سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:8 

شعر بابت ھن جا بحث سڀ علمي ۽ تحليلي آھن. ”نقد الشعراءُ“ جي نالي سان ھن جيڪو ڪتاب لکيو آھي، تنھن جي مقدمي ۾ شعر جي حقيقت تان نقاب کڻندي ھيءُ بھ لکيو اٿس تھ شعر اصل ۾ ٻن شين جي مجموعي جو نالو آھي. پھرين ”معاني“ جيڪا شعر جي لاءِ ماده جي حيثيت رکي ٿي. ٻيو ”لفظ ۽ ان جون مخصوص ترڪيبون“، جن کي شعر جي شڪل چئي سگھجي ٿو. شعر جو غرض ۽ غايت تحسين ۽ تجويد آھي. ”قدامھ“ ان مان ٻھ نتيجا اخذ ڪيا آھن: پھريون ھيءُ تھ اصل شعر ۽ ان جو روح معاني نھ آھي، بلڪھ لفظ آھن ۽ انھن جون اھي مخصوص ترڪيبون جن جي ڪارب ۾ شعر کي پلٽيو ويو آھي، اخلاقي اعتبار کان معنيق جي پستي، مضمون جي عرياني ۽ خيال جي چاڪ داماني شعر جون شيون نھ آھن. شاعر جو ڪمال اھو آھي تھ ھو ھر خيال کي بھتر کان بھتر لفظن ۾، دلنشين کان دلنشين اسلوب ۾ ادا ڪري. ھن جو آرٽ ادا جو حسن آھي ۽ بس! واڍو بھ ھڪ آرٽسٽ آھي ۽ زرگر بھ. بنھي جو ڇا ڪم آھي؟ اھو ئي تھ ھو سٺي کان سٺي ۽ خوبصورت کان خوبصورت شيءِ تيار ڪري ڏين. ڪاٺي ۽ سون جي پستي جيڪي ھنن جي آرٽ جا ماده آھن، سي ھنن جي ڪمآللهڀ فن کي پست نٿا بنائين. ”قدامھ“ جو مطلب ھيءُ آھي تھ شعر ۽ اخلاق جدا جدا ٻھ شيون آھن ۽ آرٽ جھڙو ”افلاطون“ جو خيال آھي، اخلاق جو پرستار ۽ ھن جو خدمتگار نھ آھي. ٻيو نتيجو ھن ھيءُ اخذ ڪيو آھي تھ ٿي سگھي ٿو تھ شاعر ڪنھن ھنڌ تي ھڪ شيءِ جي مدح ڪري ۽ ٻئي ھنڌ ان جي مذمت. ظاھر ۾ ھيءُ تناقض آھي، پر فن ھن تناقض کان بالتر آھي. تناقض فلسفي ۾ ھڪ عيب ليکيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تھ ان جو دارومدار صداقت تي نھ آھي. ھيءُ ان حقيقت جو ڳالائو آھي، جيڪا زندگيءَ ۽ ڪائنات جي ذري ذري ۾ ھڪ راز وانگر لڪل آھي پر آرٽ جي صداقت فلسفي جي صداقت کان ڪجھھ مختلف شيءِ آھي. ھيءَ انھيءَ قسم جي صداقت آھي، جنھن ۾ تناقض جي گنجائش بھ آھي مگر ھڪ شرط سان، جيڪو ھيءُ آھي تھ آرٽ جو اصلي غرض جنھن کي ”قدامھ“ تجويد سان تعبير ڪيو آھي، سو ضايع نھ ٿئي. ھن جا لفظ ھي آھن:

”شاعر جي لاءِ ضروري نھ آھي تھ ھن کي صادق بھ چيو وڃي. ھن جو ڪم ھيءُ آھي تھ ھو ھر قسم جي مضمون ۽ مفھوم کي بھترين طريقي سان ادا ڪري ۽ بس.“

عربن جو اھو انتقادي نظريو بنيادي نظريو آھي، جنھن جو اصلي غرض ھيءُ آھي تھ عام طرھ علمن ۽ فنن ۽ انھن جي بحثن ۾ جيڪو خلط ملط روا رکيو وڃي ٿو، تنھن جي طرف ڌيان ڏيارجي. اھو خلط ملط ڪيترن ئي سببن ڪري نقصانڪار آھي. انھن مان ھڪڙو سبب ھيءُ بھ آھي تھ ھن فن جي ارتقاءِ روڪجي وڃي ٿي ۽ مسئلن جي رلي ملي وڃڻ جي ڪري اصل فيصلا بھ غلط ٿي وڃن ٿي.

”افلاطون“ سڀ کان پھريون حڪيم آھي، جنھن آرٽ جي مسئلن ۾ اخلاق ۽ سائنس جا نظريا داخل ڪيا، جيتوڻيڪ شروعات کان سندس شاگرد ”ارسطو“، آرٽ ۽ سائنس کي جدا ڪري چڏيو ھو ۽ ٻنھي جون جدا جدا واٽون مقرر ڪيون ھئائين. پر اخلاقي مسئلا وري بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ ارٽ سان ڦاٿل رھجي ويا. بھرحال! عربي تنقيد جو اصلي رجحان اھو ئي آھي تھ آرٽ پنھنجن مقصدن ۽ مسئلن ۾ ٻين علمن ۽ فنن کان بلڪل آزاد آھي.

”قدامھ“ ان کان پوءِ عربي شعر جو تجزيو ڪري، ان جا ترڪيبي عنصر جھڙوڪ: لفظ، معنيٰ، وزن، قافيو ۽ وري انھن جي مرڪبات جي عيبن ۽ خوبين تي تفصيلي نظر وڌي آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ھن فاضل تنقيد نگار جيڪي ادبي لطيفا ۽ انتقادي نقطا بيان ڪيا آھن، سي گھڻو اھم، مفيد ۽ دلچسپ آھن.

”ابن رشيق“ ۽ سندس رفيق ”ابن شرف“ پوين نقادن جي حيثيت رکن ٿا. اھي ٻئي ھڪڙي ئي وقت جا شاعر ونقاد ۽ آفريقا جي مشھور اسلامي شھر ”قيروان“ جا رھڻ وارا ھئا. ”قيروان“ مشرق بغداد ۽ مغرب جو غرناطھ آھي، جو ڪنھن زماني ۾ عالمن، فاضلن ۽ شاعرن جو مرڪز ھو. اھي ئي ٻئي ھڪڙي ئي ”امير الزاب“ جي درٻار ۾ بلبل جيان لاتيون ڪندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن ھڪ ٻئي تي چوٽون ڪندا ھئا. ھي شعر چوڻ سان گڏ شعر فھميءَ جو مذاق بھ رکندا ھئا. ”ابن رشيق“ شعر ۽ ان جي نقد تي ھڪ سير حاصل بحث ڪيو آھي ۽ اھو بھ اھڙيءَ جامعيت سان، جو گھٽ ۾ گھٽ عربيءَ ۾ انھيءَ جامعيت سان ٻئي ڪنھن کي بحث ڪرڻ جو موقعو نھ مليو. ”ابن شرف“ بھ ڪجھھ طبعي لاڳاپي جي ڪري ۽ گھڻو ڪي پنھنجي ساٿيءَ جي چوٽ تي، اھڙو ئي مڪمل تنقيدي بحث ڪرڻ گھرندو ھو، ليڪن يا تھ ھن کي موقعو ڪونھ مليو، يا سندس ڪتاب ضايع ٿي ويو.

ٽيونس جي ھڪ فاضل ”عبدالوھاب الحسني“ ھن ڪتاب جا رڳو ٻھ پريشان باب کوليا آھن. ھيءُ باب ھن انھيءَ پريشان ۽ پراگندھ حالت ۾ ”رسائل الانتقاد“ جي نالي سان شايع ڪري ڇڏيا آھن. خود مصنف مقدمي ۾ رقمطراز آھي تھ: ”ھن ”بديع الزمان الھمداني“ جي نموني تي ويھھ مقالا چيا. باقي ارڙھن جو ڇا ٿيو؟ خدا ئي بھتر ڄاڻي ٿو.“

عربي ادب جي ھڪ خصوصيت ۽ روايت آھي، يعني ھيءَ تھ عربي تاريخ، جاگرافي، حديث، تفسير، فقھ، شعر، نقد ۽ بيان وغيرھ، سڀني فنن ۾ قديم عالمن جا رڳو قول نقل ڪيا وڃن ٿا، جھڙوڪ فلاڻي عالم ھن باب ۾ ھيءُ چيو آھي ۽ فلاڻي جي ھيءَ راءِ آھي ۽ گھڻا مصنف گھٽ پنھنجي ذاتي راءِ پيش ڪندا آھن. نقد شعر بابت عربيءَ ۾ جيڪي ڪتاب تصنيف ٿيا آھن، تن جو حال بھ اھو ئي آھي. آڳاٽن عالمن، شاعرن ۽ ناقدن جون چوڻيون ھڪ ھنڌ گڏ ڪيون ويون آھن ۽ لطف اھو آھي تھ اھي چوڻيون پاڻ ۾ متضاد بھ آھن، پر انھيءَ تي بھ مصنف پنھنجي ذاتي راءِ نھ ڏني آھي. تنھن ڪري فن جي ارتقاءِ دستور مطابق اونده ۾ رھي ۽ اسين جي رفتار کان جھڙو پھرين بيخبر ھئاسين، تھڙو ئي سڀ کان پڇاڙيءَ وارو ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ بھ بيخبر رھياسون. ”ابن رشيق“ خود ھڪڙي تنقيدي قابليت رکندو ھو ۽ جيترو زماني جي رسم ورواج مطابق ھن بھ عالمن ۽ شاعرن جا قول نقل ڪيا آھن، پر ان سان گڏ پنھنجي راءِ بھ ڏيندو ويو آھي.

ھن نقل ۽ روايت جو ھڪ ناروا اثر ھيءُ ٿيو تھ فطري صلاحيتون ڪجھھ اجھاي ويون، ھمتون پست ٿي ويون ۽ اھو سمجھيو ويو تھ شعر وادب جو جيڪو سرمايو ھو، سو سڄي جو سڄو اسان جا بزرگ ۽ پيشرو ميڙي کڻي ويا ۽ ھاڻي ان ۾ ڪو اضافو ڪري نٿو سگھجي. شعر بابت ان مرغوب ڪندڙ ذھنيت ايترو فروغ پاتو جو ”ابن قتيبھ“ کي جيڪو ٽين صدي ھجريءَ جو عالم ھو، ھنن لفظن ۾ روڄ ڪرڻو پيو:

”خدا شعر، علم ۽ بلاغت کي ڪنھن زماني يا قوم سان مخصوص نھ فرمايو آھي. بلڪھ ھر زماني ۾ اھي خدا جي بندن جو مشترڪ سرمايو رھيا آھن، نھ تھ ھر قديم شاعر پنھنجي زماني ۾ جديد ھو.“

ھن قول تي تبصرو ڪندي ”ابن رشيق“ لکيو آھي:

”ڪوبھ چئي نٿو سگھي تھ ھو ٻئي جي مقابلي ۾ شعر چوڻ جو وڌيڪ حق رکي ٿو. بلڪھ ھر شخص ان ۾ برابر شريڪ آھي. البتھ برتري ۽ فضيلت جو دارومدار معنيٰ تي آھي ۽ اھو پڻ ڪن شرطن سان جن جو ذڪر اسين پنھنجي ڪتاب ۾ ڪنداسون.“

قديم ۽ جديد شاعرن بابت ھي ڪھڙو نھ عجيب آھي، جنھن کان عربي ئي نھ بلڪھ ٻين ٻولين ۾ ٻن مختلف رجحانن جو پتو پوي ٿو:

”قديم ۽ جديد شاعرن کي اھڙن ٻن شاعرن سان تشبيھھ ڏيئي سگھجي ٿي، جن مان ھڪڙي عمارت جو بنياد رکي ۽ ان کي مضبوط ۽ مستحڪم بنايو ۽ ٻئي ان کي نقش ونگار ۽ گل ڦل سان سينگاريو. انھن مان ڪنھن ھڪڙي جي بھ فن جي مھارت ۽ بدن جي رياضت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي. پھريون فنڪار آھي تھ ٻيو حسنڪار.“

زبان يا بيان ”ابن رشيق“ جي ويجھو شعر جي جان آھي ۽ شعري خيال ان جي ظاھري شڪل. ھڪ فن جو ماھر پنھنجي فن، پنھنجي ھنر ۽ پنھنجي تخليق جي جذبي سان انھن صورتن کي نمونن نمونن جا رنگ ڏئي ٿو ۽ قسم قسم جي شڪلين ۾ جلوه نما بنائي ٿو. آرٽ جو روح اصل ۾ سندس اھا شڪل آھي، جيڪا آرٽسٽ جي فڪر جي ڪارگاه ۾ بڻجي تيار ٿي. رھيون ان جون صورتون سي فنڪارن جو گڏيل سرمايو آھن. آرٽ جو ورھاڱو بھ انھيءَ صورت جي بنا تي آھي. خيال محض فطرت جا مظاھر ۽ ارضي وسماوي ڪائنات ۾ بھ آھن ۽ سنگتراش جي مثالن ۾ بھ، مصور جي نقش ۾ بھ آھي ۽ ساز نواز جي تارن ۾ بھ. اھو ئي خيال ناچڻيءَ جي پيرن جي ٺوڪ مان بھ پيدا ٿئي ٿو ۽ مطرب جي ساز ۽ آھنگ مان بھ. انھن سڀني ان ھڪڙي خيال کي پنھنجي پنھنجي فن جي لحاظ کان مختلف رنگ ۽ روپ ۾ جلوه ڏنو آھي. ھيءُ اب ورنگ، ھيءُ نقش وآھنگ سراسر فنڪار جون پنھنجيون تخليقون آھن. شاعر انھن فڪرن کي، جيڪي اصل ۾ حسن جا روپ آھن، لفظ ۽ بيان جي ڪارب ۾ پلٽي پيش ٿو ڪري. شاعر جو ڪم بس اھو ئي آھي. ”ابن رشيق“ شعر جي انھيءَ حسنڪاريءَ بابت تحرير ڪري ٿو تھ: ”عبدالڪريم بن ابراھيم“ نھايت مختصر ۽ جامع لفظن ۾ ان تي بحث ڪيو آھي، جو ھيءُ آھي:

”زمان ۽ مڪان جي اختلاف جي سبب بھ ڪڏھن ڪڏھن فن ۾ اختلاف ٿي پوي ٿو. ھڪڙي شيءِ ھڪ ڀيرو بدصورت، بدنما محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. ھڪ شھر جا رھاڪو ھڪڙيءَ شيءِ کي پسند ڪن ٿا ۽ ساڳي شيءِ ٻي شھر جا رھڻ وارا ناپسند ڪن ٿا. اسان ماھر شاعرن کي ڏٺو آھي تھ اھي انھيءَ اختلاف ۽ تنوع جي رعايت ڪن ٿا ۽ ھر زماني ۾ اھا ئي شيءِ پيش ڪن ٿا، جا پسند ڪئي وڃي ٿي ۽ ھر گھڙيءَ استعمال ۾ اچي ٿي. پر ان سان گڏ ھيءُ خيال بھ رکن ٿا تھ ھو حسن اعتدال جي حد ۽ ھنر جي تيز فھمي کان خارج نھ ٿي وڃي. مون کي سڀ کان وڌيڪ ھيءُ پسند آھي تھ شعر حسن ۽ سادگيءَ جو جامع ھجي. اھو ڪو وقتي ۽ ھنگامي شيءِ نھ ھجي. غريب، ثقيل ۽ وحشي لفظن جو استعمال نھ ڪيو وڃي. مضمون آفريني جي شڪل ۽ آورد کان پاڪ ھجي. مشھور مثال، موزون تشبيھون ۽ دل نشين استعارا پنھنجي دامن ۾ رکيو ويٺو ھجي.“

”ابن رشيق“ شعر جي روح تائين پھچي چڪو ھو. ھو ڄاڻندو ھو تھ وزن، تشبيھھ، استعارو ۽ ٻيون لفظي صنعتون شعر جا اصلي جزا نھ آھن. گھڻي ۾ گھڻو اسين انھن کي ان جي ظاھري خوبين ۾ ڳڻي سگھون ٿا. ھن لکيو آھي:

”شاعر کي ان لاءِ شاعر چيو وڃي ٿو جو ھو انھن شين جو شعور بھ رکي ٿو ۽ انھن کي محسوس بھ ڪري وٺي ٿو جيڪي ٻين کي محسوس نھ ٿيون ٿين. انھيءَ ڪري جيڪڏھن شاعر معنيٰ جي ايجاد نھ ڪري سگھي، شيرين لفظ ۽ بديع نھ آڻي سگھي، ٻيو تھ جتي ڪلام ڊگھو ڪري ٿا ڇڏين، تتي اختصار نھ ڪري ۽ جتي مختصر ڪري ٿا ڇڏين، اتي ڊيگھھ نھ ڪري يا معنيٰ ۾ ڪنھن ٻيءَ طرح تصرف نھ ڪري سگھي تھ اھو حقيقي شاعر نھ، پر مجازي آھي. ھن رڳو ايترو ڪيو آھي جو ڪلام کي موزون ڪري ڇڏيو آھي. مون وٽ اھو ڪو ڪمال نھ آھي، جيڪڏھن فن جي اعتبار کان شعر ڪريل آھي.“

”ابن شرف“ جا ٻھ مقالا جيڪي اسان تائين پھتا آھن، تن مان پھرئين مقالي ۾ عربي ٻوليءَ جي مشاھير شاعرن تي تنقيد ڪيل آھي ۽ انھن جي ڪلام جون ڪجھھ خصوصيتون ڳڻايون ويون آھن. ھن جو ھيءُ مقالو تحليلي تنقيد جو ھڪ اعليٰ مثال آھي. ٻئي مقالي ۾ شعر جي ڪن عيبن جو ذڪر آھي. تمھيد ۾ ھن تنقيد جا ٻھ اصول ڏيکاريا آھن، يا ائين چئجي تھ ھن خارزار ۽ دشوار گذار واٽ جي خطرن مان خبردار ڪيو آھي. پھريون اھو تھ تنقيد ۾ جلدي کان ڪم نھ وٺجي، بلڪھ سوچ ويچار کان فڪر جو وٺجي. گھڻو ڪري شعر جا لفظ اوچي آواز جا ٿين ٿا پر انھن ۾ روح نھ ٿيندو آھي ۽ ڪڏھن لفظ ۽ ترڪيب جي لحاظ کان شعر سادو ۽ بنان رنگ ھوندو آھي. پر شعري روح ان ۾ ساھ وٺندو محسوس ٿيندو آھي، تنھن ڪري شعر جي ظاھر تي فريفتھ نھ ٿيڻ گھرجي، بلڪھ ان جي باطني گھرائين تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ٻيو تھ ھن سلسلي ۾ ڪنھن مشھور ۽ قديم شاعر جي عظمت ۽ جلال کان بھ مرعوب نھ ھئڻ گھرجي. شعر جي تعريف رڳو ان سبب جي ڪري نھ ھئڻ گھرجي جو اھو ھڪ مشھور ۽ قديم شاعر جي فڪر جو پيدا ٿيل آھي. ساڳيءَ طرح مڳاصر ۽ جديد شاعر کي حقير بھ نھ سمجھيو وڃي. اھو اصل ۾ ھڪ طرح جي سختي ۽ ترتيب کي ابتو ڪرڻو آھي. علم جي عظمت سان شاعر جي عظمت ٿئي ٿي تھ شاعر کان ان جي ڪلام جي. جيترو تنقيد جي سلسلي ۾ ھي اصول بلڪل ابتدائي آھن ۽ عام اصولن جي حيثيت رکن ٿا، پر ان ۾ شڪ نھ آھي تھ تنقيد انھيءَ مقام تان بلند ٿئي ٿي. شعر جا باريڪ نڪتان ھتان ئي پيدا ٿين ٿا. ڪلام جا منطقي تجزيا، شاعريءَ جي نفسياتي تحليل ۽ ان جي ذھني ارتقاءِ جي جديد تنقيد جا اصلي عناصر آھن. انھيءَ نقطھ کان ڦٽي، پن ۽ ميوا ٿا ڪڍن. ”ابن شرف“، ”امرءُ القيس“ ۽ فرزوق جي نفسي تحليل ڪندي آھي تھ: اھي عشق ومحبت جي بساط جا ھاريل مھرا ھئا، تنھن ڪري انھن ۾ تغزل بازاري ۽ ھوس پرستانھ رنگ ورتل آھن. انھن جي مقابلي ۾ ”مرقش اڪبر“ کي وٺو، جو ”راجا اندر“ وانگر سھڻيون پريون ھن جي چئني پاسي گڏ ھونديون ھيون، پر سندس ڪلام ھن رنگين داستان جي بيان کان خالي آھي.

تنقيد جي ماھيت:

ادبيات جي دنيا ۾ ھاڻي تنقيد، فن جو درجو حاصل ڪري چڪي آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ بھ تنقيد جا اھڃاڻ نظر اچن ٿا. جڏھن سنڌي ادب وجود ۾ آيو ھو تھ ان تي عربيءَ ۽ فارسيءَ سان گڏ مقامي روايتن ۽ اثرن جو بھ غلبو ھو.

اڪثر مفڪرن ۽ نقادن جو اھو چوڻ بلڪل بجا آھي تھ بنان تنقيدي شعور جي، اعليٰ تخليق جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي نھ آھي، تنھن ڪري ھر ھڪ تخليق ۽ تنقيدي شعور ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. تنقيد ۽ تخليق پاڻ ۾ لازم ملزوم آھن، تنھن ڪري ادب جي تخليق ڪنھن بھ زماني ۾ ناقدانھ بصيرت کان محروم نھ رھي ھوندي، پر ان مان ھڪ ڳالھھ ثابت ٿئي ٿي تھ تخليق پھريون وجود ۾ آئي آھي ۽ پوءِ تنقيد اتان ترقي ڪري فن جي حيثيت حاصل ڪئي آھي. اھو ئي سبب آھي جو دنيا جي ھر ادب ۾ تنقيد جون فني ڪوششون تخليقي سرمايھ کان پوءِ شروع ٿيون. سنڌي ادب جو غور سان مطالعو ڪرڻ بعد ڏسبو تھ اھا ڳالھھ صاف نظر ايندي.

مغرب جي تنقيدي اصولن جو سنڌي تنقيد جي فني ارتقا ۾ وڏو ھٿ رھيو آھي، پر خود مغرب جي تنقيد جي اھا حيثيت رھي آھي، جو ان مغرب جي ادب کان پوءِ جنم ورتو آھي. جيتوڻيڪ اھو برابر آھي تھ مغرب جي تنقيد جو پتو ”سقراط“، ”افلاطون“ ۽ ”ارسطوءَ“ جي زماني کان وٺي ملي ٿو ۽ انھن جي ڪوشش جي واڌاري ۾ ڪو شڪ نھ آھي. پر اھا بھ حقيقت آھي تھ موجوده مغربي تنقيد جا اصول بھ زندگيءَ جي بدلجندڙ قدرن ۽ ارتقاءَ جي مختلف مرحلن مان گذرڻ جو نتيجو آھن. ڇاڪان تھ ”شپلي“ پنھنجي ”ڊڪشنري آف ورلڊ لٽريچر“ (١٩٤٣ع جي ڇپيل) ۾ رقمطراز آھي تھ تنقيد يعني ڪريٽيسزم جو استعمال ١٧ صدي عيسوي کان ٿيڻ لڳو.

مفڪرن پنھنجي نموني تي تنقيد جون حدون مقرر ڪيون آھن. ”ميٿو آرنولڊ“ جو چوڻ آھي تھ: ”دنيا کي جيڪي بھتر کان بھتر ڳالھيون معلوم آھن يا سوچيون ويون آھن، غير جانبدارانھ نموني تي ڄاڻڻ ۽ عام ڪرڻ ڪي ڌن کي ”تنقيد“ جو نالو ڏيئي سگھجي ٿو.“ ڄڻ تھ خوب کان خوب تر جي ڳولا، ان جو انڪشاف ۽ ان جي اشاعت جو نالو ”تنقيد“ آھي، مگر شرط ھي آھي تھ انھن سڀني مرحلن ۾ غير جانبداري جو لحاظ رکيو وڃي. ھن جي تعريف ۾ اعليٰ قدرن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ان جي مقرر ڪرڻ جو پھلو ظاھري آھي.

”شوميڪر“ پنھنجي تصنيف ”تنقيد جي نظريھ جا عنصر“ (Elements of Critical Theory) ۾ تنقيد جي ماھيت سان بحث ڪندي ھڪ چوڻي نقل ڪئي آھي تھ: ”ذاتي پسنديءَ ۽ ناپسندي کان سواءِ غير جانبداري سان شين کي انھن جي صحيح شڪل ۽ صورت ۾ ڏسڻ جي ڪوشش جو نالو ”تنقيد“ آھي.“

خوبين ۽ عيبن جي ڄاڻ، وصفن ۽ قدرن جي مقرري، بلند ۽ غير بلند خاصيتن جي وچ ۾ فرق، موازنھ ترجيح، مطلب تھ جيتريون ڳالھيون تنقيد بابت چيون ويون آھن، تن سڀني جو لاڳاپو فيصلي ۽ معيار سان آھي. تنقيد جي لاءِ معيار ضروري آھي. خوب کاب خوب تر ۽ وري فيصلو لازمي آھي. تنھن ڪري ”ڊرائيڊن“ تنقيد کي ”ارسطوءَ“ جي تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱيءَ طرح فيصلي ڪرڻ جو معيار ٺھرايو آھي. اھو معيار ادب ۽ فن جي موجوده سرمايھ سان قائم ٿئي ٿو ۽ انھيءَ معيار تي مختلف فني ٽڪرن جو جائزو ورتو وڃي ٿو. ھن جائزي ۾ غير جانبداري ۽ انصاف کي رستو ڏيڻ گھرجي، جو مقرر آھي. پر ڪي مڪمل غير جانبداريءَ کي محال سمجھن ٿا. نقاد جا ذاتا لاڙا ھر حالت ۾ دخل انداز ٿين ٿا. ”شپلي“ جي ڊڪشنريءَ ۾ لکيل آھي تھ: ”ڪنھن فني ڪارنامي جي شعوري تعريف ۽ اندازو خواه ناقد جي ذاتي پسنديءَ موجب ھجي يا ڪنھن مڃيل جمالياتي نظريھ موجب، ”تنقيد“ سڏجي ٿي.“

مڪمل غير جانبداري ممڪن ھجي يا نھ ھجي، تنقيد جيڪڏھن فيصلي ڪرڻ جو نالو آھي تھ انصاف ۽ ايمانداريءَ کان سواءِ اھو فيصلو احترام جي قابل ٿي نٿو سگھي. ھاڻي اھو لفظ ”فيصلو“ جھڳڙي جو سبب آھي. ڪي ماڻھو تنقيد کي قطعيت کان جدا شيءِ سمجھن ٿا. انھن جي خيال ۾ تنقيد احتساب نھ آھي. فن جي وضاحت، فنڪار جي ترجماني آھي. تجزيو ھن مقام تائين پھچڻ جو ڏاڪو چئي سگھجي ٿو. ھڪ عرصي تائين اھو سوال تھ تنقيد فيصلو آھي يا ترجماني؟ مغربي ناقدن جي لاءِ اختلاف جو سبب رھيو ۽ ڪنھن حد تائين اڃا بھ آھي. حقيقت ۾ انساني فڪر ايترو متنوع آھي جو ان جي روشنيءَ ۾ تنقيد بھ بوقلمون نظر اچي ٿي. فنڪارن سان ھمدردي، ھن جي ذھني ڪيفيتن کان واقفيت، ھن جي تخليق ۾ پاڻ کي محو ڪري ڇڏڻ، ھن جي مطمع نظر جي توضيح ڪرڻ ۽ ھن جي فڪر ۽ فن جو تجزيو ڪرن تنقيد جي لوازم ۾ ضرور آھن، پر اھي سڀئي مقصود بالذات نھ آھن. ناقد مصنف ٿئي ٿو، پر وڪالت نٿو ڪري. ترجماني، فيصلي تائين پھچڻ جو ھڪ ذريعو آھي ۽ تنقيد جو ھڪ پھلو ”ڇا آھي“ ۽ ”ڇا ھئڻ گھرجي؟“ تنقيد کي ٻنھي سان واسطو آھي. تنقيد جو ڪم قدرن مقرر ڪرڻ جو آھي ۽ ھن جي لاءِ ٻئي گھربل آھن، ترجماني بھ ۽ فيصلو بھ، تجزيو بھ ۽ احتساب بھ. ڇاڪاڻ تھ تنقيد معيار قائم ڪري ٿي، انھيءَ ڪري خاميون ڳولڻ بعد ذوق جي تربيت ۽ اصطلاح بھ ھن جي فرضن ۾ شامل آھن.

تنقيد کي فڪر جو اھو شعبو چوڻ گھرجي، جنھن ۾ لطيف فنن جي ماھيت، غرض و غايت ۽ افاديت تي غور ۽ ويچار ملي ٿو. اھو ئي تنقيد جو انجام نھ آھي. معيار ۽ فيصلو، موازنو ۽ تجزيو، تشر:ھ ۽ تفھيم، تعين ۽ تخمين ان جي مختلف پھلوئن جا نالا آھن. ”ٽي-ايس-ايليٽ“ بھ ڪجھھ انھيءَ قسم جي ڳالھھ پنھنجي ڪتاب The use of poetry and The use of criticism ۾ ڪئي آھي. ھو لکي ٿو تھ: ”آءٌ سمجھان ٿو تھ تنقيد فڪر جو اھو شعبو آھي، جنھن کي ھي معلوم ڪرڻ جي جستجو رھي ٿي تھ شاعري ڇا آھي؟ ان مان ڇا حاصل ٿئي ٿو؟ ان مان ڪھڙين خواھشن جي تسڪين ٿئي ٿي؟ شعر ڇو چيا وڃن ٿا ۽ ڇو پڙھيا ۽ ٻڌايا وڃن ٿا؟ يا جنھن جو ڪم انھن سڀني ڳالھين بابت واقفيت ۽ علم جا ڪي شعوري يا غير شعوري مفروضا قائم ڪري، شعر و شاعري جي حيثيت مقرر ڪرڻ جو آھي.“

پنھنجي ھن تصنيف ۾ ”ايليٽ“ تنقيد جون ٻھ نظرياتي حدون ڏيکاريون آھن ۽ اھي حدون انھن ٻن سوالن جي جوابن مان مقرر ڪيون وڃن ٿيون. پھريون اھو تھ ”شاعري ڇا آھي؟“ ۽ ٻيو اھو تھ ”ڪو مخصوص نظم سٺو آھي يا نھ؟“ ”ايليٽ“ تنقيد جو جيڪو لاڳاپو شاعريءَ سان ڏيکاريو آھي، سو ٻين فنون لطيفھ ۽ ٻين ادبن جي صنفن سان بھ انھيءَ طرح آھي. اھا ڳالھھ ھر قسم جي تنقيد تي پوري بيھي ٿي.

”ھڊسن“ جو چوڻ آھي تھ ”تنقيد ادب جي سڀني صنفن يعني شاعري، افسانھ نگاري، ڊرامھ نويسي ۽ خود تنقيد نگار سان واسطو رکي ٿي. جيڪڏھن ادب جي انھن صنفن کي زندگيءَ جو ترجمان چئي سگھجي ٿو تھ انھن صنفن زندگيءَ جي جيڪا ترجماني ڪئي آھي، تنھن جي ترجماني ”تنقيد“ آھي.“

”ڊاڪٽر عبادت بريلوي“ جو رايو آھي تھ: ”عدل، انصاف، رايو ڏيڻ يا حڪم لڳائڻ ئي تنقيد نھ آھي. بلڪھ اھو سڄو ادب تنقيد ھيٺ شمار ڪري سگھجي ٿو، جيڪو ادب جي ٻين صنفن بابت لکيو ويو آھي، خواه اھو انھن جي صنفن جي تشريح ڪري يا انھن جي قدر وقيمت جو پتو لڳائي يا ان جي تحرير ۾ ساڳئي وقت اھي سڀئي خصوصيتون نمايان ھجن.“

تنقيد جو فائدو:

تنقيد جي مرتبي جي پوري وضاحت کان پوءِ ان جي لاءِ جواز جي سبب گڏ ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. تنقيد جي ماھيت ئي ان اھميت جو اظھار آھي ۽ ان جي افاديت جو اشتھار. پر تنقيد جي مرتبي جي پوري وضاحت سولي نھ آھي. تنقيد جي ماھيت بابت گھڻا ئي نظريا ملن ٿا ۽ اھي پاڻ ۾ اھڙا ڳتيل آھن، جو انھن مان اھميت يا افاديت کي ڌار ڪري وٺڻ وقت گھرندڙ معاملو آھي. ان مان اھو مطلب نھ آھي تھ تنقيد جي تعريف کان ان جي اھميت جو مسئلو ڌار آھي، پر مطالعھ جي سولائيءَ لاءِ جيڪڏھن ھڪ خاص نقطھ نظر سان نظرين کي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تھ تنقيد جي مرتبي جي وضاحت ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺي نموني سان ٿيندي. ان وضاحت وقت ماھيت، افاديت ۽ اھميت، ٽيئي سبب اجاگر ٿيندا، ڇاڪاڻ تھ اھي سڀئي ھڪ ٻئي جي لاءِ لاينفڪ جزا آھن.

تنقيد جي مرتبي جي وضاحت ڪندي، ڪجھھ نظريا مٿين سٽن ۾ پيش ڪيا ويا آھن. انھن مان تنقيد جي ماھيت بابت غور ۽ ويچار لاءِ ڪجھھ مواد گڏ ٿي وڃي ٿو ۽ ھن سوال جو جواب ڪجھھ سولو ٿي پيو آھي تھ ”تنقيد ڇا آھي؟“ پر ان جا ڪيترا پاسا اڃا ظاھر نھ ٿيا آھن. حقيقت ۾ انھن سان تنقيد جي افاديت جو سوال لاڳو آھي.

ھيستائين اسان کي تنقيد بابت جيڪي ڳالھيون معلوم ٿيون، تن جو خلاصو رڳو ايترو آھي جو ادب ۽ فن جي خوبي ۽ عيب جو علم ۽ ان علم جي روشنيءَ ۾ ادب يا لطيف فنن جي وصفن ۽ قدرن بابت فيصلو ڪرڻ ۽ انھن جي بلند خصوصيتن کي غير بلند خصوصيتن سان تيز ڪرڻ، ڪنھن مخصوص فني ڪارنامن جي خوبين ۽ عيبن کي جاچڻ ۽ پرکڻ ۽ ان جي قدر وقيمت جي مقرر ڪرڻ جو نالو ”تنقيد“ آھي. تنقيد معيار قائم ڪري ٿي، ذوق جي تربيت ان جو فريضو آھي، ترجيح ۽ فضيلت ان جو مشغلو ۽ فيصلو ڪرڻ يا ترجماني ڪرڻ ان جو ڪم آھي. ھيءُ تجزيو ۽ تشريح بھ ڪري ٿي ۽ انصاف ۽ احتساب بھ، اعليٰ قدرن جي ڇنڊ ڇاڻ بھ ھن جي عمل جي دائري کان خارج نھ آھي. ان جو دخل ادب جي سڀني صنفن تي آھي ۽ خود تنقيد جي صنف ھن کان مستثنيٰ نھ آھي. انھيءَ قسم جي گفتگوءَ مان تنقيد بابت ڪجھھ واقفيت تھ حاصل ٿي وڃي ٿي، پر اھو نٿو کلي تھ نيٺ انھن سڀني ڳالھين جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ جيڪڏھن تخليق ۾ تنقيدي شعور جو ڪم ڏيکاريل تسليم ڪيل آھي تھ قدرن ۽ معيارن مان فنڪار پاڻيھي واقف ھوندو. نقاد کي اھو حق ڪيئن ٿو پھچي تھ ھو ادب ۽ فن جي ڳالھين ۾ دخل ڏئي؟ خصوصا جڏھن ھو تخليق جي خوبين کان عملي طرح واقف نٿو ٿئي. فرض ڪريو تھ نقاد خود بھ فنڪار ھجي، تڏھن بھ تنقيد جي افاديت ۽ اھميت جو سوال پنھنجي جڳھھ تي رھجي ٿو وڃي.

انھيءَ سلسلي ۾ گھڻيون ئي بدگمانيون ۽ غلط فھميون آھن. وڏن وڏن فنڪارن تنقيد بابت متعصبانھ خيال ظاھر ڪيا آھن. ”ڊرائيڊن“ جيتوڻيڪ خود بھ نقاد ھو، پر ھن انھيءَ خيال جو اظھار ڪيو آھي تھ نقادن ۾ نفرت جو جذبو گھڻو ھوندو آھي، تنھن ڪري ھو چڱائين کان چشم پوشي ڪري ويندا آھن. ”ايمرسن“ جو خيال آھي تھ نقاد اھو شخص ھوندو آھي، جنھن کي شعر گوئيءَ ۾ ناڪامي ٿئي ٿي ۽ ان ناڪاميءَ کان پوءِ ڪاوڙجي ھو تنقيد نگاريءَ جو ڌنڌو اختيار ڪندو آھي. ساڳيءَ طرح ”بائرن“ چوي ٿو تھ ”نقاد تي ڀروسو ڪرڻ کان اڳ ھر ھڪ ناممڪن ڳالھھ جو يقين ڪري وٺو.“ ”چيخوف“ چيو آھي تھ نقاد اھا مک آھي، جيڪا گھوڙي کي ھر ھلائڻ کان روڪي ٿي. ”ٽينيسن“ ان کي ادب جي زلفن ۾ جونءَ سان تشبيھھ ڏني آھي. ”فلابير“ تنقيد کي ادب جي جسم تي ڪوڙھ سان ڀيٽيو آھي. اھي تھ وڏا وڏا فنڪار آھن، پر ننڍي کان ننڍو اديب ۽ شاعر بھ نقاد کي گاريون ڏئي ٿو.

جيڪڏھن اسان کي تنقيد جي محرڪات کان واقفيت ھجي تھ شايد تنقيد جي افاديت ۽ اھميت ڪجھھ واضح ٿي سگھي. ”جي، ايم، رابرٽسن“ جو خيال آھي تھ تنقيد تحقيق جو اھو شعبو آھي، جنھن ۾ مصروف ٿيڻ جي پٺيان اھڙا ئي محرڪات ڪم ڪن ٿا، جيڪي عام معروف سائنسي انڪشاف جي طرف مائل ڪرڻ جا سبب ٿين ٿا. انھن کي مختصر نموني ۾ ٻن قسمن جا لاڙا چئي سگھجي ٿو: ”ڳولا ۽ خود نمائي يعني ڄاڻڻ جي خواھش ۽ رايو ظاھر ڪرڻ جي ضرورت.“

ھن تعريف کان پوءِ تنقيد جو وجود محل نظر نٿو رھي. تنقيد جو فن جيڪڏھن علم جي اڃ لاھي ٿو تھ ان جي اھميت ۽ افاديت ظاھر آھي. پوءِ جيڪڏھن نقاد ڪجھھ دريافت ڪري تھ ان کي عام ڪرڻ جو حق بھ رکي ٿو. علم ۽ فن ان لاءِ آھن تھ انھن مان گھڻي کان گھڻا ماڻھو فائدو حاصل ڪن.

ادب تنقيد جو موضوع آھي ۽ زندگي ۽ ان جي تمام گھڻي وسعت ادب جو موضوع. اھڙيءَ طرح تنقيد جو لاڳاپو سنئون سڌو زندگيءَ سان بھ آھي. انساني حياتيءَ ۾ زندگيءَ سان لاڳو جيترا فڪر ۽ نظريا ٿي سگھن ٿا، تنقيد انھن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ادب ۽ زندگيءَ جو لاڳاپو. ادب جي ماھيت ۽ غرض وغايت، ادب ۽ جمال جي احساس جي گفتگو، اھڙا گھڻا ئي موضوع آھن، جيڪي تنقيد جي جولانگاه مقرر ڪري سگھجن ٿا. ادب ۽ فن جي وصفن ۽ قدرن بابت فيصلو، انھن موضوعن تي ڳالھائڻ کان سواءِ ممڪن نھ آھي. ٻين لفظن ۾ تنقيد انھن ذڪر ڪيل مسئلن جي سمجھاڻي ڳولي ٿي.

جھڙيءَ طرح حياتي ھڪ متحرڪ ۽ وڌندڙ قوت آھي، تھڙيءَ طرح ان جا سڀئي مظاھر ارتقا جي اصولن سان مقابل ٿين ٿا. تمدن انساني حياتيءَ جي لياقت جو مظھر آھي ۽ ادب انھيءَ تمدن جي پيداوار. اھڙيءَ حالت ۾ ادب جو ساڪن ۽ جامد ث:ن ڪنھن طرح تسليم ڪري نٿو سگھجي. جڏھن اسين ادب کي بھ متحرڪ ۽ وڌندڙ سمجھون ٿا تھ پوءِ ان کي ارتقا جي واٽ تي گامزن رکڻ جي لاءِ ڪنھن رھنما جي ضرورت بھ محسوس ڪريون ٿا. ادب جي اھا رھنمائي تنقيد ڪري ٿي. صحيح تنقيد ادب کي افراط ۽ تفريط کان بچائي ٿي ۽ گمراھ ٿيڻ کان محفوظ رکي ٿي. جنھن حالت ۾ تنقيد جو ڪم کري ۽ کوٽي جي چ ۾ فرق ڪرڻ ۽ پست وبلند جي وچ ۾ خط فاصل ڇڪڻ آھي. تنھن ڪري ادب ۽ فن جي حڪومت ۾ کوٽا سڪا تنقيد جي ذريعي ڌار ڪري ھلڻ کان روڪي سگھجن ٿا ۽ اھا تنقيد ئي آھي، جيڪا بلنديءَ جي مقابلي ۾ پستيءَ کي رونق وٺڻ نٿي ڏئي. جيڪڏھن تنقيد نھ ھجي تھ ادب جي باغ ۾ ڪنڊن ۽ ڪکن جا ڍير لڳي وڃن.

”ميٿو آرنولڊ“ ادب کي حياتيءَ جي تنقيد چيو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي تھ تخليقي ادب زندگيءَ کي نئينءَ طرح سينگارڻ جي ڪوشش آھي. ساڳيءَ طرح تنقيد، ادب و فن جي ڪنوار جي مشاطگي جو ڪم انجام ڏئي ٿي. ان مان معلوم ٿيو تھ تنقيد، ادب کي سينگارڻ ۾ ڀاڱو وٺي ٿي ۽ ان جي لاءِ ھدايت جي ڏيئي جو ڪم انجام ڏئي ٿي. اھا تخليقي جوھر جي لاءِ بھ معاون آھي ۽ ٻئي پاسي زندگيءَ کي احسن نموني سان سمجھڻ ۾ بھ مدد ڏئي ٿي.

تنقيد جي مقصدن ۽ فائدن جي اھا ئي پڇاڙي آھي، ڇاڪاڻ تھ تنقيد ڪنھن فني ڪارنامي جي قدر وقيمت جو تعين بھ آھي ۽ ترجيح ۽ تفصيل جو اشتھار بھ. تنھن ڪري ٻين لفظن ۾ اھا فن پارن ۽ فنڪارن کي سندن صحيح جڳھھ ڏياري ٿي. ان کان سواءِ اعليٰ ۽ ادنيٰ جو فرق نٿو ٿي سگھي. ھن جو ڪم باغ کي ڪنڊن کان صاف ڪرڻ جو ئي نھ آھي، پر گلن کي ان جي خوشنمائي ۽ رعنائي موجب حسن مرتبي جو نمايان ڪرڻ بھ آھي. تنقيد، ادب ۽ فن جي پائيدار قدرن تي دائميءَ جي مھر لڳائي ٿي. جنھن حالت ۾ اھا ادب جي موجوده سرمايھ مان معيار قائم ڪري ٿي ۽ انھيءَ معيار جي مطابق فيصلا بھ ٻڌائي ٿي، تنھن ڪري فن جي اعليٰ قدرن جي خالق بھ آھي ۽ محافظ بھ. ان کان سواءِ ادب ڪنڊن جو شڪار ٿي سگھي ٿو. ھڪڙيءَ سٽ ۾ تنقيد جي اھا افاديت ھيئن بيان ڪري سگھجي ٿي تھ ادب ۾ فن کي ان جي جمالياتي قدرن جي صحيح ڄاڻ سان زندگيءَ جي لاءِ گھڻي ۾ گھڻو مفيد ۽ ڪارآمد ٺاھڻ ۽ پاڻ فني تخليق ڪرڻ وارن کي زنده رکڻ جو مؤثر ذريعو اھا ئي ”تنقيد“ آھي.

تنقيد جي اھميت:

سج مان نڪرندڙ ترورن جي موچ جو حياتي بخشڻ، دريائن جي تيز رفتار ۽ مترنم پاڻي پھچائڻ ۽ تازه ھوائن جي عطر ڇٽڪيندڙ ۽ مسيحا نفسي قدرن جي انھن تحفن جي افاديت جو زبان سان اعتراف ئي تھ آھن. تنھن ڪري انھن جي اھميت بھ ظاھر آھي. افاديت پنھنجي ذات سان اھميت جو دليل آھي. اھي ٻئي اھڙيءَ طرھ ھڪ ٻئي سان وابستھ ۽ پيوستھ آھن جو ھڪ ٻئي کان جدا ڪري نٿا سگھجن. جڏھن اسين ڪنھن شيءِ جي افاديت جو اعتراف ڪريون ٿا تھ ڄڻ تھ ان جي اھميت تي مضبوطيءَ جي مھر ٿا ھڻون. تنقيد جي اھميت بھ ان جي افاديت جي موضوع کان جدا نھ آھي. تنقيد جا جيڪي مقصد ۽ فائدا بيان ڪيا ويا آھن، سي پنھنجي جاءِ تي اھم آھن ۽ انھن ۾ جابجا اھميت جا اشارا بھ ڪيل آھن. مطالع جي سولائيءَ لاءِ بھ تنقيد جي افاديت ۽ اھميت کي جدا جدا خانن ۾ وراھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. موضوع ھڪڙو آھي، لفظ ٻھ آھن. جيڪو فرق آھي سو انھن لفظن جي انفرادي معنيٰ ۾ آھي. اھا معنيٰ بيان جي محتاج نھ آھي. ھتي رڳو ھيءُ ڏيکارڻو مقصد آھي تھ اھميت جي ڪشادگي، افاديت جي دائري کان گھڻو وسيع پڻ آھي. ڪنھن مفيد شيءِ جي اھم ھجڻ ۾ ڪنھن کي اعتراض ٿي نٿو سگھي، پر ڪنھن شيءِ جي اھميت فائدي ۽ نقصان کان مٿي بھ ٿي سگھي ٿي. حسن جي بھ اھميت آھي ۽ عظمت جي بھ. تنقيد جو فن تھ انھن ماڻھن جي ھٿن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، جيڪي زندگيءَ ۽ ادب جي مضبوط لاڳاپن ۽ فن جي افادي قدرن جو پورو شعور رکن ٿا. رڳو ايترو چوڻ آھي تھ اھميت جو ذڪر ڪڏھن ڪڏھن اھڙيءَ طرح بھ ڪري سگھجي ٿو جو ان ۾ فائدن تي زور ڏنو وڃي. ممڪن آھي تھ ان ۾ پڻ افادي قدر ڳولي ڪڍي سگھجن ٿا. جڏھن ڪي ماڻھو افاده، حسن ۽ عظمت کي ھڪ ٻئي سان شامل ٺھرائين ٿا تھ اھا ممڪن، ناممڪن ڳالھھ نھ آھي. تنقيد جي اھميت ۽ افاديت بابت جيترا نظريا دستياب ٿيا آھن، تن کي اھڙيءَ طرح ترتيب ڏين جي ڪوشش ڪري سگھجي ٿي تھ جتي فائدن ۽ مقصدن جو بيان آھي، اتي ان کي ڌار ڪيو وڃي ۽ مجرد اھميت بابت خيالات جدا ھڪ ھنڌ ڪيا وڃن. اھو ممڪن اھي تھ مجرد دعوائن جو دليل جڏھن پيس ڪرڻو پوي تھ پوءِ انھن ئي فائدن جو ذڪر ضرور ٿي پوي. تنقيد جي افادي اھميت جو ذڪر ٿي چڪو آھي. ھيٺين سٽن ۾ بھ تنقيد جي اھميت بابت ئي فڪر ۽ رايا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان کي افاديت ۽ ماھيت جي موضوع جو ضميمو سمجھڻ گھرجي.

تنقيد جي اھميت ان جي سڀني معروضي فائدن کان قطع نظر ڪندي، انھيءَ لاءِ بھ آھي تھ ھيءَ بھ ادب جي ھڪ صنف آھي. ادب جي ٻين صنفن جا جيڪي عمومي فائدا ۽ مقصد ٿي سگھن ٿا، انھن مان نوعي ۽ انفرادي مقصدن کي ڇڏي تقريبًا سڀئي ھن ادب جي صنف، يعني تنقيد سان بھ لاڳاپو ڪري سگھجن ٿا. افاديت جي ڳولا ڪرڻ وارا ادب جي عمومي افاديت سان بھ ان جو اندازو ڪري وٺندا. تنقيد ادب جي ھڪ صنف آھي ۽ ان جي اھا ”ادبيت“ گھٽ نھ آھي. جيتوڻيڪ تنقيد جي افاديت جي باب ۾ ھي چئي سگھجي ٿو تھ تنقيد جو مقصد بھتر کان بھتر تخليق آھي، پر سٺي تنقيد خود بھ تخليقي ٿئي ٿي. لطيف فن جا محرڪات ۽ فني رک رکائي کان واقفيت ۽ انھيءَ واقفيت جو منظم، مربوط ۽ حسن ترتيب سان اظھار، پنھنجي جاءِ تي ادبي تخليق آھي. ڊاڪٽر ”عبادت بريلوي“ لکي ٿو تھ: ”تنقيد پنھنجي ذات کان پڻ اھم آھي. ان کي خود پنھنجي ھڪ تخليقي حيثيت آھي. اھا خود ھڪ فن آھي ۽ فن جھڙيءَ طرھ اھميت جو مالڪ ٿئي ٿو، تھڙيءَ طرح تنقيد بھ اھميت رکي ٿي. ادب وانگر انداز بيان ۽ طرز ادا کي تنقيد ۾ بھ گھڻي کان گھڻو دلچسپ بنائي سگھجي ٿو ۽ ان ۾ جمالياتي خوبيون پيدا ڪري سگھجن ٿيون. ان جي اھميت کان انڪار ممڪن نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ھر حالت ۾ اھو بھ ادب آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org