10
: ٻارھن سالن جو يسوع
پھريائين تھ ڪجھھ عرصو يسوع مائٽن جو ھڪڙو ئي ٻار
ھو، پر پوءِ ناصرت جي ان ننڍڙي گھر ۾ ھن جا ڀائر
ڄاوا، ڀيڻون ڄايون. يسوع سڀني کان وڏو ھو، ۽ ھو
ننڍن ڀائرن ڀينرن جي سرت سنڀال ۾ پنھنجي ماءُ جي
مدد ڪندو ھو. ھو ھنن کي ڀانئيندو ھو، ۽ ٻين سڀني
ٻارن کي بھ اھڙو ئي ڀانئيندو ھو. ھو ساڻن کيڏندو
ھو، کين ننڍا ننڍا ڪاٺ جا رانديڪا ٺاھي ڏيندو ھو،
۽ آکاڻيون ٻڌائيندو ھو.
يسوع ھڪ سھابت ۽ چئيوان ٻار ھو، ۽ ھر ڪنھن کي مٿس
ڀروسو ھوندو ھو تھ جيڪو ڪم کيس چئبو، سو ڌيان سان
پورو ڪندو. ڪجھھ دير لاءِ ڪنھن ننڍڙي ٻار کي ويھي
سنڀالڻ لاءِ چئبو ھوس، يا ھن جي ماءُ کيس ڪنھن ڪم
لاءِ ڪيڏانھن موڪليندي ھئي، تھ ھو اھي ڪم ڏاڍي
خيال سان ۽ چاھھ سان ڪندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھن جو
پيءُ ڪا ميز يا ڪو پاٽيو ڪنھن پنھنجي گراھڪ کي کڻي
پھچائڻ لاءِ چوندو ھوس، تھ اھو ھو خوشيءَ سان کڻي
اوڏانھن ويندو ھو. سڀ ماڻھو ھن ڇوڪر لاءِ، جنھن جي
اکين ۾ چمڪ ھوندي ھئي، پيا واجھائيندا ھئا، ۽ ھو
وٽن ايندو ھو تھ دل لائي ھن جون ڳالھيون ٻڌندا
ھئا.
”ھي عام ٻارن جھڙو ٻار ڪونھي،“ ھڪٻئي کي ھو چوندا
ھئا. ”تو اِھا ڳالھھ نھ ڏٺي آھي! ھو سوچيندو رھي
ٿو، ۽ ھر ڳالھھ تي ويچاري ٿو. ڪيڏو نھ ھو ٻاجھارو
۽ قياسي ٻار آھي! ھر وقت ھن کي ڪم ڪار لاءِ چئي
سگھجي ٿو. يوسف ۽ مريم وڏي ڀاڳ وارا آھن، جو کين
اھڙو ڇوڪر نصيب ٿيو آھي.“
ٻيا ڇوڪرا ڪڏھن ڪڏھن يسوع کي ڏاڍو عجيب ڇوڪرو
سمجھندا ھئا. ھو اھڙين اھڙين ڳالھين ۾ پاڻ کي پيو
الجھائيندو ھو، جيڪي ڪڏھن ھنن کي خواب خيال ۾ بھ
ڪين اينديون ھيون. ھو ڪنھن بھ صورت ۾ ڪا انياءَ ۽
ڪٺورتا جي ڳالھھ سھي نھ سگھندو ھو. ھو مضبوط ۽ ھمت
وارو ھو، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ايتريون تھ صاف ۽ سچيون
ڳالھيون ڪندو ھو، جو ھو حيران ٿي ويندا ھئا. ڪيترا
ماڻھو اھڙا آھن، جن کي جيڪي بھ ٻڌائبو آھي، اھو ھو
اکيون پوري مڃي ويندا آھن، ۽ پاڻ پنھنجي طرفان ان
تي سوچ ويچار ڪونھ ڪندا آھن؛ پر يسوع سدائين
پنھنجي عقل کي ڪم آڻي، انھن ڳالھين کي سمجھڻ جي
ڪوشش ڪندو ھو. پوءِ ھو جيڪي سمجھندو ھو، سو چوندو
ھو، ۽ اھو سندس چوڻ ڏاڍو صحيح ۽ صاف ھوندو ھو، ۽
ٻين ماڻھن جي سوچ کان ڪڏھن ڪڏھن نرالو بھ ھوندو ھو
– ايتري تائين، جو سندس دوست ھن کان اھو ٻڌي عجب
کائيندا ھئا ۽ ھن کي چوندا ھئا: ”يسوع، تون سدائين
ٻين کان الڳ ٿو سوچين! سچ پچ تون ھڪ نرالو ڇوڪرو
آھين!“
يسوع اسڪول ۾ ڏاڍي سيگھھ سان پڙھڻ ويندو ھو. اتي
دل لائي، ھو پنھنجا سبق ياد ڪندو ھو. اتي ھن خدا
جو قانون سکيو، جيڪو سڀني يھودي ٻارن کي ڏاڍي
خبرداريءَ سان سکڻو پوندو ھو. اھو قانون، ڪيترن ئي
استادن ۽ ھادين جو لکيل ھو، ۽ اھو ڏاڍو ڊگھو ۽
ڏاڍو مشڪل بڻجي ويل ھو. ان قانون ۾ اھي سڀ ڳالھيون
لکيل ھيون، جيڪي خدا گھريو ٿي تھ سندس بند اڪن. ان
۾ ايتريون ننڍيون ننڍيون ڳالھيون بھ لکيل ھيون، تھ
ماڻھن کي ٿالھي يا وٽو ڪيئن صاف ڪرڻ گھرجي.
يسوع اھو قانون سکيو ۽ ان تي ويچار ڪيو. ھن جي من
۾ ھيءُ خيال آيو تھ خدا کي ضرور اِن ڳالھھ جي وڌيڪ
اون ھوندي تھ ماڻھو ٻاجھارو ۽ انصاف وارو ھجي،
بجاءِ ان جي تھ ھو ڪا ٿالھي يا ڪو وٽو ھن ريت يا
ھن ريت صاف ڪري يا ھن قسم جا يا ھن قسم جا ڪپڙا
پائي. ھن پنھنجن دوستن کي ڏٺو تھ ھو ڪيئن نھ قانون
جي ھر ننڍي کان ننڍي شيءِ جو خيال ڪري رھيا ھئا ۽
انھن تي ھلڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا، ۽ انھن لاءِ ھر
شيءِ کي ياد رکڻ ۽ ان جي پابندي ڪرڻ ڪيڏي نھ مشڪل
بلڪ اڻٿيڻي ڳالھھ ھئي!
”ڪھڙي نھ سٺي ڳالھھ ٿئي، جو قانون وڌيڪ سادو ۽ سڌو
ھجي!
ماڻھن کي رڳو اھا خبر ھجي تھ پنھنجن پاڙيسرين سان
مھربان ٿي رھڻ، ۽ پنھنجن دشمنن کي معاف ڪرڻ،
انھيءَ کان وڌ ضروري ۽ سٺي ڳالھھ آھي، جو ڪو ماڻھو
پنھنجا ڪپڙا ھن طريقي يا ھن طريقي جا ڍڪي!“ يسوع
سوچيو. ”ھوڏانھن ھو يوحنا آھي، جيڪو ھيٺ ٽڪريءَ جي
پاڙ ۾ رھي ٿو – ھو قانون جي ننڍن ننڍن حڪمن جو تھ
ڏاڍو خيال ڪري ٿو، پر ھو ھڪ بي انصاف ماڻھو آھي ۽
پنھنجن ٻارڙن لاءِ ڏاڍو سخت ۽ بي قياس آھي.
ھوڏانھن ھوءَ حنا آھي، جنھن کي سڀڪو نندي ٿو،
ڇاڪاڻ تھ ھوءَ ننڍڙن ننڍڙن حڪمن جو خيال ڪانھ ٿي
ڪري، پر ھن کان وڌيڪ پنھنجن پاڙيسرين سان مھربان ۽
چڱو ڪير آھي؟ ھن وٽ جيڪي آھي، اھو ھوءَ انھن سان
ونڊي ورھائي ٿي، پنھنجي پلاند ۾ ھڪ پئسو بھ اٿس تھ
اھو ٻئي ڪنھن جي مدد ۾ خرچ ڪري ٿي!
”جڏھن خدا يوحنا ۽ حنا ٻنھي جي دلين کي ڏسندو،
تڏھن پڪ ئي پڪ ھو چوندو تھ حنا جي مھر ۽ ڀلائي
يوحنا جي ٻاھرئين ڏيکاءَ کي وڌيڪ وڻندڙ ۽ قدر لائق
آھي. منھنجي دل ٿي چوي تھ اھا ڳالھھ ھر ڪنھن کي
چئي ٻڌايان. اِھا ڳالھھ اھڙي آھي، جا ھر ڪنھن کي
ڄاڻڻ گھرجي. ٻيون بھ ڳالھيون آھن، جيڪي مون کي غلط
ٿيون لڳن، پر ٻيو ھر ڪو انھن کي صحيح ٿو سمجھي.
مون کي انھن تي گھڻو سوچڻ کپي، ۽ انھن کي سمجھڻ
لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي. ھڪ ڏينھن سڀني ڳالھين
کي آءٌ صاف سمجھي سگھندس، ۽ پوءِ مون کي شايد اھڙا
لفظ ھٿ اچي سگھندا، جو آءٌ ھر ڪنھن کي ٻڌائي
سگھندس تھ منھنجي من ۾ ڪھڙا خيال آھن.“
ھر سال، يوسف ۽ مريم ڊگھو سفر ڪري، پاڪ شھر يروشلم
ڏانھن ويندا ھئا، جتي سندن سھڻو عبادتگاھھ ھو.
يھودي ھر سال بھار جي موسم ۾ ھڪڙو ڏينھن ملھائيندا
ھئا ۽ ان ڏينھن تي جشن ڪندا ھئا، جيئن اسين ناتال
يا ايسٽر ملھايون ٿا، ۽ ان ڏينھن ھو يروشلم ويندا
ھئا ۽ اتي جيڪي انھن جا جشن يا ڪرياڪرم ٿيندا ھئا،
انھن ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. ھر سال يسوع پنھنجي ماءُ
کي چوندو ھو: ”آءٌ اوھان سان ھلان! اوھان کان
سواءِ آءٌ گھر ۾ اڪيلو ٿو ٿيان. ڪھڙو نھ مزو
ٿيندو، جو آءٌ بھ اوھان سان ۽ ٻين سڀني سان گڏيو
اوڏانھن ھلان!“
۽ جڏھن ھو ٻارھن سالن جو ٿيو، تڏھن ھن جي ماءُ ھن
کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ چيو: ”ھن سال، يسوع تون بھ اسان
سان ھلندين. تون ھاڻي وڏو ٿيو آھين، ۽ جماعت ۾
شامل ٿيڻ جھڙو آھين، ۽ ساٿ سان گڏ ٻين جھڙو تون بھ
ٿيندين. تو قانون سکيو آھي، ۽ ھاڻي توکي ان تي ھلڻ
جو واعدو ڪرڻ گھرجي. ھن سال تون بھ اسان سان گڏجي
عبادتگاھھ ڏانھن ھلندين.“
نينگر يسوع لاءِ ھيءَ وڏي خبر ھئي. ھن سدائين
يروشلم ڏانھن وڃڻ گھريو ٿي، ڇاڪاڻ تھ ھن اتان جون
گھڻيون ڳالھيون ٻڌيون ھيون، ۽ اتي ھن پنھنجي سھڻي
عبادتگاھھ کي ڏسڻ گھريو ٿي.
تنھن کان سواءِ، ڊگھي سفر تي وڃڻ جي ڪشش بھ پنھنجي
سر ڏاڍي اتساھيندڙ ھئي، ڇو تھ يروشلم ۾ پھچڻ لاءِ
بھ ڪي ڏينھن گھربا ھئا. ناصرت مان ڪيترائي ماڻھو
اوڏانھن وڃي رھيا ھئا ۽ اڻ ڏٺل رستن تان ويندي ۽
راتين جو واٽ تي منزلون ڪندي، ڪافي دل جا امنگ
اڀري سگھيا ٿي ۽ پورا ٿي سگھيا ٿي. يسوع ڏاڍو خوش
ھو. ان ڳالھھ جو ارادو ۽ شوق ھن ڪيتري وقت کان من
۾ پئي سانڍيو، ۽ ھاڻي ان کي پوري ڪرڻ جو موقعو کيس
ملي رھيو ھو.
”فقط ٻھ ھفتا وڌيڪ،“ ھن سوچيو. پوءِ ”فقط ھڪ
ھفتو.“ ۽ نيٺ وڃي فقط ٻھ ڏينھن رھيا، ۽ پوءِ ھڪ
ڏينھن - ۽ پوءِ اھو وڏو ڏينھن بھ آيو. يسوع جا ڪي
پنھنجا دوست بھ اوڏانھن وڃي رھيا ھئا، ۽ ھو پاڻ ۾
ويھي، ڪيترو وقت، رستي جون ۽ سفر جون ڳالھيون ڪندا
رھيا.
”پھرينءَ ٽڪريءَ تان لھي، وڏو ميدان پار ڪرڻو
آھي،“ ھن جي دوستن چيو. ”واٽ تي لکين گل ھوندا!
ٻاھر کيتن ۾ اھي اصلي گل بھ ڪٿي ڪٿي ٽڙيل ھوندا،
جيڪي دائود بادشاھھ جي ڏينھن ۾ ٽڙي بيٺا ھئا، جڏھن
ھن اتي انھن کيتن ۾ لڙايون ڪيون ھيون.“
”پاڻ کي اردن ندي بھ پار ڪرڻي پوندي،“ ھڪڙي ڇوڪري
چيو. ”۽ اسان کي خيال ڪرڻو پوندو تھ ھنن خوفناڪ
سامرين جي ملڪ مان پاڻ کي لنگھڻو نھ پوي. منھنجي
پيءُ ئي چيو تھ ھو ڏاڍا بُرا ماڻھو آھن.“
”ڇو؟“ يسوع پڇيو. اھي سڀ تھ بُرا ۽ خوفناڪ نٿا ٿي
سگھن. انھن ۾ ڪي تھ چڱا بھ ھوندا. تنھنجي پيءُ کي
ڪيئن خبر پيئي؟ ڇا، ھو ڪڏھن سامرين جي ملڪ ۾ ويو
بھ آھي؟“
”نھ. پر سڀني کي خبر آھي تھ ھو خوفناڪ آھن،“ ڇوڪري
تڪڙ تڪڙ ۾ چيو.
”جيڪا سڀني کي خبر آھي، اھا سدائين سچي ڪانھي،“
يسوع چيو، ۽ ھو سامرين بابت سوچڻ لڳو، ۽ انھن جي
باري ۾ ڪا ڳالھھ ويچارڻ لڳو. پر ڇوڪرن پنھنجي من
مان سامرين جي ڳالھھ اتي جو اتي ڪڍي اڇلائي ڇڏي ۽
ھو ھڪٻئي سان يروشلم جي رستي بابت ڳالھيون ڪرڻ
لڳا. ھنن لاءِ يروشلم ڏانھن ويندڙ رستي جون اھي
ڳالھيون وڌيڪ دلڪش ۽ ضروري ھيون.
يوسف ۽ مريم سفر جون تياريون ڪيون. ھنن جي دل ۾
اڌما اٿيا ٿي. ڇاڪاڻ تھ ھنن لاءِ پنھنجو غريباڻو
گھر ڇڏي، ھيتري سفر ڪرڻ کان پوءِ وڏي پاڪ شھر
يروشلم ۾ پھچڻ ھڪ وڏي نصيب جي ڳالھھ ھئي. يوسف
پنھنجي دکڻ جو سامان ٺيڪ ٺاڪ ڪيو، ۽ جيڪي شيون
ٺاھي راس ڪيون ھئائين، سي جنھن جنھن جون ھيون ان
ڏانھن ڏياري موڪليائين. مريم گھر جو سامان ٺاھي
سنڀالي پاسائون ڪيو، ۽ سمھڻ جا ھنڌ بسترا ويڙھي
ڪوٺيءَ جي ھڪ ڪنڊ ۾ صندل تي مٿي ڪري رکيا.
”آءٌ ڏاڍي خوش آھيان، جو تو قانون پڙھي پورو ڪيو
آھي،“ ھن يسوع کي چيو. ”آءٌ سچ پچ اِھو سمجھان ٿي
تھ توکي ٻين ڇوڪرن کان وڌيڪ اھو ياد آھي. مون کي
ڏاڍي خوشي آھي، جو تون ھاڻي مقدس عبادتگاھھ ۾ اسان
سان گڏجي ۽ ويھي، خدا جي عبادت ڪري سگھندين. او
يسوع، يروشلم ڏاڍي ھڪڙي عجيب ۽ دل کي راحت ڏيڻ
واري جاءِ آھي. رستي تي، زيتون جي جبل جي چوٽيءَ
تان بيھي، تون ان کي پھرين ڏسي سگھندين. جڏھن اتي
ان چوٽيءَ تي پھچندين، تھ ھيٺ ھڪڙي وڏي ويڪري وادي
ھوندي، جنھن ۾ تون سڳوري يروشلم کي اڏيل ڏسندين،
جنھن جا منارا، پري کان سج جي تکيءَ اس ۾ نور
جيان، توکي جرڪندي ڏسڻ ۾ ايندا!“
پوءِ اھو ننڍو ڪٽنب پنھنجي سفر تي اسھيو. ھو
ٽڪريءَ جي پاسي کان ھيٺ لھندا، اڳتي وڌندا ويا، ۽
ڪجھھ پنڌ تي وڃي پنھنجن ھمسفر دوستن سان مليا. ھر
ڪنھن جي دل خوشيءَ ۾ ٽمٽار ھئي.
”نيٺ نڪتاسين!“ ٻارڙن چيو، ۽ ھو ڊوڙي، وڃي يسوع
سان مليا. ”نيٺ ھيءُ ڏينھن آيو. اسين سچ پچ يروشلم
ڏانھن ٿا ھلون!“
11
: يسوع وڃائجي ٿو وڃي
اھي بھار جا پھريان ڏينھن ھئا، ۽ يروشلم ڏانھن
ويندي، ٽڪرين ۽ وادين جي وڏي سفر مان سڀني کي ڏاڍو
مزو آيو. سڄي رستي سان، غاليچي وانگر، چوڌاري گل
پکڙيا پيا ھئا. ھوا ۾ سج جي ھلڪي ڪوساڻ ڀريل ھئي،
۽ پکين جون ھر ٻوٽي مان ۽ ھر وڻ جي لام تان مٺيون
لاتيون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. ٻارن لاءِ تھ گھڙي گھڙي
مزي واري ھئي. ڪيڏيءَ مھل ھو ڊوڙي اڳتي وڌي ٿي
ويا، ۽ وڏن کان اڳ ٽڪرين تي چڙھي، انھن جي چوٽين
تان بيھي، اتساھھ سان ھيٺ وادين کي ٿي ڏٺائون. ۽
ڪيڏيءَ مھل وري ھو پوئتي رھجي ٿي ويا، ۽ بيھي
ٽپندڙ ڪڏندڙ گھيٽڙن کي ۽ کيتن ۾ ماڻھن کي ڪم ڪندي
ٿي ڏٺائون. وک وک تي ڪانھ ڪا نئين شيءِ ھنن جي ڏسڻ
وٽان موجود ھئي.
جڏھن سج لھندو ھو تھ سڀ ٻار ۽ سندن مٽ مائٽ ڏاڍا
ٿڪجي پوندا ھئا. ھو پوءِ رستي جي ڀر ۾، جتي ھوا
کان ڪو بچاءُ ڏسبو ھون، لھي پوندا ھئا ۽ داٻو ڪندا
ھئا. اتي ھو باھيون ٻاريندا ھئا، ۽ ھر ڪٽنب انھن
تي پنھنجي پنھنجي سادي سودي ماني پچائيندو ھو. ٻار
ان ڪم ۾ سندن واھر ڪندا ھئا. يسوع ٻارڻ لاءِ
ڪاٺيون ميڙي ايندو ھو. جيئن جيئن مانيون پيون
پچنديون ھيون، تيئن سڀني کي انھن مان اٿندڙ ھڳاءَ
ڏاڍا پيا وڻندا ھئا. ننڍڙن ننڍڙن قافلن جي ڪيترين
الڳ الڳ باھين مان نڪرندڙ دونھان، ور وڪڙ کائيندا،
مٿي آسمان ڏانھن اٿندا ويندا ھئا.
رات جي اوندھھ ۾ باھين جون روشنيون کليل آسمان جي
ھيٺ چمڪاٽ پيون ڪنديون ھيون. ماڻھن جي آوازن جا
چوڌاري ڀڻڪاٽ پيا ٻڌبا ھئا، ۽ پوءِ ڪونھ ڪو
زورائتي آواز ۾ وڏي مداح آلاپڻ شروع ڪري ڏيندو ھو
۽ سڀ ھن سان آواز ۾ آواز ملائي ان ۾ شامل ٿي ويندا
ھئا. ٻارن جا سنھا مٺا آواز ٻئي آواز کان الڳ ۽
مٿي ٻڌبا پيا ھئا، ۽ سڄي کليل ھوا، ائين ڀانئبو ھو
تھ ان سڄي ھيج ڀرئي آواز ۾ ٽمٽار ٿي ويندي ھئي، ۽
دير دير تائين ان جا پڙاڏا پري پري تائين پيا ٻڌبا
ھئا.
جيئن جيئن ھي ننڍڙا قافلا يروشلم کي ويجھا ٿيندا
ٿي ويا، تيئن تيئن سندن خوشي بھ وڌندي ٿي ويئي.
جڏھن ھو شھر جي ويجھا پھتا، تڏھن ڪي ٻار، جيڪي اڳي
ڪڏھن اتي ڪونھ آيا ھئا، ۽ جيڪي يسوع وانگر پھريون
ڀيرو وڏن جي جماعت ۾ شريڪ ٿي رھيا ھئا، حيران ٿي ۽
ڪجھھ ڀو ۾ ڀرجي، خاموش ٿي ويا. ھو عجب کائي رھيا
ھئا تھ جڏھن ھو مقدس عبادتگاھھ ۾ پير وجھندا، تڏھن
ھو ڇا محسوس ڪندا ۽ جڏھن ھو ڏسندا تھ ھو خدا جي
گھر ۾ ھئا ۽ خدا اتي کين بنھھ ايترو ويجھو ھو، تھ
سندن ڪھڙو حال ٿيندو!
”اھو پري کان زيتون جو جبل پيو ڏسجي! مريم چيو. ھو
رستي جو ور ُمٽي، اڳتي ٿيا ھئا، ۽ سندن سامھون،
ڪجھھ مفاصلي تي جبل جو ڪرنگھو پئي ڏٺو. ”اوھين
اتان يروشلم جا جرڪندڙ منارا ڏسي سگھندا!“
ان مقدس شھر جو پھريون نظارو ٻارن لاءِ ڏاڍو عجب ۾
وجھندڙ ھو. ھو زيتون جي جبل تي چوٽيءَ تي بيٺا
رھيا ۽ پري پري ان پاڪ شھر کي ڏسندا رھيا. يسوع
اتان کان عبادتگاھھ جي اڇين ڀتين کي ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ
جي ڪوشش ڪئي. اھو سڀ کان مٿانھين خدا جو گھر ھو،
جيڪو ھن جو پنھنجو آسماني پيءُ ھو.
ھو پاڻ جھڙن ٻين سون زيارتين سان گڏ شھر ۾ داخل
ٿيا، جيڪي سڀئي مسيح جي جشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اتي
آيا ھئا. ان کان پوءِ ڪجھھ ڏينھن جيڪي لنگھيا، سي
يسوع لاءِ ڏاڍا خوشيءَ جا ڏينھن ھئا. ھن کي مقدس
عبادتگاھھ ۾ اندر وٺي ويا، جتي ويٺي، ھن دل ۾
سمجھيو تھ خدا ھن جي تمام ويجھو ھو. ھن ڏاڍا من
موھيندڙ راڳ ٻڌا، ۽ چوڌاري دلڪش نغمن جي گونجار
لڳي پيئي ھئي، ھن کي پوءِ ”قانون جو مطيع“ بڻايو
ويو، ۽ عبادتگاھھ جي ڏاھن شخصن ھن کي چيو تھ ھاڻي
ھو ننڍو نھ ھو، ۽ ان ڏينھن کان وٺي کيس پاڻ کي وڏو
سمجھڻو ۽ وڏن ۾ شمار ڪرڻو ھو – ان کان پوءِ ھن کي
بلڪل ائين ڪرڻو ھو جيئن سندس ماءُ ۽ پيءُ ڪيو ٿي،
يعني کيس پنھنجي مذھب جي قاعدن قانونن تي ھلڻو ھو،
سڀني سڳورن جشنن ۾ شريڪ ٿيڻو ھو، ۽ باقاعدي سڀيئي
روزا رکڻا ھئا. يسوع کي اھي سڀيئي قاعدا قانون
چڱيءَ طرح معلوم ھئا. ھن اھي سڀ اسڪول ۾ سکيا ھئا،
۽ انھن کي سمجھڻ لاءِ انھن تي ھن تمام گھڻو وقت
سوچيو ۽ ويچاريو ھو.
ان کان پوءِ، نيٺ، موٽڻ جو وقت آيو، ۽ سڀني کي
واپس پنھنجن پنھنجن گھرن ڏانھن ورڻ جون تياريون
ڪرڻيون پيون! پاڪ جشن پورو ٿي چڪو ھو، ۽ ماڻھن کي
موٽي، پنھنجن پنھنجن ڳوٺن ۾ وڃي، پنھنجن روزمرھ جي
ڪمن ڪارين کي منھن ڏيڻو ھو.
مريم، جو ڪجھھ پاڻ سان آندو ھو، اھو ھن وري ھڙن ۾
ٻڌي بند ڪيو. اھو ڪو گھڻو سامان بھ ڪونھ ھو. يوسف
ھڙون کنيون. ۽ ائين ھو وري اٿي، پنڌ پيا. ھر ڪو
شھر مان نڪري موٽي، پنھنجي پنھنجي ڳوٺ ڏانھن وڃي
رھيو ھو.
”اسين ھنن پنھنجن ڀائرن مان ڪيترن کي ڪي سال ڏسي
ڪونھ سگھنداسين،“ مريم چيو. ”ھيترن سارن ماڻھن سان
ملڻ وڏي ڳالھھ آھي، ۽ انھن جي حال احوال ٻڌڻ سان
ڪيڏي نھ ڄاڻ سڃاڻ وڌي ٿي! پر گھر وري بھ گھر آھي،
۽ موٽي پنھنجي گھر ھلڻ ۾ ڪيڏي نھ خوشي ٿئي ٿي!“
دوست ۽ مائٽ، ننڍيون ننڍيون ٽوليون ڪيو، ھڪٻئي سان
گڏيا پئي ويا. سڄي ھفتي ۾ جيڪي ڳالھيون ٿيون ھيون،
انھيءَ بابت ھو ھڪٻئي سان حال احوال ڪندا، اڳتي
وڌندا پئي ويا. مريم ھيڏي ھوڏي يسوع لاءِ پئي
نھاريو، پر سڄو ڏينھن ھوءَ ڪٿي بھ ھن کي ڏسي ڪانھ
سگھي ھئي. ھن سمجھيو تھ ھو ٻين ڇوڪرن سان ضرور
اڳيان ڪٿي وڌي ويو ھوندو. ھاڻي ھو وڏو ٿيو ھو، ۽
سڄو وقت تھ ھو ساڻس گڏ ڪونھ ٿي رھي سگھيو!
”رات جو ڪٿي داٻو ڪنداسين، تھ پاڻيھي اتي اچي
گڏبو،“ ھن سوچيو. انھيءَ ڪري، نھ کيس ۽ نھ يوسف کي
ڪا وڌيڪ اِن ڳالھھ جي اون ھئي.
سج لٿو ۽ اوندھھ ٿي ويئي، ۽ ننڍا ننڍا قافلا داٻي
ڪرڻ لاءِ
بيھي رھيا. مريم يسوع لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو تھ
ڪٿان اچي کيس ڪم ۾ ھٿ ونڊائي. چئن ئي پاسي ھن
ڪنايو تھ من ڪٿان ھن جو آواز ٻڌي سگھي، پر ٻارن جي
رڙين ۽ گوڙ ۾، ويجھو ڪٿان، ھن جو ڳالھائڻ ھن جي
ڪنن تي ڪونھ پيو.
”يوسف، يسوع ڪٿي آھي؟“ مريم پريشان ٿيندي، چيو.
مون ھن کي سڄو ڏينھن ڪونھ ڏٺو آھي.“
”سگھو ئي اچي ويندو،“ يوسف چيو. ”آءٌ وڃان ٿو ۽
اڳيان وڃي ھن جي دوستن کان پڇان ٿو. انھن من ھن کي
ڏٺو ھجي! اتي ڪو ڇوڪرو شايد ملي وڃي، جنھن کي خبر
ھجي تھ اڄ ھو ڪنھن سان گڏ ھو.“
پر پڇا مان معلوم ٿيو تھ يسوع کي ان ڏينھن سڄي
رستي سان ڪنھن ڪونھ ڏٺو ھو. ان تي مريم ۽ يوسف سچ
پچ پريشان ٿيڻ لڳا، ۽ ھو پوئتي وريا، ۽ پوئتان
ايندڙ ماڻھن کان پڇا ڪرڻ لڳا تھ انھن سان تھ يسوع
گڏ ڪونھ ھو! پر ھو انھن سان بھ ڪونھ ھو. ھر ڪنھن
پنھنجو ڪنڌ لوڏي، پنھنجي اڻ ڄاڻائيءَ جو اظھار
ڪيو. ”نھ. اسان اوھان جي ڇوڪري کي اڄ ڪونھ ڏٺو
آھي. يروشلم ۾ سو ھن کي ڏٺو ھوسين. ھن کي شايد اھا
خبر ئي ڪانھ پئجي سگھي تھ اوھين اتان ڪو نڪتا
ھئا!“
تنھن تي مريم چيو تھ موٽي کين مقدس شھر ڏانھن وڃڻو
پوندو.
”ضرور، ھو اڃا اتي ھوندو،“ ھن چيو. ”او يوسف، پاڻ
کي ترت ھن کي اتي ھلي، ڳولڻ کپي.“
ائين، مريم ۽ يوسف، خوف ۽ ڳڻتي ۾ ڀرجي، موٽي مقدس
شھر ڏانھن روانا ٿيا. اتي ھو سڌا انھيءَ گھر ڏي
ويا، جتي ھو رھيا ھئا. پر ھو اتي بھ ڪونھ ھو. ڪنھن
بھ ھن کي ڪونھ ڏٺو ھو. ڪنھن کي بھ سڌ ڪانھ ھئي تھ
ھو ڪٿي ھو.
ٽي ڏينھن مريم ۽ يوسف يروشلم ۾ رھيا، ۽ يسوع جي
پڇا ڪندا رھيا. يروشلم وڏو شھر ھو، ۽ ڳولڻ لاءِ
اتي ڪيتريون ئي جايون ھيون. پر ھو کين ڪٿي ملي
ڪونھ سگھيو.
”شايد ھو عبادتگاھھ ۾ ھجي،“ مريم نيٺ چيو. ”توکي
سڌ ڪانھي تھ اتي ويھڻ ۾ ھو ڪيڏو خوش ٿيندو ھو!
ڀانيان ٿي تھ ھو موٽي اتي ويو آھي!“
ائين ھو ٻيئي عبادتگاھھ ڏانھن ويا – اتي ھنن ڏٺو
تھ يسوع ويٺو ھو! ھو شھر ۾ ڪٿي راند ۾ لڳل يا
رؤنشي ڏسڻ ۾ رڌل ڪونھ ھو. سوين اھڙيون ڳالھيون شھر
۾ موجود ھيون، ۽ ڪيتريون ئي اھڙيون ڏسڻ جون جايون
اتي ٿي سگھيون ٿي. پر ھو عبادتگاھھ ۾ ويٺو ھو، ۽
اتي ھو پنھنجي خدا ۽ سندس احڪامن بابت ڪجھھ ڄاڻڻ
جي ڪوشش ۾ محو ھو.
ھو اتي ڏاھن ۽ عالم شخصن وٽ ويو ھو – جن کي يھودين
جي پراڻن پراڻن ۽ مشڪل قانونن بابت سڀني کان وڌيڪ
علم ھو. ھو انھن کان سوال پڇي رھيو ھو، ۽ اھي اھڙا
سوال ھئا، جيڪي اڳي ھنن کان ڪڏھن بھ ڪنھن نھ پڇيا
ھئا. اھي ڏاھا شخص ھن جي انھن سوالن تي ڏاڍيءَ سوچ
۾ پئجي ٿي ويا، ۽ موٽ ۾، ھن جي ڄاڻ ۽ ڏاھپ تي عجب
کائيندا، خود پنھنجي ڄاڻ جي وڌائڻ خاطر، ھن کان
پاڻ بھ سوال پڇي رھيا ھئا.
يسوع ھنن جي سوالن جا جواب ڏاڍيءَ فضيلت ۽ ڏاڍيءَ
ڏاھپ سان ڏيئي رھيو ھو. اھي عالم شخص ھن جي سمجھھ
۽ سنيھھ ڀريل اکين ۾ چتائي ڏسي رھيا ھئا، ۽ ھن
جيڪي چيو ٿي، ان تي ھو عجب کائي رھيا ھئا. ائين
پئي ڏسڻ ۾ آيو، ڄڻ يسوع کي قانون جي ايتري ئي ڄاڻ
ھئي جيتري خود ھنن کي، ۽ انھن عالم شخصن مان ڪن کي
تھ اھا حيرت ھئي تھ ھيڏو ننڍو نينگر ۽ ايتري ڏاھپ
– سا ھو ڪٿان سکي سگھيو ھو.
يسوع ان کان اڳ اھڙن سمجھدار ماڻھن سان ڪڏھن ملي
ڪونھ سگھيو ھو. ھن انھن کان گھڻيون ڳالھيون معلوم
ڪرڻ چاھيون ٿي. جيڪي سوال ھن کي منجھائي رھيا ھئا،
اھي ھڪٻئي پٺيان ھو انھن کان پڇندو رھيو ۽ انھن جي
جوابن کي پوري ڌيان سان ٻڌندو رھيو. شايد پھريون
ڀيرو ھن جي دل ۾ اھو خيال آيو ھو تھ ھڪ ڏينھن ھو
دنيا جي سھائتا ڪندو، ۽ ڪنھن ڏينھن ھو اھو ڪجھھ
چوندو، جنھن جي ٻڌڻ لاءِ ماڻھو حيران ھئا. ھن
پنھنجي من ۾ ائين ڀانيو تھ ھن ۾ نيڪيءَ جي ڪا طاقت
آھي، ۽ جيڪا ڄاڻ ملي سگھي ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪا
تڙپ آھي، انھيءَ لاءِ تھ سڄي ان ڄاڻ کي ھو اھڙن
ڏاھپ ڀريل سھڻن ۽ سادن سولن لفظن ۾ عام ماڻھن کي
ٻڌائي سگھي، جو ان مان انھن جي ڏک جو علاج ٿي
سگھي.
اھي ڏاھا شخص پاڻ بھ يسوع کي ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي
رھيا ھئا ۽ ھن جي ڳالھين تي عجب کائي رھيا ھئا. ھن
ڪافي وقت انھن سان گذاريو، ۽ ڪيتري دير ھو انھن
سان گڏ بيٺو رھيو، ۽ گھڻيءَ گھڻيءَ دير کان پوءِ
ھن ڪنڌ ورائي ڏٺو، تھ يوسف ۽ مريم بيٺا ھئا ۽
ڏانھنس ڏاڍيءَ حيرت سان ۽ ڏکائتيون اکيون کڻي،
نھاري رھيا ھئا. مريم پوءِ وڌي وٽس ويئي ۽ پنھنجون
ٻانھون ھن جي گلي ۾ وڌائين، ۽ ھن کي ڏسي ايڏي خوش
ٿي، جو اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيس.
”پٽ!“ ھن ڀريل آواز ۾ چيو، ”تو اسان سان ھيءُ ڇا
ڪيو؟ تنھنجي پيءُ ۽ مون توکي ڪٿي ڪٿي ڳوليو آھي!
اسان جي دل ۾ ڇا ڇا نھ آيو آھي!“
”اوھين اھو نٿي سمجھي سگھيا تھ آءٌ ڪٿي ھوندس؟“
يسوع عجب وچان پڇيو. ”اوھين اھو بھ سمجھي نھ سگھيا
تھ آءٌ ھتي خدا جي عبادتگاھھ ۾ ھوندس، پنھنجي وڏي
پيءُ جي گھر ۾! مون تھ ھن جون ئي پئي ڳالھيون
ٻڌيون، جيڪي مون کي ضرور ٻڌڻ گھرجن!“
يوسف ۽ مريم پوريءَ طرح سمجھي نھ سگھيا تھ ھن ڇا
ٿي چيو، پر ھو کيس ڏسي ايڏا خوش خوش ٿيا، جو وڌيڪ
ڪجھھ چئي نھ سگھيا. پوءِ ھو ساڻن گڏجي گھر روانو
ٿيو، ۽ رستي ۾ ھنن کي اھي سوال، جيڪي ھن انھن ڏاھن
شخصن کان پڇيا ھئا ۽ اھي جواب جيڪي انھن کيس ڏنا
ھئا، سي ھڪ ھڪ ڪندو ٻڌائيندو ويو. مريم پنھنجي
ننڍڙي ڏاھي پٽ ڏانھن ڏسندي رھي ۽ ھن جون ڳالھيون
ٻڌندي رھي، ھن جيڪي چيو ٿي، سو ھن پنھنجي ھانءَ جي
ڪنن سان ٻڌو ٿي، ۽ جڏھن ھوءَ اڪيلي ٿي، تڏھن ھن جا
خيال ۽ ھن جون سڀ اھي ڳالھيون ياد ڪري، ھن جي دل
عجب ۽ ھيبت ۾ ڀرجي ويئي.
پر پوءِ بھ ٻالڪ – يسوع اڃا ھڪ ڇوڪرو ھو. ھو برابر
ڏاھو ھو ۽ ھن جون ڳالھيون عبرت ڀريون ھيون، ۽ ھن
کي محسوس ٿيو تھ ھن کي ھر ڳالھھ ۾ پنھنجي ماءُ
پيءُ جو چيو مڃڻ گھرجي ۽ انھن کي ڪڏھن بھ دک
پھچائڻ نھ کپي. ائين ھو پوءِ اڳي وانگر چپ چاپ
ناصرت ۾ رھي پيو ۽ پنھنجي اڳ ڄاتل ڪم ڪار ۾ لڳي
ويو. جيئن ھن کي چوندا ھئا، تيئن ڪندو ھو، جيترو
ٿي سگھندو ھوس اوترو پنھنجي ماءُ پيءُ کي ڪم ۾ ھٿ
ونڊائيندو ھو، ۽ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏاڍيءَ
سڪ ۽ سنيھھ سان پيار ڪندو ھو. يروشلم جي عبادتگاھھ
جي ڪشادن ۽ سھڻن ايوانن ۾ گھڻو ڪجھھ علم سکجي
سگھيو ٿي، پر زندگيءَ جي پروڙ ۽ ڏاھپ ھو پنھنجي من
جي خاموش اوسر ۽ اندر جي اوجر سان ئي وڌائي سگھيو
ٿي. ھيءَ ڳالھھ ھن سمجھي ٿي، ۽ ھو ناصرت جي
سانتيڪي وايو منڊل ۾، پنھنجي ڪٽنب سان خوش ٿي،
پنھنجي زندگي گذارڻ لڳو.
12:
يسوع وڌي وڏو ٿيو
جڏھن يسوع پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ سان گڏ، يروشلم کان
موٽي پنھنجي گھر پھتو، تڏھن ھن ڏٺو تھ ان وقت کان
پوءِ ھن کي ٻار وانگر نھ پر وڏي جيئن ڏٺو ٿي ويو،
۽ ھن سان ھلت بھ ائين ڪئي ٿي ويئي. ھن اسڪول
باقاعدي وڃڻ ڇڏي ڏنو، ۽ گھڻو وقت ھو پنھنجي پيءُ
سان گڏ دکڻ ۾ ڪم ڪندو ٿي رھيو. ھن کي پنھنجي پيءُ
وانگر واڍو ٿيڻو ھو، ۽ ان لاءِ واڍڪو ھنر سکڻ ھن
لاءِ ضروري ھو.
يسوع کي ان وقت ڏاڍي خوشي ٿي، جڏھن ھن کي دکڻ ۾
پنھنجي منھن شين ٺاھڻ جي موڪل ملي. يوسف ھن کي
پنھنجن گراھڪن جون بھ ڪي شيون ٺاھڻ لاءِ ڏنيون.
ڳوٺاڻا پنھنجا ڪم جا اوزار ۽ گھرو استعمال جون
شيون مرمت لاءِ يوسف وٽ آڻيندا ھئا تھ اھو ڪم بھ
ھو يسوع کي ڪرڻ لاءِ چوندو ھو. ڪيترا ڳوٺاڻا يسوع
جو سٺو ۽ ڀروسي جھڙو ڪم ڏسي، ڏاڍا خوش ٿيندا ھئا ۽
ھڪٻئي سان ھن جي سٺي سڀاءَ ۽ ڪاريگريءَ جون ويھي
ڳالھيون ڪندا ھئا.
يسوع کي دکڻ ۾ ڪم ڪندي، سوچڻ ۽ خيالن پچائڻ جو
گھڻو وقت ملندو ھو، ۽ جيئن ھو عمر ۾ وڏو ٿيندو
ويو، تيئن ھو سوچڻ ويچارڻ ڏانھن وڌيڪ مائل ٿيندو
ويو. ھن ڏٺو تھ ھن جا خيال ھن جي آس پاس رھندڙ عام
ماڻھن جي خيالن کان الڳ ۽ نرالا ھئا. ترت ئي ھن کي
اھو يقين ٿي ويو تھ ھن جا خيال عام ماڻھن جي خيالن
کان وڌيڪ سدا سادا ۽ ڏاھپ ڀريا ھئا، پر انھن کي
ائين ثابت ڪرڻ جو اڃا وقت ڪونھ آيو ھو. ڇو تھ ھو
اڃا ننڍو ھو.
ھن سمجھيو ٿي تھ نيڪي، ڪھل، انصاف ۽ بي غرضي ئي
اھي شيون ھيون، جيڪي سچ پچ ضروري ھيون. ھن ڄاتو ٿي
تھ ڪٺورتا، ھٻڇ، ڪينو ۽ بي ترسي ئي اھي برايون
ھيون، جن جو مقابلو ڪرڻ ضروري ھو. جيڪڏھن ھن کي
اِھي ڳالھيون ماڻھن کي ٻڌائڻيون ۽ سمجھائڻيون
ھيون، تھ ھن کي پنھنجي من ۾ فقط نيڪ ڳالھيون
رکڻيون ھيون. ھن لاءِ اھو ضروري ھو تھ ھو پنھنجي
اندر مان ھر برائيءَ کي ڪڍي ڇڏي. اھڙيءَ ريت ھن
پنھنجي انھيءَ ٻاراڻيءَ ۽ جوانيءَ جي اوستا ۾ خود
پاڻ کي نيڪيءَ جا اھي سبق پڙھايا ۽ سيکاريا، جيڪي
ھن کي پوءِ ٻين کي سيکارڻا ۽ سمجھائڻا ھئا. ائين،
ھو وڌي، وڏو ٿي، ھڪ عاليشان انسان بڻيو، جنھن جي
دل ۾ ھر ڪنھن لاءِ پروڙ ھئي ۽ پيار ھو، ۽ اجھل
تانگھھ ھئي تھ ڪنھن ڏينھن ھو دنيا ۾ ٻاھر نڪرندو ۽
جيڪي بھ ماڻھو، زالون ۽ مرد، ھن کي ملندا، انھن کي
سڀ اھي حيرتناڪ ڳالھيون ٻڌائيندو، جن جي ھن کي خبر
ھئي، ۽ جيڪي ھن ڄاتيون ٿي تھ سٺيون، صاف ۽ سچيون
ھيون.
ھن جي نيڪي ھن جي منھن مان پڌري ھوندي ھئي، جيئن
نيڪي ھميشھ ھوندي آھي. اھا ھن جي اکين مان پئي
چمڪي ۽ ھن جي مرڪڻ مان پئي بَکي. ان ماڻھن جون
دليون ڦيرائي ھن جي طرف ڪيون ۽ ھو مٿس اعتبار ڪرڻ
۽ کيس پيار ڪرڻ لڳا. ان جي اثر ھيٺ ٻارڙا بھ ڊوڙي
ھن وٽ ويندا ھئا ۽ امنگ ۾ ڀرجي پنھنجا ھٿ ھن جي
ھٿن ۾ وڃي ڏيندا ھئا ۽ خوش ٿيندا ھئا.
۽ ھاڻي يسوع وڌي وڏو ٿيو ھو ۽ مڙس ماڻھو پئي لڳو.
ھن جي ننڍيءَ ڄمار جا سال آھستي آھستي گذري ويا، ۽
ھاڻي ھو ”يسوع، ناصرت جو واڍو“ سڏجڻ لڳو ھو، جيڪو
پنھنجي ڪم جو ڪاريگر ھو ۽ جيڪو سڀ ڳالھھ ۾ انصاف
وارو ۽ ايماندار ھو. پوءِ يوسف وفات ڪري ويو، ۽
مريم اڳي کان وڌيڪ ھن پنھنجي عجب جھڙي پٽ تي ڀروسو
ڪرڻ لڳي. ھوءَ ھن کي ڪڏھن ڪڏھن تھ سمجھي ئي نھ
سگھندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ جيتوڻيڪ ھوءَ ھن جي ماءُ
ھئي، ۽ ھن کي بيحد پيار ڪندي ھئي، تھ بھ يسوع جي
ڏاھپ تھ ھن کي خدا وٽان مليل ڏات ھئي، ۽ ھن جون ڪي
ڪي ڳالھيون ٻڌي مريم منجھي پوندي ھئي. پر ھن کي
ھميشھ اھو يقين ھوندو ھو تھ ھو خدا جو پاڪ ٻالڪ
ھو، جنھن جي مبارڪ ھن کي فرشتي ڏني ھئي، ۽ اڪثر
ھوءَ اھا ڳالھھ سوچيندي، حيران ٿي ويندي ھئي تھ ھن
سندس خدا جي پياري پٽ جو ھن دنيا ۾ اصل ڪم ڪھڙو ٿي
سگھيو ٿي!
مريم کي يسوع جي ضرورت ھئي، ڇو تھ يوسف وفات ڪري
ويو ھو، ۽ انھيءَ ڪري ھو ھن وٽ ناصرت ۾ رھيو پيو
ھو، ۽ پنھنجو روزمرھ جو ڪم ڪندو ٿي رھيو. ھو
پنھنجي ماءُ کي ايستائين ڇڏي نٿي سگھيو، جيستائين
ھن جي ماءُ کي سندس گھرج ھئي – پر وقت اچڻ تي، سڀ
کي خيرباد چئي، ھو ھليو وڃڻو ھو.
اھو وقت تڏھن آيو، جڏھن يسوع وڌي وڏو ٿيو – لڳ ڀڳ
ٽيھن ورھين جو. پوءِ ھن پوري يقين سان اھو سمجھيو
تھ ھن لاءِ ناصرت مان نڪري، ٻاھر دنيا ۾ وڃڻ تمام
ضروري ھو. ھن کي ھاڻي پنھنجي آسماني پيءُ جو ڪم
پورو ڪرڻو ھو – واڍڪو ڪم نھ، پر سکيا جو ڪم، تبليغ
جو ڪم. ھيءُ وقت ھو، جڏھن ھو ماڻھن ڏانھن وڃي
سگھيو ٿي ۽ انھن کي پنھنجا اعليٰ خيال ٻڌائي سگھيو
ٿي، جيڪي ھيترو وقت ھن جي دل ۽ دماغ ۾ موجود رھيا
ھئا.
۽ پوءِ، نيٺ، يسوع ناصرت مان ٻاھر نڪتو – انھيءَ
ڪم جي ڪرڻ لاءِ، جنھن لاءِ خدا ھن کي دنيا ۾
موڪليو ھو. ھن کي ھڪ وڏي بادشاھت ٺاھڻي ھئي – پيار
جي بادشاھت، ماڻھپي جي بادشاھت. ھو بچائيندڙ ھو،
مسيح ھو، خدا جو ٻالڪ جيڪو ڌرتيءَ تي آيو ھو، سڀ
کان وڏو انسان جنھن کي دنيا ڪڏھن ڏسي سگھي ھئي.
13:
يسوع جو سؤٽ يوحنا
يسوع ناصرت مان ٻاھر نڪتو، ان کان ڪجھھ وقت اڳ
چوڌاري ھڪڙي عجب جھڙي واعظ جي ڳالھھ پکڙجي ويئي،
جنھن جو نالو يوحنا ھو، ۽ اھو اردن نديءَ جي آسپاس
وعظ ڪندو ٿي رھيو. ھيءُ اھو ئي ايلزبيٿ جو پٽ،
يسوع جو پنھنجو سؤٽ ھو – ايلزبيٿ، جيڪا مريم جي
سؤٽ ھئي، جنھن وٽ ھوءَ جڏھن ننڍي نينگر ھئي ۽ وٽس
فرشتو آيو ھو، تڏھن ڪجھھ وقت اچي رھي ھئي.
يوحنا عمر ۾ يسوع کان ڪجھھ وڏو ھو. ھن جي عمر
ٻھراڙيءَ ۾ ھيڪلي گذري ھئي، ۽ اتي، يسوع وانگر، ھن
جي من ۾ ڪيئي اونھا ويچار پيدا ٿيا ھئا، ۽ اھي ھن
ٻين کي ٻڌائڻ ٿي چاھيا. ۽ ھڪ ڏينھن ھو پنھنجي ڪم
کي ڇڏي، اٿي روانو ٿيو، ۽ بيھي ماڻھن کي وعظ ڪرڻو
لڳو.
يوحنا سادي رھڻي ڪرڻيءَ تي ھريل ھو، ۽ ھن کي
پنھنجي ڪپڙي لٽي ۽ پنھنجي کاڌي پيتي جو ڪو خيال
ڪونھ ھو. ھن کي اٺ جي ملس جو کھرو ڪڙتو پاتل ھو،
جيڪو چوڙ جو ڏاڍو ھو، ۽ ان جي چوڌاري، سندري طور،
ھن چمڙي جو پٽو کڻي ٻڌو ھو.
”ھيءُ تھ ھڪ جھنگلي ماڻھو ٿو لڳي!“ ھن کي ڏسي
ماڻھو ھڪٻئي کي چوڻ لڳا. ”ھن کي کاڌو ڪٿان ملندو
ھوندو؟ ھن جي سنڀال ڪرڻ وارو بھ تھ ڪوئي ڪونھي!“
”ھو جھنگ جي ماکي لاھي کائي ٿو،“ ھڪڙي ڇوڪري چيو.
”ھن مون کي پاڻ ٻڌايو آھي، ۽ جڏھن مڪڙ اڏامي ايندا
آھن، تڏھن ھو اھي بھ کائيندو آھي.“ |