجن آقائن کي
ٻڌايون تھ ماڻھو يسوع کان ڦرندا ٿي ويا تھ اھي
سندن آقا، جن جي دل ۾ يسوع جي نفرت جا آڙاھھ پئي
ٻريا، سي بيحد خوش ٿيا.
”اڃا بھ ڪيترائي ھن جا حامي آھن، پر ھاڻي ڪيترا
اھڙا بھ آھن جيڪي ھن جي خلاف آھن،“ جاسوسن چيو.
”ھاڻي اھو وقت گھڻو پري ڪونھي جڏھن ھن کي سولائيءَ
سان گرفتار ڪري سگھبو ۽ ڪابھ گڙٻڙ ڪانھ ٿيندي!“
۽ اھڙيءَ طرح ڪائفا ۽ ڪائفا جي منصوبن ۾ شريڪ ھن
جا ٻيا ساٿي ڏاڍيءَ بي صبريءَ سان ھاڻي فقط يھوداھ
جي اشاري جي انتظار ۾ ويٺا رھيا، ۽ سچ پچ اھا بي
ترس گھڙي ڏاڍي تيزيءَ سان ويجھي ايندي ٿي ويئي.
46
: آخري ماني
يسوع جي دل جي مرضي ھئي تھ ان کان اڳ، جو يھوداھ
ساڻس غداري ڪري ۽ کيس دشمنن جي حوالي ڪري، ھو
پنھنجن ساٿين سان گڏ، عيد نجات جي دعوت کائي وٺي.
ھيءَ دعوت ھميشھ بھار جي جشن جي ھفتي جي پھرينءَ
رات ڪئي ويندي ھئي، ۽ اھا ھر ھڪ گھر يا ڪٽنب جا سڀ
ڀاتي گڏجي کائيندا ھئا.
دعوت جي ڏينھن يسوع جا ساٿي وٽس آيا، ۽ کانئس
پڇيائون تھ عيد نجات جي ماني ھو سڀ گڏجي ڪٿي
کائيندا. يسوع کين ڪا خاص جاءِ ڪانھ ٻڌائي، ڇو تھ
ھن نٿي چاھيو تھ يھوداھ کي اھا خبر پوي، نھ تھ ھو
اڳي ئي وڃي دشمنن کي اھا جاءِ ڏسي ھا ۽ يسوع عيد
نجات جي ماني پنھنجن ساٿين سان گڏ کائي ڪانھ سگھي
ھا. انھيءَ ڪري يسوع پطرس ۽ يوحنا سان پنھنجي منھن
ڳالھايو ۽ انھن کي ضروري ھدايتون ڏنائين.
”اوھين شھر ۾ وڃو“، يسوع چيو. ”۽ شھر پناھھ جي وڏي
دروازي وٽ اوھين ھڪڙو ماڻھو ڏسندا، جيڪو مٿي تي
پاڻيءَ جو مٽ کنيو پيو ويندو ھوندو. اوھين ھن جي
پويان لڳا وڃجو، ۽ جنھن گھر ۾ ھو داخل ٿئي، اوھين
بھ ان گھر ۾ اندر ھليا وڃجو، ۽ وڃي گھر جي ڌڻيءَ
سان ڳالھائجو، ۽ ھن کي چئجو تھ ”اسان جي سائينءَ
پڇيو آھي تھ مھمان خانو ڪٿي آھي، جتي آءٌ پنھنجن
ساٿين سان گڏ ويھي عيد نجات جي ماني کائي سگھان؟“
”پوءِ اھو ماڻھو اوھان کي مٿي ھڪڙو وڏو ڪمرو ٺھيل
سينگاريل ڏيکاريندو. اتي اوھين وڃي دعوت جو سڄو
بندوبست رکو.“
ائين پطرس ۽ يوحنا شھر ڏانھن ويا، ۽ ان دروازي وٽ
پھچڻ تي ھنن اھو ماڻھو ڏٺو، جنھن جي مٿي تي مٽ
کنيل ھو. ھو پوءِ ان ماڻھوءَ جي پٺيان گھٽين مان
ٿيندا، ھڪڙي گھر وٽ اچي بيٺا، جنھن ۾ ھو اندر گھڙي
ويو. ھو پاڻ بھ پوءِ ان گھر ۾ تکا تکا اندر ويا ۽
وڃي گھر ڌڻيءَ سان ڳالھايائون ۽ ھن کي ائين ئي
چيائون جيئن يسوع کين سمجھايو ھو.
اھو ماڻھو، جيڪو ضرور يسوع جو ڪو دوست ھوندو ۽
جنھن شايد ھن سان اڳي ئي اھڙي ضرورت جي وقت ڪوٺي
ڏيڻ جو واعدو بھ ڪيو ھوندو، ھڪدم اٿيو ۽ ھنن کي
ڏاڪڻ تان وٺي مٿي ويو ۽ اتي ھنن کي ھڪڙو وڏو ڪمرو
ڏيکاريائين. مانيءَ کائڻ لاءِ اتي ھڪ ميز پيل ھئي،
۽ ميز جي چوڌاري پٺيءَ جي ٽيڪ ۽ ٻانھن وارا بينچ
رکيل ھئا، جن تي گاديلا پيل ھئا. انھن ڏينھن ۾
ماڻھو ڪرسين تي نھ پر اھڙن بينچن تي ويھي، ميز جي
چوڌاري ماني کائيندا ھئا. ھڪ ھڪ بينچ تي ٻھ يا ٽي
ماڻھو، پنھنجي پنھنجي کاٻي ٻانھن تي اھليا، ساڄي
ھٿ سان ويٺا کائيندا ھئا. ھيءُ ڪمرو ايڏو ڪشادو
ھو، جو ان ۾ يسوع ۽ سندس ٻارھن ساٿي ڏاڍي آرام سان
گڏ ويھي، ماني کائي سگھيا ٿي. پطرس ۽ يوحنا پوءِ
ھڪدم اتي ويھي، دعوت جو انتظار ڪرڻ لڳا.
دعوت ۾ کائڻ لاءِ خمير کان سواءِ، روٽي، جدا جدا
شين جو ٺھيل مربو، ڪڙي چٽڻي، پڪل گھيٽو، گوشت ۽
پيئڻ لاءِ شراب موجود رکڻو ھو. اھي سڀ شيون يروشلم
۾، جشن جي ھفتي وارن ڏينھن ۾ ملڻ سوليون ھيون، ۽
يسوع ۽ سندس باقي ساٿين جي اتي پھچڻ تائين ھر شيءِ
ميز تي موجود ھئي.
يسوع جا ساٿي ميز جي چوڌاري پنھنجي پنھنجي جاءِ
والاري وڃي ويٺا. پر انھن مان ڪي وري ڪن خاص خاص
جاين تي ويھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. جڏھن يسوع انھن کي
ائين ڪندي ڏٺو تھ ھن کي ڏک ٿيو. ڇا، ھنن سندس
تعليم ايتري ڪجھھ پرائي ھئي، جو اڃا اھو نٿي
ڄاتائون تھ اھڙين ڳالھين جي ڪا اھميت ڪانھ ھئي؟
اھا ڪا وڏي ڳالھھ نھ ھئي تھ ماڻھو ڪھڙيءَ جاءِ تي
ويٺو ٿي – پھرينءَ تي يا پوئينءَ تي، ويجھيءَ تي
يا پرانھينءَ تي، مٿانھينءَ تي يا ھيٺانھينءَ تي –
يا ھن کي مجلسن ۾ يا دعوتن تي ڪيترو مان ملي رھيو
ھو: پر ماڻھوءَ جي من ۾ جيڪا نيڪي ھئي يا بدي ھئي،
اھم ڳالھھ ۽ وڏي ڳالھھ اِھا ھئي.
ان رات اتي ٻيو ڪو نوڪر يا ٽھليو ڪونھ ھو، جيڪو
کين در تان وٺي آڻي اندر ويھاري، يا پاڻي کڻي سندن
مٽيءَ ۾ لٽيل پير ڌوئاري– جيئن تن ڏينھن اتي رواج
ھوندو ھو. انھيءَ ڪري يسوع پاڻ اتي انھن جي اھا
ٽھل ڪرڻ لڳو. ھن کي پنھنجن ساٿين کي ڏيکارڻو ھو تھ
جيتوڻيڪ ھو سندن رھبر ۽ آقا ھو، پر اصل ۾ سندن
خادم ٿي ڪم ڪرڻ ۾ ئي ھن جي دل جي خوشي ھئي.
ھو پنھنجي بينچ تان اٿيو ۽ پنھنجو ڪڙتو لاھي ۽
چيلھھ جو پٽو ڇوڙي، ھڪ پاسي رکيائين. ھن پوءِ ھڪڙو
وڏو ٽوال ويڙھي چيلھھ سان ٻڌو، جيئن نوڪر ڪندا
ھئا. پوءِ ھن پاڻي نائي گينڊيءَ ۾ وڌو ۽ اھا آڻي
ھيٺ فرش تي رکيائين. ھن جا ساٿي ڏاڍيءَ حيرت سان
ھن کي اھو ڪم ڪندي ڏسندا رھيا. پر جڏھن ڏٺائون تھ
ھو سندن پير ڌوئارڻ وارو ھو، تڏھن ھو ڏاڍا ششدر ۽
لڄي ڏسجڻ لڳا – خاص طرح اھي، جن دعوت جي ميز تي
ويھڻ لاءِ، گھڙي کن اڳي، خاص خاص جاين جي ھٿ ڪرڻ
واسطي ايڏي اون ٿي ڏيکاري ۽ ڪوشش ٿي ڪئي.
يسوع پنھنجن ساٿين مان ھڪڙي کان ٿيندو ٻئي ڏانھن
ويندو رھيو ۽ انھن جا مٽيءَ ۾ لٽيل پير ڌوئاريندو
۽ انھن کي ٽوال سان اگھندو ۽ سڪائيندو رھيو، جيڪو
ھن ٽھلين وانگر پنھنجي چيلھھ جي چوڌاري ٻڌي ڇڏيو
ھو. جڏھن ھو پطرس وٽ آيو، تڏھن پطرس ھن کي سندس
پيرن ڌوئارڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر يسوع پنھنجي
ان دل گھرئي ڪم کي پورو ڪندو رھيو. پوءِ جڏھن يسوع
پنھنجن ساٿين کي چيو تھ ”اوھان مان جيڪو اوھان جو
سردار ٿيندو، اھو ئي اوھان سڀني جو خدمتگار بڻبو“
– تڏھن ھو ان ڳالھھ جو صاف ۽ پورو مطلب سمجھي
سگھيا.
پوءِ دعوت شروع ٿي. يسوع روٽي کنئي. ان لاءِ شڪر
ادائي ڪئي، ۽ ان کي ڀڳو، ۽ پنھنجن ساٿين مان ھر ھڪ
کي اھا ڏني. ھن انھن کي شراب جو جام ڏنو ۽ سڀني کي
پيئڻ لاءِ چيائين. پوءِ ھنن کي چيائين تھ ٽڪر ٽڪر
ڪيل روٽي ۽ ڳاڙھو شراب ائين ھئا، جيئن ھن جو جسم ۽
جيئن ھن جو رت. جسم کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ گھرجي ۽ رت کي
اوتجڻ گھرجي. ھو انھن کي ائين پنھنجو جسم ۽ پنھنجو
رت ڏيئي رھيو ھو.
يسوع پوءِ پنھنجن ساٿين کي چيو تھ سگھو ئي ھن کي
مرڻو ھو. ھن کي مرڻو انھيءَ ڪري ھو، جو ھن ”پيار
جي بادشاھت“ جي تبليغ جي جرئت ڪئي ھئي، ۽ انھيءَ
ڪري بھ جو ھن ماڻھن کي غلط ڪاريءَ کان موڙي،
نيڪيءَ ڏانھن آڻڻ جي ڪوشش جي جرئت ڪئي ھئي. پر ھو
انھيءَ مقصد لاءِ مرڻ ۾ خوش ھو، ڇاڪاڻ تھ پوءِ ئي،
۽ ان کان پوءِ سدائين، ماڻھو اھو ڄاڻندا تھ ھن کين
پيار ڪيو ٿي ۽ ھو کين گناھن ۽ اجاين ڪمن کان بچائڻ
لاءِ آيو ھو. پوءِ ھن پنھنجن ساٿين کي ٻڌايو تھ
جڏھن ھو مري ويندو، ان کان پوءِ ھو وري اٿندو، ٽن
ڏينھن جي مختصر ۽ عارضي وقفي کان پوءِ ھو وري
جيئرو ٿيندو ۽ اٿندو، ۽ ائين پنھنجي ”پيار جي
بادشاھت“ کي سنڀالڻ لاءِ ھو پوءِ سدائين انسانن جي
دلين ۾ موجود رھندو.
يسوع جي ساٿين پوءِ ھن سان گڏجي روٽي کاڌي ۽ شراب
پيتو، ۽ يسوع ھنن کي ٻڌايو تھ ھن جي مرڻ کان پوءِ
ھو وري بھ ساڻن گڏجي روٽي کائيندو ۽ شراب پيئندو،
۽ پوءِ جڏھن ھو ڪڏھن نھ موٽڻ لاءِ وٽانئن ھليو
ويندو، تڏھن ھو سڀ سدائين پاڻ ۾ گڏجي روٽي کائيندا
۽ گڏجي شراب پيئندا رھندا ۽ سندس ياد پنھنجي دل ۾
قائم رکندا، ۽ ائين جتي بھ ۽ جڏھن بھ ڪا عيد نجات
ملھائين، اتي ھو ان جي دعوت ۾ پنھنجن ساٿين سان گڏ
ھوندو، جن ان لاءِ جسم ڏنو ھوندو ۽ رت وھايو
ويندو.
۽ اڄ ڏينھن تائين يسوع جا ساٿي جيڪي پاڻ کي مسيحي
يا عيسائي چون ٿا، پاڻ ۾ ھيءَ سڌي سادي دعوت ھر
سال ڪندا ايندا آھن، جنھن کي ھو ”مقدس وصال“ يا
”پاڪ سنگت“ سڏين ٿا. جڏھن ھو اھا دعوت ڪندا آھن،
تڏھن ھو اھا ڳالھھ ياد ڪندا آھن تھ ڪيئن يسوع دنيا
جي انھن سڀني ماڻھن لاءِ، جيڪي سندس ”پيار جي
بادشاھت“ جي آجيان ڪن ٿا، ۽ ان جي خدمت ڪن ٿا،
پنھنجو جسم ڏنو ھو ۽ پنھنجو رت وھايو ھو، ۽ ڪيئن
ھن کي پنھنجي جان ڏيڻي پيئي ھئي ڇاڪاڻ تھ ھن دنيا
کي بديءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي جرئت ڪئي ھئي.
جڏھن يسوع مرڻ جي ۽ کين ڇڏي وڃڻ جي ڳالھھ ڪئي، تھ
سندس ساٿي ڏک م ڀرجي ويا. پطرس، پوءِ دل جھلي
ڳالھايو.
”سائين!“ ھن چيو. ”آءٌ توسان گڏ قيد ۾ توڙي موت جي
منھن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آھيان.“
پوءِ يسوع دکي منھن سان پطرس ڏانھن ڏٺو، ۽ چيو.
”پطرس، آءٌ ٿو توکي ٻڌايان تھ اڄ ئي رات، ڪڪڙ ٻھ
دس ڏيندو، ان کان اڳ تون ٽي ڀيرا نھڪار ڪندين ۽
چوندين تھ آءٌ يسوع کي ڪونھ سڃاڻان!“
”نھ، نھ،“ پطرس چيو، ۽ اِھو ھن پنھنجي دل جي
پوريءَ سچائيءَ سان ٿي چيو. ”منھنجا ھادي، منھنجا
رھبر! آءٌ تنھنجو ڪڏھن بھ انڪار نھ ڪندس، توکي
ڪڏھن بھ نھ ڇڏيندس.“ ۽ ھن جي ٻين ساٿين بھ ائين ئي
چيو. پر يسوع جيڪي چيو، ان تان ھو ذري جيترو بھ نھ
ھٽيو.
پوءِ ھن اھڙي ھڪڙي ڳالھھ چئي، جنھن کي ٻڌي، سڄيءَ
سنگت کان ڇرڪ نڪري ويو. ”اوھين، جيڪي ھن ميز تي
مون سان ويٺا آھيو، تن مان ھڪڙو مون کي منھنجن
دشمنن جي حوالي ڪندو“، يسوع چيو، ۽ ھن جي آواز ۾
ايترو تھ ڏک ڀريل ھو، جو سڀئي ھن جا ساٿي ڏکوئجي ۽
پريشان ٿي، ڏانھس نھارڻ لڳا.
پوءِ ھو ھڪٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳا، ۽ عجب ۾ ھئا تھ يسوع
جو اِھو اشارو انھن مان خاص ڪنھن ڏانھن ھو. غدار،
۽ سو بھ انھن ۾؟ پر انھن مان ھڪ ھڪ يسوع کي دل جي
پوري حضور سان پيار ٿي ڪيو! ھو ھن کان پڇڻ لڳا تھ
اھو غڊار ڪير ھو! ”سائين، اھو آءٌ تھ ناھيان نھ!
سائين، اوھان جو اشارو پڪ مون ڏانھن نھ ھوندو!“
ھاڻي، يسوع جي ڀر ۾، ساڳيءَ بينچ تي سندس ھڪڙو
ساٿي ويٺو ھو، جنھن کي ھو ڏاڍو ڀانئيندو ھو. اھو
يوحنا ھو. پطرس ان کي اشارو ڪيو تھ ھو يسوع کان
پڇي تھ غدار ڪير ھو! يوحنا ٿورو سري، پنھنجي آقا
جي ويجھو ٿي، آھستي، ھن کان پڇيو، جيڪو منجھانئن
ھر ھڪ جي من ۾ اٿي رھيو ھو:
”سائين، غدار ڪير آھي؟“
۽ يسوع يوحنا کي جواب ڏيندي چيو: ”جنھن کي آءٌ
مربي ۾ ٻوڙيل گرھھ کائڻ لاءِ ڏيندس، اھو ئي مون کي
جھلائيندو.“
پوءِ يسوع روٽيءَ جو گرھھ ڀڳو. مربي ۾ ٻوڙيو ، ۽
ھٿ وڌائي يھوداھ کي ڏنو. ۽ يھوداھ گھٽيل آواز ۾
چيو، ”سائين! ڇا، اھو آءٌ آھيان؟“
۽ يسوع چيو، ”ھائو، اھو تون آھين، وڃ يھوداھ، جيڪي
ڪرڻو اٿيئي، سو ترت وڃي ڪر.“
پوءِ، يھوداھ پنھنجيءَ بينچ تان ھڪدم اٿيو. ھن کي
معلوم ھو تھ ھن جي دل ۾ جيڪا ھولناڪ ڳالھھ سانڍيل
ھئي، ان جي يسوع کي خبر ھئي. ھو تکو تکو ڪمري مان
ٻاھر نڪتو ۽ رات جي اوندھھ ۾ گم ٿي ويو.
ڪنھن کي بھ خبر ڪانھ پيئي سگھي تھ يسوع ڇو يھوداھ
کي ٻاھر اماڻي ڇڏيو ھو. ھنن سمجھيو تھ وٽس جيڪي
پئسا رکيل ھئا، تن مان ھو دعوت لاءِ ڪا شيءِ
ٻاھران وٺڻ ويو آھي؛ يا يسوع ھن کي ٻاھر ڪجھھ
غريبن کي ڏيڻ لاءِ موڪليو آھي. رڳو ھڪ يھوداھ کي
خبر ھئي تھ ھن کي ڇو ٻاھر ڪڍيو ويو ھو. يسوع ان
ننڍڙي ڀلاريءَ سنگت ۾ ھڪ غدار جو موجود ھئڻ وڌيڪ
سھي نٿي سگھيو.
۽ پوءِ يسوع ھنن کي ھڪڙي نئين ھدايت ڏني، جيڪا سڀ
کان وڏي ھدايت ھئي. اھا ھن رڳو پنھنجن ساٿين کي ئي
ڪانھ ڏني، پر ھن جي اھا ھدايت دنيا جي ھر انسان
لاءِ ھئي.
”آءٌ اوھان کي ھڪڙي نئين ھدايت ٿو ڏيان“، ھن چيو.
”ھڪٻئي سان پيار رکو. بلڪل اھڙيءَ طرح جھڙي طرح
مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھين بھ ھڪٻئي
سان پيار ڪريو. منھنجن دوستن ۽ پوئلڳن کي پري کان
دنيا انھيءَ مان ئي سڃاڻندي، جو ھو ھڪٻئي سان پيار
رکندڙ ھوندا.“
پوءِ يسوع اٿي کڙو ٿيو، جو ھاڻي اتان اٿڻ جو وقت
ٿي ويو ھو. ٻاھر رات جو پنھنجن ساٿين کي يروشلم جي
گھٽين مان وٺي، ھو ھڪ خاموش جاءِ تي ويو، جنھن کي
گتسمنيءَ جو باغ سڏيائون ٿي. ھن ڪجھھ وقت
اڪيلائيءَ ۾ رھڻ گھريو ٿي، ۽ سوچڻ گھريو ٿي، ۽
دعائون گھرڻ چاھيون ٿي.
47
: گتسمنيءَ جي باغ ۾
جڏھن ھو باغ جي ٻاھرئين در وٽ پھتا، تڏھن يسوع
پنھنجن سڀني ساٿين کي اتي ترسڻ لاءِ چيو، سواءِ
پطرس، يوحنا ۽ يعقوب جي. ھي ٽي ھن چاھيو ٿي تھ ھن
جي ڀرسان ھجن، ڇو تھ ھو تمام اداس ھو.
ھو پنھنجن انھن ٽن ساٿين سان گڏ وڌي، باغ جي ھڪڙي
اونداھي ۽ خاموش ھنڌ ڏانھن ويو. اتي ھو زيتون جي
وڻن جي جھڳٽي ھيٺان ويھي رھيا، جن جون گھاٽيون
لامون انھن کي مٿان ڍڪي بيٺيون ھيون. يسوع ڏاڍو
دکي ۽ بيحال ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن کي معلوم ھو تھ ھن جي
ڪم جي پڄاڻي ٿي چڪي ھئي، ۽ يھوداھ بلڪل انھيءَ وقت
دشمنن کي ھن جو ڏس ڏيئي رھيو ھو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾
ڏاڍيون ڪي ھولناڪ ڳالھيون ٿيڻ واريون ھيون.
”منھنجي دل ڏک ۾ ڀريل آھي“، يسوع پنھنجن ٽن ساٿين
کي چيو، ”ڏک، جيڪو موت جيترو ڳرو آھي. ڇا، مون
لاءِ اوھين ڪا گھڙي ھتي ترسندا؟ ۽ پنھنجون اکيون ۽
پنھنجا ڪن کولي رکندا، ۽ مون لاءِ جاڳندا رھندا؟“
پوءِ ھو پنھنجا ساٿي اتي ڇڏي، اڃا بھ اڳتي، ٿورو
پرڀرو نڪري ويو. ۽ پوءِ ھو پنھنجن گوڏن ڀر جھڪي
دعا گھرڻ لڳو.
جيتوڻيڪ ھو خدا جو پيارو ٻالڪ ھو، پر ھو ھڪ ماڻھو
ئي ھو، ۽ ھن کي ماڻھوءَ جو ئي جسم ھو، جنھن کي
ايذاءُ ٿيو ٿي، ۽ ماڻھوءَ جي ئي دل ھئي، جيڪا
ڏکوئجي ٿي سگھي. يسوع کي خبر ھئي تھ ھن کي ڪيترا
اونھا گھاءَ سھڻا ھئا ۽ ھن کي ڪيڏي سخت ۽ سھڻ کان
ٻاھر پيڙا ڀوڳڻي ھئي. ھن خدا کان دعا ٿي گھري تھ،
جيڪڏھن ائين ممڪن ھجي، تھ ھو کيس انھن ھولناڪ شين
کان پناھھ ۾ رکي، جيڪي ھن جي مٿان وارد ٿيڻ واريون
ھيون.
”پر وري بھ منھنجي مرضي نھ، تنھنجي ئي مرضي پوري
ٿيڻي ھئي!“ ھن نيزاري ڪندي چيو. ھن کي ان ڪامل ھمت
جي ضرورت ھئي، جنھن جي ھڪ انسان کي ضرورت ٿي سگھي
ٿي، بلڪ ان کان بھ وڌيڪ – ڇاڪاڻ تھ ھو پاڻ خدا جو
محبوب ٻالڪ بھ ھو.
پوءِ ھن پاڻ کي ڏاڍو ھيڪلو ۽ دکي محسوس ڪيو، ۽ ھو
موٽي پنھنجن ٽن ساٿين ڏانھن ويو، جيڪي ھن کي تمام
گھڻو پيار ڪندا ھئا، ۽ انھن جي قربائتي ڳالھائڻ جي
ڪوساڻ جي ھن کي گھرج ھئي. پر انھن وٽ ايندي ڏٺائين
تھ اھي ستا پيا ھئا.
پوءِ ڏک ۾ ڀرجي، ھن انھن کي چيو: ”اوھين مون لاءِ
ھڪڙو ڪلاڪ بھ جاڳي نھ سگھيا!“
پوءِ يسوع موٽي ان ساڳئي ھنڌ ويو، ۽ ٻيھر وڃي
دعائون گھريائين. ان رات، خدا جي رضا کي تسليم ڪرڻ
ھن لاءِ ڪھڙي نھ ڏکي ڳالھھ ھئي! ھو شايد پاڻ کي
بچائي، ڪيڏانھن وڃي بھ سگھيو ٿي؛ ھو پاڻ کي دشمنن
کان بچائڻ لاءِ پنھنجي معجزائي طاقت بھ ڪم آڻي
سگھيو ٿي. پر ھن پاڻ ئي ڄاتو ٿي تھ اھي ڳالھيون
خود ھن پاڻ بھ نٿي چاھيون، ۽ ان جي بدران ھن کي
اھا ئي ڳالھھ قبولڻي ۽ پسند ڪرڻي ھئي، جيڪا خدا کي
وڻي ٿي ۽ خدا چاھي ٿي. ان رات يسوع جي روح کي ڏاڍو
سخت، دردناڪ ۽ تنھائيءَ جو سفر طئي ڪرڻو ھو.
ھو ٻيو ڀيرو موٽي پنھنجن ساٿين وٽ ويو، ۽ وري بھ
انھن کي ستل ڏٺائين. انھن جون دليون بھ وڏي بار
ھيٺ ھيون، ۽ ھو پنھنجون اکيون کليل رکي ئي نٿي
سگھيا. يسوع، دکايل ۽ ھيڪلي يسوع، انھن کي ڏٺو، ۽
ڪجھھ ڪونھ ڪڇيائين. ھو ٽيون ڀيرو پنھنجو منھن وٺي،
پوئتي موٽي ويو، ۽ وري خدا کي، پنھنجي اپائيندڙ
کي، جيڪو ھن جو پنھنجو مھربان .... ھو، وينتيون
ڪيائين تھ ان دک جي بار کڻڻ ۽ ان پيڙا کي ڀوڳڻ ۾
ھو کيس مدد ڪري.
پر جڏھن يسوع ھڪ ڀيرو وري پنھنجن ٽن ساٿين وٽ موٽي
ويو، تڏھن ھن جي منھن تي ڪي بھ ڏک ۽ اداسيءَ جا
نشان ڪونھ ھئا، پر ان جي بدران ھن جو چھرو ھمت ۽
حوصلي جي جوت سان ٻھڪي رھيو ھو.
”اٿو“، ھن چيو. ”اچو تھ ھلون. جنھن مون سان، غداري
ڪئي آھي، سو اچي ويو آھي.“
يسوع صحيح ھو. يھوداھ يروشلم جي سردار ربيءَ وٽ
وڃي پھتو ھو، ۽ ھن کي وڃي ڏسيو ھئائين تھ اھي ان
رات يسوع کي اڪيلو، پنھنجن ساٿين سميت، گتسمنيءَ
جي باغ ۾ جھلي سگھندا، ۽ ھن کي اتي جھلڻ ھنن لاءِ
سولو ھو.
48
: يسوع کي جھلي وڃن ٿا
ھيڏانھن يسوع پنھنجن ساٿين کي ساڻس ٿيل غداريءَ جو
چتاءُ ڏنو، ۽ ھوڏانھن باغ جي در کان ماڻھن جا آواز
ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ رات جي اونداھيءَ ۾ بتين ۽ مشعلن جا
شعاع ڏسڻ ۾ آيا.
يھوداھ، ان جٿي جو اڳواڻ ھو. انھن ۾ سردار ربيءَ
جا ملازم، عبادتگاھھ جا محافظ، ڪي وڏا فريسي ۽ مک
ماڻھو ھئا، ۽ ساڻن سپاھين جي ھڪڙي کيپ بھ ھئي. اھي
سڀ ھٿيارن سان ھئا – ڪن وٽ تراريون ھيون ۽ ڪن وٽ
لٺيون، ۽ انھن جي ھٿن ۾ جيڪي مشعلون ھيون، تن جا
شعاع وڻن سان، ٻوٽن سان ۽ ماڻھن سان ٽڪرائجي، پري
پري گتسمنيءَ جي باغ ۾ عجيب غريب قسم جا چرندڙ ۽
جھولندڙ پاڇا بڻائي رھيا ھئا.
”ڪيئن اسان کي خبر پوي تھ ڪھڙو ماڻھو يسوع آھي؟“
ھن جي دشمنن يھوداھ کان پڇيو.
”جنھن جي اوھين ڳولا ۾ آھيو، ان کي چمي ڏيڻ لاءِ
آءٌ وڌي وٽس ويندس“، يھوداھ چيو. ”اوھين تاڪ ۾
رھجو تھ ڪنھن کي ٿو آءٌ جھڪي سلام ڪريان، ۽ پوءِ
اوھين ان کي جھلي وٺجو.“
پوءِ، يھوداھ وڌي يسوع وٽ ويو، جيڪو زيتون جي وڻن
جي جھڳٽي ھيٺان خاموش بيٺو ھو، ۽ ھن جو ھٿ پنھنجي
ھٿ ۾ وٺي، ان کي چيائين. ”مرحبا، منھنجا محترم
سائين!“ ھن چيو، جيئن ھو اڳي سدائين چوندو ھو.
”يھوداھ!“ يسوع ڏک ۽ سختيءَ گاڏر آواز ۾ چيو. ”ڇا،
تون منھنجو ھٿ چمي، مون سان ڊوھھ ٿو ڪرڻ گھرين؟“
پوءِ، يسوع وڌي، در وٽ بيٺل ماڻھن جي جٿي ڏانھن
ويو، ۽ انھن کي چيائين، ”اوھين ڪنھن جي ڳولا ۾
آھيو؟“
۽ ھنن وراڻيو، ”يسوع ناصريءَ جي.“
”آءٌ اھو آھيان“، يسوع چيو. پر ماڻھن جو جٿو ھن کي
جھلڻ لاءِ ھڪدم ڌوڪي اڳتي ڪونھ آيو. يسوع ۾ اھڙي
ڪا شيءِ ھئي، جنھن ھنن کي اڌ ڊنل حالت ۾ اتي ئي
ھٽي بيھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
پوءِ يسوع ھنن کي وري چيو، ”اوھين ڪنھن جي ڳولا ۾
آھيو؟“
۽ وري ھنن چيو، ”يسوع ناصريءَ جي.“
”مون اوھان کي ٻڌايو تھ آءٌ ناصرت جو يسوع آھيان،
۽ مون کي يسوع ناصري چون ٿا“، يسوع چيو. ”جيڪڏھن
اوھين رڳو منھنجي ڳولا ۾ آيا آھيو، تھ پوءِ ھنن
منھنجن دوستن، کي ڇڏيو تھ ھليا وڃن.“
پر، پطرس ڇڪي ترار ڪڍي، ۽ ويجھي بيٺل ماڻھوءَ تي
الري وار ڪرڻ لڳو. ”ترار مياڻ ۾ وجھھ!“ يسوع پطرس
کي چيو. پوءِ ھو ماڻھن جي آيل جٿي ڏانھن مخاطب
ٿيو.
”اوھين مون کي ترارين ۽ لٺين سان جھلڻ آيا آھيو
ڇا، ڄڻ آءٌ ڪو چور يا ڌاڙيل آھيان؟ ڇا، آءٌ ھر روز
عبادتخاني ۾ ڪونھ ويٺو ھوندو ھوس ۽ وعظ پيو ڪندو
ھوس، ۽ اتي اوھان مون کي ھٿ بھ ڪونھ ٿي لاتو؟ پر
ھاڻي اوھان جي ڪم جو وقت آھي، ۽ اونداھيءَ جي
طاقتن کي ضرور اڳتي وڌڻو آھي.“
پوءِ ھن جا ساٿي سڀ ھن کي ڇڏي، ڀڄي ويا – خود پطرس
بھ. ۽ يسوع ائين پنھنجن دشمنن جي وچ ۾ اڪيلو رھجي
ويو.
49
: ڪڪڙ ٻھ دس ڏنا، تنھن کان اڳ
ٿوريءَ ويرم کان پوءِ يسوع کي جھليو ويو ۽ ھن جا
ھٿ سوگھا ڪري ٻڌا ويا. پوءِ ان باغ ۾ ماٺ ٿي ويئي
۽ ھن کي ٻاھر وٺي ويا. سڄو ماڻھن جو جٿو واڪا ڪندو
ھن جي پٺيان لڳو ويو، ۽ انھن جي بتين ۽ مشعلن جا
چمڪاٽ رات جي اوندھھ ۾، جھڪا ٿيندي ٿيندي، پري پري
تائين ڏسبا رھيا.
ھن کي سڌو سردار ربيءَ جي محل ڏانھن وٺي ويا، جتي
ھن کان پڇا ٿيڻي ھئي ۽ ھن تي ڏوھھ لڳڻو ھو. ڪائفا
جو گھر، جيڪو سچ پچ ڏاڍو ھڪ وڏو ۽ عاليشان محل ھو،
ھڪڙي وڏي مرڪزي صحن جي چؤڌاري ٺھيل ھو. يسوع کي ان
جي ٻاھرئين وڏي دروازي کان اندر وٺي ويا، ۽ جڏھن
انھن مان ڪي گھر ۾ ۽ ڪي صحن ۾ اندر پھچي ويا، تڏھن
اھو دروازو بند ڪري ڇڏيائون.
ھوڏانھن پطرس کي يسوع جي خبر رکڻ جي ڏاڍي تانگھھ
ھئي تھ ھن سان دشمنن ڪھڙو ورتاءُ ٿي ڪيو. ھو
پھريائين تھ ٻين پنھنجن ساٿين سان گڏ اتان ڀڄي ويو
ھو، پر ڪجھھ وقت کان پوءِ ڊوڙي، ڪنھن طرح، دشمنن
جي ان جٿي سان ھو رلمل ٿي ويو ھو، ۽ ائين ھو بھ
ڪائفا جي وڏي محل تائين پھچي ويو ھو. ھن جي دل ۾
يسوع سان وڃي ملڻ جا ڏاڍا اڌما ٿي اٿيا، پر ائين
ڪرڻ کان ھو ڊنو پئي. |