(68)
28-5-1968ع
پيارا سائين!
اوهان جو خط مليو پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس. هونئن به گهڻن ڏينهن کان
پوءِ ڪٿان ڪو خط اچي ٿو ته پوءِ مڙيئي دل خوش ٿيو
وڃي. آءٌ ٽن چئن ٻين دوستن ڏانهن به خط لکندو
رهندو آهيان ۽ جواب ملندو رهندو اٿم، پر هينئر
جيئن اوهان جي خط دير ڪئي تيئن مون به ڪنهن دوست
ڏانهن ڪي ٻه اکر به ڪونه لکيا. ڳچ وقت اڳ اوهان جا
لکيل اکر ياد ٿا اچنم ته ”ڳوٺ ۾ رهي ماڻهو روزمره
جي مشغولين ۾ ڦاسي ويندو آهي ۽ ماڻهن جهڙو ماڻهو
ٿي ويندو آهي ۽ لکڻ پڙهڻ کان پاسيرو ٿي ويندو
آهي.“ هينئر مون سان به اها حالت آهي.
هت برابر اسان جي عملدارن کي ڪلاس وَن ڏنا اٿن، پر اوهان کي به
ته ملڻ کپي. هينئر پاڻ ڏيکارڻ لاءِ مڙيئي دانهن
ڪُوڪ ٻڌجي ٿي- ڀانيان ٿو ته اوهين به ڪجهه ڪوشش
ڪريو ته ڪم ٿي پوي. ٻي ته ڪا خاص ڳالهه نه آهي پر
پينشن ۾ مڙيئي فائدو ملندو. تنهن کان سواءِ
پڇاڙيءَ جو سال جي هـِن پاسي سولو گذري وڃي ته به
بهتر آهي. باقي رهي ڳالهه ته پينشن تي سـِگها
ايندا، اُن لاءِ عرض آهي ته سنڌي ادب کي اوهان جي
نوڪريءَ کان وڌ اوهان جي ’پينشن‘ جي ضرورت آهي.
مون کي اوهان جي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍي حيرت ٿي آهي ته اوهان
ڏانهن دوست خط لکندا ئي نه آهن. آءٌ ته ائين
سمجهيو ويٺو هوس ته اوهان کي هفتي ۾ ٻه ٽي خط
ضرور ملندا هوندا.
حيدرآباد ويس، اُتي ڪجهه اديبن مون کي چيو ته ”روح رهاڻ“ رسالو
چالو ٿي وڃي، پر حميد ڄاڻي واڻي ڪوشش نٿو وٺي.
ٿر ۾ ڏاڍو ڏُڪار آهي. اڃا تائين واهوندي بند نه ٿي آهي. مال مري
ويو آهي. مون وٽ هڪڙيون ٻه وهڙيون هُيون، سي به
ڪاساين کي 115 روپين ۾ وڪڻي ڏنيم. البت اڳي جو جو
ٿر ڏانهن اناج کڻڻ جي اجازت نه هُئي، سا هينئر ملي
اٿن. ۽ لابارو لَڙو ڪيو کڻيو ڀڳا وڃن. ڳوٺ پهچي،
مينهن جو انتظار ڪندا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته
مينهن بدران ڪا ماڪڙا اچي وڃي، (جو اسان جو اوهان
جو ڀاڳ آهي)- ان ڳالهه کي کڻي ذهن ۾ هڪ افسانو پيو
جوڙيان.
هينئر تازو جميل جالبيءَ جي ڪتاب ’پاڪستان کلچر‘ کي پڙهيم ۽ ٻيا
به ڪجهه مضمون ’کلچر‘ بابت پڙهيا اٿم، ائين ٿو
محسوس ٿئي ته اهي ليکڪ بنيادي طرح تي جاسوس آهن،
جيڪي ٽوپلا اکين تي چاڙهي ، چروٽ واڇ ۾ وجهي، هٿ
کيسن ۾ پيل پستولن ۾ اٿن، ۽ هليا آهن ڪلچر کي
گرفتار ڪرڻ. پر ڪلچر به ٻوٿ تي ڪارٺ مکيو، ڀڄيو
وڃين. ڇا نه زمانو اچي بيٺو آهي، ڪلچر به جن ڀوت
ٿي ويو آهي، جو هٿ نٿو اچي (ان عنوان تي به افسانو
لکڻ جو ارادواٿم).
تازو قلم:31-5-1969ع
اڄڪلهه لُو ڏاڍي پيئي لڳي. واري اُڏيو اچيو اکين ۾ پئي ۽ ڏندن
هيٺيان ڪـِچر ڪچر ڪري. پيرون پڪا سي ماڻهن کاڌا به
سهي ۽ هاڻي ڇڻي به ويا. اوهين جي هن پاسي هجو ها
ته پيرُن جي دعوت ضرور ڏجي ها. سمجهان ٿو ته پيرن
کائڻ جو مزو، کٻڙن ۾ لٽڪڻ کان پوءِ ٿو اچي، نه ڪه
بند ڪمرن ۾ ويهي برف جي پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ.
اوهين ته صاحب دل آهيو، ان جي اوهان کي وڌيڪ خبر
هوندي. ان سان گڏ اها به ڳالهه آهي ته ’اديب‘ ڪڏهن
به پوڙهو نه ٿيندو آهي. ڳاڙهن ۽ ماچڪن (سفيد)
پيرُن سان گڏ ڳاڙها ۽ ماچڪ ماڻهو به ڏسي سگهجن ٿا.
هـِتي دوستن جو دائرو وڌندو به ٿو وڃي. ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي.
چيوسين ٻج پوکيو اٿئون فصل ٿئي يا نه ٿئي، پر هت
ڍير لڳي ويا آهن. ذهن جون گُنديون ڀرجي ويون آهن.
سج ڪَني ڪڍي آهي.
اوندهه جي چادر ڦاٽندي آهي ته پوءِ ليڙُون ٿيندي دير ئي ڪانه
ڪري. ڪڻڪ 6 مهينا وٺي، سٺڙيو تُوريو پيلن گلن وارو
2 مهينا وٺي- ڪيئن ٿا ڀانيو تُورئي جي پوک!
عبدالقادر جوڻيجو
سلام سڄي ٿر، سڄي سنڌ جا قبول پون، جواب سگهو ڏيندا-”ع“.
(69)
ڪوهاٽ
12-6-1969ع
پيارا عبدالقادر،
تنهنجو تازو خط ٻه چار ڏينهن ٿيا ته مليو. نهايت مهرباني، جو
يادگيري ڪئي اٿيئي. اڄ اخبار ۾ پڙهيم ته اوهان جي
بي. ايڊ. جي پرئڪٽيڪل امتحانن جون تاريخون 20 جون
کان 30 جون تائين رکيون اٿن. ”عبرت“ اخبار 19
تاريخ واريءَ ۾ اِهي تاريخون لکيل هيون. اسان جي
وئڪيشن جي تاريخن جو اڃا ته ڪو پتو ڪونهي، پر
اميد اها پيا رکون ته دستور موجب پهرين جولاءِ کان
ٻن مهينن جي وئڪيشن هن ڀيري به کائي سگهنداسون.
جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ اميد ته آءٌ هتان پهرينءَ
يا ٻيءَ جولاءِ جي نڪري، حيدرآباد ٻيءَ يا ٽيءَ
تاريخ پهچندس. جي تون اُنهن تاريخن تائين، پنهنجن
امتحانن جي سلسلي ۾ اچڻ کان پوءِ، حيدرآباد ۾
رهئين، ته اميد ته فوراً پهچڻ سان ئي توسان ملاقات
جي خوشي حاصل ٿي سگهنديم. جي نه ته به ٻن مهينن جي
وئڪيشن ۾ ڪنهن نه ڪنهن موقعي سان گڏجاڻي ضرور
ٿيندي.
مون ڏانهن گهڻا اصلي دوست به خط نٿا لکن ۽ ان جا سبب به الڳ الڳ
آهن. هڪڙا ته اهڙا آهن جن کي دراصل دوست چوڻ به نه
گهرجيم- جي ڏانهن آءٌ خط لکان ٿو ته اُن جو به ته
جواب نٿا ڏين پر خود منهنجو ڏانهن خط لکڻ به کين
نٿو وڻي. سبب اهو، جو هو پنهنجن ترت توڙي ڏورانهن
آقائن جي ڏمر کان ڊڄن ٿا. ٻيا اهڙا دوست آهن، جن
کي پنهنجي ذاتي فائدي يا نقصان لاءِ نه پر ڪن وسيع
۽ گڏيل نقصانن ۽ فائدن کي خيال ۾ رکي، مون سان خط
و ڪتابت کان پرهيز ڪرڻي پوي ٿي. ۽ اِها ڳالهه ائين
سمجهي ۽ محسوس ڪري، آءٌ انهن کي ان لاءِ نه فقط
ڏوهه نٿو ڏيان پر ساڻن ان خيال ۾ متفق پڻ رهان ٿو.
ٽيان اهڙي قسم جا ماڻهو آهن، جن سان دوستيءَ جو دم
ايترو گهڻو نه رهيو آهي- ته به زندگيءَ جي
ڪاروباري معاملات ۾ ڪافي ويجهڙائي رهي آهي. اهڙن
ماڻهن منجهان اڪثر ماڻهن هيءَ روش ورتي آهي ته
سعيو ڪري مون سان تعلق ۾ رهڻ کان پاڻ بچائين ٿا.
مطلب ته گذريل ٻن سالن جي تجربي ماڻهن بابت مون
کي ڪافي ڪجهه ڳالهيون سيکاريون آهن. ۽ اِها ڳاهه
ائين به سُٺي ٿي چئي سگهجي، جو اُن مان وري به
ماڻهو ڪجهه سکي ئي پيو! بهرحال تون اِن ڳالهه کان
گهڻو پاڻ کي پريشان ٿيڻ نه ڏج. مون اِها ڳالهه
ائين ئي، سواءِ ڪنهن خاص مقصد جي، توڏانهن لکي ڇڏي
هئي.
جميل جالبيءَ پارا ڪلچر جي پٺيان لَٺ کڻي لڳل ماڻهو برتريءَ ۽
حڪمرانيءَ واري ڪلچر جي ڳولا ۾ آهن، جو کين نفرت ۽
لاف زنيءَ جي ٻٽي مرض ۾ اهڙو گُهٽي بيٺو آهي، جو
هو دوا ۽ دعا ٻنهي کان مٿي چڙهي چڪا آهن. هو
هڪجهڙائيءَ ۽ اشتراڪ عمل واري ڪلچر کي ڪونه سڃاڻن،
بلڪ ان کان پري ڀڄن ٿا، جيڪو کين محبت ۽ نياز
سيکاري ۽ اصل انسان بنائي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي،
جو تون اِنهيءَ موضوع تي ايترو پڙهين ٿو ۽ سوچين
ٿو ۽ ان تي ايتري قدر ڪم ڪرڻ پڻ چاهين ٿو.
شايد گذريل ٻه سال ساندهه اسان جو غريب ٿَرُ بَرُ ئي رهيو آهي.
من هن سال ڪو مينهن وسي! – وسُ وسُ، وسُ وسُ، وَس
ڪر مينهن ڏاڍا ڏينهن ٿيا ٿـِي! هيءُ گيت تو پڙهيو
آهي؟ ان جو ڪو تاثر دل تي ياد اچنئي ٿو! اهو سڄو
گيت توڏانهن اڄ لکي ٿو موڪليان. وري پڙهندينس، ته
ڏاڍو وڻندئي! هونئن به اسان جي بَرَ وَٺي ته ڪي
سال ٿي ويا آهن!
وسُ وسُ، وسُ وسُ،وسَ ڪر مينهَن-
ڏاڍي ڏينهن ٿيا ٿـِي!
سوڪ وَئـِي ٿـِي سار ي ساري،
اڀ مان اک نه ڪڍي ٿو هاري،
ڏس هيءَ وڻ جي ٽاري ٽاري،
هٿ ڦهلائي جَئن بيکاري،
سڙڪون لَٽ ۾ ليٽيون پيٽيون،
اٺ-گاڏيءَ سان ڄڻ ته لَپيٽيون،
گُسَ مان اُڀري نڪتا نينهن-
پرتا وڇڙيا ساٿي!
وسُ وسُ،وسُ وسُ،وسَ ڪر مينهن-
ڏاڍا ڏينهن ٿيا ٿـِي!
مس مس اڀ تي بادل ڇايا،
اِندرِ جهنڊا لهرايا،
تن تي ڇايا بدلي ڪايا،
نازڪ دل وارا گهٻرايا،
نانگڻ نـِڪتـِي يا وڄ چمڪي،
ڇم ڇم ڇم ڇم برکا چمڪي،
ڏس ته سَهـِين ڄڻ گجندا شينهن-
ڀڄندا مڪنا هاٿي!
وسُ وسُ، وسُ وسُ وسَ ڪر مينهن-
ڏڍا ڏينهن ٿيا ٿـِي!
خوش هوندا سڀ پيڪي وارا،
وڇڙئي ٿيا ٽي مهينا سارا،
پورا ٿيندا جئن لابارا،
ملندا شهري مـِٽ موچارا،
ساجُهر اَنَ جون گاڏيون هلنديون،
ڀرجي ڏُڌ جون چاڏيون هلنديون،
ڏسندي ڏسندي لنگهندا ڏينهن-
آس نه آ مون لاٿي!
وسُ وسُ، وسُ وسُ،وسَ ڪر مينهن-
ڏاڍا ڏينهن ٿيا ٿـِي!
تو منهنجي نوڪريءَ ۽ پينشن وغيره جي ڳالهه ڪئي آهي. مٺا ڀائڙا،
ڪهريون نڪريون ۽ ڪنهن جون پينشنون! ڏسجي ڇا ٿو
ٿئي! دل گهرئي هنڌ جي دل گُهري نوڪري هجي، ته اُن
جهڙي ٻي پينشن ئي ڪانهي. پر اُها نوڪري ته هميشه
دل سان لڳي ئي رهي ٿي- ۽ اِنهيءَ ڪري ئي طبيعت
هيترين ڳالهين ۾ گهڻي پريشان نه ٿي رهي. بهرحال
هيءَ نوڪري پوري ٿي ته البت هڪ مَنا ٿـِي اُها
نوڪري ڪنداسين- جيتري ۽ جيئن پُڄي سـِگهي- آس نه آ
مون لاٿي! ڏسندي ڏسندي لنگهندا ڏينهن، آس نه آ مون
لاٿي!
هتي اڄ ڪلهه گرمي البت وڌيل آهي. ڏينهن رات پکا هلائڻا پون ٿا.
گذريل چئن پنجن ڏينهن، کان شام هر روز طوفانُ،
ڪجهه ٻه چار ڦڙيون ۽ جُهڙَ ٿين ٿا، ۽ اڌ ڪلاڪ کن
يا ڪلاڪ ٿي ختم ٿي وڃن ٿا، ۽ ائين سڄي ڏينهن جي
تپت ۾ ٺاپر اچيو وڃي. آءٌ نهايت خوش چڱو ڀلو
گذاريان ٿو. تنهنجي صحت جو الائي ڪهڙو حال آهي.
اميد ته هر طرح خيريت سان هوندي.
وڌيڪ خير
تنهنجو محمد ابراهيم،
(70)
جنهاڻ
15-9-1969ع
پيارا سائين،
صبح جو وڻندڙ سمو آهي، سنڌ جو صبح. اڇاڻ آسمان تي پکڙجي ويئي
آهي. پکين جي چر چر لڳي پيئي آهي. واريءَ تي ماڪ
جو تهه چڙهيل آهي. هيءُ ’وقت‘ ئي آهي جيڪو مون کي
خط پيو لکرائي- جيتوڻيڪ خط لکڻ واريءَ حالت ۾
اڄلڪهه نه آهيان. ان جو سبب هيءُ آهي ته گذريل
اڍائي مهينن ۾
Gastro
مون تي ٻه ڀيرا حملو ڪيو، مس مس موت جي منهن مان
پاڻ کي ڇڏايو اٿم. اوهين ئي سوچيو ته کاڌو جيڪو
کاوان سو ٻاهر- ڏاڍو هيڻو ۽ ڪمروز ٿي پيو آهيان.
سُڪـِي کڻي ڀيڙو (؟) ٿيو آهيان. مزاج ۾ رڳو بيزاري
ئي بيزاري آهي. ٻه اکر به لکڻ تي دل نٿي چوي،
جيتوڻيڪ سوچيندو ۽ ڪُڙَهندو سراسري آيو آهيان ته
اوهان ڏانهن خط ڇو نه لکيو اٿم. هاڻ! اوهين
مهرباني ڪري دل وَ جان سان هڪ خط لکي مون کي دير
جي معافي ڏيندا ته ڪجهه اطمينان محسوس ڪندس، ڇو ته
دل ۾ اهو چور ويٺو اٿم ته ڪمزوري، بيماري ۽
بيزاري ٻه اکر لکڻ ۾ مانع نه هئڻ کپن. اوهين
پنهنجو سڄو حال احوال موٽ ۾ موڪليندا.
ٽي مهينا کن ٿيا، جو حيدرآباد ۾
B.Ed
جا ليسَنَ ڏيڻ آيو هوس. اُتي راڄ
محمد پلي ۽ عبدالڪريم پليءَ گڏيا هُئا. دراصل راڄ
محمد تي دل جو شديد دورو پيو هو. اُتي عبدالڪريم
پليءَ مون تي ٻه ڪم رکيا هئا؛ (1) ته پنهنجو
مجموعو ترتيب ڏيان ته هو ڇپرائي، ۽ (2) ته
عبدالڪريم جي مرضي هئي اوهان سان ملاقات ڪري، اُن
لاءِ آءٌ رابطي جو ڪم ڏيان، پر آءٌ ايندي ساڻ
بيمار ٿي پيس. ڪجهه هلڻ جهڙو ٿيس ته وري بيماريءَ
حملو ڪيو، نه ئي مجموعو تيار ڪري سگهيس نه وري
اوهان سان ملاقات ٿي سگهي. ڏک جي ڳالهه ته راڄ
محمد جي ٻئي ڀيري مزاج پرسيءَ لاءِ سندن ڳوٺ نه
وڃي سگهيو آهيان. اوهان کي خبر آهي ته دل جا مريض
دوستن جي مزاج پرسيءَ کي وڏي اهميت ڏيندا آهن
هت ڏاڍو ڏُڪار پيو آهي. حالتون تمام خراب ٿي ويون آهن. مال مري
ويو آهي. ماڻهو رُلي ويا آهن. هيءُ ٻيو ڏُڪار آهي.
ازانسواءِ ڪالرا ۽ گيسٽرو وگهي به ڪيتريون ئي
جانيون هليون ويو آهن بيماري ته هاڻي نه رهي آهي،
پر ڏُڪار چيلهيون ڀڃي ڇڏيون آهن.
اسان جا
B.Ed
جا پيپر 1 آڪٽوبر تي ٿيندا. ان موقعي تي آءٌ
حيدرآباد ايندس. اوهين ته الائي ڪڏهين وطن ورندا؟
عبدالقادر جوڻيجو.
(71)
ڪوهاٽ
3-10-1969ع
پيارا عبدالقادر،
آءٌ ٻه مهينا کن حيدرآباد ۾ هئس. توسان ڪنهن طرح ملاقات ڪرڻ جو
ڏاڍو شوق هوم. پر تون به اچي ڪونه سگهئين، ۽ آءٌ
به اُتي ايندي ئي ايترن ته ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويس،
جو ڪيڏانهن بنهه نڪرڻ ئي ڪونه ٿي سگهيو. هفتي
کن لاءِ سو ڪراچيءَ ويو هوس، سو به اُنهيءَ مجيب
الرحمان جي اچڻ واري موقعي جي هنگامي ۾. بهرحال
انهن ٻن مهينن ۾ حيدرآباد ۾ چڱو موچارو ڪم سامهون
آيو ۽ ان کي منهن ڏيڻو پيو. ڪنهن موقعي تي
حيدرآباد وئين ته سنگت ساٿ کان سڄي حال احوال جي
خبر پئجي وينديئي.
اها ته خوشيءَ جي ڳالهه تو ٻڌي هوندي ته ڀاءُ يار محمد پنهور کي
سنڌ متحده محاذ جي حيدرآباد واريءَ آفيس ۾ بطور
آفيس سيڪريٽريءَ يا ڪنهن اهڙي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ جو
وجهه ملي ويو آهي. ادبي بورڊ منجهان نڪري اچڻ کان
وٺي هو بنهه بيڪار ويٺو رهيو ۽ هُن جهڙو ڪم وارو ۽
ڪم سان لڳو رهندڙ ماڻهو ان بيڪاريءَ جي صورتحال ۾
طبيعت توڙي معاش جي سلسلي ۾ ڏاڍو ڏکيو ۽ ڏکارو
گذاري رهيو هو. جيئن هتي آءٌ پهرين سيپٽمبر تي آيو
آهيان، تيئن وٽانئس يا ڪنهن ٻئي دوست وٽان ڪو حال
احوال ڪونه آيو اٿم. خبر نه آهي، ڇو- دوست خطن
کان گهڻو ڪيٻائين ٿا. البت منهنجا پٽ منور علي ۽
مظفر علي خط لکندا ٿا رهن ۽ سڄي حال احوال کان
واقف رهندو ٿو اچان. مون کي خبر آهي ته ڀاءُ يار
محمد اُتي خوش آهي ۽ ڏاڍو سٺو ڪم سندس هٿان ٿي
رهيو آهي.
يار دوستن جي وچ ۾ ڦيٽاڙن جي ته توکي سموري سُڌ هوندي، ۽ وڌيڪ
به پيئي پوندي هونديئي. انهيءَ وچ ۾ هڪڙو ڪتاب
پڙهيم. جنهن ۾ انهيءَ ئي قسم جي گروهه بندين ۽
گروهه بازين جو ذڪر ڪيل آهي. توکي ياد هوندو ته
1961ع ۾ فرانس ۾ ڊي- گال جي سرڪار خلاف شاگردن
طرفان وڏي هنگامه خيز بغاوت اُٿي هئي، جنهن فرانس
جي سياسي ۽ سماجي دنيا ۾ ته ڇا پر سڄي دنيا ۾
ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. هيءَ ڪتاب انهن چند انقلابي
ڏينهن جي تاريخ بابت آهي- نالو اٿس
"French revolution-1968"
هي هڪ عجيب ڪتاب آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اڄلڪهه هر
نوجوان کي پڙهڻ گهرجي. ان ۾ لکيل آهي ته اهو
انقلاب جنهن وقت اُٿيو، تنهن وقت فرانس جي
يونيورسٽيءَ، ڪاليجن ۽ هاءِ اسڪولن جي شاگردن، ۽
خاص طرح پئرس جي شاگردن ۾، ايترا ته گروهه، ٽوليون
۽ جماعتون هيون ۽ منجهن ايترا ته اصولن تي ۽
پروگرام بابت اختلاف هئا، جن جو اندازو به نٿو ڪري
سگهجي. پر جڏهن انقلابي صورتحال رچي راس ٿي آئي،
ته اُهي سڀ الڳ الڳ، ننڍيون ٽوليون ۽ جماعتون
گڏجي هڪ ٿي ويون ۽ سندن مخالف به سڀ گڏجي هڪ ڌُر
بنجي ويا، ۽ ائين ملي جُلي ۽ الڳ ٿلڳ ٿي، فقط
آمهون سامهون ٻه ڌريون ئي وڃي ميدان ۾ بيٺيون- هڪ
ترقي پسند ۽ ٻيا رجعت پرست: ترقي پسند ڌر جي
اڳواڻي ڪميونسٽن، انقلابين، مارڪسٽن وغيره ننڍين
ننڍين ٽولين جي گڏيل محاذ جي هٿ ۾ هئي. هن ڪتاب جي
پڙهڻ کان پوءِ پاڻ وٽ جيڪي هن وقت نوجوانن جون
گروهه بنديون آهن، تن کان مون کي ڪنهن به قسم جي
ڪا پريشاني يا مونجهارو طبيعت تي ڪونه رهيو آهي.
هڪ ڳالهئين اِهي اصولن جي روشنيءَ ۾ هڪٻئي سان
خيالن ۽ طريقهء ڪار جا اختلاف تحرڪ ۽ زندگيءَ جا ۽
سجاڳيءَ جا آثار ۽ ثابتيون سمجهي سگهجن ٿيون.
هينئر هينئر، جيئن ئي هي لفظ لکي بس ڪيم، ته اڄ جي ٽپال اچي
ملي اٿم. لاهور کان هڪ خط جو انتظام هوم. منهنجو
دوست غلام رضا ڀٽو اُتي انسپيڪٽر آف اسڪولس آهي-
اُن جا اکر سڃاڻان- اُن جو خط آهي. کولي پڙهيم ته
خوش خبري ان ۾ هئي. پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس. پهرين
پهرين توسان اها پنهنجي خوشي ونڊيان ٿو! لکيو اٿس
ته منهنجي بدليءَ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ مون کي
واپس پنهنجي وطن موڪلين ٿا، ۽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ آرڊر
مون کي هتي ڪوهاٽ ۾ پهچي ويندا. مٺا ڀاءُ، تون
اندازو نٿو لڳائي سگهين ته آءٌ ان ڳالهه تي ڪيترو
خوش ٿيو آهيان. انگريزيءَ ۾ پهاڪو آهي ”سيارو آيو
آهي ته بهار ڪو پري هوندو ڪيئن!“ سو مون جيڪو هتي
وقت گذاريون آهي، سو سياري ئي وارو وقت هو ۽ اُن
بهار جي آسري ۾ ئي گذاري اٿم. هاڻي اميد ته ترت
اِتي حيدرآباد ۾ ملنداسين. اها ڳالهه اڃا ڪنهن سان
نه ڪج- ڪن دلي دوستن سان ڪرڻي پوي ته ڀولو ڪونهي.
وڌيڪ خير- اميد ته تون هاڻي خوش هوندين، ٿر جي ڏڪار ۽ پنهنجن
مارو ماڻهن جي ڏکن ڏاکڙن جون خبرون ٻڌندي ٻڌندي، ۽
پڙهندي پڙهندي، دل ڏاڍي ڀرجي ٿي اچي، شال پنهنجي
ديس ڏانهن هميشه خير هجي!
- تنهنجو پنهنجو
محمد ابراهيم
(72)
جنهاڻ
22-11-1969ع
سائين منهنجا،
اوهان جي خط پُڳي کي ڳپل ڏينهن مٽي ويا. آهن، ۽ مون کي خط لکڻ
۾ ايتري دير ٿي آهي، جو خط لکندي ڦـِڪت پيئي ٿئيم.
پنهنجيءَ انهيءَ نالائقيءَ تي گهڻو پاڻ کي ننديو
اٿم. پنهنجن پيارن سان جڏهن ڪا بي واجبي ڪندو
آهيان تڏهن اندر ۾ ايتريون چُونگون لڳنديون اٿم،
جو ان جي خارجي اظهات لاءِ مٺيون ڀيڙي ڀـِت،
ڪرسيءَ جي ٻانهن يا کٽ جي اِيس تي هڻندو آهيان ۽
پوءِ اُها تڪليف ضمير جي آواز کي لٽي ڇڏيندي آهي ۽
مون کي ڇوٽڪارو ملندو آهي.
خط نه لکڻ جا، سستيءَ کي ڇڏي، ٻيا به عذر گهڻا اٿم. پهرين ڳالهه
اها ته اوهان جو خط منهنجي حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ
سُتت ئي ڳوٺ پهچي ويو، جو ڪافي دير سان ڳوٺ پهچي
پڙهيم ۽ خيريت معلوم ڪيم. اوهان کي شايد اڳ ۾ ئي
خط کي لکي چڪو آهيان ته امتحان کان اڳ گيسٽرو ڌڪ
ڦٽ ڪري وڌا هُئا، ايتري قدر جو شوڪت، علي بابا ۽
ارباب هڪ خط رجسٽر ڪري مون کان پڇيو هو ته ”جيئرو
آهين يا مري وئين! جي مَري ويو هجين ته احوال سگهو
موڪل ته اسين فاتحه پڙهڻ اچون.“ امتحان تان موٽڻ
بعد اليڪشن ڊيوٽيءَ جو ڪم مليو، سو به ڏڪاريل پَٽ
۾، جتي ڪو ووٽ لکائڻ وارو ته ٺهيو پر پاڻي پيارڻ
وارو به نه ملي. دَرَپُورَ هئي. گهرن جا دربند،
ڊٺل لوڙها، گهٽين تي ڍينگر نه ڍينگر جهڙو آيل.
نانگن ڪنڊن تي ڪٿي ڪا ڳجهه نظر ٿي آئي. آسمان
ڏڪاريلن جي اکين وانگر خالي هو. ڪُڪڙوڪُو لڳي پيئي
هُئي. هڪڙو ٻه سيدن جا ڳوٺ اهڙا هئا جتي رات جو
ڊاٻو ڪيوسين. هڪڙو پاسو ڇڏائي ڳوٺ آيس ته
ٽائيفايڊِ گوڏا ڏيئي چڙهي ويئي. ٻيو پاسو منهنجي
پاران ٻئي هڪ دوست ماستر ڇڏايو، ۽ پوءِ مون کي
ٻڌايائين ته ٻه راتيون ڀٽن جي پاساڙن ۾ اُڃو بکيو
پيو هو. هاڻ اُٿي هَلڻ جهڙو ٿيو آهيان. ڪجهه
بَهاريءَ ۾ آيو آهيان. تڏهن اوهان کي جواب پيو
ڏيان. اوهان جي سنڌ ۾ اچڻ جو ”عبرت“ ۾ پڙهي، خوش
ٿيس. اوهان کي ڪٿي رکيُن، ان جو اطلاع منهنجي هڪ
دوست خير محمد لغاري جيڪو
D. I.S
جي آفيس ۾ ڪلرڪ آهي اُن وٽان مليو ته اوهين خيرن
جا گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ پهچي ويا آهيو. اڄ
نيٺ سنڌ جا پير اچي چُميان. ”گُهر ته گُهرين“ ڪنهن
سنڌيءَ ملوڪ ڪهڙي نه مَلوڪ ڳالهه ڪئي آهي! ڪا دير،
سنڌ اوهان کي گهرائيندي؟ اڄ اوهان جا موڪليل 28 خط
اکر ڪري پڙهيا اٿم، ۽ اوهان جي ياد جي لاٽ ستن
رنگن ۾ ٽڙي ويئي آهي. شل انهيءَ لاٽ کي واچوڙا
وٽيڙي نه سگهن.
اوهان جيڪا فرانس جي ڳالهه ڪئي هئي تنهن ڪبوتر وانگر اُڏري
اُڏري نيٺ اچي پير کوڙيا. اهڙي ڳالهه مون مئڪسم
گورڪيءَ جي حياتيءَ پڙهڻ وقت محسوس ڪئي هئي. هو
صاحب به انهن ڳالهين کان ڏاڍو نااميد ٿي ويو هو،
جيئن اسان جو قربائتو حميد آهي. حميد جهڙا ماڻهو
ڪٿي؟
طُول العُمره سان ڪجهه وات ٽُڪاڻي ڪئي هيم- ٻه ٽَڪا دل ۾ ضرور
ٿيا هوندس. دراصل منهنجيءَ ڳالهه تي پورو ڌيان نه
ڏنائين، پنهنجي ناڙي ويهي رهيو. مون کي ڏاڍو ڏُک
ٿيندو آهي، جڏهن تمام گهڻو پڙهيل ماڻهوءَ جون علمي
پستيون ڏسڻ ۾ اينديون اٿم. سائين! اياز جي شاعريءَ
کي ڪنهن مخصوص نظرياتي سانچي ۾ وجهي، پوءِ جيڪا
فـِٽ اچي، سا واهه واهه ـ جيڪا نه سا ”بُورزوا“، ۽
سامراجي شاعري آهي! ان کان وڌ ” اياز“ جهڙي شاعر
سان ٻي ڪهڙي بي واجبي ٿي سگهي ٿي؟ مون جهڙي جذباتي
ماڻهوءَ لاءِ ته اها نسوري اُگهاڙي گار آهي. سائين
منهنجا! ائين ته سڄي سنڌي زبان بُورزوا زبان آهي،
ڇو نه چينيءَ ۾ لکجي! شاعري سنئون سڌو اندر جو
آواز آهي. مٿان وري اِهو جملو ته ”عبدالقادر
جوڻيجو عوامي ڪهاڻيڪار آهي!“ اِها ذهني استحصال
ڪرڻ جي ڪوشش نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ مون ته چيو
مانس ته آءٌ هاڻ تجريدي ڪهاڻي ٿو لکان، پوءِ عوامي
ڪونه رهندس، پوءِ؟ چيائين ته اِها سامراج پرستي
آهي، عوام دشمني آهي، وطن دشمني آهي. سامراجي ڪئمپ
جو هٿيار بڻجڻو آهي، وغيره وغيره وغيره. زبان ته
قينچيءَ وانگر ٿي هليس. سائين منهنجا، تجريد کي به
سمجهي پوءِ گاريون ڏجن. آءٌ ان سلسلي ۾ اوهان کي
تفصيلي خط لکندس. ادب ته ڪنهن
Long Living Maotsetung
جو نالو ڪونهي.
طُول المعره سان ان باري ۾ ذڪر نه ڪندا، جو ڪو وقت ڏاڍا قُرب
ڏنا اٿس. اڃا به وقت ڪهڙي پاس اُٿل کائي. ڪهڙي
خبر! وري هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي اڳئين وانگر ٿي
وڃون! تنهن کان سواءِ ذاتي طرح قُرب به ڏاڍو
ڏنائين. ’سائينءَ کي پيرن تي هٿ ٿو ڌريان. منهنجا
ايترا لفظ وٽن پُڄن ته سٺو آهي.‘ پنهور کي پڻ
سلام چوندا.
(73)
سائين منهنجا،
سدا خوش هجو
ڏاڍا مصروف آهيو. اڳ ۾ هڪ خط مليو هوم، ٻيو هيءُ پيو لـِکان
اُميد ته هاڻ جواب سگهو ڏيندا، نه ته لاچار
حيدرآباد جو پنڌ ڪبو. جڏهين تمام پري هُئو (ڪوهاٽ
۾) تڏهن ويجهڙائي جي ڏکِ ڏيندا هُئَو ۽ هاڻ ويجها
آيا آهيو ته مفاصلا وڌائي ڇڏيا اٿو.
منهنجو هڪ دوست آهي، ۽ ’صاحب‘ به هو. غلام محمد مرڻاڻي بَلوچ
نالو اٿس. اڃا ننگر ۾ بيٽ آفيسر آهي پر هاڻي آرڊر
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ ٿيڻ وارو اٿس يا
ٿي ويو هوندس. همراه بـِنـِهين آنيسٽ ماڻهو، سو
اڳئين چَڪر ۾ ننگر ڪڍِيُنس. نه ڪنهن کان کائي نه
وري ڪنهن کي کارائي، سو اِن ڪري سنڌ جي ڇيڙي ۾ کڻي
ڇَڏيُن، گهڻيون ئي رڙيون ڪيائين ته ’ٻيلي بيمار
مڙس آهيان، مون کي ميرپورخاص جي ڀر ۾ ڪنهن اسڪول ۾
ڇڏيو، ته ڳوٺ کي ويجهو رهي، علاج پيو ڪرايان.‘ پر
ٻيو مڙئي خير. هڪڙي ايمانداري ٻي وري سنگت اسان
جهڙن کَريل ماڻهن جي. سو شايد ٿري ضلعي جي صاحب
جيءَ اک ۾ هو، پر هينئر مڙئي ڪٿان جَهٽڙو لڳي ويس
ته ميرپورخاص رکنس.
صفا هٿڙيو مُڙس، سو مڊل اسٽئنڊرڊ جي پيپرن جي جانچ ڪرڻ لاءِ
درخواست ڏنائين. 68-1967ع ۾ ته مليا هُئس.
69-1968ع ۾ ڪونه مليس. ۽ هينئر وري 3-3-70 جو
درخواست رواني ڪئي اٿس ۽ ٻڌائين ته مڊل اسٽنڊرڊ جا
پيپر اوهان ورهاست ڪندا سو مون کي چيائين ته ’ٻيلي
بيمارين سَٽي ڇڏيو آهي. پيپرن لاءِ رڳو درخواست
اِن ڪري موڪلي اٿم ’جو ڪو سئو سوا روپين جو ملي
وڃي ۽ تون چئه- اوهين اديب هڪٻئي جي مـڙِئي رکندا
آهيو.‘ اِهو اٿو حال اِهو احوال. هُجي ڪا ڳالهه
هَٿ وس ته مون واريءَ ڳالهه کي پاڻي ڏجو، ڀلا جي
نه ته سڀ ڪنهن جو ڀلو الله ڪندو.اوهان تي بار ڀري
رکڻ به سچ پڇو ته ڏُکي پئي لڳي. پر نيٺ ڇا ڪجي!
اسان وٽ هِت ٻيا بيٽ آفيسر باهه ٻاريو ويٺا آهن. مون کي به
مـِٺيءَ جي صاحب ڏنڀي ڇڏيو آهي. هينئر ٿر مُلڪ ۾
ماڻهو رهيو ڪونهي جو ٻار اسڪول ۾ اچن، صاحبن کي
لڳو آهي مـِنهن، سو پيا ڦرين ۽ کائين ۽ اسين پيا
زخم چٽيون .
منهنجي ڪهاڻي ”آرسي“ پڙهي هوندوَ، ڇا خيال آهي؟ ٻي علامتي ڪهاڻي
”ننڊَ وِهوڙيون وسنديون“، ”چوڏس“ ۾ ڇپجي پيئي،
اُن ۾ اهو آهي ته ’اياز‘ عظيم ترين آهي. البت ٽـِپ
ٽـِپ تي
Symbol
ملندوَ. هوا جي ڊوڙ، روشنيءَ جو جاڳڻ، سُرَ ڇوڪرا
وغيره وغيره ۽ منجهس سائين به آهي.
سلام سنگت کي- پنهور کي. ٻڌو اٿم ته پنوهر رُسي ويو آهي. همراهه
کي زماني ڏاڍو لوڏيو آهي. سو اوهان مـِڙئي دل ۾ نه
ڪندا ڪريو. مون سان هڪ ٻه ڀيرا اڳ مليو هو. (اوهين
ڪوهاٽ ۾ هُئا) تڏهن ته ويچاري اونڌيون سونڌيون
ڳالهيون پئي ڪيون. ٿر جي ڳالهه ڪيم ته مُرڳو روئي
ٿي پيو.
عبدالقادر جوڻيجو
(74)
جنهاڻ
5-2-1970ع
پيارا سائين،
سدا خوش هجو،
اوهان سان ملاقات ته ٿي پر نه ٿئي جهڙي. بهرحال وري به سـِگهي
ملاقات ٿيندي. آءٌ ٽي چار ڏينهن رکي، وري به
حيدرآباد آيو هوس، پر اوهين لاهور ويل هئا. مون
کي ايم. اي. ۾ رجسٽريشن ڪرائڻي هُئي، جنهن لاءِ
اوهان کان صلاح ضرور وٺڻي هُيم، جو اڳ به اوهان
ڪيتريون صلاحون ڏيئي مون کي غلط قدم کڻڻ کان روڪيو
آهي. شمس الدين عُرساڻيءَ اِها صلاح ڏني ته سنڌيءَ
۾ رجسٽر ٿيان ۽ ٿيس . هونئن به انهن ڊگرين ۽
امتحانن ۾ ذوق کان وڌيڪ ڪاروباري نقطي نگاه کان
چونڊ ڪرڻ مناسب آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته اُڃا به
subject
تبديل ڪري سگهجي ٿو. اوهان وٽ بهتر راءِ هُجي ته
لکي موڪليندا ته ڇا ڪجي.
B.Ed
سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي اٿم، ان لاءِ مبارڪون. هاڻ
اسان وارو (توڙي اوهان وارو) کاتو اسان کي الائي
ڇا ڪندو؟ اسڪيل الائي ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏيندا. اوهان کي
ڪو پتو آهي!
اوهان منهنجن ٻن اڳين خطن جو جواب کايو ويٺا آهيو، خير ته آهي!
هاڻ هن جو جواب موٽ ۾ سـِگهو نه ڏنوَ ته مون کي ڏک
ٿيندو. اسين ماڻهو ٻاراڻي طبيعت وارا، دونهون
ٿيندي دير ئي ڪانه ٿا ڪريون. مزاج قبضي ۾ رهي ئي
نٿو.
”چوڏس“ لاءِ مضمون اوهان جو هر صورت ۾ کپي. منهنجا دوست علي
بابا ۽ شوڪت توڙي آءٌ چاهيون ٿا ته ”چوڏس“ چوڏِس
ٿي وڃي، ”اياز“ جو ڪتاب ڪڏهن ميدان تي ايندو؟
اوهان جي پينشن وارو وقت ته ويجهو اچي ويو آهي ۽
هاڻي ڇا ارادو آهي؟
حال احوال مهرباني ڪري سـِگهو موڪليندا.
عبدالقادر جوڻيجو
(75)
حيدرآباد، سنڌ
7-2-1970ع
پيارا عبدالقادر،
تنهنجو خط اڄ مليو اٿم. خط ۾ ايترو ته دهمان ٻَڌو اٿيئي، جو
جواب ڏيڻ ۾ هڪ ڏينهن جي دير ڪرڻ جي. همت ساري نه
سگهيس. پنهنجي ڀيريءَ ته مهينن جا مهينا به ڪڏهن
جواب ڪونه موڪلي سگهين، باقي پاڻان وڏن تي آهن
اڄڪلهه ننڍن جا رعب تاب- سي بس پيا ڏسون ته سهون!
مرضيءَ جا ڌڻي آهيو!
تنهنجي بي. ايڊ جي امتحان ۾ ڪاميابيءَ جي خبر اڳي ئي پئجي چڪي
هيم. ڏاڍو خوش ٿيو هوس.
2-3-1970ع
هيءُ خط وري اڄ کڻي پوري ڪرڻ جو موقعو مليو اٿم. تنهنجي ڳالهه
ته ڪوهاٽ ۾ هوندي پاڻ ويجها هئاسين ۽ هتي حيدرآباد
۾ هوندي پري ٿي پيا آهيون- رڳو هيتري قدر صحيح ٿو
ڀانيان، جو هـِتي گهڻي ڪم سببان خط لکڻ جو موقعو
آسانيءَ سان نٿو مليم. نه ته دل ۾ ته دوست هميشه
موجود رهن ٿا، ۽ ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا
سپرين“ واري ڳالهه مفاصلن کي ڏسي ئي ڪانه ٿي.
26 جنوريءَ تي جيڪي هتي حيدرآباد ۾ فساد ٿيا هئا، انهن ۾ اسان
جي ٻارن کي به ڏاڍو ڏکيو ٿيڻو پيو. آءٌ هـِتي
حيدرآباد ۾ ڪونه هوس. ڪراچيءَ ويو هوس. هيٺان جبيس
هوٽل آهي- اُن کي باهه به لڳايويائون ۽ ان تي حملو
به ڪيائون. اسان جو گهر بنهه جبيس هوٽل جي مٿان
آهي. باهه جا الا اچي ڇت سان لڳا، ۽ پٿرن جي وسڪار
سان مٿي اسان جي گهر جي درين جا شيشا به ڀڄڻ شروع
ٿيا. سامهون رستي جي ٻئي پاسي واريءَ بلڊنگ وارا
هيٺ گڏ ٿيل انبوهه کي واڪا ڪري چوندا رهيا ته مٿي
به سنڌي ٿا رهن، انهن کي به ماريو. سو ويچارن
ٻارڙن کي ڏاڍيءَ پريشانيءَ ۾ وقت گذارڻو پيو. نيٺ
جڏهن ڳالهه بنهه چوٽ چڙهي ويئي، تڏهن مٿان ڇت تان
ڀت ٽپي، پاسي وارن جي هڪ گهر ۾ وڃي پناهگير ٿيا.
اُهي پاڻ به پناهگير هئا، پر وٽن هي به وڃي
پناهگير ٿيا: انهن ويچارن ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ
سان اسان جي ٻارڙن جي سنڀال ڪئي. نيٺ منور عليءَ
کي ٽيليفون رستي ”عبرت“ پريس اطلاع ڪيو ويو ۽ اُهو
پوليس جي ٽرڪ ۾ ٻن پويس وارن جي پهري هيٺ کين وٺي
ويو، ۽ سڀ گاڏي کاتي ۾ ڪنهن عزيز جي گهر وڃي هڪ
رات لاءِ ٿيانيئڪا ٿيا. ٻئي ڏينهن سعيد آباد ويا ۽
چار ڏينهن اُتي رهيو واپس آيا، ۽ تڏهن کان خيريت
سان ساڳيءَ جاءِ ۾ ويٺا آهيون. 26 تاريخ 4 بجي
شام جو هيءُ واقعو ٿيو، ۽ مون کي ڪراچيءَ ۾ 8 بجي
ڌاري ٽيليفون تي اطلاع مليو. آءٌ پاڻ ڪرچيءَ کان
ٽئي ڏينهن هـِتي واپس آيس ۽ اچڻ سان پنهنجيءَ جاءِ
۾ وڃي رهيس- جو تيتر سڄي ڳالهه ٺري ويئي هئي.
تنهنجو افسانو ”چوڏس“ ۾ ڇپيل ڪالهه رات پڙهيم. آءٌ ڀانيان ٿو ته
”چوڏس“ جي پهرين ڪاپي مون کي ملي هئي- جو رستي
ويندي بائينڊر جي دڪان وٽان لنگهڻ ٿيو، ۽ اُتي سڀ
همراهه- شوڪت، سندس ڀاءُ عالماڻي وغيره- انتظار ۾
ويٺا هئا ته بائينڊر کان ڪاپيون وٺن ۽ مارڪيٽ ۾
آڻين. مون ڏٺومانِ ته پڇيو سانِ، ۽ هُنن پهرين
ڪاپي کڻي مون کي ڏني. تو واري افساني کي وري
پڙهندس ۽ پوءِ ان بابت ڪو رايو قائم ڪري سگهندس.
تو واري يار مرڻاڻي بلوچ کي ڪم ڪونه ڏيئي سگهيو آهيان، جو هن
ڀيري گهڻيءَ وٺ پڪڙ کان بچڻ لاءِ طريقو هيءُ ورتو
ويو، جو سينيارٽيءَ موجب جيڪي سامهون آيا، فقط
انهن کي پيپر ڏنا ويا- سواءِ سائنس، عربي،
ائگريڪلچر، ڊرائنگ ۽ ٻين فني قسمن جي سجيڪٽن جي،
جيڪي وري هر سبجيڪٽ جي استادن کي سينيارٽيءَ مطابق
ڏنا ويا. اميد ته انهيءَ ڳالهه جي نزاڪت کي خيال ۾
رکي، تون ۽ تنهنجو دوست ڳالهه کي درگذر ڪري
ڇڏيندا.
اسان جو يار ابن حيات پنهور هاڻي سنڌ متحده محاذ جي آفيس ۾
ڪونه ٿو ويهي، جو هنن کائنس اُها چارج ڇڏائي ڇڏي.
اُهو آفيس جي سنڀال وغيره جو ڪم حال في الحال حميد
سنڌيءَ کي ڏنو اٿن. اسان جو يار پنهور لاءِ جيڪي
پڄي سگهي ٿو، اُهو سعيو ڪجي پيو. جيڪڏهن پاڻ همت
نه هاري ويٺو ۽ حوصلو قائم رکياين ته ڪنهن طريقي
سان پيٽ گذر پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارڙن جو ڪڍيو ويٺو
هوندو. نفسياتي طور ويچارو ڏاڍو لُڏيل ۽ لرزيل
آهي.
ڪراچيءَ جي واپس ٿيڻ جي فائدي ۾ هڪ مضمون سنڌيءَ ۾ لکيو اٿم،
جيڪو ڪتابچي جي صورت ۾ ابن حيات جي نالي ۾ سڀاڻي
يا ٻئي ڏينهن شايع ٿيندو. توڏانهن ان جون ٻه چار
ڪاپيون موڪليندس. مليئي ته پڙهي، پنهنجي راءِ لکي
موڪلج.
آفيس جي جنهن برانچ ۾ ڪم ڪريان ٿو، اُتي ڏاڍو مشغول رهڻو پوي
ٿو. مڊل جي امتحان ۾ 9 هزار اميدوار ويٺا آهن.
هـِن امتحان کان سواءِ مڊل اسڪول جا امتحان، ۽،
اسڪول اسڪالر شپ جو ڪم، سرٽيفيڪيٽ ڏيڻ وغيره ۽ وري
ڊائريڪٽوريٽ جو ٻيو اُڙيو ٿڙيو متفرقه ڪم ايترو ته
آهي، جو شام جو ڇهين بجي ستين بجي تائين ويهڻو پوي
ٿو. ڊائريڪٽر صاحب آفيس ۾ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن نَوَ ۽
ڏهه وڄيو وڃن ٿا.
وچ ۾ هفتو کن بخار ۽ پيٽ جي تڪليف به ٿي پيئي هيم. هفتو ڏهه
ڏينهن ٿيا آهن، ته بنهه ٺيڪ آهيان. بهار جي موسم
ڏاڍي وڻندڙ ۽ فرحت واري آهي. شڪر جو هـِن سٺيءَ
موسم ۾ سٺي صحت هيم، نه ته ان جي بهاري وٺي ڪانه
سگهجي ها.
علي بابا ڪو تو ڏانهن آيو هو. مون سان ڳالهه ڪيائين ته بنهه
وڙهي پيو مانس، ڇو ته ٻڌائي ها ته گهڻو ڪري آءٌ به
رَليو اچانس ها. وري به شايد ايڏانهن اچڻ جو ارادو
اٿن، سو جي ڪا اهڙي ڳالهه بيٺي، ته اوچتو تو وٽ
اچي نڪرنداسين.
سڀاڻي هتي سنڌ گرلس اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن طرفان ” سنڌ ڏينهن“
ملهائجي رهيو آهي. ان موقعي تي اياز ۽ ٻيا يار
اچڻا آهن. جذبو ۽ امنگ اٿاهه ۽ بي انت آهي،
جيتوڻيڪ مخالف هوا به ڏاڍي زور واري ۽ بنهه
ساڙيندڙ لڳڻ شروع ٿي ويئي آهي. اميد بهرحال
اهائي آهي ته هرحالت ۾ سوڀ سچ جي ٿيندي ۽ اسان
لاءِ خوشيءَ ۽ فخر جي اهائي ڳالهه بس آهي ته سچ جي
سپاهه ۾ اسين به شامل آهيون. مهرباني ڪري خط ۾ دير
مدار منهنجي طرفان ٿئي ته دل ۾ نه ڪج، بلڪه وقت
بوقت حال احوال ڏيندو رهج.
تنهنجو پنهنجو
محمد ابراهيم جويو |