هن دنيا ۾ ڪيترا سڄڻ ۽ ساٿي ڏٺا ۽ پسيا ويا آهن،
جن جي ڪنهن به ادا جي انداز جو اندازو ڪرڻ آسان
نه هوندو آهي، ڇو ته اهڙا انسان پنهنجي مٿي
تحريڪون، انجمنون ۽ ادارا هوندا آهن. انهيءَ قسم
جا ماڻهو جڏهن به انڪار ڪندا آهن تڏهن اقرار جو
وجود ئي ختم ٿي ويندو آهي، پر جڏهن اقرار ڪندا
آهن ته انڪار جو اکر اکڙجي وڃي پڌري پٽ پوندو
آهي، اختلاف ڪن ته وڃي آسمان تي پهچن، جيڪڏهن
پيار ۽ محبت ڪن ته خاڪسار ٿي خدمت ڪندا رهن. اهي
صاحب ڪهڙي به منزل ۽ منصب تي مقرر ٿيل هجن ته به
سندن بنيادي ادائن ۾ ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي لچڪ
۽ لوڏي اچڻ جو امڪان ۽ انديشو نظر ئي نه ايندو
آهي. جڏهن به هو بااختيار هوندا آهن، تڏهن به هو
باادب هوندا آهن، پر جيڪڏهين بي اختيار هوندا
آهن، تڏهن به ادب جو علم اوچو ڪيون ويٺا هوندا
آهن. منهنجا دوست زندگيءَ جي لمبي چوڙي سفر ۾
ڏٺو ويو آهي ته اهڙي قسم جي ماڻهن جي قيمت صرف
عزت ۽ احترام، محبت ۽ مروت مقرر ٿيل هوندي آهي.
دوستي جي باري ۾ نهايت ئي مختصر هي جواب آهي ته
هن فقير پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ۽ ڪنهن سان به
سندس عهدي ۽ اقتدار ڪري وجهه واسطو، ۽ لڳ لاڳاپو
نه رکيو آهي، نه رکيو هو ۽ نه رکندو. باقي ذاتي
۽ شخصي تعلقات ۽نيازبندي هئي، آهي ۽ رهندي. جڏهن
به منهنجي مهربانن ۽مخلص دوستن کي اقتدار نصيب
ٿيندو آهي، تڏهن هي فقير انهن سان ملڻ جي ڪوشش
نه ڪندو آهي. صرف سندن سک ۽ سلامتي جون دعائون
گهرندو رهندو آهيان. اقتدار حاصل ٿيڻ کانپوءِ
انهن دوستن جو فرض آهي، ته هو پنهنجي مخلص دوستن
۽ احبابن کي ياد ڪندا رهندا ته سندن ئي ساڃهه ۽
سڄڻپائي آهي.
جڏهن دوستن جي دوستيءَ جي وچ ۾ وهمن ۽ وسوسن جو
وجود اچي ويندو آهي، تڏهن اها دوستي گهڻو وقت
جٽاءُ نه ڪري سگهندي آهي.
(وفائي)
[18]
خط تنهنجو پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو، تو هن دفعي
نت نوان سوال پڇيا آهن، مون کي معلوم نه آهي
ته مان تنهنجي سوالن جا جواب صحيح ڏيندو رهندو
آهيان يا غلط
-
انهيءَ جي خبر توکي ئي هئڻ گهرجي جيڪڏهن ڪن
سوالن جا جواب غلط هجن ته مهرباني ڪري لکجانءِ
تي بهتر ٿيندو ۽ آئنده تنهنجي سوالن جا جواب
سوچي سمجهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
سڄڻ – توکي سڌ هجڻ گهرجي ته هر هڪ ماڻهو پنهنجي
حيثيت ۽ هٽيءَ آهر هوڪي ڏيڻ جو هيراڪ ٿي ويندو
آهي، تنهن ڪري ان کي ڪنهن به قسم جو ڏوهه ۽
ڏوراپو ڏيڻ ڏاهن جو ڏانءُ نه هوندو آهي. ان
کانسواءِ انسان جي عملي زندگي ۽ خوش فهمين ۽ غلط
فهمين جو به وڏو دخل داخل ٿيل هوندو آهي. خدا هر
هڪ انسان کي خوش فهمين ۽ غلط فهمين کان پنهنجي
پناهه ۾ رکي، ڇو ته ڪيترا چڱا ڀلا ۽ ڏسڻا
وائسڻا پنهنجي متعلق اجاين سجاين خوش فهمين ۾
ختم ٿي ويندا آهن ۽ ڪي وري غلط فهمين جي گندن ۽
غلاظتن ۾ گتل هوندا آهن. غلط فهمين ۽ خوش فهمين
کان جيترو ٿي سگهي اوترو انسان کي پرڀرو ۽
پاسيرو رهڻ گهرجي.
سڄڻ! خوش فهميون ۽ غلط فهميون جڏهن انسان جي
ذهن، اصولن، ارادن، عقيدن ۽ دماغ ۾ داخل ٿي
وينديون آهن، تڏهن انهن ماڻهن جي باري ۾ ڪا به
بات ۽ بيان ڪرڻ بيوقوفي جي نشاني هوندي آهي.
جڏهن انسان پاڻ کي عقل
-
ڪل ۽ داناءِ راز جي دعويٰ ڪرڻ شروع ڪندو آهي،
تڏهن ائين سمجهڻ گهرجي ته سندس عقل دوست نما
دشمن ٿي ڪري کيس دغا، دولاب ۽ دوکو ڏيندو رهي
ٿو. دوست! تاريخ، تحقيق، تخليق، تبليغ، علم، ادب
۽ ٻولي پنهنجي مٿي هر هڪ قوم جي سمورين سونهن ۽
سينگارن کان سرس هوندي
آهي
۽ انهن سينگارن جي بنياد تي ئي قومن ۽ ملڪن جي
اوچي ۽ اعليٰ ادائن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. سنڌ
جي هر هڪ سهڻي ۽ صاف سچائي صداقت واري ادا دنيا
جي هر هڪ حيثيت کان بلڪل نئين ۽ نرالي آهي.
جيڪڏهن اسان جا اديب، عالم ۽ محقق پنهنجي سنڌ جي
ڪنهن به شيءِ جي چڱيءَ طرح تحقيق ۽ تلاش ڪندا ته
انهن کي پنهنجي ۽ پرائي جي پرک پئجي ويندي ته
سنڌ، سنڌ آهي. دوست! اوچتو ۽ اچانڪ اٿلن، پٿلن ۽
انقلابن کانپوءِ هر هڪ بنيادي شيءِ تي اثر ٿيڻ
تمام ضروري ۽ لازمي ٿي پوندو آهي، جنهن ڪري ان
ملڪ ۽ معاشري ۾ ڪافي نيون ڦيريون گهيريون ۽
تڪڙيون تبديليون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. قدرت
جو قاعدو
آهي، ته جڏهن ۽ جتي به نئون دور نڪري نروار
ٿيندو آهي، تڏهن هو پاڻ سان پنهنجو خاص مزاج کڻي
ايندو آهي.
ڏسڻو صرف هي آهي ته موجوده دور جو مزاج ڪهڙو
آهي، ڪيئن آهي ۽ ڪنهن لاءِ آهي، ڇو آهي ۽ ڇالاءِ
آهي ۽ ان مزاج جو مقصد ۽ منزل ڪهڙي مقرر ٿيل
آهي. هن دور جي درد ڀري دانهن، سال، سن ۽ صديءَ
جي صدا صرف هي آهي ته هر هڪ حقدار کي پنهنجا حق
ڏنا وڃن ۽ ڪنهن جي به حقن سان حرڪتن ۽ حرفتن جي
ذريعي هٿ چراند نه ڪئي وڃي ته بهتر آهي.
جنهن ماڻهو جو ذهن، ضمير ۽ زبان سان ڪو به تعلق
۽ لڳ لاڳاپو نه هجي، ان سان ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت به
ڪا ننڍي وڏي ڳالهه ڪرڻ ائين هوندي آهي جيئن
پاڻيءَ تي ليڪو.
(وفائي)
[19]
هن خط ۾ مان توکي صرف هيترو چوڻ گهران ٿو ته ،
منهنجا دوست!
انسان جي زندگيءَ جو ڪو نه ڪو ننڍو يا وڏو مطلب،
مقصد ۽ منزل هوندي
آهي،
جنهن ڪري هو پنهنجي لياقت ۽ طاقت آهر موقعي مهل
جي مناسبت مطابق پنهنجي منزل ڏانهن وک وڏائڻ جي
ڪوشس ڪندو رهندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن قدم کڻڻ سان منزل اچي سندس قدم چمندي
آهي،
ڪڏهن وري ڪيتر ن مسافرن کي منزل تي پهچڻ کان
پوءِ به منزل نظر نه ايندي
آهي.
ائين ڇو آهي، ڇالاءِ آهي ۽ ڇو ٿيندو آهي، اهي سڀ
ڳالهيون سڀ ڪنهن جي سمجهڻ سمجهائڻ ۽ سمجهي وڃڻ
جهڙيون نه هونديون آهن.
سڄڻ! بنيادي ڳالهه انسان جي پنهنجي آهي ته هو
ڪهڙين واکاڻيل وصفن جي زيور سان سينگاريل ۽
سنواريل آهي. ڇو ته معرفت ۽ ڪنهن عهدي سان سڃاڻپ
اها انسان جي صحيح، صاف ۽ سئين ۽ سچي سڃاڻپ نه
هوندي آهي. ڪيترا ماڻهو پرائي پڳ کي پنهنجي
خانداني دستار بندي سمجهندا رهندا آهن.
جن ماڻهن کي پنهنجي بنيادي جيئڻ جو ڪو به جوهر ۽
جلوو نه هوندو آهي، سي گهڻو ڪري احساس ڪمتري جي
اونهي اوڙاهه جي اويڙ ۾ اڙجي ڪري معرفت ۽ ٻين جي
چمڪي تي بندوق هڻڻ جا هيراڪ ٿي پوندا آهن. ڇو ته
اهي بنيادي خوبين ۽ خاصيتن کان کوکلا ۽ خالي
هوندا آهن.
جيئن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪک پن ننڍن وڏن وقتي واچوڙن
جي ور چڙهي ويندا آهن، ۽ هو پاڻ کي ائين
سمجهندا رهندا آهن ته اسان آسمان تي اڏامي ۽
اڏري رهيا آهيون. جڏهن اهو واچوڙو ٿوري وقت کان
پوءِ ختم ٿي ويندو آهي. ته اهي ڪک پن پنهنجي
اصلي جاين کان جدا ٿي ڪري هوائن جي حوالي ٿي
ويندا آهن، جنهن ڪري هو پنهنجي اصلي ماڳ ۽ منزل
کان وڇڙي وڃي واٽن تي پوندا آهن ۽ هر ايندڙ
ويندڙ جي پيرن ۾ پيا هوندا آهن.
موتي هميشه ئي سمنڊ جي ترن ۾ هوندا آهن ۽ ڪک پن
هميشه ئي پاڻيءَ ۾ ترندا آهن. هن دفعي ٻين قصن ۽
ڪهاڻين کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي صرف تقرير جي باري
۾ ٻه اکر لکي رهيو آهيان. الله تعاليٰ جا لکين
لائق ۽ ڪروڙين قرب آهن ته هن حقير ۽ فقير جي
گنهگار اکين اهي اهي عالم، اديب، محقق، مصنف،
مقرر، مفڪر، مفسر، محدث، خطيب، رهبر ۽ رهنما،
امام ۽ اڳواڻ، سياڻا ۽ سمجهدار، سخي، سليقي وار،
سچا ۽ صادق، صاف ۽ سنوان، داناءَ، دانشمند
۽دورانديش، دلير، بيباڪ ۽ بهادر انسانيت سان
الفت ڪندڙ انسان ڏٺا ۽ پسيا آهن، جن جي نالي وٺڻ
کان اڳ وضو ڪجي ته بهتر آهي.
جيڪي پنهنجي مٿي
نه
شخصيتون هيون پر پنهنجي دورن ۾ دور هئا، انهن جي
هڪ هڪ ادا جو اندازو ڪهڙي ادا سان ادا ڪجي، وڏن
وڏن مقررن جي تقريرن ٻڌڻ جا موقعا مليا آهن.
هونئن به تقرير جي فن کان هر هڪ ڳالهائيندڙ واقف
نه هوندو آهي. ڇو ته تقرير ڪرڻ پنهنجي مٿي هڪ
وڏو فن آهي، هر هڪ فن جا پنهنجا پنهنجا طور
طريقا، اٿلون پٿلون، آثار ۽ اهڃاڻ، ادائون،
ٽيڪنڪ جدا جدا ۽ مختلف هونديون آهن. ڪنهن به فن
کي ان جي منزل مقصد تائين پهچائڻ سڀ ڪنهن فنڪار
جو ڪم نه هوندو آهي. هونئن به فنڪار کي ڪڏهن به
پنهنجي فن تي فخر نه ڪرڻ گهرجي پر فنڪار پنهنجي
فن سان اهڙو سهڻو سلوڪ ڪري جو فن خود فنڪار تي
فخر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهي اها آهي فن جي
فلاسافي.
گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته تحرير ۽ تقرير اهي ٻئي
خوبيون ۽ خاصيتون ڪنهن ڪنهن خوش نصيب انسان کي
نصيب ٿينديون آهن. ڪيترا اديب تقرير ڪرڻ کان
ڪيٻائيندا ۽ ڪئو کائيندا
آهن
۽ ڪيترا تقرير ڪرڻ جا ماهر وري قلم جي ڪرت ۽
ڪاروبار کان پرڀرو، پاسيرو ۽ پري هوندا آهن،
جڏهن ۽ جتي به قلم ۽ زبان هڪ هنڌ اچي ڪٺيون
ٿينديون آهن. تڏهن انهن جي اعليٰ ۽ اوچي ادائن
جو ذڪر ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي.
هٿ پنهنجو قلم ٻين جو، تعليم پنهنجي تعريف ٻين
جي، علم پنهنجو عمل ٻين جو، عمل پنهنجو ارادو
ٻين جو، تاريخ پنهنجي تحقيق ٻين جي، ڪتاب پنهنجا
ڪتابت ٻين جي، محنت پنهنجي منافعو ٻين جو، زبان
پنهنجي ذڪر ٻين جو، سوچ پنهنجي ساراهه ٻين جي،
حاجت پنهنجي هجت ٻين جي، مقصد پنهنجو مطلب ٻين
جو، هٽ پنهنجو هوڪو ٻين جو، هٿ پنهنجي هٿيار ٻين
جو، ارادو پنهنجو عقيدو ٻين جو، نشان پنهنجا
نالا ٻين جا، حقيقت پنهنجي حڪايت ٻين جي، تر
پنهنجو تراوت ٻين جي، فيصلا پنهنجا فتوائون ٻين
جون، ڪم ڪندڙ پنهنجا ڪاردار ٻين جا، اميد پنهنجي
آسرو ٻين جو، ميل پنهنجا ملاکڙا ٻين جا، نظارا
پنهنجا نگاهون ٻين جون، اهڙين حالتن ۾ هڪ داناءُ
۽ دانشمند ماڻهو ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃي.
(وفائي)
[20]
هن خط ۾ تو هڪ نهايت ئي نازڪ سوال پڇيو آهي،
يعني شرڪ ڇا
آهي.
سچ پچ ته انهي سوال
مون کي منجهائي وڌوآهي، ته مان شرڪ جي باري ۾ ڪهڙو
جواب ڏيان. منهنجو توسان شروعات کان وٺي واعدو
ٿيل آهي ته تنهنجي هر هڪ سوال جو جواب ڏيندس،
جنهنڪري ان واعدي کي سامهون رکي شرڪ جي جواب ڏيڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان .اميد نه پر يقين آهي ته
تون منهنجي جوابن کي غور ۽ فڪر سان پڙهي پروڙي،
پوري طرح عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندين، ته زندگي جي
ڪيترن ئي منجهيل مسئلن تي حاوي ٿيندو رهندين.
شرڪ ڇا آهي؟ شرڪ ڇو آهي، شرڪ ڇا لاءِ ڪيو وڃي ٿو،
شرڪ ڪنهن لاءِ ڪيو وڃي ٿو، شرڪ ڪڏهن ڪبو آهي، شرڪ
ڪيئن ڪبو آهي. شرڪ ڪيئن ڪرائبو آهي، شرڪ جون
شرارتون، شرڪ جا شوشا، شرڪ جون حرڪتون ۽ حرفتون،
شرڪ جا دم دلاسا، شرڪ جا دليل ۽ دلبا، شرڪ جا برا
۽ بيهودا اثر، شرڪ جون اميدون ۽ نااميدون، شرڪ مان
فائدا ۽ نقصان، شرڪ جو ماحول ۽ماڻهن تي اثر، شرڪ
پيدا ڪندڙ پيداگيرن جا پرڪار. شرڪ جي ٽن اکرن واري
لفظ تي جيڪڏهن لکڻ تي ويهبو ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي
ويندا.
منهنجا دوست! شرڪ انسان جي فطرت ۾ شامل ٿيل هوندو
آهي. ڪي اهڙا به عظيم انسان هوندا آهن، جيڪي شرڪ
جي سمورين براين ۽ بڇڙاين کي پر ڀرو ۽ پاسيرو رکي
صرف موحدانه زندگيءَ جو علم اوچو ۽ اعليٰ ڪري،
توحيد پرستيءَ جي تبليغ ڪندا، اڳتي وڌندا رهندا
آهن، انهن جو سر صرف الله تعاليٰ جي اڳيان جهڪندو
رهندو آهي ۽ هو ظاهري بتن جي بيهودگين کان بيخبر
ٿي، صرف ”توڪل اعليٰ الله و ڪفا بالله وڪيلا“ جي
ترهي تي ترندا ۽ تڳندا رهندا آهن. شرڪ ڪندڙ ماڻهو
صرف ظاهري زينت ۽زيب جو قائل ٿي، پنهنجي من جي
مندر ۽ سومناٿ جا سوين خيالي بت بيهاري، انهن جي
پاٺ پوڄا ۽ پرستش ڪرڻ جي پرڪارن ۾ پورو هوندو آهي.
جڏهن انسان کي روزي رسائيندڙ رب العالمين آهي،
تڏهن انسان کي انهيءَ معبود جي اڳيان سجدو ڪرڻ
گهرجي ۽ ان جي ذات پاڪ سان ڪڏهن ۽ ڪنهن کي به
شريڪ نه ڪجي. الله تعاليٰ نهايت ئي رحيم، ڪريم ۽
معاف ڪندڙ آهي. مگر شرڪ هڪ اهڙو گناهه آهي جو
پروردگار ڪڏهن به مشرڪ کي معاف نه ڪندو
آهي.
دنيا ۾ عقل ۽ سمجهه ۾ ته ڪا حد ٿي سگهي
ٿي، مگر بي عقلي ۽ بي سمجهائيءَ جي ڪا به حد مقرر
ٿيل ڪا نه هوندي آهي. هڪ داناءُ ۽ عاقل لاءِ ڪنهن
حد تي اچي پوءِ اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو.
مگر هڪ احمق جيئن پوءِ تيئن حماقتن ۽ نادانين جي
ڳالهين ۾ رهندو، جنهن جو ڪو به ڇيهه ٿي نه ٿو
سگهي. دنيا ۾ سڀ کان وڏي حماقت بيوقوفي آهي. غير
خدا کي پنهنجو والي، وارث ۽ سرپرست سمجهڻ، پوءِ
انهيءَ حماقت جي سلسلي ۾ بعض ماڻهو اهڙيون ۽
ايڏيون حماقتون ۽ بيوقوفيون ڪندا رهندا آهن، جو
انساني عقل دنگ رهجي ويندو آهي.
معلوم نه آهي ته ڇو ماڻهو پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن
يارن، جيڪي سرڪاري عهدن تي قائم هوندا آهن. انهن
جي ڀروسي تي پاڻ کي پڏائڻ خاطر محفلن
۽ مجلسن ۾ انهن جا نالا وٺي پنهنجي وڏ ماڻهپي يا
ناداني جو پرچار شروع ڪري ڏيندا
آهن.
اسان کي روزمره مختلف محفلن ۽ مجلسن ۾ ڪيترائي
ڏسڻا وائسڻا ماڻهو نظر ايندا آهن، جيڪي وزيرن،
مشيرن، ڪامورن ڪرڙن، دوستن يارن، لڳ لاڳاپن، وجهه
واسطن ۽ مٽين مائٽين کي سڀ ڪنهن شيءِ کان وڌيڪ
اهميت ڏيئي انهن جي آسري ۽ اميد تي جيئندا، هن
جهان ۾ هلندا وتندا آهن. اسان اهو به ڏٺو آهي ته
جيڪي ماڻهو خدا ۾ ڀروسو ڇڏي، انهن بتن جي پوڄا پاٺ
ڪرڻ ۾ زندگيون تباهه ۽ تلف ڪندا رهندا آهن، انهن
کي ڏکين وقتن ۽ اڙانگين موقعن مهلن تي اهي بت انهن
جي پوڄا پاٺ جي سمورن ساٺ سوڻن جي سامانن کي
سامهون رکي اهڙي لت هڻي ڇڏيندا آهن، جو اهي همراهه
انهن ساز و سامان سميت پڌري پٽ وڃي پوندا آهن.
ڀروسو الله تعاليٰ جي ذات کانپوءِ صرف پنهنجي محنت
۽ مشقت، ڪفايت ۽ قناعت تي ئي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته غلط
ڪم جو نتيجو غلط
آهي
۽ چڱي ڪم جو چڱو. پر اهي نڪتا اڄڪلهه جو انسان
جيڪو اقتصادي ڪوڙڪي ۾ قابو آهي
۽ صرف ظاهري ذريعن جو پوڄاري آهي، اهو ڪٿي ٿو هي
باريڪ نڪتا سمجهي سگهي. خدا ڪا ساڃهه ۽ سمجهه ڏين،
جو اهي ظاهري زينت ۽ زيب جا پوڄاري پاڻ تي ڀاڙڻ جي
ڪوشس ڪن، ۽ شرڪ کان توبهه تائب ٿي پنهنجي حقيقي
خالق جي وحدانيت جو ئي تصور ڪندا رهن ته بهتر آهي،
جيئن اسان جو ”شاهه سائين“ ڪهڙو نه سهڻو سلوڪ
سياڻن ۽ سمجهدارن لاءِ فرمائي ويو آهي ته:
”تڪيا سڀ تڪيام توريءَ تڪيو ناهه ڪو.“
ڪامياب زندگي بسر ڪرڻ لاءِ، حضرت انسان کي الله
تعاليٰ ايترا ۽ ايڏا قدرتي وسيلا ۽ نعمتو ن مهيا ۽
عطا ڪيون آهن، جن جو ذڪر ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان
قلمبند ڪجي. انهن سمورين سهڻين صفتن، سهنجاين
سولاين کانپوءِ به انسان کي پنهنجي ڪمن ڪارين جو
خود مختيار ۽ مالڪ مقرر ڪيو ويو آهي. هاڻي اهو
انسان تي دارو مدار آهي ته هو زندگيءَ جا ڪهڙا
اصول ۽ عقيدا اختيار ڪري ٿو.
(وفائي) |