سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :15 

  [42]

هن خط ۾ تو عشق جي باري ۾ سوال پڇيو آهي سڄڻ! اهڙو نازڪ ۽نفيس اڻانگو ۽ اوکو سوال ڪنهن پيدائشي عاشق کان پڇڻ گهربو هو ته بهتر هو. تنهن هوندي به مان نهايت مختصر نموني ۾ پنهنجي سمجهه موجب جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

منهنجا دوست!

هن دنيا جو بنياد صرف عشق تي رکيل آهي، جنهن ڪري خالق جي هر هڪ خلقيل شيءِ ۾ عشق جو ڪجهه نه ڪجهه ذرو پرزو ڳنڍيل، ڳوتيل، مليل ۽ ملايل آهي، ان ڪري هر هڪ انسان پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ، سليقي ۽ساڃهه مطابق ڪنهن نه ڪنهن سان ٿورو گهڻو ظاهر ۽ لڪل عشق ڪندو رهندو آهي.

هونئن به بنا عشق جي انسان باري تعاليٰ جي زمين تي بار هوندو  آهي ۽ عشق کان سواءِ سموريون ڳالهيون ۽ڳڻ، وصفون ۽ واکاڻيون بلڪل بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿينديون رهنديون آهن.

عشق جا پنهنجا پنهنجا اصول، ارادا ۽ عقيدا، دين ۽ ڌرم، مطلب ۽ مقصد، منصب ۽ منزلون مقرر ٿيل هونديون آهن، جنهن ڪري عشق عاشقن کان اهڙا اهڙا ڪم ڪاريون ۽ ڪار گذاريون، قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ ڪرتب ڪرائيندو رهندو آهي، جن کي ظاهري اکين وارا ڄاڻي ۽ سڃاڻي نه سگهندا آهن، ڇو ته نظرن لاءِ به ڪي معيار مقرر ٿيل هوندا آهن. ڏسڻ ۾ آيو آهي ته عشق ۽عقل جو پاڻ ۾ ڪٿي ۽ ڪڏهن به ميل ميلاپ ۽ ملاقات ڪا نه ٿي آهي، جنهن ڪري چيو ويندو آهي ته عشق وارن سان ڪڏهن به عقل جي ڳالهه نه ڪجي ته بهتر آهي. عاشقن جي ظاهري ۽ باطني ادائن کي صرف ڪي اهل دل ۽ اهل نظر ئي پرکي ۽ پروڙي سگهندا آهن.

سنڌي زبان کي هر دور ۾ اديبن، عالمن، محققن، تاريخدانن، تاريخنويسن، صحافين ۽ شاعرن پنهنجي انداز موجب اهڙي ته ادئگيءَ سان ادا ڪيو آهي ۽ ڪندا رهن ٿا، جن جي ادائن جو قدر ۽قيمت ڪنهن به ادا جي ادا ڪرڻ سان ادا نه ٿي ڪري سگهجي.

(وفائي)

[43]

گهڻن ڏينهن کان پوءِ تنهنجو خط پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو، هن دفعي تو زماني جي زيادتين ۽ زورا ورين ۽ ان جي چال چلت جي باري ۾ سوال پڇيو آهي. سڄڻ! زماني جو هي چرخو پنهنجي چرپر ۾ چالو رهندو اچي ٿو، سندس هر هڪ ادا جي انداز کان اڄ ڏينهن تائين ڪو به عاقل واقف ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جا سوين سبب ۽ سبق آهن، هتي ڪهڙا لکي ڪهڙا لکجن هڪ اڌ ڪا ادا هجي ته ان جو غلط يا صحيح اندازو لڳائي سگهبو آهي، هتي ته سمورو ماحول مومل جي ماڙيءَ وانگي منجهائڻ ۽ منجهي پوڻ جي  معاملي ۾ مليل ۽ متل آهي. جنهن ڪري ڪيترا راڻا راهن ۽ رستن تي پنهنجي داد  حاصل ڪرڻ لاءِ دانهون ڪندا رهن ٿا، مگر زماني اڄ ڏينهن تائين ڪنهن تي به رحم ۽ رواداريءَ جو رايو ظاهر نه ڪيو آهي، هونئن به زماني جون ظاهري ۽ باطني باتيون ۽ بيان پنهنجا پنهنجا مقرر ٿيل هوندا آهن، شروعات کان وٺي سڀ ڪنهن زماني جي ناقدرين، زيادتين ۽ ظلمن جون شڪوه ۽ شڪايتون ڪيون هيون، ڪيون وڃن ٿيون ۽ ڪيون وينديون. زماني کي زماني وارا سون نالن سان ۽ خاص خطابن سان خطاب ڪندا خوش ٿيندا رهندا آهن، پر زماني ڪڏهن به ڪنهن جي ساراهه ۽ ثنا، گلا ۽ غيبت ڏانهن ڌيان ڌرڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي آهي ۽ هميشه پنهنجي قدرتي مقرر ڪيل قاعدن ۽ قانونن موجب هل هلان ۾ هلندو رهندو آهي.

زماني جي به عجيب فلاسافي ۽ فتويٰ ٿيل آهي ته جيڪو سندس ساٿ ۽ سنگت ساري سگهه  سان وک ۾ وک ملائيندو رهندو، تنهن کي هميشه ئي پاڻ سان ساڻ کنيون گهمندو رهندوآهي. پر جيڪڏهن ڪي ماڻهون هن جي قاعدي ۽ قانون سان ساٿ نه ٿا ڏئي سگهن، تڏهن به کيس ڪا به ڪاڻ ڪا نه هوندي آهي، زمانو ئي صرف آهي جنهن ڪڏهن به ڪنهن جو نه انتظار ڪيو هو، نه انتظار ڪري ٿو نه انتظار ڪندو رهندو، ان کانسواءِ زماني ۾ خاص دورن جا دور به داخل ٿيندا رهندا آهن، جنهن ڪري دورن جا ڪڏهن نه ڪڏهن ذڪر ۽ فڪر ٿيندا رهندا آهن .هاڻي ڏسڻو صرف هي آهي ته هي دور ڪهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. سڄڻ! منهنجي خيال موجب هي دور دغا ۽ دولاب جو دور آهي، هي دور وير ۽ وڍ جو دور آهي، هي دور نفرت ۽ ناراضگيءَ جو دور آهي، هي دور دٻڙ دونس ۽ دٻدٻي جو دور آهي. هي دور دوريءَ ۽ ڌڪار جو دور آهي، هي دور ڪم ڪڍڻ ۽ ڪم ڪڍائڻ ۽ ڪم ڪڍي وڃڻ جو دور آهي، هي دور گلا ۽ غيبت جو دور آهي، هي دور جهيڙن ۽ جهٽن جو دور آهي، هي دور جهڙپن ۽ جهٽڪن جودور آهي،، هي دور بد اخلاقي ۽ بيحيائيءَ جو دور آهي، هي دور ڏر ۽ ڏاڍ جودور آهي، هي دور نااهلي ۽نالائقيءَ جو دور آهي، هي دور ڪوڙ جي ڪاريگرن جو دور آهي، هي دور پيٽ کي پر ڪرڻ ۽ پئسن سان پيار ڪرڻ جو دور آهي،  هي دور ضد ۽ زيادتيءَ جو دور آهي، هي دور حيراني ۽ پريشاني جو دور آهي، هي دور هل هلان  جي هلڻ جو دور آهي، هي دور وٺ وٺان جي وٺ پڪڙ جو دور آهي، هي دور ڀڄ ڀڄان ۽ ڀڄڻ جو دور آهي، هي دور معاشي مسئلن ۾ منجهي پوڻ جو دور آهي، هي دورپاندي پوري نه پوڻ جي پڪارن جو دور آهي، هي دور شر ۽ شرارت جو دور آهي، هي دور ٺڳڻ  ۽ٺڳجي وڃڻ جو دور آهي، هي دور چرچ ۽ چوچڙيءَ ڏيڻ جو دور آهي، هي دور چغليءَ ۽ چغلخورن جو دور آهي، هي دور ويڻ ورائي ڏيڻ جو دور آهي، هي دور پٽ پاراتي جو دور آهي، هي دور پنهنجي رکي ٻئي جي کائڻ جو دور آهي، هي دور وهه جي وکر وڪڻڻ ۽ ورهائڻ جو دور آهي، هي دور بي رحمي ۽ بيدرديءَ جو دور آهي، هي دور زبردستي ۽ ظلم جو دور آهي، هي دور فتني ۽ فساد جو دور آهي، هي دور نيڪي ڪرڻ واري کي ناراض ڪرڻ جو دور آهي،  هي دور احسان ڪندڙ کي آزارڻ جو دور آهي، هي دور ڀلائي ڪندڙ کي بري چوڻ جو دور آهي، هر حالت ۾ ائين سمجهڻ گهرجي ته هي دور ايمانداريءَ سان بي ايماني ڪندڙن جو دور آهي. منهنجي تجربي موجب ڪو به ماڻهو ڪنهن جو دشمن نه آهي. انسان پنهنجو دشمن پاڻ هوندو آهي. پهريائين ماڻهوءَ کي پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسڻ گهرجي ته پاڻ ڪيترين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين، ڪمين پيشن، غلطين  ۽گناهن جي گندن ۾ گتل ۽ گپيل آهي، پوءِ ٻين جي عيبن جي اوگهڙ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجيس، هونئن به انسان ۾ ڪيئي بشري ڪمزوريون  ۽ڪوتاهيون قائم هونديون آهن، جنهن ڪري موقعن ۽ مهلن تي ننڍيون وڏيون غلطيون کانئس ٿينديون رهنديون آهن. پر جيڪڏهن هو پنهنجن ننڍين وڏين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ڪاوش ڪندو رهندو ته ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي نيڪ ۽ مبارڪ مقصد ۾ ڪامياب ۽ فتحياب ٿي وڃي پنهنجي منزل تي پهچندو.

منهنجا دوست! هر هڪ منزل جا به پنهنجا رايا ۽ راخ رکيل هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن منزل تي پهچڻ کان پوءِ به مسافر کي منزل نظر نه ايندي آهي. ائين ڇو آهي، ڇا لاءِ آهي، ڇو ٿيندو رهندو آهي. ان کانسواءِ ڪڏهن انسان جي زندگيءَ ۾ ظاهر ڪاميابيون ۽ فتحيابيون به ناڪاميابيءَ جا نظارا ڏيکارينديون رهنديون آهن ۽ ڪڏهن وري ناڪاميابيون به ڪاميابيءَ جو ڪم ڪار ڪنديون رهنديون آهن، جنهن ڪري هر هڪ ڳالهه سڀ ڪنهن جي سوچ سمجهه، ساڃهه کان سرس هوندي آهي، تنهن ڪري انسان کي ٻين جي سمجهه ۽ سوچ کي پنهنجي سمجهه سان سوچڻ نه گهرجي.  دنيا جو دستور آهي ته جنهن ماڻهو سان گفتگو ڪريو ته ان جي حيثيت ۽ لياقت مطابق گفتگو ڪندؤ ته هو اوهان جي ڳالهه ٻولهه کي چڱي طرح ٻڌندو رهندو، پر جيڪڏهن هن جي عقل کان وڌيڪ ڳالهه ڪندا ته هو ڪنهن به حالت ۾ اوهان جي عالمانا، فاضلانه ۽ مفڪرانه گفتگوءَ ڏانهن ڪنهن به قسم جو ڪو به توجهه نه ڏيندو رهندو.

جيڪڏهن تون ڪنهن به ڪم ڪندڙ مزدور سان تاريخ، فقهه، فلسفي، منطق، علم ۽ ادب، ڪتاب ۽ قلم جي ڳالهه ڪندين ته هو ويچارو ڇا سمجهندو. هڪ ماڻهو سڄي زندگي ڪنهن به سواري ۾ سوار نه ٿيو هجي، صرف پنهنجي پنڌن ۾ پورو هجي ته ان کي تون ريل جي ايئر ڪنڊيشن گاڏي ۾ ويهاريندين ته ڄڻ ان سان زيادتي ڪندين ۽ ا ن سان گڏ سفر ڪندڙ مسافرن سان به جيڪي سور ۽ سختيون ٿينديون تن جو احوال به اهيئي ٻڌائي سگهندا، جيستائين ڪنهن به جاءِ ۽ عمارت جي پيڙهه پڪي، پختي ۽پائدار نه هوندي تيستائين تون ان جاءِ کي اندران ٻاهران رنگ روغن ڏئي سينگاريندو رهندين ته به ان مان نه رهندڙن کي فائدو  رسندو ۽ نه ڏسڻ وارن کي مزو ايندو، بنيادي ڳالهه آهي، هر هڪ شيءِ جي بنياد جي، جنهن شيءِ جو بنياد بگڙيل هوندو تنهن جي سموري ڍانچي جو ڊانوانڊول ٿيڻ لازمي ٿي پوندو آهي. جنهن جو بنياد مضبوط نه آهي ائين سمجهڻ گهرجي جيئن گپ ۾ ڪلو گتل آهي، ٿورڙي هوا ۽ واچوڙي جي ور چڙهي وڃڻ کان پوءِ نه ڪلي جي ڪل پوندي نه وري گپ جو ئي پتو پئجي سگهندو، تنهن ڪري انسان کي هميشه  ئي پنهنجي حيثيت، حقيقت ۽ هٽيءَ آهر ئي هوڪو ڏيڻ گهرجي ته بهتر آهي.

جن سڄڻن ۽ ساٿين، علم نواز ۽ ادب پرورن، جو ڪتاب ۽ قلم ،علم ۽ ادب، تخليق، تاريخ ۽ تحقيق سان ٿورو گهرڻو تعلق، لڳ لاڳاپو ۽ وجهه واسطو آهي، انهن کي ئي پوري طرح پروڙ پيل آهي ته سنڌي زبان هر دور ۾ پنهنجي اعليٰ ۽ اوچين خوبين ۽ خاصيتن سان ادب جي هر صنف جي خاصي خدمت ڪندي اڳتي وڌندي رهي آهي ۽ وڌندي رهي ٿي ۽ وڌندي رهندي.

(وفائي)

[44]

هن خط ۾ تو علم ۽ قلم جي باري ۾ سوال پڇي مون کي منجهائي ڇڏيو آهي. منهنجا مهربان! هن حقير ۽ فقير کي اڄ ڏينهن تائين علم جي (ع) ۽ قلم جي (ق) جي به ڪا ڪل ڪا نه آهي، جنهن ڪري تون اهڙا علمي ۽ ادبي سوال پڇڻ جي ڪوشش نه ڪندو ڪر.

هونئن به انسان علم جي انت ۽ انتها ۽ قلم جي ڪمال ۽ ڪرت جي ڪاٿي ڪٿڻ کان ڪٿائيندو رهندو آهي. دوست! سچو ۽ صاف سهڻو ۽ صداقت وارو علم ۽ قلم ڪڏهن به اقتدار سان لڳ لاڳاپو ۽ وجهه واسطو نه رکندا آهن. ڪي ڪي اهل علم ۽ اهل قلم عافيت ۽ عاقبت، آسائش ۽ آرام جا عادي ٿي پوندا آهن، جنهن ڪري هو هر ايندڙ جو استقبال ۽ آجيان لاءِ تيار  ۽ هر ويندڙ کي وساري ويهي رهندا آهن.

جڏهن ۽ جتي علم ۽ قلم سومناٿ جي بيٺل بتن جي اڳيان سر جهڪائيندا سجدا ڪندا ۽ اقتدار جي ايوانن جي درن تي دربدر ٿي ڌڪا ٿاٻا کائيندا رهندا آهن، تڏهن صحيح علم ۽ صاف قلم پنهنجي برادري جي بي بسي ۽ بي ڪسي تي افسوس ۽ ارمان جا لڙڪ حسرت ۽ حيرت جي دامن سان اگهندا رهجي ويندا آهن. علم ۽ قلم جا صرف شروعاتي اکر جدا آهن. باقي ٻنهي جي بدني بيهڪ ۽ بناوت، منهن ۽ مهانڊو، نقش ۽نگار هوبهو هڪجهڙا ۽ ساڳيائي آهن ۽ ان کانسواءِ پاڻ ۾ ڳنڍيا ڳتيا پيا آهن. جنهن ڪري سندن جسم ۽ جان ۾ ڪنهن به قسم جي وڇوٽي ۽ وٿي ڪا نه آهي. جڏهن علم ۽ قلم مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ مورين ۽ گجرن وانگر وڪامڻ شروع ٿيندا آهن، تڏهن انهيءَ علم کي ”ع“ جي بجاءِ ”الف“ سان لکڻ گهرجي يعني ”الم“ ۽ ”قلم“ جي شروعات ”ق“ سان نه بلڪه ”ڪ“ سان ڪئي وڃي يعني ڪلم علم ۽ قلم جي قصن ۽ ڪهاڻين ۽ داستانن کي هتي دهرائبو ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا.

[45]

خطن جي سلسلي ۾ پهريون ئي دفعو آهي جو تو جلدي خط لکيو آهي، هن خط ۾ تو ذاتي مشاهدن جي معلومات متعلق سوال پڇيو آهي.

منهنجا دوست!

ذاتي مشاهدا ته زندگيءَ ۾ هزارين ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا، في الحال مان توکي هڪ مشاهدي جي باري ۾ ٻه اکر لکي رهيو آهيان.

انسان جي زندگي ۾ جيڪا به سندس ذاتي مشاهدن ڪري معياري معلومات حاصل ٿيندي رهندي آهي، اهائي سندس صحيح معنيٰ ۾ سيني سان سانڍڻ جهڙي سوغات ۽ سوکڙي هوندي آهي، جنهن ڪري اها معلومات مختلف موقعن ۽ مهلن، محفلن ۽ مجلسن ۾ دستگيري ۽ رهنمائي ڪندي رهندي آهي، هونئن به انسان لاءِ ذاتي تلخ تجربا ۽ آزمايل آزمودا وڏو سرمايو هوندا آهن.

سڄڻ! ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهون جن جي زندگي جو مطلب ۽ مقصد صرف هي هوندو آهي ته هو ڪنهن به ننڍي يا وڏي اقتدار واري جي اڳيان ۽ پويان فولڊنگ ڪموڊ کنيون خوش ٿيندا رهندا آهن، اهڙي قسم جا واقعا هن گنهگار اکين اڳيان روزمره ٿيندا رهندا آهن. ڪراچي جي هڪ مشهور معروف هوٽل ۾ دوستن ۽ يارن جي  گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هر قسم ۽ هر طبقي جا دوست ۽ احباب اچي گڏ ٿيا هيا.

سڄڻ! گهڻو ڪري اهڙين محفلن ۽ مجلسن ۾ ڪيترن ماڻهن جي ملڻ، گفتگوءَ ۽ انهن جي چرپر ۽ اٿڻ ويهڻ، حرڪتن ۽ حرفتن مان سندن اصليت معلوم ٿيندي رهندي آهي. منهنجو هڪ ڄاڻ سڃاڻ وارو صاحب به انهيءَ محفل ۽ مجلس ۾آيل هو. مان پنهنجي خاص چوياريءَ ۾ انهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي، پنهنجي دوستن کي ٻڌايو ته هي صاحب صرف انهن ماڻهن سان ملندو جيڪي سرڪاري نوڪرين ۽ عهدن تي قائم ۽ دائم آهن ۽ ٻئي ڪنهن به بي اختيار معزز ماڻهوءَ سان اصل ملڻ جي ڪوشش نه ڪندو. قدرت خدا جي ٿيو به ائين، جڏهن مهمانن اچڻ شروع ڪيو، تڏهن اهو همراهه صرف ڪامورن ڪرڙن، عملدارن ۽ آفيسرن سان ٻه قدم اڳتي وڌي نهايت ئي ادب ۽ احترام، نياز نوڙت سان ملندو رهيو ۽ ڪنهن به بي اختيار ماڻهوءَ سان نه مليو. انهيءَ محفل ۾ هڪ رٽائرڊ آفيسر به اچي نڪتو. مگر آجيان ڪندڙ منهن ڦيرائي ٻئي طرف ڪيو ڇو ته هو رٽائرڊ ٿيل هو.  جڏهن استقبال ڪندڙ هڪ همراهه جي پاسي مان اچي لنگهيو ته ان کيس چيو ته هن صاحب سان توهان ڇو نه مليؤ. مگر هن صاحب جواب ڏيڻ ۾ ٽال مٽول کان پئي ڪم ورتو، تنهن تي هن چيس ته هن رٽائرڊ آفيسر جا ٻه پٽ هن وقت تمام وڏين نوڪرين ۾ آهن. هڪ تازو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو آهي ۽ ٻيو سڌو سنئون پوليس جو ڊپٽي سپريڊنٽ. همراهه انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان وٺي ڀڳو ۽ انهيءَ رٽائرڊ ڪاموري سان وڃي مليو ۽ کيس شروعات ۾، نه ملڻ جي ڪوڙن سچن بهانن ڏيڻ کانپوءِ چوڻ لڳو ته چاچا سائين معاف ڪجو جو مان اوهان کي اچڻ وقت ڪو نه ڏٺو. خير عافيت  پڇڻ کانپوءِ کيس مبارڪ ڏيڻ شروع ڪيائين. رٽائرڊ چاچو حيران ٿيڻ لڳو ته جڏهن مان هال ۾ آيس تڏهن هي همراهه مون سان نه مليو ۽ نوڪريءَ جي وقت ۾ پنهنجن ڪمن ڪارن ڪڍائڻ لاءِ ايندو رهندو هو. هن وقت ملڻ سان هي صاحب مون کي ڪهڙي خوشيءَ جون مبارڪون ڏيئي رهيو آهي.

آخرڪار چيائينس ته سائين اوهان جي ٻن نينگرن کي الله تعاليٰ وڏا سرڪاري عهدا عطا ڪيا آهن، هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو آهي ۽ ٻيو ڊي ايس پي. تنهن تي چاچي هن کي چيو ته ابا منهنجا پٽ اڃان ڪاليجن ۽يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اوهان کي ڪنهن غلط ٻڌايو آهي، همراهه ڏاڍو پشيمان ٿيو، وري موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي نه ويٺو ۽ ماني ٽڪر کائي جلدي روانو ٿي ويو.

منهنجا دوست! اهي اٿئي اڄڪلهه جي درٻاري ذهنيت جي ميناڪاري ڪندڙن ڪاريگرن جا ڪم ۽ ڪاريون. سڄڻ! انهن ويچارن جو به ڏوهه نه آهي ڇو ته انهن جا وڏا پنهنجن ننڍن جي سامهون ڪامورن جون ايتريون ۽ ايڏيون رسائيون خوشامنديون ۽ خدمتون ڪندي ڪافي ملڪيتن جا مالڪ بڻيا ۽ سرڪار جي طرفان خاصا خطاب به حاصل ڪيائون. ان مان صاف ظاهر آهي ته ماڻهو لاءِ اصلي ۽ بنيادي شيءِ تربيت آهي، شل نه ڪنهن بري ۽ بڇڙيءَ تربيت ۾ ڪو ماڻهو ڦاسي پوي. پوءِ ڏس ويهي ان جا موقعن ۽ مهلن تي رنگ ۽ ڍنگ ۽ تڪڙا ترڪتال.

[46]

خط تنهنجو پهتو. هن دفعي تو اجاين ۽ سجاين الزامن، بيڪار ۽ بيسود بهتانن جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

دوست! دنيا ۾ سڀ ڪنهن غلطي ۽ گناهه جو ڪونه ڪو ڪفارو هوندو آهي، جيڪڏهن ڪفارو نه آهي ته صرف ڪوڙ ۽ ان سان گڏ اجاين الزامن ۽ بيڪار بهتانن جو.

انسان جي وڏي ۾ وڏي اخلاقي ڪمزوري ۽ ذهني پستي ان مان ظاهر ٿيندي رهندي آهي ته هو  پنهنجن ۽ پراين  جي پهن پچائڻ ۾ پورو ٿي ڪري ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ الزام ۽ بهتان هڻندو رهندو آهي.

منهنجو هڪ دوست جيڪو هميشه ئي پنهنجي لياقت ۽ طاقت آهر هر مستحق ۽ منجهيل ماڻهوءَ جي مدد ۽ امداد ڪرڻ ۾ هميشه ئي اڳرو ۽ اڳڀرو هوندو هيو. پنهنجي محنت ۽ مشقت، ڪاروبار ۽ ڪم سان ڪراچيءَ ۾ بنگلو ٺهرايائين، هڪ ٻه ڪار به ورتائين، ان سان گڏ آفيس ۾ ايئرڪنڊيشن به هڻايائين ۽ ماڻهن جي ڪمن ڪرڻ ۽ ننڍين وڏين نوڪرين ڏيارڻ جي ڪري به  مشهور ٿي ويو.

ڪافي عرصي کان پوءِ مون وٽ آيو، حال احوال ڏيڻ وٺڻ کان پوءِ مون کيس چيو ته تون اڄ ايترو پريشان ڇو آهين، چيائين ته يار ڪهڙا ٿو زماني جا حال پڇين، آنڌي ۽ مانجهيءَ جن جي مدد ۽ امداد ڪندو رهيس سي اڄ مون کي عجيب قسمن جي خاصن خطابن سان خطاب ڪندا رهن ٿا. جڏهن مسواڙ جي فليٽ ۾ رهندو هوس ته سمورا دوست ائين چوندا رهندا هئا ته هيڏي هلندي پڄندي ۽ واقفيت هوندي به ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙائي نه سگهيو آهين، مگر جڏهن پنهنجو غريب خانو ٺهرايم تڏهن انهن ئي همراهن عجيب ٻول ٻولڻ شروع ڪيا. ڪن چيو ته سڄو ملڪ ڦري ناس ڪيو اٿس،  ڪن چيو ته سي آءِ جو ايجنٽ آهي، ڪن چيو ته سي آءِ ڊي جو پگهاردار آهي، ڪن چيو ته سرمائيدارن جو ايجنٽ آهي، ڪن چيو ته ماڻهن کان پئسا وٺي انهن جا ڪم ڪندو آهي، ڪن چيو ته وڏيرن جو ڇاڙتو آهي. بهر صورت جن تي احسان ڪيا ويا، انهن پنهنجي سمجهه سوچ ۽ حيثيت آهر هوڪا ڏيڻ شروع ڪيا آهن. مون کيس هن زمين سان تعلق رکندڙ هڪ عام پهاڪو ٻڌايو ته ادا اسان جي ماڻهن ۽ معاشري جا ترجمان صرف هي ٻه اکر آهن. ”سائي کي سهي ڪون ۽ بکئي کي ڏئي ڪون“. پاڻ چيائين ته وفائي صاحب پنهنجي ڪاروبار، محنت ۽ مشقت ڪري سرمائيدار طبقو مون کي خوشيءَ کان پنهنجي برادريءَ ۾ آڻڻ لاءِ بيتاب آهي، ڇو ته انهيءَ سرمائيدار طبقي ۾ هڪ سرمائيدار جو اضافو ٿي رهيو آهي، مگر افسوس صرف هن ڳالهه جو آهي جو جنهن طبقي سان مان تعلق رکان ٿو، اهو ئي طبقو منهنجي پڳ لاهڻ جي پهن ۾ پورو آهي. مون کيس دلجاءِ ڏيندي چيو ته سڄڻ، دنيا جو هي پراڻو دستور آهي ته هميشه ئي جنهن تي احسان ڪبو آهي اهو پنهنجن محسن ڪشيءَ جو اهڙيءَ طرح مظاهرو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي، جو احسان ڪندڙ هميشه لاءِ توبهه تائب ٿي ڪنهن به سچي پچي مستحق جي مدد ڪرڻ کان پوءِ ڪيٻائيندو ۽ ڪئو کائيندو رهندو آهي. وڌيڪ چيو مانس ته اسان جي سنڌ ۾ هڪ عجيب ۽ غريب رواج آهي ته ڪو به ماڻهو بغير ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ  ۽لڳ لاڳاپي جي هر ماڻهو جي باري ۾ راءِ زني، تبصرا  ۽ تنقيد ڪندو رهندو آهي. اهو هڪ وڏي ۾ وڏو اخلاقي جرم آهي، جو بنا ڪنهن ڏيٺ ويٺ جي غلط الزام مڙهجي ته فلاڻو ماڻهو هيئن چوندو رهي ٿو ۽ فلاڻي ڳالهه جو راوي فلاڻو ماڻهو آهي. حالانڪه جن جن ماڻهن جا نالا ورتا ويندا آهن، انهن صاحبن جي ملائڪن کي به ڪا ڪل ڪا نه هوندي آهي. نه ڏيٺ نه ويٺ، نه سلام نه ڪلام، نه ڄاڻ نه سڃاڻ، نه اٿي نه ويٺي. ان هوندي به اسان هڪ ٻئي تي بي بنياد بهتان لڳائيندا رهندا آهيون، جيستائين ڪوڙي جو منهن وڃي ڀت سان لڳي.

دلجوئي ڪندي چيومانس ته ماڻهن پيغمبرن تي به بي بنياد بهتا نهنيا هئا. جيڪي ماڻهو توکي شروعات کان وٺي چڱي طرح ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا انهن جي سڃاڻپ تولاءِ ڪافي آهي، باقي جيڪي توکي نٿا سڃاڻي سگهن اهي تنهنجي متعلق ڪهڙي به راءِ زني ڪندا ۽ رايو رکندا هجن ته به انهن جي توکي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي. گلا ۽ غيبت، تهمت ۽ بي بنياد بهتانن جي باري ۾ قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته غيبت ڪرڻ پنهنجي مئل ڀاءُ جي گوشت کائڻ جي برابر آهي.

حضور نبي اڪرم صلعم جن جو ارشاد آهي ته جو شخص ڪنهن جي گلا ڪري ٿو ته قيامت جي ڏينهن ان جي سامهون سندس مئل ڀاءُ جو گوشت پيش ڪيو ويندو ۽ چيو ويندس ته هن کي کاءُ . پاڻ فرمايو اٿائون ته غيبت ڪرڻ وڏو گناهه آهي، گلا جي توبهه ان وقت تائين قبول نه ٿيندي آهي، جيستائين اهو شخص معاف نه ڪري جنهن جي گلا ڪئي ويندي آهي.

عالمن، اديبن ۽ مفڪرن جو قول آهي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن انسان کي ان جي اصلي روپ ۾ ڏسڻ گهرو ٿا ته ان جي زبان تي نظر رکو. اهو هڪ اهڙو ماپ ۽ ماپو آهي جنهن سان اوهان نهايت ئي آسانيءَ سان انهيءَ جي شخصيت جو اندازو لڳائي سگهندا. هونئن به اسان سنڌين جي تاريخي بدبختي آهي جو اسان هڪ ٻئي جي سڌاري ۽ واڌاري کي ڏسي نه سگهندا آهيون ۽ هميشه ئي منهن تي خوشامند ۽ پرپٺ گلا  ۽غيبت جا ڪوڏيا هوندا آهيون. آخر ۾ چيومانس ته ادا هميشه ئي هي ورد ۽ وظيفو وائتون نه وساريندو ڪر ته سڀ جو ڀلو ۽ سڀ جو خير. ان ۾ تنهنجي به خيريت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org