خالد صاحب جو خطاب
سنڌ جي ناليري ليکڪ محترم جناب علي نواز وفائي
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خذمت جو جيڪو گهڻرخو طريقو
اختيار ڪري، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ۾
مستقل ڪالم لکڻ سان گڏوگڏ، پنهنجي پراڻي ادبي ۽
علمي مشهور اخبار ”آزاد“ کي زنده رکيو آهي، سو
موجوده بي ادب ماحول ۾ وڏي همٿ ۽ جرئت جو ڪم
آهي.
ان کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڪم، سنڌي ڪتابن جي اشاعت
آهي ۽ هن ڪم ۾ ته وفائي صاحب، گهر ٻاري مشعلون
روشن ڪيون آهن. هيءُ سندس چوٿون ڪتاب آهي ۽ ان ۾
اهي پنجاهه خط شامل آهن، جيڪي اڳ ۾ سندس اخبار
آزاد ۾ ڇپجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان داد ۽ تحسين
حاصل ڪري چڪا آهن.
خط لکڻ جو هڪ جدا فن آهي ۽ ان جي تعليمي درسگاهن
۾ مشق ڪرائي ويندي آهي، پر اهي خط ڪاروباري
نوعيت جا هوندا آهن ۽ انهن جو مقصد دنوي معاملن
سان هوندو آهي، ان ڪري انهن جي ڪا ادبي حيثيت
ڪانهي، البته اهي خط جيڪي دل جي احساس ۽ جذبي جي
عڪاسي ڪندڙ هجن ۽ بي ساخته لکيل هجن ۽ انهن ۾
منشا حال دل اورڻ ۽ ٻئي فريق کي انهيءَ ڪيفيت ۾
شامل ڪرڻ ۽ اهڙي طرح تعلقات کي پائدار ۽ پختو
ڪرڻ هوندي آهي. اشاعت يا تشهير جو مامرو انهن
تحريرن جي پس منظر کان پالهو هوندو آهي ڇو ته
پنهنجو خط ٻئي کي پڙهائڻ يا ٻئي جو خط پڙهڻ
اخلاقي طور معيوب سمجهيو ويندو آهي.
پر ”وفائي جا خط“ پنهنجي نوعيت ۽ مقصد ۾ نرالا
آهن. انهن خطن جو مخاطب ڪو خاص ماڻهو ناهي، پر
سنڌ جا سڀيئي ماڻهو – جوان خاص طور، سندس خطن جي
سرنامي جي سونهن آهن ۽ اهڙي طرح خطن جا موضوع
به همه گير آهن، ڄڻڪ اليه جي دل ۾ جيڪي معاملا ۽
مسئلا وقت بوقت پيدا ٿيندا رهن ٿا، تن بابت سهڻي
صلاح ۽ ڪارائتي ڪرت بيان ڪئي ويئي آهي.
وفائي صاحب جو هيءُ ڪتاب جوان نسل لاءِ خاص ڪري
”هدايت نامو“ آهي ته ڪٺن حالتن ۽ مشڪل ماحو ل ۾
زنده ڪيئن رهجي ۽ پنهنجون سماجي ۽ تمدني
ذميواريون ڪيئن پوريون ڪجن. هي ڪتاب مغربي ليکڪن
مثال طور ديل ڪارنجي وغيره جي طور طريقي جي
اپٽار
يا نقالي ناهي. مغرب ۽ مشرق جي معاشرتي ماحول ۾
وڏو فرق آهي. وفائي صاحب سنڌ جي حالتن کي آڏو
رکي، مسئلن جي چونڊ ڪئي آهي، ۽ ماڻهن جي مزاج ۽
ماحول مطابق انهن کي منهن ڏيڻ، حل ڪرڻ ۽ اڳتي
وڌڻ بابت پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي موجب
صلاحون ڏنيون آهن. زبان سولي ۽ شسته ۽ انداز
بيان دلچسپ ۽ اثرائتو اٿس. مخلص ۽ مانائتو آهي
اهو ماڻهو،
جيڪو نامسائد حالتن ۾ سچ چوي ۽ وري اهو به لکي،
عام ڪري، حقيقت ۾ اها جرئت، سچي دعوت ۽ قلمي
جهاد جو جذبو وفائي جو خانداني ورثو آهي.
ڪريم بخش خالد
6- آڪٽوبر 1982ع
مطابق 18- ذوالحج 1402ع
بسم الله الرحمان الرحيم
ليکڪ جا لفظ
مون مسڪين ۽ عاجز ٻانهي تي منهنجي مالڪ ۽ خالق
جا ڪروڙين قرب ۽ لکين لائق آهن، جو هن حقير ۽
فقير جو هي چوٿون ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
ڪائنات ۽ انسان اهي هن دنيا جا ٻه پهلو آهن،
جنهن ڪري ڪائنات تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ انسان کي
انتخاب ڪيو ويو آهي. ان ڪري ئي کيس اشرف
المخلوقات جو خاصو خطاب مليل آهي. هاڻي اهو
سمورو دارو مدار انسان تي آهي ته هو ان تي عمل
ڪري ٿو يا پاڻ کي ڪک پن سمجهي واچوڙن جي ور
چاڙهي پنهنجو وجود وڃائي ويهي ٿو.
هونئن به جيڪڏهن ڪائنات جي هن کليل ڪتاب جي صفحن
کي ڏسبو يا ان جي ورقن کي ورائبو ته هر هڪ شيءِ
۾ رب جا ڪيئي راز ۽ رمزون رکيل آهن.
دنيا ۾ انسان جي نيڻن اڳيان هزارين نظارا هوندا
آهن، هاڻي نظرن جي قدر ۽قيمت ڪٿڻي آهي ته نظرون
انهن نظارن کي ڪهڙين نگاهن سان ڏسنديون رهن
ٿيون. نظارا هميشه ئي پنهنجي جائن تي قائم ۽
دائم هوندا آهن ڦيرو ۽ فرق صرف نگاهن ۾ ٿيندو
رهندو آهي.
ريل ۾ جڏهن سفر ڪبو آهي تڏهن ائين محسوس ٿيندو
رهندو آهي، ڄڻ وڻ ۽ ٽڻ گاڏي سان گڏ هلندا رهن
ٿا، يا جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڪري درياهه جو سير
ڪبو تڏهن به ائين ڀائنبو آهي ته ڪانهن ۽ ڪپر
ڪنڌيون ۽ ڪنارا ٻيڙي سان گڏ هلندا رهن ٿا، مگر
ائين نه هوندو آهي.
جيئن ته هر نطر اهل نظر جي نه هوندي آهي. هر دل
۾ درد نه هوندو آهي، هر دماغ ۾ عقل نه هوندو
آهي، هر آواز ۾ اثر نه هوندو آهي، هر سڪ ۾ سوز
نه هوندو آهي، هر حسن ۾ ڪشش نه هوندي آهي. هر
دوستيءَ ۾ دلنشيني نه هوندي آهي، هر دليريءَ ۾
دلڪشي نه هوندي آهي، هر ادا تي فدا نه ٿبو آهي،
هر ڪمال ۾ جمال نه هوندو آهي، هر لکندڙ اديب نه
هوندو آهي. هر بااختيار با فيض نه هوندو آهي، هر
سرمائيدار امير نه هوندو آهي ۽ هر ماڻهو انسان
نه هوندو آهي.
دنيا ۾ جيڪي به دين ۽ڌرم، اصل ۽ عقيدا اعتقاد ۽
اعتماد، مقصد ۽ مطلب ظاهر ٿيل آهن، انهن سمورن
جو بنياد صرف غور ۽ فڪر تي آهي، جيڪي به الهامي
ڪتاب آهن، تن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان گڏوگڏ تحقيق
لاءِ به تاڪيد ڪيو ويو آهي، ان بعد حڪمت جا نوان
نڪتا نڪري نروار ٿيندا رهندا آهن، جيڪي انسان
غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ تحقيق ڪندا رهندا آهن،
انهن جي اڳيان سڌاري ۽ واڌاري، ترقي ۽ تعمير جون
راهون ۽ رستا کلندا رهندا آهن.
ڪراچيءَ جي ڪاروباري زندگيءَ ۾ جتي انسان کي بي
انتها مصروفيت ڪري وقت ۽ واندڪائي جو ملڻ مشڪل
آهي، ان جي باوجود به پنهنجي سمجهه ۽ سوچ موجب
مختلف موقعن ۽ مهلن جي مناسبت مطابق ڪڏهن ڪڏهن
قلم کان ڪم وٺندو رهندو آهيان، منهنجو ڪم آهي
ڪوشش ڪرڻ باقي ڪاميابي ۽ فتحيابي آهي قدرت جي هٿ
وس.
دنيا ۾
قومن ۽ ملڪن جو صحيح، سچو صاف ۽ سهڻو سرمايو
اتان جا اديب، عالم، محقق، مورخ، شاعر، صحافي،
سياڻا
سمجهدار ۽ سگهڙ هوندا آهن. جن قومن ۽ ملڪن ۾
پنهنجي اديبن ۽ عالمن جو قدر ۽ قيمت ڪا نه هوندي
آهي، اتان جي ماڻهن جي بي بسي بي توجهي ۽ بي
علمي تي صحيح علم ۽ ادب افسوس جا لڙڪ حسرت جي
دامن سان اگهڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي.
قلمي پورهئي جو قدر ڪي قدردان ئي ڪٿي سگهندا
آهن، باقي عام ماڻهو، جنهن جو لکڻ پڙهڻ، قلم ۽
ڪتاب سان ڪو به تعلق نه آهي. ان کي ڪهڙي ڪل ته
تصنيف ۽ تاليف ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي، ڪتاب ۽
قلم سان تعلق رکڻ به سڀ ڪنهن انسان جو ڪم نه
هوندو آهي، ڇو ته دنيا ۾ سمورن ڪمن ڪارين، وڻج
واپارن کان تصنيف ۽ تاليف جو ڪم نهايت ئي ڪٺن ۽ڪشالن وارو هوندو آهي.
انهيءَ قلمي ڪاروبار متعلق جيڪڏهن ڪنهن انسان کي
پڇڻو آهي ته اسان جي بزرگ اديبن، عالمن، ۽
محققن، مورخن کان معلوم ڪري ته ڪتاب ۽ قلم جو
پورهيو ڇا ٿيندو آهي.
سنڌ جي سٻاجهڙن علم نواز ۽ ادب پرورن هن حقير ۽
فقير جي ڪتابن جو قدر ۽ قيمت ڪٿيندي وڏي همٿ ۽
حوصلي افزائي ڪرڻ فرمائي آهي، جنهن ڪري هي چوٿون
ڪتاب ”وفائي جا خط“ توهان جي هٿن تائين پهتو
آهي. ڏٺو ويو آهي ته اسان جا ڪيترا اديب ۽ اهل
قلم سنڌي علم ۽ ادب جي باري ۾ نااميد ۽ نراس ٿيل
هوندا
آهن، مگر ائين نه آهي ڇو ته هن دور جو جيڪو پڙهندڙ ۽ مطالعي جو
مشتاق ۽ متوالو آهي، اهو هر هڪ علمي ۽ ادبي ڪتاب
جو وڏو قدر ڪندو رهي ٿو.
هونئن به اڄ ڪلهه جو پڙهندڙ، لکندڙ جي هر هڪ اکر
۽ ان جي زير زبر ۽ شد مد کي به چڱي طرح جاچيندو
جوچيندو ۽ ڇنڊيندو ڇاڻيندو رهي ٿو. جيستائين ڪو
به اديب ۽ اهل قلم وقت ۽ حالتن ۽ منجهيل ماحول
جي مسئلن ۽ معاملن کي ايمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ
سان قلم جي زبان سان ظاهر ڪندو رهندو، تيستائين
سوچيندڙ ۽ سجاڳ پڙهندڙ ان جي لکڻين ڏانهن ڪنهن
به قسم جي ڌيان ڌرڻ جي ڪوشش نه ڪندو.
آخر ۾ هي عرض ڪندس ته پنهنجي ڪا به پوک پوکيل ڪا
نه آهي، اهي وڏڙن بزرگن ۽
ڀلارن جون دعائون آهن، جن جي آڌار ۽ آسري تي هي
فقير هن دنيا ۾ هلندو رهي ٿو.
ان کانسواءِ ڪيترن ماڻهن کي منهنجي علمي لياقت
متعلق ڪافي خوشفهمي هوندي
آهي،
اها انهن دوستن ۽ احبابن جي ڪرم نوازي آهي، هي
جيڪي ڪجهه ٿورو گهڻو لکڻ جو ڪم ڪندو رهان ٿو ان
لاءِ مون کي منهنجي مهربان ۽ مشفق والد سائين جي
پيرن جي پڻيءَ برابر به پروڙ ڪا نه آهي.
انسان خطا جو گهر آهي، جنهن ڪري هن کان خطائون
ٿيون هيون، خطائون ٿين ٿيون ۽ خطائون ٿينديون
رهنديون.
هنن خطن ۾ جيڪڏهن ڪا به ڪمي پيشي ۽ ڪوتاهي ٿي
هجي ته پڙهندڙ منهنجي مجبورين کي مدنظر رکي معاف
ڪندا ته بهتر ٿيندو.
نوجوان شاعر، صحافي، ۽ اديب عبدالغني ڀٽي جو
ٿورائتو آهيان، جنهن وڏي دلچسپيءَ سان هن ڪتاب
جي پروفن ۽ غلطين کي درست ڪرڻ ۾ منهنجي ڪافي مدد
ڪئي آهي. الله تعاليٰ کيس علم ۽ ادب جي دنيا ۾
ڪامياب ۽ فتحيات ڪندو.
پڙهندڙن کي گذارش ڪندس ته دعائي خير سان ياد ڪرڻ
فرمائيندا ته جيئن پنهنجي طاقت ۽ لياقت آهر سنڌ
۽ سنڌ وارن جي قلمي خدمت ڪندو رهان ۽ بس.
طالب العلم
علي نواز وفائي
ايڊيٽر
”آزاد“ ڪراچي
20-10-1982ع