جيئن ته سوچ، سمجهه، فڪر ۽ فهم قدرت جي ڏات
هونديون آهن، عقل جپان ۽ جرمن جو پرزو پيدا ڪيل
نه آهي، جو خريد ڪري ماڻهو ان کي استعمال ڪندو
رهي.
آخر ۾ مان توکي هي هدايت ڪريان ٿو ته منافقي جي
موذي مرض کان هميشه ئي محفوظ رهڻ جي ڪوشش
ڪجانءِ. ڇو ته هن دنيا ۾ جيڪي به فتنا ۽ فساد،
جنگيون ۽ جهيڙا، مخالفتون
۽ محاذ آرائيون، رنجشون ۽ روساما، دشمنيون ۽
دغائون، وير ۽ وڍ، ڏک ۽ ڏوراپا، نفرتون ۽
حقارتون، مهڻا ۽طعنا تيار ٿيندا رهندا آهن. ان
جو بنيادي سبب صرف منافقي آهي. ڇو ته اهڙي قسم
جا ماڻهو جيڪي ساڌن سان به سنمک ۽ پئنچن سان به
پورا هوندا آهن، تن جي پاسي کان به پاسو ڪندو
رهندين ته بهتر آهي.
[2]
تنهنجو خط پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو. تون هميشه ئي
موجوده منجهيل حالتن ۽ معاشري ۾ پيدا ٿيل ۽پيدا ڪيل براين ۽ بڇڙاين جي
باري ۾ سوال پڇندو رهندو آهين. جڏهن ته اسان
سمورن ماڻهن کي موجوده بگڙيل حالتن جي باري ۾
پوري پوري پروڙ، ڄاڻ سڃاڻ ۽ معلومات آهي،
تڏهن تنهنجي سوالن جا ڪهڙا جواب ڏئي ڪهڙا ڏيان،
اسان وٽ هڪ اڌ ڪا خرابي هجي ته ان کي درست ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي مگر منهنجا دوست هتي ملڪ
سڄي جو............ لڳو پيو آهي. اسان جنهن
تاريخ
جي
نازڪ دورمان گذري رهيا آهيون، اتي جيڪڏهن ڪنهن
به نيڪ نصيحت سڌاري ۽ واڌاري تعميري ۽ ترقياتي
ڪم جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ٻڌندڙن وٽان سواءِ نفرت ۽
حقارت جي ٻيو ڪو به جواب نه ٿو ملي ائين ڇو آهي،
ڇا لاءِ آهي، ڇو ٿي رهيو آهي. ان جا سوين سبب
آهن هتي ڪهڙا لکي ڪهڙا لکجن. منهنجو پنهنجو ذاتي
مشاهدو، مطالعو ۽ رايو آهي ته معاشري جو بنياد
تڏهن بگڙندو آهي جڏهن بک، بيماري، بيروزگاري، بي
انصافي، بي توجهي ۽ بي رحمي جي بازار گرم ٿي
ويندي آهي.
جڏهن به ۽ جتي به ٻه طبقا پيدا ٿي پوندا آهن، هڪ
کائو ٻيو ڪمائو، اتي لازمي طرح ڪنهن نه ڪنهن
ننڍي وڏي انقلاب جو اچڻ ضروري ٿي پوندو آهي،
انهن انقلابن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه
سگهندي آهي. دنيا جي تاريخ جا ننڍا وڏا انقلاب
اسان جي اکين جي سامهون آهن، ته اهي انقلاب ڪيئن
پيدا ٿيا، ڪنهن پيدا ڪيا، ڪنهن لاءِ پيدا ڪيا
ويا، انهن جا نتيجا ڪهڙا نڪري نروار ٿيا آهن ۽
ٿيندا رهن ٿا تن جو هن مختصر خط ۾ ڪو به ذڪر نٿو
ڪري سگهجي. توکي معلوم هئڻ گهرجي ته جيستائين
ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي اقتصادي حالت صحيح معنيٰ ۾
سڌريل ۽ سنواريل ۽ سنئين سڌي نه هوندي تيستائين
ان ملڪ جي ماڻهن ۽ مختلف طبقن ۾ هزارين ذهني
توڙي جسماني ۽ اخلاقي ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون گهر
ڪنديون رهنديون آهن. هن وقت جتي ڪٿي جيڪو به
فتنو فساد، جنگ ۽ جهيڙو، مقابلا ۽ محاذ آرايون،
مخالفتون، مڪر ۽ فريب، دغا ۽ دولاب قائم دائم
آهن. انهن
جو بنيادي سبب صرف پيٽ پالڻ جو مسئلو آهي،
جنهنڪري انهن ۾ ڀلائي ۽ بهبوديءَ جي اميد رکڻ
بلڪل بيڪار ۽ بي سود هوندي آهي. علم هجي توڙي
ادب، تاريخ هجي توڙي تحقيق، تهذيب هجي توڙي
تمدن، فڪر هجي توڙي فن، دين هجي توڙي ايمان،
ارادو هجي توڙي اصول، اخلاق هجي توڙي انسانيت،
شرافت هجي توڙي شائستگي، محبت هجي توڙي مروت
گويا انساني زندگيءَ جا جيڪي به قيمتي قدر قائم
۽ دائم ٿيل آهن، انهن کي تڏهن صحيح معنيٰ ۾ ۽
سهڻي ۽ صاف طريقي سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن
بنيادي طرح انسان جي پيٽ جو مسئلو حل ٿيل هوندو
آهي. پيٽ جي پوڄا ۽ ان کي پر ڪرڻ لاءِ انسان
هزارين حيلا ۽ وسيلا پيدا ڪندو دنيا جي بحر
بيڪنار ۾ هٿ پير هڻندو رهي ٿو، ڪي پار وڃي پهچن
ٿا، ڪي وري ڪپرن تي ڪچ ڪوڏين مان ڪم وٺندا رهن
ٿا، ڪي وري وچ سير ۾ سهڻيءَ وانگر ميهار کي سڏ
ڪندي رهجي وڃن ٿا. انسان جو هي اصول هئڻ گهرجي
ته پاڻ به جيئي ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏي ڇو ته
انهيءَ اصول تي محبت ۽ مساوات، برادري ۽
ڀائيچاري ۽ برابريءَ جا بهترين ۽ خوشگوار نيڪ
نتيجا نڪري نروار ٿيندا رهندا آهن. مگر جتي ۽
جنهن ملڪ ۾ زندگيءَ جي اعليٰ اصولن تي عمل نه
ڪبو ته پوءِ هر هڪ ماڻهو هڪ ٻئي جو مخالف ٿي ڪري
محاذ آرائي قائم ڪندو رهندو ۽ طبقاتي ڪشمڪش، هڻ
هڻان، وٺ وٺان ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ پورو هوندو. انسان جا
نيڪ مقصد ۽ اعليٰ ارادا ۽ مستقل مزاجي جا سمورا
مقصد ۽ منزلون جهنم جهڙي ڀڀ اڳيان ڀنڀلجي بيڪار
۽ بيسود ثابت ٿيندا رهندا آهن، جنهن ڪري انهيءَ
ملڪ جي ماڻهن مان غور ۽ فڪر جا فهميدا فن فنا ٿي
ويندا آهن ۽ انسانيت صرف ماني ٽڪر جي منجهائيندڙ
مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حيران ۽ پريشان جي پنڌ ۽
پيچرن پوئيان پئجي ويندي آهي، جنهنڪري انسان ذهن
جي سوچڻ بجاءِ جانورن وانگي معدي سان سڀ ڪنهن
ڳالهه کي سوچيندو رهندو آهي. منهنجا دوست سنڌ ۽
سنڌين کي جيترو نقصان پنهنجن پهچايو هو، پهچايو
آهي ۽ پهچائيندا رهن ٿا. ان جو ذڪر سنڌ جي تاريخ
جو مورخ لکندو. مون ڏٺو آهي ته جيستائين ڪو به
چالاڪ ۽ چرب زبان ماڻهو پنهنجي مقصد ۽ مطلب ۾
ڪامياب ٿي منزل تي نه ٿو پهچي تيستائين هو
هزارين قسم جون قومي، ملڪي، علمي ۽ ادبي،
تاريخي، نظم ۽ نثر ۾ اُهي اُهي ٻوليون ۽ ٻول
ٻوليندو رهي ٿو، جو ٻڌندڙ ان جي سچائيءَ ۽ صداقت
جي صلاحيتن جي ساراهه جي سرڪين ڀرڻ کانسواءِ رهي
نه ٿا سگهن. شروعات ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو نوجوان
۽ قوم پرستن جي جذبات کي اڀاريندا ڪڏهن سنڌ تان
سر ڏيڻ جا سوداءِ ۽ سوچون، ڪڏهن جهانگيئڙن جي
جهوري ۾ جهرڻ، ڪڏهن ماروئڙن جي محبت ۾ مبتلا ۽
مرجهيل، ڪڏهن سانگين جي سڪ ۽ سوز ۾ سڙيل ۽ سڪل،
ڪڏهن ڌراڙن ڏانهن ڌيان، ڪڏهن هارين سان
همدرديون، ڪڏهن مزدورن سان محبتون، ڪڏهن ڪم
ڪندڙن جا قدردان، ڪڏهن وطن جي مٽيءَ جي مان ۽
شان جا شيدائي، ڪڏهن هيڻن جا همدرد ۽ همراه،
ڪڏهن ڪمزورن جا ڪم ڪندڙ، گويا هو پاڻ کي ملڪي
قومي، علمي ۽ ادبي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن،
مگر جڏهن ۽ جنهن وقت انهن ماڻهن کي سرڪاري ۽ نيم
سرڪاري ننڍا وڏا عارضي عهدا ڪن طريقن ۽ ڪن جي
معرفت ملي ويندا آهن، تڏهن انهن مان مٿيون
سموريون خوبيون ۽ خاصيتون، ايئن ختم ٿي وينديون
آهن، جيئن پتاشي کي پاڻي ۾ پسڻ وقت پل به نه
لڳندو آهي ۽ هنجو اندر وارو انسان ٻاهر نڪري
پنهنجي علم، ادب، تاريخ ۽ تهذيب، نثر ۽ نظم ۽
ڌرتيءَ جي واهڻن وستين ۽ وٿاڻن ۾ وسندڙن کي
بيوقوف جاهل، جوهال، اجهل، اڻپڙهيل، ڄٽ، پير
پرست، بيڪار ۽ بيسود رسمن ۽ رواجن ۾ وڪوڙيل ۽
وانجهيل سمجهي حقارت ۽ نفرت سان ڏسندا ۽
ڌڪاريندا رهندا آهن. انهن سوديشي صاحبن جي محفلن
۽ مجلسن ۾ جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌين جو ذڪر ڪبو ته
هڪدم سنڌين جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين،
اوڻاين، عيبن ۽ احسان فراموشيءَ جا داستان شروع
ڪري ڇڏيندا ۽ آخر ۾ ائين چوندا رهندا ته اسان
سنڌين جي سڌاري ۽ وڌاري لاءِ سڀڪجهه ڪيوسون مگر
هن قوم ۾ سڌرڻ جي ڪا به صلاحيت، سوجهرو ۽ سجاڳي
نه اچڻي آهي، نه ايندي ۽ جڏهن انهن عارضي
عهديدارن جي زبان مان پنهنجي قوم لاءِ اهي لفظ
ٻڌا وڃن ٿا، تڏهن انهن جي ڪريل ذهنيت تي افسوس ۽
ارمان ڪرڻ کانسواءِ ڪو به سمجهدار ماڻهو رهي نه
ٿو سگهي. سڄڻ اهڙن ماڻهن جي شروعاتي زندگيءَ جي
ڄاڻ ۽ سڃاڻ ڪيئن ڪجي. سنڌي سادو ۽ سودو، شل نه
ڪو وري سندس همدردي، دستگيري ۽ رهنمائي ڪري پوءِ
هو هن کي پنهنجو پير ۽ مرشد سمجهي سندس هر هڪ
حڪم جي بجا آوري ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو
آهي. جڏهن وري اهڙن ماڻهن جي اصليت کان واقف ٿي
ويندو آهي تڏهن صرف هيئن چئي خاموش ٿي ويندو آهي
ته:
”جو وڙ جڙي جن کي، سو وڙ سيئي ڪن.“
[3]
توکي ضرور منهنجي خطن مان بڇان ۽ بيزاري ٿيندي
هوندي، ڇو ته جنهن تاريخ جي نازڪ دؤر ۾ اسان
هلندا رهون ٿا، اتي نيڪي ۽ نصيحت تي عمل ڪرڻ يا
ڪنهن کي چڱائي چوڻ يا ان جو پرچار ۽ تبليغ ڪرڻ
گويا پاڻ سان ناراضگي ۽دشمني پيدا ڪرڻي آهي. هن
دنيا ۾ هزارين اهڙا انسان آهن، جيڪي پنهنجي
عادتن کان مجبور ٿي ڪري نيڪيءَ ۽ بديءَ جي راهه
تي هلندا رهندا آهن، هونئن به چڱن مان هميشه ئي
چڱايون ٿينديون رهنديون آهن، ۽ برن مان هميشه
بڇڙائيون ۽ بديون.
هن ڪائنات جي کليل ڪتاب جي هر هڪ ورق کي غور ۽
فڪر سان ڏسبو ته اسان کي حيرت، حسرت ۽ عبرت جا
ڪيئي رنگ ۽ رنگينيون ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ اينديون رهن
ٿيون.
هن دفعي مان توکي نهايت ئي مختصر ۽ چند نصيحتون
لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. مون کي اميد آهي ته تون ۽
تنهنجا دوست ۽ احباب انهن نيڪ نصيحتن تي جيڪڏهن
ٿورو گهڻو، ڪنهن موقعي ۽ مهل جي مناسبت مطابق
عمل ڪندا ته گويا منهنجي لکيل خط جي محنت ساب
پئجي ويندي.
جيڪڏهن تون پنهنجي دوستيءَ جو دائرو
تمام محدود ڪندين ته ان
۾
تنهنجي ڀلائي
۽
بهبودي ٿي سگهي ٿي ڇو ته منهنجو پنهنجو ذاتي تلخ
تجربو ۽ آزمودو آهي ته جنهن به ماڻهوءَ جا گهڻا
لڳ لاڳاپا ۽ وجهه واسطا ۽ ڏيٺ ويٺ هوندي آهي. ان
کي هميشه ئي نقصان کانسواءِ ڪا به شيءِ نصيب نه
ٿيندي آهي.
اعتبار، اعتماد، آسرو ۽ اميد، اهي مجلسي زندگيءَ
جا نهايت ئي سهڻا ۽ صاف، سولا ۽ سهنجا، دلڪش ۽
دلنشين الفاظ هوندا آهن. انهن اکرن تي ڳنڍ ٻڌي
ويهي رهڻ ائين هوندو آهي، جيئن ”سسئي کي سڃ
ڳڻائي وئي هئي سيج ۾“. انسان جي سڃاڻپ جو سمورو
دارومدار ان جي علم ۽ عقل، دانائي ۽ دانشمندي،
معاملي شناسي، مطالعي معلومات ۽ مشاهدي جي پختگي
۽ پائداري تي هوندو آهي.
جتي خود داري هوندي آهي اتي خود غرضيءَ جو هجڻ
ناممڪن آهي، مگر جتي خود
غرضي هوندي، اتي خود
داريءَ جو ملڻ محال ٿي پوندو آهي. خود دار هميشه
ئي بهادر ۽ بيباڪ هوندو آهي ۽ خود غرض سدائين
لالچ ۽ لوڀ ۾ حيران ۽ پريشان هوندو آهي.
ويڻ ورائي ڏيڻ وڏن جو وڙ نه هوندو آهي. خسيس ۽
ننڍڙين ڳالهين ڏانهن ڪڏهن به ڌيان ڌرڻ نه گهرجي
ورنه پنهنجي قيمتي وقت سان ظلم ۽ زيادتي ڪرڻي
پوندي آهي. پهريائين پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي
پوءِ ٻين جي عيبن تي کلڻ گهرجي ورنه ٻين تي گند
اڇلائڻ جي بجاءِ پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
ويندي آهي. ٻئي کي دوکو ڏيڻ جي ڳالهه ته سمجهه ۾
ايندي رهندي آهي ڇو ته هر هڪ ماڻهو هڪٻئي سان
دوکو ڪندو رهي ٿو. مگر پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪرڻ
اهو هڪ عجيب طريقو آهي. پيٽ جي پوڄا ۽ ماني ٽڪر
جي منجهائيندڙ مسئلي ۾ منجهي پوندن
ته صرف ماني ٽڪر جي ٽڪر سان ٽڪرائيندو رهجي
ويندين. مڙس ڪڏهن به مانيءَ جي پوئتان نه هوندا
آهن، پر مڙسن جي ڪڍ ماني هوندي آهي. تنهنڪري
گندي ۽ گراهه جي گهمسان مان نجات حاصل ڪري اٿي
دنيا تي نظر ڪر ته پوءِ ٻيڙو ئي پار اٿئي. جن
ماڻهن کي گلن جي رنگن ۽ انهن جي خوشبو جي خبر نه
هجي ۽ موسمن جي شعور کان به بي شعور هجن ۽ دل جي
دردن جي داستانن کان به غير
واقف هجن، عقل ۽ عشق ۾ تفاوت ڪرڻ کان به ڪورا هجن ته انهن جي
محفلن ۽ مجلسن ۾ ڪڏهن به وڃڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ.
[4]
خط تنهنجو پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو. توکي خبر هئڻ
کپي ته خط لکڻ، پڙهڻ ۽ ان کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽
سمجهي وڃڻ پنهنجي مٿي هڪ وڏو فن هوندو آهي. هونئن به هرهڪ فن جون پنهنجون خوبيون ۽ خاصيتون، ادائون ۽
ادراڪ هونداآهن. تنهنجي خط پڙهڻ کانپوءِ مان سمجهي رهيو آهيان، ته تون
زندگيءَ جي هڪ اهڙي منجهائيندڙ ماحول ۾ منجهي پيو
آهين جتي توکي اميد ۽ آسري جا آثار ۽ اهڃاڻ نظر
نٿا اچن، جنهنڪري نااميديءَ ۽ نراسائيءَ جي ور
وڪڙن وارن وهڪرن جي ور چڙهي ويو آهين ۽ خط ۾ ڪٿي
به بهادري ۽ بيباڪي، همٿ حوصلي، شان ۽ شوڪت، مان ۽
مرتبي، حيثيت ۽ حقيقت جي حڪايت ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ نه ٿي
اچي، ۽ نه وري تو طلب ۽ تنوار، طاقت، تڙپ ۽ تازگي
جي تنگ کي تند
۽ تورڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا ۽ دنيا وارن کي ويجهو
ويهي ڏسڻ ۽ پسڻ کانپوءِ زماني جي لاهين، چاڙهين، اٿڻين، ويهڻين،
مندن ۽ موسمن، بوندن، لهرن، لهسن، هيٺاين ۽ مٿاين
کي پرکڻ کان پوءِ توکي پوري پرک پئجي ويندي. انهن
مٿين حالتن جي مشاهدي ڪرڻ کان سواءِ تو پاڻ کي
هيڻو سمجهي هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، جنهن ڪري تون
پنهنجو وجود وڃائي ويٺو آهين.
منهنجا پٽ! اسان پڪن پوڙهن جون پائدار ۽ پختيون
ڳالهيون تو جهڙن ننڍن نيٽن نوجوان نينگرن جي سمجهه
۽ سوچ کان مٿانهيون ۽ مٿڀريون هونديون آهن. انهن
کي سمجهڻ ۽ سوچڻ، سهڻي سليقي سان گڏ عمر ۽ تجربي،
آزمودي ۽ مشاهدي جي ضرورت هوندي آهي.
پٽڙا! تون مڙس ٿي پاڻ ۾ جيئڻ جي جوت جاڳائڻ جي
ڪوشش ڪر ۽ ڀرپور اعتماد سان پنهنجي منزل ۽ مقصد
ڏانهن وک وڌائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به ڪمي پيشي،
ڪوتاهي ۽ ڪسر نه ڇڏ جيئن زندگيءَ کي تنهنجي ضرورت
پوي. انسان جي حيثيت جو سمورو دارومدار سندس همٿ ۽
حوصلي سان هوندو آهي. جڏهن ۽ جتي به هٿ ۽ حوصلو
هارجي ويندو، تڏهن ائين سمجهڻ گهرجي ته حيثيت ختم
ٿي ويئي ۽ حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ ويچارو انسان نه
گهر جو نه گهاٽ جو، نه پاڙي جو نه اوڙي جو، نه
پنهجن جو نه پراون جو، نه ڪنهن ڳالهه جو نه ٻولهه
جو، نه تڙ جو نه تات جو، نه سار جو نه سنڀال جو،
نه سڏ جو نه ساٿ جو، نه مهل جو نه موقعي جو، نه
طلب جو نه تنوار جو، نه ڳڻ جو نه ڳوت جو، نه بيهڪ
جو نه بناوت جو، نه ڪم جو نه ڪار جو، نه عزت جو نه
احترام جو، نه محبت جو نه مروت جو، نه ڪرت جو نه
ڪاروبار جو، گويا زندگيءَ جي
هر ادا جي حرڪت ۽ برڪت کان هيسجي، حيراني ۽
پريشانيءَ جي پنڌن ۽ پيچرن ۾ هٿوراڙيون هڻڻ جو
هيراڪ ٿي پوندو آهي. تنهنجن خطن مان زندگيءَ جي ڪا
به جهلڪ، جوش ۽ جرڪائيندڙ جوهر نظر نه ٿو اچي
جنهنڪري خط جو هر هڪ لفظ تنهنجي اندر جي ترجماني
ڪندو گويا پٽ ۽ پاراتي جا مثال ڪندو رهي ٿو. ڪڏهن
تون پنهنجي حقن جي حاصل ڪرڻ لاءِ حيران ۽ پريشان
آهين ۽ ڪڏهن وري تون پنهنجي پيٽ پالڻ جي پوڄا ۽
پرستش جي پهن ۽ پورن پچائڻ ۾ پورو آهين.
ڪڏهن جيجل ماءُ جي جهولي ۾ جهڪندو رهين ٿو، ڪڏهن
ملڪ جي مٽي کي مشڪ سان مشابهت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ قابو
آهين ڪڏهن سنڌوءَ جي سينڌ ۾ سنڌور وجهي سينگارڻ،
سنوارڻ ۽ سڌارڻ جي سار سنڀال جي سوداءُ ۾ سوگهو
آهين.
پٽ! توکي خبر هجڻ کپي ته بزدل، بيڪار ۽ بي عمل قوم
جا ماڻهو هميشه هنجون هاريندا، ڳوڙها ڳاڙيندا، لڙڪ
لاڙيندا، نيڻن مان نيرن جا نار نروار ڪندا، ريهون
۽ رانباهه ڪندا، روڄ ۽راڙا ڪندا، آهون ۽ دانهون
ڪندا، سينو پٽيندا، پار ڪڍندا، پاراتا ڏيندا، پهه
پچائيندا، سکڻا سڏڪا ڀريندا ۽ سور سهندا رهندا
آهن. جنهن ڪري ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قسم جو نيڪ نتيجو
نڪري نروار ڪو نه ٿيندو آهي. افسوس جو سندن سمورا
درد ڀريا داستان نااميدين ۽ نراسائين، حيرانين،
پريشانين ۽ حسرتن
جي وهندڙ واهڙن ۾ وهي ويندا
آهن. انسان کي ڪڏهن به آسمان ڏانهن اڏامڻ جي اٻهرئپ ۽ارڏائيءَ
جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. جن کي گهرڻ جي سانڀر کان اڳ
۾ ئي سبن سان ستي پيل هوندي آهي، سي وٺڻ جي هر هڪ
طور طريقي جي فن کان وانجهيل، ويڳاڻا ۽ وائڙا
هوندا آهن. توکي وٺڻ ۽ گهرڻ جي تفاوت کان واقفيت
هئڻ گهرجي. هر وقت ۽ هر هڪ ڳالهه تي روئڻ به بيڪار
۽ بيسود ثابت ٿيندو آهي ۽ هر ماڻهوءَ سان پنهنجي
ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي شڪايت ڪرڻ ايئن هوندي آهي،
ڄڻ شڪايتن جي خلاف شڪايت ڪرڻ.
پٽ! دنيا جو هي عجيب دستور آهي ته گهرندڙ جي گهرجن
ڏانهن ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڌريو ويندو آهي، مگر
وٺندڙن جي هر هڪ ادا جو احترام ڪيو ويندو آهي. تون
سجاڳي ۽ بيداري کان بيزار ڇو آهين، تون شرافت ۽
شائستگي کان شرمسار ڇو آهين، تون پنهنجي حقن کي
حاصل ڪرڻ کان ڇو هٻڪندو آهين. پاڻ تي ۽ پنهنجي
نئين نسل تي رحم ڪر، ڇو ته تنهنجي حالت تي ڪنهن کي
به رحم نه اچڻو آهي.
تو کي معلوم هئڻ کپي ته عمل ۽ رد عمل اهي ٻئي
وصفون لازم ۽ ملزوم آهن. ان کان
سوءِ نفرت ۽ حقارت هڪ اهڙي بڇڙي بلا آهي، جنهن جو
نتيجو هميشه نقصانڪار نڪرندو آهي ۽ اڳتي هلي اها
نفرت، نفرت ڪندڙ طبقي جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي آهي.
موجوده صديءَ کي سجاڳي، بيداري ۽ پنهنجي کسيل حقن
حاصل ڪرڻ جي صدي چيو وڃي ٿو. تنهنڪري تون وقت ۽
حالتن جو جائزو وٺي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪندين ته
هميشه لاءِ پوئتي رهجي ويندين ۽ اڳتي وڌندڙن جي
وکن ۽ تيز رفتاريءَ کي ڏسندو، افسوس جا لڙڪ حسرت
جي دامن سان اگهندو رهندين.
منهنجا پٽ! مان هن خط ۾ توکي ڪي نوان نڪتا ٻڌائڻ
گهران ٿو. تون مهرباني ڪري انهن نـُڪتن
کي ڌيان سان پڙهجانءِ، مون کي اميد نه پر يقين آهي
ته منهنجي خط جي جيڪڏهن ڪنهن به اکر تي عمل ڪندين
ته ان ۾ تنهنجي ڀلائي ۽ بهبودي آهي. دنيا ۾ طاقت ۽
عقل جا ڪيئي قصا، ڪهاڻيون ۽ داستان دهرايا وڃن ٿا
۽ دهرايا ويندا. عقل انسان ذات لاءِ الله جي طرفان
هڪ اعليٰ نعمت عطا ٿيل هوندي آهي، جنهنڪري عاقل
پنهنجي عقل جي اوزار سان دنيا وارن جا ڪيترائي
منجهيل مسئلا ۽ معاملا حل ڪندو رهندو آهي. طاقت به
هڪ عجيب شيءِ آهي، جنهن جي ڪمن ۽ ڪارنامن جي ڪا
به ڀيڻي ڀر، ڪپر ۽ ڪنڌي ۽ سندس پاتال جي پاڙن جو
ڪو به پتو پار ۽ پرو پانڌ نه هوندو آهي. بهر صورت
طاقت غلط هجي يا صحيح، طاقت طاقت آهي. تاريخ هن
ڳالهه جي شاهد آهي ته دنيا ۽ دنيا وارن گهڻو ڪري
عقل جي ڳالهه کي تسليم نه ڪيو آهي، مگر هميشه ئي
طاقت اڳيان سر نوائيندا ۽ سجدو ڪندا سندس پاٽ پوڄا
جا پهه پچائيندا رهندا آهن. تاريخ اڳتي هلي عقل ۽
طاقت جو پاڻ ويهي فيصلو ڪندي. منهنجو پنهنجو ذاتي
مشاهدو آهي ته ڪڏهن به طاقت جي اڳيان عقل جي ڳالهه
نه ڪجي ته بهتر آهي، ان ۾ عاقل جي عاقبت ۽ عافيت
سمايل هوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪو به عاقل تڪڙ ڪري
طاقت جي اڳيان عقل جي ڳالهه ڪندو ته اڪابر جي پڳ
وڃي پڌري پٽ پري پوندي. طاقت هميشه ئي غلط استعمال
ڪئي ويندي آهي، جڏهن ۽ جتي به طاقت صحيح استعمال
ڪبي ته ان طاقت کي طاقت نه چئبو آهي. ڇو ته انسان
جي عجيب فطرت هوندي آهي ته هو زور، ظلم، زبردستي ۽
زيادتي، ڏر، ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ اڳيان جهڪندو رهندو
آهي. پوءِ اهو غلط هجي يا صحيح، انسان جي جهڪڻ جا
به سوين ساٺ سنوڻ، ڏينهن ۽ ڏڻ، عقيدا ۽ارادا هوندا
آهن. ڏٺو ويو آهي ته انسان نهايت ئي مجبوري جي
حالت ۾ سجدا ۽ سلام ڪندو رهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هن
کي سجدن ۽ سلامن مان ڪو انڌو منڊو فائدو به پهچندو
آهي، ڪڏهن وري نقصان به ٿيندو رهندو آهي.
طاقت هر هڪ ڳالهه کي هضم ڪرڻ جي هيراڪ هوندي آهي،
صرف طاقت عقل جي اولڙي کان ڪؤ کائيندي، لاڙو ڪندي،
لنوائڻ ۽ ڪيٻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي، ان
کانسواءِ طاقت ان ڪوشش ۾ هوندي آهي ته عقل کي
تباهه، تاراج ۽تلف ڪيو وڃي ۽ عقل وري پنهنجي عادت
کان مجبور هوندو آهي ته هو طاقت اڳيان سڀ ڪنهن
حقيقت ۽ حڪايت، قصي ۽ ڪهاڻيءَ کي نهايت ئي بيباڪي
۽ بهادري سان بيان ڪندو رهي. جا ڳالهه طاقت کي
پسند نه هوندي
آهي.
جنهنڪري طاقت جي زوال ۽ زبون ٿيڻ جون نشانيون جلد
ظاهر ٿي پونديون آهن، ۽ هو پڌري پٽ اچي پوندي آهي.
ڪٿي ۽
ڪڏهن به طاقت ۽ عقل پاڻ ۾ گڏ رهي نه سگهندا
آهن.
ڇو جو جتي طاقت هوندي اتي عقل جو اولڙو به پئجي نه
سگهندو آهي. جتي وري عقل جو علم اوچو ۽ اعليٰ
هوندو آهي اتي طاقت جو تر جيترو به تعلق نه هوندو
آهي. ان کانسواءِ عشق وارن سان به عقل جي ڳالهه نه
ڪبي آهي. ڇو جو جتي عشق هوندو، اتي عقل جي ڳالهه
ڪرڻ بنهه بيوقوفيءَ جي برابر هوندي آهي. عقل ۽
عشق، ٽن ٽن اکرن جا سهڻا، صاف، دلڪش ۽ دلنشين
مجموعا آهن. جيئن ته عشق جو پهريون اکر ”ع“ سان
شروع ٿئي ٿو ۽ ”ق“ به هن ۾ قابو ٿيل آهي. اهڙي طرح
عقل جي پهرئين اکر جي شروعات به ”ع“ سان ٿئي ٿي ۽
”ق“ به هن ۾ قائم ۽ دائم آهي. ٽيئي اکر پاڻ ۾
هڪٻئي سان ڳنڍيا ۽ ڳتيا پيا آهن. ڪا به سندن بيهڪ،
بناوت ۽
وجود ۾ وٿي ۽
وڇوٽي ڪا نه آهي ان جي باوجود عقل ۽ عشق جا رستا ۽
راهون، پنڌ ۽ پيچرا،
گس ۽ گام، ارادا ۽ عقيدا، منزلون ۽ ماڳ، مقصد ۽
مطلب مختلف ۽ جدا جدا هوندا آهن. عشق جا به ٻه قسم
هوندا آهن. هڪ عشق ميل ميلاپ لاءِ واجهائيندو منزل
مقصود تي پهچي وصال ڪرڻ کانپوءِ وسامي ويندو آهي.
ٻيو عشق وصال لاءِ واڪا ڪندو رهي ٿو، مگر وصال جي
منزل تي پهچڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، صرف وصال لاءِ
واجهه وجهيو واجهائيندو، عشق کي اجاريندو رهندو
آهي. اهڙي طرح عقل به ٻن قسمن جو هوندو آهي. هڪ
عقل، خوف ۽ خطري جي خدشي کان بلڪل بي نياز ۽
بي
پرواهه ٿي ڪري پنهنجا ٻول ٻوليندو ۽ باتيون بيان
ڪندو رهندو آهي. ٻيو عقل پيدا ٿيندڙ حالتن ۽
حقيقتن جي نزاڪت کي سامهون رکي ماحول ۽ مصلحتن جي
منجهائيندڙ معاملن ۾ منجهي ڪري وقت جو غلام بنجي
ان جي اشارن تي نچندو رهندو آهي.
منهنجا پٽ! دنيا ۾ هر هڪ ڪم ڪار، ڪاروبار، وڻج
واپار، ڏيتي ليتي، ڏيڻ وٺڻ، سودي سلف، مال ۽
ملڪيت، زمين ۽ زر ۾ ڀائيواري، ڀائيچاري ۽ برابري
ٿيندي رهندي آهي .مگر صرف ٻن جاين ۽ معاملن ۾ ڪٿي
به ۽ ڪڏهن به ڀائيواري ۽ برابري نه ٻڌڻ ۾ آئي، نه
پڙهڻ ۾ آئي ۽ نه ڏسڻ ۾ آئي.
هڪ اقتدار ۾ ۽ ٻي محبت ۾. ائين ڇو آهي، ڇا لاءِ
آهي، ڇا جي ڪري آهي ۽ ڇو ٿيندو رهيو آهي. اهي
نهايت ئي باريڪ نڪتا آهن، جن کي سمجهو ئي ڪي
سمجهن.
سنڌ ۽ سنڌين جي اها تاريخي بدبختي آهي جو هو
اجتماعي طرح ڪنهن به علمي، ادبي ۽ عوام جي ڀلائي ۽
بهبود، واڌاري ۽ سڌاري، تعمير ۽ ترقي واري اداري
کي عروج ۽ اوج تي پهچائڻ جي بدران ذاتي ۽ شخصي
منجهيل معاملن کي سامهون رکي انهن ادارن کي تباهي
۽ تنزل جي تحت السريٰ جي تري ۾ اڇلائڻ جا عادي ٿي
رهيا آهن. اول ته ڪنهن به ڪم ڪندڙ کي اڳتي وڌڻ جي
بجاءِ ان جي راهه ۾ روڙا اٽڪائيندا رهندا آهن، سنڌ
جي سياسي ۽ ادبي تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿئي
ٿو ته سياست توڙي ادب ۾ هميشه گروهه بندي ٿيندي
رهي آهي. جنهنڪري اسان زندگي جي هر شعبي کان دور
رهندا آيا آهيون. افسوس!
(وفائي) |