سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :13 

 [36]

هن خط ۾ تو نوڪري ۽ نوڪرن جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

منهنجا دوست! نوڪري ۽ نوڪر – انهن ٻنهي لفظن جي باري ۾ جيڪڏهن ايمانداري ۽ ديانتداريءَ سان قلم کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. نوڪري ننڍي هجي يا وڏي، اوچي هجي يا اعليٰ، سرڪاري هجي يا غير سرڪاري، بااختياريءَ جي هجي يا بي اختياريءَ جي، حڪم هلائڻ جي هجي يا حڪم مڃڻ يا حڪم پهچائڻ جي، پنهنجن جي هجي يا پراين جي، ديس جي هجي يا پرديس جي، ڪچي هجي يا پڪي .ڪن نوڪرن کي عملدار ۽ آفيسر چيو وڃي ٿو،  ڪن کي پٽيوالن ۽ پهريدارن جي نالن سان پڪاريو ويندو آهي، بهر صورت نوڪري آخر نوڪري آهي. نوڪري ڪندڙ نوڪرن جا سوين قسم ۽ سندن مختلف ۽ جدا جدا نالا رکيل هوندا آهن، ڪي انهن رکيل نالن جي رعب تاب ۾ هلندا رهندا آهن، ڪي وري پنهنجي عهدن جي آڌار تي ڄاتا سڃاتا ويندا آهن. نوڪريءَ کان پوءِ نياز، نوڙت، نهٺائي، نرمائي، نواڻ، نيچو ۽ ننڍائيءَ جهڙيون خوبيون به نوڪري ڪندڙ نوڪر سان اچي ملنديون آهن. هاڻي دارو مدار آهي نوڪري ڪندڙ تي ته هو مٿين خاصيتن تي عمل ڪري ٿو يا وري الٽو ۽ ابتو عارضي عهدن جي آڌار تي آڪڙبو ۽ ارڏايون ڪندو رهي ٿو.

ڪي عهديدار اهڙا به هوندا آهن، جن جي سڃاڻپ صرف عهدا ئي هوندا آهن، ڪي وري اهڙيون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي عهدن جو شان ۽ مان بلند ۽ بالا ڪنديون رهنديون آهن. ڪيترا آفيسر ۽ عملدار نوڪري جي دوران اخلاق ۽ انسانيت، ايمانداري ۽ ديانتداري، شرافت ۽ شائستگي، آرام ۽ اطمينان سان پنهنجن عائد ٿيل جوابدارين کي نهايت سهڻي ۽ صاف سليقي سان استعمال ڪندا، عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ٿي ڪري وڃي پنهنجي گهر ڀيڙا ٿيندا آهن، انهن کي گهڻو ڪري اهي ماڻهو ياد ڪندا رهندا آهن، جن جو انهن سان نوڪري جي وقت ۾ واسطو وجهه پيو هوندو. ڪي وري آفيسر نوڪري جي دوران ۾ پنهنجا تعلقات ايترا ۽ ايڏا وڌائي ۽ وسيع ڪري ڇڏيندا آهن، جن لاءِ چيو ويندو آهي، ته نوڪري گهٽ ڪيائين ۽ دوستي ۽ تعلقات وڌيڪ پيدا ڪيائين. گهڻا وري اهڙا به سائين جا سنواريل هوندا آهن، جيڪي نوڪري جي وقت ۾ دوستن ۽ يارن کي مخالفت جي محاذ تي آڻي ڇڏيندا آهن، ڪيترا نوڪري ڪندڙ نوڪري کي ڪندا آهن ۽ ڪن کي وري نوڪري ڪندي آهي، جن کي نوڪري ڪندي آهي انهن کان گهڻو ڪري ماڻهو پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر جيڪي نوڪري کي ڪندا رهندا آهن سي صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي عهدن جو شان ۽ مان، رک ۽ رکاءُ رکندا رهندا آهن.

ڪيترا ڪامورا نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايتريون ۽ ايڏيون هنبوشيون هڻندا پيرن بجاءِ پٻن تي هلڻ جا هيراڪ ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري ڪٿي ۽ ڪڏهن به سندن چڱي طرح نالو نه ورتو ويندو آهي، ان جو سبب صرف هي آهي ته انهن همراهن ۾ پنهنجي ڪا به بنيادي خوبي ۽ خاصيت ڪا نه هوندي آهي، جنهن ڪري هو احساس ڪمتري ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ رڳو پنهنجي مليل عهدن کي ظاهر ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا رهندا آهن.

ڪي اهڙا به ڏٺا ۽ پسيا ويا آهن، جيڪي نوڪريءَ تان لهڻ کان پوءِ وري نوڪري نه ڪندا آهن ۽ هو پنهنجي ذاتي ۽ شخصي ڪمن ڪارن ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. ڪي نوڪري ڪندڙ نوڪريءَ مان نڪرڻ کانپوءِ به ڪوشش ڪري وڃي نوڪري ڪندا آهن، انهن جو هتي ذڪر نه ڪجي ته بهتر آهي ڇو ته قلم کي شرم اچي رهيو آهي. ٽيهه پنجٽيهه سال صبح کان شام تائين صرف هڪ ئي تن کي تنوار، تات ۽ تڪڙ لڳل يعنيٰ آفيس، فائيل، پٽيوالا، گهنڊڻي، پي اي ۽ ٽي اي، گشٽ ۽ گماشته، منزلون ۽ محفلون، رشوتون ۽ رسايون، سوکڙيون ۽سوغاتون، سولايون ۽ سهنجايون، سرڪاري سرڪٽ هائوس، دعوتون دڙيون، نذر ۽ نياز، تحفا ۽ تحائف، شڪار  ۽ شغل، آرام  ۽ اطمينان وغيره وغيره. جڏهن همراهن جون اهي سموريون شيون وينديون رهنديون آهن، تڏهن سندن حالت ڏسڻ جهڙي هوندي آهي ۽ اهڙا آفيسر به ڏسڻ ۾ آيا، جن کان پنهنجا گهر جا ڀاتي به بيزار ٿي ڪري کين گهر کان ٻاهر وڃڻ جو ن صلاحون ڏيندا رهندا آهن. ان جو سبب صرف هي آهي ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ حڪم هلائڻ جا سمورا حيلا ۽ وسيلا نوڪري سان گڏ ختم ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري طبيعت ۾ عمر جي لحاظ موجب چڙچڙاهٽ، بيزاري ۽ بڇان پيدا ٿي پوندي آهي، ڇو ته نه ماڻهن جي رجوعات، نه آواز ۾ اثر، نه ڪم وارن جا ڪٽڪ، نه ايندڙن ۽ ويندڙن جا سلام ۽ ڪلام، نه کيڪار، نه خوشامند ۽ نه آجيان، ۽ نه استقبال. انهيءَ ڪري هو ويچارا دنيا جي هل هنگامن ۽ پنهنجن ۾ پاڻ کي پرايو ۽ اوپرو محسوس ڪندا رهندا آهن.

جن آفيسر ن ۽ عمدارن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ خوش گذارڻ خاطر  حرام ۽ حلال، گناهه ۽ ثواب جون سموريون سرحدون، ليڪا ۽ لنگهه لتاڙي پنهنجن سهرن، سالن سوٽن، سنگتين ۽ ساٿين، ڀائرن ۽ ڀائٽين، مٽن ۽ مائٽن، پيارن ۽ پريت وارن جي نالن تي ملڪيتون ۽ املاڪون وٺندا رهندا هيا. جيستائين اهي صاحب نوڪري ۾ هوندا آهن، تيستائين سمورا کين سڄو حساب حصي رسيءَ سان گهر ويٺي ڏيندا رهندا آهن، مگر جڏهن هو نوڪريءَ مان نڪرندا آهن يا رٽائر ٿيندا آهن، تڏهن سمورا پنهنجا ۽ پرايا کائن پاسيرا، پرڀرا ۽ پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.

جن جي نالي تي ملڪيتون ورتيون وينديون آهن، سي ٻئي مٿا کائي مڇن کي وٽ ڏئي بوڇڻ ڇنڊي ڪلهي تي رکي پيٽ ڀرائي جون اوڳرايون ڏيندا،  البيليون، الوليون ۽ اوباشيون ڪندا رهندا آهن ۽ اهي رشوتي آفيسر انهن ملڪيتن ۽ املاڪن کي هضم ڪندڙن جي ڪمن ڪارن ۽ ڪار گذارين جي باري ۾ حڪايتن ۽ شڪايتن جا هر هنڌ داستان دهرائيندا  دربدر ٿيندا، پنهنجا پويان پساهه پورا ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ۽ جتي ملڪيتن  ۽ املاڪن تي پيءُ ۽ پٽ، ڀائر  ۽ ڀائيوار، سهرا، سالا ۽ سوٽ، سنگي ۽ ساٿي، پيارا ۽ پريت وارا پاڻ ۾ وڙهندا رهن اتي اهڙين ملڪيتن ۽ املاڪن جي گڏ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو، مگر افسوس! جو انسان حرص، حوس ۽ هٻڇ ۾ ايترو ۽ ايڏو ڪري پوي ٿو ۽ پئسي جي پيار ۽ پريت ۾ انڌو اونڌو ٿي ڪري اهڙيون حيواني حرڪتون ۽ حرفتون ڪندو رهندو آهي، جتي انسانيت افسوس جا لڙڪ حسرت جي دامن سان اگهڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي آهي. ڪيترا آفيسر بنا لالچ ۽ لوڀ جي ڪم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪمي پيشي ۽ ڪوتاهي نه ڪندا آهن، جيڪڏهن بنا زور بار جي حيثيت وارا خوشيءَ سان ڪا خدمت ڪندا تڏهن به واه واه پر جيڪڏهن خدمت نه ٿي ته به ڀلو. جي مليو تڏهن به محبت ۽ مروت سان نه ته انتظار ۽ اوسيڙي جي اهڃاڻن ۽ اثارن کان آجا ۽ آزاد.

ڪيترا ڪامورا ڪرڙا نوڪري مان نڪرڻ کان پوءِ سمورو وقت هر محفل ۽ مجلس ۾ پنهنجي ٽيهن چاليهن سالن جي نوڪري جي وقت ۾ ڪيل ڪار گذارن جون بيباڪي ۽ بهادريءَ سان باتيون ۽ بيان ڪندا ٻين جو قيمتي وقت وڃائيندا رهندا آهن. الله تعاليٰ نوڪري ڪندڙن ۽ نوڪري مان رٽائر ٿيندڙن کي ڪا هدايت ڏئي ته هو پنهنجي بنيادي حيثيت کي ياد ڪري خير ۽ خوبيءَ سان وقت گذاريندا رهن ته بهتر ٿيندو.

آرس ۽ آرو، نظرداري ۽ نظارو، بندش جو بارو، رسمن ۽ رواجن جو راڙو، شوبازن جو شڪارو، گار ۽ گند جو گارو، ڏيک ۽ ڏيکاءَ جو ڏارو، ٻنيءَ جو ٻارو، پاڻيءَ جو وارو، ڪاري ۽ ڪارو، ڪات ۽ ڪهاڙو، جهالت جو جهاڙو، بدين ۽ بڇڙاين جو بارو، کوکلي وقار جو کارو، ننڍ ۽ وڏائي جو وڌارو، ناز ۽ نخري جو نعرو، ملن جو مونجهارو، اڻپڙهيلن جو ادارو، مرشدن جو مارو، پيرن جو پارو، ڌاڳن ۽ تعويذن جو سهارو، دڪاندارن جو ڌاڙو، جنهن ڪري بي انتها بديون ۽ بڇڙايون به اسان مان بيزار ٿي ڀڄنديون رهن ٿيون.

(وفائي)

[37]

خط تنهنجو پهتل آهي هن دفعي تو اصلي طاقت ۽ نقلي طاقت جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

منهنجا دوست! دنيا ۾ طاقتن جا ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون قائم ۽ دائم ٿيل هونديون آهن ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جا به طور طريقا بيان ڪيا ويا آهن. طاقت جي معنيٰ اها هوندي آهي ته هن کي مناسب موقعن ۽ مهلن مطابق استعمال ڪيو ويندو آهي. بنيادي طاقت گهڻو ڪري پنهنجي صحيح وارثن ۽ والين کي ملندي رهندي آهي، جنهن ڪري انهيءَ کي اصلي طاقت چيو وڃي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. ان طاقت مان خوف ۽ خطرو، خدشو ۽ خرابي گهٽ پيدا ٿيندي رهندي آهي. ٻئي طاقت جنهن مان هميشه ئي نقصان پهچڻ جي تند تنوار تيار هوندي آهي، اها آهي معرفت جي طاقت، يعني عارضي وقت لاءِ مليل هوندي آهي، جنهن کي نقلي طاقت چيو ويندو آهي، گهڻو ڪري عقلمند انسان انهيءَ نقلي طاقت کان هميشه ئي پرڀرا ۽ پاسيرا ٿي ڪري پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. دنيا جو دستور آهي، ته طاقت ڪهڙي به هجي ۽ ڪيتري به هجي، گهٽ هجي يا وڌ هجي. ننڍي هجي يا وڏي هجي پر طاقت پنهنجي هجي. ڏنل ۽ ورتل طاقتون عارضي ۽ وقتي هونديون آهن، انهن طاقتن تي آڪڙ ۽ ارڏائي، گهمنڊ ۽ غرور ڪرڻ بلڪل بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿيندو رهندو آهي. جيئن ته شروعات کان وٺي اصل ۽ نقل جا پاڻ ۾ مقابلا ۽ محاذ آرايون ٿينديون هيون، ٿينديون رهن ٿيون ۽ ٿينديون رهنديون.  ڪڏهن ڪڏهن اصل پنهنجي حال احوال ڏيڻ کان هيسجي، هٻڪجي کوکلو ۽ خالي ٿي ويندو آهي ۽ نقل اڳيان شرمسار ٿيندو رهندو آهي. جنهن ڪري نقل هن جي شرافت ۽ شائستگي تي کلندو ۽ خوش ٿيندو هنبوشون هڻندو هلندو رهندو آهي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي اها وڏي ۾ وڏي اٻوجهائي ۽ اڻ ڄاڻائي، ڪمزوري ۽ ڪوتاهي هوندي آهي، ته جڏهن به ڪن ماڻهن کي اوچتو ۽ اچانڪ يعني لاٽري نموني سان چار ڏوڪڙ يا چڱو عهدو نصيب ٿي ويندو آهي، تڏهن هو هڪدم پنهنجو پاڻ کي آسمان جي بلندين تي سمجهڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ اهي عقل جا انڌا انهيءَ انڌ ۾ اونڌا ٿي ڪري پنهنجي اصلي حقيقت ۽ حيثيت کي هميشه جي لاءِ وساري ويهي رهندا آهن ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا آهن، ته سڀئي ماڻهو کين جهڪي سلام ڪن  ۽ انتهائي عزت ۽ احترام سان ڏسندا رهن.  گويا هو پنهنجو اڳيون وقت وساري ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي هر ادا جي انداز کي اهڙي طرح ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڄڻ اصل کان ئي انهيءَ مقام، منزل ۽ منصب جا مستحق ۽ مالڪ هئا ۽ آهن.

هن حقير ۽ فقير جي گنهگار اکين پنجٽيهن سالن جي عرصي ۾ ڇا ڇا نه ڏٺو آهي ۽ ڇا ڇا نه پسيو آهي. جيڪڏهن انهن معلوماتي محفلن ۽ مجلسن جي مشاهدن ۽ منظرن کي قلمبند ڪيو وڃي ته ڪيئي ڪتاب تيار ٿي ويندا .گهڻو ڪري هر هڪ ماڻهو جي اصليت جو احوال اقتدار ۽ طاقت جي اڳيان ظاهر ٿيڻ ذري جي به دير نه ڪندو آهي ۽ سندس اندر وارو انسان نڪري نروار ٿي پوندو آهي.  اهي نڪتا سڀ ڪنهن جي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ سمجهي وڃڻ جهڙا نه هوندا آهن. ڇو ته ڪن نڪتن کي سمجهڻ لاءِ آزمايل آزمودن، تلخ تجربن، ذاتي ۽ شخصي مشاهدن جي معلومات هجڻ تمام ضروري هوندي آهي. ان کان پوءِ ئي ڪن ڪن نڪتن جي وڃي ڄاڻ سڃاڻ جي پاتال ۽ پاڙ تائين پهچبو آهي.

جيڪو ماڻهو نڪتن کي ”ن“ وارو نڪتو سمجهندا رهندا آهن، انهن جي سمجهه ۽ سوچ جي باري ۾ هتي ڪهڙو ذڪر ڪري ڪهڙو ڪجي. هي حقيقت آهي ته ڪيترن عارضي عهديدارن ملڪ جي عوام جي آزاد خياليءَ وارن جذبن کي نهايت ئي بيدرديءَ ۽ بي رحميءَ سان برباد ڪيو آهي ۽ ڪندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ جي عام ماڻهوءَ ۾ اڄ ڏينهن تائين آزادي جو احساس پيدا ٿي نه سگهيو آهي ته صحيح آزادي ڇا هوندي آهي. جيڪي ماڻهو آزاديءَ جهڙي نعمت کي ڇڙواڳي تصور ڪندا رهندا آهن، تن جي ذهنيت تي صحيح آزادي ماتم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندي آهي.

عارضي عهديدارن اسان جي قوم کي ايترو ته هيسائي، ڊيڄاري، ڪنبائي، ڪمزور ۽ ڪانئر ڪري ڇڏيو آهي، جو هر ماڻهو طاقت ۽ اقتدار جي سومناٿ جي بتن اڳيان سجدو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو عيب نه ٿو سمجهي، جنهن ڪري اسان جي ملڪ جو عوام ماحول جي مطابق هر ناخدا جي نيازمنديءَ ۽ نوڙت ۾ پنهنجو خير ۽ خوبي، آرام ۽ عافيت سمجهندو رهي ٿو. ڪيترا ماڻهو ته ان بت پرستيءَ کي فخر سان پنهنجي نجات ۽ ڇوٽڪارو سمجهندا رهندا آهن. موجوده تعليمي پاليسي، اخبارون، ڪتاب، رسالا ۽ انهن ۾ ڇپجندڙ مواد، اسان جي قوم جي انهيءَ فڪري پستيءَ جا سبب چئجن ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي، ڇاڪاڻ جو انساني خيال جي پرواز جي ڪوتاهيءَ ۾ صرف رزق جو دخل نه هوندو آهي، پر غلط قسم جو مواد مطالع ڪرڻ، بيڪار ۽ بي سود ڪتابن جي پڙهڻ ڪري ماڻهن مان خودداري ۽ خود اعتمادي جا جرڪيدار جوهر فنا ٿيندا نظر ايندا آهن .انگريز سامراج جي هي عجيب فلاسافي ۽ حڪمت عملي هوندي هئي، جو هو هن ملڪ جي ماڻهن کي ماني ٽڪر حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي نوڪري ۾ رکڻ لاءِ هميشه ئي درخواست ڪندڙ کي پنهنجي نالي مٿان Your most obedient servant جهڙا جملا سيکاريا ۽ سمجهايا. هاڻي معلوم نه آهي هن اسلامي حڪومت ۾ اهي اکر لکيا وڃن ٿا يا نٿا لکيا وڃن.  اها خبر نوڪري ڪندڙن، نوڪري ڏيندڙن ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ وارن کي ئي هوندي. چوڻ وارا چوندا رهن ٿا ته اها انگريز جي قائم ڪيل بدعت ۽ بڇڙائي اڃان تائين برقرار رکي وئي آهي. سرڪاري يا نيم سرڪاري اقتدار ۽ عارضي عهدن ۾ الائي ڪهڙي بلا ۽ ڀوت ويٺل هوندو آهي، جو ڪيترا چڱا ڀلا ۽ ڏسڻا واسڻا ماڻهو انهي شيءِ جي ملڻ کانپوءِ بلڪل بدلجي، ڀلجي ۽ ڀٽڪجي ويندا آهن، ۽ هو انهن عارضي عهدن کي پنهنجو موروثي حق ۽ جاگير سمجهندا رهندا آهن.

ڪنهن به ماڻهو جي اخلاق جي بلندي کي پرکڻ لاءِ زر، زور ۽ اقتدار بهترين معيار چئي سگهجن ٿا، جن جي وسيلي ماڻهو جي ضمير ۽ ظرف جي پوري پروڙ پرکي سگهجي ٿي. هونئن به پروان پرن تي آخر ڪيترو پرواز ڪري سگهبو، نيٺ ٽانءِ ٽانءِ فش جو مثال ٿي ويندو.

 

جڏهن ۽ جتي حقيقت جي مٿان بي توجهي ۽ جهالت جي ڌوڙ جي دز جا تهن مٿان تهه چڙهي ويندا آهن، تڏهن صرف شهرت جا شوشا ۽ شعاع ظاهر ٿيندا رهندا آهن. ان ڪري ماڻهو حقيقت کي سمجهڻ ۽ سوچڻ جي سگهه ۽ ساڃهه جي سٽ نه ساري سگهندا آهن، مگر ڪڏهن ڪڏهن ڪو وقت اهڙو به ايندو آهي، جو شهرت جي ساٺن سنوڻن، سازن ۽ سامانن کي صفائي سان صفا ڪري حقيقت جو بول بلند ۽ بالا ڪندو رهندو آهي.

(وفائي)

[38]

هن دفعي تو عجيب سوال پڇيو آهي ته انسان ڇو ٿو جهڪي.

منهنجا دوست! انسان جي به عجيب فطرت آهي ته هو هر ڪمال ۽ جمال، جلال ۽ جلاد جي اڳيان جهڪندو رهندو آهي.  جيئن ته اهي لفظ چئن چئن اکرن جا مجموعا آهن ۽ انسان ۾ پنج اکر آهن. هاڻي ڏسڻو صرف هي آهي ته پنجن اکرن وارو چئن اکرن جي اڳيان ڇو ٿو جهڪي، ڇالاءِ ٿو جهڪي، ڪنهن لاءِ ٿو جهڪي، ڪيئن ٿو جهڪي ۽ ڪڏهن ٿو جهڪي. جن جي جند هميشه ئي جهڪڻ جي جنجال ۾ جڪڙيل ۽ جوٽيل هوندي آهي، سي همٿ ۽ حوصلي جي هٿيڪي هٿيار کان خالي ۽ کوکلا ٿي ڪري اجايا سجايا، بيڪار ۽ بيسود بهانن جا بيان ڪندا رهندا آهن.

ڏٺو ويو آهي ته موقعن ۽ مهلن جا ماهر ماڻهو هميشه ئي مصلحتن جا غلام ۽ گولا ٿي ڪري ملڪي ۽ قومي ڪمن ڪارين کي هميشه پرڀرو  ۽ پاسيرو رکي صرف پنهنجي ذاتي ۽ شخصي سڌاري  ۽ واڌاري جي هل هلان ۾ هلڻ جا هيراڪ ٿي ويندا آهن. هونئن به جڏهن ۽ جتي خودغرضيءَ جي خوءِ پرواز ڪرڻ جا پهه پچائيندي آهي، تڏهن انسان کي پنهنجي ذات کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ نظر نه ايندي آهي. دنيا ۾ زندگي گذارڻ جا مختلف ۽ جدا جدا قسم هوندا آهن، ڪي پاڻ لاءِ جيئندا رهندا آهن، ڪي ٻين جي جيئڻ جي جوت کي جڳائيندا اڳتي وڌندا رهندا آهن. ڪي وري جيئڻ وارن لاءِ جنجال ثابت ٿيندا رهندا آهن. صحيح زندگي صرف اها ئي هوندي آهي جا زندگي ملڪ ۽ قوم ۽ ٻين انسانن لاءِ ڪم ايندي رهي. ڪي جيئڻ جي باوجود به مئل هوندا آهن، ڪن جي زندگيءَ تي زندگي فخر ڪندي رهندي آهي، ڪي وري مرڻ کانپوءِ به زنده هوندا آهن. بهر صورت صحيح ۽ صاف جيئڻ انهن جو جيئڻ آهي، جيڪي ٻين جي جيئڻ لاءِ جيئندا رهن ٿا. ڪيترا ماڻهو ظاهري زينت ۽ زيب، ٺٺ ۽ ٺانگر جي ٺلهن ٺڪرن جي آوازن ۽ آثارن ۾ منجهي پوندا آهن سي ڪڏهن به زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ ڪو به جوهر جرڪائي نه سگهندا آهن. جن ماڻهن کي جيئڻ نٿو اچي سي احساس ڪمتري جي اونهي اوڙاهه جي آويڙ ۾ اڙجي ڪري پنهنجين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ ٻين تي نڪته چيني ڪرڻ جي ڪار ۾ قابو ٿي ويندا آهن. جيستائين انسان جو اندر وارو اڱڻ سوجهري ۽ سجاڳيءَ بيداري ۽ باخبري کان بي خبر آهي، تيستائين هن دورنگي دنيا جي دغائن دولابن، دم دلاسن، دوکيبازن جي ادائن جي ادا جي کيس ڪڏهن به ڪل ڪا نه پئجي سگهندي. جڏهن ۽ جتي به درگاهن ۽ درٻارن، مسجدن ۽ مندرن، ميخانن ۽ مڪتبن ۾ منافقي ۽ مصلحت جو وکر ورهايو ويندو آهي، تڏهن اتي هڪ بي اختيار صرف افسوس جا لڙڪ حسرت جي دامن سان اگهندو رهجي ويندو آهي. عقل، عقل جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندو رهندو آهي مگر عقل طاقت ۽ عشق اڳيان بيڪار ۽ بي وس ٿي پوندو آهي. هونئن به بااختيار بيوقوف ڪڏهن به بي اختيار عقلمند جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ۽ نه وري عشق تي عقل جو آواز اثر ڪري سگهندو آهي. جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته عقل جي عشق ۽ طاقت اڳيان ڪا به حقيقت ۽ حيثيت ڪا نه آهي. دنيا جو فتنو ۽ فساد، امن ۽ امان، صلح ۽ سانت، اتحاد ۽ اتفاق، جنگيون ۽ جهيڙا، جٺيون، ۽ جنجال، مخالفتون ۽ محاذ آرائيون، انس ۽ الفتون، پيار ۽ پنهنجائپ، حيرانيون ۽ پريشانيون، سک  ۽ سڻايون، سهنجايون ۽ سولايون، آرام ۽ آسائشون، ڏک ۽ ڏوجهڙا، ڏڍ ۽ ڏمر، ظلم ۽ زبردستيون، رحمدلي ۽ رواداريون معاف ڪرڻ ۽ مڙي وڃڻ گويا زندگي جي سموري ساٺ سنوڻن  ۽ ڊاه ڊوهن جو دارو مدار انسان جي اک تي آهي،  جو تعلق سنئون سڌو انسان جي دل ۽ دماغ سان هوندو آهي، جڏهن اک ڪو به نظارو، ڪو به واقعو، ڪا به واردات ڏسي ۽ پسي ٿي ته ان جو اطلاع هڪدم دل ۽ دماغ کي پهچي وڃي ٿو. اک جو ڪم صرف اطلاع پهچائڻ جو هوندو آهي، باقي فيصلا ۽ فتوائون ڏيڻ جو سمورو حق دل ۽ دماغ کي هوندو آهي.  انهن فيصلن ۽ فتوائن کي فتح ڪرڻ لاءِ دل ۽ دماغ جي پاڻ ۾ ڏي وٺ جي ڪشمڪش جاري ۽ ساري ٿي ويندي آهي، ڪڏهن دماغ جو فيصلو دل تي قابض ٿي ويندوآهي ته ڪڏهن دل جي دعويٰ دماغ جي فيصلي تي فاتحانه انداز ۾ ظاهر ٿيندي رهندي آهي.

جيئن ته شروعات اک سان ٿي ٿئي. اک ۾ به ٻه اکر آهن ۽ دل به ٻن اکرن جو مجموعو آهي. اک ۽ دل جي وجود ۾ ڪافي وٿي ۽ وڇوٽي آهي. دماغ چئن اکرن جو مجموعو آهي، مگر انسان سڄي ڏينهن جي گفتگو ۾ انهن چئن اکرن واري دماغ کي گهٽ استعمال ڪندو رهي ٿو. ۽ سڄو ڏينهن دل ئي دل جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي. جيئن ته دماغ ۾ به چار اکر آهن ۽ زبان به چئن اکرن ۾ جڪڙيل آهي، مگر چئن اکرن جو پاڻ ۾ چهچٽو ۽ چئوٻول چالو نه هوندو آهي.

زبان چئن اکرن واري صرف ٻن اکرن واري دل جو باربار ذڪر ڪندي رهندي آهي .اکين جا به عجيب اسرارآهن، ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي واڻي يا ڪڏهن بي خبري ۾ اهڙي هنڌ وڃي اڙنديون ۽ اٽڪنديون آهن، جتي پريت ۽ پيار جا پيغام ۽ پرچا پهچي نه سگهندا آهن. اکين جي باري ۾ دنيا جي عالمن ۽ اديبن ۽ سمجهدارن، شاعرن ۽ باشعورن، پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ، عقل ۽ ادراڪ موجب انهن جي سونهن ۽ سوڀيا جي ساراهه جون سرڪيون ڀريون آهن، اکين جا سوين قسم آهن، مگر اهي اکيون سڀني اکين جون سرتاج هونديون آهن، جن اکين ۾ زبان هوندي آهي.

دنيا ۾ ڳالهائيندڙ زبان جي زخميل جو علاج ٿي سگهندو آهي، مگر اکين جي زبان جو زخميل جو علاج صرف اهي ئي اکين وارا ڪري سگهندا آهن، جن جي اکين جي زبان سان هو زخمي ٿي پوندا آهن. جن دوستن، احبابن، سڄڻن ۽ ساٿين پنهنجي زندگي ۾ اکين جون زبانون ڏٺيون ۽ پسيون هونديون اهي ئي انهن جي اوچي ۽ اعليٰ ادائن جا اصول ٻڌائي سگهندا.

[39]

هن خط ۾ تو سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف رح جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

سڄڻ هي جهان به عجيب جهان آهي، جتي حضرت انسان جي جند ۽ جان جهڪڻ، جهڪائڻ، جهڪجڻ ۽ جهڪجي وڃڻ جي جهيڙن، جهٽن، جهڙپن، جهٽڪڪن، جهوٽن، جهوٻن، جٺين، جوکن ۽جنجالن ۾ جنبيل، جڪڙيل ۽جوٽيل آهي. ڏسڻو صرف هي آهي ته، هڪ انسان ٻئي انسان کي پنهنجي طاقت ۽ لياقت جي بلبوتي تي جهڪائڻ لاءِ ڪهڙا  ڪهڙا جتن ڪندو رهي ٿو. انسان ڇو ٿو جهڪي، ڇالاءِ ٿو جهڪي، ڪڏهن ٿو جهڪي، ڪنهن لاءِ ٿو جهڪي ۽ڪيئن ٿو جهڪي. اهي نهايت ئي نازڪ مسئلا ۽ معاملا هوندا آهن. جڏهن انسان صرف پنهنجي دل ۾ جهڪڻ، جهڪائڻ، جهڪجڻ ۽جهڪجي وڃڻ جو خيال ڪري ٿو، تڏهن ائين سمجهڻ گهرجي ته همراهه سمورين انسانيت جي اوچين ۽ اعليٰ خوبين ۽ خاصيتن کان خالي ۽ کوکلو ٿي رهيو آهي. هن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو جيڪو ناقابلِ معافي جرم آهي سو آهي جهڪڻ، انسان کي گهرجي ته نه ٻئي کي جهڪائي ۽ نه پاڻ ئي ڪنهن جي اڳيان جهڪي، ڇو ته مسلمان سڏائيندڙن لاءِ خاص حڪم ٿيل آهي، ته صرف پنهنجي پالڻهار ۽پروردگار جي اڳيان ئي سر جهڪائيندا ۽ سجدو ڪندا رهو. جيڪي هن جهان ۾ جهڪجي ويا تن جهڪندڙن کي جهان وارن ڪڏهن به ياد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. مگر جيڪي ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيا ۽ٻين کي به جهڪڻ جي بدعت ۽ بيهودگي، بڇڙائي ۽ برائي کان باز رکڻ جي تاڪيد ۽ تبليغ ڪندا رهيا، تن وٽ جهان وارا هر روز سوين سلام ڪندا  رهن ٿا ۽ ڪندا رهندا.

سنڌ جي سائين، بادشاهي ڪندڙن بادشاهن، حڪم هلائيندڙن حاڪمن، جاگيردارن جي جلالن، ڪمدارن ۽ ڪاروان جي ڪمالن، زميندارن ۽ زردارن جي زيادتين ۽ زورن، طاقت وارن جي توانائن ۽ تيزين، وڏن ۽ وڏيرن جي وڏائن، ڪوڙن ڪاريگر ن جي ڪارگذارين، فتني انگيزين جي فتوائن ۽ فيصلن، ملن ۽ مفتين جي معاملن، پڳدارن ۽ پيرن جي پارسائن، مخدومن ۽ محدثن جي ميارن، عالمن ۽ علمائن جي آثارن ڏانهن ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڌريو، ڇو ته فطرتي شاعر اڳيان ڪائنات جي کليل ڪتاب جا ورق سامهون هوندا آهن. هو خالق جي خلقيل هر شيءِ جي صحيح ۽ سچي ترجماني ڪندو رهندو آهي.

سنڌ جي سائين سامهون صرف سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙن سنوان، سڌا، ساٿي، سٻاجهڙا، سانگيهڙا، جهانگيڙا، ماروئڙا، غريب غرباءَ، مسڪين ۽ محتاج، مجبور  ۽ مايوس، هيسيل ۽ هيسايل، ڪمزور ۽ ڪم طاقت بکيا ۽ ڏکيا، ڪامي ۽ ڪڙمي، هاري ۽ ناري، مزدور ۽ محنت ڪندڙ بي زبان ۽ بي سهارا، اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ،  پٺيءَ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا، دور رهندڙ ۽ ڌڪاريل دردمند ۽ دانهن ڪندڙ، صبر ۽ سانت ڪندڙ، ڀلائي ۽ ڀلو ڪندڙ، امن ۽ امان صلح ۽ سانت وارا الله وارا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org