سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:6 

فلسفھ ۽ شاعريءَ ۾ ھڪجھڙو ڪم ڪري ٿو، يعني فلسفھ ۾ ايجاد ۽ انڪشاف ۽ شاعريءَ ۾ رنگين مضمون انھيءَ جي عمل جو نتيجو آھن. انھيءَ جي ذريعي سائنس جا دقيق مسئلا حل ٿين ٿا ۽ اھا ئي قوت شعر جي ذريعي مرده جذبات ۾ تازو روح ڦوڪي ٿي.

تخيل، ”ھينري لوئي“ جي اڳيان ان قوت جو نالو آھي، جا اڻ ڏٺل شين کي (جيڪي حواس جي ڪميءَ سبب محسوس نٿيون ٿين)، نظر جي اڳيان پيش ڪري. ”مولانا شبلي“ جو چوڻ آھي تھ تخيل اصل ۾ قوت اختراع جو نالو آھي. يعني اسان جي اڳيان جيڪي ڳالھيون آھن، تن ۾ بھ ھيءَ قوت اھڙا نڪتا ۽ باريڪيون پيدا ڪري ٿي، جيڪي عام نظرن کان لڪل ھونديون آھن.

ھر ڪنھن ھنڌ ڪنھن شيءِ يا واقعي جي سڀني جزن جي محاڪات جي ضرورت نٿي ٿئي. فن تصوير جا ماھر ڄاڻن ٿا تھ قابل مصور ڪڏھن تصوير جا ڪي ڀاڱا دانستھ خالي ڇڏي ٿا ڏين، پر ٻين عنصرن يا جزن کي اھڙيءَ خوبيءَ سان ڏيکارين ٿا، جو ڏسندڙ جي نظر ڇڏيل ڀاڱي کي خود پورو ڪري ٿي وٺي. سمجھو تھ ڪاغذ تي جيڪا تصوير ٿئي ٿي، تنھن ۾ عمق نٿو ٿئي. ڇاڪاڻ تھ خود ڪاغذ ۾ عمق ڪونھي، پر ڏسڻ وارن کي صاف نظر ٿو اچي تھ تصوير ڪنھن ٿلھي يا سنھي ماڻھوءَ جي آھي، جنھن جو ھيءُ سبب آھي تھ تصوير ۾ ڊگھائي ۽ ويڪرائي موجود ٿئي ٿي. تنھن ڪري انھيءَ لاڳاپي جي ڪري ذھن ان جي عمق جو بھ اندازو ڪري ٿو وٺي. ساڳيءَ طرح شاعر بھ ڪيترن ئي موقعن تي ڪو منظر ڏيکارڻ ٿو گھري تھ سڀني جزن کي تفصيل سان نٿو ڏيکاري. بلڪھ ڪن ظاھري ۽ ضروري خصوصيتن جو ذڪر ڪري ٿو، جن جي ڪري ضمني ڳالھيون پاڻھئي ذھن ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ پوري واقعھ جو منظر اکين جي اڳيان ڦري ٿو اچي. محاڪات جو اھو مبھم طريقو وڌيڪ اثرائتو ٿئي ٿو. ھتي ھڪڙو نڪتو ڌيان ۾ رکڻ جي قابل اھي تھ اھڙن موقعن تي گھڻو ڪري ڪي ڪي شعر پيچيده ۽ سمجھھ کان ٻاھر ٿي پوندا آھن. تن جو سبب ھيءُ آھي تھ شاعر مضمون جو ڪو ھڪ ٽڪرو ڇڏي ڏيندو آھي ۽ پاڻ ائين سمجھندو آھي تھ ڪتب آيل لفظ انھيءَ خال جي خود پورائي ڪري وٺندا، جيتوڻيڪ اھي لفظ انھيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ ڪافي نھ ھوندا آھن. اھڙي قسم جا شعر ڪنھن وقت مھمل ۽ ”المعنيٰ في بطن الشاعر“ جي مصداق ٿي پوندا آھن.

تخيل جون خوبيون:

جيتونيڪ مھاڪات ۽ تخيل، ٻئي شيون شعر جو اصل عناصر آھن، پر شاعري (پنھنجي صحيح معنيٰ جي اعتبار کان) اصل ۾ تخيل جو نالو آھي. محاڪات ۾ جيڪو دلڪش انداز پيدا ٿئي ٿو، سو انھيءَ تخيل جي ڪري آھي، نھ تھ رڳو محاڪات نقاليءَ کان وقعت نٿي رکي. محاڪات جو بس ايترو ڪم آھي جو جيڪي ڏسي يا ٻڏي يا جنھن شيءِ يا جنھن حالت کان متاثر ٿئي، تنھن کي لفظن جي ذريعي ساعيءَ طرح ادا ڪري. پر انھن شين ۾ ڪو خاص لاڳاپو پيدا ڪرڻ يا ڪنھن شيءِ ۾ فرق ڏيکارڻ يا آب ورنگ چاڙھڻ، قوت تخيل جو ڪم آھي. ”مولانا شبليءَ“ جو چوڻ آھي تھ تخيل مسلم ۽ طي ٿيل ڳالھين کي سرسري نظر سان نٿو ڏسي، بلڪھ ھڪ ھڪ ڳالھھ تي سؤ سؤ ڀيرا تنقيدي نظر وجھي ٿو ۽ ڳالھھ مان ڳالھھ پيدا ڪري ٿو. ڄڻ تھ تخيل قوت اختراع جو نالو آھي. قوت تخيل جي استدلال جو طريقو عام استدلال کان جدا ٿئي ٿو. تخيل انھن ڳالھين کي جيڪي ٻيءَ طرح ٿابت ٿي چڪيون آھن، نئينءَ طرح ثابت ڪري ٿو. استدلال جو اھو طريقو اڪثر ھڪ قسم جو منطقي مغالطو ٿئي ٿو ۽ حسن تعليل جي شڪل ۾ گھڻو نازڪ ۽ حيرت انگيز انداز بيان اختيار ڪري ٿو.

تخيل جا مثال:

(١) ”سانگي“:

صحن چمن ۾ پيون آھن اشرفيون، آھي سخاوت ڪئي باد صبا

ھن بيت ۾ مينھن جي ڦڙن کي اشرفيون چئي باد صبا جي سخاوت ثابت ڪئي وئي آھي.

(٢) ”خليل“:

برگ جا تي حال لکان پنھنجي دل جو مان

شايد ڪڏھن وڃي ھو لڳي دلربا جي ھٿ

معشوق کي پيغام موڪلڻ جو عجيب طريقو آھي. مينديءَ جي پن تي حال لکڻ ۽ معشوق جي ھٿ تي ميندي لڳائڻ لاءِ ضروري مينديءَ جا پن گھرائڻا پوندا، تاڪھ ميندي ٺاھجي. ان وقت مينديءَ جو اھو پن ھٿ ايندو، جنھن تي احوال لکيل ھوندو، جو معشوق پرھندو. ھيءُ تخيل جو ھڪ نادر نمونو آھي.

تخيل تي ضابطو:

شاعر کي کپي تھ قوت تخيل کي اعتدال جي حد اندر رکي ۽ ان کي طبيعت تي غالب نھ ٿيڻ ڏئي. انسان جي جسم ۾ چئن عنصرن مان جيڪڏھن ڪو عنصر اعتدال جي حد کان وڌي ٿو تھ ڪونھ ڪو سخت مرض پيدا ٿيو پوي ۽ نيٺ موت سامھون اچيو وڃي. انسان جي جسم جو ڇا، پر سڄي دنيا ۽ مافيھا جو وجود انھيءَ اعتدال تي قائم آھي. ڪائنات ۾ جيترا سيارا آھن، جيڪڏھن انھن جي اعتدال ۾ فرق اچي وڃي ۽ ڪشس جي قوت حد کان وڌي وڃي تھ سڀ پاڻ ۾ ٽڪرجي نابود ٿي وڃن. تنھن ڪري شاعر کي کپي تھ اھڙي قوت تخيل جو لغام روڪي رکي، ڇاڪان تھ جڏھن ان جو غلبو طبيعت تي وڌيڪ ٿئي ٿو تھ تميز ڪرڻ واري طاقت، جيڪا ان کي روڪي ٿي، قابوءَ مان نڪريو وڃي. اھڙي حالت شاعر لاءِ تمام خطرناڪ آھي. قوت متخيلھ فطرتا اخلاقي ۽ بلند پروازيءَ جي طرف مائل ھوندي آھي. پر تميز ڪرڻ واري قوت ان جي پرواز کي ضرورت موافق روڪي ٿي ۽ آواره وڃڻ نٿي ڏئي. قوت متخيلھ ڪيتري ئي بلند برواز ڇو نھ ھجي، جيسين قوت مميزه جي محڪوم آھي، شاعريءَ کي ان مان نقصان پھچي نٿو سگھي. بلڪھ جيترو ان جو پرواز بلند ھوندو، اوترو ھن جي شاعري اعليٰ مرتبي کي پھچندي. دنيا ۾ جيترا وڏا شاعر ٿي گذريا اھن، تن ۾ قوت متخيلھ جي بلند پروازي ۽ قوت مميزه جي حڪومت گڏ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

انھن جو ”تخيل“ نھ خيالن ۾ بي اعتدالي ۽ ڪج روي پيدا ڪري ٿو ۽ نھ لفظن ۽ انداز بيان ۾ غرابت. پر جڏھن تخيل قوت مميزه تي غالب پئجي ٿو وڃي تھ ائين آھي، جيئن سوار جي لاءِ گھوڙو بنان لغام جي.

شاعر جو تخيل ايترو بلند نھ ھئڻ گھرجي، جو لفظن جي قابوءَ ۾ نھ رھي سگھي. نھ تھ نفس مطلب بلڪل فوت ٿي ويندو ۽ شاعر منزل مقصود کان پري ٿي پوندو يا ٻئي پاسي نڪري ويندو. ڪيترا سٺا شاعر انھيءَ قوت متخيلھ جي آزادي ۽ بي لغاميءَ سبب گمراھ ٿي ويا ۽ جيڪي گمراھ ٿيا، سي ان وقت تائين واٽ تي نھ آيا، جيسين قوت مميزه کي تخيل تي حاڪم نھ بنايائون. قوت تخيل جا ٺينگ ٺپا ان وقت ڌي ٿا وڃن، جڏھن ان کي پنھنجي اصلي غذا (يعني اصليت، جوش، حقيقت ۽ واقعن جو ذخيرو جن کي ھو ڪم آڻي سگھي) نٿي ملي.

جھڙيءَ طرح انسان کي سخت بک ۾ جڏھن سٺو کاڌو نٿو ملي تھ مجبورا گند بلا کائي، پيٽ ڀري ٿو ۽ پنھنجي صحت خراب ٿو ڪري، اڪٿر ھلاڪ ٿيو وڃي. اھڙيءَ طرح قوت متخيلھ کي جڏھن اصلي غذا نٿي ملي تھ ھوءَ اجائي کاڌي تي ھٿ وجھي ٿي ۽ اھي خيالات، جيڪي ڪم جا نھ آھن ۽ جن مان ڪو معقول نتيجو نٿو نڪري ۽ جن ۾ ذرو بھ اصليت نٿي ٿئي، تن کي تراشي شعر جو لباس پھرائي ٿي ۽ قوت مميزه کي پنھنجي ڪم ۾ خلل انداز سمجھي، ان جي اطاعت کان ٻاھر نڪري وڃي ٿي ۽ نيٺ شاعر جي سموري فڪر کي بيسود بنائي ٿي ڇڏي.

تخيل جو اھو مطلب ھرگز نھ آھي تھ شاعر پنھنجي ڪلام کي بي بنياد خيالات ۽ انھن ڳالھين جو، جن جي ضرورت نھ آھي، لباس پھرائي. بلڪھ تخيل جو حقيقي مطلب ھيءُ آھي تھ شاعر جي دل ۽ دماغ، مطالعھ ۽ مشاھدي، ادراڪ ۽ احساس جي نتيجن کي حالتن جي مطابق وقت تي دماغ مان ڪڍي ۽ پنھنجي ڪلام ۾ داخل ڪري.

شعر جون صنفون:

موزون ڪلام جا ڏھھ قسم ٿين ٿا، جن کي شعر جون صنفون چئجي ٿو. ان جا مثال تفصيل سان ڏسڻا ھجن تھ ”رھنمائي شاعري ڀاڱي ٽئين“ ۾ ڏسو.

غزل:

موجوده دور ۾ سنڌي شاعري عام طڙھ عزل جي صورت ۾ ڪئي ويندي آھي. غزل ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج شعر ۽ وڌ ۾ وڌي سترنھن شعر ھجڻ گھرجن. موجوده وقت ۾ ٢٥ شعر بھ آڻيندا آھن. غزل جي پھرئين شعر کي ”مطلع“ ۽ آخري شعر کي ”مقطع“ چئبو آھي، جنھن ۾ شاعر جو تخلص ھوندو آھي. پھرئين شعر يعني مطلع کي ٻئي مصراعون ھم قافيھ ھونديون آھن. ٻين شعرن ۾ اھو التزام ضروري نھ آھي. ھڪ مطلع جي بدران شعر ۾ گھڻا مطلع بھ آڻي سگھجن ٿا.

قصيده:

غزل ۽ قصيده جي شڪل ۾ ڪو خاص فرق نھ آھي. سواءِ ان جي تھ قصيده ۾ غزل کان وڌيڪ شعر ھوندا آھن. قصيده ۽ غزل جي ٻوليءَ ۽ مضمون ۾ فرق ھوندو آھي. يعني قصيدو اڪثر بادشاھن ۽ وڏن ماڻھن جي تعريف ۾ يا ھجو ۽ پڇاڙيءَ ۾ دعائيھ ٽڪرو وغيرھ ھوندا آھن. ڪن ڪن قصيدن ۾ منڍ کان تعريف يا ھجو ھوندي آھي ۽ تسبيب نھ ھوندي آھي.

قطعھ:

قطعھ جي شڪل بھ غزل وانگر ھوندي آھي، مگر ان ۾ مطلع نھ ھوندو آھي. گھٽ ۾ گھٽ ٻھ شعر ھوندا آھن ۽ وڌيڪ جو تعداد مرر نھ آھي. ٻيا شعر، سواءِ پھرئين شعر جي ھم قافيھ ھوندا آھن. مضمون ۾ تسلسل جو ھجڻ ضروري آھي.

مثنوي:

مثنويءَ جو ھر ھڪ شعر جدا ھوندو آھي. يعني ھڪ قافيو نھ ھوندو آھي، جيئن غزل يا قصيده ۾. بلڪھ ھر شعر جدا قافيو رکندو آھي، جيتوڻيڪ وزن ساڳيو ھوندو آھي. مثنويءَ ۾ اڪٿر قصا ۽ ڪھاڻيون بيان ڪندا آھن، تنھن ڪري ان ۾ ھزارن کان مٿي شعر ٿي سگھن ٿا. پر مختصر مثنوي بھ ٿي سگھي ٿي جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻھ شعر ٿي سگھن ٿا. مٿنوي گھڻو ڪري ڪن مخصوص ۽ مقرر ٿيل بحرن ۾ لکي ويندي آھي، جيڪي ڪل ست آھن پر اڄڪلھھ شاعر اھا پابندي نھ ڪندا آھن ۽ ھر بحر ۾ مثنوي لکندا آھن. مثنويءَ جي وڏي خصوصيت ھيءَ آھي تھ ان ۾ تسلسل ھوندو آھي.

رباعي:

رباعي فارسيءَ جي ايجاد آھي، پر پوءِ ٻين ٻولين ۾ بھ لکڻ ۾ آئي جھڙوڪ عربي، اردو ۽ سنڌي. ان کي ترانو بھ سڏيندا آھن. رباعيءَ ۾ رڳو چار مصراعون ھونديون آھن. قافيون پھرين، ٻي ۽ چوٿين مصرع ۾ ھوندو آھي، پر جيڪڏھن ٽين مصرع ۾ آڻجي تھ ممانعت نھ اھي. رباعي فقط ھڪ بحر ھزج ۾ لکي ويندي آھي، ٻئي ڪنھن بھ بحر ۾ رباعي ٺاھڻ ناجائز آھي. بحر ھزج ۾ ڪن خاص زھافن جي آڻڻ سان رباعي ٺاھي ويندي آھي. رباعيءَ جي مصرعن ۾ تسلسل ھجڻ ضروري آھي.

مستزاد:

شعر ۾ چيل مصرع ۾ ڪو جملو وڌائو ڇڏبو آھي تھ ان کي ”مستزاد“ چئبو آھي. وڌايل ٽڪرو ساڳئي بحر جي ڪنھن رڪن جي وزن تي مشتمل ھوندو آھي. مستزاد گھڻين ئي شڪلين جا ٿين ٿا، جن جو دارومدار وڌايل ٽڪري تي ھوندو آھي. اھو وڌايل ٽڪرو ھڪ، ٻن يا تن يا وڌيڪ جملن تي ھوندو آھي.

فرد:

اھو شعر، جنھن ۾ ٻھ مصراعون ساڳي وزن جون ھجن، مگر قافيو ساڳيو نھ رکنديون ھجن.

ترجيح بند ۽ ترڪيب بند:

ڪجھھ غزل لکجن، جن جو بحر، شعرن جو تعداد، ساڳيو ھجي مگر قافيو ۽ رديف ھر ھڪ غزل جو جدا ھجي. انھن غزلن کي ھڪ ٻئي پٺيان ملائن لاءِ جيڪا ڪڙي يا بند ھجي، سو بھ ساڳئي بحر ۾ ھجي ۽ پاڻ ۾ مطلع وانگر ھم قافيھ ۽ ھم رديف ھجي، پر غزلن جي قافيھ ۽ رديف جي پابندي نھ ھجي. ھاڻي جيڪڏھن اھو بند يا ڪڙي جيڪا غزلن کي ملائي ٿي، ساڳي بار بار ايندي تھ اھو ”ترجيح بند“ ٿيندو. پر جيڪڏھن اھو بند يا ڪڙي جدا جدا آھي تھ اھو ”ترڪيب بند“ ٿيندو. غزلن ۾ مجموعي طرح ھڪ خيال جي سلسلي جون مختلف ڪڙيون ھونديون آھن.

مسمط:

ھموزن ۽ ھم قافيھ مصراعن کي گڏ ڪري ھڪ بند مقرر ڪرڻ کي ۽ انھيءَ طرح ڪيترا ٻيا بند ساڳئي وزن ۽ عدد جا لکڻ کي، پر ھر ھڪ بند جو قافيو جدا ھجي، سواءِ پوئين سٽ جي جيڪا پھرئين بند جي مصرع سان ھم وزن ۽ ھم قافيھ ھجي تھ ان کي ”مسمط“ چئبو.

مسمط ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي ۽ وڌ ۾ وڌ ڏھ مصراعون ھونديون اھن. ٽن مصراعن واري مسمط کي ”مثلث“، چئن واري کي ”مربع“، پنجن واري کي ”مخمس“، ڇھن واري کي ”مسدس“، ستن واري کي ”مسبع“، اٺن واري کي ”مٿمن“ نون واري کي ”متسع“ ۽ ڏھن واري کي ”معشر“ چئبو آھي. 

 

باب ٻيو

تنقيد جو فن

تمھيدي عرض:

ادب جي فن جي تحقيقات کان پوءِ ھيءُ ضروري ڄاتو ويو تھ تنقيد جي فن بابت بھ ڪجھھ لکيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ تنقيد جو فن ھر ڪنھن توڙي فن جي واڌاري جو ذريعو ۽ ادب جي ھڪ وڏي شاخ آھي. ھن بابت يورپ جي عالمن نھايت ڪارائتا بحث ڪري، تنقيد جي فن جي پوريءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي.

سنڌي ٻوليءَ جو تنقيدي خزانو شروعات کان وٺي تمام گھٽ آھي. يا چئجي تھ خالي آھي. موجوده دور ۾ ڪجھھ ڪتاب لکجڻ ۾ آيا آھن. البتھ اردو زبان ۾ ھن فن تي مفيد تصنيفون شايع ڪيون ويون آھن ۽ شايع ٿينديون رھن ٿيون، جن جو ماخذ انگريزي تصنيفون آھن. ڪجھھ ڪتاب اھڙا بھ آھن، جيڪي اصلي آھن. جھڙوڪ: مولانا شبليءَ جو ”شعر المعجم“ يا ”آزاد“ جو ”آب حيات“.

سنڌي اديب اڪثر تنقيدي ڪتاب لکڻ کان گھٻرائيندا آھن، جيڪا حقيقت ۾ غلط ڳالھھ آھي. ڇاڪاڻ تھ صحيح ۽ سوڌي تنقيد مان تھ اٽلو فائدو آھي، جو نھ رڳو پنھنجي اصلاح ٿيندي، بلڪھ ٻين کي بھ صحيح ڳالھھ جي پوري پوري واقفيت حاصل ٿيندي. اھي اديب اھڙين تنقيدن کي مذموم حرڪت سمجھن ٿا ۽ بغض وعداوت جو سبب ڏيکارين ٿا. مگر ائين نھ آھي، جيتوڻيڪ ادب ھجي تاريخ ۾ اھڙا گھڻا مثال لڀن ٿا، جتي تنقيد بغض ۽ حسد جي ڪري ڪئي ويئي آھي.

”اليگزينڊر پوپ“ بغض ۽ خار وچان پنھنجي دوست ”يڊبسن“ جي ھجو لکندو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن جي مضمون جي ھرڪو تعريف ڪندو ھو ۽ پوپ کي ڪوبھ ساراھيندو ڪين ھو. ”والٽير“ جا ”شيڪسپيئر“ تي حملا يا ”گوئٽي“ جا ”ڊانٽي“ تي اعتراض يا ”رشيد الدين وطواط“ جا اعتراض ”خاقاني“ تي يا ”فرخي“ جون نڪتھ چينيون ”فردوسي“ جي ڪلام تي يا ”نور الله احراري“ جون موشگافيون ”سعدي“ تي يا ”سودا“ جا اعتراض ”مير تقي“ تي يا ”رجب علي بيگ سرور“ جا حملا ”مير امين“ تي. اھي ٿورا مثال اسان يورپي اديبن، فارسي ۽ اردو شاعرن جا ڏنا آھن. مگر سنڌي ادب ۾ ھڪ اھڙو واقعو بغض ۽ حسد جو موجوده دور ۾ ٿي گذريو آھي ۽ نھايت عمدو مثال آھي. محترم جناب ”مرزا اجمل بيگ“ صاحب ڏاڍي ڪاوش سان ”حفيظ جالنڌري“ صاحب جي ”شاھنامھ اسلام“ جو ترجمو سنڌي مثنويءَ ۾ ”شاھنامھ عرب“ عرف ”منظوم تاريخ اسلام“ جي نالي سان ڪيو ۽ محترم جناب ”حافظ خير محمد اوحدي“ صاحب کي تبصري ڪرڻ لاءِ لکي موڪليو.

”حافظ اوحدي“ صاحب ترجمي ۾ اوڻايون ڏسي ھڪ زبردست تنقيد لکي ڇڏي، جيڪا سنڌي ادب ۾ وڏو مرتبو رکي ٿي. اھا ڳالھھ فقط اھي ماڻھو سمجھي سگھن ٿا، جن کي تنقيدن سان واسطو رھيو ھوندو. اھا ڳالھھ محترم مرزا اجمل بيگ کي نھ وڻي. تنھن ان جو جواب ڏنو ۽ مرزا صاحب کي ھرڪو حق ھو تھ ان جو جواب ڏئي. پر تعجب اھو آھي تھ دليلن سان جواب ڏيئي حافظ صاحب کي قائل ڪرڻ جي بدران مرزا صاحب گار گند تي لھي آيو، جنھن مان ثابت ٿي ويو تھ حافظ صاحب جي اعتراضن جو مرزا صاحب وٽ معقول جواب ھو ئي ڪونھ. خير، مرزا صاحب پنھنجو بخار لاھي ورتو. ڳالھھ آئي ويئي ٿي، مگر ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ حافظ صاحب جي ھن شعر تي مرزا صاحب تنقيد ڪئي:

ساقي پيار ساغر ٻين کي ڀري ڀري

مون کي تھ تنھنجي پيار جا آھن نشا اڃا

ھڪ صحيح شعر کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ئي مرزا صاحب جو بغض ۽ حسد ثابت ڪري ٿي. استادن انھيءَ قسم جي شعر کي جائز قرار ڏنو آھي. اھو سڄو بحث اسان جي ڪتاب ”سنڌي رباعي“ ۾ داخل آھي. ادب جي مطالعھ ڪندڙ کي نقاد ٿيڻ بھ ضروري آھي. جيئن جيئن مطالعھ وسيع ٿيندو ويندو، انتقاد جو وجود ظھور ۾ ايندو ويندو.

فنون لطيفھ ۽ ادبيات بابت صحيح راءِ قائم ڪرڻ جي لاءِ مقابلو نھايت ضروري شيءِ آھي ۽ اسان جي راءِ جي صحت ۽ درستيءَ جو آڌار ھڪ وڏي حد تائين اسان جي تجربي ۽ معلومات جي وسعت تي آھي. اسلام جي زماني کان اڳي، جاھليت جي زماني ۾ عرب شاعر پنھنجي قابليت ڏيکارن لاءِ ”عڪاظ“ جي بازار ۾ ايندا ھئا. ”بازار عڪاظ“ مڪي جي ويجھو ھڪڙو ھنڌ ھو جتي ٽن ھفتن تائين ھڪ وڏو ميلو لڳندو ھو، جتي پري پري کان عرب جون قابل ھستيون اچي پنھنجي پنھنجي ھنر ۽ فنر جو مظاھرو ڪنديون ھيون، ڄڻ تھ موجوده دور جي ڪا نمائش ھئي. عرب جي ھر ھڪ قبيلي جو شاعر ھتي اچي ٻين شاعرن کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ان وقت ھڪ مستند عالم صدارت ڪندو ھو ۽ سڀني شاعرن جو ڪلام ٻڌي ھر ھڪ شاعر جي ڪلام جون خوبيون ۽ عيب ظاھر ڪندو ھو ۽ اھڙيءَ طرح راءِ زني ڪري ھڪ شاعر کي ٻئي تي ترجيح ڏيندو ھو. انھيءَ عيب ۽ خوبي ظاھر ڪرڻ کي ”تقريظ“ سڏيو ويندو ھو. تنقيد جو لفظ انھن ڏينھن ۾ رائج نھ ھوندو ھو.

اسان جي ٻوليءَ ۾ مغرب جي اثر کان ڪيترا ئي سٺا اضافا بھ ٿيا آھن تھ خرابيون بھ پيدا ٿيون آھن. سڀ کان اھم اضافو ”فن تنقيد“ آھي تھ خرابي عرياني، فحس ۽ الحاد آھي. ھن جو اھو مطلب ھرگز نھ آھي تھ مغرب جي اثر کان اڳي ڪو اديب تنقيدي شعور نھ رکندو ھو يا شعر ۽ ادب تي گفتگو، شاعرن تي تبصرو يا ٻوليءَ ۽ بيان جي خوبين تي بحث نھ ٿيندو ھو. آڳاٽي سنڌي ادب جي مطالعي مان انھن ڳالھين جي چڱيءَ طرح خبر پئجي سگھي ٿي تھ انھن ۾ اھو شعور ھو.

تنقيد ڇا آھي؟

تنقيد جي لغوي معنيٰ آھي پرکڻ، چڱي ۽ بڇڙي، کوٽي ۽ کري جو فرق معلوم ڪرڻ. ادبي اصطلاح جي معنيٰ ۾ ادب جي خوبين ۽ عيبن جو صحيح اندازو ڪرڻ ۽ ان تي راءِ قائم ڪرڻ کي ”تنقيد“ ٿو چئجي. تخليقي ادب انساني زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو ۽ تنقيد تخليقي ادب جي ترجماني ڪري ٿي.

لفظ ”تنقيد“ عربي صرف ونحو جي لحاظ کان صحيح نھ آھي. ان جي بجاءِ نقد يا انتقاد ھئڻ کپندو ھو، پر اھو فارسيءَ کان اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ آيو ۽ ڪثرت سان استعمال ٿيڻ لڳو. ھاڻي ھيءُ لفظ سنڌي ۾ ايترو رائج ٿي ويو آھي جو ان کي ڪڍڻ مناسب نھ ٿيندو.

”ڊاڪٽر سيد عبدالله“ پنھنجي ڪتاب ”اشارات تنقيد“ ۾ نقد وانتقاد بابت ھيئن لکي ٿو: ”ھيءُ ڄاڻڻ ضروري اھي تھ عربيءَ ۾ ھن جون صحيح صورتون ۽ نقد ۽ انتقاد آھن.“

عربيءَ ۾ نقد الدرھم (انتقد يا تنقد الدراھم) جي معنيٰ آھي: ھن کري درھمن کي، خراب درھمن کان الڳ ڪيو يا انھن تي ھن غرض کان نظر وڌي. (ان مان مصدر نقد انتقاد ۽ تنقاد ٿيو)

انھيءَ طرح نقد الشعر (انتقد الشعر علي قائلھ) جي معنيٰ آھي: ”فلاڻي ماڻھوءَ شعر مان عيب ڪڍيا ۽ شاعر تي ايرادو ڪيو.“ زماني جو رواج اھڙو ٿيو جو نقد ۾ عموما ٻيو مفھوم غالب رھيو، جيتوڻيڪ پھريون مفھوم بھ زنده رھيو. ”علامھ مرزباني“ (متوفي ٣٨٤ھھ) ھن فن تي ڪتاب ”المؤشح“ لکيو، جنھن ۾ آڳاٽن شاعرن جي لفظي ومعنوي عيبن جي نشاندھي ڪئي. قدامھ بن جعفر جا ڪتاب ”نقد الشعر“ ۽ ”نفد النثر“ (جو ھن جي طرف منسوب آھي)، رڳو عيب چيني جي اصول تي نھ بلڪھ انھن ۾ شعر فھمي ۽ نثر جي اصول ۽ انھن جي قدر وقيمت جا معيار بھ بيان ڪيا ويا آھن.

عربي ۽ فارسيءَ جي ڪتابن ۾ تنقيد جي لاءِ ڪجھھ لفظ ٻيا بھ استعمال ٿيندا رھيا آھن. انھن ۾ موازنو، محاڪمو ۽ تقريظ اھم آھن. پر حقيقت ۾ اھي تنقيد جي بعض خاص طريقن جا نالا آھن. تنقيد جا قائم مقام لفظ نھ آھن. موازنو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ شاعرن جي ڪلام جو تقابلي مطالعو آھي. محاڪمو ڪنھن جھڳڙي جي صورت ۾ شاعرن جي وچ ۾ فيصلي جي ھڪ شڪل (خواه اھو شاعرن جي زندگيءَ ۾ ھجي يا بعد ۾) تقريظ ڪنھن ادب پاري جي تعريف ۽ تحسين جي خيالي انداز ۾ آھي.

انگريزي لفظ Criticism بھ رڳو عيب چيني کان وٺي ادب پاري جي تحليل، تشريح، تفسير ۽ درجھ شناسيءَ تائين ھر مفھوم ۾ استعمال ٿيو آھي ۽ ان سان گڏ (١) Appreciation (٢) Estimate (٣) Assessment (٤) Judgement ۽ (٥) Evnluation (جيڪي اصل ۾ مختلف فرض آھن)، جا بجا استعمال ٿيندا نظر اچن ٿا.

تنقيد انگريزي لفظ Criticism جو مترادف آھي. جنھن حالت ۾ فن تنقيد اصل ۾ مغربي فن تنقيد سان اخذ ڪيل آھي، تنھن ڪري ضروري آھي تھ مغربي فڪر ۽ راءِ کي پھريائين سمجھڻ گھرجي ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي. انگريزي ٻوليءَ ۾ مختلف وقن تي ان لفظ جون متضاد تعريفون ڪيون ويون آھن ۽ اھي سمجھاڻيون فن تنقيد جي جدا جدا پھلوئن تي روشني وجھن ٿيون، جنھن مان اديبن ۽ مفڪرن جا نظريا معلوم ٿين ٿا. حقيقت ۾ تنقيد جي ڪا مڪمل تعريف ڪرڻ ئي ڏکي ڳالھھ آھي، جو ان جو مفھوم معلوم ڪري سگھجي. تنھن ھوندي بھ ڪي ٿورا نظريا مثال طور پيش ڪجن ٿا تھ جيئن فيلسوفن ۽ مفڪرن جا خيالات واضح ٿي سگھن.

1)        ”ويبسٽرس نيو انٽرنيشنل ڊڪشنري“ جي ٻئي ڇاپي ۾ ڏنل آھي تھ ”تنقيد ادب ۽ فن جي حسن وقبح کي علم ۽ صحت سان جاچڻ ۽ پرکڻ جي فن جو نالو آھي.،

2)       ”انسائيڪلو پيڊيا بريٽانيڪا“ جي يارھين ڇاپي ۾ آھي تھ: ”تنقيد ھڪ فن آھي، ادب ۽ فنون لطيفھ ۾ ڪنھن جمالياتي شيءِ جي وصفن ۽ قدرن بابت فيصلو ڪرڻ جي.“

3)       ”انسائيڪلو پيڊيا آمريڪانا“ ڇاپو ١٩٤١ع ۾ آھي تھ: ”پنھنجي محدود معنيٰ ۽ فن تنقيد ڪنھن مخصوص ڪارنامي جي خوبين ۽ عيبن جو مطالعو آھي.“

4)       ”انسائيڪلو پيڊيا اٽاليانا“ ۾ آھي تھ: ”انساني فعل جو ھر ھڪ اھو فعل يا عمل تنقيد آھي، جيڪو ڪنھن مخصوص شيءِ جي بلند خصوصيتن کي ان جي غير بلند خصوصيت کان ڄاڻي.“

5)       ”اميريڪن ڊڪشنري آف فلاسوفي ۽ سائيڪالاجي“ ۾ آھي تھ ”تنقيد جي معنيٰ آھي فني ڪارنامن جو قدر وقيمت مقرر ڪرڻ. يعني ھڪ اھڙو عمل جنھن ۾ ظاھرا ذوق جي تربيت بھ شامل آھي ۽ انھيءَ لاءِ اھو ترجيح ۽ تفصيل جو اعلان آھي.“

چڪاس زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ نظر اچي ٿي، پوءِ اھا انساني زندگي ھجي توڙي حيواني، پوڙھي جي زندگي ھجي يا ھڪ ننڍي ٻار جي. انھيءَ جي بنياد تي تھذيب ۽ تمدن جون عمارتون کڙيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ اھا ئي زندگيءَ جي قافلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.

انسان ھجي توڙي جانور، قدرت ٻنھي کي چڱي ۽ بڇڙي شيءِ ۾ تميز ڪرڻ جي طاقت عطا ڪئي آھي. جانورن کي ڳالھائڻ جي طاقت مليل ڪانھي، جنھن ڪري ھو لفظن جي رستي پنھنجا احساس ظاھر ڪري نٿا سگھن. انھيءَ ڪري پنھنجي حرڪت (چرپر ڪرڻ) جي رستي، دلي نفرت يا رغبت کي ظاھر ڪندا رھندا آھن. اوھان ڏٺو ھوندو تھ گھوڙي جي اڳيان گاھ رکبو آھي تھ ھو پھريائين سونگھندو آھي. جيڪڏھن پسند ايندس تھ ھڻڪار ڪري چرڻ شروع ڪري ڏيندو آھي، پر جيڪڏھن خراب سمجھيائين تھ نڪ سان ڦوڪارو ھڻي، اڇلي پري ڪري ڇڏيندو آھي. ساڳيءَ طرح ھر ڪنھن جانور جو اھو ئي حال آھي. ڪنھن بھ جانور کي پيئڻ جو پاڻي نٿو وڻي تھ ڪيتري ئي اڃ ھوندي بھ ان کان نفرت ڏيکاريندو. انسان کي ڳالھائڻ جي قوت مليل آھي تھ ھو ٻنھي نمونن سان دلي جذبا ۽ طبيعت جو لاڙو ڏيکاريندو آھي ۽ جيئن جيئن ھن جي تميز جي قوت وڌندي ويندي آھي، تيئن تيئن ھن جا احساس بھ تيز ٿيندا ويندا آھن ۽ تميزي قوت ۾ نفاست ۽ نزاڪت وڌندي ويندي آھي.

تنقيد جو فن ۽ تبصرو، انھن تميز ڪندڙ احساسن جي سريع الاثري جو محتاج آھي، جنھن جي آڌار تي انسان پنھنجي دانائي ۽ ذھن جي مدد سان ادبي ڪارنامن جي خوبين ۽ خامين تي بحث ڪري، پنھنجين حالتن ۽ واقعن کي ڪائنات جي فلسفي ۽ انساني حالتن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

جيڪڏھن غور ڪري ڏسبو تھ تنقيد جو فن نھ رڳو ادب سان لاڳاپو آھي، بلڪھ اسان جي روز مره جي حياتيءَ جو ھڪ ضروري جزو ٿي ويو آھي. ھڪ ننڍي ٻار کان وٺي وڏي تائين ھر وقت تنقيد ڪندو رھي ٿو.

ننڍي ٻار کي ڪا کائڻ جي شيءِ ملندي ۽ اھا کيس پسند نھ ھوندي يا وات ۾ وجھڻ شرط ٿوڪي ڇڏيندو، يا اھڙو رانديڪو ڏبس جو کيس نھ وڻندو تھ ان کي اڇلي ڇڏيندو يا روئڻ جي ذريعي ظاھر ڪندو تھ ھي منھنجي ڪم جو نھ آھي.

اسين بازار مان ڪابھ شيءِ وٺون ٿا تھ ان کي چڱيءَ طرح ڏسي وائسي، گھڻين شين مان چونڊي، پسند ڪري، پوءِ وٺون ٿا. رپئي، پائلي يا آنڪ وغيرھ کي خوب تپاسي، کوٽي ۽ سچي جي پرک ڪري پوءِ وٺنداسون.

اسان جي روزانھ ڪم ايندڙ شين مان ھر ھڪ شيءِ جي پرکڻ جو ڌار ڌار رستو آھي. ٺڪر جو ٿانوءُ وٺبو تھ وڄائي سھي ڪبو تھ ھيءُ ڀڳل آھي يا سڄو؟ ڪچو آھي يا پڪل؟ اھڙيءَ طرح ھر ڪنھن شيءِ جي پرکڻ جا جدا جدا رستا آھن.

علمي تنقيد جو رستو وري علم سان لاڳاپو آھي، جنھن ڪري عالم کان سواءِ ٻيو ڪوبھ تنقيد ڪري ڪين سگھندو. عالم مان اسان جو مطلب آھي تنقيد جي فن جو ڄاڻو. ائين تھ حڪيم بھ علم حڪمت جو ڄاڻو آھي، پر ان کان ادبي تنقيد ڪانھ پڄي سگھندي.

تنقيد ڪرڻ وقت نقاد جي حيثيت ھڪ دانا دشمن جي ھئڻ گھرجي، جيڪو خوبين کي اصلي خوبيءَ جي صورت ۾ نروار ڪري ۽ عيب کي بھ بيڊپائيءَ سان کولي. تنقيد سھڻي طريقي سان ڪجي، جا ڪنھن کي ناگوار نھ لڳي. جيئن ”نانگ بھ مري ۽ لٺ بھ نھ ڀڄي“ وارو پھاڪو ٺھڪي اچي. مطلب تھ نقاد تنقيدي مان تعميري ڪم وٺجي ۽ نھ تحريبي يا تعزيري.

ڪي اديب اھڙا بھ ملندا، جو باوجود احتياط رکڻ جي بھ پسند نٿا ڪن تھ انھن تي تنقيد ڇو ڪئي ويئي؟ جيتوڻيڪ جنھن ڳالھھ بابت تنقيد ڪئي ويئي آھي، سا حقيقت ۾ درست ھئي. اھڙن ماڻھن جي لاءِ بھتر ائين آھي تھ انھن جي پرواه نھ ڪجي، ڇاڪاڻ تھ ھڪ درست ڳالھھ، جيڪا انھن کي نٿي وڻي، پر ٻين جي لاءِ تھ اھا تنقيد انھن جي معلومات ۾ اضافو ٿي ڪري. تنھن ڪري ادب ۽ فن جي لاءِ تنقيد ھڪ نھايت ڪارگر شيءِ آھي. ان کان سواءِ نقطھ نظر جي بھ ناظرين کي خبر ٿي پوي ۽ ڪنھن ڪنھن مھل تھ پڙھندڙ خود بھ فيصلو ڪري سگھن ٿا تھ نقاد صحيح آھي يا نھ؟

گھڻن نقادن جي ھيءَ راءِ آھي تھ تنقيد ڪندڙ کي عيبن ڏي وڃڻ ئي نھ گھرجي. پر اھڙي تنقيد صحيح تنقيد نھ چئبي، جيسين ڪنھن ادبي ڪارنامي جون خوبيون ۽ خاميون چٽيءَ طرح سھڻي طريقي سان نھ ڏيکاريون وينديون، تيسين عام راءِ انھيءَ ڪارنامي بابت منجھيل رھندي تھ چڱو آھي يا خراب، يا صحيح آھي يا غلط؟

ڪن نقادن جي عادت آھي جو تنقيد ڪندي وڃي خواه مخواه ذاتيات جي بحث ۾ پوندا آھن. پر ھڪ ڳالھھ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ اھڙي تنقيد جيڪا ذاتي جھيڙن جو بنياد ھجي، صحيح تنقيد نھ چئي ويندي. ڇاڪاڻ تھ اھا تعصب ۽ تنگ نظري جي ميراڻ سان آلودھ ٿي وڃي ٿي ۽ ان جو ادب سان ڪو تعلق نٿو رھي.

ڪن نقادن جو اھو خيال آھي تھ تنقيد ڪرڻ وقت ٿورو گھڻو ذاتيات جو جز اچڻ کان روڪي نٿو سگھجي، مگر ڏسڻو اھو آھي تھ اھا ذاتيات بغض وحسد تي تھ مبني نھ آھي؟

 

قديم ھندوستان ۾ تنقيد

شعر جي صنعت جو سنسڪرت ۾ علم:

سنسڪرت جي عالمن، سنسڪرت ٻوليءَ جي شعر ۽ شاعريءَ کي تمام گھڻي اھميت ڏني آھي. سنسڪرت جي اھل زبان نھ رڳو صرف نحو جا اصول ۽ ضابطھ ٺاھيا، بلڪھ فن شعر جي لاءِ بھ نھايت جامع قاعدا مرتب ڪيا. ايتري قدر جو ھن علم ۾ ھي بھ شامل ھو تھ خود شاعر جي لاءِ ڪھڙي قسم جي انسان ھجڻ جي ضرورت آھي؟ ھن جو اخلاق ۽ عادتون ڪھڙيون ھئڻ گھرجن؟ ھن کي ڪھڙن قسمن جي علمن ۾ دسترس رکڻ جي ضروري آھي ۽ ھن جي تربيت ڪھڙي ھئڻ کپي؟ ان کان پوءِ ھن ڳالھھ تي بحث ٿيندو ھو تھ شاعريءَ جون خوبيون ڪھڙيون آھن ۽ وري انھن جي عيبن جي ھڪ فھرست تيار ڪئي ويندي ھئي. جنھن علم بابت اھي بحث ٿيندا ھئا، تنھن کي ”النڪار شاستر“ يا ”علم صنعت شعر“ سڏيندا ھئا. ٿيندي ٿيندي شاعر جي تعليم ۽ تربيت ايتري قدم اھم ٿي ويئي جو انھيءَ علم جي ھڪ جدا شاخ قائم ٿي ويئي، جنھن کي ”ڪوي شڪشا“ (شاعر جي تعليم) جو نالو ڏنو ويو ۽ مصنفن جي ھڪ وڏي جماعت پيدا ٿي پيئي، جنھن سڄي عمر انھيءَ شاخ تي ڪتابن لکڻ ۾ وقف ڪئي.

”ڀرت مني“ ۽ ”نٽ شاستر“:

”ڀرت مني“ اھو پھريون شخص ھو، جنھن سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ھندوستان جي قديم روايتن موجب فن علم بيان ۽ خاص طرھ ”ناٽيھ شاستر“ يا ڊرامھ جي فن تي اصول ۽ قاعدا مرتب ڪيا. ”مئڪڊونلڊ“ جي چوڻ موجب ”نٽ“ پراڪرت جو لفظ آھي، جو شايد سنسڪرت لفظ نرت يا ناچ مان نڪتو آھي.

”ڀرت“ جي شخصيت خود ھڪ انفساني جو روپ اختيار ڪيو آھي ۽ ھن ڳالھھ جو پوريءَ طرح فيصلو نھ ڪيو ويو آھي تھ ھو ڪھڙي زماني ۾ ٿي گذريو آھي؟ ڪن جو خيال آھي تھ ٻي صدي مسيح کان اڳي ”ڀرت“ ڪو زمانو آھي، پر ڪي ٻيا محقق ھن کان بھ ڪجھھ بعد جي زماني کي ”ڀرت“ جو زمانو ٻڌائين ٿا. ڪجھھ بھ ھجي، ظاھر آھي تھ جنھن زماني ۾ ”افلاطون“ ۽ ”ارسطو“ تنقيد جي فن جا اصول يونان ۾ ٺاھي رھيا ھئا، قريب قريب ساڳئي زماني ۾ يا ان کان ڪجھھ بعد جي زماني ۾ ”ڀرت“ نقد الشعر جا اصول ترتيب ڏنا.

پر ”ڀرت“ جو سمورو ڌيان ڊرامھ جي طرف ھو ۽ شعر جي فن بابت ھن جيڪي ڪي لکيو آھي، سو بھ رڳو انھيءَ حد تائين آھي، جيتروڪ انھيءَ فن جو واسطو ڊرامھ سان ھو. سنسڪرت ۾ پھريائين شعر جو فن ۽ ڊرامھ ٻھ جدا ڳالھيون ھيون، پر بعد جي زماني ۾ ”ناٽڪ“ ۽ ”ڪاويھ“ (شاعري) جو ھڪ جز مقرر ڪيو ويو.

”نٽ شاستر“ جي سورھين باب ۾ ”ڀرت“ چار النڪار (صنعتون)، ڏھھ گڻ (خوبيون)، ڏھ دوش (عيب) ۽ ڇٽيھھ لکشڻ (خصوصيتون) شعر جي لاءِ ضروري مقرر ڪيون آھن. انھن مان لکشڻن کي ڊرامھ سان مخصوص سمجھڻ گھرجي، جھڙيءَ طرح ”ڀرت“ جي مفسرن ۽ ھن کان پوءِ جي مصنفن شعر جي فن تي بحث ڪندي ثابت ڪيو آھي ۽ انھن کي النڪار ۽ گڻن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي. گڻ ۽ دوش بيشڪ غور جي قابل آھن، پر انھن مان ڪي خود ”ڀرت“ جي تصنيفن جي تشريح ۽ توضيح ڪرڻ وقت انھن کي پوريءَ طرح سمجھي نھ سگھيا آھن.

سخن جا عيب:

ڊرامھ ۽ شاعري ۽ جن خامين يا دوشن کان پاسو ڪرڻ لازمي آھي، انھن مان ڪي ھيٺيان آھن، جيڪي ”ڀرت“ ڏنا آھن:

1)        پيچيده نموني تي ۽ ور وڪڙ سان اظھار خيال. انھيءَ نموني سمجھڻ ۾ مشڪل ٿيندو ۽ ڪلام ۾ مونجھارو ٿي پوندو.

2)       اصل بحث کان ھٽي وڃڻ ۽ جن ڳالھين سان وسطو ڪونھي، تن کي بيان ڪرڻ.

3)       لطافت جو گم ھجڻ.

4)       ساڳئي خيال کي ورجائڻ.

5)       منطق جي اصولن جي خلاف دليل.

6)       انھن لفظن جو استعمال جن جو ربط نھ ھجي.

7)       بحر کان ٻاھر ھجڻ.

8)       صرف ونحو جي اصولن جي خلاف لفظ استعمال ڪرڻ.

”ڀرت“ سخن جون جيڪي خوبيون ڏيکاريون آھن، تن مان ڪي ھيٺ ڏجن ٿيون:

1)        لفظن جو اھڙيءَ طرح مربوط ھجڻ، جو شاعر جيڪو مفھوم پورو ڪرڻ گھري ٿو، سو خوبيءَ سان پورو ٿئي. عبارت ڏسڻ ۾ سادي ھجي پر غور ڪرڻ کان سواءِ سمجھھ ۾ نھ اچي.

2)       سلاست ۽ صفائي

3)       يڪسانيت يعني ھڪجھڙائي

4)       لطافت بيان، جنھن جي خصوصيت ھيءَ آھي تھ عبارت جو وري وري پڙھڻ يا ٻڌڻ طبيعت کي ڳرو نھ لڳي.

5)       بيان جو زور، جيڪو شاندار مرڪب لفظن جي ذريعي پيدا ٿو ٿئي.

6)       رواني

7)       وضاحت، جنھن جي خصوصيت ھيءَ آھي تھ موجودات عالم جو بيان لفظن ۾ ائين آڻجي، جو اصل موجب ھجي.

8)       جلالت، جيڪا مافوق الفطرت ۽ اعليٰ جذبات جي بيان تي مشتمل آھي.

9)       ڪلام ۾ حسن پيدا ڪرڻ، اھڙيءَ طرح جو ان جو ٻڌڻ ڪنن کي سٺو معلوم ٿئي ۽ ان مان تفريح حاصل ٿئي.

”ڀامھ“ ۽ ”النڪار شاستر“:

”ڀرت“ جي ھڪ عرصي کان پوءِ شعر جي فن تي ”ڀامھ“ ڏاڍيءَ وضاحت ۽ ڪمال سان بحث ڪيو آھي. ”ڀامھ“ کان اڳي پڻ ھن فن تي ضرور ڪجھھ نھ ڪجھھ لکيو ويو ھوندو، پر ان جو ڪو حال معلوم ٿي نھ سگھيو آھي. ”ڀامھ“ جي تصنيفن ۾ شعر ۽ شعر سان لاڳاپي رکندڙ ڳالھين تي مستند نموني تي باقاعدي بحث ڪيو ويو آھي. ”ڀامھ“ ”النڪار شاستر“ يا لفظي ۽ معنوي صنعتن جا اصول ۽ قاعدا قائم ڪيا، جن تي ھڪ وڏي حد تائين ان وقت جي سنسڪرت شاعريءَ جو مدار رھيو آھي. ”ڀامھ“ جو سڄو ڌيان لفظن جي خوبيءَ ۽ حسن جي طرف ھو، جنھن کي ھن ”ڪاويھ شرير“[1] يا ”جسم شعر“ سان تعبير ڪيو آھي. صنعتن جو مير، لفظن جي رنگ آميزي ۽ اسلوب بيان يا صورت کي شعر جو ضروري جز سمجھندو ھو ۽ اھو رڳو ”ڀامھ“ جو حال نھ ھو، بلڪھ ”وامن“ ۽ ”ڌونيڪار“ جي زماني تائين سنسڪرت جي ادب جا سڀئي نقاد ھن جا ھم خيال رھيا.


[1] سنسڪرت شاعريءَ جي ھر دور ۾ ٻن استعارن “ڪاويھ شرير“ جسم شعر ۽ ”ڪاويھ آتمھ“ روح شعر کي ڪافي اھميت حاصل رھي آھي. راجشيڪر ”ڪاويھ شرير“ جي تشريح ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ”ڪاويھ پرش“ کي ھڪ شخص فرض ڪيو آھي ۽ ”ساھتيھ ويد“ علم ادب کي ھن جي زال ٺاھيو آھي. ”ڪاويھ پرش“ جو جسم ٻن سان ملي ٺھيو آھي. ”شبد“ (لفظ) ۽ ”ارٿ“ (مضمون)، چھرو سنسڪرت جو آھي، بازو پراڪرت جا ۽ جاتي ڪيترين ئي گڏيل زبانن جي. اعضا جي اھا ساخت زبان جي لحاظ کان ھئي، باقي رھيو روح، سو مزاج ۽ جذبات جو مجموعو مقرر ڪيو ويو، بحر ھن جا وار آھن، ھن جي گفتگو سوال ۽ جواب ۽ معمن ۾ ٿيندي آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org