سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو : 9

(55)

29-5-1968ع

پيارا سائين!

ڪافي عرصي  کان دل پيئي چوي ته اوهان کي ڪو تفصيلي خط لکان پر قلم جي واڳ تي الائي ڪنهن جو قبضو آهي! جڏهن جهاٻ اچي! هونئن ڪهاڻين جا ته ڍير لڳا پيا آهن، البت اِهي ٿورو اڳ جون لکيل آهن. هينئر اوهان واري ڳالهه ته ”ساهي پيا پٽيون.“ هـِت هينئر ڏينهن جو واهوندي جا سٽڪا آهن ۽ رات جو وري هيٺ اُڀرندي کنوڻين جا ڌڄا. آڌيءَ کان پوءِ کـِنوِڻِ به گهيراٽجيو سمهيو رهي. ڏينهن جي لڳندڙ واهوندي ۾ به گُهٽ جو احساس ٿو ٿئي. مون کي پروڪـِي وئڪيشن ٿي ياد اچي جڏهن اسان سان گڏ ٿر جي چئني تعلقن جا ماستر مٺيءَ ۾ قرآن ڪورس پڙهڻ لاءِ ڪٺا ٿيا هُئا. اسين رات جو سڀ مٺيءَ جي هڪڙي ننڍڙي هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ ڪٺا  ٿيندا هئاسين؛ پوءِ ڏکڻان اچي کنوڻ اُٿندي هُئي ۽ ٻُڏل گوڙ. ننگر پارڪر ۽ ڇاڇري جي ماسترن جا دلين  تي هٿ هوندا هُئا.

”هئه هئه اسان وارا پَٽ تارون تار هوندا....(وڏو ساهه). هينئر سائين چوٽل هاڙهو انهيءَ وچ نين جا ڪڙڪا هوندا!“  ”شايد دل جي ڪنڊ گڏوگڏ ڪنهن چونئري جي ڪنڊ ۾ سندس محبوبه گندي اوڍيو جي ڪنڊ سان ڪندي هوندي، ”مارا ڍاٽيئڙا، هيلو ڪو وري آ!“ دلين جا آواز دليون ٻڌنديون آهن.

ڪنهن جي اندر جي اکين ۾ وري گهر جو چونئرو ڀڄندو هوندو. مينهن جي پهرئين ڦوهاري ۾ ٻڪريون ’ٽڻ ٽڻ‘ ڪري ڀڄي ڄارين جا پاسا وٺنديون هونديون. ڪو ماڻهو ڪوڏر کڻي کنوڻ جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ پنهنجي ٻنيءَ جي پاسن کان بند ٻڌي، پاڻي کي ٻنيءَ ڏانهن واهڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. اُن وقت دل ۾ سوچيندو هوس ته ڪو اهڙو مصور هجي، جو ماسترن جي تصورن جي رنگين  ليڪن کي ترتيب ڏيئي ڪا تصوير ٺاهي. پر ڇا ڪجي، جو انهن رنگين ليڪن کي جيئدان ڏيڻ وارو ڪوبه ڪونهي، ڪوبه ڪونهي، مـِٺا ڪوبه ڪونهي. اِهي رنگ، اِهي مَن جون وڄتون ائين ئي ڦٿڪيون ڦٿڪيون ختم ٿيو وڃن. انڌيون اکيون ليڪا ڪونه ڏسن، ٻوڙا ڪن وڄت ڪونه ٻڌن، ٻُٽيل نڪ خوشبوءِ کان محروم. اڄ هرڪو پنهنجي جسم جي خوشبوءَ سُنگهي ٿو پراوا جسم ڍونڍ آهن- لائق نفرت- خود غرضيءَ جي ڄار کي به ڪو ڪو مانگر مڇ ٽوڙيندو آهي.

مون شمس الدين  عُرسائيءَ جو خاڪو لکيو آهي، جو سندس اجازت سان ڇپائيندس. عرساڻي سال کن منهنجو اُستاد رهيو آهي، مون سندس ڳچ رنگ روپ ڏٺا آهن، جي ڪٺا ڪيا اٿم. اڃا ’طول العمره‘ جو، اوهان  جو، شوڪت راهيءَ ۽ علي بابا جا خاڪا لکندس. دل نٿي چوي هروڀرو يارن جي مُئي پڄاڻان هاءِ گهوڙا ڪجي. زنده دوستن تي لکڻ بهتر آهي، اسان وٽ جيئرن جو قدر آهي.

 سماهي مهراڻ ڇپي آهي، ان ۾ منهنجو افسانو ”ڇانهان“ پڙهي، ضرور راءِ ڏجو.

والسلام

تنهنجو

عبدالقادر جوڻيجو

(56)

ڪوهاٽ

27-6-1968ع

پيارا عبدالقادر،

 تنهنجو خط ڪافي ڏينهن کان پهتل اٿم. جواب ڏيڻ ۾ حد کان وڌيڪ دير پئجي ويئي اٿم، ان لاءِ اميد ته دل ۾ نه ڪندين. هتي ٽريننگ اسڪول جي جي. وي ۽ سي. ٽي جي زير تربيت شاگردن جا ساليانا امتحان هئا، جيڪي 22 تاريخ هـِن مهيني جي پورا ٿيا آهن. امتحانن جو سلسلو هتي ڏاڍو طول طويل ۽ ڏيل ڏيا وارو آهي. جي. ويءَ وارن جا ڏهه پيپر سؤ سؤ مارڪن جا ٿين ٿا، ته سي. ٽيءَ وارن جا پڻ ڏهه پيپر ٿين ٿا. امتحان وٺڻ لاءِ ٻاهران آفيسر ۽ اِنويجـِيليٽر اچن ٿا. هن ڀيري اسان وٽ جملي ويهارو کن اهڙا ممتحن صاحب ٻاهران آيا هئا. انهن جي رهائش جو انتظام، کاڌ خوراڪ جو انتظام، ۽ ٻي امتحانن جي ڇڪتاڻ- مطلب ته ڏاڍو گوڙ گمسان هو، توکي جواب نه لکڻ جو هڪ ته اِهو سبب هو. ٻيو سبب ۽ اصلي سبب ته واقعي هميشه وانگر پنهنجي طبيعت جي سُستي پڻ آهي. سو دل ۾ نه ڪج.

اسان جي اسڪول کي ٻن مهينن لاءِ اونهاري جي وئڪيشن 30 جون کان 31 آگسٽ تائين آهي. آءٌ پهرين جولاءِ صبح جو حيدرآباد پهچندس. تنهن جي معنيٰ ته ٻيو خط توکي اُتي حيدرآباد موڪلڻو پوندو، ۽ جي اِنهن ٻن مهينن ۾ حيدرآباد آئين ته ملي به سگهنداسين.

تنهنجو افسانو ”ڇانهان“  ”مهراڻ“ ۾ پڙهيم. ڏاڍو سٺو افسانو لکيو اٿئي- پر آءٌ ڀانيان ٿو ته ڇپائيءَ ۾ هڪ ته غلط دمن جون نشانيون (ڪٿي ڪٿي) ڏيئي ۽ ٻيو ته ڪٿي بيجا درستيون ڪري ۽ پنهنجي طرفان ڪي اڻ ٺهڪندڙ لفظ وجهي، ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ افساني جي ٻوليءَ کي ڪجهه بگاڙيو آهي.

تنهنجي لکڻيءَ سان ايترو ته آءٌ پاڻ کي واقف سمجهان ٿو، جو جتي تنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪو ٻيو ڌاريون يا اوپرو لفظ ڏسان ٿو ته پتو پئجي وڃيم ٿو. ممڪن آهي ته ائين اندازي لڳائڻ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ غلطي به ٿي وڃيم، پر گهڻي قدر ڀانيان ٿو ته ان ۾ صحيح اندازو ڪري سگهندس. بهرحال افسانو مون کي ڏاڍو وڻيو. توکي هڪڙي صلاح ڏيان ته ائين جيڪي به تنهنجا افسانا رسالن ۾ ڇپيا آهن ۽ ڇپجن ٿا تن جي آخري طور پنهنجي پر ۾ درستي ڪري پاڻ وٽ انهن کي محفوظ رکندو وڃج ته جيئن اڳتي هلي اُهي ڪنهن مجموعي جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجن. گويا پنهنجن افسانن جي آخري ايڊٽنگ توکي پاڻ ڪري گهرجي. اُهائي بهترين ايڊٽنگ ٿيندي.

تو لکيو آهي ته مون ڏانهن ڪڏهن ڪڏهن  نهايت ڪنهن ڊگهي خط لکڻ جو تون سوچيندو رهندو آهين. اهو به ٺيڪ آهي. سوچيو رهبو ته ڪڏهن نه ڪڏهن ان تي عمل به ٿي ويندو. پر ائين نه ڪج، جو ڊگهي ۽ وڏي خط لکڻ جي اميد ۽ ارادي پٺيان مختصر ۽ روزمره جهڙي سادي ۽ سولي خط لکڻ کان به پڙ ڪڍي بيهي رهين. ائين نه ڪج. ڇو ته تنهنجو خط، خاص طرح هـِتي، جڏهن پهچي ٿو ته ڏاڍي دل کي خوشي ٿي ٿئي. اڳي به توکي چيو اٿم ۽ هاڻي به وري توکي چوان ٿو ته مهرباني ڪري منهنجي جواب جي انتظار ۾ ويهي خط لکڻ  بند نه ڪندو ڪر. اڳي پوءِ آءٌ به توڏانهن پيو لکندس. پر اوهين نوجوان آهيو. جنهن ڪم ۾ دلچسپي رکندا، اُن ۾ ٿڪبا ڪونه. ٻئي ڪندي، مون کي تمام گهڻا خط لکڻا پون ٿا. سو ڪڏهن ڪڏهن دوستن ڏانهن جواب موڪلڻ ۾ ديرمدار ٿي ئي وڃي ٿي.

اميد ته تون هر طرح خوش چڱو ڀلو هوندين. ٿر ۾ ته وسڪاري جي مند آهي. شال ٿر وسي، سنڌ وسي ۽ عالم سڀ آباد ٿئي!

زياده خير

والسلام

محمد ابراهيم

(57)

ڪوهاٽ

3-10-1968ع

پيارا عبدالقادر،

آءٌ پهرين سيپٽمبر کان هتي آهيان، تو وٽان ڪيترن ڏينهن کان  ڪو به حال احوال آيل نه آهي. ٻه مهينا حيدرآباد ۾ هوس، ته به ڪو خط پٽ تنهنجو ڪونه مليو. اُتي تون امتحان جي سلسلي ۾ آيل هئين- ائين  بيٺي بيٺي، هڪ ٻه ڀيرا ملڻ به ٿيو، پر نه ئي جهڙو. مهرباني ڪري هن خط ملڻ سان پنهنجي خيريت جو احوال ڏياري موڪل.

هن سال ته ٿر ويچارو ڏڪار ۾ وٺجي ويل آهي. اخبارن ۾ روز اِنهيءَ پاسي جي حالت جو ذڪر پيو ڇپجي. ڪهڙو ويچارن مارن ماڻهن جو به اُنهن جي مال وَجَههَ جو حال هوندو!

آءٌ هتي ڏاڍو اٻاڻڪو ٿو محسوس ڪريان. پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪو ڳالهائڻ وارو ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن اِئين ٿو ڀانيان ڄڻ زبان تي ڪي ڪُندَ لڳل آهن- ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ تي وري ئي نٿي- ڄڻ ڪو چپٽيءَ ۾ چيڀاٽيو بيٺو اٿس. پري پري ڪنهن اڪيليءَ جاءِ تي وڃيو ڪجهه وقت ڪڏهن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايان ٿو- تڏهن وڃيو  زبان ۾ ڪجهه ساهه پوي. فرصت جي وقت شاهه جو رسالو، اياز جا شعر، سنڌي رسالا، ۽ ريڊيو- اهي ئي وندر جا وسيلا آهن. ٻه سال اڃا آهن، اُهي ائين پورا ڪرڻا آهن. ڪنهن دوست جو اِتان کان خط پهچي ٿو  ته دل بهار بهار ٿيو وڃي. تنهنڪري مهرباني ڪري خط لکندو ڪر. ڪو به دل ۾ رنج هجيئي ته اهو ڪڍي ڇڏ ۽ وقت بوقت يادگيري ڪندو رهه. آءٌ نٿو ڀانيان ته ڪو رنج هوندئي، پر هڪڙي ڳالهه! اوهين نوجوان ئي اسان ڀـِنيءَ ڀَرِ تي بيٺل پوڙهن جو آٿت آهيو.

وڌيڪ اوهان جي مرضي.

زياده خير

تنهنجو

محمر ابراهيم

(58)

جنهاڻ

7 سيپٽمبر 1968ع

مٺا سائين!

 خط مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿيم. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ياد ڪيو اٿو. مون ته هر وقت پئي سوچيو آهي ته اوهان کي ڪو ڀرتو خط لکان.خالي حال احوال واريءَ ڳالهه لکڻ ۾ تڪليف ٿيندي اٿم. هڪ خط لکيم پر دل نه ڀـِتي، ڦاڙي ڇڏيو مانس. اجهو ٿو لکان، اجهو ٿو لکان ڪندي، وقت گذريو وڃي. پوءِ وڃيو جڏهن ليکو ٻڌان ته مار ڏينهن گذري ويا پر خط نه لکيم، پوءِ پيو وقت بوقت ضمير سجاڳ ٿيو، چهنڊڻيون هڻندو آهي. هينئر جڏهن اوهانجو خط مليو، تڏهن چاقوءَ هڻي ڪڍيائين. اهو زخم کائي ترت احوال لکي رهيو آهيان.

اوهان رنج ٻنج جو لکيو آهي. Spiritual father سان به رنج ٿيندو آهي؟ اوهان مون کي ته ڪڏهن  به نه ڏکويو آهي، اٽلو خوش ڪيو اٿو. پر ڀانيان ٿو جيڪڏهن اوهان اٺ ڏهه گاريون ڏيئي وٺو، ٻه ٽي جوت مٿي ۾ وهائي ڪڍو ته به رنج ڪونه ٿيندس. ڀانيان ته ائين ٿو، پوءِ به ڪهڙي خبر؟ ماڻهو ڪاري مٿي جو ڌڻي آهي، پر ايتري سا پڪ اٿم.

هيل ٿر ۾ ڏُڪار به ڏڪارن جهڙو پيو آهي. ماڻهن ڇوڏا ۽ مُرٽون به کاڌيون. سلام ڪوٽ پاسي ٻه ٽي ڇنڊون پيون پر نه پوڻ جهڙيون. هاڻي لڏن جون سنگهرون ڏاڍيءَ پاسي تـِرڪي پيون آهن. لڏو لڏي سان گڏيو پيو اچي. هينئر ٿر جي واري کائڻ پيئي اچي. ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿيندا وڃن. ڏوهه مڙيئي ڏڪارين جو، پر چُٽَ جو ٿنڀو اَلله سائين آهي. هونئن به اسان ماڻهن جي چُٽ نشان کان پري هوندي آهي- گُٿل قوم آهيون نه مٺا!

آءٌ ماڻهو گس تي بيٺو آهيان. پيو ايندرن ويندڙن  کي ڏسان. هَل هلان آهي. شايد هن قافلي کي سُک نه ايندو- بُک جا ماريل ٿريا هلندائي رهن ٿا. ڏکڻ کان اُتر، اُتر کان ڏکڻ، واريءَ. کان ڏاڍيءَ کان واريءَ. پيرن بک جون ڪڙيون، پٺن تي قانون جو بار، اکين ۾ مئل سپنا، پنڌ ئي پنڌ. مون کي اوهان واري مرحوم ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل اُها تصوير ياد ٿي اچي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جو گولو ٻار جي پٺن تي رکيل آهي. اِهو حال ڏسي، دل چوندي آهي ته ڌرتيءَ جي گولي  کي هڪ هنڌان بيهي باهه ڏجي، جو سڀڪجهه سڙي خاڪ ٿي وڃي، يا ته پنهنجي سوچ کي، پنهنجي روح کي، پنهنجن احساسن کي تيلي ڏيکاري هن واٽ ڀُلئي وڳ جي اُڏايل لٽ ۾ گم ٿي وڃجي. لاڙ ۾ ساريون ته جام آهن پر ڪجهه لاڙِي ڦٽين جي چوندي تي آيل ڏٺم، ڌوتل پوتل ڳوڙها گهگها، اڇا پٽڪا- ڀانيان ٿو ڪنهن زمين جي ڀلي ٽڪر تي ويٺل هئا.

اوهين  حيدرآباد ۾ مليا پر نه ملڻ جهڙا. اوهان کي ڪينجهر جون ڪنڌيون  ڇڪيو بيٺيون هيون، مون کي ٿر جي واري. تازو نه حيدرآباد ويو آهيان نه ڪو اُتان خط مليو اٿم. مڙيئي ڏسان پيو ته ڪنڊائتو ٿيندو  پيو وڃان. هونئن به ڪنڊن ۾ لڪي ويهڻ  جي ٻاروتڻ کان عادت اٿم. تازو ”روح رهاڻ“ جو ايڊوٽوريل (سيپٽمبر 68ع) پڙهيم. خبر نه آهي حميد ڪنهن تي ناراض ٿيو آهي؟ اوهان ضرور پڙهيو هوندو. ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ان ۾ منهنجي ڪهاڻي پڙهي هوندوَ، جنهن ۾ پنهنجي ئي ڪردار کي ورهائي ٻن حصن (ٻن ڪردارن) ۾ ڪيو اٿم، اُن تي راءِ ڏيندا. هن وچ ۾ پڙهيو به ڏاڍو اٿم، خاص ڪري پرک جو ادب- مڙيئي سٺن ڪتابن جو ڍير هٿ اچي ويو اٿم، ڪنهن دوست جي معرفت. منهنجو اسڪول لئي ۾ آهي. ملڪ ۾ ڏُڪار آهي. اسڪولن ۾ ڇوڪرا گهٽ آهن. ٿر ۾ ته اسڪولن  لئه ۾ آهي. ملڪ ۾ ڏُڪار آهي. اسڪولن ۾ ڇوڪرا گهٽ آهن. ٿر ۾ اسڪولن جا اسڪول خالي پيا آهن. ماستر پگهار کڻڻ لاءِ ڏهه سير اٽو ڪلهن تي رکي، گليلي هٿ ۾ کڻي، ويندا آهن. واٽ تي ڳيرو يا جهرڪي ماري، پچائي، کائي، سفر تي چالو ٿي ويندا آهن، 40-40 ميل پري. اسڪول لارين جي رستي کان به پري آهن، ان حالت ۾ قوم جي پڙهائيءَ جي ڪهڙي حالت؟ اُها اوهين پاڻ سوچي سگهو ٿا. هت اسان  وٽ ته ڦُٽيون به جام ٿيون آهن، پر مالوند ماڻهو مال ڪاهي، لاڙ ڏانهن لهي ويا آهن.

ٻيو مڙيئي خير

عبدالقادر جوڻيجو

(59)

ڪوهاٽ

24-10-1968ع

پيارا ڀاءُ عبدالقادر،

 تنهنجو خط مليم، ان کي ڪيئي ڀيرا پڙهيم. هـِتي اِتان کان آيل خطن ۽ سنڌي رسالن کي وري وري پڙهڻ وڏي وندر ثابت ٿئي ٿي. سيپٽمبر جي ”روح رهاڻ“ ۾ تنهنجو  افسانو ”اجهاڻل مچ ۽ اڏندڙ رک“ به ٻه ٽي گهمرا  پڙهيم- تنهنجي خط پهچڻ کان اڳ ۽ پوءِ به. شال اوهين سلامت رهو، ۽ اوهان جو قلم سلامت رهي. تنهنجو خط ۽ تنهنجو افسانو پڙهي مَنَ ۾ ڄڻ نئون ساهه پئجي ويو. ايڏي شعور ۽ ايڏي امنگ ڀريو قلم ڪڏهن به ڪو ڀڃي نٿو سگهي. جنهن ٻوليءَ ۽ جنهن قوم کي اهڙا باخبر ۽ بااثر قلم هٿن ۾ موجود آهن، اُها قوم خوش نصيب آهي. ڏاٽن لاءِ اياز چيو آهي ته:

              سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اُڀا،

             لکين عيد جا چنڊَ اُڀري پَونَ!

اسان جي باهمت ۽ باشعور نوجوانن جي هٿن ۾ جي اهڙا تيز ۽ تُر قلم آهن، اُهي جي اِئين اڳتي وڌن ۽ وڌندا ئي رهن، ته اُنهن لاءِ اسان جو شعر اسان کي هڪڙي خوشخبري ڏيئي سگهي ٿو!

تو لکيو آهي ته تون ڏاڍو اڄڪلهه پڙهين ٿو، ۽ سٺن  ڪتابن جو ڪٿان ڍير هٿ اچي ويو اٿئي. ڪيتري نه اِها خوشيءَ جي ڳالهه آهي! لکندڙُ لکندي  لکندي ائين سوچيندو رهندو آهي ته اهڙو ڪو اکر، جملو، مضمون يا اهڙي ڪا ڪويتا لکي ڇڏيان، جيڪا هـِن چوڦير اونداهه ۾ بجليءَ جي بٽڻ وانگر هڪدم ڪٿان ڪو روشنيءَ جو ڳـِٿو کولي ڇڏي ۽ هر طرف سوجهرو ئي سوجهرو ٿي پوي. ساڳيءَ طرح پڙهندڙُ به پڙهندي پڙهندي ائين سوچي ٿو ته اهڙو ڪو منترُ ڪٿي لکيل ڏسي وٺان، جنهن جي جادوءَ سان هن انڌيءَ ۽ اونڌيءَ دنيا کي هڪدم سڄو ۽ سـِڌو ڪري ڇڏيان. سجاڳ مَنَ ۽ دکي دل وارو پڙهندڙُ ۽ لکندڙ هميشه انهيءَ نقش سليمانيءَ جي آسري ۽ ڳولا ۾ رهندو آهي. ۽ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا نقش پڙهندڙن ۽ لکندڙن ڪيترائي ڀيرا لکيل لڌا به آهن ۽ پاڻ ٺاهي پنهنجي دور جي آڏو پيش پڻ ڪيا آهن. ڪالهه ريڊيو تي ڳوٺاڻن جو پروگرام ٻڌندي، پنجابي شاعر جي هيءَ سٽ وڻي، ۽ پوءِ ريڊيو بند ڪري جيتر ننڊ آئي تيتر آءٌ ڏاڍيان چوندو رهيس- ڏس ته ڪهڙي  نه عجيب سٽ آهي! چي

سدا هَرِي اي همـِتان دِي کيتي!

 سو شال اوهان اسان جا نوجوان لکندڙ ۽ پڙهندڙ پنهنجي همتن جي کيتين کي سدا سائو ستابو ۽ شاد آباد رکو. (هيءَ سٽ تنهنجي لکڻيءَ جي نوني جي آهي_ تون به  Personification  ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪم آڻين ٿو، مثلاً ”خاموشين جا ڪمبل“،  ”ڳالهه جي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار“ ، وغيره وغيره).

هيءُ لفظ ”ڪونهي“ يا ”ڪانهي“ ڪم آڻڻ ۾ توکي مڙيوئي خيال ڪرڻ گهرجي. ”ڪونهي“ لفظ مذڪر ۾، ۽ ” ڪانهي“ لفظ مؤنث جنس ۾ ڪم آڻجي ٿو، مثلاً چاڙهي ڪانهي، ڳالهه ڪانهي، واهه ڪانهي ،وِندُرَ ۽ چاڙهو ڪونهي، قصو ڪونهي، مزو ڪونهي، رستو ڪونهي. ان لاءِ سولو رستو هيءُ آهي ته اسم جي اڳيان ”ڪو“ يا ”ڪا“ وجهي ڏسجي_ مثلاً ڪو چاڙهي نه چئبو ۽ ڪا مزو نه چئبو، ۽ انهيءَ ڪري چاڙهي ڪونهي به ۽ مزو ڪانهي به نه چئي سگهبو. ” آپ گهات“ لفظ منهنجي خيال ۾ مذڪر جنس ۾ آهي ۽ نه مؤنث جنس ۾.

مهرباني ڪري خط وقت بوقت لکندو رهج. پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جو جيتري قدر ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو احوال وقت بوقت موڪليندو رهج. پر گهڻي نه لکي سگهڻ ڪري ٿوري لکڻ کان ماٺ نه ڪري ويهج.

اميد ته تون هر طرح خوش چڱو ڀلو هوندين. اخبار عبرت باقاعدي ملندي رهيم ٿي. اميد آهي ته تون به اِتي اُها پڙهندو هوندين ان وسيلي انهن پاسي جي حال احوال کان مڙيوئي ڪجهه واقف رهان ٿو.

زياده خير

تنهنجو محمد ابراهيم

(60)

جنهاڻ

8-نومبر 1968ع

سائين منهنجا،

آءٌ حيدرآباد هوس، جو پويان اوهان جو خط آيو. جيئن ته ڪم سانگي 8.7 ڏينهن حيدرآباد رهڻو پيو هوم، انهيءَ ڪري يارن دوستن سان ڏاڍيون ڪچهريون ٿيون. ڪيئن رنگ روپ ۽ ڦٽ دل ۾ سانڍي هتان اچي نڪتو آهيان. اديب آهن مُڙس پاڻياٺا، ڪڏهن ڪيڏانهن وهندا وڃن ته ڪڏهن ڪيڏانهن مڙيئي وقت آهي سو ڪَکن پنن کي گـِهليندو وڃي.

B.A ۾ پاس ٿيس ۽ B.Ed جو رجسٽريشن ڪرائي آيو آهيان. اوهان، جو اڳ لکيو هو ته ماٺڙي ڪري B.A. ۽ M.A.  ڳوٺان پاس ڪريان ۽ هروڀرو نوڪرين جي رُڃ پويان نه لڳان، ته مون ائين ئي ڪيو ته B.Ed ۾ رجسٽريشن ٿيڻ جي اجازت مليم- ڇو جو J.V پاس هوس.

اُهو مڙس ڀاڙيو جيڪو ڪنهن مُڙس ماڻهوءَ جو ڌڪُ وڃائي، ۽ مون اوهان جي راءِ اڳيان ڪنڌ جُهڪايو ته فائدو ئي ٿيم.

حيدرآباد وارا منهنجا يار خوش آهن مڙيئي ٿورو گهڻو اونداهين ۾ مُرڪُن جرڪڻ شروع  ڪيو آهي.

هت ڳوٺ سڀ خير آهي، ٿر جا ڳوٺ خالي ٿي ويا آهن، ماڻهو وڃي ڏاڍيءَ ۾ ڌنڌي لڳا آهن.

والسلام

عبدالقادر جوڻيجو

(21)

ڪوهاٽ

22-11-1968ع

پيارا عبدالقادر،

ٻه چار ڏينهن ٿيا ته حضرت عليءَ جا خطبا ۽ خط، جيڪي ” نهج البلاغه“ جي نالي سان جمع ٿيل ۽ شايع ٿيل آهن، ويٺي پڙهُيم. انهن جو انگريزي ترجمو هڪڙي دوست پڙهڻ لاءِ  ڏنو هوم. انهن ۾ حضرت عليءَ جي هڪ دعا مينهن لاءِ ڏٺيم. اصل عربيءَ ۾ ته ان جي ادبي عظمت الائي ڪيتري هوندي، پر انگريزي ۾ ان جو ترجمو به مون کي هڪ بي مثل ادبي شهپارو لڳو. ان کي پڙهندي پڙهندي ۽ وري وري پڙهندي، تنهنجو اڳيون خط ياد آيم_ ۽ اُهو به وري پڙهيم- جنهن ۾ تو لکيو آهي ته ”هيل ٿر ۾ ڏڪار به ڏڪارن جهڙو پيو آهي. ماڻهن ڇوڏا ۽ مُرٽون به کاڌيون. سلام ڪوٽ پاسي ٻه ٽي ڇنڊون پيون پر نه پوڻ جهڙيون. هاڻي لڏن جو سنگهرون ڏاڍيءَ پاسي ترڪي پيون آهن. لڏو لڏي سان گڏيو پيو اچي. هينئر ٿر جي واري کائڻ پيئي اچي. ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿيندا وڃن.......آءٌ ماڻهو گس تي ويٺو آهيان، پيو ايندڙن ويندڙن کي ڏسان. هَل هَلان آهي. شايد هن قافلي کي سک نه ايندو. بک جا ماريل ٿريا هلندائي رهن ٿا. ڏکڻ کان اتر، اتر کان ڏکڻ، واريءَ کان ڏاڍيءَ ڏاڍيءَ کان واريءَ. پيرن بُک جون ڪڙيون، پٺن تي قانون جو بار، اکين ۾ مئل سپنا، پنڌ ئي پنڌ......“ تنهن تي سوچيم ته حضرت عليءَ جي مينهن لاءِ اُها دعا نقل ڪري تو ڏانهن موڪليان. سو، تون مهرباني ڪري اِها پڙهج. ۽ پوءِ شاهه لطيف جو سرسارنگ به پڙهج، جنهن جا هيٺيان ٻه بيت ياد اچنم ٿا_ شاهه جي سرسارنگ پڙهڻ جو اثر ۽ لطف مينهنِ پوندي ۽ مينهنِ ساريندي، ٻنهي حالتن ۾ ساڳيو دل تي ٿئي ٿو:

سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه، مينهيون،

آڙيون اَبر آسري، تاڙا تنوارين،

سپون جي سمونڊ ۾، نئين سج نهارين،

پَلُر پيارين، ته سـِنگهارن سک ٿئي!

 

سارنگ سار لهيج، الله لڳ اُڃين جي،

پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان اَنُ ڪريج،

وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي!

اسان  جي اياز جو به مينهن لاءِ گيت آهي_

”مينهن آءٌ، مينهن آءٌ، مينهن آءٌ! ”اُهو به پڙهج.

حضرت عليءَ جي اها دعا به هڪ عجيب دعا آهي. دراصل سندس اڪثر خطبن ۽ خطن ۾ مون کي  هڪ بيحد عظيم انسان جي ذهن جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ آءٌ اِن سان بيحد متاثر ٿيو آهيان. تو جيڪڏهن اسان جي محترم جي. ايم سيد جو ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ پڙهيو آهي، ته آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته جيئن سيد صاحب چوي ٿو ته وڏي ۾ وڏو انساني مقصد انسان جي آزادي، انسان جي ترقي ۽ امن عالم آهي، تيئن اهو ساڳيو مقصد مون کي حضرت علي عه جي خطبن ۽ خطن منجهان پڻ معلوم ٿيو ۽ ثابت ٿيو. نه فقط ايترو پر خدا جي وجود يا وحدانيت جو مفهوم پڻ جيڪو محترمه سيد صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو بنهه مٽريلزم جي نظريي سان اچي همڪنار ٿيو آهي، اهو ساڳيو مفهوم مون کي حضرت علي عه جي هنن خطبن ۽ خطن ۾ جا بجا بيان ٿيل ڏسڻ ۾ آيو آهي، هونئن به توکي خبر آهي ته تصوف جو سرچشمو حضرت علي عه جي تعليم کي مڃيو ويو آهي، ۽ هر صوفي پوءِ هو تصوف جي ڪهڙي به طريقي سان واسطو رکندو هجي، پنهنجي نظريي جي سَند حضرت علي عه کان ورتل ٻڌائيندو آهي. خاص طرح وحدت الوجود  جنهن کي  ”همه اوست“ جو نظريو سڏين ٿا، سو ته پوريءَ طرح حضرت علي عه وٽان ثابت ٿيل ٻڌائيندا آهن. حضرت عليءَ جا خطبا ۽ خط پڙهي علي عه جن جي تعليم وحدت الوجود جي نظريي جو سنگ بنياد چئي سگهجي ٿي.

محترمه جي ايم سيد صاحب به پنهنجي ڪتاب ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي- جيتوڻيڪ هن حضرت علي عه جي تعليم کي واضح طور وجودي تصوف جو منبع ۽ سرچشمو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪانه ڪئي آهي.

هن دعا ۾ تون ڏسندين ته حضرت عليءَ عه انسانن جي غربت ۽ مظلوميت کي سڌيءَ طرح پنهنجي احساس ۽ فڪر جو موضوع بنايو آهي- ۽ اهڙيءَ طرح سندس تقريباً سڀني خطن ۽ خطبن ۾ انسانن جي درميان امير ۽ غريب ۽ ظالم ۽ مظلوم جي حقيقت جو شديد احساس ۽ ان فرق ۽ اُن هيٺ مٿاهينءَ کي مٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ جو جذبو ۽ ولولو موجود ڏسجي ٿو. ڪڏهن ڪو موقعو ملئي ۽ هيءُ ڪتاب ”نهج البلاغه“ هٿ اچئي، ته ضرور پڙهج. حال في الحال توکي آءٌ هيءَ ئي  منٿ ڪندس ته محترم جي ايم. سيد جو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب توکي ٻيهر بيحد غور سان پڙهڻ گهرجي.

تنهنجو اٺين تاريخ جو لکيل خط مليم. پڙهي ڏاڍي خوشيءَ ٿيم، جو تون B.A. ۾ پاس ٿيو آهين ۽ B.Ed. ۾ رجسٽريشن ڪرائي اٿيئي. انهي B.Ed جي ڪورس ۾ به جيڪي ڪتاب پڙهڻ لاءِ يا لازمي طور يا اضافي ٻڌايل آهن، انهن ۾ به ڏاڍا علم جا  خزانا ڀريل آهن. جيترو ٿي سگهيئي اوترو اهي سڀ ڪتاب پڙهج، انهن جا نوٽ لکج ۽ انهن تي غور ۽ فڪر ڪج.

حيدرآباد جا پنهنجا يار ڪي پَنڌَ ۾ ۽ ڪي اڃا هنڌ ۾ آهن. معاملو ڪٺن آهن. جيڪي اٿيا ۽ پنڌ پيا تن کي شاباس چئجي ۽ دعا ڪجي، ۽ جي اٿڻ ۾ آهن انهن مان به اميد نه لاهجي ۽ جيڪي اڃا هنڌ ۾ آهن اُنهن کي پڪاربو رهبو- اُنهن پوين مان ڪي ڪاوڙبا، ڪي خوش ٿيندا ۽ ڪي پاسو ورائي مرڳوئي سمهي پوندا. اِهو هـِن فقيراڻيءَ سنگت جو دستور آهي. اِن تي نه گهڻو عجب کائبو، نه ڏک ڪبو ۽ نه غصو ڪري ڳالهه کي مرڳوئي وڃائبو.

اميد ته تون هر طرح خيريت سان هوندين- پنهنجي حال احوال کان  واقف ڪندو رهج.

تنهنجو

محمد ابراهيم

"Oh Lord! For want of rains our mountains have cracked, our lands are covered with dust and our cattles are thirsty-- they are running all over their pastures in search of water, constant wandering from pasture to pasture and from one watering place to another has made them sick and weak.

"Oh Lord! Have mercy on our cattles, wandering in search of water and grass, and have pity on their wailings and on the depth of their sorrows at the sight of dried up watering places and barren grazing grounds.

"Lord! We have come out of our houses to pray thee when the famine has ruined and overwhelmed us and when thine food-producing and life-giving rains, heve deserted us. Because, my Lord! You alone is the hope of unhappy and destitute and only through you one can reach the destination. We pray to you, my Lord! When all of us are disappointed and despondent, when the clouds have withheld the rains and when our cattles are dying. Please Lord! Do not punish us for our sins and shower Thy bounties upon us, with rain-pouring clouds, with luxuriant vegetation" and with green and flourishing grass. Let the water-bearing clouds rain so heavily that our dried fields may again get green and our dead lands may get life anew.

"Oh Lord! We pray to Thee to grant us such rains as may give life to dead lands and may fructify the dried ones; we pray for heavy showers, fulfilling our requirements, acting as harbingers of spring and abundance, our requirements, acing as harbingers of sping and aboundance, bringing Thy blessings in the from of happiness and afflence and in the guise of rich harvests as delicious fruits. May our fields grow luxuriatly and our trees bear plenty of fruits, so that the weak and starving citizens may regain their health; may our remote lands. Flourish and dried up highlands be helped with enough supply of water. 

"Pease Lord! Let your boundless mercy and vast blessings shower properity upon poor and needy persons and provide rich fodder to our cattle roaming in searh of water and fodder.

"Lord! Let us have such continous rains and such heavy showers following one another as would saturate our lands and fill up our rovers. Let there be no thunder storm and lightening without rains, let there be no scattered and waterless clouds and let no cold wind and frost mar the reviving effects of rains, so thet the  famine stricken people may receive full benefits of Thine bounties.

"Oh Lonrd! Let Thy marcy shower life-giving rain upon us, bestow over us Thy blessings and grant us our subsistence. Let the rains be beneficial, refreshing and fertilizing. Let the trees which are almost dead grow green again. Let our dead lands revive. Let the rains be really useful, loading our orchards with  fruits, watering our fields, filling our  rivers and streams, covering our trees with green leaves, reducing the high-soaring preces and lowering our living cost. Thou  hast power, Might and mercy to grant us all this, Oh Lord!"

                            -From a sermon by Hazrat Ali

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org