مغربي نقادن جا
رايا
1)
رابرٽسن
(مقالات صفحھ ١ ۾) لکي ٿو تھ تنقيد معلومات جي
سڀني شاخن بابت رڳو مقابلي ڪرڻ يا خيالن جي ٽڪرائڻ
کي چئجي ٿو.
2)
ڪاڊڪن:
ڪنھن ڪم ڪرڻ جي ٻن طريقن جي وچ ۾ موازنو ڪرڻ اصلي
تنقيد آھي.
3)
وليم ھينري ھڊسن:
تنقيد اھو ادب آھي جو ادب بابت لکيو ويو ھجي، خواه
ان ۾ مصنف جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھجي،
خواه تعريف ۽ توصيف ۽ تشريح جي ناول ۽ ڊرامو
ھستيءَ بابت بحث ڪن ٿا، پر تنقيد اھا آھي، جا
شاعريءَ، ڊرامي، ناول ۽ خود تنقيد سان بحث ڪري ٿي.
4)
اناطول فرانس:
بھترين تنقيد اھا آھي، جنھن ۾ نقاد انھن ڪيفيتن کي
بيان ڪري جن کي سندس روح ڪنھن ادبي ڪارنامي مان
حاصل ڪيو ھجي.
5)
چارلس سونبرن:
سڀ کان مشڪل ۽ وڏو ڪم جو نقاد ڪري سگھي ٿو، سو ھي
آھي تھ ڪنھن تصنيف جي ادبي خوبين کي سڃاڻي ۽ ان
کان پوءِ ھي معلوم ڪري تھ اھي مصنف جي ڪاريگريءَ
کان ڪيئن ۽ ڇو خوبيون ٿي پيون؟
6)
مئٿيو آرنلڊ:
پنھنجي معلومات جي ذريعي، سھڻا ۽ صحيح خيال پيدا
ڪرڻ تنقيد آھي.
7)
سر والٽر رئلي:
مري ويل مصنفن ۽ انھن جي ادبي ڪارنامن کي جيئرو
ڪرڻ تنقيد آھي. ڇا فٽز جيرئلڊ جي ترجمي ”رباعيات“،
”عمر خيام“ جي ڪارنامي کي باسونبرن جي تنقيد نئين
سر ان ۾ جان نھ وڌي ھئي؟
8)
سينٽ ٻيو:
فرانس جو مشھور نقاد وضاحت ڪري ٿو تھ: ”پڙھڻ،
سمجھڻ، محبت ڪرڻ ۽ ٻين کي بھ ان تي مجبور ڪرڻ کي
تنقيد چئجي ٿو.“
ادبيات جي تاريخ ۾ ھي مثال بھ موجود آھن: ”جان
ڪيٽس“ جنھن جو موت محض ظالم نقادن جي سخت تنقيد
ڪري ٿيو ۽ انھيءَ تنقيد جي سختيءَ کان ملڪ
الشعراءُ ”لارڊ تينيسن“ اٽڪل ڏھھ سال شعر وشاعريءَ
کان پري رھيو ۽ ”ھيوم“ جي تنقيدي تصنيفن
”ايمئنيوئل ڪانٽ“ کي غلط ھلڻ کان بچائي ورتو يا
”بينٿم“ جي ذھنيت تي ڪائنات سان ھمدردي ڪرڻ جا نقش
قائم ڪيا.
تنقيد جي معنيٰ جي انھن اھميتن تي نظر رکندي
”رسڪن“ حڪم لڳايو ھو تھ ”سچي ۽ معتبر تنقيد ڪنھن
نوجوان کان ناممڪن آھي.“ حقيقت ۾ نوجوان دماغ ڪنھن
ادبي ڪارنامي جي باريڪين ۽ اونھائين کي پھچي ڪين
سگھندو آھي. ھڪڙي وڏي انشا پرداز جو ھي ڪمال آھي
تھ ھو پنھنجي تصنيف کي ڪثير التعداد ۽ وڏي شان
وارين شين ۽ خيالن جو جلوه گاھ بنائي. جڏھن تنقيد
جي اھا معنيٰ آھي، تڏھن انھن حقيقتن جي اصليتن کان
واقف ٿي وڃن تھ پوءِ ھڪ نوجوان ان ۾ ڪيئن ڪامياب
ٿي سگھي ٿو؟ تنھن ڪري سماعي ۽ عيني (يعني ٻڌڻ ۽
ڏسڻ) معلومات جي بنسبت ذاتي تجربي سان سخت ضرورت
ٿئي ٿي. جيڪڏھن ڪوبھ نوجوان تنقيدي ڪتابن جو
مطالعو ڪري پاڻ کي ھڪ قابل نقاد ثابت ڪرڻ گھرندو
تھ ناممڪن آھي. اھو خيال بلڪل غلط آھي تھ ادبي
تنقيد کي بھ اھڙي طرح سکڻ گھرجي، جھڙي طرح گرامر
سکيو وڃي ٿو. يعني اسمن، صفتن ۽ فعلن جي تعلقات،
تناسب ۽ تسلسل وغيرھ کي ذھن ۾ ورھايو وڃي ٿو.
ادبي تنقيد تي جيترا مضمون لکيا وڃن ٿا، انھن مان
گھڻا انھيءَ غلط ڪاري جي نذر ٿي وڃن ٿا. انھن ۾
ادبي تنقيد جي فقط ھڪڙي ئي پھلو يعني علم بيان سان
بحث ڪيو وڃي ٿو، پر اھا وڏي غلط فھمي آھي. ڇاڪاڻ
تھ علم بيان جو فن تنقيد سان ڪو واسطو نھ آھي. علم
بيان لٽريچر جي ٻاھرين شڪلين لاءِ اسمن ۽ مصطلحات
جو ذريعو گڏ ڪري ڏئي ٿو، پر تنقيد چئجي ٿو ذھن ۽
روحاني آزادانھ رد عمل کي جو ڪنھن جي ڏسڻ مان پيدا
ٿئي ٿو. بيان درمياني قاعدن جو بکيڙو آھي پر تنقيد
آخري راءِ ٿئي ٿي.
علم بيان پنھنجي ساٿي فن عروض وانگر ادب جي ظاھري
شڪلين جو تجزيو ۽ نالن رکڻ جو ڪم ڪري ٿو، پر تنقيد
اوھان جي پنھنجي ذاتي ۽ شخصي راءِ آھي، جا ڪنھن
نظم يا نثر کان متاثر ٿيڻ کان پوءِ آزاديءَ سان
ڏيو ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ھر ھڪ ادبي فيصلي جي
وقت، انھن ٻنھيءَ ۾ چولي دامن جو تعلق ٿئي ٿو ۽ ھڪ
نقاد جي لاءِ ھن ڳالھھ جي بھ سخت ضرورت ٿئي ٿي تھ
ھو علمي اصطلاحن، روز مره جي محاورن، ادبي شاخن جي
قسمن، نظم ۽ نٿر نويسي جي طريقن ۽ فن عروض ۽ فصاحت
۽ بلاغت جي قاعدن ۽ اصولن جي وڏي معلومات حاصل
ڪري، پر اھڙي معلومات تي فخر ڪرڻ ۽ ائين سمجھڻ تھ
تنقيد لکڻ لاءِ اھو ئي ڪافي آھي، سخت غلطي آھي.
تنقيد بابت ھڪ غلط فھمي ھيءَ بھ آھي تھ اھا اھڙي
وقت جي پيداوار ٿئي ٿي، جنھن ۾ تخليقي تصنيفن جو
پيش ٿيڻ بند ٿي وڃي ٿو. يا ائين چئجي تھ ذھني
ڪارنامن ۾ تنقيد جو درجو تخليقي پيداوار جي ڀيٽ ۾
بلڪل معمولي آھي. ”مئڪالي“ جو چوڻ آھي تھ: ”ھڪ
نفيس تخليقي زمانو، ھڪ نفيس تنقيدي عرصو ھرگز ٿي
نٿو سگھي.“ ترقي ڪندڙ ذھنيات جي نفسي ڪيفيتن جو
لحاظ ڪرڻ سان ۽ نھ تاريخ ادبيات جي روايتن کان ئي
ھن ڳالھھ جو پتو پوي ٿو تھ ھڪڙي ئي دماغي فضا ۽
ادبياتي ماحول ۾ تخليقي ۽ تنقيدي ٻنھي قوتن جو
ترقي ڪرڻ ممڪن آھي. تنقيد نگارن ۽ تخليقي انشا
پردازن ۾ ھميشھ تعلق رھيو آھي ۽ بعض نقاد تھ پاڻ
بھ گھڻو وڏا شاعر ۽ انشا پرداز ٿي گذريا آھن.
ڇا ”پرڪليس“ يا ”فارقليس“ ۽ ”آگسٽس“ جي زماني نقاد
۽ اديب ٻنھي کي گڏوگڏ پيدا نھ ڪيو ھو؟ ڇا
”ايليزبيٿ“ ۽ ”لوئي“ سورھين جي حڪومتن ۾ تخليقي ۽
تنقيدي ٻنھي قسمن جون تصنيفون پيش نھ ٿينديون
رھيون؟ .اسڪاٽ“ (١٧٧١-١٨٢٢ع) ۽ ”بائرن“
(١٧٨٨-١٨٢٤ع)، ”ابو الفضل صھبائي، ۽ ”شلر“
(١٧٥٩-١٨٣٢ع) ۽ ”گوئيٽي“ (١٧٤٩-١٥٣٢)، ”حالي“ ۽
”شبلي“ اعليٰ شاعر ۽ انشا پرداز ھجڻ کان سواءِ
نقادانھ حيثيت بھ نھ رکندا ھئا؟ ”افلاطون“،
”فرانسس“، ”بيڪن“، ”شيڪسپيئر“، ”ڊانٽي“، ”ورڊ
سورٿ“ ۽ ”ڪالرج“ تخليقي قوتن سان گڏ تنقيدي مھارت
نھ رکندا ھئا ڇا؟ ھڪ زبردست نقاد شاعر بھ ٿي سگھي
ٿو ۽ ھڪ تمام وڏو انشا پرداز ۽ تنقيد نگاريءَ ۾ بھ
ماھر ٿي سگھي ٿو. تنقيدي ڪارنامو پاڻ تخليقي
پيداوار ٿي سگھي ٿو ۽ ممڪن آھي تھ جنھن ڪارنامي تي
تنقيد ڪئي ويئي ھجي، تنھن کان بھ وڌيڪ اھميت حاصل
ڪري وٺي.
”پوس نٽ“ جو تھ خيال آھي تھ اھم ۽ خاص پھلوئن جو
لحاظ رکندي تنقيد ادبي پيداوار کان وڌيڪ شان واري
ٿئي ٿي. انساني خالقيت جون جھلڪيون فنڪار جي
ڪارنامي کان ظاھر نٿيون ٿين، بلڪھ نقاد جي پيداوار
۾ انشا پرداز تخيل جي محدود چار ديواريءَ ۾ محصور
رھي ۽ چالو لفظن ۽ خيالن، پاڻ زمان ۽ مڪان جي
مخصوص حالتن ۾ مقيد رھي، غير ارادي طرح وڃي ٿو ڪم
ڪندو، جيتوڻيڪ حياتي محدود ۽ محصور گذاري ٿو پر ھي
سمجھي ٿو تھ ھو غير محدود ۽ وسيع آھي. جيڪڏھن ھو
پنھنجي ۾ھدود نظريھ کان واقف ٿي وڃي ۽ سائنس جو
ھلاڪ ڪندر ميوو کائي وٺي، مطلب تھ ھن جون اکيون
جيڪڏھن پٽجي پون تھ کيس خبر پئجي وڃي تھ جيڪي ڪي
ڪيو اٿس، سو ڪيترو نھ معمولي، وقتي دلچسپي رکندڙ ۽
جلدي ھليو ويندڙ آھي؟ ان کان سواءِ ھي محسوس ڪندي
تھ ھن ڪھڙي طرح پنھنجي پيدا ڪندڙ طاقت کي وڃايو
آھي جنھن ڪري آئنده انشا پردازي کي ئي ڇڏي ڏيئي،
ان جي برخلاف نقاد مختلف مثالن ۽ نمونن ۾ مشابھت ۽
ڀيٽ ڪندي ٻولي ۽ خيال تي نھايت آزادانھ ۽ تحقيقي
بحث ڪري ٿو. ھو ظاھري حجابن کي چيريندو روشنيءَ جي
انھن جلون کي بھ ڏسي وٺي ٿو، جن کي رڳو خيال ۾ آڻڻ
بھ اديب جي لاءِ ڏکيو آھي.
تنقيد جا قسم:
جھڙي طرح تنقيد جي ڪا خاص تعريف ڪرڻ مشڪل آھي،
تھڙي طرھ ھن جي قسمن کي مقرر ڪرڻ بھ سولو ڪم نھ
آھي. عام طرح تنقيد جا ٻھ طريقا اختيار ڪيا وڃن
ٿا. پھرين طريقي ۾ ڪنھن ادبي ڪتاب جي سچي پچي عظمت
تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، تاڪھ پڇاڙيءَ ۾ ان
بابت ڪو حڪم پڌرو ڪيو وڃي. مشھور پيشھ ور نقاد
”جيفري“ انھيءَ قسم جي تنقيد ڪندو ھو. جيئن تھ
”ورد سورٿ“ بابت لکڻ وقت ھڪڙي ھنڌ لڳائي ٿو تھ
”ائين ھرگز ٿي نٿو سگھي.“
تنقيد جو ٻيو قسم اھو آھي، جنھن ۾ ادبي تصنيفن تي
گھري نظر نٿي وجھجي، بلڪھ فقط متفرق واقعن کي
ترتيب ڏيئي گڏ ڪيو وڃي ٿو ۽ انھن تي ڪوبھ قطعي
فيصلو نھ ڏنو وڃي ٿو. انھيءَ طرز تنقيد جا مشھور
علمبردار ”مولٽن ھاويلس“ ۽ ”سينٽسبري“ آھن، جي
ڪنھن ادبي ڪارنامي تي ھڪ سرسري نگاھ وجھڻ کان پوءِ
ان جي ماحول، ظاھري حالتن، پڻ ادب جي انھيءَ صنف
کي جنھن ۾ اھو ڪارنامو ٿئي ٿو، تنھن جي صرف ديافت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا.
تنقيد جا ٻيا ٻھ قسم بھ ڪيا وڃن ٿا. ھڪ داخلي
(جنھن جا مثال پيش ڪرڻ جي لاءِ ”ھينري جيس“ جون
تصنيفون گھڻو وڌيڪ موزون آھن) ۽ ٻيو خارجي (جنھن
تي ”ايميل ھي نڪوين“ عمل پيرا ھو) ان کان سواءِ
ادبي تنقيد جدا جدا ملڪن جي ماحول ۽ اعتقادن جي
لحاظ کان ايتري قدر مختلف آھي جو ان کي انگريزي،
امريڪي، فرانسيسي، الماني يا روسي قسم جي تنقيد
جدا جدا سڏجڻ بيجا نھ ٿيندو.
تنقيد يا انتقاد جي حقيقت واضح ٿيڻ کان پوءِ، علم
ادب بابت معلومات حاصل ڪرڻ ضروري آھي، جن کان
سواءِ تنقيد جو مفھوم دماغ ۾ نھ ويھي سگھندو. اھو
اسان جدا باب ۾ مٿي اڳي ئي ڏيئي آيا آھيون.
تنقيد جو مقصد:
تنقيد جو بھترين مقصد ھي آھي تھ نقاد بحث ھيٺ آيل
ادبي ڪارنامي جي صداقت جي تحقيق ڪري ۽ جيڪي
حقيقتون ۽ معلومات، اھو ادبي ڪارنامو اسان جي
اڳيان آڻي، تن جو عام انساني حالتن سان مقابلو ڪري
ڏسي تھ حياتيءَ جي فلسفھ سان ان جو ڪھڙو لاڳاپو
آھي ۽ ھي بھ معلوم ڪري تھ تنقيد ھيٺ آيل ادبي
ڪارنامو ادب جي معيار تي پورو بيھي ٿو يا نھ؟ گويا
ان ۾ اھي سڀئي خصوصيتون موجود آھن، جيڪي ھڪ ادبي
ڪارنامي ۾ ھئڻ گھرجن.
ھر ڪنھن انسان ۾ تنقيد جو مادو قدرتي طرح رکيل
آھي، تنھن ڪري ھرڪو ماڻھو ھر ھڪ شيءِ بابت پنھنجي
ڪا نھ ڪا راءِ رکي ٿو. پر ياد رکڻ گھرجي تھ ادبي
تنقيد رڳو راءِ ظاھر ڪرڻ کان گھڻو مٿي آھي، جنھن
جي لاءِ علم ۽ نظر جي وسعت، حقيقت شناسي ۽ صحيح
مذاق ھجڻ جي ضرورت آھي. ان سان گڏ بيان جي سھڻائي
بھ لازم آھي جو پنھنجي راءِ کي نھايت وزنائتي ۽
مناسب لفظن ۾ ظاھر ڪري سگھجي. انھيءَ اصول موجب ھڪ
اڻ ڄاڻ جي تنقيد ۾ جيڪو فرق ٿي سگھي ٿو، تنھن تي
بحث ڪرڻ اجايو ٿيندو. انھيءَ سبب جي ڪري جدا جدا
علميتن ۽ مزاجن جي انشا پردازن ۽ اديبن جدا جدا
مقصد ڏيکاريا آھن، جن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ مختلف ضدن
کي گڏ ڪرڻ جي برابر ٿيندو. البتھ اھي اصول ۽ قاعدا
جن تي سڀني جو اتفاق ھوندو، سي ضرور مفيد ٿي سگھن
ٿا.
1)
انشا پردازن ۽ نقادن جو متفقھ فيصلو آھي تھ ادب
مان مادي فائدي جي اميد رکڻ، ان جي روحاني ۽
جمالياتي خصوصيت کي خاڪ ۾ ملائي ٿو ڇڏي. ادب جو
حقيقت مطلب ھي آھي تھ ان مان روح کي خوشي حاصل
ٿئي. جڏھن ڪوبھ ادبي ڪارنامو نظر ھيٺ اچي، تڏھن
انسان مادي دنيا جي فڪرن ۽ حياتيءَ جي ڇڪتاڻ وارن
بکيڙڻ کي وساري ڇڏي. ادبي تنقيد جو مقصد بھ ساڳيو
آھي. ڪوبھ نقاد جڏھن ڪنھن ادبي ڪارنامي تي تنقيد
ڪرڻ ويھي، تڏھن ھن جو لاڳاپو ماديات جي دنيا کان
ٽٽي پوي ۽ محسوسات جي عالم ۾ ھڪ آزاد ۽ خوشنوا
پکيءَ وانگيان اڏامندو رھي. ظاھر آھي تھ اھڙي قسم
جي پرواز ۾ جيڪا خوشي حاصل ٿيندي، تنھن کي نقاد جي
دل ئي محسوس ڪري سگھي ٿي، ھر ڪنھن کي ان جو لطف
حاصل ٿي نٿو سگھي.
2)
جنھن حالت ۾ تنقيد پنھنجي ذات سان ادب آھي، تنھن
ڪري ان جا مقصد بھ اھي ئي ٿي سگھن ٿا، جيڪي ڪيفيتن
جو پيدا ٿيڻ، مصنف جي خيالن جي وھڪري ۾ وھي وڃڻ
وغيره وغيره. پر تنقيد جو فن ادب جي تخليق کان
ڏکيو فن آھي. ھرڪو پڙھيل ماڻھو اديب ٿي سگھي ٿو،
پر نقاد ٿي نٿو سگھي. جيئن ھيءَ چوڻي مشھور آھي تھ
شعر چوڻ آسان آھي پر ان کي سمجھڻ مشڪل. ھي تنقيد
ڏي اشارو آھي.
3)
تنقيد جو زبردست ڪم ھي آھي تھ ادبيات جي عظمت جي
صحيح اندازي لڳائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٿي. ادبيات
جي تاريخ جو مطالع شاھد آھي تھ جيڪڏھن تنقيد نھ
ڪئي وڃي ھا تھ گھڻا ادبي جواھر گم ٿي وڃن ھا. اھا
تنقيد ئي آھي جا تصنيفن کي ماڻھن ۾ مانوس ڪرائي ٿي
۽ انھن جو چڱو يا بڇڙو اثر پيدا ڪري ٿي. ڪن قيمتي
تصنيفن جي اھڙن حصن کي، جيڪي سمجھھ ۾ نٿا اچي
سگھن، تن کي تنقيد لکندڙ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو، جنھن جي ڪري ادب ۾ وڏو اضافو ٿيو پوي.
ڪنھن ڪتاب جي اونھائين ۽ گھرائين تائين پھچي وڃڻ ۽
ان جي حقيقي خوبصورتين ۽ جوھرن کي روشنيءَ ۾ آڻڻ ۽
ھن ڳالھھ جو اندازو لڳائڻ تھ ان ۾ ڪھڙا عنصر وقتي
۽ ڪھڙا دائمي آھن؟ پڻ انھن جي مطلبن ۽ معنائن جا
ڀاڱا ڪري، انھن جي تشريح ڪرڻ وڏو ڪم نھ آھي ڇا؟
تصنيفن کي لطيف فنن جي ڪسوڙي تي پرکڻ ۽ ھي ڏسڻ تھ
اخلاقيات جي علمبرداريءَ ۾ مصنف ڪيتري ڪاميابي
حاصل ڪئي آھي؟ اھو تنقيد جو بھتر کان بھتر مقصد
آھي؟
ڪنھن مصنف جي ڪارنامي ۾ جيڪا مخفي شيءِ ٿيندي آھي،
تنھن کي تنقيد پڌرو ڪري ٿي ۽ ان مان اھڙيون
ڳالھيون چونڊيو ڪڍي ٿي، جن جو لکڻ وقت مصنف کي بھ
خيال ڪونھ ٿيو ھوندو.
سنڌ ۾ شاھ ڀٽائي رحھ ھڪ اھڙي شخصيت آھي، جنھن جي
رسالي تي ھڪ زبردست عالمن جي چونڊيل جماعت ويھاري،
جيڪا ڏاڍي تفحص، تلاش ۽ باھمي تبادلھ خيالات کان
پوءِ مڪمل ۽ مفصل شرح لکي، تنقيد تيار ڪري دنيا کي
ڏيکاري تھ شاھ موصوف جو ڪلام ڪھڙو حقيقي رتبو رکي
ٿو؟ اسين دعويٰ سان چئون ٿا تھ ھي ڪم ھڪڙي دماغ
کان ھرگز نھ پڄي سگھندو، ڇاڪاڻ تھ ھتي ”آنچھ خوبان
ھمھ دارند تو تنھا داري“ وارو معاملو آھي.
اڪيلو دماغ اوترو ڪري سگھندو، جيترو ڊاڪٽر
گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو آھي. ماڻھن جي
تجربي ۾ ھوندو تھ مرزا غالب جي ڪلام تي تنقيد
نگارن جي قلم مان اھڙا اھڙا نڪتا ۽ جملا ٽمي پيا
آھن، جن کي اڄ جيڪڏھن مرزا غالب جيئرو ٿي ڏسي ھا
تھ الائي پاڻ کي ڇا سمجھي ھا!
جتي ھن ڳالھھ جي ضرورت ٿئي ٿي تھ ھر ڪنھن جملي جو
مطلب مقرر ڪري، پوري مضمون جو ڪمال ظاھر ڪجي. اتي
تنقيد لکندڙ ھڪڙي ھڪڙي لفظ تي غور ڪري ٿو ۽ ان جي
وچ واري لاڳاپن کي مضبوط ڪري ھڪ ھڪ جملي کي مڪمل
صورت ۾ پيش ڪري ٿو. نھ رڳو ھر ڪنھن جملي کي، بلڪھ
سڀني جملن ۾ درمياني لاڳاپا قائم ڪري، ھڪ ڪامل
مضمون بنائي ٿو. اھڙي طرح جڏھن ڪنھن ھڪڙي مضمون
مان ھن لي گھڻا مطلب نڪرندا نظر اچن ٿا، تڏھن ھو
ھر ھڪ جملي کي جدا جدا ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ ھر
ڪنھن لفظ جي تشريح ڪري، ان جي سڀني نڪتن تي حاوي
ٿي وڃي ٿو. پوءِ خوبين کي پڌرو ڪرڻ ۽ غلط فھمين کي
دور ڪرڻ ۽ ھر ڪنھن ڳالھھ جي تشريح ۽ اپٽار کان
پوءِ تنقيد ۾ ظاھر ڪري ٿو تھ ڪنھب ڪتاب جو اصلي
جوھر ڪھڙو آھي ۽ فن جي حيثيت جي ڪري ان ۾ ڪھڙيون
خوبيون ڏٺيون وڃن ٿيون؟
4)
تنقيد اسان کي سيکاري ٿي تھ ادبيات ۾ ڪھڙي شيءِ
سٺي آھي ۽ ڪھڙي شيءِ بڇڙي؟ اھڙي طرح اسان جو گھڻو
سارو وقت بچيو پوي ۽ دماغي محنت بھ ڪرڻي ڪانھ ٿي
پوي. نھ تھ ڪنھن مصنف جي لاءِ راءِ قائم ڪرڻ جي
لاءِ ھن جي تصنيفن کي پڙھڻو پوي ٿو، پر اسان جي
حياتي بلڪل ٿوري آھي ۽ اسان جي فرصتن جو وقت نھايت
محدود ۽ اسان جي شخصيت جي ضروري دلچسپين جون مخصوص
ڪيفيتون اڪثر مقرر ٿين ٿيون. اھڙين حالتن ۾ دنيا
جي وڏن کان وڏن ادبيات جي بي انتھا خزانن مان اسين
جيڪي ڪي اخذ ڪري سگھون ٿا، سو يقينا بلڪل ٿوري ۾
ٿورو ھوندو.
جن انشا پردازن کان اسين واقف آھيون يا جن جي
مطالعھ ۾ اسان کي دلچسپي ھوندي آھي، تن جي ڪردار،
تصنيفن، ماحول ۽ اثرات وغيره بابت معلومات حاصل
ڪرن جي اسان کي فطري خواھش پيدا نٿي ٿئي؟ ڇا اسان
پنھنجي پسنديده مصنف بابت ذاتي معلومات ۾ اضافي
ڪرڻ جا خواھشمند نٿا رھون؟ ڇا ٻين جي راين کان
انھن جي خاص خاص خصوصيتن کان آگاھي ٿي نٿي سگھي؟
ان ۾ ڪنھن کي شڪ ٿي سگھي ٿو؟ اسان کي مجبور ٿي
انھن خدمتن کان مستفيض ٿيڻو پوي ٿو، جيڪي تنقيد
نگار جي سخت عرق ريزيءَ جو نتيجو ٿين ٿيون.
مغربي ادب جو جن مطالعو ڪيو ھوندو، تن کي خبر
ھوندي تھ ارڙھين صدي جي انشا پردازن ۾ ”والٽير“ جو
سڀ کان وڌيڪ بلند پايو ھو. ھر ھڪ سنڌي ڄاڻي ٿو تھ
سنڌي نثر نويسي جي اخباري ٻوليءَ ۾ انقلاب پيدا
ڪندڙ ”شمس الدين بلبل“ مرحوم ھو. انھن اديبن جا
تعجب خيز ڪارناما اسان کي مجبور ڪن ٿا تھ انھن جي
متعلقات کان واقف ٿيون، انھن جون شخصيتون ۽
تصنيفون ھن ڳالھھ جي تقاضا ڪن ٿيون تھ ڪن جوابن جا
سوال حاصل ڪريون. مثلا انھن جا حقيقي مقصد ڪھڙا
ھئا ۽ انھن ان ۾ ڪيتري ڪاميابي حاصل ڪئي؟ انھن جو
مطمع نظر ھميشھ ڪھڙيون شيون ھيون ۽ ان لاءِ انھن
ڪھڙا ذريعا اختيار ڪيا؟ انھن جو حقيقي رتبو ڇا ھو
۽ انھن جي ڪارنامن کي ڪيتري اھميت ڏيئي سگھجي ٿي؟
انھن جي تصنيفن جو ڪيترو ڀاڱو دائمي شھرت رکي ٿو؟
انھن سڀني سوالن جا جواب ”والٽير“ يا ”بلبل“ مرحوم
جي ڪارنامن جي عميق مطالعھ کان پوءِ بھ خاطر خواه
نٿا ڏيئي سگھون، جيستائين ڪھ انھن جي ماحول ۽ بلند
مرتبن کان بھ ڪافي واقف نھ ٿي وڃون ۽ ھڪ ڪاسگار
نقاد (يعني ھڪ اھڙو نقاد جيڪو پاڻ کي ”والٽير“ ۽
”بلبل“ جي متعلقات ۾ محو ڪري ڇڏي) انھن سڀني مرحلن
کي سھڻي نموني سان طئي ڪرڻ کان پوءِ ھڪ قطعي راءِ
قائم ڪري ٿو.
تنقيد جو ھڪ اعليٰ مقصد ھي بھ آھي تھ عوام کي مصنف
جي طرف متوجھ ڪري. ڪيترا ڀيرا ائين بھ ٿئي ٿو تھ
زماني جي ناقدر داني يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري چڱن
چڱن اديبن کي بھ عوام سان روشناس ٿيڻ جو موقعو نٿو
ملي ۽ اھڙي طرح اڪثر انھن جا جوھر ظاھر نٿا ٿين.
يورپ ۾ ”فٽز جيرئلڊ“ جڏھن عمر خيام جي رباعين جو
ترجمو پيش ڪيو تھ ان جو ڪو قدر نھ ڪيو ويو. نيٺ
حالت اتي وڃي پھتي جو ھن ڪتاب جي معدوم ٿي وڃڻ جو
انديشو ھو. پر جڏھن سونيرن جي ان تي نظر پيئي تھ
ھن ان تي ھڪ بھترين تنقيد لکي تھ اھو ساڳيو ڪتاب
جنھن کي ڪنھن کڻي بھ ڪونھ ٿي ڏٺو، سو ھٿون ھٿ
خريدجڻ ۾ آيو.
سنڌي زبان جا بھ ڪيترا انشا پرداز ۽ شاعر اھڙا
آھن، جن کي نئين سر جيئري ڪرڻ جي ضرورت آھي. دنيا
جي ھر ڪنھن زبان جي ادبيات ۾ گھڻا اھڙا مصنف بھ
ملن ٿا، جن جي تصنيفن کي معمولي ۽ گھٽ درجي جو
سمجھي ردي جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪيو ويو آھي. پر ”مٿئيو
آرنولڊ“ جي خيال ۾ اھو وڏو ظلم آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن
غير مشھور مصنفن ۾ بھ ھڪ قسم جو جوھر ضرور ھوندو،
جن مان صداقتن ۽ خوبين جي عظمتن جو اندازو لڳائي
سگھجي ٿو، نھ تھ اھي ھرگز تصنيف ۽ تاليف ڏي مائل
ڪونھ ٿين ھا. انھيءَ تنقيد جو ھڪ ھي بھ مقصد آھي
تھ ماڻھن کي ڪڏھن ڪڏھن اھڙن مصنفن ڏي ڌيان ڏياري ۽
انھن مان اھا شيريني حاصل ڪري جا بعض مشھور ۽
مستند انشا پردازن جي ڪلام مان بھ نٿي ملي سگھي.
مطلب تھ دنيا کي لطف پرائڻ جو موقعو ملي.
5)
مصنف کي بھ سيکاري ٿي تھ کيس پبلڪ جي اڳيان ڪھڙي
حيثيت سان اچڻ گھرجي؟ ڪي بزرگ نام ونمود جي خواھش
سان يا ڪنھن ٻئي غرض سان ھن ڳالھھ جي ڪوشش ڪندا
آھن تھ مصنفن، مؤلفن جي سلسلي ۾ داخل ٿي علمي ۽
ادبي شھريت حاصل ڪن. تنقيد ھڪ طرف تھ اھڙن ماڻھن
کي ناجائز فائدي پرائڻ کان روڪي ٿي تھ ٻئي طرف
اھڙين شخصيتن کي، جن ۾ قدرت تصنيف ۽ تاليف جو
قيمتي جوھر امانت رکيو آھي، اڀاري ٿي تھ ھو پنھنجي
قدرتي جوھر کان ڪم وٺي علمي دنيا کي فائدي پھچائڻ
جي حتي الامڪان ڪوشش ڪن. ھن کان سواءِ ڪي مصنف
اھڙا بھ آھن، جيڪي ڪنھن نھ ڪنھن سبب جي ڪري غلط
واٽ تي پئجي ٿا وڃن، جنھن جي ڪري عوام تي بھ خراب
اثر پوڻ جو انديشو ٿئي ٿو. اھڙي موقعي تي تنقيد جو
ھي ڪم آھي تھ اھا خضرراءِ بنجي مصنف جي رھبري ڪري.
6)
تنقيد جو سڀ کان وڏو ڪم ھي آھي تھ اھا ادبي مذاق
جي ٺاھڻ ۽ سڌارڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏھن موقعي موقعي
تي نقدا پيدا نھ ٿين تھ گھڻو ممڪن آھي تھ ادبي
مذاق بگڙجي پوي. ڪي نااھل مصنف قومي بدمذاقي يا
ڪنھن ٻئي سبب کان غير معمولي عزت حاصل ڪري ٿا وٺن.
ھي قاعدو آھي تھ جھڙي طرح قوم جو اثر ان جي ادبيات
تي پوي ٿو، تھڙي طرح ادبيات جو اثر بھ قوم تي پوي
ٿو. انھيءَ لاءِ جو قوم جا فرد نادانستھ طور تي
پنھنجن مصنفن جي لفطن ۽ خيالن تي ھلڻ لڳندا، جنھن
جو نتيجو ھي ٿيندو آھي تھ ٿوري عرصي ۾ ئي سڄي قوم
جو مذاق ڦٽي پوندو آھي. اھڙي موقعي تي تنقيد نگار
جي سخت ضرورت ٿيندي آھي، جو پنھنجي عيسيٰ نفسي سان
قوم جي مئل مذاق کي جيئرو ڪندو آھي ۽ پنھنجي مسلسل
صدائي احتجاج جي ذريعي اعليٰ جذبن کي جي بدمذاق ۽
نامعتبر مصنفن جي بيھوش ڪندڙ لورين جي ڪري خواب ۾
ستل رھجي ويا ھئا، تن کي سجاڳ ڪري ٿو.
7)
تنقيد ادب کي تعصب ۽ خود غرضي جي ڀيٽا ٿيڻ کان
بچائي ٿي. بعض ڪي بدنام ڪندڙ نيڪ نام اھڙا انشا
پرداز بھ ٿين ٿا، جيڪي پنھنجن غرضن ۽ مقصدن يا غلط
واٽ ھلڻ جي سبب غلط اعتقادن ۽ باطل خيالن جي
اڳواڻي اھڙي ڪمال سان ڪندا آھن جو اھي سڀئي خوبيون
معلوم ٿينديون آھن. ھو ادب کي ادب جي حيثيت تائين
محدود نٿا رکن، بلڪھ پيسي ڪمائڻ جو وسيلو ٿا
ٺھرائين يا جيڪڏھن انشا پرداز سان ذاتي دشمني ۽
وير ھجي تھ ان جو اظھار ان ريت ڪيو وڃي ٿو جو ھن
جي ادبي ڪارنامي جو ادبي جواب ڏيڻ جي بدران ھن جي
نلائي لاءِ قلم کڻندا آھن ۽ ھيئن مشھور ڪندا آھن
تھ ادب جو جواب ادبي رستي ڏيون ٿا. انھن ذاتي
جھڳڙن جي ڪري قوم جو ادب ناپاڪ ٿي وڃي ٿو. اھڙين
بي قاعدگين کي روڪڻ جو تنقيد نگاريءَ جو ھڪ اعليٰ
مقصد آھي.
8)
تنقيد جو ھڪ مقصد ھي بھ آھي تھ عوام يا مصنف جي
ڪمزورين يا ٻنھي جي پاڻ ۾ اڻ بڻتن کي دور ڪري يا
جن ماڻھن وٽ نئين نئين ادبي پيداوار جي تفصيلي
مطالعي لاءِ وقت نٿو بچي، تن کي وقت بوقت ڪارنامن
جي حقيقتن کان واقف ڪندي رھي.
تنقيد لکندڙن جا فرض
تنقيد جي مقصدن جي اظھار سان گڏ ئي تنقيد نگار جي
فرضن جو مسئلو بھ حل ٿي وڃي ٿو. پر ھن ڳالھھ بابت
ڪي معلومات حاصل ڪرڻ ضروري آھي تھ ڪو نقاد صحيح
بنجڻ يا سڏائڻ جو مستحق ڪڏھن ٿي سگھي ٿو؟ مصنفن يا
ادبي ڪارنامن تي ھو جيڪا راءِ قائم ڪندو، اسين ھن
کي انھيءَ وقت مڃڻ جي لاءِ تيار ٿي سگھنداسين،
جڏھن تھ اسان کي ھن ڳالھھ جو يقين ٿي وڃي تھ ھو
جيڪي ڪي چئي رھيو آھي، سو صحيح آھي؟ پڻ ھي بھ تھ
بحث ھيٺ موضوع تي ھن جا بيان ڪيسين تائين حق بجانب
آھن؟
ھتي ھڪڙي ڳالھھ ڌيان ۾ رھي تھ نقاد جي فرضن کي
حسابن جي علم جي صورت ۾ ماپي توري مقرر ڪرڻ ناممڪن
آھي. ان کي حق بجانب يا مستند قرار ڏيڻ جا معيار
ڪثرت سان پيش ڪري سگھجن ٿا. انھن سڀني تي بحث ڪرڻ
جي ضرورت نھ آھي، پر اسين ڪن مغربي نقادن جي قيمتي
راين مان فائدي پرائڻ جي نيت سان جدا ڪري پيش
ڪريون ٿا.
1)
جيئن ھڪ ڪامياب طبيب جي ڪاميابي جو دارومدار ان جي
ذھانت، دانائي ۽ فني قابليت تي آھي، تھڙي طرح نقاد
جي ڪاميابي بھ ان جي جدا جدا تنقيدي قابليت تي
منحصر آھي.
”سينٽ بيو“ جو چوڻ آھي تھ: ”تنقيد کي ھميشھ ھڪ فن
بنجي رھڻ گھرجي، جھڙي طرح طبابت جي فن ۾ ڪاميابي
حاصل ڪرڻ جي لاءِ خدا جي ڏنل قابليت ۽ قوت جي
ضرورت ٿئي ٿي، تنقيد نگار بھ ھن جو محتاج آھي.“
2)
نقاد جو پھريون فرض آھي تھ ھو ادب جي عظمت جي ڳولا
ڪري، ان جي لڪل جوھرن کي چمڪائي ۽ ان جي خاص نقطھ
نظر سان سندن خيالن جي ترجماني ڪري.
”والٽر پيئٽر“ چوي ٿو تھ: ”تنقيد نگار جا ٽي فرض
آھن: (الف) شاعر يا نقاش کي عظمت کي معلوم ڪرڻ (ب)
ھن کي اونداھي مان روشنيءَ ۾ آڻڻ (ج) ھن جي
ترجماني ڪرڻ.
3)
نقاد کي گھرجي تھ ھو ھڪ ڪامياب تقرير ڪندڙ وانگر
عوام سان مخاطب ٿئي ۽ اديب سان مخاطب نھ ٿئي، جنھن
جي ڪري ذاتيات جي بحث پيدا ٿيڻ جو انديشو بلڪل نھ
ٿيندو.
”آسڪر وائلڊ“ لکي ٿو تھ: ”صحيح نقاد ڪڏھن صناع يا
اديب سان مخاطب نٿو ٿئي، بلڪھ ھن کي عوام سان ڪم
آھي نھ مصنف سان.“
4)
نقاد ٿيڻ لاءِ وسيع مطالعھ، صاحب الراءِ، صحيح
ادبي مذاق، منطقي مزاج ۽ دقيقھ رس طبيعت جي ضرورت
آھي.
”جارج“ سينٽسبيري“ رقم طراز آھي تھ مختلف موضوعن
جي ڪتابن جو وسيع ۽ ڪثير مطالعو، ادب جو حقيقي
شوق، راءِ جي درستي، مذاق جي بلندي، نظر جي وسعت ۽
ترتيب ۽ تنظيم جي صحيح ڪاميابي جو طريقو تنقيد
نگار بنائي ٿو.“
5)
نقاد جو ھي ڪم نھ آھي جو فقط کوٽي ۽ کري کي
جاچيندو رھي. ڪڏھن اديب کي ڪوڙو چوي ۽ ڪٿي ان جي
گوشمالي ڪري. ھن جو فرض آھي تھ ھو اديب جي ادبي
ڪارنامي جي چٽائي ڪري پاڻ بھ خوش ٿئي ۽ ٻين کي بھ
پنھنجي خوشيءَ ۾ شريڪ ڪري ۽ پڻ تنقيد ھيٺ آيل ادبي
ڪارنامي کي صفا ڪري، اسان جي دل ۽ دماغ تي پھرين
کان وڌيڪ گھرا ۽ پڌرا نقش پيدا ڪري.
6)
جيئن تھ تنقيدي اصول نقادن جي ڇانٽڻ، ڇاڻڻ ۽
تحقيقات سان تيار ٿيندا آھن، تنھن ڪري نقاد جو سڀ
کان وڏو فرض آھي تھ پوري تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ
فيصلو پڌرو ڪري. پڻ پنھنجي راءِ ظاھر ڪرڻ کان اڳ
مصنف جي قلمي ڪيفيتن ۽ خيال جي گھرائين کي چڱي طرح
جاچي، جيئن ڪنھن غلطي جو امڪان باقي نھ رھي. ان
کان سواءِ نقاد کي انھن ڳالھين جي بھ پوريءَ طرح
واقفيت ھئڻ گھرجي، جن تي مصنف پنھنجي خيالن کي
ظاھر ڪيو آھي، جيئن مصنف جي خيالن جي تشريح ۽
چٽائي ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي رھجي نھ وڃي. نقاد کي مصنف
جي ذات ۽ ان جي خيالن ۽ حالتن کان بھ پوري پوري
آگاھي ھئڻ گھرجي، جيئن ھن جي مخصوص نقطھ نظر سان
موضوع جي ھر ھڪ پھلو تي نظر وجھي سگھي.
7)
تنقيد لکندڙ تي لازم آھي تھ ھو پراڻن تنقيد نگارن
جي خيالن ۽ تحقيقات مان فائدو وٺي، جيئن نئين ۽
پراڻي زماني جي مقصدن ۽ تنقيد جي اصولن کان واقف
ٿئي. مثال مشھور آھي تھ ”ڏيئي سان ڏيئو ٻرندو
آھي.“ جيڪڏھن مختلف قسمن جا رايا سامھون ھوندا تھ
نقاد جلد آساني سان نتيجي تي پھچي ويندو.
8)
نقاد کي ادب جي ھر ھڪ شعبي مان واقف ٿيڻ گھرجي.
سخن جي سڀني قسمن جي واقفيت تنقيد نگار لاءِ وڏو
اصول آھي.
9)
تنقيدنگار کي ادب جي تاريخ مان پورو پورو واقف ھئڻ
گھرجي، جيئن ماضي جي دورن جي ادبي نشوونما ۽ عروج
۽ زوال جا اسباب نظر اڳيان ھجن.
10)
جنھن فن جي تصنيف تي تنقيد ڪئي وڃي، تنھن فن مان
پوري واقفيت ھئڻ گھرجي، جيئن ڪا اھڙي ڳالھھ قلم
مان نڪري نھ وڃي، جا بيھودي ھجي، جنھن مان تنقيد
جي وڏائي ۽ نقاد جي شخصيت کي نقصان پھچي.
11)
تنقيدي راءِ ھميشھ تعصب ۽ ريا کان پاڪ ھئڻ گھرجي.
نقاد جو فرض آھي غير جانبدار رھڻ ۽ تنقيد ڪرڻ کان
اڳ پنھنجا شخصي لاڳاپا، دوستي توڙي دشمني جا وساري
ڇڏي، جيئن تنقيد ھيٺ آيل ڪارنامي جا عيب ۽ ثواب
ٻئي سامھون رھن ۽ ڪنھن مسئلي جي تھھ تائين ڪابھ
روڪ نھ ٿئي.
12)
نقاد جو لھجو ۽ زبان نھايت نرم ۽ نازڪ ھئڻ گھرجي.
سخت تنقيدي لھجي اختيار ڪرڻ جي ڪري عوام نقاد کان
بدگمان ٿي پون ٿا ۽ ڪي حساس اديب ناقدرداني جي
ڪري، ادب پيدا ڪرڻ جي پچر ئي ڦٽي ڪري ڇڏيندا آھن.
تنقيد جو بھترين اصول ھي آھي تھ مصنف کي ھڪ ھمدرد
دوست وانگيان سندس ڪمزورين کان واقف ڪيو وڃي، گويا
ھميشھ خيال رکڻ گھرجي تھ مصنف جي دلشڪني نھ ٿئي نھ
تھ عوام تي بھ تنقيد جو اڻ سھائيندڙ اثر پوندو.
13)
نقاد کي بھ ياد رکڻ گھرجي تھ سندس تنقيد کي بھ
جاچڻ ۽ پرکڻ وارا موجود آھن. تنقيد مان جنھن حالت
۾ نقاد جي قابليت ۽ علميت ۽ ھن جي خيال جي پستي ۽
بلندي ظاھر ٿئي ٿي، تنھن ڪري تنقيد لکندڙ سورھن
آنا پورو فيصلو ظاھر ڪري.
روح
تنقيد از ڊاڪٽر سيد محي الدين زور ص١١١ مطبوعھ
شمس الاسلام پريس
|