[12]
خط تنهنجو ڪافي وقت کان پهتل آهي، مگر بروقت
جواب ڏيئي نه سگهيس، جنهنڪري منهنجي مداين ۽
مجبورين کي مدنظر رکي معاف ڪندا ته بهتر ٿيندو.
تون هميشه ئي ادبي دنيا جي هر صنف لاءِ عجيب ۽
غريب سوال پڇندو رهندو آهين. مان ڀانيان ٿو ته
توکي سنڌي ادب جي سنوارڻ ۽ سڌارڻ جي ڪا ستي پيل
آهي، جنهنڪري ستل سورن کي سجاڳ ڪندو، دل جي دردن
کي دکائيندو رهندو آهين. ادل! تون جيڪڏهن هن
سنسار جي سمنڊ جي سيني ۾ سچائي، صداقت، صفائي ۽
سليقي سان ٽٻي هڻي ڏسندين ته توکي موتين ۽ ماڻڪن
جي بجاءِ ڪچ ڪوڏيون ۽ ڪانچ جا ٽڪر ملندا، ۽ ان
کانسواءِ زندگيءَ جي هن ميدان ڪارزار ۾ ڪيئي ڪٺن
ڪشالي وارن رستن سان گڏوگڏ مشڪلاتن ۽ مصيبتن،
محاذ آراين ۽ مخالفتن جون منزلون نظر اينديون
رهنديون. گويا غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ مان هن
نتيجي تي پهتو آهيان ته ماڻهو معاشي منجهائيندڙ
مسئلن جي ٻن چڪين ۾ پيڙجي ۽ پيسجي پوين پساهن ۾
پورو ٿي رهيو آهي. يعني زندگيءَ جي پردي ۾ موت
کي پاليندو رهي ٿو، جنهنڪري اسان وٽان فهم ۽
فراست جهڙيون آفاقي وصفون هارجي ويرجي رهيون آهن
۽معاشري جي اوڀارين ۽ لهوارين لهرن ۾ ماڻهو بنا
مقصد، بنا مطلب ۽ بنا منزل جي ڪک پن وانگر هلندا
رهن ٿا. منهنجي ناقص عقل موجب ادب جي صحيح معنيٰ
هيءَ آهي ته ڪائنات، حُسن، معاشري، ماحول ۽ عوام
جي ترجماني چئجي ته انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ نه
ٿيندو. ڇو ته هن سموري ڪائنات جو ذرو ذرو بي
انتها حسين، دلڪش، دلنشين ۽ پاڻ ڏانهن غور و فڪر
ڪرڻ جي دعوت ڏيندو رهندوآهي. انهيءَ دعوت تي
داءُ لڳائڻ لاءِ دلين وارن دليرن جو ئي ڪم هوندو
آهي.
غزل جي باري ۾ صرف ايترو چوندس ته پنهنجي محبوب
کي مخاطب ڪرڻ ۽ ان سان الفاظن جي ذريعي ڳالهائڻ
جو ذريعو آهي. جنهن ۾ ترنم جي تازگي ۽ موسيقي جو
من موهيندڙ مزو به مليل هوندو آهي.
تنقيد جي باري ۾ ڪيترن نقادن جا معلوماتي ۽
معياري مضمون تنهنجي نظر مان گذريا هوندا ۽ ان
کان علاوه تنقيد جي فن تي مغربي ۽مشرقي ماهرن
جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهه ته بهتر آهي. مان
ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترا لکيل پڙهيل ماڻهو محنت
۽مشقت کان ڪيٻائيندا ۽ ڪترائيندا رهندا آهن،
جنهنڪري هو ڪنهن به ادب جي صنف جي بنيادي اصولن،
سببن ۽ ان جي قاعدن قانونن معلوم ڪرڻ کانسواءِ
ڪورا رهجي ويندا آهن. تنهنڪري سواءِ سوچ ۽ سمجهه
جي ادبي دنيا ۾ هوا ۾ لٺيون هڻڻ جي ناڪام ڪوشش
ڪندا آهن. هو اديب ۽ شاعر جي ڪمال ۽جرڪيدار
جوهرن جهڙي فن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي تنقيد
بجاءِ تهمتن جا تير تيز ۽ تکا ڪري هڻڻ جي ڪوشش
ڪندا رهندا آهن، ۽ ان سان گڏوگڏ وڍيندڙ ويڻن جا
واهوڙ واهي ڇڏيندا آهن، جنهنڪري تنقيد جهڙو
معياري فن ناتجربيڪار نقاد جي ذهنيت تي ماتم ڪرڻ
کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي. ائين کڻي چئجي ته
قلم ڪنهن ڌنار جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي.
جڏهن علمي ۽ ادبي تاريخ جا ورق ورائجن ٿا ته
هميشه ئي عظيم اديبن ۽ اعليٰ شاعرن جي فن کي
بيقدري ۽ بي توجهي ،ناسمجهي ۽ ناشناسي جي نظرن
سان ڏٺو ويو آهي ۽ ڏٺو وڃي ٿو. انسان گوشت پوست
جو بڻيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ڪميون پيشيون
۽ڪمزوريون هونديون آهن. مگر دنيا جو هي به عجيب
دستور آهي ته فنڪار جي فن جي فڪر ۽ فهم کي
فراموش ڪري صرف ذاتي ۽ شخصي حملن جي حرڪت ۽ حرفت
هلندي رهندي آهي.
تو سنڌ جي هڪ تاريخي شخصيت يعني نائون مل جي
ڪردار ۽انتقام متعلق سوال پڇيا آهن.
سڄڻ! سيٺ نائون مل جي باري ۾ آءٌ هتي ڪجهه به
لکڻ نه ٿو گهران. ڇو ته هن وقت هر هڪ اداري ۾
سوين سيٺ نائون مل سٿيا پيا آهن، جنهنڪري انهيءَ
باري ۾ سوچڻ سمجهڻ جي ڪوشش به نه ڪريو ته بهتر
آهي. تاريخ اڳتي هلي وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ
هنبوشي هڻندڙ همراهن جا حال احوال ظاهر ڪندي
رهندي. تون اهڙي قسم جا سوال نه پڇندو ڪر. توکي
معلوم هئڻ گهرجي ته جڏهن ۽ جتي به حقيقت جي مٿان
شهرت جا پلئه ۽ پاڇا پئجي ويندا آهن، تڏهن هر هڪ
ماڻهو حقيقتن کان بيخبر ٿي هٻڪندو، صرف شهرت جا
ئي گيت ڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. جنهنڪري
حقيقت جي حڪايتن کان پڙهندڙ بلڪل بيخبر ٿي ويندا
آهن. ۽ چؤطرف شهرت جا شعلا شعاع ڪندا رهندا آهن
۽ انهن جي چمڪ ڌمڪ ۽ ظاهري زينت، زيب ڏانهن هر
ڏسندڙ جو ڌيان ڌرجي ويندو آهي. جيڪڏهن توکي
تاريخ جي فن سان دلچسپي آهي ته پوءِ تون سنڌ جي
جيڪا تاريخ لکي وئي
آهي،
لکائي وئي آهي يا لکائي وڃي ٿي، ان جو ٿورڙو ئي
غور ۽ فڪر سان مطالع جي ڪوشش ڪندين ته توکي
پراين کان وڌيڪ پنهنجن جا سوين ستائيندڙ سور ۽
سختيون سامهون اچي وينديون. تنهنڪري هن وقت ڪنهن
کي به ڏوهه ۽ ڏوراپو ڏيڻ پنهنجي عقل جي ڏيوالي
ڏيکارڻ جو ڏيک ٿي پوندو.
آخر ۾ منهنجو توکي عرض آهي ته تون پنهنجي طاقت ۽
لياقت آهر وطن جي خدمت ڪندو رهه ۽ وڏڙن جي ميڙيل
ميراث يعني علم، ادب، تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جهڙي
تازگي پيدا ڪندڙ وصفن جي هر هنڌ حفاظت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو رهه ته بهتر آهي.
[13]
اسلام عليڪم: ـ ڪافي عرصي کان وٺي تنهنجو خط
پهتو هيو، انهن ڏينهن ۾ اوچتو ۽ اچانڪ يورپ وڃڻ
جو پروگرام تيار ٿي ويو. جنهن ڪري مهينو کن
پنهنجي وطن کان ٻاهر هيس، سير ۽ سياحت جو ٻن
مهينن جو پروگرام هو مگر مهيني کانپوءِ پنهنجي
وطن واپس اچڻو پيو. يورپ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا
ٻه هٽي دفعا گهمڻ ڦرڻ جا موقعا نصيب ٿيا آهن. ان
ڪري مون لاءِ يورپ جو سير ۽ سياحت ڪا نئين ڳالهه
ڪا نه آهي. سفر بادشاهه سان هجي يا فقير سان
يعني سولو هجي يا سڻائو، اوکو هجي يا اڻائو،
آسائش وارو هجي يا آرام وارو بهر صورت سفر سفر
آهي.
برادرم! قومن لاءِ پهرين وطن جي حب، ماڻهن سان
محبت ۽ ان سان گڏوگڏ سچائي ۽ صداقت جو هجڻ تمام
ضروري آهي. انهن مٿين ڳالهين کان پوءِ ان ملڪ جي
ماڻهن ۾ محنت ۽ مشقت جو جذبو پيدا ٿيندو رهندو
آهي. جنهن معاشري ۾ قول ۽ فعل ۾ ڪو به تفاوت ۽
تضاد نه اچي اتي ضرور سچ جو بول بلند ۽ بالا نظر
ايندو رهندو آهي. ذاتي ۽ شخصي، لالچ ۽ لوڀ،
رنجشون ۽ روساما خوار خراب ڪندا رهندا آهن. جنهن
ملڪ جي معاشري ۾ هر هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جي پڳ
لاهڻ جا پهه پچائيندا هجن ۽ ڪوڙي وقار کي قائم
رکڻ لاءِ هزارين حيلا ۽ حربا استعمال ڪندا رهن،
اتي ڀلائي ۽ بهبودي، انسانيت جي عزت ۽ احترام جو
سوال ئي پيدا ٿي نه ٿو سگهي. آزادي دنيا جي
سمورين نعمتن کان بلند ۽ بالا آهي. مگر ان
آزاديءَ جي نعمت جو قدر ۽ قيمت ڪٿي ان کي صحيح
معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ سڀ ڪنهن قوم جو ڪم نه هوندو
آهي.
جنهن معاشري
۾ ايمانداريءَ سان بي ايماني ڪرڻ جوفن ايترو ۽
ايڏو، اوچو ۽ اعليٰ ٿي ويو هجي جو ان ۾ تفاوت
ڪرڻ ۽ پرکڻ جي ڪنهن کي ضرورت نه ٿئي، ۽ ڪوڙ اهڙي
طرح ڳالهايو وڃي جوسچ ان اڳيان شرمسار ٿيندو
رهي، نقل اهڙيءَ طرح ڪيو وڃي جو اصل جي
وجود جو تصور ڪرڻ ئي اجايو ٿئي. ڪير آهي جيڪو
انهن بدين، براين، بڇڙاين ۽ بيهودگين کي پاڙون
پٽي ڦٽو ڪري.
هن فقير ۽ حقير جو وڏن عالمن، اديبن، محققن،
مورخن، متقي ۽ پرهيزگارن، وطن پرستن، حاڪمن ۽
درويشن، بادشاهن ۽ فقيرن، زاهدن ۽ رندن سان روح
رهاڻيون ۽ نيازمندي رهي آهي. مگر ڪٿي به سچ ۽
صداقت جو سوجهرو نظر نه آيو، ٿي سگهي ٿو جو آءٌ
پنهنجي آزمودي ۽ تجربي ۾ غلط هجان، ممڪن آهي ته
”اڃا ڪي هجن ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“. برادرم صاحب، ڪٿي
ته سچ کي سهڻي ۽ صاف نموني ۾ صفائي، صداقت ۽
سچائي سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي وري ڪوڙ کي قائم
ڪرڻ لاءِ ان تي سون ۽ چاندي جا ورق وجهي پاڻ کي
۽ ٻين کي ڌوکو ڏنو وڃي ٿو. مگر ڪيستائين؟ خط کي
مختصر ڪندي آخري گذارش آهي ته، حسن به هجي،
جواني به هجي، صحت سالم به هجي، ماحول موافق به
هجي، مقصد نيڪ به هجي، نيت نروار به هجي، اخلاق
اوچو به هجي، گفتگو صاف به هجي، موسم خوشگوار به
هجي، ساقي کي سونهن جو سهرو به هجي، ساگر به
هجي،صفائي به هجي، سچائي به هجي، صداقت به هجي،
سليقو به هجي، سمجهه به هجي، سوچ به هجي، دانائي
به هجي، دانشمندي به هجي، دورانديشي به هجي ۽
دلبرانه ادائون به هجن، دلڪشي به هجي، دلنشيني
به هجي، ديدار به هجي، فلوس جي فرواني به هجي،
سهولت به هجي، سهنجائي به هجي، آزادي به هجي،
آجيان به هجي، استقبال به هجي، اڳرائي به هجي،
اتي پلون جو پسي پوڻ متعلق، محتسبن ۽ مفتين جي
ڪهڙي فتويٰ هئڻ گهرجي. مگر ڪيترا انسان انهيءَ
ماحول مان به بچي ويندا آهن.
بهر صورت پروردگار اوهان کي شاد ۽ آباد رکي،
زندگي جي هر هڪ نيڪ ۽ مبارڪ مقصد ۾ توهان کي
ڪامياب ۽ فتحياب ڪري. وڏا ۽ بزرگ آهيو آءٌ ننڍو
۽ نيازمند، دعاءِ خير سان ياد ڪندا.
آزاد
ملڪن جون زنده قومون جيڪي هن وقت چنڊ تي پهچي
دنيا ۽ دنيا وارن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪر ي رهيون
آهن. مگر اسان جا مبلغ ۽ مصلح اڃا ”نور“، ”بشر“،
طلاق ۽ نڪاح، بئنڊن ۽ باجن ۽ بي انتها بدعتن جي
بد رسمن ۾ چؤطرف ۽ چوڌاري جڪڙيا پيا آهن.
(وفائي)
[14]
تنهنجي خطن جا مان صحيح جواب ڏيئي سگهيو آهيان
يا نه، اهو فيصلو خط پڙهندڙ ئي ڪري سگهندا، ڇو
ته لکندڙ کي ڪڏهن به پنهنجي لکڻين ۽ لکيتن تي
فخر نه ڪرڻ گهرجي. اديب ۽ اهل قلم صرف لکندو
رهندو آهي، انهن جي تخليقي، معياري ۽ معلوماتي
مضمونن جا منصف پڙهندڙ هوندا آهن، ته هو اديب جي
خيالات ۽ فڪر کي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ جي تارازي ۾
ڪهڙي طور طريقي سان توريندا ۽ تڪيندا، قدر ۽
قيمت ڪٿيندا رهن ٿا. منهنجا بزرگ دوست! پهرين
انسان کي پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسڻ گهرجي.
خط جي جواب ۾ اڄ مان توسان خطاب ڪري رهيو آهيان.
آهي ڪا تو ۾ لوئي جي لڄ، آهي ڪا تو ۾ لوچ، آهي
ڪا تو ۾ سوچ، آهي ڪا تو ۾ سمجهه، آهي ڪا تو ۾
سڌ، آهي ڪو تو ۾ سماءُ، آهي ڪا تو ۾ سمجهداري،
آهي ڪا تو ۾ سڪ، آهي ڪا تو ۾ ساڃهه، آهي ڪو تو ۾
سوجهرو، آهي ڪا تو ۾ سچائي، آهي ڪا تو ۾ صداقت،
آهي ڪا تو ۾ صفائي، آهي ڪا تو ۾ سادگي، آهي ڪا
تو ۾ سونهن، آهي ڪا تو ۾ سوڀيا، آهي ڪا تو ۾
جواني، آهي ڪو تو ۾ جوش، آهي ڪو تو ۾ هوش، آهي
ڪا تو ۾ هوشياري، آهي ڪو تو ۾ حسن، آهي ڪا تو ۾
هٻڪار، آهي ڪا تو ۾ دل، آهي ڪو تو ۾ دماغ، آهي
ڪو تو ۾ درد، آهي ڪا تو ۾ دلبري، آهي ڪا تو ۾
دلڪشي، آهي ڪا تو ۾ دلنشيني، آهي ڪا تو ۾ ڪشش،
آهي ڪا تو ۾ ڪوشش، آهي ڪو تو ۾ لڇڻ، آهي ڪا تو ۾
لچڪ، آهي ڪا تو ۾ لهر، آهي ڪو تو ۾ لوڏو، آهي ڪا
تو ۾ تڙپ، آهي ڪا تو ۾ طلب، آهي ڪا تو ۾ تنوار،
آهي ڪا تو ۾ طاقت، آهي ڪا تو ۾ لياقت، آهي ڪا تو
۾ تراوت، آهي ڪا تو ۾ تازگي، آهي ڪا تو ۾ همت،
آهي ڪو تو ۾ حوصلو، آهي ڪو تو ۾ مان، آهي ڪو تو
۾ شان، آهي ڪا تو ۾ شجاعت، آهي ڪا تو ۾ شرافت،
آهي ڪا تو ۾ شائستگي، آهي ڪو تو ۾ اخلاق، آهي ڪا
تو ۾ انسانيت، آهي ڪا تو ۾ فضيلت، آهي ڪا تو ۾
فياضي، آهي ڪو تو ۾ رحم، آهي ڪا تو ۾ رواداري،
آهي ڪو تو ۾ انصاف، آهي ڪو تو ۾ عدل، آهي ڪو تو
۾ امن، آهي ڪو تو ۾ امان، آهي ڪو تو ۾ صلح، آهي
ڪا تو ۾ سانت، آهي ڪا تو ۾ مسلماني، آهي ڪا تو ۾
مساوات، آهي ڪا تو ۾ برادري، آهي ڪا تو ۾
برابري، آهي ڪو تو ۾ سڌارو، آهي ڪو تو ۾ واڌارو،
آهي ڪا تو ۾ ايمانداري، آهي ڪا تو ۾ ديانتداري،
آهي ڪا تو ۾ محبت، آهي ڪا تو ۾ مروت، آهي ڪو تو
۾ فڪر، آهي ڪو تو ۾ فهم، آهي ڪو تو ۾ عقل، آهي
ڪو تو ۾ ادراڪ، آهي ڪا تو ۾ دورانديشي، آهي ڪا
تو ۾ دانشوري، آهي ڪا تو ۾ ڪفايت، آهي ڪا تو ۾
قناعت، آهي ڪا تو ۾ بهادري، آهي ڪا تو ۾ بيباڪي،
آهي ڪا تو ۾ بيداري، آهي ڪا تو ۾ مردانگي، آهي
تو ۾ مڙسي، آهي ڪو تو ۾ ماڻهپو، آهي ڪو تو ۾
راز، آهي ڪا تو ۾ رمز، آهي ڪا تو ۾ روحانيت، آهي
ڪو تو ۾ رنگ، آهي ڪو تو ۾ ڍنگ، آهي ڪو تو ۾
راضپو، آهي ڪو تو ۾ خيال، آهن ڪو تو ۾ حال، آهي
ڪا تو ۾ حقيقت، آهي ڪا تو ۾ حڪايت، آهي ڪا تو ۾
نزاڪت، آهي ڪا تو ۾ نفاست، آهي ڪا تو ۾ ڄاڻ، آهي
ڪا تو ۾ سڃاڻ، آهي ڪا تو ۾ سرت، آهي ڪو تو ۾
سليقو، آهي ڪا تو ۾ رهبري، آهي ڪا تو ۾ رهنمائي،
آهي ڪا تو ۾ دستگيري، آهي ڪا تو ۾ مدبري، آهي ڪو
تو ۾ معاف ڪرڻ، آهي ڪو تو ۾ مڙي وڃڻ، آهي ڪو تو
۾ دين، آهي ڪو تو ۾ ڌرم، آهي ڪو تو ۾ اصول، آهي
ڪو تو ۾ ارادو، آهي ڪو تو ۾ اصول، آهي ڪو تو ۾
ارادو، آهي ڪو تو ۾ ايمان، آهي ڪو تو ۾ اعتبار،
آهي ڪو تو ۾ اعتماد، آهي ڪو تو ۾ عقيدو، آهي ڪا
تو ۾ بردباري آهي ڪو تو ۾ علم، آهي ڪو تو ۾ ادب،
آهي ڪا تو ۾ خودداري، آهي ڪا تو ۾ خبرداري، آهي
ڪا تو ۾ نرمائي، آهي ڪا تو ۾ نهٺائي، آهي ڪو تو
۾ نياز، آهي ڪا تو ۾ نوڙت، آهي ڪو تو ۾ نالو،
آهي ڪو تو ۾ اقرار، آهي ڪا تو ۾ زبان، آهي ڪو تو
۾ ضبط، آهي ڪا تو ۾ جرئت، آهي
ڪا
تو ۾ جمعيت، آهي ڪو تو ۾ اتحاد، آهي ڪو تو ۾
اتفاق، آهي ڪو تو ۾ ايڪو، آهي ڪا تو ۾ چستي، آهي
ڪا تو ۾ چالاڪي، آهي ڪا تو ۾ ڦڙتي، آهي ڪو تو ۾
ڦيرو، آهي ڪا تو ۾ شناس، آهي ڪاتو ۾ شناخت آهي
ڪا تو ۾ پائداري، آهي ڪا تو ۾ پختگي، آهي ڪا
تنهنجي منزل، آهي ڪو تنهنجو مقصد، آهي ڪو
تنهنجو مطلب. جيڪڏهن تون مٿين خوبين ۽ خاصيتن
کان خالي آهين ته پوءِ ٻين جي پچار ڇڏي تون
پنهنجو پاڻ تي رحم ڪر ۽ ٻين کي پنهنجي حالت
ڏانهن ڌيان ڌرڻ جي دعوت نه ڏي ته بهتر آهي. پاڻ
کي زمين جا خليفا سڏائيندڙ فرشتن کان سجدو
ڪرائيندڙ اشرف المخلوقات جو تاج پائيندڙ، هن وقت
تون پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏس ته دنيا
۽دنيا وارا توکي ڪهڙن خاص خطابن سان خطاب ڪن ٿا.
ڇو ته بي انتها بديون، بڇڙايون، بدعتون،
بيهودگيون ۽ برايون تو مان بيزار ٿي پيون آهن ۽
بس.
هن بدبودار معاشري
۾ هر محفل، مجلس ۽ زندگي جي هر قدم ۽ هر ڪم ۾
سياست ۽ مصلحت چچڙ وانگر چهٽي ۽ چنبڙي پيئي آهي.
ادب هجي يا علم، تاريخ هجي يا تبليغ، ٻولي هجي
يا لغت، نوڪري هجي يا ٽوڪري، آزادي هجي يا
گرفتاري، محبت هجي يا مخالفت، دوستي هجي يا
دشمني، ڪم هجي يا ڪاروبار، ڪلام هجي يا سلام،
اوطاقت هجي يا اوتارو، دفتر هجي يا آفيس، گويا
گهمري کي لوڏو آهي.
(وفائي)
[15]
هن خط ۾ تو ڪن نڪتن جي باري ۾ لکي پڇيو آهي،
جيڪي نڪتا مونکي هن وقت ذهن ۾ ياد آهن، سي لکي
رهيو آهيان.
جتي ملڪيت هوندي اتي مصيبت هوندي، جتي منافقي
هوندي اتي مڪر هوندو، جتي مڪر هوندو، اتي فريب
هوندو، جتي فريب هوندو اتي دغا هوندي، جتي دغا
هوندي اتي لوڀ هوندو،
جتي لوڀ هوندو
اتي لالچ هوندي، جتي لالچ هوندي اتي حرص هوندو،
جتي حرص هوندو اتي هٻڇ هوندي، جتي هٻڇ هوندي اتي
حرڪت هوندي، جتي حرڪت هوندي، اتي حرفت هوندي،
جتي حرفت هوندي اتي هيراڦيري هوندي ۽ جتي
هيراڦيري هوندي اتي پنهنجن پراين جي حقن کي هضم
ڪرڻ جا حيلا وسيلا ۽ حربا استعمال ٿيندا رهندا
آهن.
عمر جي مارئي کي آزاد ڪرڻ، سسئيءَ جي ڀنڀور جي
ڀت کي آخري ۽ الوداعي چمي ڏيڻ، مومل جي ماڙيءَ
جي منجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ، سو مل جي سياڻپ ۽
سگهڙ پائي، ڪنگن جو ڪاڪ تي رڙڻ، راڻي جو رسڻ،
سهڻيءَ جو وچ سير ۾ ڀيلي ڀرڻ جو بهانو، ميهار جي
مينهن جي چڙن جي چونگار، نماڻي نوريءَ جو نياز
۽ نوڙت، نهٺائي ۽ نرمائي جو نظارو، تماچي جي طلب
۽ تنوار جي تڪڙ، ليلا جو ليلائڻ، چنيسر جي چاهت
جو چرچو، سورٺ جو ساز ۽ سوز، راءِ ڏياج جي سر
ڏيڻ واري سخا، مورڙي ميربحر جو بحر بيڪنار ۾
بهادريءَ جو ڪارنامو. اهي سمورا داستان سنڌ جي
تاريخ، تمدن، تهذيب ثقافت، عزت ۽ عظمت، مان ۽
مرتبي، شان ۽ شوڪت جون چند نشانيون آهن.
ڪنهن به محفل ۽ مجلس ۾ وڃو اتي صرف هن طرح جي
گفتار ۽ گفتگو هوندي آهي. جيڪڏهن ڪامورا ڪرڙا
پاڻ ۾ گڏ ويٺا هوندا ته نوڪري جي واڌاري، بدلين
جا بهانا، گريٽن ۽ گورنمينٽ جون ڳالهيون، فائيلن
جي ڦيرن
۽ ڦڏن
جا فرمان، گويا ان محفل ۽ مجلس جي چڱي ماحول کي
دفتر وارو دور شروع ڪري ڇڏيندا. ٻن واپارين جي
ملاقات ٿئي ٿي ته جنسن جي جوڙجڪ جون ڳالهيون،
ملاوت ۽ مهانگائيءَ جو معاملو، ذخيره اندوزي جا
راز ۽ رمزون، آمدني ۽ اضافي جون حرڪتون ۽
حرفتون، بهر صورت ڪنهن به محفل ۽ مجلس ۾ اخلاق ۽
انسانيت، علم ۽ ادب جو ذڪر ٻڌڻ لاءِ ڪوڙا ڪن
سڪندا رهندا آهن.
منهنجو پنهنجو مشاهدو ۽ مطالعو آهي ته اهو
پهريون انسان ڪيڏو نه عظيم هوندو، جنهن جو مذهب
عشق هوندو، ڀانئجي ٿو ته جڏهن ان انسان پنهنجو
مذهب عشق قبول ڪيو هوندو ته بي سمجهن ۽اڻڄاڻن ۽
دنيا وارن ان عظيم انسان کي الائي ڪهڙا طعنا
تنڪا ڏنا هوندا ۽ ان سان وير وڍ وڌا هوندا شايد
ڪيترن ئي ان کي ڪافر به ڪوٺيو هجي.
احسان ضرور ڪجي ۽ سڀ ڪنهن تي ڪجي، خدا ڪارڻ ڪجي،
هر موقعي ۽ مهل تي ڪجي، مگر احسان ڪرڻ وقت جنهن
تي احسان ڪجي ته ان جو پار پتو، اصل نسل ۽ شجرو
معلوم ڪرڻ ضروري آهي. ورنه احسان، احسان ڪندڙ جي
ڳچي ۾ ڳاري ڳهڻي واري حيثيت قائم ڪري ڇڏيندو.
جڏهن ڪو به ماڻهو ميدان ڪار زار ۾ قدم رکي ٿو ته
هن جي چوطرف ۽ چوڌاري دوستن ۽دشمنن جا حلقا پيدا
ٿيندا رهندا آهن، پر هڪ حلقو اهڙو به موجود رهي
ٿو، جنهن کي منافقن جو حلقو چئي سگهجي ٿو.
منافقن جو اهو ميڙ هر اقتدار واري جي زوال جو
باعث بڻبو آهي. اوهان ملڪن جي عروج ۽ زوال تي
نظر ڪندو ته توهان کي معلوم ٿي ويندو ته امن
امان کي تباهه ۽ تاراج ڪرڻ ۾ مخالفن جو گهٽ ۽
منافقن جو وڌيڪ هٿ هوندو آهي.
هن ماده پرست ماحول ۽ معاشري ۾ ماڻهو مجبور آهن،
ته هو اقتدار جي سومناٿ جي پوڄا ۽ پرستش ڪندا
پنهنجي جذبات کي تسڪين پهچائيندا رهن، ۽ پوءِ
اها طاقت غلط هجي يا صحيح، انسان جي فطرت آهي ته
هو هر ڪمال اڳيان جهڪندو رهندو آهي. ڪمال جا به
ڪيئي قسم آهن، انهن جو هتي ذڪر ڪرڻ بيسود ۽
بيڪار آهي، ڇو ته ڪمال بهر صورت ڪمال آهي.
جيئن ته هي دور ڇڪتاڻ جو دور آهي، تنهن ڪري هن
دور ۾ قصا هجن توڙي ڪهاڻيون، مقالا هجن يا
مضمون، تاريخ هجي يا جاگرافي، ڪتاب هجن
يا رسالا گويا نثر توڙي نظم ۾ جيستائين اهل قلم
۽ اديب نهايت ئي مختصر ۽ جامع لفظن ۾ پنهنجي
ماحول ۽ معاشري ۾ ماڻهن جي جذبات جي صحيح
ترجماني نه ڪندو، تيستائين اڄ جو مصروف ترين
ماڻهو انهن مضمونن جي
مطالع لاءِ تيار نه ٿيندو.
درياهه واهڙن جي ور چڙهيل هو، ڪٿي به پنهنجي شان
۽ شوڪت جو ڏيک، ڏيل ۽ ڏهڪاءُ نه ٿي ڏيکاريائين ۽
ڪنڌيءَ تي صرف ڪانهن قائم ٿيل هئا، مگر عاشقن جا
آستانا ڪٿي به نظر نه آيا. ڪڻڪ جا ڪيئي لابارا
لٿل هئا ڳاهه ۽ ڳاهجي رهيا هئا ۽ چوپايو مال
پنهنجي پيٽ کي پر ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ هلندو نظر
آيو.
رياڪارن رهبرن، رهنما رهزنن، سوديباز سياستدانن،
سکڻن صوفين، علم فروش علمائن، پندڙن پيرن، مڪارن
مرشدن، مجهول ملن، دين ۽ دنيا جي دوکي ڏيندڙ
دغابازن جي حرڪتن ۽ حرفتن ۽ هنبوشن جي هيراڦيرين
جي ڦندن ۽ فريبن کان هوشيار رهندا اچو ته بهتر
آهي، ورنه اهي اڻ ڄاڻ اٻوجهن مسڪينن ۽ مجبور
ماڻهن کي اونهي اوڙاهه جي آويڙ ۾ اڙائڻ جي ڪوشش
ڪندا رهندا آهن.
(وفائي)
[16]
هن خط ۾ تو عشق ۽ محبت جي تفاوت جي باري ۾ سوال
پڇيو آهي:
منهنجا دوست! جيئن هي دنيا قائم ۽ دائم ٿي آهي،
تيئن سندس ڳچي ۽ ڳل ۾ عشق ۽ محبت جو ڳهڻو ڳنڍيو
۽ ڳوتيو پيو آهي. ڀانئجي ائين پيو ٿو ته هن دنيا
جو بنياد عشق ۽محبت سان ئي شروع ٿيو آهي ۽ٿيل
آهي. هاڻي ڏسڻو هي آهي ته عشق ۽ محبت جو پاڻ ۾
ڪٿي ميل ميلاپ ۽ ڳنڍ ڳانڍاپو ڳنڍيل آهي يا نه،
منهنجي مطالع موجب عشق جو محبت سان ڪو به معاملو
۽ مسئلو متل ۽ مچايل نه هوندو آهي نه وري عشق جي
آواز ۽ اولڙي جو محبت تي اثر ٿي سگهندو آهي.
عشق ۽محبت بلڪل جدا ۽ مختلف معاملا ۽ مسئلا
هوندا آهن جن جا راهه ۽ رستا، گام ۽ گس، پنڌ ۽
پيچرا، ماڳ ۽ مهاڳ، مقصد ۽ منزلون پنهنجون
پنهنجون مقرر ٿيل هونديون آهن. محبت سڀ ڪنهن سان
ٿي سگهي ٿي، ڪري سگهجي ٿي ۽ سڀ ڪنهن سان ڪرڻ
گهرجي.
جتي محبت جهڙي مٺي مصريءَ ۽ ماکيءَ جهڙو مٺاس
موجود هوندو آهي،
اتي ميل ۽ ميلاپ جون مجلسون ۽ محفلون متل ۽ مچيل
هونديون آهن، جيڪو ماڻهو محبت مروت ۽ معاف ڪرڻ
جهڙين خوبين ۽ خاصيتن کان خالي ۽کوکلو آهي ان
کي ائين سمجهڻ گهرجي ته هو خدا جي زمين تي بار
آهي. محبت ڪندڙن جا خاص پنهنجا پنهنجا طور
طريقا، توانائيون تازگيون، تند، تنوار ۽ طلب
تيار ٿيل هونديون آهن. ان کانسواءِ محبت جي ميل
ميلاپ، وصال ۽ ويجهائي ڪري هميشه ئي مخالفتون ۽
محاذ آرايون ۽ مقابلن جا ممڻ مچندا رهندا آهن،
جنهن ڪري محبت ڪندڙن کي هميشه ئي سجاڳ ۽ بيدار
رهڻو پوندو آهي. عشق به پنهنجي مٿي هڪ وڏو
بحربيڪنار آهي، جنهن جي ڪپر ۽ ڪنڌي، پار ۽ پتي
جي پروڙ ۽ پرک پئجي نه سگهندي آهي .ڪيئي
پانڌيئڙا انهيءَ راهه ۾ رڙهندا رهندا آهن. جيئن
شاهه عنايت عليه رح فرمايو آهي ته:
’پر جي لهين نه پير- ته به راحت آهي رڙهڻ ۾‘
عشق جون منزلون به ڪٺن ۽ ڪشالن واريون هونديون
آهن، جنهن ڪري دنيا جي هر هڪ طاقت عشق جي اڳيان
سيس نوائيندي رهجي ويندي آهي. سندس اسرارن،
آثارن ۽ اهڃاڻن جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به عاقل
کي ڪا به ڪل پئجي نه سگهي آهي. عشق جي فلاسافي
جي فتويٰ اها ٿيل آهي ته عشق ۾ بيداريءَ جو هجڻ
بي ادبي آهي.
هونهن به هر هڪ ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽
سمجهه، ساڃهه ۽ سليقو، عقل ۽ ادراڪ هوندو آهي ۽
اهو ان مطابق هر هڪ شيءِ کي ڏسڻ ۽ پسڻ جي ڪوشش
ڪندو رهندو آهي. دنيا جي سمورن قصن، ڪهاڻين ۽
داستانن کي دهرائڻ جي بجاءِ صرف هتي هڪ ٻن مختصر
عشق جي داستانن کي تنهنجي پڙهڻ لاءِ پيش ڪري
رهيو آهيان.
مارئي جي قصي کان ڪير واقف نه آهي، ماروئي کي
عمر جي باغن ۾ بنگلن، محلن ۽ ماڙين،
ڪوٽن ۽ ڪنگرن، پلنگن ۽ پينگهن، پٽ پٽيهرن، ويس
وڳن، هار سينگارن، ڳهن ۽ ڳٺن، زر ۽ زيورن، هيرن
۽ جواهرن، مهانگن ۽ ملاهتن موتين جي مالهائن،
اطلش ۽ عنبيرن، ڪيمخوابن ۽ ڪپڙن، کاڌن خوراڪن ۽
خوشين، عيش ۽ عشرتن، آرامن ۽ آسائشن به سندس من
موهي نه سگهيو ۽ ڪا به لالچ سندس اباڻي عشق جي
لوئي کي لاهي نه سگهي. هن کي صرف رات ڏينهن هڪ
ئي لوري ۽ لنو لڳل هئي ته پنهنجي ملڪ ملير جي
ماروئڙن سان وڃي ملان ۽ پنوهارن جا پکا اکين سان
پسان ۽ پنهنجي مارن ۽ مٽيءَ کي وڃي مان ڏيان.
انهيءَ قصي ۽ ڪهاڻيءَ جو مقصد ۽مطلب صرف هي ظاهر
ٿيو ته عمر جي عقل جي طاقت کي عشق جي ارادي ڀڃي
ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ عشق طاقت کي شڪست ڏئي آزاد ۽
آجو ٿي ڪري پنهنجن پيارن ۽ پريت وارن وٽ وڃي
پهتو.
سسئي جي سورن ۽ سختين کان سڀ ڪو واقف آهي سندس
بيخبر رهڻ ڪري ڏيرن ڏاڍائيءَ سان ور کي وڪوڙي ۽
ور چاڙهي آڌيءَ جو اٿاري ويندا رهيا. سسئي ور
جي وڃڻ ۽ وڇوڙي کان پوءِ ڀنڀور کي باهه ڀائيندي
سمورا لڳ لاڳاپا لاهي بنا ڪنهن سوچ، سمجهه ۽ سفر
جي ثمر کان سواءِ پنهنجي ور کي ورائڻ لاءِ واڪا
ڪندي جبلن کي جهاڳيندي جهنجهوڙيندي پهڻن ۽ پٽن
جي پنڌن ۽ پيچرن کي پار ڪندي اڳتي
وک وڌائيندي وڌندي رهي. سهڻي کي نه درياءَ جي
ڌڌڪن ۽دهشتن، ڪنن ۽ ڪڙڪن جي ڪاڻ
هئي نه وچ سير جي سختين ۽ سورن جي سڌ، نه پڪي ۽ڪچي
دلي جي پرواهه، نه مانگر مڇ ۽ مڇين جي مصيبتن ۽
نه واڳن جي وات جي وڍڻ جو وهم ۽ وسوسو، صرف عشق
جي اوساٽ ۾ الله توهار ڪيائين جيئين شاهه سائين
فرمايو آهي ته:
جيان تيان وهي واٽ – ڪپر پڇن ڪوڙيون،
جن کي عشق جي اوساٽ – سي واهڙ ڀانئن وکڙي.
منهنجا دوست! اهي اٿئي عشق جون ڪهاڻيون، قصا،
آکاڻيون ۽ احوال ۽ درد ڀريا داستان، هاڻي توکي
پوري طرح پروڙ ۽ پرک پئجي وئي هوندي ته محبت
۽عشق جو پاڻ ۾ لڳ لاڳاپو ۽ وجهه واسطو آهي يا
نه.
شل نه ڪنهن با بنياد بي اختيار جو،
بي بنياد با اختيار ۾ ڪم پوي.
(وفائي)
پاڻيءَ جو نالو جڏهن ۽ جتي وٺبو آهي، يا ايندو
آهي تڏهن هڪدم انسان جي ذهن ۾ صفائي، سٺائي ۽
پاڪائي جو خيال اٿندو ۽ اڀرندو آهي، ڇو ته پاڻي
سڀ ڪنهن گندگي ۽ غلاظت کي صاف ڪري ڇڏيندو آهي.
عجيب اتفاق آهي ته مڇي پاڻيءَ جي پيدائش ۽ رهي
به پاڻيءَ ۾ مگر پاڻي سندس بدبوءِ کي دور نه ٿو
ڪري سگهي. انهيءَ منجهيل معاملي ۽مسئلي کي حل
ڪرڻ لاءِ ڪنهن سياڻي، مڇيءَ کان پڇيو ته اي مڇي
تنهنجي پيدائش پاڻيءَ جي ۽ رهين به پاڻيءَ ۾ تو
مان بدبوءِ ڇو نه ٿي وڃي. مڇيءَ ان سوال ڪندڙ
سياڻي کي جواب ڏنو ته اي سوال ڪندڙ سياڻا، واقعي
مان پيدائش پاڻيءَ جي آهيان ۽ رهان به پاڻيءَ ۾
ٿي مگر منهنجي فطرت آهي ته مان ڪمزور ۽ ڪم طاقت
ننڍڙين مڇين کي کائيندي رهندي آهيان، جنهن ڪري
پاڻيءَ جو اثر نٿو ٿئي ۽ بدبوءِ به نه ٿي وڃي.
جيڪي ماڻهو مسڪينن، مجبورن، بيڪسن، بيوسن ۽ هيڻن
جا حق هضم ڪندا رهندا آهن، سي جيڪڏهن آسمان جي
بلندين تائين وڃي پهچن تڏهن به انهن مان بدبوءِ
نه ويندي آهي.
(وفائي)
[17]
هن خط ۾ تو دوستن جي دوستي جي باري ۾ سوال پڇو
آهي، دوست!
دوستن جي دوستيءَ جا ڪيئي داستان هوندا آهن. ڪڏهن
ڪڏهن انهن دلبر ۽ دلپسند دوستن جي داستانن کي
دهرائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته دوستيءَ جي ڪتابن جا
ڪيئي ورق ورائڻا پوندا آهن ۽ هر هڪ ڪتاب جي ورق جو
پنهنجو پنهنجو وقار، وصف ۽ واکاڻ، سندس صاف سيني
تي سينگاريل، سنواريل ۽ سموهيل هوندي آهي. |