سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:7 

شاعر جون وصفون:

”ڀامھ“ پنھنجي تصنيف جي شروعات ۾ ئي ”ڪاوريھ پريوجن“ يا شاعريءَ جا مقصد ۽ ”ڪاويھ ھتيؤ“ يا شاعريءَ جي قابليت ۽ اھميت تي بحث ڪيو آھي. شاعريءَ جي مقصدن ۾ ڪا خاص ذڪر جي قابل ڳالھھ نھ آھي، پر شاعرانھ قابليت ۽ شاعر جون ذاتي خصوصيتون دلچسپي کان خالي نھ آھن.

سنسڪرت جي قريب قريب سڀني قديم مصنفن شاعر جي لاءِ ۽ شعر کان لطف اندوز ٿيڻ وارن جي لاءِ تفريح کي ضروري سمجھيو آھي، پر ان سان گڏ شاعر جو دلتمند ھجڻ، سماج ۾ معزز ۽ باوقار ھجڻ، گناھن ۽ بداعمالن کان باز رھڻ، اھي سڀئي وصفون پڻ اھم ۽ ضروري سمجھيون آھن ۽ سخن سنجن جي لاءِ، شعر مان قلب جو اطمينان ۽ معلومات ۽ دنيوي معاملات ۾ پختگي حاصل ڪرڻ لازمي ڏيکاريو آھي. ”ڀامھ“ يونان جي مشھور ”حڪيم ارسطو“ وانگر شعر مان آنند يا مسرت حاصل ٿيڻ کي خاص اھميت ڏني آھي ۽ ”جگن ناٿ“ ان ۾ ايترو وڌيڪ اضافو ڪيو آھي تھ اھڙي ”آنند“ جي ضرورت آھي، جنھن مان ڪوبھ مقصد يا غرض وابستھ نھ ھجي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو ھن جي ويجھو جماليات آھي.

”ڀامھ“ شاعر جي لاءِ جن شين کي ضروري ٺھرايو آھي، انھن مان ھڪ اھو بھ آھي تھ قدرت ان کي پيدا ڪيو ھجي ۽ اھو وھبي شاعر ھجي، جنھن کان سواءِ شعر چوڻ ممڪن نھ آھي. ان کان سواءِ وقت جي تھذيب موجب شائستگي جا اعليٰ مدارج طي ڪرڻ، مشق سخن پورو ڪرڻ، فن شعر جي اصول کان واقف ٿيڻ، صنعتن کي خوبصورتي سان استعمال ڪرڻ، اھي سڀئي شيون شاعر جي وصفن ۾ داخل آھن.

شاعريءَ جا قسم:

”ڀامھ“ وٽ شعر جا ٻھ اھم جزا آھن: شبد (لفظ) ۽ ارٿ (مضمون). انھن ٻنھي کي ھن ھڪجھڙي اھميت ڏني آھي. وري شعر جو ”نردوش“ (بي عيب) ھجڻ ۽ ”سالنڪار“ يعني صنعتن سان ڀريل ھجڻ بھ ضروري آھي، جنھن ۾ ”شبد النڪار“ يا لفظي صنعتون بھ ھجن ۽ ”ارٿ النڪار“ يا معنوي صنعتون بھ.

ھن کان پوءِ ھن شاعريءَ جو ورھاڱو، صورت جي لحاظ کان ان کي چئن ڀاڳن ۾ وراھيو آھي. پھريون ڀاڱو اھو آھي، جنھن ۾ دنيوي معاملن سان بحث ھجي، ٻيو اھو جنھن ۾ روحاني معاملا بيان ڪيا ويا ھجن، ٽيون اھو جنھن ۾ شاعر گھڻو پنھنجي خيالي دنيا آباد ڪئي ھجي ۽ چوٿون اھو جو ٻين علمن ۽ فنن تي مشتمل ھجي.

صورت جي کحاظ کان شاعريءَ جو ورھاڱو ”گديھ“ (نثر) ۽ ”پديھ“ (نظم) ۾، سنسڪرت ٻوليءَ ۾ گھڻو اڳاٽو ھلندو اچي، حالانڪھ يورپ جي ادب جي نقادن گھڻو پوءِ ھيءَ راءِ قائم ڪئي آھي تھ شاعري ۽ نثر متضاد شيون نھ آھن، بلڪھ نثر ۽ نظم متضاد آھن. سنسڪرت جا ماھر ادب شعر جي لاءِ وزن کي صفا ضروري نٿا ٺھرائين، حالانڪھ انھن وٽ خشڪ کان خشڪ بحثن کي بھ نظم جي زيور سان سينگاريو ويو آھي. شعر جو ضروري جزو انھن وٽ تخيل آھي.

”ڀامھ“ جي ويجھو شعر جا ڪي عيب:

”ڀامھ“ بھ ڪن خامين جو ذڪر ڪيو آھي، جن کان شاعر کي بچڻ گھرجي:

(١) شعر جو مھمل ٿيڻ (٢) عبارت جو سياق وسباق قائم نھ رھڻ (٣) ابھام (٤) نحوي ترتيب قائم نھ رھڻ (٥) روز مره جي خلاف لفظن جو استعمال ۽ (٦) عروض جون خاميون.

انھن ڳالھين کان سواءِ ”ڀامھ“ ٻين ڪن خامين کان بھ پرھيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي:

(١) مفھوم جو پوريءَ طرح نھ ٿيڻ (٢) لفظن جي فطري ترتيب کان مفھوم جو پيدا نھ ٿيڻ، بلڪھ قياس جي مدد سان مطلب جو پيدا ٿيڻ (٣) مطلب جو ظاھري طرح صاف سمجھھ ۾ نھ اچڻ (٤) مشڪل ۽ منجھيل ترڪيبن جو استعمال (٥) قياس جي خلاف واقعن جو بيان (٦) فحاشي جو صاف بيان (٧) فحاشيءَ جي طرف لڪل اشارو (٨) فصاحت جو قائم نھ رھڻ ۽ (٩) اھڙن لفظن جو استعمال، جن جا آواز سخت ۽ ڪرخت ھجن ۽ ڪنن تي بار لڳن.

ريتي يا اسلوب بيان ۽ ”دنڊي“ ۽ ”وامن“ جو زمانو:

انھيءَ سلسلي ۾ ”دنڊي“ ۽ ”وامن“ جو ذڪر بھ ضروري آھي، جن ريتي يا اسلوب بيان تي گھڻو زور ڏنو آھي. ”دنڊي“ بھ گڻن ۽ دوشن جي ھڪ فھرست پيش ڪئي آھي، جيڪا ”ڀرت“ ۽ ڀامھ کان ڪجھھ وڌيڪ مختلف نھ آھي. ”وامن“ گھڻي وضاحت ۽ تشريح سان شعر ۽ شاعريءَ ۾ ريتي يا اسلوب بيان کي ڏاڍو اھم ٺھرايو آھي. ھو ريتي کي شعر جو روح چوي ٿو. ھن وٽ شبد يا لفظ ۾ ارٿ يا مضمون جي اھميت ان کان گھٽ نٿي ٿئي. اھي ٻئي شعر جي لاءِ ضروري آھن، پر حسن بيان اھا شيءِ آھي، جيڪا شبد ۽ ارٿ ٻنھي کي چار چنڊ لڳائي ٿي. ”وامن“ بھ گڻن ۽ دوشن جي ھڪ فھرست مرتب ڪئي آھي. انھن جو روايتي شمار ڏھن تائين محدود آھي ۽ اھي قريب قريب ساڳيا آھن، جيڪي ”ڀرت“ ۽ ”ڀامھ“ مرتب ڪيا ھئا. پر ”وامن“ خوبين کي ”شبد گڻ“ يعني لفظي خوبين ۽ ”ارٿ گڻ“ يعني معنوي خوبين ۾ ورھايو آھي. جھڙوڪ لفظي خوبيون ھي آھن جو لفظ جي ترتيب ۾ رواني ھجي، عبارت جي ٽڪرن ۾ لوچ ھجي، عبارت ۾ لفظ اھڙي قسم جا گڏ ڪيا وڃن، جيڪي لطيف ۽ نازڪ ھجن ۽ معنوي خوبين مان ڪي ھي آھن جو مفھوم يا مضمون جي تڪميل ٿي وڃي ۽ مفھوم بلڪل صاف ۽ واضح طرح بيان ٿيو ھجي ۽ مختلف خيالات ۾ ھڪجھڙائي پيدا ٿي وڃي.

ھيءُ ورھاڱو خامين کان خالي نھ آھي. پھريائين تھ خوبين کي داخلي ۽ خارجي خوبين ۾ ورھائڻ ئي مناسب نھ ھو، ٻيو تھ انھن خوبين جو ورھاڱو ھڪ ٻئي کان بلڪل جدا نموني ۾ ٿي سگھيو آھي.

”وامن“ النڪارن يا صنعتن کي ”ڀامھ“ وانگر شاعريءَ جو ضروري جز نٿو سمجھي، پر انھن کي بلڪل بيڪار ۽ فضول بھ نٿو ٺھرائي. ”وامن“ وٽ سڀ کان وڌيڪ ضروري شيءِ شعر ۾ حسن ۽ رس پيدا ڪرڻ آھي، جو بنا الڪنارن جي پيدا ڪري سگھجي ٿو.

حظ نفس جو نظريو:

جيتوڻيڪ سنسڪرت شاعريءَ ۾ ھميشھ النڪار يا صنائع ۽ ريتي يا حسن بيان جو غلبو رھيو آھي، پر ”وامن“ جي زماني کان ئي خاص ڪري ھن کان پوءِ ھڪ ٽولو اھڙو پيدا ٿيو، جنھن ”رس“ يا حظ ۽ ڪيف کي ڏاڍي گھڻي اھميت ڏني. حظ نفس جو نظريو پھريائين تھ رڳو ڊرامھ تائين محدود رھيو، پر ”ڌونيڪار“ ۽ ان جي پوئلڳن ان جي شاعريءَ جي اعليٰ ترين صفت ٺھرائي. ”ڀامھ“، ”رس“ کي رڳو ھڪ صنعت ”رسوت“ تائين محدود رکيو. ”دنڊي“، ”رس“ تي ”ڀامھ“ کان ڪجھھ وڌيڪ زور ڏنو آھي ۽ صنعت ”رسوت“ کان سواءِ بھ ”رس“ کي ھڪ گڻ جي شڪل ۾ پيش ڪيو آھي. ڊرامھ ۾ خود ”ڀرت“، ”رس“ کي ضروري ٺھرايو ھو. پر ”ڀٽ لولتا“ ۽ ”ڀٽ نائڪ“، ”رس“ جي نظريھ کي وڌيڪ اھميت ڏني ۽ وري ”ڌوني“ اسڪول ئي قائم ٿي ويو، جنھن ”رس“ کي شعر جو سڀ کان وڌيڪ ضروري جز ٺھرايو. ھن ٽولي جي ويجھو شعر جا ٻھ جز آھن: ھڪڙو جز تھ اھو مفھوم آھي، جو شعر جي لفظن ۾ نظم ڪيو ويو آھي. ٻيو جز اھو ڪيف آھي، جيڪو پڙھڻ يا ٻڌڻ واري جو تخيل ان شعر جي اندر پيدا ڪري وٺي ٿو. ھيءُ ٻيو جز، جو صاف طرح لفظن ۾ ظاھر نھ آھي، پر تنھن ھوندي بھ لفطن ۽ معنيٰ سان ئي پيدا ٿئي ٿو. شاعريءَ جي جان آھي. شاعر پنھنجن لفظن جي ذريعي اسان جن جذبن ۽ حس کي بيدار ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ھن جي لفظن مان ظاھري طرھ اھو مقصد ظاھر نٿو ٿئي، بلڪھ ھڪ قسم جو اشارو يا تحريڪ يا ترغيب ھن جي لفطن ۽ معنيٰ ۾ لڪل ھوندي آھي، جنھن کي پڙھڻ يا ٻڌڻ وارو پاڻيھي شعر مان حاصل ڪري ٿو. ”ڌوني ڪاويھ“ شاعريءَ جي انھيءَ قسم کي چون ٿا، جنھن ۾ ان تحريڪ يا ترغيب جو غلبو ھجي. ”ڌونيڪار“ ۽ ”آنند ورڌن“ جو ھن اھم نظريھ مان ھيءُ مقصد آھي جو شعر جي حقيقي خوبي رڳو لفظ ۽ معنيٰ تائين محدود نھ آھي، بلڪھ لفظ ۽ معنيٰ جي پيوستگي ۽ ھم آھنگيءَ کان ھڪ اھڙي شيءِ پيدا ٿي وڃي ٿي، جنھن جو اظھار صاف ۽ واضح طرح لفظن ۾ ٿي نٿو سگھي. پر ان کي سخن سنج محسوس ضرور ڪري وٺن ٿا ۽ ھي اھو ئي ڪيف ۽ رس آھي، جنھن تي حقيقي شاعريءَ جو دارومدار آھي ۽ جنھن کان سواءِ ڪنھن شعر کي شعر چئي نٿو سگھجي.

عربن ۾ فن تنقيد:

”جرجي زيدان“ جو خيال آھي تھ جڏھن ”ارسطو“ جو ڪتاب ”بوطيقا“ يعني ”شعريت“ جو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو، تڏھن ان ٻوليءَ ۾ تنقيد وجود ۾ آئي. پر سندس اھو خيال بي بنياد آھي، ڇاڪان تھ عرب ۾ شروعات کان ئي تنقيدي اصول موجود ھئا، پر انھن کي اسرڻ ۽ ڦل ڏيڻ ۾ وقت لڳو ھوندو. عربن ۾ پنھنجيون فطري صلاحيتون تمام گھڻيون ھيون، جن جي اثر ھيٺ ھو شعر چوندا ھئا. سٺي ۽ بڇڙي، بلند ۽ پست، درست ۽ نادرست ۾ فرق سمجھي سگھندا ھئا ۽ اھا ئي حيثيت تنقيد جي عربي زبان ۾ ھئي. عربي شعر ۽ تنقيد، عربي ادبي سرمايھ جون صنفون ھيون، جيڪي ٻاھرئين اثر کان آزاد ھيون، تنھن ڪري انھن کي ترقيءَ جو موقعو مليو. انھن جا اصول اڻ گھڙيل ھيري جي شڪل ۾ غير مرتب حالت ۾ ضرور ڏسڻ ۾ پئي آيا، جن پوءِ وڃي ھموار صورت اختيار ڪئي.

عربي شعر جي لاءِ خاطريءَ سان چئي سگھجي ٿو تھ اھو خالص فطري تقاضائن جي ڪري وجود ۾ آيو. عرب شاعرن، مناظر قدرت جي رعنائين کان متاثر ٿي شعر چيا. انھن حقيقي ۽ پرخلوص جذبات کي، جيڪي انھن جي دلين ۾ بيپناه تيز رفتار وھڪري وانگر جوش ۾ اچي رھيا ھئا، لفظن جي شڪل ۾ آندو. انھن جي تنقيد بھ انھيءَ فطري جوش ھيٺ ھئي. تنقيد حقيقت ۾ شعري تميز آھي. جمال فطرت کان اثر قبول ڪرڻ شعر آھي. جڏھن اھو تاثر موزون ۽ مقفيٰ لفظن جي لباس ۾ ظاھر ٿئي ٿو تھ اسين ان کي ”نظم“ چئون ٿا، پر انھيءَ تاثر جو منطقي تجزيو ۽ ان کي لفظ ۽ عبارت جي رنگين لباس ۾ نڀائڻ واري ڪا شيءِ آھي تھ اھا تنقيد آھي. جيڪڏھن شعر وانگر اھا بھ فطري آھي تھ ضروري آھي تھ ان ۾ نقل جا اثر نھ ملندا ۽ ان جا اصول بجاءِ ان جي تھ ٻين ٻولين کان ماخوذ ھجن يا ٻين قومن کان اڌارا ورتا وڃن، خود زبان جي ادبي سرمايھ کان مستفاد ھئڻ گھرجن. شعر وانگر ان جي تنقيد بھ ھڪ خاص فطري جوش ۽ شعور جي احسانمند آھي. شعر کي تڪلف ۽ تصنع سان ھڪ قسم جو وير آھي. تنقيد کي بھ آورد سان نفرت آھي. شعر فطرت جي جمال جي ڳوڙھي مطالعھ مان پيدا ٿئي ٿو ۽ جيترو اھو احساس سخت ٿيندو ويندو، شعر ۾ شوخي، رنگيني، جمال ۽ رعنائي پيدا ٿيندي ويندي. تنقيد جو حال بھ اھو ئي آھي. ھوءَ انھيءَ احساس جي نقطھ ڪمال سان وجود ۾ آئي، شعر سان گڏوگڏ ارتقا جون منزلون طي ڪندي ھلي وئي.

”حضرت عمر رضھ“ ٻيو خليفو، جنھن کي سياسي معرڪن جي ڪري گھٽ فرصت ملندي ھئي جو شعر وشاعريءَ جي طرف ڌيان ڏين ھا، سو مشھور شاعر ”امرءُ القيص“ جي لاءِ فرمائين ٿا: ”امرءُ القيس سڀني شاعرن کان افضل آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن شعر گوئيءَ جي چشمي کي، جيڪو گند ڦٿ سان ڀريو پيو ھو، صاف ڪيو. تنھن جي ڪري زمين جي گھرائين مان معاني جا چشما ڦٽي نڪتا.“

”حضرت علي رضھ“ بھ ان شاعر لاءِ فرمايو آھي:

”ھو پنھنجي فطري تقاضائن کان شعر چوي ٿو، جنھن ۾ شوق يا خوف جو ذرو شڪ نھ آھي. ھن جي ڪلام ۾ ھڪ قسم جي ندرت آھي، جا اسان کي نئين کان نئين خيال تائين وٺي وڃي ٿي.“ (ڪتاب العمده)

”حضرت عمر رضھ“، ”عبدالله ابن عباس“ کي فرمايو تھ:

”امرءُ القيس جي فضيلت انھيءَ ڪري آھي، جو ھن جي ڪلام ۾ رواني ملي ٿي. ھو تمام گھٽ غريب ۽ نامانوس لفظ استعمال ڪري ٿو ۽ جڏھن ڪنھن جي مدح ڪري ٿو تھ انھن خوبين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سچ پچ ان ۾ ملن ٿيون.“

انھيءَ قسم جا بيشمار تنقيدي اشارا ۽ عرب جي بعض مشھور شاعرن بابت انھن بزرگن جا رايا نقل آھن، جن مان انھن جي پاڪيزه ۽ سٿري ادبي مذاق جو پتو پوي ٿو.

عربي زبان ۾ تنقيد جا ٻھ جدا جدا شعبا آھن:

(١) تنقيد ادب (٢) تنقيد شعد.

انھن مان ادب جي تنقيد جو شعبو ڪجھھ وڌيڪ وسيع آھي، جيڪو پنھنجي دامن ۾ ادب ۽ زبان بابت سڀني لفظي، لغوي ۽ معنوي بحثن کي ميڙيو ويٺو آھي. عربن جي تنقيد جو اھو شعبو، انھن جي فڪر جي گھرائي ۽ نظر جي کيرائي جو ھڪ واضح مثال آھي، جنھن ۾ رڳو طرز ادب ۽ اسلوب بيان جو منطقي تحليل ئي نھ آھي، بلڪھ لفظ ومعنيٰ جي لاڳاپي سان بيان جون گھڻيون واٽون ۽ اظھار جا جيڪي بي شمار طريقا وجود ۾ اچن ٿا، تن جي حڪيمانھ تشريھ بھ ڪئي ويئي آھي. اھا تنقيد اصل ۾ لفظي تنقيد آھي. زبان جي عام اصول ۽ قاعدن جو ھڪ مفصل جائزو آھي ۽ کسڪندڙ حقيقتن کي اصول جي حدن ۾ قابو ڪرن جي ڪوشش بھ آھي، جا تمام گھٽ ڪنھن حد بنديءَ جي متحمل ٿي سگھي ٿي. اھو شعبو فن بلاغت جي نالي سان موسوم آھي ۽ ان ۾ معاني ۽ بيان خاص طرح اھم آھن. انھيءَ ھوندي بھ اھو شعبو جنھن حالت ۾ تنقيد جي لفظي ۽ لغوي پھلوءَ بابت آھي، تنھن ڪري ھن فن ۾ گھڻا لغوي ۽ لساني بحث ٿيا آھن، جيڪي نھايت دقيق ۽ ڪجھھ منطقي پھلوءَ تي ورتل آھن، ڇاڪاڻ تھ ھڪ لحاظ کان منطق ھن تنقيد جي شعبي جي ھڪ نازڪ شاخ آھي. بھرحال! ان ۾ ھيءُ ڏيکاريو ويو آھي تھ مخاطب جي اعتبار کان ڪلام جا ڪيترا پھلو آھن ۽ سڀني پھلوئن جا مقام ڪھڙا آھن؟ ڪلام جو ھڪرو پھلو تھ ھي آھي جو ٻوليءَ جي ساخت ۽ ان جي مخصوص استعمال بابت آھي. اھو پھلو علم معاني جي بحث جو موضوع آھي، جنھن ۾ حذف وڪر، حصر وقصر، وصل ۽ فصل ۽ ايجاز واطناب جا باب گھڻو دلچسپ آھن.

ٻيو پھلو عام اظھار ۽ بيان جي طريقن سان واسطو رکي ٿو، جيڪو علم بيان آھي، جنھن ۾ تشبيھھ، استعارو، مجاز مرسل ۽ ڪنايھ، اھي رڳو چار بحث آھن.

”عبدالقادر جرجاني“ انھيءَ شعبئھ تنقيد جو پھريون امام آھي ۽ ”ابو يعقوب سڪاڪي“ ٻيو. ”سڪاڪي“ جي ڪتاب ”مفتاح العلوم“ ۾ زبان وبيان جي سڀني شعبن کي ھڪ ھنڌ ميڙيو ويو آھي ۽ حد آھي تھ منطق کي بھ فن بلاغت جو ھڪ شعبو ٺاھي پيش ڪيو ويو آھي.

ھيءُ فن عربي تنقيد جي جان آھي. ھن ۾ ڪلام جون اھي اھي باريڪيون بيان ٿيون آھن ۽ زبان جون اھڙيون اھڙيون ڳنڍيون کوليون ويون آھن، جو بيان جو نازڪ کان نازل پھلو بھ، جيڪي اڪٿر تاريڪ رھن ٿا، سي چمڪي اجاگر ٿي ويا آھن. مثلا اھي ڪھڙا ھنڌ آھن، جتي ڳالھھ تي زور ڏين جي ضرورت نھ آھي ۽ ڪھڙن موقعن تي ڪلام کي زوردار بنائڻ لاءِ تاڪيدي ڪلما آندا وڃن ٿا؟ ڪٿي لفظ حذف ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪٿي انھن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو؟ ساڳيءَ طرح اختصار ڪٿي مناسب آھي ۽ اطناب ڪٿي بھتر سمجھيو وڃي ٿو؟

ھيءَ تنقيد ھڪ قسم جي ميڪانڪي تنقيد آھي، جنھن ۾ ڪلام جي روانيءَ کي منطق ۽ بلاغت جي اصولن ۾ قيد ڪيو ويو آھي. ھن کان سواءِ عربيءَ ۾ نظم ۽ نثر يا شعر وتحرير جو ادبي جائزو بھ ورتو ويو آھي. اصل ۾ ادب وشعر جون خوبيون اھي نرم ۽ نازڪ حقيقتون آھن، جن کي اصولن، قاعدن ۽ ضابطن جي ٿوري ضرب بھ ڀڃي رکي ٿي. ڀلا اھي ھقيقتون ھن ڳالھھ جون ڪتي متحمل ٿي سگھن ٿيون جو انھن تي ھڪ ٻئي پٺيان اصول بندي جا نشتر ھلايا وڃن؟ شعر جي لاءِ جنھن باطني جوش ۽ شاعرانھ جذبي جي ضرورت آھي، تنھن قسم جي قلبي خرابي يا شعور تنقيد جي لاءِ بھ درڪار آھي. عرب ھن حقيقت کي ڄاڻندا ھئا، تنھن ڪري انھن نظم ۽ نثر تي جيڪي بحث ڪيا، سي انھيءَ اصول جي روشنيءَ ۾ ھئا.

”ابن قتيبه دينوري“ (المتوفيٰ سنھ٢٦٧ھھ) سڀ کان پھريون عالم آھي، جنھن نظم ۽ نثر ٻنھي بابت ڪجھھ تنقيدي اصول قائم ڪيا. نثر تي ھن جو ڪتاب ”الڪتاب“ گھڻو مشھور آھي، جنھن جي مقدمي ۾ ھن ھڪ نثر نگار کي ھيٺيان مفيد مشورا ڏنا آھن:

1)        نثر نگار کي کپي تھ ھو اڪثر علمن ۽ فنن جي ابتدائي مسئلن کان باخبر ھجي، جھڙوڪ صرف ونحو، ھڪمت، حساب، حديث، فقھ وغيره.

2)       نثر نگار جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري شيءِ آھي تھ ھو مذاق سليم ۽ طبع مستقيم رکندو ھجي.

3)       بوليءَ جي اصلاح کان پھرين نفس جي اصلاح ۽ لفظن جي تھذيب کان اڳي اخلاق جي تھذيب ضروري آھي ۽ خصوصيت سان گارگند، ڪوڙ ۽ فحاشي کان پاسو ڪرڻ لازم آھي.

4)       ھن جو ڪلام تعقيد، غرابت ۽ وحشت جھڙن عيبن کان پاڪ ھجي.

5)       مخاطب يا مڪتوب اليھ جي احوال ۽ مرتبي جو خاص طرح خيال رکيو وڃي.

6)       ايجاز ۽ اطناب جا مختلف موقعا بھ ڄاڻندو ھجي، ڇاڪاڻ تھ ھر مقام جي لاءِ جدا ڳالھھ ٻولھھ ٿئي ٿي. ”ھر مقامي را مقالي.“

نقد جي لاءِ ھڪ خاص مذاق جي ضرورت اھي. اھو مذاق عربن جي فطرت ۾ شروعات کان ئي وديعت ھو. ٽينءَ صدي ھجريءَ جا تقريبا سڀئي عالم، جيڪي شعر سان ڪنھن نھ ڪنھن قسم جو لاڳاپو رکندا ھئا، شعر جي خوبين ۽ ان جي عيبن کان بھ باخبر ھئا. ھو پنھنجي صحيح مذاق جي مدد سان سٺي ۽ بڇڙي شعر ۾ فرق ڪري وٺندا ھئا ۽ شعر ئي جي ٻوليءَ ۾ شاعر يا شعر بابت پنھنجي تاثر جو اظھار ڪندا ھئا.

”الاصمعي“ (المتوفيٰ سن٢١٤ھھ) شعر جي بلندي ۽ پستيءَ جو ھڪ دقيق شعور رکندو ھو.

”جرجي زيدان“، ”ابو العتاھيھ“ بابت ھيءَ راءِ نقل ڪئي آھي: ”ابو العتاھيھ جو ڪلام اھڙو آھي، جھڙو شاھي محل جو صحن جتي گوھر ۽ زر جي پاسي ۾ خاڪ ۽ خزف ريزا بھ موجود آھن.“

”ابن رشيق“ عرب جي مشعور شاعر ”نابغھ جعدي“ بابت ”اصمعي“ جي ھڪ چوڻي نقل ڪئي آھي، جنھن ۾ شاعر جي شتر گربگي جو ھنن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آھي: ”ھن وٽ ھر قسم جو مال موجود آھي. ھڪ چادر سوا درھم جي آھي تھ ٻي ھڪ ھزار درھم جي.“

مشھور شاعر ”مرزوق، (المتوفيٰ سن ١١٠ھھ) ”جوري“ بابت چيو آھي: ”ھو ھڪ قسم جو ڪباڙي آھي جنھن وٽ ريشم ۽ مخمل سان گڏ ڦاٽل ۽ ٽٽل ڪمبل بھ ملي ٿو.“

”ابو عمرو بن العلاءُ“ جي چوڻي آھي تھ: ”اعشيٰ باز وانگر آھي، جو ننڍو ۽ وڏو ھر قسم جو جانور شڪار ڪري وٺي ٿو.“

”خلف احمر“ ۽ ”ابو عمرو بن العلاءُ“ تقريبا ساڳئي وقت ۾ ھئا، پر ”خلف احمر“ تنقيدي مذاق بھ رکندو ھو. ھن جي طبيعت کي ھن فن سان خاص لاڳاپو ھو. ”ابن رشيق“ لکيو آھي تھ: ”ابو عمرو“ ۽ ان جا ساٿي ھن ميدان ۾ ”خلف احمر“ جو مقابلو نھ ڪري سگھندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ ھو ھن ميدان جو مرد ھو ۽ ڪجھھ اھڙو وڻندڙ شعري مذاق رکندو ھو جو ھڪڙي نظر ۾ ئي ان جي دقائن تائين پھچي ويندو ھو. ڪنھن ماڻھوءَ ھن کي چيو تھ جڏھن مون کي ڪو شعر پسند ايندو آھي تھ مان ڪڏھن ان جي پرواه نھ ڪندو آھيان تھ اوھان ۽ اوھان جي ساٿين جي ان بابت ڇا راءِ آھي؟ ”خلف احمر“ جواب ڏنو تھ جيڪڏھن تون ڪنھن چانديءَ جي سڪي کي پسند ڪرين، پر صراف ان کي ڪوڙو چوي تھ ڇا تنھنجو پسند ڪرڻ توکي ڪو فائدو پھچائي سگھي ٿو؟

عرب ڄاڻندا ھئا تھ نقد شعر خالص ذوقي شيءِ آھي ۽ انھيءَ قسم جي شيءِ جي لاءِ اصول ۽ قاعدن جون حدون ۽ شرط نھ رڳو اھو تھ بيسود آھن، بلڪھ ناممڪن بھ آھن. سٺو شعر ڪڍڻ ۽ چڱي شعر کي پرکڻ ساڳئي ڳالھھ آھي. چڱي شعر جي چوڻ لاءِ ڪا مقرر واٽ ٿي نٿي سگھي. ساڳيءَ طرح سٺي شعر کي پرکڻ يا ان جي باريڪين تائين پھچڻ جي لاءِ بھ اصول مقرر ڪرڻ ناممڪن آھي. عربي انتقاد جو بنياد انھيءَ ھڪڙي مسئلي تي قائم آھي. شعر گوئيءَ جي لاءِ ڪنھن غير معمولي علم ۽ فضل جي ضرورت نھ آھي، بلڪھ ڪڏھن علم ۽ فضل انھيءَ واٽ ۾ وڏي ڇپ بنجي ٿا پون. مشھود اديب ۽ راوي کي چيو ويو تھ ”تون شعر ڇو نٿو چوين حالانڪھ تون وڏو عالم آھين؟“ ھن وراڻيو تھ: ”حضرت! منھنجو علم ئي تھ آھي جيڪو مون کي شعر چوڻ کان باز ٿو رکي.“ ان کان پوءِ ھڪ شعر پڙھيائين جنھن جو مطلب ھيءُ آھي تھ: ”ڪڏھن ھڪ شخص جنھن کي ڳالھائڻ جو ڍنگ نھ آھي، سو شعر چئي ٿو وٺي ۽ ھڪ داناءُ ھوشمند زور لڳائي ٿو تھ ھڪ شعر بھ نٿو ٺاھي سگھي.“

تنقيد جي لاءِ بھ علم وفصل ۽ غير معمولي ڄاڻ جي ضرورت نھ آھي. نقاد پنھنجي طبع جي تيز فھميءَ سان ئي شعر کي پرکي ٿو. ”ابن رشيق“ لکيو آھي تھ جيڪي ماڻھو شعري قابليت رکن ٿا، سي شعر کي انھن ماڻھن کان وڌيڪ سٺو ٿا سمجھن، جي ٻين علمن ۽ فنن جا ماھر آھن، جھڙوڪ نحو، لغت، چوڻين، اخبار ۽ روايت وغيره.

”محمد بن سلام“ عرب جو شروعاتي عالم آھي، جنھن شعر تي ھڪ فن، ھڪ ھنر ۽ ھڪ آرٽ جي حيثيت سان نظر ڪئي. ھيءُ ٻي صدي جي پڇاڙيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ سن ٢٣٢ھھ ۾ وفات ڪيائين. ھن ”طبقات الشعر“ جي نالي سان ھڪ مختصر مگر دلچسپ ڪتاب تصنيف ڪيو، جنھن ۾ قديم ۽ جديد، جاھلي ۽ اسلامي، قصيده گو ۽ رجز گو، تقريبا سڀني شاعرن جا مختلف طبقا مقرر ڪيا ويا آھن ۽ ھر طبقي ۾ ھڪ جھڙا ۽ ڪلام جي اعتبار کان ساڳئي درجي جي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ھن شاعرن جي طبقھ بندي ۾ جيڪي اصول رکيا آھن، سي نھايت دقيق آھن ۽ ڪتاب جي مقدمي ۾ شعر بابت جيڪي عام تنقيدي اشارا ڪيا ويا آھن، سي عربن جي نظريي جي گھڻو ڪجھھ وضاحت ڪن ٿا. ھن جو خيال آھي تھ ٻين فنن ۽ ھنرن وانگر شعر بھ ھڪ نموني جو فن ۽ ھڪ قسم جو ھنر آھي ۽ اھڙو ھنر آھي، جو ان جو ادراڪ تھ ڪري سگھجي ٿو، پر لفظن ۽ عبارت ۾ ان کي نڀائي نٿو سگھجي. ھن جا لفظ ھي آھن:

”شعر ھڪ ھنر ۽ ھڪ ثقافت آھي، جنھن کي اھل علم ٻين صنفن ۽ ھنرن وانگر ڄاڻن ۽ پرکن ٿا. بعض ھنرن جو واسطو اک سان آھي ۽ بعض جو ڪن سان. بعض جو ھٿ جي مضبوطي سان ٿئي ٿو ۽ بعض جو ڄڀ سان، جھڙوڪ گوھر ۽ ياقوت جو علم وزن ۽ وصف سان ڪڏھن حاصل نٿو ٿئي، جيسين ڪو صاحب نظر اک سان مشاھدو نھ ڪري. درھم ۽ دينار جي پرک بھ اھڙي ئي آھي. انھن جي خوبي رنگ. ڇھڻ، نقش ۽ وصف سان ڪئي نٿي وڃي. ھڪ نقاد ڏسي پوءِ ٻڌائي سگھي ٿو تھ اھو کوٽو آھي يا کرو؟ اصلي آھي يا نقلي؟ اھو حال انھن سڀني شين جو آھي، جيڪي مختلف ملڪن ۾ ٺھن ۽ تمام ٿين ٿيون. اھل نظر انھن کي ڏسي ٻڌائي سگھن ٿا تھ انھن جي بناوت ڪيئن آھي ۽ اھي ڪھڙيءَ ولايت جا آھن؟ غلام ۽ ڪنيز جي جان بھ اھڙي ئي قسم جي آھي. ھڪڙي ٻانھيءَ بابت چئي سگھجي ٿو تھ ھن جو رنگ کليل آھي، اکيون شراب جا ٻھ جام آھن، نڪ ڪٽاريءَ وانگر آھي، وار ڊگھا ۽ گھاٽا آھن، پر تڏھن بھ سون ٻن سون کان وڌيڪ نھ وڪامي. ٻي ھزار يا بن ھزارن ۾ وڪامجي ويندي پر ھڪ تر زبان اديب ان کان وڌيڪ ھن جي ٻي ڪا تعريف نھ ڪري سگھندو.“

(طبقات الشعراءِ صفحھ٧)

بھرحال! گھٽ ۾ گھٽ ”جمحي“ جي زماني تائين عرب جا نقاد، شعري خوبيون ۽ ان جي تنقيد کي ھڪ وجداني شيءِ سمجھندا ھئا. انھيءَ ڪري ھن مشھور عرب شاعرن تي جيڪي تبصرا ڪيا آھن، يا انھن جي ڪلام جون خوبيون ڏيکاريون آھن، جيتوڻيڪ نقد جي جان آھي، پر گھڻو ڪري اھي مشھود نقادن جون چوڻيون آھن، جن مان نقد بابت اصول قائم ڪري نٿا سگھجن. تاھم ايترو يقيني آھي تھ ھو شعر جو ھڪ لطيف مذاق رکندو ھو. ھن جي نگاھ ۾ شعر جون ڪي خوبيون ھي آھن:

1)        زبان جي لحاظ کان سادو ۽ روان ھجي.

2)       ھن جي بندش ۾ چستي ۽ متانت ڏسڻ ۾ اچي.

3)       لفظ ٿورا ھجن ۽ معنيٰ گھڻي ھجي.

4)       تڪلف ۽ آورد کان پاڪ ھجي.

5)       تشبيھن ۾ ندرت ۽ تغزل ۾ رقت نظر اچي.

انھيءَ تي بحث ڪندي تھ ”عرب جو سڀ کان وڏو شاعر ڪير آھي؟“ ھن لکيو آھي: ممڪن نھ آھي تھ ڪنھن شاعر کي ھر حيثيت کان افضل ۽ برتر چيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ شعر جون صنعتون بي شمار آھن ۽ ظاھر ۾ دشوار نظر اچي ٿو تھ ڪو شاعر انھن صفتن جو جامع ھجي.

ھن کان پوءِ ”قدامھ بن جعفر“ شعر تي دقيق ۽ حڪيمانھ بحث ڪيو آھي. ھيءُ ٽين صدي ھجريءَ جو عالم آھي جنھن سن ٣١٠ھھ ۾ وفات ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org