غوث علي شاهه صاحب جي گفتار
محترم علي نواز وفائي سان منهنجي ڏي وٺ 1951ع
ڌاران ٿي، پر گهرائپ 64-1965ع ڌاري ٿي، جڏهن مان
وڪالت ڪندو هوس ۽ وفائي صاحب سکر ايندو رهندو
هو. اهو پيار جو رستو ايترو وڌيو جو جڏهن به
وفائي صاحب سکر ايندو هو، تڏهن مون سان، وقت
ڪڍي، خيرپور ۾ ڳالهين جا چار چـﺂنڪ ڪرڻ ضرور
ايندو هو. سندس تحرير جو اسلوب سدائين شگفته ۽
اثرائتو رهيو پئي آهي، پر مون تي ان جو اولين
نقش تڏهن پيو، جڏهن پنهنجي ”آزاد“ اخبار ۾،
مرحوم پيرزادي عبدالستار جي سنڌ ڪابينه جي وزير
صاحبن جو تعارف لکيو اهو تعارف نهايت نرالو هو،
۽ اها حقيقت آهي ته انهن صاحبن سان جن جي به
ٿوري گهڻي واقفيت هئي، تن ان تحرير مان بي انداز
لطف حاصل ڪيو. انهن ڳالهين کي ڏينهن نبريا،
1951ع کان 1981ع عمر جو حصو آهي. زماني رنگ
مٽايا، وقت جو چرخو پنهنجي ڪج رفتاري سان روان
رهيو، پر نه بدليو ته اسان جو وفائي صاحب - سڀ
صفيتن، مڙني پارين، ساڳيو جو ساڳيو - رنگ ڍنگ کي
هڪ ڪرو رکڻ به اڄ جي دور جي وڏي ساڃهه ۽ سيبتائب
آهي ۽ اهي گڻ وفائي ۾ اڄ به موجود آهن
.
جڏهن کان 14 مئي 1981ع
-
سنڌ حڪومت جي وزارت ۾ شامل ٿيس، تڏهن کان وفائي
سان ملاقاتون بنهه گهٽجي مختصر ٿي ويون آهن،
حالانڪه اسان ٻئي هڪ ئي شهر ۾ رهون ٿا. ڪمين
ڪارين ايڪڙ ٻيڪڙ آفيس ۾ آيو هوندو. ٻيو خير ٿيو،
پر آفيس ۾ يا آفيس کان ٻاهر ڪنهن تقريب ۾ انهن
مختصر ملاقاتن ۾ سندس شگفته طبع جو شان نرالو
رهندو آهي
-
۽ مان انهن ننڍڙين رهاڻين ۽
سندس دل جي سچائي کي واضح طور محسوس ڪندو آهيان.
اهڙي ئي هڪ ملاقات ۾، جا هڪ ڪتاب جي رونمائي جي
سلسلي ۾ ٿي. هن مونکي پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ لکڻ
لاءِ چئي، سچ پچ ته پريشان ڪري ڇڏيو. حقيقت ۾
مون کان اهڙي تقاضا منهنجي لاءِ اچرج کان آجي نه
هئي، ڇاڪاڻ ته مان نه شاعر نه اديب ۽ نه ئي ڪو
اهڙو نثر نويس جو پنهنجي تحرير وسيلي، ڪتاب جي
پڙهندڙن لاءِ ڪا دلچسپيءَ جهڙي ڳالهه پيش ڪري
سگهان. بهرحال مون ائين سمجهيو ته وفائي صاحب جو
مون سان جيڪو پيار آهي، انهيءَ جي مدنظر هن مون
کان اها گهر ڪئي آهي. وقت گذرڻ سان جڏهن سندس
ذهن مان اها ڳالهه لهي ويندي تڏهن هو ڪنهن اديب
يا عالم کي پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ چوندو.
16 جون 1982ع تي جڏهن مان مغرب کان ٿورو دير
ڀرو، آفيس مان گهر آيس ته وفائي صاحب جو ڪتاب ۽
خط موجود هئا. زباني ڳالهه، وڌي وڃي خط تائين
پهتي، جنهن ۾ هن ”مهاڳ“ لکي ڏيڻ لاءِ جلدي ڪئي
هئي. مان وڏي شش و پنج ۾ پئجي ويس ته جنهن محبت
۽ سڪ سان وفائي مون تي بار رکيو آهي، اهو بار
جيڪو بنهه محبت تي مبني آهي. دل جي سچائي ۽ ”حال
پريان نال“ جي مصداق لاهجي. ارادو هئم ته ترت
مهاڳ لکي وٺندس. پر ”بندي جي من هڪڙي سائين جي
من ۾ ٻي“ واري ڳالهه موجب اهي ڏينهن سنڌ جي
ساليانه بجيٽ جا ڏينهن هئا، سو مصروفيت ايتري
وڌي جو هن ڪم کي بجيٽ جي بحالي کان پوءِ تائين
ترسائڻو پئجي ويو.
ڪجهه ڏينهن ٿيا جو وفائي صاحب چند گهڙين لاءِ
آفيس ۾ آيو ۽ يادگيري ڏياريائين ته گهڻي مصروفيت
ڪري هن ڪم کي وساري نه ويهان. مون کيس دلجاءِ
ڏني ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس حڪم جي پوئواري
ڪندس. ذهن ۾ اهو به اٽل ارادو هو ته جيستائين
ڪتاب کي سربستو پڙهي پورو نه ڪندس، تيستائين ان
ڏس ۾ قلم نه کڻندس، ۽ اڄ جڏهن ڪتاب جو مطالعو
مڪمل ڪيو اٿم، تڏهن هيءُ چند لفظ لکڻ ويٺو
آهيان.
”خط لکڻ“ هڪ فن آهي. دنيا جي ڪيترن عالمن ۽
تاريخ تي نظر رکڻ وارن پنهنجن پيارن ڏانهن اهڙا
خط لکيا جيڪي تاريخ ۽ ادب جو حصو بنجي ويا آهن.
اڄ به انهن جي افاديت ۽ علمي حيثيت مقدم ۽ معروف
آهي. انهن عالمن ان وقت جي سماجي، معاشي ۽
تاريخي پس منظر ۾ جيڪي ڪجهه لکيو، سو انهن جي
سچن مشاهدن ۽ تجربن جو نچوڙ آهي. دراصل خط
اظهار جو اهڙو وسيلو آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجن
خيالن کي بنا ڪنهن تردد جي واضح ڪري ٿو، ۽ ساڳئي
وقت اهڙن علمي ۽ ادبي خطن وسيلي انسان انهن ذهنن
جي تربيت به ڪري سگهي ٿو، جن سان بظاهر انهيءَ
نوع جي گفتگو ڪري نٿي سگهجي، اهڙين تحريرن ۾،
رشتا ناتا ايترا ويجها اچي ويندا آهن، جو ظاهري
حجاب ختم ٿي ويندو آهي. اهو ئي نڪتئه نظر
”وفائي جي خطن“ ۾ موجود آهي. پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾
مختلف موضوعن تي جنهن بي باڪيءَ سان گفتگو ٿئي
ٿي، ان ۾ هڪ طرف ننڍڙي ذهن جي بهتر تربيت جو خيال آهي ته ٻي پاسي اسرندڙ ذهن کي وقت
جي وهڪري کان روشناس ڪرائڻ جو جذبو به موجود
آهي، جيئن وفائي پاڻ پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته،
..............”ٻيا خط وري اهڙا هوندا آهن، جن جي حيثيت ۽ حقيقت
علمي، ادبي ۽ تاريخي هوندي آهي. اهڙي قسم جا خط،
مفيد، معياري، معلوماتي ۽ نيڪ نصيحتن ۽ ناصحانه
نڪتن جي ڀنڊار سان ڀريل ۽ ڀرپور هوندا آهن، جن
جي مطالعي مان ماڻهو محدود معلومات ۾ ڪافي اضافو
ٿيندو رهندو آهي.“
جڏهن انشاء پردازي ۾ اهو جذبو اچي ته ان جي
ادبي ۽ علمي افاديت اڃا به گهڻي وڌي ويندي آهي.
وفائي صاحب جي نظر وقت جي رفتار تي، هڪ جرائتمند
جراح وانگر رهندي پئي آهي. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو
پسيو آهي، ان تي بي باڪيءَ سان لکيو اٿس ۽ نهايت
سٺو لکيو اٿس.
”وفائي جا خط“ منهنجي خيال ۾ سنڌي ادب ۾ نهايت
اهم اضافو آهن، ڇاڪاڻ ته هنن خطن ۾ جتي سنڌ
واسين جي روايتي ڪج روي جي شڪايت ڪئي اٿس، ته اتي سندن قرب ڪهاڻي، پريت پچارن ۽ انساني فطرتن، ڀونءَ سان
محبتن، خدا شناسي ۽ خود شناسي جوذڪر به اهڙي
دلپذير ۽ لطيف پيرائي ۾ ڪيو اٿس جو ڪتاب پڙهندڙ
ان جي اثرائتي اثر ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ڪٿي وفائي
ناصح ٿي، پڙهندڙن کي زماني جي ڏکن ڏاکڙن ۽ مصيبت
ماريل ماڻهن جو حال آڏو رکي، دنيا جي منافقي
ماحول کي منهن ڏيڻ لاءِ، پاڻ کي نهايت سرجوشي
سان همٿايو آهي، ته ڪٿي وري نهايت پيار ۽ پاٻوهه
سان زندگيءَ جي باريڪ نڪتن جي پچار ڪئي
اٿس،
جنهن مان اهو اثر اچي ٿو ته اهڙين ڪيفيتن مان هو
پنهنجي سر گذري چڪو آهي، ۽ هن جي دل ۾ اهڙا ڪيئي
باب پنهان آهن، جن جي وضاحت تاريخ ۽ سماج لاءِ
ڄڻ جراح وارو عمل آهي. ڪٿي ڪٿي ائين ٿو لڳي ڄڻ
وفائي صاحب جي دل ويرانو آهي، پر ان جي باوجود
ساڃهه ۽ سمجهه سان، پنهنجي دل تي ڳورا پٿر رکي،
زندگيءَ جي سفر ۾ روان دوان آهي، ۽ منهنجي خيال
۾ هن دور جي سڀ کان وڏي همت آهي. قلم جي سچائي ۽
آبرو وقت جي ضرورت آهي، پر ان قلم سان پيار ۽ ان
جو استعمال محبت سان ڪرڻ اهو وفائي صاحب جو ئي
وڙ آهي.
”وفائي جا خط“ پڙهڻ کان پوءِ، مون کي احساس ٿيو
آهي ته هو زماني جي حالتن ۾ گهريل آهي، هن جو
اهو
به خيال آهي ته وقت جي رفتار سان انساني زندگيءَ
جون قدرون به بدلبيون پيون، روايتون ۽ ريتون
مٽبيون پيون وڃن. هو ماضيءَ جي انهيءَ ورثي جي
وڃڻ تي روئڻ گهري ٿو. هو خود ته روئي ٿو، پر ٻين
کي همت ڏياري ٿو ته حالتن آڏو لاچار ٿي، هروڀرو
پاڻ کي خساري ۾ نه وجهو. همت سان هر ڪم ٿي سگهي
ٿو، بشرطيڪ جذبا سچا ۽ نيت نيڪ هجي.
هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ، آءٌ ائين چوڻ ۾ حق
به جانب آهيان، ته انسان جيڪڏهن رڳو پنهنجي مالڪ
جي در تي پنهنجو سر نوائي ته ان جون مڙئي
مشڪلاتون آسان ٿي وينديون. ٻي ڪنهن تڪيي کي ڏسڻ
۽ ان جي ڪڍ لڳڻ سان ڪي به پلئه نه پوندو. وفائي
صاحب انهيءَ جذبي تي ڪاربند آهي ۽ اهو ئي حقيقي
رستو آهي.
مان وفائي صاحب کي دل جي گهراين سان هن تصنيف تي
مبارڪون ڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب پنهنجي
جاءِ تي دلچسپ به آهي ته انسان جي رهنمائي جو
باعث به. لطيف سائين سنڌ جي سڃاڻ يا شناس آهي،
ان جو تعارف هن جنهن انداز سان ڪرايو آهي، اهو
مان سمجهان ٿو ته هن کان اڳ ڪنهن به لکندڙ لطيف
جي حقيقت ۽ منزل جي واقفيت جي سلسلي ۾ نه ڪيو
هوندو. اهو ڏيکاري ٿو ته وفائي صاحب جي لطيف سان
ڪيڏي عقيدت ۽ محبت آهي. لطيف سان اهڙي محبت جو
احساس ان کي ئي ٿي سگهندو، جنهن کي لطيفي لات
سان عشق هوندو.
اها ڪوتاهي ٿيندي جو ڪتاب جي مصنف جي انشا
پردازي جو ذڪر نه ڪجي. وفائي صاحب جنهن نموني ۾
لفظن جو استعمال، انهن جي بيهڪ، جملن جي سهڻي
سٽاءَ ۽ تشبيهن ۽ استعارن جي جوڙجڪ، تي توجهه
ڏني اهي، اهو منهنجي خيال ۾ وفائيءَ جو ئي ڪمال
آهي. ان مان محسوس ٿئي ٿو ته کيس زبان تي قدرت
آهي ۽ هو پنهنجي فڪر کي نهايت سهڻي پيرائي ۾
پنهنجن پڙهندڙن تائين رسائي سگهي ٿو.
مان دعاگو آهيان ته خداوند ڪريم مصنف کي ان مقصد
۾ ڪامياب ڪري، جنهن لاءِ هن هيڏي وڏي محنت ڪئي
آهي
-
آمين. وفائي صاحب جي حال تي لطيف سائينءَ جو
هيءُ بيت صادق اچي ٿو.
”محبت وڏو مامرو، سڪڻ سڀوئي سور
اٺئي پهر ملور، ساعت نه سگهو جندڙو.“
جسٽس غوث علي شاهه
وزير تعليم، ثقافت، رانديون ۽ قانون
9- سپٽمبر
1982ع
حڪومت سنڌ
A.2
باٿ آئلينڊ،
فيروزنانا،
روڊ ڪراچي
اسان جي سرسبز سکي ستابي سنڌ ديس جي سندر
سٻاجهڙي ۽ ٻاجهاري ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا،
صفائي ۽ سٺائي، سچائي ۽ صداقت، زيب ۽ زينت،
خوبين ۽ خاصيتن جي محبت ڀري ۽ من موهيندڙ ميٺاج
جو ذڪر ڪهڙو ڪري ڪهڙو ڪجي، ڇو ته اسان جي مذهب
کان پوءِ ٻولي جو درجو آهي. هونئن به مادري زبان
کان سواءِ زندگيءَ جي ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي
مقصد ۽ منزل تي پهچي نه سگهبو آهي. مادر مهربان
جي مٺڙي زبان کان سواءِ ڪا به قوم پنهنجي وجود
جي واکاڻ جون وصفون ورجائي نه سگهندي آهي.
(وفائي)
بروهي صاحب جو بيان
وفائيءَ جي خطن پڙهڻ کانپوءِ ذهن ۾ هي سوال اڀري
ٿو ته جو ڪجهه پڙهيم اهو نثر هو يا نظم هي به
سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هڪ ليکڪ پنهنجي شاعرانه
تخليق کي ”خط“ ڇا لاءِ ٿو چوي ۽ ڇو نه غزل يا
شعر. ڇاڪاڻ ته جو وزن ۽ بحر وفائيءَ جي خطن ۾
سمايل
آهي،
اهو مونکي ته اڄ ڪلهه جي شعر و شاعريءَ ۾ به
ورلي ٿو نظر اچي. خاص طور آزاد نظم جي ريت ته
شاعريءَ جي ۽ روائت جي جڙئي اکيڙي ڇڏي آهي. پوءِ
هي ٻي ڳالهه آهي ته اڄوڪي
شعر
جي پروڙ ۽ شاعريءَ سان منهن جي پوت پڻ پوري ساري
آهي. پر ان لحاظ کان ته آءٌ هونئن به ڪنهن لکت
جي ڪاٿي ڪرڻ ڪابل آهيان ئي ڪو نه. اهڙي هڪ ڪسوٽي
وفائيءَ جي خود هڪ مقوله ۾ ملي ٿي. ڄاڻائي ٿو ته
”هر انسان جي سوچ ۽ سمجهه جو سليقو انوکو آهي.
ان ڪري هر ڪنهن جي سوچ کي پنهنجي سوچ کان سوچڻ
هڪ اڻڄاڻائيءَ جي علامت آهي.“
اڻ ڄاڻائي ۽ پنهنجي سڃاڻ جي اڻهوند ته پنهنجي
جاءِ، پر اهي ماپا ۽ ماڻ ڪٿان آڻجن جن ذريعي
ڪنهن جي پيار يا پگهر جي پورهئي لاءِ فتويٰ ڏني
وڃي؟ اڃان به ڪنهن سان گهڙي اڌ گهاري رتيءَ جي
رهاڻ ڪئي هجيم يا فقط رسمي ڏند شيڪ جو رشته هجي
تڏهن به ٺهيو. پر جتي وار وار گروي ٿيل هجي اتي
جيڪر اکيون ٻڌي به تور ڪئي ويندي تڏهن به اٽل
اوڏانهن ٿيندي جيڏانهن ٻيجل ٻـُرائي.
حق انصاف ڪرڻ ته الڳ، پر منهنجي لاءِ ته وفائيءَ
جي ”قلم ۽ ڪلام“ ۾ فرق ڪرڻ به اهڙي ئي ڳوري
ڳالهه آهي
جهڙي مجنونءَ لاءِ مشڪل هئي، ”سبق پڙهڻ يا سڄڻ ڏسڻ“ وچ ۾ فيصلو
ڪرڻ.
وفائيءَ جي هر مضمون ۾ سندس خيال جي پرواز واري
رفتار ۽ رواني تيز تر ٿي ڏسجي. هو پنهنجي دلي
مقصد بيان ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي اظهار کي ڇڙواڳ
ڇڏي ٿو ڏي. جيئن ڪو تيز رفتار گهوڙو پنهنجي منزل
تي رسڻ بعد به پنهنجي دوڙ جي تاءُ کي روڪي نه
سگهي. توڙي جو هو پنهنجو مفاصلو طئي ڪري اڳيئي
ميدان ماري چڪو آهي. يا وري جيئن ڪنهن ٿانو جو پاڻي گرمجوشيءَ ۾ اڀامي پنهنجي سرحدي
ڪنارن کان ٻاهر پيئٽجڻ شروع ڪري. معلوم ائين پيو
ٿئي ڄڻ وفائيءَ جي جذبات جو ساگر پنهنجي ڇولين
جي قناعت نه ڪري سدائين وڏين ويرين وسيلي پيو
ڇوهه ڇنڊي.
ان ڏس ۾ وفائيءَ جو شاهه عبداللطيف جي نسبت ۾
لکيل خط سندس لکڻ جي اسٽائيل ۽ انداز جي صحيح
عڪاسي ٿو ڪري. ان مضمون ۾ سهڻي لطيف جي ثنا ۽
ساراهه ۾ اڍائي سَوَ
کن چيدا جملا استعمال ڪيا ويا آهن. جيئن ته لطيف
سنڌ جي جند آ، لطيف سنڌ جي سونهن آ، لطيف سنڌ جو
سرتاج آ. انهيءَ ذخيري مان ڪنهن به هڪ جملي جي
ڪتب آڻڻ سان اهو ڪجهه حاصل ٿي سگهيو ٿي، جنهن
مقصد لاءِ قلم کي جنبش ڏني ويئي هئي. پر وفائيءَ
کي جا لاکيڻي لطيف لاءِ اٿاهه الفت ۽ محبت آهي،
اهو عشق اڌورو ۽ اڻپورو رهجي وڃي ها. ڏسڻ ۾ ايئن
پيو اچي ته شاه جي شان ۾ سوين ڳڻ ڳائيندي به
وفائيءَ جي دل اڃا پوري طرح ڍاپي نه آهي. جي وس
پڄيس ته شايد سموري زمين ڪاغذ، سڄي وڻڪار قلم ۽
سڀ سمنڊ مس ڪري پوءِ ٿانيڪو ٿي لطيف جو تذڪره
ڪري!
سوچ ۽ ويچار جي ڀرپور ٽرئفڪ کي پڙهندڙن لاءِ ڪار
آمد ۽ ڪارائتو بنائڻ لاءِ مناسب اکرن جي موجودات
انتخاب ۽ استعمال بلڪل ضروري آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو
اچي ته وفائيءَ وٽ اکرن جي ته ڪا ڪمي آهي ئي ڪا
نه. اڃا به ائين کڻي چئجي ته وٽس هڪ اڻ کٽ کاڻ
آهي. سندس مضمون ان ڳالهه جو آئينو آهن ته وفائي
اکري سرمايه جي سيڙپ ۾ ڪنجوسي ڪرڻ بجاءِ ٻنهي
هٿن سان مٺيون ڀري نڇاور ڪندو ٿو رهي. جيئن
ڀٽائيءَ گهوٽ واري مضمون ۾ مٿس گهور گهري
اٿائين. الفاظن جي اهڙي ڀنڊار جو پورو پورو
فائدو اهو وٺي سگهي ٿو جو ٻوليءَ جو
پروانو هجي ۽ عاشق هجي. جيڪڏهن هن ڪتاب کي درسي
طور منظور ڪري اسڪولن يا ڪاليجن ۾ پڙهايو وڃي ته
بهتر ٿيندو. هونئن به هي ڪتاب علم ادب ۽ اخلاق
جي هر معيار تي پورو ٺهڪي ٿو اچي.
هر مضمون جي پڄاڻيءَ تي وفائيءَ پنهنجون ڪجهه
چونڊ چوڻيون پيش ڪيون آهن، جي سندس سوچ ويچار ۽
زندگيءَ جي تجربه جو نتيجو آهن. جي علم جي ڳولا
جا پانڌيڙا آهن ته انهن لاءِ اهي نصيحت آميز
نقطه املهه ماڻڪن جي حيثيت رکن ٿا. اميد آهي ته
نوجوان هن ڪتاب جو اڀياس ڪري بهرور ٿيندا.
علي احمد بروهي
ڪراچي
-
7ـ 12ـ 1982ع