شاهه
صاحب جي مٿئين سر ۾ ڏنل بيت ۾ فرمائي ٿو تھ: اي
مخاطب! تون جن کي بيت ٿو ڀائين، سي ياد ڪرڻ ۾
سارنگيءَ يا تنبوري تي ڳائي، وڄائي خوش ٿين وارا
بيت نھ آھن بلڪھ قرآن شريف جون آيتون (قرآن شريف
جو تفسير) آھن. ظاھر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن جملن
کي ھڪ جاءِ تي گڏي بيھاري بيت جي نموني تي بنايو
ويو آھي، پر حقيقت ۾ انھن جي اندر قرآن شريف جي
تعليم کي درج ڪيو ويو آھي، جن کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ کان
پوءِ پرينءَ جي پار (محبوب حقيقي) جي لؤ (محبت)
پيدا ٿئي ٿي.
قرآن شريف جو ھي معجزو آھي تھ ان جي تلاوت ڪندي ۽
مطلب کي سمجھندي ايمان وڌي ٿو. جيئن ”واذا تليت
عليھم آياته زادتھم ايمانا“ ۽ جڏھن ايمان وارن وٽ
قرآن شريف جون آيتون پڙھيون وڃن ٿيون، تڏھن انھن
جو ايمان زياده ٿئي ٿو.
شاھ صاحب جي ھر ھڪ سر جي بيتن کي غور ۽ معنوي
حقيقت سان پڙھيو ۽ سمجھيو تھ ھڪ وجد جي ڪيفيت طاري
ٿي ويندي ۽ معلوم ٿيندو تھ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، سسئي
۽ پنھون، مومل ۽ راڻي، مارئي ۽ ملير جي پردي ۾
ڪنھن غائب مقصود جو ذڪر ڪري رھيو آھي، جنھن کي
سمجھڻ لاءِ بھ شاھ صاحب وارو دماغ، دل ۽ مذاق
گھرجي. نھ تھ پتو ئي ڪونھ پوندو تھ آخر سندس مقصد
ڪھڙو آھي ۽ ڇا ٿو چوي؟
ڊاڪٽر صاحب ھيڏو ذي علم ھوندي بھ انھيءَ مخفي علم
جي پروڙڻ ۾ بلڪل ناڪام رھيو آھي ۽ مشرق کان مغرب
ڏي نڪري ويو آھي. مثال لاءِ ٻھ مثال ڏجن ٿا.
سر سارنگ
سر سارنگ مان ائين پيو معلوم ٿئي تھ شاھ صاحب ڪنھن
وڏي ۾ وڏي تاريخي واقعي ڏانھن اشارو ڪري رھيو آھي،
ليڪن ڊاڪٽر صاحب سر سارنگ ۾ برسات جو قدرتي نظارو
چٽي ريت چٽيو آھي. کوڻ، ڪاريون، ڪڪريون، ڪڪر ۽ وڏ
ڦڙي جو نقشو ڪڍيو ويو آھي. بيشڪ شاھ صاحب جي بيتن
جو ظاھري جوڙجڪ ۽ ٻاھرين معنيٰ اھا ئي آھي، جنھن
کي ڊاڪٽر صاحب تھ ڇا پر ھڪ معمولي علم وارو بھ
سمجھي سگھي ٿو.
لڳھھ پس لطيف چئي، آگميو آھي
وٺو مينھن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاھي
ڇن ڇڏي پٽ پئو، سمر سنڀاھي
وھوم لاھي، آسرو الله مان.
ھيءُ برسات جو ذڪر آھي تھ آگم ٿيو آھي ۽ ڪڪر نڪتا
آھن، وڏ ڦڙو مينھن خوب وٺو آھي، مال وارا ماڻھو ڌڻ
ڪاھي وس تي وڃن ٿا. اھا ظاھري معنيٰ تھ بلڪل خوب
آھي، پر شاھ صاحب جھڙي ماڻھوءَ لاءِ ايتري چوڻ جي
ڪھڙي ضرورت ھئي؟ ۽ ان مان سندس ڪلام جي ڪھڙي خوبي
ظاھر ٿي؟ ۽ جيڪا خوبي ان ڪلام ۾ آھي، سا ئي شاھ
صاحب جو سچو جوھر چئبو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي شرح موجب اھو اصلي جوھر
نڪري نروار ڪونھ ٿيو، بلڪھ لفظن جي سھڻائي ۽ بندش
جي چستي کي جيڪڏھن جدا رکبو تھ پوءِ شاھ صاحب جي
ڪلام ۽ ھڪ عامي جي چيل ڏوھيڙي ۾ فقط فظن جي سھڻائي
۽ بندش جي چستي جو فرق وڃي رھندو، نھ تھ بس! تنھن
ڪري چئبو تھ ھن ۾ ضرور ڪا معنوي خوبي آھي، جا ڳولڻ
گھرجي. پر انھيءَ معنوي خوبي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ جيسين
شاھ واري دل، دماغ ۽ ذھن جو عڪس نھ وٺبو، تيسين
ڪاميابي حاصل نھ ٿيندي، جنھن کان ڊاڪٽر صاحب پاسو
ڪري ويو آھي.
ھيءُ ھڪ عميق ۽ ناپيدا ڪنار سمنڊ آھي، جنھن ۾ گھڙي
سچا موتي ڪڍڻ لاءِ بھ ڪو صاحب دل غواص گھرجي، نھ
تھ ھر ڪنھن جي مجال نھ آھي. اھڙا صاحب دل غواص سنڌ
۾ الله تعاليٰ جي فضل سان گھڻي ئي آھن. اھي جيڪڏھن
ھمت جي ڪمر ٻڌي، ھي ڪم ڪن تھ ھوند شاھ صاحب جي
ڪلام جون معنوي رمزون ۽ اندروني خزانا نڪري نروار
ٿين ۽ عام خاص ماڻھو انھن موتين مان پنھنجو دامن
ڀري، فيضياب ٿين. جيسين اھڙا صاحب دل ۽ سچا غواص
تيار ٿين، تيسين ”فکر ھر کس بقدر ھمت اوست“ جي
متولي موجب جيڪي اسان جي ناقص سمجھھ ۾ آيو آھي، سو
سپرد قلم ڪريون ٿا.
اسان جي دانست موجب سر سارنگ ۾ قرآن شريف جي ھيءَ
آيت آھي:
”وانزلنا من المعصرات ماء ثجاجا لنخرج به حبا
ونباتا وجنات الفافا.“
اسين ڪڪرن مان صاف پاڻي وسايون ٿا، جنھن جي ڪري
زمين مان ان ۽ ساوڪون ۽ گھاٽا باغ ڪڍندا آھيون.
جڏھن جھولن ۽ لڪن ڪري زمين سڪي ويندي آھي، ساوڪ
سڙي سڪي وڃي ٿي، جبل ۽ رڻ ويران ٿي وڃن ٿا، ماڻھو
۽ حيوان، پکي، سرڻا سڀ اوسر جي سختي ۾ مرڻينگ حالت
کي اچيو پھچن ٿا، تڏھن برسات پوندي آھي، جنھن جي
ذريعي ڏولائو ۽ ڏڪار لھيو وڃي، اناج ۽ ساوڪون ٿين
ٿيون، جبلن ۽ ڦٽلن پوٺن ۾ باغ ڦٽي پون ٿا. انسان،
چرندا ۽ درندا سڀ خوش، تازا، ساوا ۽ سمانا ٿيندا
آھن.
برسات جو ھي ھڪڙو پاسو آھي. ٻيو پاسو ھي آھي تھ
جڏھن انسان جون دليون مري وينديون آھن تھ ڪفر،
شرڪ، زنا، چوري، بدامني ۽ بداعتمادي جي بازار مچي
ويندي آھي. تڏھن انسان ھڪ الله تعاليٰ وحده لا
شريڪ له جي عوض ڪروڙين خدا مقرر ڪندو آھي. ھٿرادو
بت ٺاھي، انھن جي پوڄا ڪندو آھي. انھيءَ ڪفر جي
غلبي جي ڪري امن وامان، تھذيب وتمدن ۽ علم وھنر جو
نالو نشان بھ ڪونھ رھندو آھي. بڇڙائين جون ميرايون
ماڻھن جا قلب ڪارا ڪريو ڇڏين. انھيءَ ڪري الله
تعاليٰ پاران نبي سڳورو اچي انھن کي سڌي رستي تي
لائي ٿو، خدا سان ملائي ٿو، اخلاق سڌاري ٿو ۽
تھذيب علم سان شناسا ڪري ٿو. اھڙي طرح اھا دنيا جا
اڳي دوزخ ھئي، سا بھشت ٿيو پوي. سر سارنگ ۾ شاھ
صاحب سرور ڪائنات ' جن جي ولادت شريف، نبوت جي
خلعت پائي رحمة للعالمين ٿي اچڻ، سندن تعليم،
تبليغ ۽ تلقين سان دنيا مان شرڪ ۽ ڪفر جو اوسر
لھي، توحيد جي برسات سان وري سرسبز ٿيڻ ۽ دنيا جي
چار ديواريءَ تي اسلام جي حڪومت قائم ٿيڻ جو ذڪر
ڪيو آھي، جيئن حالي مرحوم فرمايو آھي:
يکايک ھوئي غيرتِ حق کو حرکت
بڙھا جانب بو قبيس ابر رحمت
ادا خاک بطحا نڍ کي وھ وديعت
چلڍ آئڍ تھڍ جس کو ديتڍ شھادت
ھوئڍ پھلوئڍ آمنھ سڍ ھويدا
دعائڍ خليل اور نويد مسيحا
اسلام جو ڪڪر اٿيو ۽ سڄي ملڪ تي وسي ويو، ساوڪون ۽
آباديون ٿي ويون، ڌراڙ (اسلام جا خليفا) ڌڻ
(مجاھدن جو لشڪر) ڪاھي نڪتا ۽ ملڪن تي ملڪ فتح ڪرڻ
لڳا. اسلامي حڪومت ۾ ماڻھن کي امن امان مليو. سندن
مذھبي، اخلاقي ۽ معاشرتي حالت سڌري ۽ تمدن ترقي
ڪئي. مطلب تھ دنيا ئي ھڪ ٻي ٿي پئي.
سارنگ کي سارين، ماڻھو، مرگھھ، مينھون، آڙون، ابر،
آسري، تاڙا، تنوارين، آڙ ھڪ ننڍڙو جيٽامڙو پکي
آھي، رنگ جو ڪارانجھڙو ٿئي ٿو. ڄيٺ جو مھينو ڏٺو
تھ صبح ساڻ برسات جي پڪار لائيندو آھي. مينھن پوڻ
کان پوءِ سندس لات گھڻو ڪري ڪانھ ٻڌبي آھي. مرگھھ
يعني ھرڻ. ھرڻ رڃ کي پاڻي سمجھي ان ڏي ڏاڍو ڊوڙندو
آھي. برسات کان پوءِ ھن جي اھا ڊوڙ گھٽ ٿي ويندي
آھي، ڇاڪاڻ تھ پڳ پڳ پاڻي ٿي ويندو آھي. مينھن تھ
اوسي جي ڪري پاڻي گھڻو پسند ڪندي آھي. ماڻھو جي
جياپي جو مدار پاڻي تي آھي ۽ پاڻي مينھن وسڻ ڪري
زور وٺندو آھي.
سرور ڪائنات ' جي ولادت شريف کان اڳ سڀني مذھب
وارن، نصارن ۽ يھودين کي سندن مقدس ڪتابن مان
معلوم ٿيو ھو تھ ھڪ وڏي پيغمبر جي پيدا ٿيڻ جو وقت
ڀرجي آيو آھي، تنھن ڪري ھو انھيءَ جي انتظار ۾
ھئا. خود مڪي جي بت پرست قريشن ۾ ڪي اھڙا بھ ھئا،
جن کي بت پرستيءَ کان ڏاڍي نفرت ھئا ۽ انھن جي بھ
اھا خواھش ھئي تھ ڪو خدا جي پاران رھنما ۽ ھادي
اچي، جيڪو اسان کي سنئين واٽ ڏيکاري. ھيٺين بيت ۾
بھ ان ڏي ئي اشارو آھي:
پلر جي پالوٽ سين، پٽن جھليا پاه
واحد وڏائي ڪيا مٿي گسن گاه
ھن بيت ۾ بھ حضرت جن جي تبليغ اسلام ۽ برڪت سان
ملڪ مان بد اعتقادي جي ناس ٿي وڃڻ ۽ دلين جي روشن
ٿيڻ ڏانھن اشارو آھي. اھڙي حال ۾ دنيا جو ٻچو ٻچو
ڪفر ۽ شرڪ جي بلاڪ کان حيران ۽ پريشان ھو ۽ نيڪ
فطرت واريون دليون ٻاڏائي رھيون ھيون:
سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوسـت تـون دلـدار، عالم سڀ آباد ڪرين
انھن جي اھا دعا اگھاڻي ۽ رحمت جو ڪڪر، حضرت رحمة
للعالمين جي نالي سان آيو ۽ وٺو ۽ سندس برڪت سان
سڄو عالم آباد ٿيو.
وڄون وسڻ آئيون سارنگ سينگاري
اڃيا لک لطيف چئي، پلر پياري،
وڄڙين واري، کڻي ڪعبي تي ڪرنائيا
اسلام جون وڄون چمڪيون، توحيد جي سارنگ سعادت جا
ڪڪر سينگاريا، اڃايل (ڀليل) توحيد ۽ قرآن شريف جو
پلر (آب زلال) پي سيراب ٿيا ۽ سندن اڃون لٿيون.
اھي وڄون اڄ تائين ڪعبي تي ڪرنائينديون رھن ٿيون.
يعني ھر سال لکين حاجي ڪعبي شريف جو طواف ڪندا
رھندا آھن.
اسلامي فتوحات جو سيلاب مديني ۽ دمشق کان اٿيو ۽
ايران، خراسان، عراق، شام، ايشيائي ڪوچڪ، ترڪستان،
ھند ۽ سنڌ، اسپين ۽ استنبول کي وڪوڙيندو، چين جي
ديوار تائين وڃي پھتو آھي. شاھ صاحب اسلامي تاريخ
جو اھو ڊگھو ڪتاب، ھڪ ئي بيت ۾ پنھنجي مخصوص انداز
سان بيان ڪيو آھي.
موٽي مانڊاڻن جي واري ڪيائون وار
وڄون وسڻ آئيون چوڏس ۽ چوڌار
ڪي اٿيون استنبول، مڻيا مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي ڪي لھن سمرقندين سار
ڪي رمي ويون روم تي ڪي ڪابل ڪي قنڌار
ڪي دھلي ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار
ڪي جنبي جيسلمير تان ڏنا بيڪانير پڪار
ڪني ڀڄ ڀڄائيو، ڪني ڍٺ مٿي ڍار
ڪن اچي عمر ڪوٽ تان وسايا ولھار
سانئينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين
سر سورٺ
ٻيا ور ڏيئي ٻين کي آيس تنھنجي در
سونھارا سورٺ، ور ڪا منھن جي ڪر
ڀلا ڀيري ڀر، پالھو پاند پينار جو
ڊاڪٽر گربخشاڻي ھن سر بابت لکي ٿو تھ: ”ھن سر ۾
شاھ صاحب انھيءَ مرادوند مريد جو ذڪر ڪيو آھي،
جيڪو طريقت جي باھ ۾ نفس کي نھوڙي، مرشد جي ھڪ
اشاري تي نھ فقط پنھنجو تن من ڌن سندس قدمن تان
قربان ڪريو ڇڏي، پر پنھنجي سر ڏيڻ کان بھ نٿو گسي
الخ.“
ھن سڄي تحرير جو حاصل مطلب ھي آھي تھ چارڻ؟؟ مرشد
۽ راءِ ڏياچ مريد آھي. پر قصي کي جيڪڏھن چڱيءَ طرح
جاچي پڙھجي ٿو ۽ مرشد ۽ مريد جي وچ ۾ ڏي وٺ واري
گفتگو ۽ سوال جواب تي غور ڪجي ٿو تھ ڊاڪٽر صاحب جي
تشريح اھڙي منجھيل نظر ٿي اچي جو ان مان ڪو سڌو
مطلب ڪڍي ڪونھ ٿو سگھجي.
مرواند مريد سر ڏيڻ کان گس گساءُ ڪري مال، ھيرا،
موتي، ھاٿي، گھوڙا، سون، چاندي آڇي رھيو آھي ۽
مرشد ھادي اھا سر ڏيڻ جي سين پيو ھڻي. سوال آھي تھ
مرشد مرواند مريد جي سر کي ڇا ڪندو ۽ انھيءَ سر جو
بھترين عوض مرواند کي ڪھڙو ڏيندو؟ ڊاڪٽر صاحب ھن
معنوي مقصد ۾ اھڙو منجھيل ٿو ڏسجي، جو کيس ڪابھ
سڌي واٽ ھٿ نھ آئي آھي ۽ جيئن تيئن ڪري لکي پار
پيو آھي. عنوان ۾ اسان جيڪو بيت لکيو آھي، اچو تھ
پھريائين تن تي ويچار ڪريون.
ٻيا در ڏيئي ٻين کي آيس تنھنجي در
ٻيجل، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي چوڻ موجب مرشد
آھي، سو پنھنجي مرواند مريد (راءِ ڏياچ) کي ٿو چوي
تھ آءٌ ٻيا در ڇڏي تنھنجي در تي آيو آھيان. پر
مصرع جي ترڪيب ظاھر ٿي ڪري تھ مرشد مريد کي ڏاڍي
نياز ۽ نوڙت سان عرض ٿو ڪري تھ ٻيا سڀيئي در ٻين
کي ڏنم ۽ آءٌ خاص تنھنجي در تي آيو آھيان. ھن مان
ظاھر ٿو ٿئي تھ مرشد رشيد کي ڪا اھڙي عظيم الشان
شيءِ کپندي ھئي، جنھن لاءِ مريد کي شرمائي ٿو تھ
پنھنجي در جو شان ۽ مان رک، منھنجو عرض اگھاءِ! ھي
نڪي مرواند مريد ٿي پنھنجي مرشد سڳوري کي ايتري
ٻاڏائڻ ۽ ننگ وجھڻ جو موقعو ڏيندو ۽ ھي جو مرشد
پنھنجي مريد کي سولھارا جي لقب سان خطاب ڪري،
پڇاڙيءَ ۾ چوي ٿو تھ: ”ھن پينار جو خالي پاند
ڀلارا ڀري ڏي“، اھي گفتا نڪي مرشد جي ڪماليت کي
ظاھر ڪن ٿا، نڪي مرواند مريد جي ارادتمنديءَ جي
ثابتي ڏين ٿا. بيت جو مطلب ظاھر ڪري ٿو تھ ھڪ عاجز
۽ ضعيف سوالي ڪنھن زبردست بادشاھ کي وڏي مطلب پوري
ڪرڻ لاءِ عجز سان ٻاڏائي رھيو آھي.
شاھ صاحب پنھنجي مخصوص پيرايھ ۾ ھن قصي جو پردو
ڏيئي، پنھنجي دل ۾ مقرر ڪيل مقصد کي محبوب اڳيان
ڳايو آھي. ھن بيت کي شاھ جي ھيٺئين بيت سان ملائي
پڙھبو تھ اصل مطلب کي پھچي سگھبو:
تو در آيس راڄيا، جا جڪ وٺي جيءَ
ڪنا نار حاميه، ھان بچائج ھيءَ
والي ڏياري ويءُ، جت آھي جنات عدن
ھاڻي سوال ڪندڙ جي شخصيت، راءِ جي ذات ۽ سوال جي
اھميت صفا پڌري ٿي پيئي ۽ مڃڻو پوندو تھ سوالي
حضرت سرور ڪائنات ' ۽ راءِ احڪم الحاڪمين الله
تعاليٰ جل شانه آھي. باقي سوال آھي تھ نار حاميه
(ساڙيندڙ باھ) کان بچاءِ ۽ جنات عدن (بھشت برين)
جي جاءِ جي طلب ڪرڻ جو ڪھڙو مطلب آھي.
واضح ھجي تھ ھن قصي مان معراج شريف مراد آھي ۽
حضرت جن جي پنھنجي امت لاءِ بخشش ۽ دوزخ کان بچاءَ
جي سوال ۽ امت جي بھشت ۾ داخل ٿيڻ جي استدعا آھي.
اھو سوال پنھنجي سر وڏي اھميت رکي ٿو ۽ حضرت جن جي
پنھنجي امت تي رحمت ۽ شفقت، تنھن کي بھ عين انھيءَ
وقت ۾، جڏھن پاڻ الله تعاليٰ جو لقاءُ بنا حجاب
حاصل ڪري رھيا ھئا، ظاھر ڪري ٿو.
سوال جي وڏائي موجب سردار جن رب جي اڳيان ٻاڏائي
عرض ڪن ٿا تھ ”ٻيا سڀ در ڇڏي تنھنجي در تي آيس.
ھيءُ منھنجو پالھو پلاند ڀر“ ھيءُ نھايت درجي جو
نياز، سوال ڪندڙ جي اخلاص، بي ريائي، سچائي ۽ امت
لاءِ حد درجي جي رحمت کي ثابت ڪري ٿو.
بارگاھ خداوندي ۾ سندن دعا قبول ٿئي ٿي ۽ پاڻ امت
جي مغفرت جو سچو وعدو وٺي، نھايت خوش ٿي اچن ٿا.
”ولسوف يعطيک ربک فترضيٰ“ (۽ جلد توکي اھا شيءِ
عطا ٿيندي، جنھن کان پوءِ تون راضي ٿيندين) انھيءَ
۾ ئي امت جي بخشش جو سمورو بيان آھي.
راجا راضي ٿيو، تنھن ڏنا وڏا ڏان
اھو اشارو بھ شفاعت ۽ بخشش جي ذڪر ڏانھن آھي. الله
تعال:ٰ راضي ٿي پنھنجي پياري پيغمبر کي وڏا ڏان
عطا ڪيا ۽ سندس امت جي بخشش جي گھر پوري ڪئي.
سر ليلان چنيسر:
وڏيري ھياس، چنيسر جي راڄ ۾
دھلين دمامين نقرين پر ۾ پڇياس
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏھاڳڻ ڏيھھ ۾
ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ھن سر جي معنوي حقيقت جي
تشريح ڪندي فرمائي ٿو تھ آدم کي بھشت ۾ سڀ نعمتون
موجود ھيون، پر شيطان جي چئي لڳي، خدا جي امر کي
آڏو اچي، منع ٿيل ميوو کاڌائين. خدا جي غيرت جي
سبب آدم کي بھشت مان نيڪالي ملي، الخ.
حاصل مطلب ليلان مان مراد حضرت آدم عليه السلام
ورتو آھي ۽ سڄي سر ۾ آيل اشارن ۽ ڪناين جو مشار
اليھ بھ حضرت ابو البشر کي مقرر ڪيو اٿس. انھيءَ
اصول موجب سر ليلان چنيسر ۾ شاھ صاحب جي ھنن بيتن
جو مفھوم تھ بدلجي وڃي ٿو ۽ طالب علم کي اھڙي
مونجھاري جي درياءَ ۾ غوطا کارائي ٿو، جتان ٻاھر
سلامت نڪرڻ جو ڪو رستو نٿو ڏسجي.
ھيس دادلي درگاھ جي، ٻيو درجو ھوم واءُ
وڏيري ھياس، چنيسر جي راڄ ۾
حضرت آدم بھشت مان نڪرڻ کان اڳ خلافت جي خرقي سان
بيشڪ مشرف ٿيل ھو ۽ ”وعلم آدم الاسماءَ کلھا“ جي
امتيازي شان سان ملڪن جو مسجود ٿي چڪو ھو، پر
چنيسر جي راڄ (عالم الملڪوت) ۾ وڏيرو (سردار) ڪونھ
ھو.
شاھ صاحب ليلان جي عزت، مرتبي ۽ مان ڏيکارڻ لاءِ
ليلان جي واتان دادلي لفظ استعمال ڪيو آھي. عورت
ذات لاءِ اھو لفظ سنڌي زبان ۾ نھايت پيارو ۽ وڏي
شان وارو آھي. دادلي لفظ ڏيکاري ٿو تھ ڪنھن وقت
چنيسر ليلان تي لڪن ڇڪن ھو ۽ سندس ناز برداريءَ ۾
ھڪڙي قسم جي خوشي محسوس ڪندو ھو. ليلان چنيسر جي
پيار ۽ محبت ۽ ناز برداريءَ جو غلط فائدو ورتو ۽
ھن زناني فطرت موجب ھار تي موھجي، چنيسر جي مرداني
۽ شاھاڻي محبت ۽ ناز برداريءَ کي پنھنجي دلي شوق
تان قربان ڪيو.
کڻي قبول ڪجي تھ ليلان جي اھا حرڪت (ھار تي ھرکي
ھڪ رات لاءِ ڪونروءَ کي پنھنجي جاءِ ڏيڻ) چنيسر جي
راجائي حوصلھ مندي ۽ ليلان جي زناني پست فطرتي تي
نظر ڪندي. اھڙي وڏي تعزي ڏيڻ جي لائق نھ آھي، پر
”دليون پرکي دلڙو“ جي چوڻ موجب شاھي غيرت بھ ضرور
ڪو شان رکي ٿي، جنھن جي ڪري ليلان کي ڏھاڳ ڏسڻو
پيو. بيت جي مطلب ۽ حضرت آدم جي قصي کي جيڪڏھن
ملائي ٿو ڏسجي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شرح وارو
بنياد ھڪ لحظو بھ بيھي نٿو سگھي.
سچ پچ تھ ”ليلان چنيسر“ جي سر ۾ شاھ صاحب ھٺ ۽ ھوڏ
جي مذمت، شيطان جي تڙجي وڃڻ، خدائي حڪم جي مقابلي
۾ پنھنجي تڪبر کي آڏو بيھارڻ ۽ ان جي بري نتيجي
ظاھر ٿيڻ (خدائي غضب ۽ ڏمر) کي وڏيءَ قابليت ۽
جامعيت سان بيان ڪيو آھي.
شيطان جو ڌڻي جي درٻار ۾ وڏو مرتبو ھو. مفسرن تھ
ھن کي معلم الملڪوت (فرشتن جو استاد) ڪري لکيو
آھي. جڏھن حضرت آدم عليه السلام جو جسم بنايو ويو
۽ اڃا منجھس ساھ ڪونھ پيو ھو، تڏھن الله تعاليٰ
ملائڪن کي حڪم فرمايو تھ: ”ھن کي سجدو ڪريو.“ اھو
حڪم ٻڌي سڀني فرشتن سجدو ڪيو ۽ باقي رڳو شيطان
سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جڏھن بارگاھ احديث مان
شيطان کان پڇيو ويو تھ ”تون سجدو ڇو نٿو ڪرين؟“
تڏھن جواب ڏنائين تھ: ”خلقني من نار وخلقته من
طين.“ (تو مون کي باھ مان پيدا ڪيو آھي ۽ آدم عليه
السلام کي مٽيءَ مان خلقيو اٿئي) بدبخت ۽ تڙيل
شيطان اھڙي حال ھوندي بھ اھو اقرار ٿو ڪري تھ مون
کي ۽ آدم کي تو پيدا ڪيو آھي. ليڪن ھٺ ۽ غرور جو
ڏيکاءُ ڌڻي کي ناپسند ھو، تنھن ڪري لعنت جو ھميشھ
وارو طوق ڳچيءَ ۾ وجھي تڙي ڇ٠يائينس. انھيءَ بابت
شاھ صاحب فرمايو آھي تھ: ”ھيس دادلي درگاھ جي الخ،
راڻيون نھ پسي بس دليون پرکي داسڙو.“
ليلان کي ڏھاڳ مليو ۽ ڪونروءَ کي قرب ۽ وصال جي کٽ
حاصل ٿي. شيطان تڙجي ويو ۽ حضرت آدم کي بھشت ۾ رھڻ
جو فرمان عطا ٿيو. شيطان کي پنھنجي عبادت ۽ تقرب
تي غرور ۽ فخر ھو. پر رب العالمين عالم الغيب آھي.
وھم لھي وينجھار، دليون پرکي داسڙو
عالم الغيب الله تعاليٰ جل شانه کي شيطان جي دل جي
خبر ھئي ۽ کيس ان جي غرور کي نروار ڪري سمجھائڻو
ھو تھ ھتي عجز، نياز، بندگي ۽ تابعداريءَ کان
سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ھلڻو آھي.
جي ٿڙي ٿورڙيائين تھ دوس پسي داسڙو
سر ڪاموڏ
مھاڻي جي من ۾، نھ گيرپ نھ گاءِ
نيڻن سين ناز ڪري ريجھايائين راءِ
سمو سڀن ملاءِ، ھيرايائين حرفت سين
سر ڪاموڏ ۾ شاھ صاحب ڄام تماچيءَ ۽ نوري مھاڻيءَ
جو ذڪر ڪيو آھي. ان جي شرح ڪندي ڊاڪٽر گربخشاڻي
چوي ٿو تھ سر ڪاموڏ سارو عشق جي عيش وعشرق، بوس
وڪنار، ناز ونياز ۽ وصل جي ميٺ ۽ مزي سان ڀريل
آھي. گندري اھو انسان آھي، جيڪو خدا کان منھن موڙي
ٿو ويھي، پر خدا جي مٿانس نوازش ٿي ٿئي.
واھ واھ! ڊاڪٽر صاحب جو اھو شرح اھڙو آھي، جنھن
دنگ ڪري ڇڏيو آھي. اھا خبر نھ رکي اٿس تھ ”مھاڻيءَ
جي من ۾ گيرب نھ گاءِ“ جو مطلب ڪھڙو ٿيندو؟ ھتي تھ
خدا کان منھن موڙڻ جو ذڪر ئي ڪونھي. بلڪھ شاھ صاحب
چوي ٿو:
نيڻن سين نار ڪري، ريجھايائين راءِ
سمو سڀن ملاءِ، ھيرايائين حرفت سين
گندريءَ ۾ ڪو اھڙو عجيب ۽ من موھيندڙ حسن ھو، جنھن
تي راءِ ريجھي پيو ۽ سڄي شاھي خاندان مان (جنھن ۾
شاھي نسل جون شھزاديون ڏاڍا ھار سينگار ڪري حسن جي
بازار مچايون ويٺيون ھيون، جن کي پنھنجي سونھن،
سوڀيا ۽ ناز وانداز تي فخر ھو ۽ پڪ ھين تھ ڄام
تماچي ھن اسان جي رعنائي ۽ دلربائي جي دام مان
ڪٿان ٿو نڪري!) فقط نوريءَ کي نوازيائين ۽ سڀني کي
تڏھن خبر پئي، جڏھن ڏٺائون تھ مار!
نوازي نيئي، گاڏيءَ چاڙھي گندري،
گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
انھن جي اوطاق، راءِ ريجھي اٿيو
-----
کوه سميون، ٻن سومريون، جي اچن اوچي ڳاٽ
ورسي ڪنجھر ڄائيون، جن تماچي جي تات
راڻن ملا رات، ماڻڪ مٿي پسرائيو
مٿين بيتن جي معنيٰ ۽ رمزن تي غور ڪرڻ سان معلوم
ٿئي ٿو تھ نوريءَ مان مراد حضرت رسول اڪرم ' جن جي
مقدس ذات آھي. ڇو تھ:
1)
نوري مھاڻي ھئي ۽ سندس مڇي سان واھپو ھو.
2)
صورت ۽ سيرت جي موچاري ھئي.
3)
ھٺ وڏائي ڪانھ رکندي ھئي.
ساڳي ريت جناب سرور ڪائنات ' جن بھ ھيٺين عام صفتن
سان موصوف ھئا:
1)
سندن ولادت انھيءَ قوم ۽ قبيلي ۾ ٿي ھئي، جنھن ۾
بت پرستي، بد اعتقادي، ظلم ۽ زنا ڪاري، جھل ۽ ٻيون
ڪيتريون خراب عادتون موجود ھيون.
2)
نبوت کان اڳ بھ سندن سيرت ھر ھڪ عيب کان پاڪ ھئي.
ايتري قدر جو قريش ۽ سڄي عرب ۾ صادق ۽ امين جي لقب
سان مشھور ھئا ۽ صورت تھ اڳي ئي سراجا منيرا ھئي.
3)
ھميشھ فرمائيندا ھئا تھ آءٌ بھ انھيءَ عورت جو
فرزند آھيان، جيڪا سڪل گوشت کائيندي ھئي، ”انما
انا بشر مثلکم“ (نھ آھيان آءٌ مگر اوھان جھڙو
انسان) ان مان ئي سندن عجز، فروتني ۽ تواضح جي
ثابتي ملي ٿي.
مطلب تھ اھي سميون ۽ سومريون، جيڪي حسن جي غرور ۽
شاھي نسل جي فخر مان اوچي ڳاٽ سان ھلنديون ھيون،
تن جو اھو تڪبر ۽ ھٺ راءِ (الله تعاليٰ) کي پسند
نھ آيو. يعني عربستان جا اھي مغرور سردار ۽ ھٺيلن
خاندانن جا اھي رئيس جھڙوڪ ابوجھل، ابولھب، ابو
سفيان، عتبھ بن شيبھ يا طائف جو سردار، جن جي ڪنھن
۾ بھ اک نھ ٻڏندي ھئي ۽ سمجھندا ھئا تھ اسان جو مد
مقابل ۽ مٽ آھي ئي ڪونھ. تن سڀني مان الله تعاليٰ
ھڪ اھڙي انسان کي خاتم النبيين جي مقدس لقب ۽
سراجا منيرا جي پاڪ خطاب سان نوازيو، جيڪو يتيم،
مسڪين ۽ فقير ھو ۽ وٽس دنياوي ڏيک، مال ۽ زر، پٽن
۽ پوٽن، باغ ۽ بستانن ۽ زمين مان ڪجھھ بھ ڪونھ ھو.
ھو ھڪ وقت رکي جون جي ماني کائي ڍؤ ڪندو ھو تھ ٻي
وقت روزي سان ھوندو ھو. اھڙي حال ۾ تواضح ۽ نھٺائي
جي ايتري حد ھئي، جو پاڻ ٻڪريون چاريندو ھو،
پنھنجي بت جي ڪپڙن کي پان چتيون ھڻي سبندو ھو ۽
پنھنجي ڦاٽل جتي بھ پاڻ سبندو ھو. انھيءَ کي الله
تعاليٰ سڀني جو ڌڻي پسند ڪيو.
انھيءَ جي اوطاق راءِ ريجھي آئيو
۽ پڻ فرمائي ٿو:
ورسي ڪنجھي ڄائيون، جن تماچي تات
يعني اھي مھاڻيون چڱيون آھن، جن کي تماچيءَ جي تات
آھي. اھي يتيم ۽ مسڪين، وڏي مرتبي وارا ۽ پسند ٿيل
آھن، جن کي اٺ ئي پھر الله جي يادگيري آھي.
سرور ڪائنات ' جن ھميشھ ڏاڍي نياز، رقت، الاھي خوف
ڀر ڪنبندي ۽ محبت ۽ محويت سان عبادت ڪندا ھئا ۽
سدائين ڌڻيءَ جي درٻار ۾ ٻاڏائيندا ۽ عرض ڪندا
ھئا:
تون سمو آءٌ گندري، مون ۾ عيب اپار
پسي ميءَ ڪا پار، متان مانگر مٽيسين
الاھي! آءٌ انسان، پاڻي ۽ مٽي جي سرشت آھيان، جنھن
۾ لکين عيب ٿين ٿا. تون پنھنجي الاھيت جو شان
سڃاڻي، عيبن ھاڻي کي متان مٽي ڇڏين.
ھي معنيٰ ۽ مطلب سر ڪاموڏ سان ڪھڙو نھ ٺھڪي اچي
ٿو، جنھن کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ھروڀرو ٻئي رنگ ۾
پيش ڪيو آھي ۽ سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ سندس ائين ڪرڻ
مان الائي ڪھڙو مطلب ھو؟
شاھ جي رسالي جي معنوي ڳجھن ۽ لڪل موتين کي ٻاھر
آڻڻ لاءِ تمام وڏي محنت ۽ تفحص جي ضرورت ھئي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪيل شرح بلڪل اڻ پوري ۽ بيڪار
آھي. البتھ ڏکين لفطن جي جيڪا معنيٰ ڏني اٿس، سا
سنڌي علم لغت جي باب جو ھڪ ننڍڙي ۾ ننڍڙو فصل ٿي
سگھي ٿو. اگرچھ ان بابت بھ علم لغت جي ڄاڻڻ جي
تصديق گھرجي.
مقدمھ لطيفي ۽ شاھ جو رسالو ڪاغذ ۽ ڇپائي جي ڪري
عمدو ۽ سٺو آھي ۽ خرچ بھ سرس ڪيل آھي. نفس جي ڪري
بھ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي طاقت سارو گھٽايو ڪونھ آھي.
ھيءَ ٻي ڳالھھ آھي تھ ان ۾ ڪاميابي ٿوري حاصل ڪئي
اٿس. تڏھن بھ سندس محنت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي. |