نظم وارو ڀاڱو
شعر جي تعريف، اھميت ۽ ضرورت
ادب جا ٻھ قسم مٿي ڏيکاري آيا آھيون: (١) ھڪ قسم
نثر ۽ (٢) ٻيو قسم نظم آھي. نظم بابت مختصرا ڪجھھ
لکجي ٿو، باقي تفصيل ڏسڻو ھجي تھ ”رھنمائي شاعري“
جا ٻيا ڀاڱا ڏسو.
نظم جي لغوي معنيٰ آھي پوئڻ. اسان کي ڪي جملا چوڻا
ھجن، پر انھن جملن کي سھڻن لفطن ۾ ظاھر ڪرڻ ٻڌندڙ
کي خوش ڪندو آھي ۽ انھن لفظن کي وري ھڪ مقرر ڪيل
بحر ۽ وزن جي ڌاڳي ۾ پوئي، مالھا ڪري بيھارڻ کي
”نظم“ چئبو آھي. اھڙي نظم ٺاھيندڙ کي ”شاعر“ سڏبو
آھي.
شعر ھڪ قدرتي ڏات آھي، جيڪا قدرت ڪن ڪن ماڻھن جي
دلين ۾ امانت طور رکي ٿي.
شعر جو لفظ، عربي لفظ شعور مان نڪتل آھي، جنھن جي
معنيٰ دانائي، پروڙ يا دريافت ڪرڻ آھي. اصطلاح ۾
شعر انھيءَ کي چئبو آھي، جيڪو علم عروض جي مقرر
ڪيل وزن، بحر ۽ قافيھ تي ھجي ۽ جنھن ۾ اثر ھجي.
شعر جي ٻي معنيٰ ”وار“ جي بھ آھي.
1)
اڪاسي، ٻياسي، ٽياسي، چوراسي، پنجاسي، ڇھاسي،
ستاسي، اٺاسي.
ھيءُ سنڌيءَ جي موزون لفظن جو مثال آھي، جنھن جو
وزن درست آھي پر ان کي شعر سڏڻ درست نھ آھي. ڇاڪاڻ
تھ ان کي پڙھڻ کان پوءِ اسان جي دل ۽ دماغ تي ڪنھن
بھ قسم جو اثر نٿو ٿئي.
2)
ڪيترا ڀيرا ائين بھ ٿئي ٿو جو نثر ۾ ڪابھ ڳالھھ
چئجي تھ ان جو اثر ايترو نٿو ٿئي جيترو نظم ۾.
جيڪڏھن چئجي تھ: ”دنيا جو ڪارخانو دنيا سان گڏ ھلي
ٿو، جيڪو اڄ ھتي پيو ٿئي سو ئي صبحاڻي بھ ٿيندو“
تھ ان جو اثر دل تي ايترو نھ ٿيندو. پر جيڪڏھن
ساڳيو نظم چئجي تھ:
دنيا سان گڏ ھلي ٿو دنيا جو ڪارخانو،
جو اڄ ھتي ٿئي ٿو سو سڀ سڀان بھ ٿيندو.
تھ دل تي ان جو خاص طرح اثر ٿئي ٿو.
اسين ڏھاڙي ڪيتريون ئي شيون ڏسون ٿا. جدا جدا
انسان، ڌار ڌار قسم جا حيوان، مختلف رنگن جا پکي ۽
انھن جون عجيب وغريب لاتيون، طرحين طرحين جا گل،
ساوڪون، باغ، دريا جو وھڪرو ۽ پاڻيءَ جي وھڪري ۽
ان جي لھرن مان پيدا ٿيل آواز، آسمان جو نيلوفري
رنگ ۽ اونداه رات ۾ تارن جي قطار، چانڊوڪيءَ جا
مختلف نظارا، سج جي اڀرڻ ۽ لھڻ جون ڪيفيتون، حقيقي
صانع جي بي انتھا صنعتن جون دلچسپيون، خوشيءَ ۽
مسرت جا شيرين آواز، غم ۽ اندوه جا جانفر ساھل
اسان جي دلين تي ڌار ڌار اثر وجھن ٿا. اھي اثر
جھڙي نموني جا ھوندا، تھڙي نموني جو خيال ۽ جذبن ۾
جوش پيدا ٿيندو. قدرتي طرح انسان ۾ خيالن کي ظاھر
ڪرڻ جو مادو رکيل آھي. انھن خيالن کي لفظن جي
ذريعي ظاھر ڪرڻ جو سچو پچو ۽ اثرائتو طريقو، جنھن
۾ موسيقيءَ جو رنگ ڀريل ھجي، تنھن کي شعر چئبو آھي
۽ اھڙي رستي سان ظاھر ڪندڙ کي ”شاعر“ چئبو آھي.
تنھن ڪري سمجھبو تھ شاعر فطرت جو ترجمان آھي.
صبح جي وقت ھڪ علمي ماڻھو بھ باغ جو سير ڪري
موٽندو آھي ۽ ھڪ غير معمولي ذھن ۽ دماغ وارو ماڻھو
بھ کل ولالھ ۽ ساوڪن جو نظارو ڏسي ايندو آھي. انھن
ڳالھين جو اثر بھ ٻنھي تي ساڳيو ٿيو آھي، پر
پھريون ماڻھو رڳو ٻن لفظن ۾ پنھنجو تاثر بيان ڪري
بس ٿو ڪري تھ ”باغ جي گھمڻ مان مون کي ڏاڍو مزو
آيو.“ يا قريب قريب انھيءَ قسم جي معنيٰ وارن لفظن
۾، مگر غير معمولي دل ۽ دماغ رکڻ وارو، باغ جي
سموري حقيقت، گلن جي تازگي ۽ طراوت، ساوڪ جي لطافت
۽ نزاڪت، بلبل ۽ قمرين جي خوشنمائي، چتونءَ جي
چونگار، ڪوئل جي ڪوڪو ۽ مينا جي نغمھ سرائيءَ جو
بيان اھڙي سريلي ۽ خاص انداز سان ادا ڪندو، جو
مخاطب جي اڳيان باغ جو پورو پورو نقش آڻي
بيھاريندو تھ ٻڌندڙ کي بھ اھي ئي لذتون ۽ دلچسپيون
اينديون جيڪي ٻڌائيندڙ جي ذھن ۽ خيالن تي اثر
انداز ٿيون ھونديون. اھا آھي شاعري!
1)
بھار جو مثال ”حڪيم فتح محمد“ سيوھاڻي ”حڪيم“ جو:
اچي ٿو آواز آسماني بھار آيو، بھار آيو
شجر حجر ڪن ٿا شادماني، بھار آيو بھار آيو
ٽڙيو چمن ۾ گلاب جو گل، گھمي محبت ۾ مست بلبل
پکين جو ھر سمت شور ۽ غل، بھار آيو بھار آيو
چمن ۾ چوڌار سبزه زاري، برن پٽن ۾ بھ ٿي بھاري
خوشين ۾ ماپي نھ خلق ساري، بھار آيو بھار آيو
لڳن ٿيون ھيرون عجب ھوائون، لھن ٿا گل بلبلن سان
لائون
پکي ٿيا ڄاڃي پي چيائون بھار آيو بھار آيو
ٿيو صحن گلشن جو خوب رنگين، چمن ٿيو مثل بھشت زرين
ھوا معطر ٿي ھير مشڪين، بھار آيو بھار آيو
ٽلي چمن ۾ ٿي ٽاري ٽاري، ٿيو فرش گلشن جو ميناڪاري
ٿي جڳ ۾ چوڌاري اڄ بھاري بھار آيو بھار آيو
2)
مير ”سانگي“ جو بھار:
ڪيو معطر اڄ چمن کي ياسمين وسنترن
جنبش باد صبا سنبل جو گل ڪيو تار تار
ٿي رھي ھردم گل سوريءَ جي سورج ڏي نظر
سوسن وريحان ۽ صد برگ آھن بي شمار
موتين جي باس کان آھي معطر ٿيو دماغ
چو طرف صحن چمن ۾ آھي تڪمن جي قطار
آھ لالائي کان لالھ جو ٿيو گلزار لعل
انب بوربا گل جھليا ڪچنار نڪتا ڪو ڪنار
سنڌ جي نامي گرامي شاعرن بھار جي تعريف ۾ خوف نڪتھ
طرازيون ڪيون آھن، پر انھن سڀني ۾ ”خليفھ گل محمد
ھالائي“ جو ھڪ بيت ئي اھڙو جامع بيت آھي، جنھن
لاءِ سنڌ جي سموري بھاريھ دفتر کي انھيءَ متن جو
شرح چئجي تھ بيجا نھ آھي:
ويو سيارو، وري بھاري بوند گل ٽڙيو، ڦل ٽڙيو ٿيو
بر باغ
انھيءَ بيت ۾ شاعر مرحوم فقط ھڪ جملي ”ٿيو بر باغ“
۾ بھار جي سموري ڪيفيت آڻي ڇڏي آھي. يعني بر
(وسايل بيابان) باغ بنجي ويا آھن. ان کي چئبو آھي
قادر الڪلامي.
ھن بحث مان ھيءُ نتيجو نڪري ٿو تھ انسان جي
زندگيءَ جو لازمي شرط ھي آھي تھ ھن جا جذبات زنده
ھجن. جيڪڏھن ھن جا جذبات مري ٿا وڃن ۽ ھو مرده دل
بڻجي ٿو وڃي تھ ھن جي زندگي، زندگي نھ آھي، بلڪھ
ھو متحرڪ پتلو يا ھڪ چرندڙ پرندڙ ڪل آھي. تنھن ڪري
جيڪو انسان پنھنجي جذبات جي اظھار ڪرڻ جو استعداد
نٿو رکي، تنھن ۾ ۽ ھڪ حيوان ۾ ڪو فرق نھ آھي.
انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ جيڪڏھن ڪو فرق آھي تھ ھيءُ
آھي جو انسان لفطن جي ذريعي پنھنجي جذبات جي اظھار
ڪرڻ تي قدرت رکي ٿو، پر حيوان کي اھا قدرت حاصل نھ
آھي. تنھن ڪري ڏسبو تھ انساني زندگيءَ لاءِ رڳو
جذبات کي بيدا رکڻ لازمي نھ آھي. بلڪھ جذبات جي
اظھار جي ڪوشش پڻ ضروري آھي، نھ تھ معاشرتي
زندگيءَ جو بنياد سکڻو رھجي ويندو ۽ انسان ۽ حيوان
جي وچ ۾ فرق ڏيکاريندر ڪا شيءِ باقي نھ رھندي.
ھن بحث ۾ ٻي بھ ھڪ ڳالھھ قابل غور آھي، جيڪا انسان
پنھنجي قوت متخليھ کان ڪم وٺي ۽ ان جي ثبوت پيش
ڪرڻ کان پوءِ، پنھنجي جذبات جي زنده رھڻ جو ثبوت
پيش ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تھ جذبات ۽ تخليات ٻنھي ۾ گھرو
لاڳاپو آھي. يعني ھڪڙي ئي شيءِ جا ٻھ پاسا آھن، جن
جا جدا جدا نالا رکيا ويا آھن. پوءِ انسان قوت
متخليھ کان ڪم وٺڻ جي ثابتي پيش ڪري ٿو ۽ ھيءُ بھ
ثابت ڪري ٿو تھ ان جي ۽ حيوان جي وچ ۾ فرق ھئڻ جو
سبب موجود آھي، تنھن ڪري انسان تخيل جي قوت کان ڪم
وٺي سگھي ٿو، پر حيوان کي اھا قدرت نھ آھي. يعني
حيوان سراسر ان کان عاري آھي.
ان منزل تي پھچي ھيءُ چوڻ مقصد آھي تھ شاعر جي
جذبات زنده ھجڻ جو بھترين ثبوت شعر آھي، پر ان سان
گڏ ھو انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ انسان لاءِ اھڙي
امتياز جو سبب پڻ آھي، جنھن جي ترديد ٿي نٿي سگھي
۽ وري ٻين انسانن جي جذبات لاءِ پڻ آب حيات جو ڪم
ڏيئي سگھي ٿو. تنھن ڪري يورپ جي ھڪ نقاد ادب جو
ھيءُ قول ياد رکڻ جي قابل آھي تھ ڪنھن بھ قوم ۾
ابدي زندگي ان وقت تائين پيدا ٿي نٿي سگھي، جيسين
ان قوم ۾ ڪو قادر الڪلام شاعر پيدا نھ ٿيو آھي.
اسان جيڪي مٿي چئي آيا آھيون، سو شعر جي اھميت کي
وضح ڪرڻ لاءِ گھٽ نھ آھي، پر تنھن ھوندي بھ شعر جي
اھميت جو ھڪ ٻيو پاسو پڻ ڏيکاريون ٿا، جو ھيءُ آھي
تھ شعر انسان جي فطري ٻولي آھي، جنھن جي ثابتي
ھيءَ آھي تھ انسان حياتيءَ جي قديم تاريخ جو جيڪو
دنيا جي اڳيان موجود آھي، سو نثر ۾ نھ آھي بلڪھ
نظم جي صورت ۾ آھي. ان سان گڏ ھيءُ واقعو بھ غور
طلب آھي تھ جيڪي ڪتاب، آسماني ڪتاب چيا يا سمجھيا
وڃن ٿا، سي بھ پنھنجي اندر نثر جو شان رکڻ بدران
سراسر شريعت ۾ غرق آھن. تنھن ڪري شعر انساني جذبات
جي اظھار جو فطري وسيلو آھي. جيڪڏھن ان کي کڻي
ڪونھ بھ مڃي، تھ بھ شاعر جي ضرورت کان انڪار ڪري
نٿو سگھجي، ڇاڪاڻ تھ اھو مڃيل آھي تھ شعر حقيقت ۾
دلي جذبات جي اظھار جو فطري وسيلو آھي. بلڪھ خود
آسماني بند ۽ نصيحت جو ذريعو آھي.
شعر جي تعليمي پھلوءَ تي نظر وجھڻ کان اڳي ڄاڻڻ
گھرجي تھ تعليم جي اھا معنيٰ ھرگز نھ آھي تھ ڪا
شيءِ ٻاھران طبيعت يا ذھن ۾ زبردستي ڀري وڃي. بلڪھ
تعليم جو حقيقي مقصد ھيءُ آھي تھ انسان ۾ جيڪي
فطري قوتون ۽ صلاحيتون لڪل آھن، تن کي ظاھر ڪجي،
تن کي اجاريو وڃي ۽ تن کي وڌيڪ قوي بنائڻ جي ڪوشش
ڪئي وڃي. جيڪڏھن ڪا تعليم اھڙي آھي، جا ڪن قوتن ۽
صلاحيتن کي جاڳائي ٿي ۽ سرگرم عمل ڪري ٿي تھ نھ
رڳو اسين، بلڪھ سڄي دنيا جي فن تعليم جا ماھر اھو
ئي چوندا تھ اھا تعليم ناقص آھي. ان مان صاف ظاھر
آھي تھ جيڪڏھن تعليم ناقص نھ آھي تھ ان کي نفس جي
ان ڀاڱي جي ترتيب جو انتظام پڻ ڪرڻو پوندو، جنھن
جو لاڳاپو جذبات نھ آھي. ان کان سواءِ سعر قوت
متخيلھ جي ترتيب جو بھترين ذريعو آھي ۽ قوت متخيلھ
جي ضرورت رڳو شعر وشاعريءَ تائين محدود نھ آھي،
بلڪھ انسان جي گوناگون ترقين ۽ ايجادن جو آڌار پڻ
وڏيءَ حد تائين قوت متخيلھ تي آھي. تنھن ڪري بھ
شعر جي ضرورت ثابت آھي.
شعر جي حقيقت:
سوال پيدا ٿو ٿئي تھ شعر ڇاکي ٿو چئجي؟ ان جو جواب
ھڪ طرف تھ ايترو سولو آھي، جو ڪوبھ پڙھيل شخص چئي
نٿو سگھي تھ مان نٿو ڄاڻان تھ شعر ڇاکي ٿا چون؟ پر
ٻئي طرف ان جو جواب ايترو مشڪل آھي، جو اڄ ڏينھن
تائين ھزارن اديبن شعر جي تعريف ۽ تشريح جي ڪوشش
ڪئي پر شعر جي ڪا صھيح تعريف ممڪن نھ ٿي سگھي،
ڇاڪاڻ تھ ان جو ھڪ خاص سبب آھي، جيڪو ھيءُ آھي تھ
جنھن شيءِ جو ذوق سليم سان واسطو ھوندو، تنھن کي
لفظن جي فولادي مشين ۾ بيان ڪرڻ غير ممڪن آھي.
اھو ئي سبب آھي تھ جڏھن ڪو شخص شعر جي حقيقت بيان
ڪري ٿو تھ ان کي يا تھ شعر جي روھ تي زور ڏيڻو پوي
ٿو يا شعر جي جسم تي. ھتي اھو معلوم ھئڻ گھرجي تھ
شعر جو روح ئي سڀ ڪجھھ آھي.
اھا ئي ان جي حقيقت آھي، اھا ئي ان جي ابتدا ۽ اھا
ئي ان جي انتھا. باقي رھيو جسم، سو اھو رڳو مصنوعي
شيءِ آھي، جنھن کي شعر جي شعريت سان ڪو واسطو نھ
آھي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تھ جيڪڏھن ڪو ڪلام
پنھنجي روح جي لحاظ کان شعريت جي شڪل ۾ آھي تھ اھو
شعر چيو ويندو، جيتوڻيڪ جسم جي لحاظ کان اھو شعر
نھ ھوندو. ان جي برخلاف جيڪڏھن ڪو ڪلام پنھنجي روح
جي اعتبار کان شريعت جي شڪل ۾ نھ ھجي، پر جسم جي
اعتبار کان شعر ھجي، پوءِ کڻي چوڻ لاءِ ان کي شعر
چئجي، پر ڪلام شعريت کان گھڻو پري.
شعر جي جسم ۽ روح جا اھي مونجھارا آھن، جن جي ڪري
شعر جي جامع تعريف اڄ تائين ممڪن نھ ٿي سگھي آھي.
پر انھن مونجھارن ھوندي بھ ايترو چئي سگھجي ٿو تھ
اھو ڪلام، جنھن جو بنياد صحيح جذبن تي رکيل آھي،
جيڪو تخيل جي ھٿيارن سان تراشيل ۽ تيار ڪيل آھي ۽
جنھن ۾ اثر آھي، سو ئي حقيقت ۾ شعر آھي.
صحيح جذبن جو مثال:
ليلان ھار تي ھرکي، چنيسر کي وڃائي ويٺي آھي ۽ ڏسي
ويڍي تھ اھا ڪؤنرو، جيڪا ڪالھھ مون وٽ ٻھاريدار
ھئي، سا اج منھنجي مسند تي چنيسر سان چاڳ پيئي
ڪري. اھي ڳالھيون ليلان کي ايترو جھورين ٿيون، جو
فطرت موجب ھن کي پنھنجو گذريل اقبال ياد پيو اچي،
جنھن کي ياد ڪري ڏاڍي ارمان ۽ ڏک سان چوي ٿي:
(١)
حامد:
مليو ملھھ ھوند مڻيون ڪانڌ ڏيئي ڪوه ٿيس ڪاري
ڪجاڙو آھ ڪؤنرو، ڪيو ڪرم پنھنجو ڪنواريندس
يعني ھيءُ مڻيو (موتين جو ھار) مون کي ناڻي ڏيڻ
سان بھ ملي سگھيو ٿي. آءٌ راڻي ھيس ۽ ڪيتري بھ
مھانگي قيمت سان وٺي سگھيس ٿي. پوءِ ڪانڌ (مڙس) کي
انھيءَ ھار تي ڏيئي، ڪاري (ڏوھي) ڇو ٿيس؟ انھيءَ ۾
ڪؤنروءَ جو ڪھڙو ڏوھ آھي؟ پنھنجي ڪرم يعني نصيب کي
ڏوھ ڏيان ٿي.
ڏسو تھ شاعر ڪھڙيءَ نھ خبرداريءَ ۽ قابليت سان ھڪ
زال جي پشيماني کي سھڻي طريقي سان نظم ڪيو اھي ۽
ان جي دل جو سچو جذبو ڏيکاريو آھي.
(٢) ڪنبيون ٿي ڪڇڻ کان ڪالھھ سي جھڻڪين مون جيڏيون
اڳئين اقبال لئي آئون ھنجھون ڪوه ڪين ھاريندس
يعني اھي جيڏيون، جيڪي اڃا ڪالھھ مون وٽ گستاخ ٿي
ڳالھائڻ کان ڊڄنديون ھيون، سي اڄ مون کي جٺ ڦٺ
ٿيون ڪن، تنھن ڪري آءٌ پنھنجي اڳوڻي اقبال لاءِ ڇو
نھ روئندس؟
(٣)
ٿيس
ڏاھي ڏکن لئي ڀاڳ واريون ٿي ڏسان ڀوريون
ھينين تان ھوش جا ”حامد“ اکر اصلي اتارينديس.
سنڌيءَ ۾ پھاڪو آھي تھ: ”ڏاھيون ڏک ڏسن لنڊيون چاڳ
ڪن.“ ليلان بھ پشيمان ٿي چوي ٿي تھ آءٌ ڏکن لاءِ
ڏاھي ٿيس ۽ ڏسان ويٺي تھ ڀوريون سڀ ڀاڳ واريون
آھن. تنھن ڪري پنھنجي دل تان عقل جا اکر صفا لاھي
ڇڏينديس تھ ڀوري ٿي من ڪو ڀاڳ ڀايان!
مگر اھڙو ڪلام، ڪلام نثر بھ ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ تھ
شعر جو موزون ھجڻ بھ شعر جي لازمي شرطن مان ھڪ
آھي، تنھنڪري اھو ڪلام جيڪڏھن ڪلام نثر آھي تھ عام
طرح شعر چوائڻ جو حقدار نھ آھي. ان جي برخلاف
جيڪڏھن ڪوبھ ڪلام موزون نھ آھي، پر ان جو بنياد
صھيح جذبن تي رکيل نھ آھي ۽ نھ اھو تخيل جي اوزارن
سان تراشيل آھي تھ ان کي رڳو انھيءَ ڪري شعر چوڻو
پوندو، جو اھو موزون ڪلام آھي. وري ھڪ ٻي شيءِ بھ
وڌيڪ مونجھاري جو سبب آھي تھ ڪلام جو موزون ھجڻ بھ
انھيءَ ڪلام لاءِ گھٽ ۾ گھٽ صوفي ۽ سماعي اعتبار
کان اثر جو سبب بنجي ويندو، تنھن ڪري ھڪ حد تائين
اھو اعتراض بھ دفع ٿي ويندو تھ ”ڪلام ۾ اثر نھ
آھي، تنھن ڪري ان کي شعر نھ چوڻ گھرجي.“ بھرحال!
ايترو ضرور چئبو تھ موزون ۽ با اثر ڪلام، جو ارادي
سان ٺاھيو ويو ھجي، سو شعر آھي.
شعر لاءِ ضروري ڳالھيون:
ھيٺين ڳالھيون شعر لاءِ ضروري آھن:
1)
شعر ۾ بامعنيٰ لفظ ھئڻ ضروري آھي، نھ تھ موزون
ھوندي بھ اھو شعر ۾ داخل نھ ٿيندو.
2)
شعر مقرر ڪيل وزنن مان ڪنھن ھڪ وزن تي ھئڻ ضروري
آھي ۽ شعر جي لاءِ ھر زبان ۾ وزن ضروري سمجھيو ويو
آھي.
وزن جي ڪري سعر جي خوبي ۽ ان جو اثر وڌي ٿو وڃي.
جيئن راڳ لاءِ ٻول آھن، تيئن شعر لاءِ وزن. يورپ
جو ھڪ محقق لکي ٿو تھ جيتوڻيڪ شعر جو آڌار وزن تي
نھ آھي ۽ شروعات ۾ شعر انھيءَ زيور کان معطل رھيو
آھي، مگر شڪ نھ آھي تھ وزن جي ڪري شعر وڌيڪ تيز ۽
ان جو منتر وڌيڪ ڪارگر ٿي پوي ٿو.
3)
شعر ۾ متڪلم جي ارادي جي ضرورت آھي. جيڪڏھن ڪلام
ارادي سان موزون نھ ڪيو ويو آھي تھ اھو بھ شعر نھ
ليکيو ويندو. اھو ئي سبب آھي جو قرآن حڪيم جون
ڪيتريون ئي آيتون جيتوڻيڪ موزون آھن، تڏھن بھ شعر
نٿيون سمجھيون وڃن.
”مولانا نجم الغني“ پنھنجي ڪتاب ”بحر الفصاحت“ ۾
شعر جي تعريف ڪئي آھي تھ ان ڪلام موزون جو نالو
آھي، جيڪو مقرر وزنن مان ڪنھن ھڪ وزن تي ھجي ۽
قافيو رکندو ھجي ۽ قصد سان موزون ڪيو ويو ھجي.
”ھن تعريف ۾ غور جي لائق لفظ ”قصد“ آھي. ڇاڪاڻ تھ
تعريف ۾ ”قصد“ لفظ جي وضاحت نھ ڪئي ويئي آھي تھ
”قصد“ جو مقصد ڇا آھي؟ ڇا ان جو مطلب آھي تھ شاعر
ارادي سان ڪو وزن ۽ قافيو اختيار ڪري ھا؟ يا شاعر
ارادي سان ڪو شعر چيو آھي؟
فن جي عالمن جي انھيءَ تعريف مان غلط فھمي پيدا
ٿيڻ جو امڪان آھي، بلڪھ ان مان غلط فھمي پيدا ٿي
آھي. ان مان ھيءُ خيال پيدا ٿيو آھي تھ اسان جي فن
جي عالمن جي ويجھو شعر ھڪ صناعتي ۽ ميڪانيڪي فعل
آھي، حالانڪھ انھن عالمن ٻئي طرف سعر کي ”الھام ۽
الھام جو پروردو“ ۽ ”جزويست از پيغمبري“ بھ چيو
آھي. ھاڻي جيڪڏھن شاعري حقيقت ۾ ائين آھي، جيئن ھو
چون ٿا تھ پوءِ ان کي رڳو ميڪانيڪي ۽ صناعتي شيءِ
نھ ھئڻ گھرجي، بلڪھ ان جي لاءِ تجربي جو ھجڻ ضروري
آھي، تان تھ اھا ھر ڪنھن جي دسترس کان ٻاھر ھجي.“
”اصل ۾ ھيءَ غلطي انھيءَ ڪري پيدا ٿي آھي جو
”بالقصد“ جي تعريف عروضين جي ڏنل آھي ۽ ان جي
مختلف جزن جو واسطو شعر جي ظاھري ۽ صوري ساخت سان
آھي، جنھن ۾ ڪوشش ۽ تھذيب وتنقيح بالارادھ ٿئي ٿي
۽ ٿيندي رھي ٿي. تنھن ڪري شاعر پنھنجي ڪلام تي نظر
ثاني ڪندا آھن ۽ ظاھري وصوري ساخت جي ڪمزورين کي
رفع ڪندا رھندا آھن. ”مير انيس“ بابت چيو ويو آھي
تھ ھڪ مرثيھ جي تھذيب ۽ درستي ھو سال سال تائين
ڪندو رھندو ھو.
ان مان سوال پيدا ٿو ٿئي تھ شعر ۾ انھيءَ تھذيب جي
نوعيت ڇا ٿئي ٿي ۽ اھا شعر جي تخليق تي ڪھڙيءَ ريت
اثر انداز ٿئي ٿي؟ اصل ۾ شعر جي عمارت ٻن شين سان
قائم ٿئي ٿي:
(الف)ھڪ شاعر جي داخلي تجربن تي جن کي قوت خيال جي
مدد سان شاعر ظھور ۾ آڻي ٿو.
(ب)
ٻي شاعر جي صناعي ۽ صناعتي قوت
(Craftmanship،
جنھن سان ھو پنھنجي تخليق کي ڪا موزون شڪل ڏئي ٿو.
انھن ٻنھي جي مدد سان شاعر ڪو شعر پاره تيار ڪري
ٿو. جيترو ھن صناعتي پھلوءَ جو تعلق اھي، ھر شاعر
جو قصد ۽ شعوري ڪوشش ضرور ڪم ڪري ٿي. جتي تجربي جو
واسطو آھي، تنھن ۾ قصد جي بدران تحريڪ ۽ تخليق ڪم
ڪري ٿي.
ان مان ھيءُ خيال پيدا ٿئي ٿو تھ:
(الف)شاعر شعر چوڻ تي ڪھڙيءَ طرح مائل ٿئي ٿو؟
(ب)
شاعر شعر گوئيءَ جو ڪم ڪيئن انجام ڏئي ٿو؟
سڀ کان پھريون ھي مسلم آھي تھ شعر ڪو اھڙو ميڪانڪي
فعل نھ آھي، جيڪو ھر وقت ڪري سگھجي ۽ جڏھن گھرجي ۽
ارادو ڪجي، شعر چئي وٺجي. بلڪھ ان جي لاءِ سخت
تجربي ۽ احساس جي ضرورت ٿيندي آھي ۽ انھيءَ تجربي
۽ شدت احساس کان شعر جو خمير ۽ اقوام تيار ٿئي ٿي.
ھن تجربي جو عمل شاعر جي قوت خيال تي مختلف طريقن
سان ٿئي ٿو. ڪڏھن گھڻو جلد، شديد احساس جي گھڻو
جلد بعد شاعر پنھنجي جذبات کي ظاھر ڪرڻ شروع ڪري
ٿو ڇڏي. جيئن لريڪل شاعريءَ ۾ يا غزليات جي ڪن
شعرن ۾.
ڪڏھن ائين ٿئي ٿو تھ ھيءُ تجربات شاعر جي لاشعور ۾
گڏ ٿي ويندا آھن. پوءِ ڪنھن ٻاھرينءَ ۽ اندروني
تحريڪ کان شاعر ان جي اظھار تي مجبور ٿي ويندو
آھي. ھيءُ عمل جيتوڻيڪ دير سان ٿيندو آھي، پر ان
کان شاعر جي قوت خيال ۾ ان طرح ھيجان پيدا ٿيندو
آھي، جھڙيءَ طرح جلدي اظھار ۾ جيئن
(Nonlyrical)
شاعريءَ ۾. ڪڏھن مثنويءَ ۾ ڪا
معمولي ڳالھھ شديد احساس جو سبب ٿي وڃي ٿي. يا اھو
احساس درجي بدرجي پيدا ٿيندو رھندو آھي، جيستائين
ڪ اھو ھڪڙي ڏينھن تائين انتھا تائين پھچي ويندو
آھي ۽ شاعر ان مان پنھنجي پوئم (نظم) جو قوام تيار
ڪندو آھي.
شاعر جو ذھن مختلف تاثرات جو خزانو ھوندو آھي.
انھن تاثرات ۾ رڳو اھي تاثرات شامل نھ ھوندا آھن،
جيڪي شاعر جي پنھنجن مشاھدات جو نتيجو ھوندا آھن.
بلڪھ اھي پڻ، جيڪي ٻين جي احساسات جي رد عمل کان
قائم ڪيا ويا ھجن ۽ جڏھن شاعر ڪنھن تحريڪ جي سبب
اظھار تي مائل ٿئي ٿو تھ ڪنھن متناسب خيال جي
ايندي ئي، اھي سڀئي ستل ۽ دٻيل نقش ھڪ ٻئي پٺيان
سامھون اچي ٿا وڃن. ايترو جو اھي لفظ ۽ ترڪيبون بھ
جن کان شاعر مطالعھ جي دوران متاثر ٿيو، سي بھ
اوچتو سامھون اچي وڃن ٿيون.
ھي تھ اھو مادو آھي، جنھن سان شعر جو مواد تيار
ٿئي ٿو ۽ جڏھن شاعر انھيءَ مواد کي ڪا شڪل ڏئي ٿو
تھ شعري عبادت جا ٻيا پھلو يعني صناعت جو آغاز ٿئي
ٿو.
تجربو جڏھن اظھار جي قالب ۾ پلٽجي ٿو تھ عموما
پنھنجي ھيئت، وزن، اھنگ ۽ صورت خود پاڻ سان آڻي
ٿو. ليڪن ھن صناعي ۾ شاعر جي شعور کي بھ دخل ٿئي
ٿو ۽ ھتان ئي قصد جي سرحد شروع ٿي وڃي ٿي. تجربو
شعر جي قالب ۾ پلٽجي شاعر جي اڳيان اچي ٿو تھ شاعر
ان اصلاح، تنقيح ۽ نظر ثاني جي ڪوشش (بطور ”سخن
سنج“) ڪري ٿو. نظر ثاني جو ھيءُ عمل ھر شاعر ۽ ھر
شعر پاره جي لاءِ لازمي نھ آھي. ڪي شاعر صناعتي
اعتبار کان ھڪ ئي وقت ۾ پنھنجا خيال ظاھر ڪري ٿا
ڇڏين ۽ نظر ثاني جي ضرورت محسوس نٿا ڪن. مثلا شاھ
ڀٽائي ۽ ڪي ان جي برعڪس پنھنجي تخليق کي صناعت جي
ان مرحلي مان بھ لنگھائين ٿا، مثلا ”حڪيم“ تي
اصلاح ۽ تنقيح وتھذيب جي ھن عمل ۾ پوئم جي جان ۽
ان جو اصل جوھر نٿو بدلجي.
ان مان ھيءُ نتيجو نڪتو تھ شعر جي تجربي جي لحاظ
کان القا جو درجو رکي ٿو ۽ شعر جو اصل قوام جن
تجربن سان تيار ٿئي ٿو، سا داخلي شيءِ آھي. خيال
جي معمولي تحريڪ کان اھي تجربا پاڻيھي سامھون اچي
ٿا وڃن، جيڪي پھريائين لاشعور ۾ موجود ھوندا آھن.
تنھن ڪري شعر ۾ جيڪڏھن ارادو ۽ قصد ھوندو تھ ان جي
صناعتي پھلوءَ جي متعلق ئي ھوندو. شعر جو جوھر
الھامي يا تجرباتي ھوندو. اھا شاعري، جيڪا قصد سان
ڪئي وڃي ٿي. اھو ئي سبب ھوندو آھي جو اھا جوش ۽
اثر کان خالي ھوندي آھي.
فرمائشي شاعري يا قصدي شاعريءَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اثر جو
ميلاپ نظر اچي ويندو آھي. ان جو سبب ھيءُ آھي تھ
شاعر ڪوشش ۽ تڪليف سان پنھنجي خيال کي گرمائي ٿو ۽
پنھنجي صفائيءَ جي زور تي ڪجھھ جذباتي ڪيفيت پيدا
ڪري ٿو وٺي. پر عموما فرمائشي شاعريءَ ۾ جان نھ
ھوندي آھي. مثلا قصيدن جو زياد، ڀاڱو ۽ شاعرن جا
جوابي غزل عموما بي اثر ھوندا آھن. انھن جو اثر
سئنيما جي ائڪٽرن جي ائڪٽنگ سان مشابھت رکي ٿو.
بحث جو ھيءُ خلاصو آھي تھ اسان جي فن جي عالمن
پنھنجي شعر جي تعريف ۾ قصد جو جيڪو لفظ استعمال
ڪيو آھي، تنھن مان مطلب فرمائشي شاعري يا شعر گوئي
نھ آھي، بلڪھ ارادي جا اھي ڪل مرتبا آھن، جيڪي
شاعريءَ ۾ قدم قدم تي اثر انداز ٿين ٿا. صنف جو
انتخاب، بحر جو انتخاب، اميجري
(Imagery)
جو انتخاب، لفظن جو انتخاب ۽
ڦير ڦار، اھي سڀئي بالقصد ئي ٿين ٿا. شعر جيڪڏھن
بالقصد نھ لکيو وڃي تھ ان ۾ ۽ مجنونءَ جي بڪ ۾ يا
ان جي موزون پر بي مطقب ڪلام ۾ ڪجھھ فرق نھ آھي.
4)
شعر اھڙو ھئڻ گھرجي جو ٻڌڻ وارو شاعر جو مطلب
سمجھي سگھي. جيڪڏھن پورو مطلب ادا نھ ٿي سگھيو آھي
تھ ڪلام موزون ھوندي بھ شعر کان خارج سمجھيو
ويندو.
5)
قافيھ جي ڪري شعر ۾ خوبي معلوم ٿئي ٿي، ٻڌڻ ۾ سٺو
لڳي ٿو، طبيعت ان جي طرف متوجھ ٿئي ٿي، ڪلام ھڪ
خاص اثر ٿي پوي ٿو، ٻڌڻ واري جي دل ۽ دماغ ۾ ھڪ
لطف پيدا ٿئي ٿو ۽ محسوس ٿو ٿئي تھ شعر آھي، پر
قافيو ھڪ رنڊڪ بھ پيدا ڪري ٿو ۽ ان جو شرط مطلب ۾
خال ٿو وجھي. ڇاڪاڻ تھ شاعر پنھنجي ذھن ۾ ڪو خيال
ٺاھڻ جي بدران پھريائين قافيو سوچي ھٿ ڪري ٿو،
تنھن کان پوءِ انھيءَ جو مناسب خيال ٿو ٺاھي ۽
اھڙا لفظ ھٿ ڪري ٿو، جنھن ۾ اھو قافيو اچي سگھي.
تنھن ڪري ڪيترن ئي وقتن تي تصنع کان ڪم وٺي، شعر
ٺاھڻو ٿو پوي، جنھن مان معلوم ٿو ٿئي تھ شعر شاعر
جي اندر مان نھ نڪتو آھي، بلڪھ زبردستي ٺاھيو ويو
آھي. اھو ئي سبب آھي، جو ڪي شاعر قافيھ جو شرط شعر
لاءِ ضروري نٿا سمجھن.
شعر جا اصلي عنصر:
ھڪڙي سٺي شعر ۾ جيڪي ڳالھيون ھئڻ گھرجن، سي مٿي
ٻڌائي آيا آھيون. پر شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪرن لاءِ
ٻھ ٻيون ڳالھيون بھ آھن، جن کي شاعريءَ جا اصلي
عنصر سڏجي ٿو. يعني محاڪات ۽ تخيل.
محاڪات ڪنھن شيءِ يا ڪنھن حالت جي نقل اتارڻ کي
چئبو آھي، جنھن جي ڪري ان شيءِ يا حالت جي پوري
تصوير اکين جي اڳيان تري اچي ٿي.
محاڪات جا مثال:
(١) ”سانگي“:
نڱئون نون صحن چمن ۾ گلاب، ٽڙيا گل ۽ گلزار آھن بر
آب
گران چشم ئي نرگس نيم خواب، سمن آھ ۽ يا سمن بيشتر
(٢) ”حامد“:
صنوبر سرو سوڌي قد ڪئين شمشاد شرمايا
پسي قيامت قرين جي ٿئي ھر ڪنھن کي حيراني
اکيون ڪاريون ڪجل ڌاران ڪنديون سينگار سرمو ڇا
ضرورت ناھ زينت جي جنين کي رنگ روحاني
مٿيان ٻھ مثال محاڪات جا اھڙا آھن، جن کي جيڪڏھن
ڪو مصور تصوير ۾ چٽڻ گھري ٿو تھ چٽي سگھي ٿو. پر
ڪي محاڪات اھڙا آھن، جن کي چٽڻ مصور لاءِ ناممڪن
آھي. شاعريءَ جي فوقيت اتي مصوريءَ تي ظاھر ٿي
ٿئي.
(١) ”مخلص“:
ھت تھ تنھنجي ئي اچن کان ھيترا نقصان ٿيا
دم پريشان، نبض ساڪت، موت دامن گير آھ
(٢) ”گدا“:
جڏھن پيري اچي پھتي، تڏھن ڄاڻج يقين سچ پچ
نظر بگڙي، اکيون بگڙيون، زبان بگڙي، دھن بگڙيا
(٣) ”ڪاظم“:
ھنن جي خوءِ ٿي لڪڻ، لڪي ڏسڻ، ڏسڻ لڪي
ڪرڻ، ڪري اٿڻ، اٿڻ ڪرڻ اسان جون عادتون
محاڪات جو ڪمال ھيءُ آھي تھ اصل جي برابر ھجي.
تصوير جو اصل سان برابر ھجڻ، فطرتا خوشيءَ جو سبب
آھي. خواه اھا تصوير ڪنھن خوبصورت شيءِ جي ھجي يا
ڪنھن بدصورت شيءِ جي. شاعر کي محاڪات جو پورو لحاظ
رکڻ گھرجي. محاڪات جو حق تڏھن ادا ٿي سگھندو، جڏھن
ڪنھن منظر جا سڀ ڀاڱا پوريا ڏيکاريا وڃن، جو ڏسندڙ
کي اصل شيءِ جو ڌوڪو ٿئي. شاعر کي مھاڪات ۾ تڏھن
ڪاميابي ٿي سگھي ٿي، جڏھن ھو فطرت جي اسرار جو
چڱيءَ طرح سان ماھر ھجي ۽ ڪائنات جو مطالعو غرق ٿي
ڪندو ھجي. مشھور آھي تھ يونان ۾ ڪنھن مصور ھڪ
ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ انگورن جي ڇڳي جي تصوير ڪڍي نمائش
گاھ ۾ ٽنگي ڇڏي. تصوير بلڪل اصل نظر ٿي آئي، جو
پکي انگور جي چڳي کي اصلي انگور سمجھي ٺونگا ھڻڻ
لڳا. سڄي نمائش ۾ ڌوم مچي ويئي ۽ ماڻھو مصور جي
ڏاڍي تعريف ڪرڻ لڳا، پر مصور سخت افسوس ڪرڻ لڳو تھ
تصوير ۾ نقص رھجي ويو. تنھن تان ماڻھن حيران ٿي
پڇيو تھ ان کان وڌيڪ ڪمال ڇا ٿو ٿي سگھي؟ مصور
جواب ڏنو تھ انگور جي تصوير تھ سٺي نڪتي، پر
ماڻھوءَ جو ھٿ برابر نھ نڪتو، نھ تھ پکي ويجھو اچڻ
جي جرئت ئي نھ ڪن ھا. عجيب نھ آھي تھ مصور ڄاڻي
ڪري اھو عيب رکيو ھجي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ھٿ جي
تصوير پوري ڪڍي ھا تھ پکي انسان جي خوف کان انگورن
جي ڇڳي جي ويجھو ئي نھ اچن ھا ۽ مصور جو ڪمال ڏسڻ
وارن تي ثابت نھ ٿئي ھا ۽ ان جو جيڪو مقصد ھو، سو
فوت ٿي وڃي ھا. تنھن ڪري ھن رڳو محاڪات جو ڪمال
انگور جي ڇڳي ڪڍڻ ۾ ڏيکاريو ۽ انسان جي ھٿ ۾ اھو
ڪمال نھ ڏيکاريائين. ان خيال کي (انسان جي تصوير
جيڪڏھن پوري ڇڪي وڃي ھا تھ پکي ويجھو اچڻ جي ھمت
نھ ڪن) اصطلاح ۾ تخيل چون ٿا. اھو انھيءَ قوت تخيل
جو عمل ھو، جنھن انسان جي تصوير پوري نھ ڇڪڻ ڏني.
انھيءَ قسم جا فرق ۽ باريڪيون محاڪات ۽ تخيل ۾ ڏسڻ
۾ اچن ٿيون ۽ اھي ئي نڪتا آھن، جن جي بنياد تي
مختلف شاعرن ۾ فرق نظر اچي ٿو. اھڙي قسم جي ادراڪ
۽ احساس لاءِ گھڻي علم وفضل جي ضرورت نھ آھي. صحيح
عقل ۽ ادراڪ جاھلن ۾ بھ ملي سگھي ٿو. |