پر وري بھ، ماڻھن جي جٿي سان ملي، ھو ڪنھن ريت وڏي
دروازي منجھان داخل ٿي، صحن ۾ پھچي ويو، جيڪو
ملازمن سان ۽ سپاھين سان ڀريو پيو ھو. رات تمام
ٿڌي ھئي، انھيءَ ڪري ملازمن مان ڪنھن صحن جي پوري
وچ تي باھھ جو مچ ٻاري ڇڏيو ھو، ۽ پطرس، سيءَ ۾
ڏڪندي ۽ بيحال ٿيندي، سيءَ لاھڻ لاءِ، سڌو وڃي مچ
تي ويٺو.
مچ جي چوڌاري اڳي ئي ڪيترا مرد ۽ زالون ھٿن سيڪڻ
لاءِ مچو ڪيو ويٺا ھئا. پطرس بھ انھن سان گڏ، پاسو
وٺي، اتي ويھي رھيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ھڪڙي
نوڪرياڻيءَ جي نظر باھھ جي سوجھري تي ھن جي منھن
تي وڃي پيئي، ۽ ان چتائي ھن کي ڏٺو. ”مون ھن
ماڻھوءَ کي لاشڪ ڪٿي ڏٺو آھي!“ ھن سوچيو. پوءِ ھن
کي ڪا يادگيري آھي، ۽ عجب مان پطرس ڏانھن منھن
ڪري، ڪجھھ ڏاڍيان ھن کان پڇيائين:
”تون انھيءَ شخص يسوع جي ماڻھن مان آھين! ھائو
نھ؟“
پر پطرس کي ڊپ وٺي ويو، ۽ ھڪدم جواب ڏنائين:
”مائي، آءٌ يسوع کي سڃاڻان بھ ڪونھ!“
۽ پري ڪٿان ڪنھن ڪڪڙ ڏاڍيان دس ڏنو، ڇاڪاڻ تھ پؤ
ڦٽڻ ۾ دير ڪانھ ھئي.
انھيءَ مھل، ھڪڙي ٻئي ماڻھوءَ پطرس کي ڏٺو، ۽ ان
کي پڪ ھئي تھ ھو يسوع جو ساٿي ھو. ”تون انھن مان
ئي تھ آھين!“ پطرس کي ھن چيو.
پر پطرس ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو، ۽ وڏي آواز سان جواب
ڏنائين، ”اڙي ميان، آءٌ انھن مان ناھيان!“
اتي ئي پطرس کي ڳالھائيندي ٻڌي، ھڪڙي ٻئي ماڻھوءَ
چيو، ”آءٌ ھن کي سڃاڻان. ھيءُ پڪ ئي پڪ يسوع جي
سنگت جو ماڻھو آھيي ھن جي ڳالھائڻ جي ڍار مان ئي
پڌرو آھي تھ ھيءُ گليل جي علائقي جو ماڻھو آھي!“
ان تي پطرس، خوف ۾ ڀرجي، تکو تکو ڳالھائڻ ۽ قسم
کائڻ لڳو. ”آءٌ توھان کي پيو چوان تھ جنھن يسوع جي
اوھين ڳالھھ ٿا ڪريو ان کي آءٌ سڃاڻان بھ ڪونھ“،
زور سان دعوا ڪندي، ھن چيو.
۽ پوءِ ڪڪڙن پويون دس ڏنو، ڇاڪاڻ تھ پؤ ڦٽي چڪي
ھئي. ان وقت يسوع صحن ۾ ھو، ۽ ھن پطرس کي ائين
چوندي، ٻڌي ورتو ھو تھ ھن يسوع کي سڃاتو بھ ڪونھ
ٿي. پطرس جا اھي لفظ ٻڌي، يسوع منھن ورائي ھن
ڏانھن ڏٺو. يسوع جي اکين ۾ ايترو تھ ڏک ڀريل ھو،
جو انھن کي ڏسي، پطرس جو ھانءُ ڦسي پيو.
ھن کي يسوع جي ڳالھھ ياد آئي – تھ اڄوڪيءَ رات ۾
ڪڪڙ ٻھ دس ڏيندا تنھن کان اڳ ئي ھو ٽي ڀيرا ھن جو
انڪار ڪندو - ۽ ھن سچ پچ ائين ئي ڪيو ھو، جيتوڻيڪ
ھن قسم کاڌو ھو تھ ھو ائين نھ ڪندو. ھن ڏاڍي زور
سان دعوا ڪئي ھئي تھ ھو قيد ۾ پوندو، موت
قبوليندو، پر پنھنجي آقا جو انڪار نھ ڪندو – پر
پوءِ، ايتري ۾ ئي ھو ايڏو خوف ۾ وٺجي ويو ھو، جو
ھن کي چوڻو پيو تھ ھن يسوع کي سڃاتو ئي ڪونھ ٿي!
پوءِ، پطرس، ڪنڌ ھيٺ ڪري، اتان اٿي ٻاھر گھٽيءَ ۾
ھليو ويو، ۽ پري پري، اوندھھ ۾ ويھي، زار زار روئڻ
لڳو.
50
: يسوع عدالت ۾
ڪائفا کي ۽ يھودين جي فقيھن ۽ مفتين يعني انھن جي
وڏن کي ھڪڙي ڪا مڃڻ جھڙي ڳالھھ گھربل ھئي، جو ھو
يسوع کي ڏوھي بڻائي سگھن ۽ سزا ڏيئي سگھن. سو ھو
اھڙا ماڻھو ڳولڻ لڳا، جيڪي يسوع جي خلاف اھڙيون ڪي
ڳالھيون ٻڌائي سگھن. ھن ڏوھھ بھ ڪھڙو ڪيو ھو؟ ھنن
کي رڳو ھڪڙي ڪا اھڙي ڳالھھ گھربي ھئي، ۽ ھو يسوع
کي ان جو جوابدار بڻائي، مٿس ان جي ڏوھھ مڙھڻ لاءِ
تيار ويٺا ھئا.
پر يسوع ڪڏھن بھ ڪا غلط شيءِ ڪانھ ڪئي ھئي. ھن
سڀني قانونن تي عمل ڪيو ھو. ھن ڪوبھ ڪم ڪونھ ڪيو
ھو، سواءِ چڱي ڪم جي. ھن جي خلاف سچ پچ ڪا اھڙي
شيءِ ڳولي لھڻ ڏاڍي مشڪل ڳالھھ ھئي.
اھڙن ماڻھن جي سا کوٽ ڪانھ ھئي، جيڪي اڳتي وڌي
يسوع بابت چوڻ لاءِ تيار ھجن تھ ھن ھيئن پئي چيو
يا ھونئن پئي چيو. ۽ اھڙا ماڻھو ڪيئي نڪري آيا، جن
ڪائفا جي ويھاريل عدالت جي آڏو بيھي، ھڪٻئي جي
پٺيان ڪيئي ڪوڙ ڳالھايا. پر انھن جي ايترن ڪوڙن
مان ڪو ھڪڙو ڪوڙ بھ اھڙو ڪونھ ھو، جنھن کي سچي ڪرڻ
لاءِ ھنن ڪو ٻيو ڪوڙ نھ ڳالھايو ھجي. ۽ اھي ھڪڙن
جي خلاف ٻيا ڪوڙ ٻڌي، عدالت پاڻ ئي مونجھاري ۾
پئجي ويئي.
پوءِ ڪائفا پاڻ اٿي بيٺو، ۽ ڏاڍي شوخ لھجي ۾ يسوع
سان ڳالھائڻ لڳو، جيڪو ٻڌل ھٿن سان عدالت جي آڏو
بيٺو ھو. ھن ايترو وقت نھ ڪجھھ چيو ھو ۽ نھ ڪوئي
جواب ڏنو ھو.
”ھاڻي آءٌ توکان ٿو پڇان! اسان کي تون ٻڌاءِ! ڇا،
تون مسيح آھين ۽ خداي واحد، تبارڪ و تعاليٰ، جو پٽ
آھين؟“ ڪائفا تکو تکو ۽ زور زور سان چئي ويو.
۽ يسوع ھڪدم جواب ڏنو، ”ڪير ڪونھي؟ آءٌ بھ آھيان!
۽ وقت اچڻو آھي، جڏھن اوھين ان آدم جي اولاد،
ماڻھوءَ جي پٽ، کي خدا جي قدرت جي ساڄي پاسي ويٺل
ڏسندا، ۽ اھو آسمان جي بادلن ۾ ويھي ايندو!“
ھي ٻڌي، ڪائفا ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ۽ پنھنجا ڪپڙا
ڦاڙڻ لڳو، ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو، ”اھو شرڪ آھي! اھا
خداي اقدس تي تھمت آھي! اھو ڪوڙ آھي! اھو ڪوڙ آھي!
اسان کي ٻين شاھدن جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ ھي سڀڪجھھ
اسان پاڻ پنھنجن ڪنن سان ھن جي پنھنجي زبان سان
ٻڌو آھي – ھن پاڻ کي مسيح سڏيو آھي!“
پر يسوع تھ مسيح ھو. ھو بچائيندڙ، ڇوٽڪارو ڏيندڙ
ھو. ۽ ھو ڪا خدا تي تھمت، ڪو خدا تي ڪوڙ ھڻي ڪونھ
رھيو ھو. ھو تھ سڌو ۽ صاف سچ ڳالھائي رھيو ھو. پر
اتي ويٺلن مان ڪنھن بھ ھن تي اعتبار نھ ڪيو، ڇو تھ
ھنن کي اعتبار ڪرڻو ڪونھ ھو. ڪائفا پنھنجي سوڀ تي
خوش ھو. آخرڪار ھنن کي ھڪڙي ڳالھھ ملي ويئي ھئي،
جنھن جو ھو يسوع تي الزام ھڻي سگھيا ٿي ۽ ھن تي
ڏوھي ھجڻ جي فتوا صادر ڪري سگھيا ٿي.
”ھاڻي اوھين ڇا ٿا سمجھو؟“ ڪائفا رڙ ڪري، عدالت
کان سوال پڇيو. ۽ ھنن سڀني ھڪ ئي ڳالھھ چئي:
”موت! ھن جي سزا موت آھي!“
۽ پوءِ يسوع تي اتي ميڙ ڪري بيٺل ماڻھن چٿرون ڪيون
۽ چرين وانگر حملا ڪيا. ھنن ھن ڏانھن منھن ڪري
ٿڪون اڇلايون، ۽ ھن کي ڌڪ ھنيا. ھنن ھن جي اکين تي
پٽي ٻڌي، ۽ پوءِ ھن کي پنھنجن ھٿن جي ترين سان
چماٽون ۽ چنبا ھنيا، ۽ رڙيون ڪندي ھن کي چوڻ لڳا:
”تون ٿو چوين تھ تون مسيح آھين! چڱو، ٻڌاءِ اسان
کي، ھاڻي توکي ڪير ٿو چنبا ھڻي! تون ٿو چوين تھ
تون خدا جو پٽ آھين – تھ پوءِ تھ پڪ چئي ٿو سگھين
تھ ڪير پيو توکي ڌڪ ھڻي!“
۽ ائين، ٿڪل ۽ ماندو، ھيڪلو ۽ دکي، ٺٺول ۽ چٿر جو
مرڪز، ۽ سڀني جي ڌڪن جو نشان، ھيسيل ۽ ماريل يسوع
ڪافي وقت اتي بيٺو رھيو. ھن اھا رات پنھنجن انھن
بي مروت ۽ سنگدل دشمنن جي وچ ۾ ھيڪلي گذاري، ۽ ھو
حيرت ۾ ھو تھ ٻئي ڏينھن ھن تي ڇا اچڻو ھو ۽ ھن کي
ڇا ڪجھھ نھ سھڻو ھو!
51
: يسوع، رومن گورنر پلاطس جي
اڳيان
يھودين کي پاڻ ڪنھن بھ موت جي سزا کاڌل ڏوھيءَ کي
مارڻ جو اختيار ڪونھ ھو. ان لاءِ ھنن کي يھوديھ جي
رومن گورنر پلاطس کان پھريائين اجازت وٺڻي ھئي، ۽
پوءِ ھو ائين ڪري سگھيا ٿي. انھيءَ ڪري ھو صبح جو
سوير يسوع کي گھلي، يروشلم جي ٻاھران وڏي شاھي
قلعي ڏانھن وٺي ويا، جتي پلاطس رھندو ھو.
پلاطس ھڪڙو ظالم ماڻھو ھو، ۽ ھن کي يھودين لاءِ
ڏاڍي نفرت ھوندي ھئي. ھو انھن کان ڪجھھ ڊڄندو بھ
ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن کي خبر ھئي تھ جيڪڏھن ھو انھن تي
حد کان وڌيڪ ظلم ڪندو، تھ ھو مٿي، رومن شھنشاھھ
ڏانھن ھن جي خلاف عريضيون موڪلي سگھيا ٿي ۽ مٿس
پڪاري سگھيا ٿي.
ھن کي صبح جو سوير اطلاع مليو تھ يھودي ھن ڏانھن
ھڪڙو ڪو خطرناڪ قيدي وٺيو پئي آيا. انھيءَ ڪري،
جڏھن يسوع کي ھن جي قلعي ۾ اندر، وڏي ميدان تي،
وٺي آيا، تھ پلاطس معاملي جي نبيرڻ لاءِ اڳي ئي
تيار ھو. ھو پوءِ پنھنجي محل جي ڇڄھريءَ ۾ مٿي
نڪري اچي بيٺو، جتان ھن ھيٺ صحن ۾ يسوع کي بيٺل
ڏٺو، جيڪو ھن جي آڏو ھڪ قيدي ھو ۽ ھٿ ٻڌل ھئس.
”ھن تي اوھان ڪھڙي تھمت رکي آھي؟“ پلاطس پڇيو.
يھودي پوريءَ طرح تيار نھ ھئا تھ ڇا چون. جي چون
ٿا تھ ھنن يسوع کي موت جي سزا ڏيڻ ٿي گھري، انھيءَ
لاءِ تھ ھن پاڻ کي خدا جو ٻالڪ ٿي سڏايو، تھ اِن
تي پلاطس رڳو مٿن چٿر ۽ ٽوڪزني ڪري سگھيو ٿي.
انھيءَ ڪري پلاطس کي ڇوٽ ۾ ھنن چيو تھ ڏوھاريءَ تي
ڪھڙي ڏوھھ جي تھمت آھي، ھاڻي اھا ڳالھھ اھم ڪانھي،
ڇو تھ ھنن پاڻ اڳي ئي ھن تي ڪيس ھلائي، ھن کي ڏوھي
ثابت ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان لاءِ ھن تي موت جي سزا بھ
ٻڌي ڇڏي آھي. ھاڻي پلاطس جو رڳو ھي ڪم آھي تھ ان
سزا تي عمل ڪرائي ۽ ڏوھيءَ کي مارائي ڇڏي – ڇو تھ
يھودين کي رومن حڪومت ۾ اھڙو اختيار مليل ڪونھي.
”چڱو، تھ ان معاملي کي بھ پاڻ ئي وڃي منھن ڏيو“،
پلاطس، بيزار ٿيندي چيو. ھن کي يھودين جي ڳالھائڻ
جو اڇاترو انداز نھ وڻيو. ھن کي اھا بھ خاطري ھئي
تھ ھنن وٽ يسوع جي برخلاف ڪا وزندار شڪايت ڪانھ
ھئي – ڇاڪاڻ تھ ھن کي اڳي ئي يسوع بابت گھڻو ڪجھھ
معلوم ھو، ۽ ھن اھو اندازو لڳايو تھ يھودين جي وڏن
ربين ۽ سردارن کي يسوع سان گھڻي قدر رڳو حسد ۽ ساڙ
ھو، ۽ اھو رڳو انھيءَ ڪري، جو عام ماڻھو ھن جي
پٺيان ھئا ۽ انھن جو ھن سان سٻنڌ ۽ پيار ھو.
”پر اوھان کي خبر آھي اسان جي تھ ھٿ ۾ ڪنھن کي
مارڻ جو اختيار ڪونھي“، يھودين، بيوس ٿيندي، چيو؛
۽ پوءِ ھنن ھڪٻئي سان سس پس ڪرڻ شروع ڪري ڏني تھ
گڏجي اھڙي ڪا ٺوس ڳالھھ سوچي رومن گورنر کي چون،
جو اھا ٻڌي ھڪدم ھو سندن چوڻ قبولي سگھي ۽ اتي جو
اتي يسوع کي مارائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏي.
”ائين چوڻ بھ ٺيڪ نھ ٿيندو تھ يسوع پاڻ کي مسيح ٿو
چوائي“، ھڪڙي چيو. پلاطس اھو ٻڌي اسان تي کلندو.
رومن لوڪ ھونئن ئي اسان جي مذھب مقدس تي ٺٺوليون
ڪندا رھن ٿا. اسان کي ٻي ڪا ڳالھھ سوچڻ کپي.“
”ڀلا، يسوع ڪڏھن رومن لوڪن جي خلاف ڪا ڳالھھ چئي
يا ڪئي آھي؟“ ٻئي چيو. ”پلاطس اھڙي ڳالھھ ھڪدم
ٻڌندو ۽ ٻڌڻ سان باھھ ٿي ويندو – آھي ڪا اھڙي
ڳالھھ پاڻ وٽ، جا ھن کي ٻڌائي سگھون؟“
”ھاڻي، ھيئن ٿا چئونس تھ يسوع ماڻھن کي غلط
ڳالھيون چوندو ٿو وتي“، ٽئين چيو. ”ائين ٿا چئونس
تھ ھو ماڻھن کي چوي ٿو تھ رومن شھنشاھھ کي محصول
نھ ڏيو، ڇاڪاڻ تھ ھنن جو بادشاھھ رومن شھنشاھھ نھ
پر ھو پاڻ آھي! ھو ھر ڪنھن سان اھي پنھنجي بادشاھت
جون ڳالھيون ڪندو ڪين وتندو آھي؟ جنھن ملڪ تي ھو
پاڻ حڪومت ڪن ٿا، اتي جيڪڏھن ٻيو ڪو ماڻھو اٿي چوي
تھ ھو اتان جو بادشاھھ آھي، تھ رومن لوڪ ضرور اھڙي
ماڻھوءَ جي پٺيان ڪاھي پوندا ۽ ان کي پوريءَ طرح
ختم ڪري ئي ساھھ پٽيندا!“
”ھائو، اھو خيال تمام سٺو آھي“، ٻين چيو. ”پلاطس
کي اسان جي ديني قانونن جي ڀڃڪڙين جي ڪھڙي پرواھھ؟
پر جيڪڏھن چونداسين تھ يسوع جي خلاف اسان جي تھمت
اھا آھي تھ ھو رومن حڪومت جو دشمن آھي، تھ پلاطس
ھڪدم باھھ ٿي ويندو!“
پوءِ، ھنن پلاطس کي اھڙيون ڳالھيون ٻڌايون، ۽
پلاطس جي سڀني صلاحڪارن ۽ عملدارن بھ اھي ڳالھيون
ٻڌيون. يسوع بھ اھي ٻڌيون، پر ھن ڪجھھ بھ ڪونھ
ڪڇيو. پلاطس ھن کي ڳالھائڻ جو وجھھ ڏنو ۽ پنھنجي
صفائيءَ پيش ڪرڻ لاءِ چيو، پر پوءِ بھ ھو خاموش
رھيو.
پوءِ رومن گورنر يسوع کي اڪيلو پاڻ سان قلعي ۾
اندر وٺي وڃڻ جو ۽ اتي وڃي ھن کان پنھنجي منھن پڇا
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٻاھر عام ماڻھن جي آڏو ڪا ڳالھھ
معلوم ڪرڻ ڏکي ھئي – خاص طرح جڏھن يھودي، جيڪي
يسوع جي موت جي حڪمنامي جاري ڪرائڻ لاءِ ھن کي اتي
وٺي آيا ھئا، سي سڄو وقت رڳو واڪا ئي واڪا ڪندا ٿي
رھيا، ۽ ٻئي پاسي، خود قيدي پنھنجي واتان اکر بھ
ڪونھ ٿي ڪڇيو.
قلعي ۾ اندر، پنھنجي منھن، يسوع سان ڪجھھ وقت
ڳالھائڻ کان پوءِ، پلاطس دل ۾ اھو فيصلو ڪيو تھ
يسوع کي موت جي سزا ڏيڻ ٺيڪ ڳالھھ نھ ھئي. ڪو اھڙو
ماڻھو ئي ڪونھ ھو، جو رومن لوڪن جي خلاف لشڪر گڏ
ڪري وڙھڻ چاھيندو ھجي! پلاطس ٻاھر اچي يھودين کي
انھيءَ پنھنجي فيصلي ٻڌائڻ جو خيال ڪيو.
ائين، ھو اندران نڪري، ھڪ ڀيرو ٻيھر ڇڄھريءَ ۾ اچي
بيٺو، ۽ اچي پنھنجي عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. ھن
پوءِ ھيٺ صحن ۾ بيٺل يھودين جي وڏين ربين ۽ انھن
جي سردارن سان وڏي واڪ ڳالھايو.
”آءٌ ھن ماڻھوءَ ۾ ڪا بھ خطا ڪانھ ٿو ڏسان“، پلاطس
چيو. ھن جي مرضي ھئي تھ انھن کي پنھنجو اِھو فيصلو
ٻڌائي. ھو يسوع کي آزاد ڪري ڇڏيندو.
پر جڏھن صحن ۾ گڏ ٿيل يھودي ربين ۽ سردارن ۽ انھن
سان
آيل ماڻھن پلاطس جي واتان اھا ڳالھھ ٻڌي، تڏھن ھو
سخت ڪاوڙجي پيا، ۽ ڦريل ماڻھن ۽ ڦشريل جانورن
وانگر رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ گلا ڦاڙي ڦاڙي واڪا ڪرڻ
لڳا:
”ھو ڏوھي آھي!“
”ھو ھميشھ ماڻھن کي برغلائي ٿو ۽ باغي ٿو بڻائي!“
”ھو يھودين کي رومن سرڪار جي خلاف اڀاري ٿو!“
”ھو سڄي يھوديھ ۾ اھي ڳالھيون پکيڙي ٿو! پھرين ھن
گليل ۾ اھي ڪم شروع ڪيا، ۽ اتي ماڻھن ۾ بغاوت
پکيڙي، ھاڻي ھتي آيو آھي.“
پلاطس انھن جا اھي واڪا ٻڌندو رھيو، ۽ ٻڌندي
ٻڌندي، اوچتو ھن ”گليل“ جو لفظ ٻڌو، ۽ ھن جي ذھن ۾
ھڪڙو خيال آيو.
گليل جي علائقي جو گورنر ھو، يعني پلاطس، نھ ھو،
پر ھيراڊ ھو. جيڪڏھن ھيءُ ماڻھو گليل جي علائقي جو
ھو تھ ھيراڊ کي ئي ھن جو معاملو نبيرڻ کپي ۽ نھ
پلاطس کي. ۽ ھيراڊ پاڻ بھ انھن ڏينھن يروشلم ۾
موجود ھو. اھا ئي ٺيڪ ڳالھھ ٿيندي، جو يسوع کي
ھيراڊ ڏانھن ڏياري موڪلجي – ڀلي، ھو اھو فيصلو
ڪري، ائين ھو، پلاطس، يھودين جي ھن سڄي مسئلي مان
ڇٽي پوندو.
ائين يسوع کي، پوءِ اتي يروشلم ۾ ئي ھيراڊ جي محل
ڏانھن وٺي ويا. ھو ڏاڍو ٿڪل، بيوس ۽ دکي ھو. ھن جا
ھٿ اڃا تائين ٻڌل ھئا. ۽ ھاڻي ھن کي ھيراڊ جي
اڳيان آندو ويو.
ھن گليل جي گورنر ھيراڊ پڻ يسوع بابت گھڻيون ئي
ڳالھيون ٻڌيون ھيون، ۽ ھن کي يسوع جا ڪيترائي اچرج
جھڙا ڪم معلوم ھئا، ۽ ھاڻي، جو ھو ھنن جي اڳيان
آندو ويو ھو، تھ سچ پچ ھو دل ۾ پاڻ خوش ٿيو.
”ممڪن آھي تھ ھيءُ مون کي بھ ڪو معجزو ڪري
ڏيکاري!“ ھيراڊ
سوچيو. پوءِ ھن ڏاڍي دلچسپيءَ سان يسوع کان سوال
ڪرڻ شروع ڪيا.
”پڪ ئي پڪ، پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ، ھو ھڪڙو ڪو
سٺو معجزو مون کي بھ ڪري ڏيکاريندو! ھيراڊ سوچيو.
پر جڏھن يسوع پنھنجي واتان مرڳو ھڪ لفظ بھ نھ
ڪڇيو، تڏھن ھيراڊ کي ڏاڍو تعجب ٿيو ۽ سچ پچ يسوع
ڪجھھ چوي بھ ھا تھ ڇا چوي ھا! ۽ ان مان ھن کي
فائدو بھ ڪھڙو پوي ھا!“
ھيراڊ جي آڏو سڄو وقت يھودين جا وڏا پادري ۽ سردار
۽ انھن جا ماڻھو بيٺا يسوع بابت ڇا جو ڇا
ڳالھائيندا رھيا، ۽ رکي رکي وڏيون وڏيون رڙيون ۽
واڪا ڪندا رھيا ۽ پنھنجي بغض ۽ ڪيني جا زھر ڀريا
تير ھن تي اڇلائيندا رھيا. ھيءُ ھڪ دردناڪ نظارو
ھو. نيٺ ھيراڊ بھ پاڻ جھلي نھ سگھيو ۽ يسوع تي پاڻ
بھ چٿرون ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين.
”سو، تون بادشاھھ آھين، ائين نھ!“ ھن چيو. ”چڱو،
چڱو توکي اسين پوشاڪ بھ بادشاھھ جي ٿا پھرايون!
اڙي، کڻي اچو منھنجو ھڪڙو چوغو، تھ ھن وڏي بادشاھھ
کي مٿان وجھون! ھونئن بھ ھيءُ اسان سان ڳالھائي
ڪونھ ٿو! وڏي ڀت بڻيو بيٺو آھي! من پوءِ ڪنھن لفظ
ڪڇڻ جي مھرباني ڪري!“
پوءِ ھڪڙو شاندار چوغو کڻي آيا، جيڪو آڻي يسوع کي
اوڙھيائون. ان کان پوءِ، تيئن وڌيڪ ھيراڊ ۽ ھن جي
سپاھين ھن کي چيڙايو ۽ ھن تي دل دکائيندڙ چٿرون
ڪيون، ۽ ائين ڪندي ڪندي پاڻ جڏھن ٿڪجي پيا، تڏھن
ھيراڊ جي چوڻ تي انھيءَ ئي چوغي ۾، ھن کي واپس
پلاطس ڏانھن موڪلي ڏنائين، تھ جيئن، واٽ تي توڙي
اتي پلاطس وٽ، ھرڪو جيڪو ھن کي ڏسي، سو مٿس وڌيڪ
کلي ۽ ٺٺول ڪري.
جڏھن پلاطس ٻڌو تھ ھيراڊ يسوع کي واپس ھن ڏانھن
موڪلي ڏنو ھو، تڏھن ھن دل ۾ فيصلو ڪيو تھ ھو
يھودين کي ٻڌائيندو تھ ھو يسوع کي موت جي سزا نٿي
ڏيئي سگھيو. ائين، پوءِ ھن انھن سان ڳالھايو.
”اوھان ھيءُ ماڻھو مون وٽ آندو“، ھن چيو، ”۽ ھن تي
اوھان تھمت ھنئي تھ ھو ماڻھن کي برغلائي ٿو ۽ باغي
ٿو بڻائي. مون ھن کان اوھان جي اڳيان پڇا ڪئي، ۽
مون کي ھن ۾ ڪابھ اھڙي ڳالھھ ڏسڻ ۾ ڪانھ آئي. ۽ نھ
وري گليل جي علائقي جي گورنر، ھيراڊ ئي ھن ۾ اھڙي
ڪا خرابي ڏٺي آھي، جنھن لاءِ ھن کي موت جي سزا ملي
سگھي. انھيءَ ڪري آءٌ ھن کي ڪؤڙا ٿو ھڻايان، ۽
پوءِ ھن کي ڇڏي ڏيندس.“
انھن ڏينھن ۾ اتي ھڪڙي روايت ھوندي ھئي تھ ”عيد
نجات“ جي ڏينھن، ھر سال، يھودين جا ربي ۽ سردار
ڪھڙي بھ ھڪڙي قيديءَ جي معافي لاءِ رومن گورنر کي
سفارش ڪندا ھئا تھ ھو انھن کي ضرور آزاد ڪري
ڇڏيندو ھو. پلاطس سوچيو تھ ھو يسوع کي ائين آزاد
ڪري سگھندو، ڇاڪاڻ تھ ھن سمجھيو ٿي تھ يھودي کانئس
ضرور انھيءَ روايت جي قائم رکڻ جي اميد رکندا.
پر يھودي يسوع کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تيار نھ ھئا! نھ
– بلڪل نھ، ھو ڪھڙي بھ ٻئي قيديءَ کي ڇڏائڻ لاءِ
تيار ٿي سگھيا ٿي، پر يسوع کي نھ!
”ھن ماڻھوءَ کي قتل ڪيو!“ ھنن رڙيون ڪيون. ”اسين
ھن کي آزاد ڏسڻ نٿا چاھيون. تنھن کان اسان کي
”برابا“ ڏيو!“
ھاڻي، برابا ھڪڙو نام ڪٺيو ڦورو ۽ خوني ھو، ۽ اھا
ڳالھھ ڏاڍي ھڪ حيرت جھڙي ھئي تھ يھودين اھڙي
ماڻھوءَ کي تھ ورتو ٿي ۽ قبوليو ٿي، جنھن کين ڦريو
۽ لٽيو ٿي، پر يسوع کي ھو وٺڻ لاءِ تيار نھ ھئا،
جنھن حياتيءَ ۾ سڄو وقت نيڪي ئي نيڪي ٿي ڪئي. ۽
ھاڻي پلاطس جي محل جي آڏو ماڻھن جو انبوھھ ڪاوڙ ۾
ڀرجي ڪناتار ٿي چڪو ھو، ۽ واڪا ڪندي ڪندي، انھن جي
ڳچيءَ جون رڳون ڦاٽڻ تي اچي بيٺيون ھيون – ھيءُ
رومن گورنر، پلاطس، يسوع کي مارڻ لاءِ تھ تيار نھ
آھي، پر ھن جي ڇڏڻ جون ڳالھيون پيو ڪري!
بنھھ انھيءَ گھڙيءَ پلاطس جو ھڪڙو ملازم ھن وٽ
سندس بيگم جو ڪو پرزو کڻي آيو. ھوءَ ھڪ سٺي عورت
ھئي، ۽ ھن ضرور پنھنجي مڙس کي ڪا چڱي ڳالھھ لکي
موڪلي ھوندي! پلاطس پوءِ ڏاڍي چاھھ سان ملازم کان
پنھنجي زال جو موڪليل پرزو وٺي پڙھڻ لڳو.
”اِن نيڪ انسان کي ڪا تڪليف نھ ڏيندا!“ پلاطس جي
زال ھن ڏانھن لکيو ھو. ”مون ھن بابت اڄ خواب ڏٺو
آھي، ۽ اھو خواب ڏسي، مان ڏاڍي ڊڄي ويئي آھيان!“
تيتر، سڄو وقت وڏا ربي ماڻھن جي انبوھھ ۾ ھتي ھتي،
تکا تکا، ھلندا رھيا، ۽ انھن کي اڀاريندا رھيا تھ
جيئن ھو برابا جي آزادي ۽ يسوع جي موت لاءِ رڙين
تي رڙيون ڪندا رھن. ۽ ماڻھن کي ھنن ڦوڪي ڦوڪي، جوش
۾ بنھھ بيھوش ڪري ڇڏيو ھو. ھنن جي مراد ھئي تھ
پلاطس جيڪڏھن وري کڻي پڇي تھ ڪنھن کي ھو ڇڏائڻ
گھرن ٿا، تھ ھو وڌيڪ زور سان وري بھ برابا لاءِ ھن
کان گھر ڪن.
”ھاڻي، ڀلا، ٻڌايو تھ اوھان کي ڪھڙو قيدي گھرجي؟“
پلاطس پويون ڀيرو ھنن کان پڇيو. ”برابا – يا
يسوع؟“
”برابا، برابا، برابا!“ ماڻھن جي انبوھھ واڪا ڪندي
چيو.
”پوءِ آءٌ يسوع کي ڇا ڪريان؟“ پلاطس پڇيو. ھن جو
خيال ھو تھ برابا کي ڇڏائڻ کان پوءِ ھو يسوع جي
ڇڏڻ لاءِ بھ ھن کي چوندا.
پر ماڻھن ھن کي جيڪو جواب ڏنو، سو بيحد ھڪ ھولناڪ
۽ حيواني جواب ھو. ”اِھو ماڻھو صليب تي چاڙھيو!
اھو صليب تي چاڙھيو!“
”پر ھن ماڻھوءَ ڏوھھ ڪھڙو ڪيو آھي؟“ پلاطس دانھن
ڪندي پڇيو. ھو يھودين جي ان نٺرپڻي ۽ ڪٺورتا تي
حيران ھو.
”اھو صليب تي چاڙھيو! صليب تي چاڙھيو! صليب تي،
صليب تي!“ جوش ۾ ڦاٽندڙ ماڻھن جي انبوھھ رڙو رڙ
لائي ڏني.
۽ پوءِ پلاطس ڏٺو تھ وڌيڪ ھو ٻيو ڪجھھ بھ نٿي ڪري
سگھيو. ڦورو ۽ خوني برابا کي ڇڏڻو ئي پوندو ۽ يسوع
کي قتل ئي ڪرڻو پوندو. پر پلاطس پنھنجي دل ۾ خوش
نھ ھو. ھن محسوس ٿي ڪيو تھ يسوع ھن معاملي ۾ بلڪل
بيڏوھي ھو، ۽ ھو ھرگز موت جي سزا جو لائق نھ ھو.
ھن پنھنجي ھڪڙي ملازم کي پاڻيءَ جي گينڊي ڀري آڻڻ
لاءِ چيو، ۽ ھن سڀني ماڻھن جي اڳيان، ۽ سڀني کي
ڏيکاري، پنھنجا ٻيئي ھٿ پاڻيءَ ۾ ڌوتا.
”آءٌ ھي پنھنجا ٻيئي ھٿ صاف ڌوئي رھيو آھيان،
ڇاڪاڻ تھ آءٌ ھن معاملي ۾ پنھنجا ھٿ ميرا ڪرڻ نٿو
گھران“، ھن ماڻھن کي چيو. ”آءٌ ھن نيڪ شخص جي خون
۾ شامل نھ آھيان. ھن جي موت ۾ منھنجو ھٿ ڪونھي،
اھو اوھان جو فيصلو آھي، منھنجو ناھي!“
۽ سڀني يھودين گڏجي، ھڪ ئي آواز ۾ زور سان چيو:
”ھائو! ھائو! ان لاءِ اسين جوابدار آھيون. اھو خون
اسان تي آھي ۽ اسان جي اولاد تي آھي!“
52
: يسوع جي پيڙا
پلاطس برابا کي ڇڏي ڏنو، ۽ ھيءُ ڦورو، خوش خوش،
قيد مان نڪتو ھليو ويو – ھاڻي، ھو پنھنجي دل تي،
ڦرڻ ۽ مارڻ لاءِ آزاد ھو.
پر يسوع کي بي رحميءَ سان مارن ڏيڻ لاءِ سپاھي پاڻ
سان وٺي ويا. ۽ سپاھين ھن کي سخت ماريو، ۽ پوءِ ھن
کي گھلي پنھنجن بارڪن ۾ اندر وٺي ويا تھ اتي ھن تي
ھو دل کولي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪري سگھن. رتوڇاڻ ٿيل
ماڻھوءَ لاءِ ھنن جي دل ۾ ڪابھ ڪھل ڪانھ ھئي، ڪنھن
ٿڪل ۽ ماندي لاءِ، جيڪو سور ۾ پڄري رھيو ھو ۽
غمناڪ ھو، ھنن وٽ ڪو قياس ڪونھ ھو.
نھ – ھنن جي ھٿن ۾ ھڪڙو ڪو ڏنو ويو ھو، اھڙو ھڪڙو،
جيڪو پوريءَ ريت سندن وس ۾ ھو. ھو ھن جي بي عزتي
ڪندا، ھن تي مسخريون ڪندا، ۽ ھن کي چيڙائيندا، ۽
پوءِ ھن کي قتل ڪري ڇڏيندا!
”ھيءُ يار پاڻ کي يھودين جو بادشاھھ ٿو سڏائي!“
ھڪڙي سپاھيءَ چيو. ”اچو تھ ھن جي تاجپوشي ڪريون، ۽
ھن جي ھٿ ۾ ”شاھي لٺ“ ڏيون ۽ ڪوڙ پچاڻي ھن جي آڏو
ڪرنش ڪريون!“
پوءِ سپاھين يسوع جا ڪپڙا ڇڪي لاٿا، ۽ انھن جي
جاءِ تي ھن کي ھڪڙو ريٽو ڳاڙھو چوغو پارايائون. ھن
کي ھڪڙي ڀڳل ڪرسي ڏنائون. اھو ھنن ويھڻ لاءِ ھن کي
تخت ڏنو ھو.
”۽ ھاڻي، ھن کي مٿي ۾ ڪھڙو تاج وجھون؟“ ھڪڙي
سپاھيءَ کلندي چيو. ”۽ ھن جي ھٿ ۾ ”شاھي لٺ“ بھ
ضرور ھئڻ کپي!“
انھن ڏينھن ۾ بادشاھھ پنھنجي تخت تي گھڻو ڪري وڻن
جي تازن پتن جون سايون سرھيون سينھيون مٿي ۾ تاج
وانگر پائي ويھندا ھئا. يسوع لاءِ ان قسم جو تاج
ٺاھڻ سولو ھو – پر ڇو نھ ان ۾ ڪجھھ ڪنڊا ھجن تھ
جيئن اھي مٿي ۾ چڀنس؟
ترت ئي ھڪڙي سپاھي اھو ڪنڊن جو تاج ٺاھي ورتو، ۽
آڻي يسوع جي مٿي ۾ زور ڪري وڌو. پوءِ ھن کي ھٿ ۾
ھڪڙي ڪاٺي ڏنائون، تھ اھا ھن جي ”شاھي لٺ“ ھئي!
سڀيئي سپاھيءَ ھن جي چوڌاري ٿي بيٺا، ۽ ھن تي کلڻ
۽ ٽوڪون ڪرڻ لڳا. ”ھاڻي، اچو تھ بادشاھھ جي
تابعداري ڪريون“، ھنن رڙ ڪئي. ”ھڪڙو ھڪڙو اسان مان
ويجھو وڃي، ڪنڌ نمائي، بادشاھھ سلامت جو ادب بجا
آڻي!“
۽ پوءِ سڀ سپاھي ھڪ ھڪ ٿي يسوع جي ويجھو ويا ۽
ٺٺول ڪندي، ھن جي آڏو نمڻ لڳا، ۽ چيائون، ”مرحبا،
اڙي يھودين جا بادشاھھ!“
جڏھن ائين چئي ۽ نمي بس ٿي ڪيائون، تڏھن سڌا ٿي،
ھن جي آڏو اٿي بيھي، ھن جي منھن ۾ ٿڪ اڇلائي ٿي
ھنيائون. منجھانئن ڪن ھن جي ھٿ مان اھا ڪاٺي کسي،
جيڪا ھن کي ”شاھي لٺ“ ڪري ڏني ھئائون، ھن جي منھن
۾ زور سان ڪيئي ڀيرا ھنئي ٿي. سپاھين لاءِ ھڪڙي
بيوس ۽ ھيڻي ماڻھوءَ کي ائين مارڻ ۽ نيچ ڪرڻ ۾ مزو
ٿي آيو، ۽ اھو انھن لاءِ ھڪ قسم جو کيل ھو.
پوءِ سپاھي يسوع کي ائين ئي، ڳاڙھي چوغي ۾، ۽ ڪنڊن
جي تاج سان، پلاطس وٽ وٺي ويا. ڪيڏو نھ ھيءُ روح
روئاڙيندڙ نظارو ھو.
پلاطس يھودين جي ربين ۽ سردارن ۽ سندن آندل ماڻھن
سان ڳالھايو، جيڪي اتي يسوع کي پاڻ سان وٺي وڃڻ
لاءِ ترسيا ويٺا ھئا. ”ڏسو، ھيءُ ماڻھو، يسوع، آءٌ
وري اوھان جي آڏو آڻيان ٿو، تھ جيئن اوھان کي خبر
ھجي تھ آءٌ ھن ۾ ڪابھ خرابي ڪانھ ٿو ڏسان.“ پلاطس
شايد اھو ٿي سوچيو تھ جيڪڏھن اھي ماڻھو يسوع کي
اھڙي دکي ۽ ايذايل حالت ۾ ڏسندا تھ ھو ھن جي موت
جي وڌيڪ گھر نھ ڪانھ ڪندا.
”ھاڻي، ھن ڏانھن نھاريو!“ پلاطس چيو. پر يھودين جي
دلين ۾ يسوع لاءِ ڪابھ ڪھل ڪانھ ھئي. ھنن جي فقط
ھڪڙي ئي رٽ ھئي:
”اِھو صليب تي چاڙھيو، اھو صليب تي چاڙھيو!“
پوءِ انھن مان ڪن جي من ۾ ھيءَ ڳالھھ آئي تھ پلاطس
اڃا بھ يسوع کي ڇڏڻ جا جتن سوچي رھيو آھي – ان جي
جواب ۾ وري ھنن جي دل ۾ ھڪڙو ٻيو خيال آيو، ۽ ھنن
رڙ ڪئي:
”تون ھن ماڻھوءَ کي ڇڏڻ ٿو گھرين! تون شھنشاھھ جو
دشمن آھين. ڇا، توکي خبر ناھي تھ ھيءُ پاڻ کي
بادشاھھ ٿو سڏائي! تنھنجو شھنشاھھ، سيزر ڇا چوندو،
جڏھن ھن کي اھا خبر پوندي؟ تون سيزر جو دوست نھ پر
دشمن آھين!“
پلاطس جڏھن ھيءُ ٻڌو تڏھن سڄو ڪنبي ويو، ۽ وڌيڪ
ڪجھھ نھ ڳالھائي سگھيو، ۽ انھيءَ مھل يسوع کي
يھودين جي وڏن پادرين ۽ سردارن ۽ سندن آندل ماڻھن
جي حوالي ڪري ڇڏيائين تھ ھن کي وڃي مارين. ۽ ھو
يسوع کي ھٿ ڪري، پاڻ سان وٺي، پلاطس جي قلعي مان
نڪتا ھليا ويا.
53
: غدار جو ڇا حال ٿيو
ھيءُ سارو وقت يھوداھ غدار ڪٿي ھو، ۽ ڇا پئي
ڪيائين؟ ڇا، ھو ڪٿي ويھي، پنھنجيءَ غداريءَ جو مٺو
ڦل کائي رھيو ھو؟ ۽ خوش ٿي رھيو ھو تھ سندس آقا،
جنھن سان ھن دغا ڪئي ھئي، سو ايترا عذاب سھي رھيو
ھو؟
نھ – يھوداھ تمام گھڻو پڇتائي رھيو ھو، ۽ جو ڪجھھ
ھن ڪيو ھو، ان تي ھو بيحد افسوس جا ھٿ ملي رھيو
ھو. ھن کي معلوم ھو تھ يسوع کي ڏوھي ڪيو ويو ھو.
ھن ھيءُ بھ ٻڌو ھو تھ ھن کي پلاطس وٽ وٺي وڃڻا
ھئا، تھ رومن گورنر کان ھن جي مارڻ جو حڪمنامو
جاري ڪرائي سگھن.
يھوداھ جي من ۾ ڪيتريون ئي يادگيريون تري آيون –
يسوع جا ٻاجھھ ڀريا ڪم جيڪي ھن ڪيا ھئا، ھن جا
نصيحت ڀريا لفظ جيڪي ھن چيا ھئا، ۽ ھن جي ڪھل ۽
ديا جيڪا ھن جي دل ۾ ھر ڪنھن لاءِ ھئي – اِھي سڀ
خيال يھوداھ جي من ۾ وري وري ايندا رھيا. ھن کي
معلوم ھو تھ يسوع معصوم ھو، ۽ ڇاڪاڻ تھ ھن جي
ساٿيءَ ھن سان دغا ڪئي ھئي، ھيءُ، جيڪو يھوداھ جي
نظر ۾ سڀ کان سٺو ۽ سڀ کان شريف انسان ھو، ناحق ۽
ايڏي بي مروتيءَ سان خون ٿي رھيو ھو!
يھوداھ پاڻ کي ڏاڍو نيچ ٿي سمجھيو ۽ ڌڪاريو ٿي. ھن
بيحد پڇتايو ٿي. ھن کي اھو سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ
ھن اھو سڀڪجھھ ڪيئن ڪيو. يسوع ھن کي ڀانئيندو ھو.
ھن کي پيار ڪندو ھو، ۽ يھوداھ ھن کي موٽ ۾ ڇا ڏنو
– دغا ۽ موت؟
يھوداھ ٽيھھ چانديءَ جون مھرون ڪڍي ڏٺيون، جيڪي
غداري جي چند لفظن جي عيوض ۾ ھن کي ھڪ وڏو انعام
معلوم ٿيون ھيون. اھي ھاڻي ھن کي ٻرندڙ ٽانڊن
وانگر ٿي لڳيون. انھن کي ھاڻي ھو ڇا ڪندو؟ ڇا، اھي
ڪنھن معصوم خون جو ملھھ ٿي سگھيون ٿي؟ پر ھاڻي، ھو
ڪري بھ ڇا ٿي سگھيو؟
ھو يسوع کي بچائي نٿي سگھيو – اھا ھن کي خبر ھئي.
ڳالھھ تمام
گھڻي ٿي ويئي ھئي. ھو بيحد نراس ھو. ھو ايڏو تھ
لڄي ھو ۽ دکي ھو، جو ھن کي پنھنجي من کي سانت ڪرڻ
لاءِ ضرور ڪجھھ ڪرڻو ھو.
”آءٌ عبادتگاھھ جي پادرين وٽ ويندس“، اوچتو ھن
سوچيو. ”ھي ٽيھھ مھرون انھن کي وڃي موٽائي ٿو
ڏيان، جيڪي ھنن مون کي ھن ڪڌي ڪم لاءِ ڏنيون ھيون
۽ جن سان ھنن منھنجو روح خريد ڪيو ھو. جي ٻيو نھ،
تھ اھو تھ ڪري ٿو سگھان! سڀيئي ربي تھ پلاطس جي
قلعي ڏانھن ڪونھ ويا ھوندا. انھن مان ڪي تھ
عبادتگاھھ ۾ بھ ھوندا ۽ عيد نجات جي جشن جون
تياريون پيا ڪندا ھوندا! آءٌ ھن ئي گھڙيءَ اوڏانھن
ويندس.“
پوءِ ھو بيحد پريشان، لڄ ۽ پڇتاءُ سبب بنھھ بيحال،
ڇڙيل وار، لٿل منھن ۽ اوجاڳي ۽ ارمان کان ٻاھر
نڪتل سڄيل اکيون کڻي – ان جنوني حال ۾ وٺي
عبادتگاھھ ڏانھن ڀڳو. اتي جيڪي ربي ويٺا ھئا، اھي
ھن کي ائين ڏسي، دھلجي ويا.
”مون گناھھ ڪيو آھي“، يھوداھ چيو. ھن جي اندر جي
پيڙا ھن جي منھن مان ڳالھائي رھي ھئي. ”مون ھڪڙو
ڀيانڪ ڏوھھ ڪيو آھي. مون ھڪڙي معصوم شخص سان دغا
ڪئي آھي.“
”توکي ان جو پھرين خيال ڪرڻ کپندو ھو“، ربين ھن کي
چيو. ”اسان جو ان ۾ ڇا؟ ان جو اسان سان ڪو واسطو
ڪونھي.“
”ھي پئسا توھان جا آھن، سي واپس مون کان وٺو!“
يھوداھ دانھن ڪئي، ۽ چانديءَ جون ٽيھھ مھرون اتي
”خدا جي گھر“ جي فرش تي اڇلي، انھن کي ڏنائين، ۽
اھي ڇڻڪاٽ ڪنديون، ۽ ٿيڙ کائينديون، سڀني پاسي
پکڙي ويون، ۽ ربي انھن مان ھڪ ھڪ کي ڏسندا رھيا.
۽ پوءِ غدار يھوداھ، جنھن کي معلوم ھو تھ خوشي ۽
سانت جنھن جو نالو، اھا ڪڏھن ھن جي من کي ڪانھ
ملندي، عبادتگاھھ مان اٿي ٻاھر نڪري ويو، ۽ وڃي
پاڻ کي ڦاھو ڏيئي ماري ڇڏيائين.
وڌيڪ چڱو ٿئي ھا، جيڪڏھن ھو واپس يسوع وٽ وڃي ھا.
ڇاڪاڻ تھ يسوع ھن کي ھن جا سڀ گناھھ معاف ڪري ڇڏي
ھا، ۽ پوءِ ھو جي بھ سگھي ھا، ۽ جنھن آقا سان ھن
غداري ڪئي ھئي، ان جي نيڪ ڪم کي ھو جيڪي سو اڳتي
ڪري سگھي ھا.
54
: يسوع صليب تي
جيل ۾ ٻھ ٻيا قيدي ھئا، جن کي بھ يسوع سان گڏ
انھيءَ ڏينھن مارڻو ھون، اھي ڦورو ھئا ۽ برابا جي
ٽولي جا ھئا. پلاطس حڪم ڪيو تھ اھي يسوع سان گڏ
صليب تي چڙھن.
ھر قيديءَ کي پنھنجي صليب پنھنجي ڪلھي تي پاڻ کڻي
مقتل ڏانھن ھلڻو ھو. صليب ٻن ٽڪرن جي ٺھيل ھوندي
ھئي – ھڪڙو ان جو اڀو ٽڪر ھو، جيڪو زمين ۾ کپندو
ھو ۽ ٻيو ان جو سنئون ٽڪر ھو، جيڪو اڀي ٽڪر تي، ان
جي مٿينءَ چوٽيءَ کان ڪجھھ ھيٺ، کليل ٻن ٻانھن
وانگر، ٻڌي يا کپائي ڇڏبو ھو – اھا سڄي صليب قيدين
کي کڻي ھلڻي ھئي.
قيدين کي پنھنجي پنھنجي ڳچيءَ ۾ تختي ٽنگڻي پوندي
ھئي، جنھن تي لکيل ھوندو ھو تھ ھو ڪير ھئا، ۽ سندن
ڏوھھ ڪھڙو ھو، جنھن لاءِ کين موت جي سزا ملي ھئي.
پلاطس يسوع لاءِ بھ اھڙي ھڪ تختي ٺاھي ھئي. ھن ان
تي لکيو ھو: ”يھودين جو بادشاھھ.“ پلاطس کي خبر
ھئي تھ انھن لفظن تي يھودين جا وڏا ربي سخت
ڪاوڙبا، ۽ سچ پچ اھي ڏاڍا ڪاوڙيا بھ. پر تختيءَ تي
جيڪي لکيو ويو ھو، ان کي ڦيرائڻ لاءِ پلاطس تيار
نھ ھو.
سپاھين جيڪو ريٽو ڳاڙھو چوغو يسوع کي پھرايو ھو،
جڏھن ھنن مٿس چٿرون ٿي ڪيون، سو کانئس ھنن لھرائي
ورتو، ۽ ھاڻي ھن کي وري پنھنجا اصلوڪا ڪپڙا پھرايا
ھئائون. پوءِ ھنن يسوع جي ڪلھن تي وزندار صليب
رکي، ۽ ساڳيءَ طرح ٻن ڦورو قيدين جي ڪلھن تي بھ
صليبون رکيائون.
ھنن کي اھي پنھنجون صليبون ڪلھن تي کڻي، ڪافي پنڌ
ڪري، ٽڪريءَ تي مٿي وڃڻو ھو، جتي اھي بيھارڻيون
ھيون. يسوع ڏاڍو ٿڪل ۽ ڪمزور ھو. ھن ننڊ ڪانھ ڪئي
ھئي. ھن کي بي ترسيءَ سان ماريو ويو ھو. ۽ ھن کي،
ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڇڪي ۽ گھلي پئي
آندو ۽ نيو ھئائون. ۽ ھاڻي ڪيترائي راھگير ھنن ٽن
صليب کڻي ويندڙن جي پٺيان لڳا، ۽ واڪا ڪندا ۽ انھن
تي ٺٺوليون ڪندا ۽ مٿن لقب لائيندا، انھن سان گڏ
ھلندا ٿي رھيا.
”ڙي، ھن کي ڏسو!“ ھڪڙي ڪنھن رڙ ڪئي. ”ڏسو تھ ھن جي
تختيءَ تي ڇا لکيل آھي: ”يھودين جو بادشاھ!“ ڏسو،
ڏسو! لڳي ٿو نھ ھو بادشاھھ؟“
يسوع، صليب کڻي، ٻين ٻن سان گڏ، ھلندو رھيو، پر ھو
ڪمزور ھو ۽ ان جي ڳري بار ھيٺ ھو ٿڙڻ ۽ ٿاٻڙڻ لڳو.
ھو ڪري ٿي پيو، تھ سپاھين ھن کي ٿڏا ھڻي اٿاريو
ٿي، پر وري وري ھو ٿڙڪي ڪري ٿي پيو. ائين ڏسجي
رھيو ھو تھ ھي ننڍڙو جلوس صليبن کوڙڻ واريءَ جاءِ
تي تمام دير سان پھچندو. پوءِ رومن سپاھي چوڌاري
نھارڻ لڳا تھ اھڙو ڪو ماڻھو ھجي، جو يسوع جي صليب
کڻي ھلي، تھ جيئن جلوس ڪجھھ تيز ھلي سگھي.
ھو وڌي ماڻھن جي گوڙ ۾ ويا، ۽ وڃي ھڪڙي ماڻھوءَ کي
ٻانھن مان جھليائون، جنھن جو نالو شمعون ھو. ”ھن
ماڻھوءَ جي صليب کڻ!“ ھن کي حڪم ڪيائون. ۽ شمعون
مجبور ٿي، يسوع جي پاران صليب کڻي ھلڻ لڳو. پوءِ
يسوع ڪجھھ وڌيڪ سولائيءَ سان اڳتي ھلڻ لڳو.
مقتل تائين نيندڙ سڄي واٽ، ڪي ماڻھو ھنن سوريءَ تي
ويندڙ ٽن ڄڻن تي کل مسخري ۽ ٽوڪون ڪندا پئي ويا.
ساڳئي وقت ان جلوس سان ڪي عورتون ھيون، جيڪي سارو
وقت روئنديون ۽ پار ڪڍنديون پئي ھليون. انھن مان
ڪن يسوع کي عبادتگاھھ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو ھو، ۽
بيمارن جي خبرچار لھندي ۽ انھن کي چڱو ڀلو ڪندي بھ
ڏٺو ھو. يسوع ڪنڌ ورائي انھن سان ڳالھائڻ لڳو.
”منھنجون مائرون، اوھين مون لاءِ نھ رو!“ ھن ڏکندي
آواز ۾ چيو. ”اوھين پنھنجن معصوم ٻارن لاءِ رو –
ڇاڪاڻ تھ انھن لاءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن اچڻ وارا
آھن!“
يسوع کي شھر مان ٻاھر گلگتا نالي ھڪڙي ٽڪريءَ تي
وٺي ويا. اتي سپاھين وڏي ڪاٺ جي صليب تي بيھاري،
ھن جي ھٿن ۽ پيرن ۾ ڪوڪا ھنيا، ۽ ھو اتي پنھنجن
ٻنھي پاسن کان صليبن تي چڙھيل ھڪ ھڪ ڦوروءَ جي وچ
۾، نشانبر ٿيو، ٽنگيو پيو ھو.
يسوع جي ٻنھي پاسن کان صليب تي چڙھيل ڦورن دل
ڏاريندڙ سور کان توبھون پئي ڪيون ۽ وري وري سوريءَ
چاڙھيندڙ پنھنجن دشمنن کي گاريون پئي ڏنيون ۽ واڪا
پئي ڪيا. پر يسوع سڄي پنھنجي پيڙا پوري حوصلي ۽
صبر سان سھندو رھيو.
”منھنجا رب، منھنجا ٻاجھارا ....! ھنن کي معاف ڪر،
ڇو تھ ھي نٿا ڄاڻن تھ ڇا ٿا ڪن“، ھن چيو.
پوءِ جيئن اھي اتي مٿي، تيز ساڙيندڙ اس ۾ ٽنگيا
پيا ھئا، ۽ سور کان انھن جو سنڌ سنڌ وڍجي رھيو ھو،
۽ بيوس ايترا ھئا، جو جيڪو بھ لڱ ٿي چوريائون اھو
وڌيڪ ٿي سور ۾ ٽڪر ٽڪر ٿين، تيئن اتي ڪي اھڙا بھ
ماڻھو ھئا، جو رڳو تماشي ڏسڻ لاءِ وٽن پئي آيا، ۽
ڪن اڳتي وڌي مٿن مسخريون ۽ ٺٺوليون پئي ڪيون. انھن
سندن مٿن کان صليب جي اڀي ڪاٺيءَ ۾ ٽنگيل تختين کي
وڌي وڌي پئي پڙھيو. جڏھن انھن يسوع جي صليب تي لڳل
تختيءَ تي جيڪا لکيت ھئي، سا پڙھي ٿي، تڏھن ھنن
ٽھڪ ڏيئي کليو ٿي.
”ناصرت جو يسوع، يھودين جو بادشاھھ“ ھي لفظ ان
تختيءَ تي لکيل ھئا. اھي ان تي ٽن ٻولين ۾ لکيل
ھئا. انھيءَ لاءِ تھ ملڪ جي ھر حصي جا ماڻھو، جيڪي
اتي اچي سگھيا ٿي، اھي پڙھي سگھن. |