سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو : 13

(89)

فضل ڀنڀرو

26-3-1972ع

سائين منهنجا،

ڪافي وقت ٿيو آهي، جو نه ته مون ڪو حال احوال ڏنو آهي ۽ نه وري اوهان طرفان ڪي ٻه اکر آيا آهن. وقت جي درياءَ ۾ هرڪو ڪک پن وانگر لُڙهندو وڃي. پر وقت ڏنل سڏ کائيندو نه آهي، ڇو ته وقت پارلياماني سياستدان ڪونهي. وقت ڏاڍو ايماندار ۽ انقلابي آهي.

گذريل سال ڏيڍ ته اهڙو گذريو آهي،  جو ڳالهه ئي نه پڇو. ائين پئي محسوس ٿيو ته قلم اسان جي هٿ مان يا عمر لاءِ ڇڏائجي ويو آهي. وري هٿ نه ايندو. ڇو ته چوڌاري ٻاٽ اونداهي آهي. پر هاڻ فجر جون دونهاٽيل روشنيون ڏسڻ ۾ پييون اچن ۽ قلم هٿ اچڻ جا آثار نطر پيا اچن. لفظ، جذبا ۽ احساس هڪ هڪ ٿي آکيرن ۾ موٽي رهيا آهن، نيٺ ڳائڻ به شروع ڪندا. ٿي سگهي ٿو ته هن ڀيري اڳئين کان به وڌيڪ مٺڙيون ٻوليون ٻولين.

نون رسالن،  ڪتابي سلسلن جا هوڪا پيا ٻڌجن، انهن هوڪن ۾ ڪيترو ڪوڙ ڀريل ڪيترو سچ جو  مچ آهي، سو ته ڪو اوهان پارو پارکو، مستقبل جا پيچرا ڳولي لهندڙ ئي ٻڌائيندو. اسان پاران ته انهن رستن جي پاسي ته ٻاريون ٺاهي، گل ٻوٽا پوکيندا ويندا آهن، ته جيئن پويان ايندڙ الهڙ جواڻين جي من ۾ خوشبوئن جي روشني ٽڙي سگهي.

اوهين ته الائي ڇا لکو پيا، ڇا پڙهو پيا. اڳي ته اُڙي ٿڙي ملاقات ٿيندي هُئي ته خبر پئجي ويندي هئي، پر هاڻ ته  اوهان جا خط به مختصر ٿي ويا آهن، دُڪاندار جي دل وانگر. سرڪاري ذميواريون اهڙيون به ٿي وينديون آهن ڇا، جو پٿرن ۾ ٽُنگ ڪريو وجهن؟ ڇا اسين هماليه جي اوچاين کان انڪار ڪري  ڇڏيون؟

سوچيم پئي ته نين تبديلين  هيٺ اوهين شايد حيدرآباد بدلي ٿي اچو، پر اهڙي ڳالهه اڃا اخبار ۾ نه ڏٺي اٿم. اسان جي دل ته چوي ٿي ته حيدرآباد اچو ته ڪا ملاقات ٿي وڃي.

آءٌ هت مڊل اسڪول ۾ اڃا ڊيپوٽيشن تي آهيان. هينئر C.T اسڪيل لاءِ درخواست ڏني اٿم. مَن B.Ed جي مُهابي اسڪيل ملي وڃي. تازو هڪ اشتهار سنڌ بلوچستان   پبلڪ سروس ڪميشن  ڏنو آهي، جنهن ۾ هيڊ ماسترن وغيره لاءِ، گرئجوئيٽن کان درخواستون گُهرايون اَٿن. اُها به درخواست ڏيئي رهيو آهيان، پوءِ کٽي قسمت! اوهان جو خيال ڇا آهي؟

سلام سنگت کي.

عبدالقادر جوڻيجو

(90)

فضل ڀنڀرو

13-5-1972ع

سائين منهنجا،

 ٻيا حال احوال ته ٻئي خط ۾ ڏبا،  پر هڪڙي احوال پريشان ڪري ڇڏيو.

اسان جنهن C.T لاءِ انٽريو ڏنو هو، اُهو اسڪيل نه مليو. لسٽ آئي آهي، ان ۾ نالو نه آهي. پوءِ الائي B.Ed هُئاسين تنهنڪري شايد نطرانداز ڪري ڇڏُين يا ڇا! يا ته وري ڪا ٻي ڪمي بيشي رهجي ويئي آهي. آفيسرن جون خبرون اسان کي گهٽ رهنديون آهن.

عبدالقادر جوڻيجو

سلام سنگت کي

حال احوال ڏيندا

نئون افسانو ”ڪارونجهر جي ڪور“ ڇپيو اٿم، ان لاءِ راءِ ڇا آهي.

(91)

فضل ڀنڀرو

19-5-1972ع

سائين منهنجا،

بار بار ساڳي ڳالهه لکي، توهان کي ڪَڪ ته ڪريان ٿو، اُميد  ته دل ۾ ڪونه ڪندؤ.

C.T اسڪيل جي سلسلي ۾ آءٌ ۽ مون وارو يار خير محمد لغاري گڏجي حيدرآباد خبر چار وٺڻ وياسين. ظاهر ائين پيو ٿئي ته منهنجو نالو شايد ڪٽيو ويو آهي، جڏهين ته ٻئي نمبر تي هيٺان محمد صديق هاليپوٽي جو نالو پيو آهي، جنهن مون جهڙوئي انٽرويو ڏنو هو. محمد صديق اُهو آهي،جنهن توهان کي  ٿر جون خبرون ٻڌايون هُيون.

جڏهن ته منهنجي سروس ۽ تعليم سڀڪجهه وڌيڪ هئي. ان هوندي به آءٌ محروم رهجي ويس! انٽرويو جون مارڪون اَلائي ڪيئن مليون هُيم؟

توهين پنهنجي ليکي اهڙي تحقيقات ڪندا ته پتو پئجي ويندو. اسان کي ڪٿي ٿا سنوت ڏين.

سراج ايڊيٽر ٿيو آهي. اِهو هينئر حيدرآباد ۾ پتو پيم جڏهن ’ڪراچي هلال‘ پڙهيم. سُٺي اخبار آهي، منجهس مضمون لکجن، توهان جي ڇا راءِ آهي؟

عبدالقادر جوڻيجو

(92)

جنهاڻ

2-7-1972ع

پيارا سائين،

برساتن ۾ ته توهان هيءُ ملڪ ڏسي ويا آهيو. اڄ به اِئين هـِت آسمان ۾ اُڏرندڙ ڪڪرن، زمين جي ڇاتيءَ مان ڦٽي نڪتل گاهن ۽ انسان جي اندر مان اُٿندڙ اُڌمن جا رنگ چوڌاري جهومر جهومر اُڏامي رهيا آهن.

هيءُ خط شايد آءُ ديرائتو پوسٽ ڪريان، جو هت لاڳيتي برسات پئجي رهي آهي. اسان جو ڳوٺ ته واريءَ جي دڙي تي آهي. پر فضل ڀنڀري تائين ويندڙ واٽ ڏاڍيءَ مان وڃي ٿي، ان ڪري ان تي گپ چڪ ۽ پاڻي آهي. جڏهن به ٿوري اوساکري ٿـِي، تڏهن هيءُ خط پوسٽ ڪري سگهندس. بهرحال هن رم جهم ۾ يار دوست ڏاڍا ياد ٿا اچن، ويندي ڪي اڻ ڏٺا پرين به دلين ۾ ديرا ويجهيو ويهو رهن.

هتي شام جو جڏهن  ڪڪرن جو اڇيون چوٽيون سج جي ڪرڻن تي جرڪنديون ۽ وروڪڙ کائينديون  ٿيون رهن، تڏهن دِل چوي ٿي ته ماڻهو ڪڪرن ۾ لڙڪي پئي ۽ پوءِ رات جو وڄن جي ڏڄُنِ سان گڏ وسي پئجي، ۽ واريءَ ۾ جذب ٿي وڃجي.

رات جو آسمان جي ڪنارن تان اٿندڙ وڄـِن جا ڌڄا ٿيندا آهن، تڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڃائي وهـِندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي اڻ ڏٺن پرين جي هنجن ۾ پائيندو آهي ۽ وچ ۾ حقيقت جو احساس جڏهن جاڳندو آهي تڏهن محرومي ڏاڍو ڏنگيندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ايترو ته بي وس محسوس ڪندو آهي، جو زندگيءَ جو احساس به موڪلايو وڃي.

هيءُ جو خط اوهان کي لکي رهيو آهيان ته اِهو به حقيقت کان ڀاڄ آهي. خط ئي خط ۾ اوهان سان مخاطب  ٿي، حقيقت جي مـِٽي من جي مٿا ڇري تان ڇنڊي رهيو آهيان.

ماڻهو ڪيترو به پوڙهو ٿي وڃي، پر هن موسم جا اُڏندڙ رنگ سندس سپنن ۾ وچڙي ويندا آهن. سپنا جواڻ ٿي، ڇير پائي، ڇم ڇم ڪري، نچندا، وڃي اُڏندڙ ڪڪرن کي ڇُهندا آهن.

هت اسان جي ڳوٺ ۾ جنگ ۾ ڳوٺ کان ٽوليلَ ماڻهو ڪافي رهن ٿا. سندن عجيب ۽ غريب حالت آهي. عورتن ويچارين جون اکيون ڪڪرن سان گڏ وسنديون رهن ٿيون. مڙسن جي مُهاڙ به سدائين ڏکڻ ڏي هوندي آهي. ڪيترا ماڻهو ته لڏا کڻيو ٿر وڃن پيا. بلڪه ويندڙ ايترا آهن، جو پتو نٿو پوي ته ايترا ماڻهو رهيل اڌ  ٿر ۾ ڪيئن پورا  ٿيندا.

ڪي ته ماڻهو مورڳو ڍورو ٽپي، سڏ پنڌ تي اسان جي ڳوٺ اچي ويهي رهيا آهن، پيا ٿر جو ساءُ وٺن ۽ اسان تي رشڪ ڪن.

هتي جو عام ماڻهو اڄڪلهه ڀٽو اِندر ملاقات تي ڏاڍو ٿو سوچي.

’ماستر! ڀانئين  ٺهي ويندا؟‘ اکين ۾ سوالن جا وِچُڙَ. ”ٺهي ويندا؟“ ”ضرور ٺهي ويندا.“ ۽ سندن اکين ۾ اُميدن جا جرڪندڙ ڏيئا!

”نه نه، اِندران حرام.....لڳي پيئي آهي، ڀٽو به حرامي مڙس آهي، ڪونه  ٺهندا.....“ بيزار آواز، ۽ موٽ ۾ ڪاوڙ ۽ ناُميدي.

هتان جا ماڻهو ٺاهه جي حق ۾ آهن ۽ اُهو ڀلي ڪهڙو به هجي. اڳي ٿَريا وسڪاري جو آسمان ۾ اکيون اڙائيندا هُئا ۽ هينئر جڏهن آسمان مهربان آهي تڏهن سندن اک ڀُٽو-اِندر ملاقات ۾ آهي. اڳي هڪڙيءَ ڌر ۾ آسرا اُميدون هونديون هيون، ۽ هاڻ ٻن ڌرين ۾ ڪم ڦاٿو آهي يعني الله ۽ انسان.

هنن ٻن ٽن ڏينهن ۾ گاهه ڏاڍو ڦُٽو آهي، ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي سائو رنگ آهستي آهستي ڄمي رهيو آهي. هفتي کن کان پوءِ ساوڪ ڇُلڪي پوندي.

اوهان کي دعوت ٿي ڏجي ته  اچي مُلڪ ڏسي وڃو. ٻيو نه ته مٺيءَ تائين مزو رهندو. خير محمد مٺيءَ ۾ آهي ۽ ڏاڍو لئه ۾ آهي. ماڻهو بـِنـِهين اثرائتو ۽ باهمت آهي. ان ڪري گهمائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندو، تنهن کان سواءِ آءٌ به پنهنجي غريباڻي حال سارو حاضر آهيان. شيخ اياز کي به اسان جي طرفان مُلڪ گهمڻ  هي دعوت ڏيندا. آءٌ ته چوان ٿو ته پروگرام ٺاهي موڪليو. وڌيڪ وس وارا آهيو. اوهان کي زوريءَ آڻڻ کان ته رهياسين.

خيرمحمد شادي ڪئي آهي يوسف لغاريءَ جي ڀيڻ سان. ان جي مبارڪ هُجي. لـِڪي شادي ڪيائين. مُلون به زوريءَ آندائون نه ته خير محمد کي مُلون کارائڻ به ڏکيو ٿي لڳو.

مون هڪ افسانو ”موٽ“  لکي ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ کي موڪلي ڏنو آهي، ٻڌو اٿم ته اِهو رسالو وڏي پيماني تي نڪري رهيو آهي. اسسٽنٽ ايڊيٽر جا هـِت ۽ ٻن هفتن ۾ پندرهن کن خط پهتا آهن. مشتاق نائب ايڊيٽر اٿس.

مون وارو افسانو ’ڪاروجهر جي ڪور‘ هن موسم ۾ وري پڙهندا ۽ راءِ  لکي موڪليندا.

آءٌ ڏسان پيو  ته اوهان جون ادبي سرگرميون محدود ٿي ويون آهن، ڇا ڳالهه آهي؟ ڪوبه ادب جو پانڌيئڙو مصورفيت جو عذر نٿو ڏيئي سگهي.

حال احوال سگهو ڏيندا.

سلام شيخ ”اياز“، تنوير عباسيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ ۽ سڄيءَ سنگت کي عرض آهي.

اوهان جو پنهنجو

عبدالقادر جوڻيجو

(93)

 خيرپور

7-7-1972ع

پيارا عبدالقادر،

تنهنجا ڪيئي خط مليا اٿم. هيءُ تازو خط 2 تاريخ جو لکيل ۽ ڪجهه ترسي پوسٽ ڪيل ٽيون ڏينهن مليو اٿم. هر هر معافيون آءٌ به توکان ڪونه وٺندس. بس جواب ڪونه ڏنو ٿيم، سو ڪونه ڏيئي سگهيس. پر مون کي پڪ آهي ته تو وانگر مکڻ جهڙو نَرم ۽ ماکيءَ جهڙو مٺو ماڻهو ڪڏهن به دل ۾ گهڻي تائين ڪاوڙ ڪونه رکندو. سو وري پيا توکي ڪاوڙايون ۽ تون به وري وري پيو اسان بيوس ماڻهن سان پرچيندين. اِئين برابر آهي نه!

ادا سائين توکي معلوم ٿي ويو هو ته مون کي هتان بدلي ڪري حيدرآباد رکيو اٿن- ”ايڊيوڪيشن ايڪسٽينشن اسپيشلازيشن سروسرز ڊئريڪوٽريٽ“، لطيف آباد، ۾ ڊپٽي ڊئريڪٽر جي آساميءَ تي، جتي مير محمد سيال هو. اُهو بقا محمد قريشيءَ جي جاءِ تي ڊپٽي ڊئريڪٽر (اسڪولس) ٿيو آهي ۽ بقا محمد قريشي هتي منهنجي خالي ٿيل ڪرسيءَ تي موڪليو اٿن. هتان مون 3 تايخ سومر ڏينهن چارج ڇڏي آهي ۽ ٻه چار ڏينهن هتي دوستن سان رس  رهاڻين ۾ مست رهياسين. سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن 8 تاريخ هتان روانو ٿيندس، ۽ سومر ڏينهن 10 تاريخ صبح جو حيدرآباد ۾ نئينءَ جڳهه جي چارج وٺندس.

تنهنجي سي ٽي ۽ ايس ويءَ جي چونڊ جي چڪر کي جڏهن به حيدرآباد پئي ويو آهيان، تڏهن پئي ڏٺو ۽ جانچيو اٿم. سچ پڇين ته تنهنجو نالو نه سي ٽيءَ جي لسٽ ۾ ۽ نه ايس ويءَ جي لسٽ ۾ آيل هيستائين لڀي سگهيو آهيان. اِها ڳالهه اُتي بقا محمد قريشيءَ کي چيم، ۽ هُن اِن جي جاچ ڪرڻ جو انجام به ڪيو، پر  گهڻو وقت جو اُتي رهڻ ڪونه ٿي ٿيو، سو ڳالهه وري به اُتي جو اُتي رهجي پـِئي ويئي آهي. هاڻي جو مرڳو اوڏانهن بدليءَ جي سبب وڃان ٿو. سو اميد ته تفصيلي جانچ ڪرائي، ڪو ڳالهه جو مُنهن سـِرُ ڪرائيندس. تون جي پاڻ ان وچ ۾ حيدرآباد اچي نڪتين ته لسٽون توکي ڏيکارائي به سگهبيون.

ايڏانهن ٿر ۾ هـِن سال ضرور هڪڙو ڀيرو اچبو. پنهنجي يار مٺيءَ واري جي مهماني ٻن چئن ڏينهن جي هلي کائينداسين. تو وٽ ته پهرين ئي اچبو. اِها دل جي آس آهي.

پنهنجا يار اياز، تنوير، فَتاح ملڪ ۽ ڀَٽي ۽ ٻيا سڀ خوش چڱا ڀلا آهن. سنڌ جي سنڌيءَ جو صوبائي درجو قبول ٿيو ۽ قائم ٿيو. اُن لاءِ سوين هزارين مبارڪون قبولج.

هتي ڪم اهڙو ۽ ايترو گهڻو هو، جو ڳالهه ئي نه پڇ. اُتي حيدرآباد ۾ رهي وري به تو جهڙن سنگت ساٿ وارن سان گڏجي ڪجهه ’قلمڪاري‘ ڪبي- پوءِ اُها ادب جي انگ ۾ ڳڻجڻ جهڙي ٿي سگهي يا نه، تنهن جي ڳڻتي پاڻ کي نه اڳي رهندي هئي ۽ نه هاڻي رهندي.

وڌيڪ خير-شال خوش هجين!

تنهنجو محمد ابراهيم

 (94)

سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي آفيس،

اي-10-، جي او آر ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ

25-11-1972ع

پيارا عبدالقادر،

توڏانهن هڪڙو خط لکيو هوم، پر ان جو جواب نه مليو آهي، اميد ته تون خوش چڱو ڀلو هوندين.

سي.ٽي جي چونڊ لاءِ انٽرويو جون لسٽون هڪ هڪ ڪري وري به هفتو کن ٿيو ته ڊئريڪٽر جي آفيس ۾ ڏٺيم. ڳوليندي ڳوليندي، تنهنجو نالو مليم. هاڻي صورتحال هيءَ آهي ته تنهنجو نالو 52 نمبر تي رکيل آهي، چاليهين نمبر تائين سي ٽيءَ جون جايون ڏجي چڪيون آهن- جيئن جيئن خالي ٿين ٿيون  تيئن تيئن نمبر وار ڏيندا اچن ٿا. اميد ته ٻن ٽن مهينن ۾ تنهنجو وارو ايندو ۽ توکي سي. ٽيءَ جي جاءِ ڏيندا. گرئجوئيٽ اسڪيل ته مون کي چيو اٿن ته سيڪنڊري اسڪولن يعني هاءِ ۽ مڊل اسڪولن ۾ ڪم ڪرڻ وارن کي ڏنيون اٿن ۽ ڏين ٿا. ميرٽ لسٽ ٺاهي اَٿن، اُن پٽاندر، ۽ اهڙيءَ طرح 68 يا 1969ع جي سال ۾ جن بي. ايڊ پاس ڪئي آهي، تن مان ميرٽ موجب اسڪيل  ڏيئي چڪا آهن. اڃا تائين هڪ به پرائمري سائيڊ مان ڪنهن کي گرئجوئيٽ اسڪيل ڪانه ڏني اٿن. اِهي سڀ ڳالهيون هو ڊائريڪٽوريٽ ۾  مون سان ڪن ٿا، سو حال في الحال جيڪڏهن ٻن ٽن مهينن ۾ تون سي. ٽي. اسڪيل ۾ اچي وڃين، ته پوءِ ڪنهن موقعي سان گرئجوئيٽ اسڪيل به وڃي سگهبين. اِن وچ  ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڊائريڪٽ سليڪشن ڪن ۽ اُتي تون به وڃين، ۽ کڄي سگَهين، ته ٿي سگهي ٿو.

مهرباني ڪري ڪڏهن دل ۾ رنج يا ڏک نه ڪج. هتي اسين جيڪي شهرن ۾ ويٺا آهيون، تن جي حالت بس اِئين آهي، پنهنجيءَ ۾ ئي هر ڪو پورو آهي، بلڪ رڳي بيزاري آهي. اَسان جا ڪيترائي يار ڏاڍن چڪرن ۾ رهن ٿا. رسالا سو خوب  پيا نڪرن، جن ۾ ادا، گهٽ، سياست گهڻي، ۽ سياست ظاهر آهي ته رڳو لفظ ئي لفظ ته ڪانهي. اسين مڙيوئي لفظن ۾ گهڻو ورتل آهيون ۽ اُنهن ۾ ئي پاٿل رهڻ به گهرون ٿا، ۽ ڀانيون ٿا ته لفظ اسان کي اسان جون جنگيون کٽي  ڏيندا. سو لفظن جي محاظ آرائيُن ۾، ادب جي تخليقي ڪم کان به پوريءَ طرح پوئتي هٽي ويا آهيون.

ٻيو مڙيوئي خير آهي، خط ضرور لـِکج.

تنهنجو محمد ابراهيم

(95)

حيدرآباد، سنڌ

1-2-1973ع

پيارا ڀاءُ عبدالقادر،

مون کي ياد اچي ٿو ته هن کان اڳ هڪ خط توڏانهن لکيو اٿم، پر اُن جو جواب توکان نه مليو اٿم. اميد ته تون خوش هوندين.

ڪالهه ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ ويو هوس ۽ اُتي خبر پيم ته تنهنجي سي. ٽي. اسڪيل جا آرڊر ڪڍيا اٿن. آرڊرن جي ڪاپي هن خط سان توڏانهن موڪليان ٿو. پهچڻ سان ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر وٽ وڃي، کائنس پوسٽنگ جا آرڊر وٺي، مقرريءَ واري اسڪول ۾ دخلڪار ٿج.

تنهنجي افسانن جي مهاڳ لاءِ دوست چون پيا. ڇپيل ڪاپي اڃا مون  کي ڏني ڪانه اٿن، ڏيندا، ته جيڪي اکر لکي سگهيس سي لکي ڏيندو سانِ.

هيڏانهن اچين ته ضرور ملج. آءٌ پهرينءَ مارچ کان رٽائرمينٽ جي ڇهن مهينن جي موڪل تي وڃي رهيو آهيان، جو آگسٽ 1973 ع جي آخر ۾ پينشن تي وڃڻو اٿم. ٻيو سڀ خير.

تنهنجو پنهنجو

محمر ابراهيم جويو

(96)

فضل ڀنڀرو

3-2-1976ع

بهاريون ئي بهاريون

 پيارا سائين،

ڏينهن گذري ويا آهن هڪٻئي کي خط لکئي، سوسمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪٿان شروع ڪيان ۽ ڪٿي بند ڪريان. حال حقيقت اِها لڳي پئي آهي، جو جيئن اُڀ اک  پٽي آهي  تيئن مينهن بس ئي نٿو ڪري، سياري ۾ به ڌم ڌمان لڳي پَئي آهي. يا ته پيا ٻن ڦڙين لاءِ سـِڪندا هئاسون يا ته وري اهڙي حالت اچي بيٺي آهي، جو ’بس بس‘ جو آواز به نڙيءَ مان نٿو ڪري! ڪهڙي خبر وري يڪي ٺُڪَ ڏيئي ڇڏي- آسمان سان پيار به ڏاڍو اٿئون پر کانئس ڊڄون به گهڻُوئي ٿا.

’اياز‘ جي وائيس چانسلر  ٿيڻ جون اوهان کي مبارڪون. آءٌ  ته خوش ٿيو آهيان. سنڌ جو بنيادي مسئلوآهي ئي ’علم جي حاصلات‘ سو اڳي به علم ڏيندو هو ۽ هاڻ به علم جو واپار  ڪرڻو پوندس. سندس بنيادي حيثيت ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي. اُميد اٿئون ته ڪامياب ويندو.

هو اسان وارو يار شوڪت ته سڃاڻو. T.V ۾ ڏاڍو ناخوش آهي، جو پاڻ رهي ڪراچيءَ ۾، هڪڙو گهر حيدرآباد ۾ ٻيو ڳوٺ. ڪمائڻ وارو هڪڙو، کائڻ وارا گهڻا. تنهن کان پوءِ ڪراچيءَ جي خرچن کان به الله ڏئي پناه. سنڌيءَ ۾ M.A. ڪيل اٿس. سندس ذهانت کان توهين  واقف  آهيو. جيڪڏهن کيس يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي وڃي ته تمام ڀلي ڳالهه ٿيندي- ذاتي طرح تي ’هڪڙي پاسي‘ ٿيندو. ازانسواءِ يونيورسٽيءَ کي به ذهين ماڻهن جي ضرورت آهي. اوهين اياز کي چوندا ته ڪم ٿي ويندو. ڪنهن وزير ٻزيز کان لکائڻو هوندو ته اسين پاڻ لکرائي وٺنداسين. ڳالهه رڳو اها آهي ته ’سکر وارو همراهه‘ ڳالهه مڃي.

وڌيڪ خوش ويٺا آهيو. حيدرآباد اچڻ ٿيندو ته ملاقاتون ٿينديون. سلام ع.ق. شيخ کي ۽ مراد کي.

عبدالقادر جوڻيجو

(97)

فضل ڀنڀرو

17-2-1976ع

بهاريون ئي بهاريون،

سائين منهنجا،

هيترن سارن ڏينهن کان پوءِ اوهان جو خط پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪجهه اوهان جي مصروفيتن ڪجهه منهنجن درولڙن، جيڪو خطن جي اچ وڃ ۾ ڏارُ وجهي ڇڏيو هو سو ڀَرجندو پيو محسوس ٿئي. ڪم از ڪم اسان جي طرفان ته ائين ئي هوندو.

پنجن  ڇهن مهينن کان مون  وڏيرن سان گڏجي رُلڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪجهه گهريلو ذميواريون وڌي  ويون آهن ۽ ڪجهه وري وڏيرن جي اڻ سڌرندڙ رُخَ مان بيزاريءَ ۾ (سنڌي وڏيري جي ذات سُڌرڻي نه آهي)، ۽ گهڻي قدر وري پنهنجي گهٽ  پڙهڻ ۽ گهٽ لکڻ جي احساس مونکي صفا گهرَ ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي.

مون انهيءَ واندڪائيءَ ۾ وقت کان تمام گهڻو لاڀ پرايو آهي خاص ڪري پڙهڻ تي ڌم ڌمان لڳايو ويٺو آهيان. ڪتابن سان گهر ڀريو پيو آهي.

توهان جيڪو افسانن جي لـِسٽ مون کان گُهري هُئي، سا مون ٺاهي هُئي. اُها مون کان گم ٿي ويئي، ۽ پوءِ اِها ڳالهه ياد ئي نه رهي. هينئر جڏهن اوهان جو خط پهتو تڏهن ٻيهر اُها لسٽ ٺاهڻ ۾ لڳي  ويو آهيان ۽ ٽيهارو ڪهاڻيون کن لسٽ ۾ آنديون اٿم، ويهارو کن ٻيون اينديون، ۽ پوءِ انهن مان به 25 ڪهاڻيون کين چونڊ ڪري، اوهان کي سُتت ئي موڪلي ڏيندس. منهنجو خيال آهي ته منهنجي چونڊ سان گڏو گڏ اوهين توڙي اوهان جو هڪ اڌ ٻيو دوست چونڊ ڪن، ۽ پوءِ انهن سڀني چوندن مان ٻيهر توهين چونڊ ڪري ڪتاب ترتيب ڏيندا ته معاملو تمام ٺهڪي بيهندو. هڪڙي ماڻهوءَ جي چونڊ، ۽ محنت کان چئن ڄڻن جي محنت وڌيڪ ڪارگر ۽ بااثر ٿيندي، ۽ ائين ڪرڻ سان مختلف فڪري ڌارائن جو تمام سٺو گلدستو ٺهي تيار ٿيندو.

ڪجهه عرصي کان ڪاٽو (-) ماڻهن جا واڌو(+) ادب تي حملا پڙهي دل ۾ انهن جي جواب ڏيڻ لاءِ گهڻيئي پُور آيا ويا ٿي، هينئون سڙيو پئي. ان سلسلي ۾ اوهان پاڻ مون کي حڪم  ڪيو هو ته ترقي پسند ادب جي بچاءُ ۾ ڪجهه لـِکان- مون ان سلسلي ۾ گهڻيئي ويچاريو آهي ۽ لکڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي اٿم، پر سوال آهي ته اهڙي قسم جو مواد ته  ڇپجڻ به بروقت کپي. اهڙي قسم جا مضمون ڪي افسانا، ناول يا شعر ته ڪين آهن، جو رکي ڇڏجن ۽ پوءِ اُهي ڪنهن به وقت ڇپجي وڃن!

ائين برابر آهي ته ’هلال پاڪستان‘ جهڙي شاندار اخبار پاڻ جو تيز ۾ تيز هٿيار آهي. پر سراج صاحب جي ڪنڌ مان ڪـِلي ڪير ڪڍي. مون اڳ ۾ ٻه مضمون اخبار کي موڪليا هئا، جي هُن صاحب مون کي  ڪو هلال پاڪستان جو مراسله نگار سمجهي، الائي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيا! مون اُن سلسلي ۾ کيس ڪجهه خط به لکيا، پر جواب ندارد.

اِهي ٻئي مضمون  مون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي نظر ۾ رکي لکيا هئا، جيڪا صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي زندگي آهي. منهنجو موضوع ڳوٺ جو مسڪين ماڻهو هو- ۽ ان سنڌ جي ’ماڻهوءَ‘ کي  جيترو آءٌ ٿو سڃاڻان، انهي ماڻهوءَ جي مسئلن جي جيڪا مون کي خبر آهي سا سراج صاحب کي نه آهي- ان سلسلي ۾ C.S.P.  جي ڊگري ۽ آفيس ۾ ڦرندڙ ڪرسيون ڪم نه اينديون آهن. هـِت ڌِڪا جهلڻا ٿا  پون، جيڪي اسان جهليا آهن ۽ اسان کي ئي حق پهچي ٿو ته ’ماڻهن‘ تي لکون.

پهرين ته ڏُک جهڙي ڳالهه اِها آهي ته اسان جا جج اهڙا ماڻهو ٿي ويهن ٿا، جن کي ’ماڻهو‘ جي قانون جو پهريون باب به ڪونه ٿو اچي. زماني جو دستور ڏسي پنهنجي ڏاڙهي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏنيسون، پوءِ به جاهليت ۽ بي قدريءَ جو ثبوت ڏيڻ ۾ ڪهڙي شرافت رکي آهي.

بهرحال پنهنجن اڳين مضمونن جو حشر ڏسي، پاڻ ٻيو ڪجهه لکي، ”هلال پاڪستان“ کي موڪلڻ کان يڪي  توبهه ڪئي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته ترقي پسند ادب جي بچاءَ ۾ لکيل منهنجو مضمون اوهان جي سفارش تي ۽ ڪجهه سڄي ادبي ٽولي جي مفاد کي نظر ۾ رکي ڇا پيو وڃي. پر مون کي لکيت ڇپائڻ ۾ ڪنهن به سفارش جي ضرورت نه آهي- ايتري ذلالت مون کان نه پُڄندي.

هونئن به توهان جا ’وڏا اديب‘ دوست هڪڙيءَ اک ڀانءِ نه پوندا آهن. سواءِ شيخ اياز جي- اياز ته ايڏو  وڏو فنڪار آهي، جو هُنَ جي جتي کڻندي به پيا سونهنداسين.

مون کي ته اِهو به ڏُک آهي، جو اوهان جي محنت ۽ شخصيت مان اوهان جي دوستن رڳو ذاتي مفاد ڪيا آهن ۽ پرايو ڪجهه به نه اٿن- بلڪه پرپُٺ اوهان تي ٽوڪون ڪندي به ڪن شخصن کي ڪنن سان مون  پاڻ ٻُڌو آهي. پر اوهين آهيو، جو هر ڪچهريءَ  ۾ سندن بچاءِ ڪندا رهندا آهيو.

 توهان ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ لکيو آهي ته روبرو ڳالهائينداسون، سو في الحال ته منهنجو اچڻ تمام دير سان ٿيندو. اوهان خط لکي احوال موڪليو، اسين ٻَئـِي ڪُلها  وهڻ لاءِ تيار آهيون.

ننڍڙي ڪـِڪي خوش آهي ۽ مون لاءِ تمام وڏو تجربو آهي.

سلام سائين ع.ق. شيخ کي.

عبدالقادر جوڻيجو

(98)

جنهاڻ

7-3-1976ع

سائين منهنجا،

هڪ خط اڳ ۾ لکيو اٿم، اُميد ته مليو هوندو. ٿي سگهي ٿو اُهو خط اوهان کي ڪي قدر ناگوار هُجي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اهڙي ماڻهوءَ اڳيان روئي وجهندو آهي، جيڪو ٻڌندو به آهي- اهڙا ڪَمَ اوهان وٽ ڏسي، دوستن جي شڪايت ڪري ويٺس ۽ اڃا به ڪڏهن وَجهه مليو ته ڪندس.

لکڻ ۽ پڙهڻ  ساڳئي نموني ۾ زور زور سان چالو آهي. انهن ڪمن ڪرڻ جو وقت جام اٿم، سو ڪريان پيو. مهراڻ واريون ٻَئي ڪهاڻيون ضرور  پڙهيون هوندوَ. انهن کان پوءِ به ريڊيائي ڊراما لکيا اٿم، هڪ ڊرامو ”ڀُنگ“ ٽي. وي وارن کي موڪليو اٿم. واسيلي شڪشن جي ڪهاڻي، "Country Dwellers" ترجمو ڪري، مختصر پر جامع تبصري سان، مهراڻ وارن لاءِ موڪلي اٿم. خاص ڳالهه ته هڪ عدد ناول لکڻ ۾ پڻ مصروف آهيان.

ناول جو موضوع هڪڙو پوڙهو ٿيندڙ ڳوٺاڻو ماڻهو آهي، جيڪو آهستي آهستي معاشري کان ٽُٽندو، ’اسي مت کسيءَ‘ ۾ هليو وڃي ٿو. ان بهاني سان سنڌ جي ڳوٺاڻي گهرو زنگيءَ جو انگنگ چـِٽڻ جي ڪوشش ڪندس. ناول جو بنياد ’سماجي حقيقت نگاريءَ‘ تي آهي.

اوهين مناسب سمجهو ته نموني طور تي ناول جو پهريون باب اوهان کي موڪلي ڏيان. ان بهاني سان مون غريب کي وري اوهان جي صلاح سولي ملي ويندي، جيڪا تمام ضروري سمجهان ٿو.

آءٌ سمجهان ٿو جيڪا واقعي ڳوٺاڻي زندگي آهي. اُن جي صحيح ترجماني اڃا fiction ۾ نه ٿي سگهي آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ افسانا لکيا ويا آهن، پر سچي پچي زندگيءَ لاءِ ناول جو وڏو ڪئنواس ٿو کپي. افسانو ان ڳالهه جي پوري ترجماني نٿو ڪري سگهي، پوءِ ڀلي کڻي اُهو گهڻي تعداد ۾ لکيو ويو هُجي. ڇو جو افساني جي داخلي ارتقا جي رفتار تمام تيز آهي ۽ ’هَڻ کَڻ‘ وارو معاملو ڪرڻو ٿو پوي، پر زندگيءَ جي رفتار ڏاڍي آهستي واري آهي جنهن جو ساٿُ صرف ناول ڏيئي سگهي ٿو.

هينئر جيڪا گوڏا کوڙي ويهي اسٽنڊي ڪريان پيو، دنيا جي ادب جي، اُن اسٽنڊيءَ ئي مون کي لکڻ جي ترغيب ڏني آهي. هـِن ٿوري عرصي ۾ گهڻو ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. هونئن ته هاڻ دنيا جي ادب ۾ گهڻيئي  فڪري ۽ فني تحريڪون موجود آهن، پر يورپ جي اديبن جي خاص خوبي آهي ته هو جنهن به تحريڪ يا لاڙي سان لاڳاپيل  رهيا آهن اُن سان نڀايو اٿن.

Pearl  S. Buck، پنهنجي مشهور ناول "Good Earth"  ۽ نوبيل پرائيز جي ڪري مشهور هئڻ جي باوجود، هلڪو ادب لکندڙ سمجهيو وڃي ٿو، پر سچ ڪري پڇو ته سندس ٻه ناول "Living  Read" (سر نـِسريا پاند) ۽ Dragon Seed (ڀلارو ٻج) ڏاڍا سُٺا آهن، جيتوڻيڪ  سندس ٻين ناولن "Hidden flow & Mother" وغيره ۾ جان نه آهي. "Living reed"   ۾ ڪوريا جي مٿانهين طبقي مان ڦٽي نڪرندڙ چئن پيڙهين جو ذڪر آهي، جنهن ۾ سماجي حقيقت نگاري عروج تي  پهتل آهي. "Dragon Seed" ۾ جيڪا خاص ڳالهه وڻي، اُها آهي ڳوٺاڻن چينين جي زندگيءَ ڪو عڪس: ناول ۾ هڪ هنڌ چيني ڳوٺاڻا دشمن  جپاني فوجين جو انتظار ويٺا  ڪن ۽ ماٺار، خوف ۽ ڪيقدر  اُميد جو ماحول ڇانيل آهي- اهڙي صورتحال ٿر جي ڳوٺن ۾ مون 1971ع جي جنگ ۾ ڏٺي.

ٻئي Erskine Coldwell آمريڪي ڳوٺاڻيءَ ۽ ننڍڙن شهرن جي زندگي جو عڪس به واهه جو چٽيو آهي. Place Called Esthervill ۾ گورا ڇوڪرا هڪڙي شيدي نوڪر ڇوڪري جو اونداهي گهٽيءَ ۾ انتظار ويٺا ڪن، جو کين پتو پيو آهي ته ٻن ٽن گورين ڇوڪرين سان اُن جا جنسي تعلقات آهن، ۽ هُو ان جو وير وٺڻ چاهين ٿا. سندن گفتگو، صلاح ڪرڻ جو اندازو ۽ پوءِ ان شيدي ڇوڪري سان ڪيل جُٺ جو رنگ ڍنگ ساڳيو اسان وارو آهي. سندس ٻين ناولن "Tobacco Road ,Journey Man"  ۾ به ڳوٺاڻي زندگي ڏنل آهي، البت سندس تازو ناول "Last Night of Summer" شهر جو ترجمان آهي، اُن ۾ وري موسم ۽ انساني جذبات جو گڏجي چوٽ تي چڙهي، هيٺ ڪـِرڻ جو ذڪر آهي. بهرحال، ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ترجمانيءَ ۾ ميخائيل شولوخوف جي "Quiet  Virgin Soil Upturned"  ۽"Flows the Don"   جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري اجايو پيو ٿئي، جو ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ جي ترجمانيءَ جو ههڙو عڪس دُنيا ۾ هن وقت موجود هئڻ مشڪل آهي.

البت انهن سڀني ليکڪن جي لکڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ايترو ضرور احساس ٿئي ٿو ته يورپ کي ڇڏي باقي مُلڪن جي ڳوٺاڻن ماڻهن جي بنيادي نفسيات ۽ تهذيب ساڳي ئي آهي.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته زندگي جيتري خارجي آهي ۽ اوتري داخلي آهي. ان ڪري مختلف بلڪ متضاد فڪري لاڙن هوندي به آءٌ شولوخوف، پرل ايس بڪ، ارسڪن ڪالڊيل ۽ گورڪيءَ کي چيخوف، سارتر، قرة العين حيدر جي برابر اهميت ڏيندو آهيان، جو پهريون توڙي پويون گروهه پنهنجي پنهنجي لاڙي ۾ بند هئڻ جي باوجود به وڏا سچا ليکڪ آهن. پر، سائين منهنجا، ليکڪ اُهو مڃجي جيڪو چارئي پاسا وَهي وڃي؛ اندر نهاريندي نهاريندي، ٻاهر به نهاري وٺي. اهڙا چئن اکين وارا ليکڪ مون کي مطالعي ۾ شيخ اياز، فيودور دوستو وسڪي ۽ ليوٽالسٽاءِ نظر اچن ٿا. ان ڳالهه جي ڪري آءٌ اياز کي ڀٽائيءَ کان وڌيڪ اهميت ڏيندو آهيان. لطيف سائينءَ وٽ طارجيت توڙي داخليت آهي پر سندس شعر جي جامع خاصيت يا ڪمزوري هڪ لاڙي جو ٻئي تي رُعب آهي، اياز ٻنهي پاسي ڌار ڌار اهڙي نموني سان  وَهي ويو آهي، جو سندس ڪنهن به هڪ لاڙي کي ٻئي لاڙي تي ڇانئجي وڃڻ جو وجُههَ نٿو ملي. منهنجي خيال ۾ شاعر جي وڏي ۾ وڏي خوبي تضاد آهي. ان سلسلي ۾ قرةالعين  جا ٻه ڊايالاگ ياد ٿا اچنم: هڪ ڄڻو ٻئي کان ٿو پُڇي ته ”تنهنجو ڪهڙي نظريي سان تعلق آهي؟“ ٻيو جواب ٿو ڏئي ته ”مون اڃا دل جا دروازا کولي رکيا آهن.“

ڳالهه ڪٿان جي ڪٿان وڃي نڪتي! ڪا سَسَڪَ پَئي؟ ”دل جا دروازا کولي رکڻ!“

ڪهاڻين جي لِسٽ سڀاڻي يا پرينهن پوسٽ ڪندس. ان سلسلي ۾ يا ٻئي ڪنهن به سلسلي ۾ وڌيڪ ڪو ڪم ڪار رکندا ته حاضر آهيان.

شوڪت جي تمام گهڻي پارت اٿو. هوشيار ڇوڪرو آهي ۽ ڪم وٺڻ جهڙو آهي. ان ۾ شوڪت  جي ذاتي فائدي سان ٻوليءَ جو ۽ اسان جي ڪم جو به فائدو آهي.

’اياز‘ جيڪو V.C  ٿيو آهي، ته سمجهان ٿو سندس خاص مقصد به ٻوليءَ ۽ ماڻهن جي خدمت هوندو.، نه ته ذاتي طرح تي ته وڪالت جو ڌنڌو سُٺو هئس. اِهو همراهه ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪندو. بااختيار آهي، اسان جون منجهس تمام وڏيون اُميدون آهن. تعليمي ۽ ادبي سلسلي ۾ سندس نظر هيٺ ڪي نوان ادارا کُلن يا جيڪي اڳ ۾ ئي آهن اُنهن جي واڌ جو سوچي، ته مهرباني ڪري مون کي نظر انداز نه ڪجو. آءٌ به چاهيان ٿو ته باقاعدي ڪٿي  رهي ڪم ڪريان. ماستري پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي شيءِ آهي، پر اسان جي اصلي جڳهه ادبي ادارن ۾ آهي. ان ڪري ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاءِ دوستن کي چيم، پر ڪجهه ڪونه ٿيو. ڪا اهڙي ذميواريءَ واري جڳهه هُجي، ته اُها مون تي مهرباني ڪندا. آهيان ته صرف B.A. ,B.Ed  اِها ڳالهه نظر ۾ ضرور رکجو. هت آءٌ صحيح معنيٰ ۾ بيڪار آهيان.

 

عبدالقادر جوڻيجو

 


 

(99)

فصل ڀنڀرو

8-3-1976ع

سائين،

اوهان جي حڪم موجب ڪهاڻين جي لسٽ موڪليان پيو. جيتريقدر منهنجو مطالعو آهي اوتريقدر مون کي اهي ئي ڪهاڻيون ٺيڪ لڳيون آهن. البت هڪڙي ڳالهه آهي ته هت ڳوٺ ۾ ويهي ڪهاڻين جي ترتيب ڏيڻ ڏاڍو ڏُکيو ڪم آهي. هـِن ڪم لاءِ ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا گهربل آهن. بهرحال ڪجهه پاڻ وٽ پيل مواد ۽ ڪجهه ياداشت جي زور تي ڪم ڪيواٿم.

وڌيڪ ڪو نقل وغيره ڪرڻ جو بار به رکندا، ته به حاضر آهيون. واندا ويٺا آهيون، ڪم ڪرڻ تي دِل ٿي چئي.

سلام سنگت کي.

عبدلقادر جوڻيجو

ڪهاڻيءَ جو عنوان                 ليکڪ

1.      شاه  جو  ڦرُ                    جمال ابڙو

2.     لاٽ                            جمال ابڙو

3.     سپني جو موت                ذالفقار راشدي

4.     پسي ڳاڙها گُل                رسول بخش پليجو

5.     پهرين مُراد                     نسيم کرل

6.     چوٽيهون دَرُ                    نسيم کرل

7.     جيون ڪوئي جهوٽو آهي       علي بابا

8.     درد جو شهر                     آغا سليم

9.     سمنڊ ۾ هڪ اڪيلو روح شوڪت حسين شورو

10. جيجي                         زرينه بلوچ

11.  ويريون                    حميد سنڌي

12. بري هن ڀنڀور ۾       غلام رباني

13. جيڪر اچين هاڻ        فاروق سولنگي

14. ڀڳل ٽٽل ليڪا          مشتاق شورو

15. پهرين لانوَ              غياث جوڻيجو

16. بُک جا چڪ             ماهتاب محبوب

17. سُتل پڙاڏو              مراد علي مرزا

18. بيگي ۽ بيگي          بهزاد

19. زندگي ۽ هڪ ڪُن   امر جليل

 

20.                        اونداها رستا ۽        غلام نبي مغل

دونهاٽيل گهٽيون

21. واٽون، راتيون ۽ رول    عبدالقادر جوڻيجو
 

(100)

حيدرآباد، سنڌ

13-3-1976ع

مٺا ڀاءُ عبدالقادر، خوش هجين شال،

تنهنجا ٽي خط سامهون رکي، هي جواب لکيو رهيو آهيان منهنجن خطن لکڻ جي سستيءَ جي ته توکي خبر آهي، ۽ هاڻ ته اياز، جو هتي آهي سو رڳو هن جي ’سربراهيءَ‘ ۾ وقت گذريو وڃي. پنهنجا ڪيترا ڪم هٿ ۾ هئا، سي به ائين اڌ ۾ رهجي ويا آهن. طبيعت ٺاهه ۾ نٿي رهي. من ڏاڍو اُٻاڻڪو گذري ٿو. پراوَن جي دشمنيءَ ۽ پنهنجن جي لادعوائيءَ سبب پنهنجو ڪو دل گهريو ڪم مُنهائتو ٿي، اڳتي ڪو نه ٿو وڌي. پر ماڻهن کان وڌيڪ ڪم ۾ منهن وجهي ويهجي ٿو، ته البت دل وندرجي ٿي ۽ وقت ٿورو گهڻُ لاڀدائڪ لڳي ٿو. نه ته بيڪار ڳالهيون، بيڪار ماڻهو، بيڪار وقت، جيئڻ ئي جنجال. ان بي ڍنگي ۽ بي اُتساهي ماحول ۾ سوچبو هو ته ڪن همخيال ۽ سليقي مند  ساٿين سان گڏجي، ڪنهن نتيجه خيز  رٿا تي ويهي ڪم ڪجي، پر هڪ ته وسلين جي ڪمي، ٻيو طبيعت جو نٺرپڻو- مطلب ته ڳالهه  ڪجهه اڳڀري ڪنهن رفتار يا ڪنهن اعتماد سان ڪانه ٿي وڌي. اڳي جڏهن ڪنهن جي واتان ٻڌندو هوس ته ”بس ادا پيا گهلجون!“ ته ڳالهه ايتري سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي، پر هاڻ نراسائيءَ جي ان اٿاهه کڏ ۾ ڪريل ماڻهوءَ جي دل جي حال جي ڪجهه ڪجهه خبر پوي ٿي. بهرحال وري به هلڻو آهي سو پيو هلجي.

تنهنجي چونڊ ڪيل افسانن جي لسٽ پڙهيم، تو نهايت سٺا افسانا چونڊيا آهن. ٻيا به چونڊبا جيئن تو صلاح ڏني آهي. پوءِ انهن کي وري ان خيال سان ڏسبو ته انگريزي ترجمي جي خيال کان ڪهڙا آسان ۽ مناسب  ثابت ٿي سگهندا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌالاجيءَ وارن جو هي ڪم آهي، يعني انهن کي چونڊ سنڌي افسانن جا مجموعو انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرائڻو آهي. افسوس رڳو اهو آهي ته سنڌي افسانن جا مجموعا الڳ اديبن جا يا سال سال جي  چونڊ افسانن جا، نه ايترا گهڻا شايع ٿي سگهيا آهن ۽ نه وري انهن جي ائين ويجهڙائيءَ ۾ شايع ٿيڻ جا ڪي امڪان آهن.

”سنڌالاجي“ يا ”سنڌي ادبي بورڊ“ اِهي  ٻه ادارا آهن جن ڏانهن سنڌي ادب دوست حلقا وري وري آسائتيون اکيون کنيو پيا نهارين. پر ڪم ”اِدارا“ يا ادارن جون ڪرسيون، ميزون، ڪٻٽ ۽ ڀتيون به ڪنديون آهن. اُتي جيڪي ماڻهو ويٺل هوندا آهن، ڪم اُهي ڪندا آهن. هن وقت جيڪي ماڻهو ادارن ۾ براجمان آهن ۽ صاحب اختيار آهن، اُهي، جيئن ٻين سڀني محڪمن ۾ اڄ دستور آهي، ڪم سان گهٽ واسطو پنهنجو سمجهن ٿا. خود مالي وسيلا ۽ ٻيون  سهولتيون، جيڪي ادبي ۽ ثقافتي ڪم جي ڪرڻ لاءِ گهربل آهن، سي به هـِن اسان جي ادارن وٽ بي  حد گهٽ آهن. هڪ حد تائين هنن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي فيصلي ۽ عمل جي گهربل آزادي ۽ خود اختياري به حاصل ڪانهي. پر اُن جي باوجود، جو ڪجهه هو ڪري سگهن ٿا ۽کين ڪرڻ گهرجي. سو به اسان کان ڪونه ٿو ٿئي. آءٌ ڪوشش ۽ سوچ ۾ رهندس ته جيئن ئي ڪا صورت خاص طرح سنڌالاجيءَ ۾ نڪري اچي، تيئن شوڪت جهڙا ۽ تو جهڙا سنڌي ادب ۽ علم جا سڄاڻ پورهيت ڪنهن طرح انهن ۾ اچي ڪم ڪن. وڌيڪ ان مسئلي تي مناسب موقعي تي پاڻ روبرو ڳالهائي ٻولهائي  سگهون ٿا.

تو پنهنجي مطالعي ۽ ادبي تخليقي ڪم جي اُميد افزا صورتحال کان واقف ڪيو آهي، اُهو پڙهي دل بهار بهار ٿي ويئي. ناول جو ڪوبه حصو جڏهن به مون ڏانهن موڪليندين ته پنهنجي سڄيءَ رات جي ننڊ ڦٽائي به اُهو پڙهندس.

اسان کي پنهنجي اديبن جي سوسائٽيءَ پاران ماهيانو ”ڪتاب نامو“ ڪڍڻ جو ارادو هو، جو في الحال، مالي خيال کان تسلي بخش  صورتحال نه هئڻ سبب، دل تان هٽائي ڇڏيو اٿئون-  جيتوڻيڪ ان جي پهرئين پرچي جي سموري مواد جي ترتيب به مڪمل  ڪري  ڇڏي هيم. انهي ماهنامي لاءِ تنهنجي  ڪنهن افساني يا مختصر ناٽڪ جي ضرورت هئي ۽ اڃا به آهي: ڇو جو اُن سلسلي  جي شاعت جو خيال دل تان هٽائي برابر ڇڏيو اٿئون، پر صفا ڇڏيو هرگز هرگز ڪونه اٿئون. (ع.ق) شيخ صاحب توڏانهن ان باري ۾ شايد لکيو به هو، پر تو هن ڏانهن اُن بابت موٽ ۾ ڪجهه نه لکيو.

آءٌ ڪراچيءَ ٻن چئن ڏينهن ۾ ويهندس. سراج سان سندس ايتريءَ بي رخيءَ جو سختيءَ سان ذڪر ڪندس. پر يقين رک، اڳي به جڏهن تنهنجي  ڪا ڳالهه وٽس نڪتي آهي ته هن هميشه تولاءِ محبت ۽ بيحد گهڻي قدر جو اظهار ڪيو آهي. جو ڪجهه دل جي حضور سان لکبو، ان جي اشاعت جو مسئلو واقعي دل کي بي آرام ڪندو آهي، ۽ ائين ٿيڻ به گهرجي.

مون کي خبر آهي ته ڪي دوست مون تان پرپٺ کلندا آهن، بلڪه ڪي ته ڄاڻي ٻجهي دوستن جي حلقن ۾ گلا ۽ غيبت به ڪندا آهن. پر کلندن تان خير ٿين ٿا. پاڻ هر دوست  ۽ ساٿيءَ جي گهڻگهرائي پاڻ تي فرض سمجهون ٿا. هو ان جو ڪهڙو اثر ٿا ڏين. سا سندن ذميواري آهي.

تنهنجي ڪـِڪِي ڪيئن آهي؟ اوهان سڀني لاءِ منهنجي دل ۾ اٿاهه پيار آهي. ان ڳالهه  جو توکي ۽ تنهنجن سڀني پيارن ۽ دلگهرين کي يقين رکڻ گهرجي.

ٻيو سڀ خير

تنهنجو محمد ابراهيم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org