سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو :2 

(6)

حيدرآباد سنڌ

1966-8-25

ڀائڙا مٺڙا عبدالقادر

تنهنجو خط ٽيون ڏينهن مليو، جنهن ۾ لکيو اٿئي ته ”. . . .هڪ افسانو وِکَ وِکَ وِههُ خط سان گڏ موڪلان ٿو.“ پر لفافي ۾ ته اهو افسانو پيل ڪونه هو! شايد ڪنهن ٻئي خط سان موڪليو به ڪونه اٿئي! افساني جهڙي ڳالهه آهي-ڏاڍو انتظار ٿي بيٺو اٿم ته مبادا ڪٿي گم ته نه ٿي ويو! هيءُ خط ڪالهه ئي بلڪ ٽيون ڏينهن ئي تو ڏانهن لکان ها، پر چيم ته متان جدا ڪنهن خط ۾ افسانو روانو ڪيو هجئي، سو هڪ ٻه ڏينهن ترسڻ چڱو ٿيندو.

سو هڪ ته انتظار دور ڪرڻ لاءِ هڪدم ٻه اکر لکي موڪل ته حقيقت ڇا آهي- افسانو موڪليو اٿئي يا اڃان تو وٽ آهي” ٻيو ته آئينده جڏهن به ڪو افسانو مون ڏانهن يا ڪنهن ٻئي ڏانهن موڪلين ته پهريائين ان جو هڪڙو نقل ضرور پاڻ وٽ محفوظ رکي، پوءِ موڪليندو ڪج. نئين ڪوٽ کان ٻاهر جنهن ميرن جي پراڻي ڪوٽ جا پار پتا تو ڏنا آهن، برابر انهن پٽن ۽ پنڌن کان اسين اچي مَٽيا هئاسون. ميرن جي پراڻي ڪوٽ تي به ترسي، اندر منجهس وڃي ۽ ڀتين تي چڙهي، چڱيءَ طرح ڏٺو هئوسون. هاڻي جو تو ٻڌايو آهي ته تنهنجو ڳوٺ اُتان ڪي ٻه ميل پري هو، ته تو کان وڌيڪ دل کي صدمو مون کي رسيو آهي، ته ائين ڪيئن ٿيو، جو توکي تنهنجي ٿر ۾ ايترو ويجهو ايندي به گڏجي ڪين سگهيا سون! بهرحال تنهنجي اها ميار ٿي ۽ ضرورو لاهبي، ڪو موقعو وٺي ترت ئي تو وٽان ٿي وڃبو. اوهان جي انسپيڪٽر آف اسڪولس ۽ ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن ٻنهي کي پيو تپايان ته ايڏانهن ٿر جي گشت تي هلن ته انهن سان آءٌ به گڏجي نڪري پوان ۽ توکي ڏسي وڃان. اميد ته مهيني ٻن ۾ اهو پروگرام ائين ٺهي سگهندو.

اتي انسپيڪٽر آف اسڪولس، مسٽر ڊکڻ، سان تنهنجو ذڪر ڪيو هوم، ۽ نهايت چڱيءَ طرح تنهنجي قدر افزائيءَ لاءِ چيو اٿمانس. مون سان انجام ڪيو اٿس ته انهي چوڻ کي ذهن ۾ رکندو. موقعي سان تنهنجو ساڻس ملڻ ٿئي ته ضرورو کيس منهنجي يادگيري ڏيارج.

ٻيو سڀ خير وڌيڪ احوال ٻئي ڀيري.

تنهنجو

ابراهيم جويو

(7)

سائين،

پڳين لڳان (پيرين پوان-ٿري محاورو، تمام مٺڙو جو دوستن کي چئبو آهي- پيرن ۽ ميرن کي نه).

معافي ٿو گهران دراصل افسانو لکي تيار ڪيو هوم ۽ خط به. پر شهر فضل ڀنڀري ۾ اچي ٿيلهو کوليم-خط کيسي ۾ هو، افسانو ڳوٺ رهجي ويو، ويسر ڀولي ۾. هينئر فضل ڀنڀري پهچڻ شرط خط پيو  لکان، جو اوهان جو تشويش ڀريو خط مليو.

اوهان اچو ۽ ضرور اچو، جهڻ جو وٽو، ٻاجهر جي ماني- هٿ سان پيٺل اٽي جي _حاضر آهي.

پياري ابن حيات جن جي تحرير پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس، منهنجي سلامن جون ڀريون کيس ڏيندا.

اوهان ڊکڻ صاحب جن کي چيو، وڏي مهرباني، دراصل آءُ اوهان لاءِ تمام جذباتي خط لکيو ويٺو هوس، جو هاڻ ڪونه موڪليندس ڇا آهي ته منهنجي گَهرن بيماري آهي ۽ منهنجو ڏور رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

آءٌ D.I.S. صاحب کي درخواست موڪليندس. گهڻو ڪري وٽس ويندس. مولانا ماڻهو آهي. ها! جيڪڏهن ميرپورخاص تائين ته اوهان وٽ ضرور پهچندس.

ها! افسانو پريئن ڳوٺان کڻي اچي پوسٽ ڪندس. ٽيو افسانو پڻ لکيو اٿم. عنوان اٿس ”بڪل نمبر 555.“ اِهو افسانو اوهان جي ڪيل همت افزائيءَ جو نتيجو آهي.

خط تڪڙ ۾ پيو لکان. سج لَهڻ تي آهي. ٽي ميل پنڌ ڪرڻو اٿم پيرن تي. دير پئي ٿئي.

عبدالقادر

سلام شمشير، ربانيءَ، پنوهر، پليجي کي عرض آهن.

(8)

حيدرآباد

1966-8-31

پيارا ڀاءُ عبدالقادر

فضل ڀنڀري ڳوٺ مان تڙتڪڙ مان لکيل خط تنهنجو پهتو. تسلي ٿي سچ پچ جيڪڏهن ميرپورخاص اچڻ ٿئي ته هيڏانهن حيدرآباد تائين لُوهه ڪري ئي ويندين ته ائين ٿي به سگهي ٿو ۽ ٿيڻ به گهرجي. هونئن به خبرچار رکي جنهن ڏينهن تي ڊکڻ صاحب ميرپورخاص موجود هجي. ان ڏينهن تي اُتي پهچي روبرو ملندينس ته بهتر ٿيندو. هن گڏ جدا هڪ چٺيبه هُن جي نالي لکي تو ڏانهن مولکيان ٿو. اها کڻي ساڻس ملچ. پنهنجي ڪم لاءِ ضرور جهد ڪرڻو ئي پوندو.

”سهڻي“ جو ستون نمبر تو ڏانهن جدا بڪ پوست رستي موڪلي رهيو آهيان. ان ۾ پليجي جي افساني ”پسي ڳاڙها گل. . . “ تي منهنجو تنقيدي مضمون ڇپيل آهي، اُهو ضرور پڙهج ۽ پنهنجي راءِ کان واقف ڪج. ٻيا رسالا به الائي توکي پهچن ٿا يا نه- مثلاً ”مهراڻ“ ، روح رهاڻ“، ”بادل“. جيڪڏهن انهن  رسالن جي رَسڻ جو اڳ تنهنجو پنهنجو بندوبست نه هجي ته لکج تو ڏانهن وقت تي موڪلبا رهجن. رسالا پڙهندو رهندين ته ادب توڙي اديبن بابت صورتحال کان هميشہ باخبر رهندو ايندين. تنهنجا سلام ڀاءُ يار محمد کي ۽ ٻين کي پهچائي ڇڏيا اٿم. موٽ ۾ هو سڀ توڏانهن پيار جا ڀاڪر موڪلين ٿا. اميد ته تون ۽ تنهنجا سڀ سنگتي ساٿي اتي خوش چڱا ڀلا هوندا.

ٿر ته هينئر ويچارو ڏاڍو ڏکيو هوندو. مور ڇا ٿا چون؟ مينهن کي سڏين ٿا يا توڻي ئي ان کي سڏڻ ڇڏي ڏنو اٿن! مينهن کي آڻڻ لاءِ هندو مسلمان اتي ٿر ۾ ڪهڙا ساٺ سوَڻ ۽ پوڄا ڪن ٿا، ناچ ڪن ٿا، گيت ڳائين ٿا، تڏهن هو ڪهڙيون خوشيون ۽ ڪهڙا گيت ڳائين ٿا. سؤڻ ساٺ ۽ پوڄاپاٺ ڪن ٿا. ۽ ٽين ڳالهه ته مور پکيءَ جو ٿر جي هندن ۽ مسلمان رهواسين جي جيوت ۾ ڪهڙو حصو ۽ ڪهڙي اهميت آهي ۽ ان تي وٽن ڪهڙا گيت، پهاڪا، ٽوٽڪا، وغيره آهن! انهن ڳالهين جي في الحال، سانهنَ ستيءَ ۾، جيڪڏهن ڪا خبرچار گڏ ڪري سگهين ته ڏاڍو چڱو  ٿيندو. اِن ۾ تڪڙ ڪانه ڪبي، ڳالهه رڳو ڌيان ۾ رک- پوءِ مهينا لڳن يا سال لڳن ته هروڀرو پنهنجي ذوق کي مجبور نه ڪج. بهرحال پنهنجو احوال، پنهنجي ٿر جي ۽  ٿر وارن جو احوال مڙيئي مهيني اڌ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾-خط ۾، افساني ۾، مضمون ۾ ضرور ڏيندو رهج. ٻيو سڀ خير

محمد ابراهيم جويو

(9)

5 سيپٽمبر،1966ع

جنهاڻ

مٺڙا سائين!

اوهان جو خط مليو ۽ ”سهڻي“ به، لک لک ٿورا. هن واهيات ۽ چمچه گير دور ۾ اوهان پارو ڪو ٿورا ٿو ڪري ته اکين ۾ پاڻي اچيو وڃي- خلوص ڀريون مهربانيون ڪٿان لڀن. مون وٽ‏‏’بادل‘، ’سهڻي‘ ۽ ’روح رهاڻ‘ پهچيو وڃن. تنهن کان سواءِ ’افڪار‘ ۽ ’سيپ‘ وغيره پڙهڻ جو موقعو مليو وڃيم. ڪُٺل ”مهراڻ“ ڪانه ملندي اٿم. هڪڙي ته مهانگي، 12 روپيا پگهار، 22 روپيا مڻ ڪڻڪ، گهر ۾ دائمي بيماري، ٻيو نڪري دير سان- ايڊيٽر صاحب. . . . ماٺ ڀلي آهي ٻڌو اٿئون ”مهراڻ“ جو نئون پرچو نڪتو آهي. ’مهرباني‘ ڪري موڪليندا ته ٿورائتو رهندس.

ٿر جنهن جا ماتا پتا ( بقول اوهان جي) آسمان ۽ زمين آهن، اُهو ٻن پُڙن جي وچ ۾ اچي ويو آهي، هڪڙو آسمان ٻي زمين، ٻئي پُڙ ڳرا آهن. ڪڻڪ کڻي وڃڻ جي ٿر ۾ منع آهي، ڇو؟ هو ڀيلڻ جي هنج ۾ ويٺل ميرو ٻار سمگلنگ ڪندو آهي، هو کٽ تي چگهندڙ پوڙهو سمگلنگ ڪندو آهي، هو پُٺن اگهاڙو ٻاجهريءَ جي سُڪل ڪانن تي پٽڪو ڪندڙ نوجوان سمگلنگ ڪندو آهي.

ٿر جي لوڪ گيتن، ناچن ۽ سوڻن ساٺن تي جام لکندس، چئو ته ڪتاب لکان، پر ترتيب ڏيڻ جو بار ڪنهن تي رکندس؟ چئو ته ڊگهن خطن ۾  لکان (اهو رستو مون لاءِ سولو آهي). باقي افسانن وغيره ۾ ته پڪ ڪراچي هوٽل تي ڪونه لکندس. لا ڪاليج جي لان تي ڪونه لکندس . پر ڀٽ جي اڌ ٿر ۾ اڏيل چونئرن تي لکندس. جمڙائو جي ڪناري تي اڏيل ننڍڙن ڳوٺن تي لکندس. پگهر ۾ ٻڏل جسمن تي لکندس. ڪارين اکين تي لکندس. ڳاڙها ڪپڙا پائي روڊن تي گهمندڙ پيلن نوجوانن تي لکندس. هوشوءَ جي وارثن تي لکندس. مون کي سنڌ جي انڌن نقادن جي ڪهاڙين کان ڊپ ڪونهي.

اوهان ”پسي ڳاڙها گل“ جو ڏاڍو پيارو جائزو ورتو آهي- معصر لکندڙ جي قلم ۾ هي جوانين جو جولان ڪٿي لڀي. جملو ”. . . .هڪ سنڌائتو ۽ ڀرپور وار سمجهيو ويو“ خود هڪ سنڌائتو ڌڪ آهي، جو پڙهندڙ جي ذهن تي لڳي ٿو-اوهان جي اکين ڏٺن، ڪنن ٻڌل سچن واقعن جي ڇا ڳالهه ڪريان. اُستاد بس،ٻيو ته ڪونه پر آرائين پنجابي، جي سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ 100 ورهين کان رهندا اچن، سندن ٻار به سنڌي پڙهندا آهن، تن جي هڪڙي وڏي ڳوٺ ۾ هڪڙي سنهڙي،سانوري، ڀرپور اکين واري ڇوڪري رهندي هُئي. هڪ سنڌيءَ جي مست فنڪار سان اٽڪي پيئي، اکين ست ڪوٽ ڀڃي ڇڏيا. وارث شاهه جي هيرَ ڀٽائيءَ جي رانجهوءَ جي هنج چونڊي. ڀٽائيءَ ۽ وارث جي وچ ۾ ’راڄ‘ اچي ويو. نتيجو پنهنجيءَ ٻولي جهڙي مٺڙيءَ هير کي مليو. پهرين لٺ (ڊانگ) ٺونٺ واري، فنڪار جي خوابن ۾ تڙپندڙ نازڪ ٻانهن، اڌ وڍئي ڏار وانگر ٽڙڪي پيئي. ٻي لٺ، اک کان مٿان ڀرتو ڌڪ، رت جون تيتوريون - ويچارو فنڪار صرف افسانو لکي سگهيو- ”رات جيءَ وهڪ ۾“ جيڪو عام پڙهندڙ جي ذهن کان مٿي ٽپي ويو. جنهن ۾ فنڪار هير سان خوابن ۾ ٿو ملي. هير جو ڪردار ’برسات‘ جي روپ ۾ سالنامه ’روح رهاڻ‘ جي صفحن تي پکڙ جي ويو. ڪهڙا مثال ڏيان! ننڍي هوندي پهرين نصيحت جيڪا ٻڌي هيم سا هيءَ آهي ” ڀائيٽيا، رات جو پُسيا پيا هجن، صبح جو اٿندي سان ٻه ٻوٿ وارا (زال کي).“

”پسي ڳاڙها گل“ جڏهن کان ”بادل“ ۾ ڇپي آهي، چوڌاري کڙکٻيتن وانگر پليجي جو نالو پکڙجي ويو آحي. گاڏيءَ ۾ چڙهه، هوٽل تي ويهه، درزيءَ وٽان ڪپڙا وٺڻ وڃ، واهه واهه آهي! ’بادل‘ هر ڪو شوقين پڙهي.

”يار ڪيئن ٿو ڀانئين پليجي واري ڪهاڻي؟“

هئه هئه ”انهيءَ ماڻهو جي زيارت ڪجي.“

”چون ٿا زرينه بلوچ جو مڙس آهي“ (ماڻهن کي الائي ڪٿان پتو پيو آهي!)

”گاڏيءَ ۾ ويهه“ هڪ دوست ٻئي کي ٽوڪ ٿو هڻي،

”ڇو نه اڇا ڪپڙا پائين، وڏيرو جاڙو جو ٿئين!“

هڪ دوست مون کي چيو، ”يار، پليجو ته ڏيکار!“ هڪڙي ڄڻي ته مون کان سندس ائڊريس به پُڇي. سائين، عوام ته پڄري پيو جنسي- پر اسان هنن تائين نياپو به پهچائي سگهون نه! ڊڄان ٿو ته متان پليجي جي پوڄا نه ٿئي. در حقيقت افسانو اهڙو آهي، جو ڪردارن سان محبت ته ٿئي ٿي، پر اوتروئي لکندڙ سان ٿئي ٿي.

 

عورت جي مظلوميت جو هڪ واقعو اڃان به ٻڌائي ڇڏيان، جو مون کي پنهنجي فنڪارانه گولائين کان به مٿي کڻي ويو- ان عورت جو ڌڙ ٽڪر ٽڪر ٿيل هو ۽ سسي ڌار. مون پنهجن هنن هٿن سان ان جي جهنڊولن (بي ترتين وارن) مان جهلي، ڌڙ جو ڳترا ڳترا ٿيل گوشت کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر. . .

ها، ته اِهو به ٻڌي ڇڏيو- ڏيپلي مان مئٽرڪ پاس ڪري، شاهه عبدالطيف گورنمينٽ ڪاليج، ميرپور خاص ۾ داخلا ورتيم- انهي وقت سنڌيءَ ۾ مئٿس (Mathas) سان تازو تازو نينهن لاتو هوم. سنڌيءَ ۾ ته رقيب جام هئم. پاڻ واري سنڌي نه، هيءَ اُها سنڌي آهي، جنهن  ۾ ”خبر“ جو جمع ”اخبار“ هوندو آهي ( خبرون نه). ويچاري سنڌيءَ اَڀاڳڻ سان اڃان ته سـِر جون سَٽيون ڏيندا اچون. پر مئٿس ۾ رقيب ڪونه هئم، سو 96 سيڪڙو مارڪون کڻي داخل ٿيو هوس.ويچاريءَ محنت ڪانه ٿي گهري، ذهن کپيس ٿو. وڏيري جاڙي وارو راڄ ڏاڍو ٿيو. Maths ۽ جوڻيجي هارايو. چئن مهينن جي رهيل في ڀري ڪونه سگهيس، منهنجو بسترو هاسٽل سپرنٽينڊنٽ ضبط ڪيو. آءٌ پارٽنر کان اڍائي روپيا اڌارا کڻي اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيس،رات جا اٺ ٿيا هئا، سيءُ هجي ڇا، منهن ٿو ڪڍين ته سيءُ پٽڻ ٿو اچي. 12 بجه گاڏيءَ  فضل ڀنڀري اچي سَٽيو، سياري جي ڪاريءَ ڪاريءَ رات ظلم وانگر. گاڏيءَ ته ڌڌڪا هڻي رواني ٿي ويئي. . . . . .

”ڪهڙو آهين؟“ اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ بابوءَ پڇيو.

”عبدالقادر.“

”وڏيرا (سماٽ جي هر ماڻهوءَ کي ”وڏيرو“ چون.) وِچان متان وڃين، ڍورو تار ٿي ويو آهي.“

فضل ڀنڀرو نئين ڪوٽ کان پوءِ ايندڙ اسٽيشن آهي. فضل ڀنڀري کان اسان جو ڳوٺ سَر ڏکڻ ٽي ميل آهي. پر ٻه ميل ڏاڍيءَ جا ڪري ماڻهو ڍوري ۾ ايندو آهي. اُتان واريءَ شروع ٿيو وڃي. ڍوري جي اُترئين ڪپ تي لَئين، ڪنڊن، ٻٻرن ۽ کارين ڄارين جو گهاٽو جهنگ.آهي. ڏاکڻئين پاسي ٿوهرن، ڪنڊن ۽ مٺين ڄارين جا اهڙا ويڙها آهن، جو اندر  پنجاه اُٺيون ٻڌي ڇڏ، ڀاڳيو ته ٺهيو پر ڀاڳئي جو ٻاپ به ڪونه ڏسي سگهندو. اِهو ڍورو سانگهڙ وٽان شروع ٿئي ٿو. سوين ميل لتاڙيندو، گولائينءَ تي هلندو، حيدرآباد ضلعي جي ڏاکڻئين ڀاڱي وٽ رڻ سان ٻکين اچيو وڃي، اُتان پوءِ هڪ ٿيو ٻئي ڄڻا ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻئين حصي وٽ سمنڊ کي ٽڪرون ٿا هڻن. البت وچ ۾ کنڌڪ پَئي ويا آهن، گهاٽا جهنگ ٿي ويا آهن. ڍوري جي ٻنهي ڪپن تي پراڻين بادشاهين جا کنڊر ٿا ملن. مون کي هڪ سـِڪو هٿ آيو هو جنهن تي عربيءَ ۾ اکر لکيل هُئا، جو مون کان گم ٿي ويو. توبن جا گولا اڃا جام پيا آهن. سـِرن جهڙا آهن رنگ ۾، گولا آهن، ماڻهو هٿ ۾ جهلي اُڇلائي سگهي ٿو. روڊ تي پيو هڻ، ڀڄڻ جا ٻيا ٿيا خير، اسان وٽ ڍوري جي ويڪر ايتري آهي، جو هڪڙي ڪپ تي بيهي ڪو زور آور نوجوان ٺـِڪري تاريندو، ته پوري وچ تي وڃي ڪرندي.

ها! ته اُها ڪاري رات هئي، ظلم وانگيان. . . . . .

ٻيو ڪجهه آئنده خط ۾

نيازَ ابن حيات، شمشير ۽ ربانيءَ کي عرض رکندا.

(10)

حيدرآباد، سنڌ

9-9-1966ع

پيارا ڀائڙا،

تو وٽان ٽيون ڏينهن توڙي ڪالهه خط جو انتظار ڪيم، پر نه مليو. شايد اڄ ملي. ان مان اميد اِهائي دل ۾ اُٿي ته تنهنجو ڪم ميرپورخاص منجهان ٿيو، تنهنڪري فوراً اُتان خط لکڻ ضروري نه سمجهي، ڳوٺ روانو ٿي وئين. شل ائين هجي!

تنهنجو افسانو ”وِکَ وِکَ وِههُ“ مليو. سڄو پڙهيم. وري پڙهيم. ڏاڍو سٺو لڳم. هر طرح ان کي جانچي ۽ پرکي ڏٺم. اردو، پنجابي، ٿري ۽ ڀيلن جي ٻوليءَ جا ڊگها مڪالما پهريائين ڪجهه زياده ڊگها، اجوڳيءَ حد تائين ڊگها، لڳا پر ٻه ٽي ڀيرا افساني کي پڙهڻ ۽ ان جي پلاٽ ۽ مجموعي سـِٽاءَ کي ذهن ۾ ويهارڻ کان پوءِ انهن مڪالمن جي طوالت تي پڻ ڪو اعتراض مناسب نه سمجهيم. آءٌ سمجهان ٿو ته هن افساني جو هر پڙهندڙ پهريائين اِنهن مڪالمن جو طوالت تي ڪجهه ناپسندي ڏيکاريندو، پر جيڪڏهن هُن ۾ ادب جي پرک جي ساڃهه ۽ پڻ پنهنجي فوري راءِ تي ٻيهر ويچارڻ جي سُرت آهي، ته هو پڻ مون وانگر ان اعتراض تان آخر هٿ کڻندو.

هن افساني ۾ ٻن هنڌن تي مون ڪجهه ڦيرگهير- بنهه ٿوري ڦير گهير- ڪئي آهي. هڪ هنڌ تي، يعني تنهنجي هٿ اکر لکيل مسودي جي ٻئي ورق تي ’ڇوڪري مڙس‘ جي اڙدو مڪالمي مان هڪڙو جملو- ”يار خدا قسم ميري ڪو ايڪ رات ڪيلئي هاٿ آجاتا تو تم لوڪ ڪو دس روپئي ڪي مٺائي کلواتا“- ڪڍي ڇڏيو اٿم. اميد اٿم ته اِها ترميم توکي وڻندي. ٻيو وري ڪجهه آخر ۾ تنهنجي جملي”پر ڏسڻ وارن جون نظرون ست ڪوٽ چيري به پهچي وينديون آهن“کي ڪجهه بدلائي مون هيئن ڪيو آهي- ” پر ڏسڻ وارن جو نظرون ڇا ڏسن؟ ڪٿي ڏسن؟“ هاڻي، انهيءَ ترميم لاءِ آءٌ پاڻ شش پنج ۾ آهيان ته موزون آهي يا نه، تو واري جملي کان وري به هيءُ پوئينءَ صورت وارو جملو مون کي ڪجهه وڌيڪ دل کي آئڙي ٿو، ۽ وڻي ٿو. وڌيڪ تون پاڻ افساني جو لکندڙ آهين- جيئن چيئن تيئن ڪجي. ممڪن آهي ته وچان ئي ٻيا ڪي لفظ هن جملي ۾ آڻڻ لاءِ تنهنجي من ۾ سُجهي اچن. ڪيئن به هجي، هن خط ڏسڻ سان انهيءَ بابت پنهنجي راءِ ترت لکي موڪل ته اُن موجب انهيءَ جملي کي بيهارجي.

هيءُ افسانو اڄ غلام نبي مغل کي شام ڌاري ڏيئي ڇڏيندس. ڪالهه ٻڌايو هو مانس. اڄ اهو مون وٽ ايندو ۽ افسانو کڻي ويندو.

آءٌ 11 تاريخ شام جو لاهور وڃي رهيو آهيان، وري اتان 17 تاريخ هتي واپس پهچندس.

زياده خير- واسلام

تنهنجو محمد ابراهيم

(11)

ڳوٺ ڪمال خان پتافي

14-9-1966ع

سائين،

ڳوٺ جي ائڊريس تي موڪليل خط مليم-هينئر جڏهن اُن جو جواب هـِت اسڪول ۾ ويٺو لکان تڏهن اوهان لاهور جي رونقن ۾ گم هوندئو يا سوچ جو بار سـِر تي کڻي ڪنهن آفيس يا ميٽنگ ۾ ويا هوندا يا مُرڳو بازار ۾ ڪنهن اسٽال تان مون لاءِ ڪو پنجابي رسالو وغيره خريد ڪندا هوندا. اوهان جو لاهور الائي ڇو وڃڻ ٿيو آهي. معنيٰ ته سنڌ جو نَڪُ، سنڌي ادبي بورڊ سڄو سارو، لاهور جا پيو چڪر ڪاٽي.

سائين خط ته آفيس مان نڪرڻ شرط لکيو هوم ها! ايترو محسوس ڪيو هوم ته جنهن ڏٻي ۾ خط پيو وجهان اِهو کوليندائي ڪونه. جيتوڻيڪ ڏٻي ويچاري کي ڏاڍا ڪلف ڏنل هُئا، بازار جي وچ تي هو، پر پوءِ آءٌ الائي ڇو بي اعتبارو ٿي پيس! سمجهان  ٿو هن  وقت جي آفيسن ۾ بي اعتباري ئي ان جو سبب هُئي.

آءٌ آفيس ۾ ويو هوس. ڊکڻ صاحب وٽ ويس. گهڙندي ساڻ ٽاٽائيءَ مان سوال  پڇيائين، ”ڪهڙو ڪم آهي؟“

”سائين بدلي“

”بدلي ڪونه ڪندس“، ڪاغذن تان ڪنڌ کڻندي چيائين.

”پر سائين اوهان کي جويي صاحب جن چيو هو“

”جويو صاحب“ چئي، اکيون پوريائين، ڪنڌ کي ٻه ڌوڻون ڏنائين ۽ درخواست تي صحيح ڪندي چيائين، ”پوءِ آءٌ ڪوشش ڪندس.“

معنيٰ ته آسرو ڏنائين، ۽ هاڻي آسري ۾ ويٺو آهيان ته ڪڏهن ٿو آرڊر ملي ۽ ڪڏهن ٿو اُڏامان. ضرور ٻه ٽي آرڊر گڏي ڪڍندو، دير لازمي آهي.

مينهن به ٿر تي جام پيو آهي، پر وقت سـِر ڪونه آيو. ٺنگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي ۽ ڏيپلو ته چار آنا بحال ٿيا، پر اسان جو مسڪين مُهراڻو لڙهي ويو. مال جا چَڪ ٿي پيا آهن . ٻاجهريون ته ماڻهن ڀيلائي ڇڏيون هُيون.

اِفساني ۾ ڪيل صفائيءَ جون مهربانيون. مون موڪليوئي ان لاءِ هو ته ڪنهن سُڄاڻ سائينءَ جا هٿ نصيب ٿين. اسين ته اڃان پنهنجي لکڻين جي شروعاتي دور مان پيا مَٽيون، ڪڏهن ته ڀٽ جي ڪنهن وڏي ٽَونڪ تي بيٺا مُڇون وٽيون، سينڊون هڻون، ۽ ڪڏهن وري ڪنهن اونهي ڏرڙ ۾ پٺا کوڙيو پيا آهيون. پاڻ اُنهن دوستن مان ڪونه آهيون جيڪي پنهنجي افساني کي سڳي ڏوسـِي( زال) سمجهندا آهن ۽ ڪو هٿ لائيندو آهي ته وٺي رڙيون ڪندا آهن. غيرت ۾ مڙسن جون اکيون ڳاڙهيون ٿيون وڃن. پوءِ ته سائين مڙس ائين پيا ايندا آهن جهڙا  هيکلائي وٽ هيٺان اُٿيا هُجن.

ها، ايترو سو احساس ٿيندو اٿم آءٌ پنهنجي بيمار پيدا (تلخيق) مان ڪنهن چڱي سڄاڻ کي ڦاسايو ٿيو ڇڏيان. پر شابسون هجن دوستن يارن کي جي پير پيا ڀرين. موليٰ سَوَلي ڪَندن.

اوهان جي ”مهراڻ“ به سڄي ساري پڙهي ويو آهيان. گهڻا تڻا مضمون اڳ پڙهيل هُئم، پر هن ڀيري به ڪافي مزو آيو. اُميد ته آئنده ”مهراڻ“ ۾ ’پرک‘ جي کوٽ جيڪا محسوس ڪئي وڃي ٿي، سا ضرورو ڀربي. شل ايڊيٽر پنهنجي ٿولهه گهٽائي ته ڪو ڪم ٺهي. نه ته مڙس ڳرو، پوءِ يڪيون ديريون، سائين اِجهو ٿي ”مهراڻ“ نڪري، بس اِجهو! آسرا ئي آسرا، هوا ۾ پيا اُڏامون.

وري ٻئي ڀيري-

چڱو ساجوڙِي (خدا حافظ)

عبداقادر جوڻيجو،P.O. فضل ڀنڀرو، ٿرپارڪر.

سلام سوکڙيون- رباني، پليجو، شمشير، ابن حيات پنهور لاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org