ديباچو
اڄ کان ٢٦ سال اڳي ھيءُ ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ سنڌي
شاگردن جي لاءِ لکيو ھوم، ڇاڪاڻ تھ اھو مضمون
شاگردن لاءِ ڏاڍو ضروري ۽ اھم ھو. ھيترن سالن کان
پوءِ ادب ۽ تنقيد ۾ لازمي ڳالھھ آھي تھ گھڻو ئي
ڪجھھ ڦيرو اچي چڪو آھي، تنھن ڪري ڪتاب جي ضخامت ۾
اضافو بھ ٿيو آھي. ان ڪتاب ۾ ڪي ڳالھيون جي اڳي
ڇڏيون ويون ھيون، سي ھاڻي ضروري سمجھي داخل ڪيون
ويون آھن. جھڙوڪ: پھرئين باب ۾ ادب جي قسمن بابت
ڪجھھ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري ڏني ويئي آھي. ”ادب ۽
حسن“ جو اضافو ڪيو ويو آھي. اسلوب خصوصا نثر ۾
سمجھائي ڏيکاريو ويو آھي ۽ شعر ۽ نثر ۾ فرق
سمجھايو ويو آھي. شعر ۾ صحيح جذبن ۽ تخيل جا مثال
ڏيکاريا ويا آھن.
اڳي ٽئين باب ۾ قديم ھندستان ۾ تنقيد، سنسڪرت ۾
تنقيد ۽ عربي ۾ فن تنقيد ڪين ڏنل ھئا، تنھن ڪري
ھاڻي داخل ڪيا ويا آھن. تنھن کان سواءِ سنڌي تنقيد
جي ارتقا تي پڻ روشني وڌي ويئي آھي.
ان کان سواءِ تنقيد جي ماھيت، تنقيد جو فائدو ۽
تنقيد جي اھميت تي وڌيڪ مضمون داخل ڪيا ويا آھن،
تاڪھ اسان جو سنڌي طبقو انھن ڳالھين کان وڌيڪ
معلومات حاصل ڪري سگھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌي مضمونن تي
ڪيئن تنقيد ڪجي؟ تنھن جو ڍنگ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي آھي. ان جو ھي مطلب ھرگز نھ آھي تھ جيڪي اسان
لکيو آھي، سو ئي صحيح
طريقو آھي. بلڪھ ھر ھڪ اديب جي لکڻ جو پنھنجو
اسلوب ھوندو آھي.
اسان باب ٽئين مان تذڪره لطفي ۽ تذڪره شعراءِ ھالا
ڪڍي ڇڏيا آھن ۽ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحھ ڇاڪاڻ تھ ھڪ ڪلاسيڪل مصنف
آھي، تنھن تي مختلف زاوين کان ماڻھن نظر وڌي آھي،
تنھن ڪري ان تي تبصري ۽ تنقيد جي نظر وجھڻ نھايت
ضروري ۽ اھم سمجھيو ويو. حقيقت ۾ نام نھاد ترقي
پسندن شاھ جي فلسفي ۽ تصوف کي جيڪو سمجھيو آھي، ڇا
چئجي؟ ڀلا جيڪي اسلام کان ئي انڪاري آھن، سي ”تو
جي بيت ڀائيا سي آيتون آھن“ چوڻ واري کي جيڪي
سمجھندا سو معلوم. جن جو نظريو ھڪ عالمگير مذھب جي
دائري کان ئي ٻاھر رھي، ڪنھن غير قوم جو غلام ٿي
رھڻ آھي، سو ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ کي ڇا سمجھندا؟
ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سڄي محنت کي
آڪارٿو ڪري ڇڏيو جو شاھ رحھ جي فلسفي ۽ تصوف کي
وڃي ويدانت سان چنبڙايو. ڊاڪٽر دائود پوٽي پنھنجي
استاد جو ڀرم رکڻ لاءِ رڳو ”منھنجو ڪم وڌيڪ آھي“
جي دعويٰ ڪئي، ڇاڪاڻ تھ ھن ڏٺو تھ گربخشاڻي رسالي
سان ڪھڙي بھ ويڌن ڪئي آھي، تنھن جي رسالي تي دائود
پوٽي جو نالو بھ ايندو تنھنجي لاءِ لکي موڪليائين
تھ ”ڪتاب تي منھنجو نالو اچي تنھن لاءِ منھنجو ٻيو
خيال آھي.“ يارن اتي بھ ڊاڪٽر دائود پوٽي سان جيڪي
ڪيو سو معلوم. مون کي لاچار ڊاڪٽر گربخشاڻي جا
ڪجھھ خط، جيڪي ھن شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي
کي لکيا ھئا، سي ظاھر ڪرڻا پيا تاڪھ اھي شخص انھن
خطن جي آرسيءَ ۾ پنھنجو منھن ڏسي وٺن.
اميد آھي تھ ادب ۽ انتقاديات ۾ دلچسپي وٺڻ وارن ۽
سيکاريندڙن لاءِ ھي ڪتاب مفيد ثابت ٿيندو.
خادم العلم
شيخ محمد ابراھيم خليل
ضروري عرض
سنڌي زبان جي ادب کي مطالعھ ڪندڙ تي ھيءَ ڳالھھ
روشن ٿيل ھوندي تھ ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ سنڌي ادب
جي ڪا اھڙي نمايان حيثيت ڪانھي، ڇاڪاڻ تھ سنڌي
زبان ۾ ادب جي افسوسناڪ کوٽ آھي ۽ تنقيدي ادب تھ
اڳي ئي مفقود آھي. اسان جي دانست موجب، سنڌي زبان
۾ تنقيدي سمايو ھڪ ٻن معمولي مضمونن جي ڪتابي صورت
۾ بلڪل عنقا صفت آھي.
جيڪڏھن سنڌي زبان کي پنھنجي پاڙيسري ٻولين سان
ڪلھو ڪلھي ۾ ڏيئي ھلڻو آھي تھ ھن کي پاڻ وٽ ھر
ڪنھن قسم جو سرمايو موجود رکڻ گھرجي. اھو ئي وڏو
سبب ھو، جنھن اسان کي ھن ڪتاب جي لکڻ تي آمادھ
ڪيو. سنڌي زبان ۾ اھڙي ڪتاب جي سخت ضرورت ھئي،
جنھن ۾ ادب جي اھميت ۽ تنقيد جي مقصود ۽ اصولن جي
مفصل سمجھاڻي ڏنل ھجي. انھيءَ ضرورت کي محسوس ڪري،
اسان ھي ڪتاب ڪيترن اردو ۽ انگريزي ڪتابن کان
استفادو ڪري پوءِ لکيو آھي.
ھن ڪتاب ۾ اسان ”ادب ۽ تنقيد جي شروعات ڪيئن ۽
ڪٿان ٿي ۽ انھن بابت مغرب ۽ مشرق جي فاضلن جا
رايا“ بيان ڪري، ڪن مقصدن ۽ اصولن جو ذڪر ڪيو آھي
جي سنڌي ادب ۽ تنقيد لاءِ موزون ۽ لاڳو ٿي سگھن
ٿا.
جيتوڻيڪ اسان سمجھون ٿا تھ تنقيدي اصول وقت ۽ ادب
جي لحاظ کان پيا ڦرندا رھندا، تنھن ھوندي بھ سنڌي
دان حضرات ادب ۽ تنقيد جي صحيح معنائن ۽ متعلقات
کان گھڻي قدر واقف ٿي ويندا.
تنقيد جي اصول بيان ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪن سنڌي
ادبي ڪارنامن تي جنسي تنقيد ڪري ڏيکاري آھي،
جھڙوڪ: ادبي خزانو، تذڪره لطيفي، تذڪره شعرا ھالا،
مقدمھ لطيفي ۽ ڪليات عزيز. اسان کي دعويٰ ڪانھي تھ
اسان صحيح تنقيد ڪئي، پر اسان جو مقصد انھن ڪتابن
جي مصنفن جي تنقيص بھ ھرگز ھرگز نھ آھي. بلڪھ اسان
جو خاص فرض ھي آھي تھ سنڌي زبان ۾ تنقيد ڪرڻ جي ھڪ
شاھراه کولي وڃي، جنھن تي جيڪڏھن اديب چاھين تھ
گامزن ٿي، سنڌي ادب ۽ فن تنقيد جي نمايان خدمت ڪري
ٻنھي کي بام ترقي تي پھچائين.
ھي سچ آھي تھ تنقيدنگار جنھن ڪتاب تي تنقيد لکي
ٿو، ان جي قلم مان نڪتل ڪي جملھ ڪتاب جي مصنف ۽ ان
جي طرفدارن کي نھايت ناگوار لڳن ٿا پر حوصلھ مند ۽
وسيع النظر ارباب ڪمال انھن جملن کي حقيقت تي مبني
سمجھي، خاموش رھن ٿا. اھو ئي علم ۽ فن جي ترقيءَ
جو قوي ذريعو ۽ ادب جي معراج ڪمال تي پھچڻ جو وڏو
ڏاڪو آھي.
پڇاڙيءَ ۾ اسين پنھنجن دوستن جھڙوڪ جناب حافظ
عبدالله صاحب بسمل ٽکڙائي مرحوم ۽ لاشاري رشيد
احمد صاحب رشيد جا ٿورا مڃڻ کان سواءِ رھي نٿا
سگھون، جن ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ جي تاليف ۾ مدد ڪئي.
حافظ بسمل کي ڪيترا نثر جا ٽڪر بر زبان ياد ھئا،
جن ھن نثر جي مثالن لاءِ لکائي ڇڏيا، نھ تھ انھن
ڪتابن کي مھيا ڪري لکڻ ۾ گھڻو وقت لڳي ھا. رشيد
صاحب سڄي ڪتاب کي شروعات کان وٺي آخر تائين جدا
پنن تان نقل ڪري ڏيڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪئي، نھ تھ سڄي
ڪتاب کي منھنجي لاءِ وري نقل ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ھا.
اميد آھي تھ انتقاديات تي ھي ڪتاب سنڌي زبان ۾ ھڪ
نئين اضافي جي حيثيت سان ادب جي قدردانن وٽ مقبول
۽ مفيد ثابت ٿيندو.
خاڪسار
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم ”خليل“
صدر حيدرآباد سنڌ
فقط ١ ڊسمبر ١٩٤٩ع
نحمده ونسلم عليٰ رسوله الکريم '
ھيچگه ذوق طلب را از جستجو بازم نداشت
دانـه مـي چـيدم مـن آن روزيکه خر من داشتم
باب پھريون
ادب جو شرح
ادب ھر ٻوليءَ ۾ موجود آھي. يوناني، رومي، لاطيني،
انگريزي، عربي، سنسڪرت، فارسي، ھندي وغيره وغيره.
مطلب تھ ڪا ٻولي اھڙي نھ آھي، جنھن جو ھڪ فائق حصو
علم ۽ معمولي ٻوليءَ کان ڌار ڪري، ”ادب“ جي نالي
سان سڏيو ويو ھجي. تنھن ڪري جڏھن اسين ”سنڌي ادب“
چئون ٿا تھ اسان جو مطلب ھوندو آھي تھ اسين سنڌيءَ
جي انھيءَ بلند ۽ بھتر ايجاد يا لساني ارتقا جو
ذڪر ڪندا آھيون، جيڪو سنڌيءَ جي ھڪ خاص اسلوب بابت
ھوندو آھي.
علمي ۽ ادبي محفلن جي تقريرن ۽ تحريرن ۾ علم ۽ ادب
جا لفظ عام طرح ٻڌڻ ۽ پڙھڻ ۾ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تھ
انھن ٻنھي جو پاڻ ۾ ھڪ گھاٽو لاڳاپو آھي. ڪنھن قوم
جي اخلاقي، سياسي، سماجي، مذھبي ۽ اجتماعي زندگيءَ
جو پتو اسان کي رڳو ان جي ادبي ڪارنامن مان پوي
ٿو. جن قومن جو ادب زنده آھي، سي قومون اڄ بھ زنده
آھن. اسان انھن جي ادب مان انھن جي ذھني ڪيفيتن ۽
جذبن جو پتو لڳائي سگھون ٿا.
مغرب جي مصنفن ادب ۽ تنقيد تي ڪثرت سان ڪتاب لکيا
آھن، پر انھن ۾ اوليت جو فخر اھل ”يونان“ کي آھي ۽
ان کان پوءِ اھل ”روم“ کي. دنيا جي وسعت ۾ يونان
ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جتان جدا جدا علمن ۽ فنن جي
شروعات ٿيل معلوم ٿي ٿئي. ھر ھڪ علم ۽ فن جي
تحقيقات جو شرف فقط يونان ئي حاصل ڪيو ھو، ٻي سڄي
دنيا ان جي خوشھ چين آھي ۽ ھن جي نقش قدم تي ھلڻ
جو فخر رکي ٿي.
ھي سچ آھي تھ تھذيب وتمدن ۽ سڀني علمن ۽ فنن جو
سرچشمو ”يونان“ ئي آھي. يونانين پنھنجي دور ۾
تحقيق جو قدم وڌايو ۽ حياتيءَ جي ھر ھڪ شعبي ۾
ترقي ڪرڻ ۾ پوري ڪاميابي حاصل ڪئي.
ادبي تحقيقات جي تحريڪ جي ابتدا بھ يونان ئي ڪئي ۽
ان ۾ ايتري قدر ڪامياب ٿيا جو سڄي دنيا جون اکيون
يونان ۾ کپي ويون. اڄ بھ جڏھن ادبيات تي لکڻ وارو
قلم کڻندو آھي تھ تحقيقات جو سلسلو يوناني فاضلن
جي نظرين سان ملائيندو آھي.
جيتوڻيڪ اڄ تھذيب ۽ تمدن جي عمارت آسمان سان چوٽي
گسائي رھي آھي، تڏھن بھ ادب جا اھي اصول جيڪي
”افلاطون“ ۽ ”ارسطو“ مقرر ڪيا ھئا، جن کي ڪيتريون
ئي صديون گذري ويون آھن، سي ساڳيا قائم آھن.
موجوده وقت ۾ جيتري قدر ادبي عمارتون کڙيون ڪيون
ويون آھن، تن جو بنياد يوناني فيلسوفن جي گڏ ڪيل
پٿرن تي رکيو ويو آھي.
مامون رشيد عباسي:
ھن خليفي جي وقت ۾ جڏھن يونان جو علمي خزانو عربي
زبان ۾ منتقل ٿيڻ لڳو ۽ يوناني ادبيات جا اصول ۽
قاعدا ۽ تنقيدن جا قانون ۽ تفصيل، ترجمن جي ذريعي
عربي محققن جي دماغ ۾ آيا، تڏھن ھنن پنھنجي مذاق
موجب ادب جا جدا جدا قسم مقرر ڪري، ھن جون نيون
تعريفون ۽ ادب کي ھڪ سھڻي ۽ وڻندڙ شڪل ۾ پيش ڪيو.
اھڙي دماغ سوزي ۽ ذھني ڪاوش ھوندي بھ ادبيات جا
بنيادي اصول اھي ئي قائم رھيا، جي يونانين مقرر
ڪيا جئا. البتھ عربن انھن کي وڌيڪ شاندار ۽
زيبائتو بنايو.
ادب جي تعريف:
چٽن لفظن ۾ ادب جي ساراھ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي،
ڇاڪاڻ تھ جدا جدا وقتن ۾ ادب جا جدا جدا نظريا
قائم ڪيا ويا آھن. زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان پڻ ادب
جا اھي نظريا بدلجندا رھيا آھن. جنھن حالت ۾ ادب
لفظ جي معنيٰ ئي مقرر نھ ڪئي ويئي آھي تھ ان جو
مفھوم بھ مبھم ئي رھيو آھي. ادب جي تعريف بابت
گھڻو اختلاف آھي، جنھن جو خاص سبب نقطھ نظر جو
اختلاف آھي. مغربي اديبن ۾ جيڪو اختلاف ادب جي
تعريف بابت نظر ٿو اچي، سو ان ڪري جو ھڪڙا ان کي
ماھيت جي نظر سان ڏسن ٿا، ٻيا موضوع جي اعتبار کان
جاچين ٿا، ٽيان ان جي صورت کي اھميت ڏيڻ جي ڪوشس
ڪن ٿا تھ چوٿان ان کي مضمون جي نقطھ نظر کان سمجھڻ
۾ رڌل آھن. جيڪڏھن ڪن وت عنصر ان جو مقصد ۽ خاتمو
آھي تھ ٻين وٽ ان جي تعريف جو بنياد ۽ پاڙ، ان جو
اثر ۽ نتيجو آھي. مطلب تھ جيترا نظريا آھن،
اوتريون ئي تعريفون آھن ۽ اھي تعريفون ايتريون
گھڻيون آھن جو غور ڪرڻ وارو نيٺ چئي ٿو ڏئي تھ ادب
اھو آھي جو تعريف جي حد کان ٻاھر آھي ۽ مقرر ڪرڻ
جي ڪوشش کان پري آھي. انھن مڙني نظرين جو خلاصو ھي
آھي تھ اسين ادب اھڙي مواد کي چئون ٿا، جنھن جو لڳ
لاڳاپو انسان جي عام زندگيءَ سان ھوندو آھي، پر ان
۾ بھ ھڪ خاص شڪل موجود ھوندي آھي، جا ڪافي دلڪش ۽
فرحت بخشيندڙ ھوندي آھي.
ادب ڇا کي چئجي؟ ھن مشڪل سوال کي حل ڪرڻ ۽ ادب جي
سچي پچي تعريف ۽ تفصيل بيان ڪرڻ لاءِ اسان کي
مسلمان محققن ۽ يورپ جي فيلسوفن جي ڪتابن ڏي رجوع
ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونھي، پر ان ۾ ھڪ
ڏکيائي آھي جو ٻنھي ڌرين جا خيال پاڻ ۾ مشرق ۽
مغرب جو ڇيٽو رکن ٿا. اسان جي سنڌي زبان، علمي
تحقيقات جي اھڙن ڪتابن کان بلڪل خالي آھي. عربي
اديبن جا ساڳيا رايا آھن، جيڪي ”افلاطون“ ۽
”ارسطو“ جا ھئا، جن ۾ عبارات آرائي ڪيل آھي ۽
انھيءَ عبارت آرائي ۽ رنگن سان نقاشي ڪري پيش ڪيو
ويو آھي. البتھ يورپ جي فيلسوفن جديد تحقيقات سان
انھن پراڻين ھڏين ۾ نئون روح ڦوڪيو آھي.
ادب بابت يوناني حڪيمن جا رايا:
يوناني فيلسوفن مان سڀ کان پھريون ”افلاطون“ ھو،
جنھن ادب جي تشريح ڪئي ۽ ان بابت پنھنجا خيال
پنھنجي مشھور ڪتاب جمھوري
(Republic)
۾ ڏيکاريا آھن. ھن جيڪو پنھنجو ڳوٺ تيار ٿي ڪيو،
تنھن مان شاعر کي نيڪالي ڏيئي ڇڏي ھئائين، ڇاڪاڻ
تھ ھن جو چوڻ ھو تھ ”شاعر اخلاق جو دشمن آھي.“
اديبن کي نفرت جي نگاھ سان ڏسڻ جو اھو سبب ھو تھ
”علم ادب ھڪ ڌوڪو آھي.“
”افلاطون“ جي شرح موجب ادب اھو آھي، جنھن مان
اخلاق ۽ صداقت جي نشو ونما ٿئي. ادبي تصنيف کي
جاچي ڏسبو تھ ان ۾ واقعن کي صداقت سان اھڙيءَ طرھ
گڏ ڪيو ويو آھي، جو حياتيءَ لاءِ مفيد ۽ ڪارائتا
ٿي سگھن ٿا يا نھ؟ انھيءَ وڏي اصول موجب، شاعري ۽
ڊراما لکڻ کي ”افلاطون“ ادب ۾ داخل نھ ڪيو آھي،
بلڪھ انھن جون خاصيتون ڏيکاري، مٿن سخت نڪتھ چيني
ڪئي اٿس، جو چوي ٿو:
”شاعر ۽ نثر لکندڙ انساني حياتيءَ بابت ڪيترين
حيثيتن سبب سخت غلطيءَ ۾ پئجي ويا آھن. ھو اسان کي
ٻڌائين ٿا تھ بدڪار ۽ اخلاقي ڏوھاري آرام ۽ عيش
سان حياتي گذاري رھيا آھن؛ نيڪوڪار ۽ متقي ماڻھو
مصيبتن ۾ گرفتار آھن ۽ ھي بدڪاريون جيڪڏھن پڌريون
نھ ٿين تھ فائدو ڏيندڙ آھن ۽ نيڪي ۽ ايمانداري
تنھنجي پاڙيسريءَ لاءِ کڻي مفيد ھجي، پر خود تو
لاءِ مفيد نھ آھي.“
”افلاطون“ جو شاعرن ۽ اديبن تي اعتراض رڳو بد
اخلاقي کي پکيڙڻ تائين محدود نھ آھي، بلڪھ ھنن جي
بيان جي طريقي ۽ طرز ادا کي بھ ناقص ٺھرايو اٿس.
اڄ جنھن شيءِ کي اسين شاعر جو ڏو ڪمال ۽ حسن
سمجھون ٿا، تنھن کي ”افلاطون“ عيب ڄاڻي ٿو. ھن جو
اعتراض آھي تھ شاعر يا اديب، عالم جي موجودات جون
پوريون تصويرون صداقت سان پيش نٿا ڪري سگھن، بلڪھ
موجودات جر نقش سندن دماغ تي جيڪو ويٺو آھي، تن کي
لفظن جو لباس پھرائين ٿا. حالانڪھ اھي شيون شعر ۽
تخليقي ادب جو ڄار آھن.
”افلاطون“ شاعر کي انھيءَ ڪري مصور کان گھٽ درجي
تي رکيو آھي، جو مصور ليڪن ۽ نقش جي ذريعي ڪنھن
شيءِ جي بلڪل ساڳي صورت نقل ڪري ٿو، جھڙي طرح اھا
شيءِ پنھنجي مادي صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آھي. ڄڻ تھ
منطقي صداقت ۽ فني صداقت جو تفاوت انھيءَ زماني
تائين ”افلاطون“ جھڙي وڏي فيلسوف بھ محسوس نھ ڪيو
ھو. اھو ئي سبب آھي جو شاعرن جي ذھني نقش يا فڪر
جي نتيجن کي اصليت ۽ صداقت کان پري ڏيکاري ٿو ۽
سکڻ سيکارڻ لاءِ غير مفيد ٺھرائي ٿو.
شاعرن تي ”افلاطون“ جو ھي بھ اعتراض آھي تھ ھو
پنھنجن فڪرن جي نتيجن کي اثرائتي بنائڻ لاءِ اخلاق
ڦٽائينڊڙ ۽ جذبات ڀڙڪائيندڙ موضوعن تي طبع آزمائي
ڪن ٿا، جنھن جو نتيجو ھي ٿو پيدا ٿئي جو تخليقي
ادب جي مطالعي مان انسان جي نفس ۽ ادراڪ تي بڇڙو
اثر پوي ٿو. ”افلاطون“ جو خيال آھي تھ تخليقي ادب
۽ اخلاق ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل آھن. ھن ادب ۽ اخلاق کي
بھ ھڪ ئي شيءِ مڃيو آھي، پر ”ارسطو“ اخلاق کي ادب
کان ڌار ڪري، ٻنھي شين کي جدا ڪري ڏيکاريو آھي. ھن
کان سواءِ ”ارسطو“، ”افلاطون“ جي ھن ڳالھھ کي نٿو
مڃي تھ شاعر پنھنجي ڳالھھ کي اثرائتي بنائڻ لاءِ
ڪوڙ کان ڪم وٺي ٿو. ”ارسطو“ جتي اخلاق ۽ ادب جو
ذڪر ڪيو آھي، اتي ھن مسئلي کي بھ صاف ڪري ڇڏيو آھي
تھ منطقي صداقت ھڪ جدا شيءِ آھي ۽ شاعرانھ يا
اخلاقي صداقت ٻي شيءِ آھي. شاعر ۽ ڪاريگر جو وڏو
ڪارنامو ۽ ضروري اصول صداقت آھي.
”افلاطون“ کان پوءِ ”ارسطو“ جو وارو آيو تھ ھن ادب
تي ھڪ ڳوڙھي نظر وجھي فتويٰ ڏني تھ تخليقي ادب،
نقالي ۽ محلڪات آھي جنھن جو مقصد دل جي تفريح آھي.
قدرتي طرح سان انسان محلڪات مان مزو پرائي ٿو.
ھيءَ اھا شيءِ آھي، جا ٻارن کي پنھنجي ماءُ پيءُ
جي ڳالھائڻ، اٿڻ ويھڻ جي نقل ڪرڻ تي آمادھ ڪري ٿي.
ھڪ قابل مصور ڪنھن بدشڪل جانور جي تصوير ڪڍي تھ ان
کي ھرڪو ڏسي خوش ٿيندو، جيتوڻيڪ خود انھيءَ جانور
کي ڏسڻ ڪوبھ پسند نھ ڪندو. انھيءَ مان ثابت ٿيو تھ
ڪنھن شيءِ جي نقل يا محلڪات مان ھڪ قسم جي خوشي ۽
ڪيف حاصل ٿئي ٿو، پوءِ اھا شيءِ في نفسھ سھڻي ھجي
يا نھ ھجي. اھڙيءَ طرح شعر بھ ھڪ قسم جي نقالي يا
مصوري آھي، جا دل تي اثر ڪري ٿي ۽ طبع جي تفريح جو
سبب بھ ٿئي ٿي.
”افلاطون“ نقاليءَ ۾ ٻيو بھ ھڪ عيب ڏيکاريو آھي جو
چوي ٿو تھ: ”شاعري جنھن حالت ۾ ھڪ قسم جي نقالي
آھي، تنھن ڪري حقيقت ۽ انسان جي وچ ۾ ٻھ فاصلا
اھڙا ٿا اچي وڃن، جنھن مان انسان جو حقيقت تائين
پھچڻ محال ٿيو پوي.“
”افلاطون“ مثاليھ صورتن (صور مثاليھ) جو مڃڻ وارو
آھي، جي سڄي ڪائنات جون حقيقتون آھن ۽ ڪائنات جي
ھر ھڪ شيءِ ان جي حقيقت جي نقالي آھي ۽ شاعر جي
ڇڪيل تصوير ھن نقاليءَ جو نقل آھي. اھڙي طرح شاعر
جي ڇڪيل تصوير ھڪ شيءِ آھي ۽ ٻي شيءِ جنھن شيءِ جي
اھا تصوير آھي، تنھن ڪري اھا شيءِ حقيقت ۽ انسان
جي وچ ۾ حائل آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪائنات جي ھر ھڪ شيءِ
حقيقت جو نقل آھي، اصل حقيقت نھ آھي. تنھن ڪري
شاعر جي ڇڪيل تصوير نقل جو نقل آھي، تنھن ڪري اھو
قطعا غير ضروري آھي ۽ انسان جي حياتيءَ جي ضرورتن
۾ ھن جي ڪا جڳھھ نھ آھي.
”افلاطون“ جيڪو تخليقي ادب تي اعتراص ڪيو ھو تھ
”ھن ۾ صداقت ۽ اصليت ڪانھي“، ”ارسطو“ تنھن جو ھي
جواب ڏنو تھ ”تخليقي ادب ۾ انساني حياتيءَ جون
جيڪي تصويرون پيش ڪيون وڃن ٿيون، سي نڪي حياتيءَ
جي حقيقتن کان غير واسطيدار آھن ۽ نڪي اصليت ۽
صداقت کان پري آھن، ڇاڪاڻ تھ ادب جي صداقت، فلسفھ
۽ سائنس جي صداقت کان ٻي طرح جي آھي.“
”افلاطون“ ادب کي خاص معلومات پھچائڻ جو رستو
سمجھندو ھو، تنھن ڪري ھن تخليقي ۽ سادي ادب ۾ ڪو
فرق نھ رکيو. ”ارسطو“ ھن ڳالھھ کي چٽو ڪيو آھي تھ
ادب جي انھن ٻنھي قسمن جي خوبين جو معيار ساڳيو نھ
ٿي سگھندو. مثلا ادب جي جنھن قسم ۾ واقعن کي وڌيڪ
اھميت ڏني وڃي ٿي، تنھن ۾ تاريخ کي ۽ جنھن قسم ۽
واقعن جي طرز بيان ۽ اسلوب کي وڌيڪ اھميت ڏني وڃي
ٿي، تنھن ۾ شاعريءَ کي وڌيڪ اھميت آھي. ”ارسطو“
انھن جو فرق ائين ٿو ڏيکاري.
شاعر جو ھي ڪم آھي تھ ھو ڏيکاري تھ ڪھڙو واقعو
ٿيو؟ بلڪھ ھي ڏيکارڻو آھي تھ ڇا ٿي سگھي ٿو ۽ ڇا
ٿيڻ ممڪن آھي؟ پوءِ اھو کڻي قياس طور ھجي يا واقعي
ھجي، جو اڳ ٿي چڪو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ مؤرخ ۽
شاعر جي وچ ۾ وزن کي استعمال ڪرڻ يا نھ ڪرڻ جو فرق
ڪونھي. بلڪھ فرق ھي آھي جو ھڪ چوي ٿو تھ ڇا واقعو
ٿيو ۽ ٻيو ھيئن ٿو ٻڌائي تھ ڇا واقعو ٿي سگھي ٿو؟
انھيءَ ڪري شاعريءَ جي صداقت وڌيڪ وسيع آھي ۽ ھن
جو مطمع نظر تاريخ کان وڌيڪ بلند آھي، ڇاڪاڻ تھ
شاعريءَ ۾ تعمير آھي ۽ تاريخ ۾ تخصيص.
ھن کان سواءِ بھ ”افلاطون“ ڪي ٻيون ڳالھيون
ڏيکاريون آھن، جي شاعريءَ جي غير ضروري ھجڻ جا
دليل آھن؛ البتھ ”افلاطون انھن شاعرن کي الڳ رکيو
آھي، جي ديوي ۽ ديوتائن جي تعريف ۾ شعر چون ٿا ۽
ڄاڻندي اخلاق جي تعليم ڏين ٿا.
”افلاطون“ جو ٻيو ھي اعتراض ھو تھ شاعر اخلاق
ڦٽائيندڙ ۽ جذبن کي ڀڙڪائيندڙ موضوعن تي طبع
آزمائي ڪري ٿو، جنھن جو نفس تي بڇڙو اثر پوي ٿو.
انھيءَ جو جواب ”اسطو“ ھي ڏنو آھي تھ جذبن کي
مستقل طرح برانگيختھ ڪرڻ بدران شاعري مرڳو انساني
فطرت مان ردي جذبن کي ڪڍي ڇڏي ٿي، گويا طبي قاعدي
موجب مسھل (جلاب) مان جيڪو فائدو ملي ٿو، سو ساڳيو
شاعريءَ مان پرائجي ٿو. مطلب تھ ادب بابت قديم
يونان جي انھن ٻن زبردست فيلسوفن جي خيالن مان
نھايت وڏا ۽ مفيد نتيجا نڪتا آھن. ان کان پوءِ ٻين
يوناني ۽ رومن مصنفن بھ انھن بحثن تي خيال آرائي
ڪئي آھي، پر سچ ھي آھي تھ ”افلاطون“ ۽ ”ارسطو“ جي
ٻڌايل اصولن تي وڌيڪ ذڪر جوڳو اضافو ڪجھھ بھ ڪري
نھ سگھيا آھن. |