سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو : 7 

(42)

جنهاڻ

17 آڪٽومبر 1967ع

پيارا سائين!

وقت پيو گذرندو وڃي پر اوهان ڪو به احوال نه ڏنو آهي، خبر نه آهي ته ڇو؟ شايد جيڪب آباد ايتريقدر راس اچي ويئي اٿو، جو .............. مون هڪ خط اڳ لکيو هو ۽ هيءُ ٻيو خط پيو لکان. سائين! سچ ڪري پڇو ته مون کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، نه قلم ٿو ڪم ڪري ۽ نه ذهن- ٻيو ته ٺهيو پر چڱي خط لکڻ جي به طاقت نه رهي اٿم- هيءُ خط به الائي ڪهڙو آهي؟

هن وقت ٿر ۾ ماڻهن ٻاجهرون لڻي ڇڏيون آهن، في الحال ته اناج جام آهي. اڳتي هلي  ڇا ٿيندو اُن جي خبر کاتن کي آهي......

ڇا لکان؟

اڳتي ڪجهه نٿو سُجهيم.

والسلام

عبدالقادر جوڻيجو

(43)

مٺڙا سائين!

ڳپل ڏينهن  جو پتو ڪٽجي ويو آهي، جو نه ته ڪو آءٌ چڱيرو خط لکي سگهيو آهيان نه وري اوهان حال احوال اوريا آهن. سچ پڇو ته اوهان جي ياد دل جا دروازا کڙڪائيندي رهندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو زور سان ٽڪرون هڻندي آهي، جو بس. منهنجو  حال اِهو آهي جيئن ”واڳ ڌڻين وس“. آءٌ اوهان پارن بزرگ دوستن يا جيڏن جي سهاري جيئندو آهيان. خوداعتمادي ته بـِنـِهين  ڪانه اٿم. يارن جو هٿ اٿئون يا دوست ياد ٿا ڪن ته اسين شير آهيون. نه ته مٽيءَ جي مـِٽيءَ جتان آيا آهيون ۽ جيڏانهن وينداسون. هاڻي ته سرد هوائن به ترڻ شروع ڪيو آهي. اُترين هوا ته اچي ٿي پر اُتران  خط نٿو اچي. صرف  ٿڌي هوا آهي، جا اسان جيءَ ٿڌ ۾ واڌارو ڪندي وڃي.

مُلڪ هينئر موج ۾ آهي. محنتي هٿن جا قافلا وقت  جي وهڪ ۾ هلندا ۽ هلندا پئي رهيا آهن۽ وري انتظار اٿن آئيندي مند جو- ڪجهه آڻيندي يا نه ان جي پرواهه نه آهي. اوهان واري ساڳي ڳالهه: هيٺ ڌرتي مٿان پتا آسمان، وچ ۾ توڪلي انسان- گاڏي پيئي گيهلجي. انجڻ پراڻي ٿي ويئي آهي، ٽٽڻ تي آهي ۽ ضرور ٽٽندي. انسان ذات جي قسمت مٿان اونداهين جو ڳرو چڪر هلندو وڃي، ۽ اِهو چڪر آهي اِن ڪري پورو ضرور ٿيندو. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي، پري پري تائين رڳو چڪر جا ڪارا پٽا ٿا ڏسجن. پر چڪر جو ٿيو.

آسمان جي ويڪراين ۾ ڊوڙندڙ هن ڌرتيءَ جي عظيم گولي تي لکن سالن کان انسان ۽ ’ڏڪارئي‘ جي وچ ۾ ڌوڌان ڌوڌ جنگ لڳي اچي. اڃا انسان جا هٿ اوچا آهن، همت ڪانه هاري اٿس. جنهن کي صديون تباهه نه ڪري سگهيون ۽ جن صدين کي تباهه ڪري ڇڏيو سي هن ڪاريءَ اونداهه جا ڪڏهن ڪڏهن وڻ وڄائي ڇڏيندا. ڊگهي ڪاريءَ رات  جو مانڊاڻ پيو ٽٽي ۽ ڦـِٽي- ويو ۽ اک ڇنڀ ۾ ويو. انسان ذات کي تباهه ڪرڻ جو وڏو هٿيار جنگ آهي. پر ان جو به مُٺيو ڀڄي پيو آهي. مڙيئي ماڻهو ماڻهوءَ کي سڃاڻڻ لڳو آهي، اکين تان عينڪ لٿي آهي.

هيستائين جو چڱو انسان ٻاهر راتين ۾ چـِٻرا ڏسي ۽ اندر جي اونهارين ۾ گهرا ڪارا  ڏرڙ ڏسي، فرار حاصل ڪندو آيو آهي، صرف اندر جي درين ۾ ڏيئا ٻارڻ خاطر. ۽ ٻاهر جي ڳالهه ته ٿي پرائي وس پر پنهنجو اندر اُجاري ويا (جهڙوڪ صوفياء ڪرام). پر اڄ جو انسان ٻنهي وجهن تي پيو وڙهي- اندر لاءِ روشني ماضيءَ کان پيو وٺي ۽ اُهائي روشني کيس ٻاهرينءَ اونداهه کان بچائيندي اچي. اڄ هو فراري  نه آهي، اِهوئي وڏو ثبوت آهي سچ ۽ چڱائيءَ جي کٽڻ جو.

 جل جل مشعل........

..................................

.................................

................................(اِهو گيت ياد اوهان کي هوندو، مون کي صرف مفهوم ياد آهي.)

اڄ جو انسان رڃ ۾ رڙيون ڪريون ڀڄي ڪونه ٿو- اڄ يا ته رُڃ هوندي يا رُڃ جا ويري.

واسلام

عبدالقادر جوڻيجو

متان ائڊريس گم ٿي ويئي هجي، اِجها حاضر آهي:

P.O Fazl Banbhoro, Tharparkar,

Sindh

To: Abdul Kadir Junejo,

Vallage Janhan

(44)

جيڪب آباد

14-11-1967ع

پيارا عبدالقادر،

 جڏهن تنهنجو ٻيو خط هوم تڏهن توڏانهن فوراً جواب لکڻ ويٺو هوس. ان جا پهريان جملا هي لکيا هئم: ”تنهنجو ٻيو خط اڄ مليم. چڱو جو يادگيري ڪَيئي. ماڻهوءَ جي دل اونهي سمنڊ مثل آهي. ڪڏهن اُها موج ۾ آهي، ڪڏهن بنهه سانت ۾ هميشه هر ڳالهه ساڳيءَ حالت  ۾ ڪانه  ٿي رهي. سو جيڪڏهن تنهنجو قلم تنهنجو چيو نٿو ڪري، ته اُن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته ساهي ٿو کڻي. ۽ جيڪڏهن تنهنجو ذهن  ڪم نٿو ڪري، ته به مطلب اِهو ٿيو ته اُهو ڪنهن ٻئي، وقتي طور، زياده دلپسند ڪم ۾ رڌل آهي- پوءِ اُهو ڪم تنهنجي پنهنجي نظر ۾ کڻي ڪم ئي نه هجي- ”سُتا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.“ سمهڻ، آرام ڪرڻ، ساهي پَٽڻ يا ڪا دل جي ورونهن لاءِ تفريح ۽ وندر جي ڳالهه ڪرڻ- اِهي به ته ڪَمَ آهن. پورهيت دماغ ۽ پورهيت هٿ پيرَ ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پون  ته پوءِ انهن کي  ساهي کڻڻ  ئي گهرجي.“ اِهي ٻه چار جملا لکي، خط کي وچ ۾ ڇڏي ڏنو هوم، پوءِ سُستيءَ جا کيپ چڙهي ويا، ۽ تنهنجو ٽيون خط به اچي پهتو. توکي خبر آهي ته خطن لکڻ ۾ آءٌ ڏاڍو سست آهيان. توکي ڪيترا  ڀيرا چيو اٿم ته مون وٽان خط نه مليئي ته دل ۾ نه ڪندو ڪج. پر اوهين آهيو نوجوان- پاڻ زورا ۽ پنهنجيءَ تي هلڻ وارا: اوهين ته پاڻ اسان جو ڏڍ ۽ ڀرجهلو ٿيو، پر گُهرو اُٽلو اسان هيڻن کان پيا ٿا پاڻ لاءِ آسرا ۽ ٽيڪون. سو آئنده توکي خط جو خط سان ضرور لکبو. ٻيو نه ته مَن تووٽان قرب ڀريا خط ئي مون وٽ ايندا رهن. اِهي سڀ آءٌ پاڻ وٽ  رکندو ٿو وڃان. ان مان تون سمجهي سگهندين ته ڪيتري نه منهنجي دل ۾ تنهنجي خطن لاءِ عزت ۽ محبت آهي. ٿر معنيٰ مارئيءَ جو ملڪ، ۽ مارئي هئي محبتياڻي، هن کي محبت هئي پنهنجي مارن سان ۽ پنهنجي ملڪ ملير سان. اڄ جو نوجوان به لائق ۽ حلالي اُهو ئي چئبو، جو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ۽ پنهنجي ملڪ سان محبت رکي ٿو. ”ملڪ جا مارو ۽ مارُن جو ملڪ“- اِنهن سان جيئڻ، انهن سان مرڻ، انهن لاءِ جيئڻ ۽ انهن لاءِ مرڻ. ان کان وڏو مقصد زندي کي ڦلدائڪ بنائڻ جو هن زماني ۾ اسان لاءِ ٻيو نه آهي، نه ٿي ٿو سگهي. تو اُن پاسي جو آهين، جتان اسان کي اِهو عظيم سبق مليو آهي. تنهنڪري تنهنجي حال احوال ۽ تنهنجي خبرچار جو ڏاڍو انتظار رهندو اٿم. مهرباني ڪري ڪڏهن به نه وسارج ته هـِتي هـِن ڪُنڊ ۾ ويٺي آءٌ تنهنجي خيريت جي احوال جو انتطار ڪندو رهندو آهيان.

 جيڪب آباد جي هيءَ موسم  ڏاڍي دلپسند آهي. سڄو نومبر اِها موسم جي دلبري قائم رهندي. گرمين جي پڄاڻيءَ کان پوءِ هـِن وڻندڙ هوا ۾ جيڪب آباد جا ماڻهو  ڦولارجي  ٿا پون. راڳ، محفلون، شاديون مراديون ۽ رانديون رونديون- مطلب ته ڳالهه ئي ٻي ٿيو ٿي وڃي. هـِتي جا ماڻهو ” ڪوڏِي ڪوڏِي“ ۽ ”فٽ بال“ راندين  جا بيحد شوقين آهن. اسان جي اسڪول ۾ پڻ ڇوڪرا شام جي وقت هر قسم جون رانديون ڪڏن ٿا. ڪوڏي ڪوڏي، فٽ بال، ڪرڪيٽ، بئڊ منٽن، ٽـِبل ٽينس، والي بال- ۽ هاڻي ونجهوَٽي به شروع ڪرائڻ جو ارادو آهي. سڄي ضلعي جي اسڪولن جا راندين جا مقابلا 11 تاريخ کان شروع ٿيڻ وارا آهن- سي به اسان جي اسڪول ۾ ٿيندا. سومر ڏينهن 6 تاريخ ششماهي امتحان به اسڪول جا شروع ٿي رهيا آهن، جي چار ڏينهن هلندا. ڊبيٽ ۽ تقريرون به هر ٻئي هفتي ڇنڇر ڏينهن ڪرائيندا آهيون . ارادو آهي ته هن سال اسڪول جي هڪ مخزن به تيار ڪري شايع ڪرايون. مطلب ته دل واڳجي ويئي آهي، ۽ هر طرح خوش وقت پيو گذري.

پنهنجي علاج جي سلسلي ۾ هڪ مهيني جي موڪل لاءِ درخواست ڪئي اٿم، سا اميد ته 20 نومبر کان ملي ويندي. ڏندن ۾ ڏاڍو سور ٿو ٿئيم ۽ انهن جو مڪمل علاج ضروري آهي. ۽ اِهو حيدرباد ۾ ڪرائڻ جو ارادو آهي. اِهو سڄو مهينو اُتي رهندس. اِنهيءَ وچ ۾ جي تون حيدرآباد آئين ته ضرور ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي.

سائين جي. ايم. سيد تي وري ٽن مهينن جي پائبندي وڌي اٿن- پهريائين ٻن مهينن کان پوءِ هڪ مهيني جي ۽ هاڻي وڌيڪ ٽي مهينن جي. ستين ۽ اٺين تاريخ سندس ڳوٺ سن ۾ شاهه حيدر جو ساليانو ميلو لڳندو- ان موقعي تي سن اچڻ لاءِ لکي موڪليو اٿس. ارادو پيو ڪريان ته ٻن ڏينهن لاءِ اِنهن تاريخن تي وڃي کانئس ٿي اچان. جي نه ويس، ته به 2 تاريخ کان پوءِ حيدرآباد مهينو کن رهڻ ٿيندو، سو اُنهن تاريخن ۾ ڪو وجهه وٺي ساڻس ملي ايندس. سنڌ جوسيد اعظم يعني وڏي ۾ وڏو محبت ۽ عزت لائق اڳواڻ ۽ خادم آهي. اهڙا جيڪڏهن پنج ٻيا مجاهد مرد سنڌ ۾ پيدا ٿين ته هوند سنڌ جي نجات ممڪن ٿي پوي- ممڪن ڇا بلڪ  يقيني بنجي وڃي. دراصل ملڪ ۽ قوم جي آزادي قربانين ۽ عظيم  جدوجهد سان ئي حاصل ٿئي ٿي. ۽ قرباني ۽ جدوجهد شخص ڪندا آهن ۽ عوام کي انهن لاءِ تيار ڪندا، آڀاريندا ۽ اڳتي نيندا پڻ ڪي خاص شخص آهن. سنڌ کي انهن  چند خود فراموش ۽ خود فروش وطن دوست مجاهدن جي ئي ضرورت آهي. ورنه اسان جا ماڻهو هر جُهد ۽ هر ڪوشش لاءِ، هر قربانيءَ ۽ هر مقابلي لاءِ نه فقط تيار آهن بلڪ اُنهن ۾  ڪامياب ثابت  ٿيڻ جي صلاحيت پڻ رکن ٿا. عوام عظيم آهي، عوم اعظم آهي- زنده باد، پائنده باد انسان ۽ انساني  عوام.

تو آڪٽومبر جو”روح رهاڻ“ پڙهيو آهي! اُن جا شعر پڙهيا اَٿيئي! ڪير آهي، جو سنڌ جا، سنڌ جي شاعرن جا، سنڌ جي عوام اِهي دلي اڌما پڙهي ۽ ڏسي ۽ ٻڌي دل لوڙهيندو ۽ نااميد ٿيندو. اسان جي روشن مستقبل جا اڏول ۽ حوصله مند اڳواڻ ۽ نديم آهن اسان جا شاعر ۽ اديب. سلام آهي اُنهن تي انهن جي ڏَڍَ تي اسان اڌ مئل انسان به جاڳيو ۽ جيئرا ٿيو ٿا پئون. شال جيئن، وڌن ويجهن ۽ سلامت رهن.

هـِتي جي ادبي سنگت چڱو ڪم پيئي ڪري- جيتوڻيڪ اختلاف اٿن ۽ هڪڙ يارن جو ٽولو پڙ ڪڍي پري بيٺو آهي. آءٌ وٽن يعني سنگت جي ڪچهرين ۾ ويندو آهيان. مطلب ته هر طرح سان ڀرپور وقت پيو گذري. اسان جو سکر وارو يار به ڏهين پندرهين ڏينهن ملندو رهندو هي- ۽ ڀيري ڀيري سان پنهنجي شاعريءَ جا کيپ ڏيئي ڇڏيندو آهي. تون مڙيئي مهرباني ڪري يار محمد کي وقت بوقت خط لکندو رهج. اِهو اسان جو يار ڪجهه ويڳاڻو ٿو رهي. اسان کان، يعني مون کان، هو نه ٿو سَرچي ۽ نٿو پـِرڀي. سچ ته هُن لاءِ دل ڏاڍي ڀرجيو ٿي اچي.

تنهنجو محمد ابراهيم.

(45)

پيارا سائين!

 اوهان ڏانهن هڪ ڊگهو خاصو خط لـِکي فضل ڀنڀري ڏانهن پئي آيس. واٽ تي واٽر تان ٽپندي خط ته ٿيو  ڀيل واري ڳالهه ”ڌو منهين پاڻيءَ ۾!“ خط کي بچائي ورتم پر حالت اِها رهي، جو لکي به الهڏنو ته پڙهي به الهڏنو، لکاني جي پڙهڻ کان پري هو. بهرحال فضل ڀنڀري پهچي، پڇتاءُ ويڳاڻيءَ مرڪ ۾ وٽڙي ويو، جو اوهان جو خط پيو هو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ئي ته هڪ خط نصيب ٿيو هُئم. باقي رهيو منهنجو ڀڳل خط سو اڃا تائين نقل نه ڪري سگهيو آهيان ۽ جڏهن به نقل ڪيم تڏهن مليندس- ۽ ائين ته نقل ڪرڻ  لاءِ مون وٽ مواد به جام پيو آهي. هڪ اُردوءَ جي مشهور ترقي پسند نقاد ممتاز حسين (جنهن کي اُردوءَ وارا ترقي پسندن جو امام آخر زمان چوندا آهن) جو ڊگهو مضمون ’ادب ۽ سائنس‘ جنهن ۾ هُن ادب ۽ سائنس جي ٽڪر تي ڄاڻيندي ، اِن مرڪزي خيال کي چٽو ڪيو آهي ته موجوده وقت ۾ پريشان خيال فنڪار ائين چوندا وتن سُڪون ۽ شاعريءَ کي سائنس تباهه ڪيو آهي، سو هرگز ائين نه آهي بلڪه موجوده سائنس جون تحقيقاتون ۽ تخليقون صرف وڏي طبقيءَ وارا پنهنجي ظلم ڪرڻ لاءِ استعمال پيا ڪن. اُهو سائنس ظلم نه ڪيو بلڪه پونجيواد جوڙجڪ ائين ڪيو آهي. سائنسدانن ته انسان کي فطرت جي ظلم کان آجو ڪيو پر فطرت جي جاءِ مٿانهين طبقي اچي ورتي آهي ۽ هاڻي سائنس کي اُن طبقي کان آزاد ڪرڻو آهي. مطلب ته مضمون نگار ڏاڍيءَ چٽائيءَ سان هڪ عاليشان مضمون لکيو آهي. اِن مضمون کي مون ترجمو ڪيو آهي. پر ڪهاڻي ”ڇانهان“ به لکي اٿم ۽ ان کان پوءِ ڪهاڻي ”وڃايل ڌنڌ“ به لکيم.جا لڏي ويلن جي باري ۾ هڪ ڌنڌ وانگيان ياد آهي، تنهن  کان سواءِ هڪ مضمون لکيو اٿم ،امداد جي اُن مضمون جي جواب ۾ جيڪو پاڻ ’عبرت‘ ۾ ڇپايو هُئائين. عنوان  هوس ”شاعريءَ جي زوال پذير ٿيڻ جو انديشو“. ننگر پارڪر جي لوڪ ڪهاڻي “سڏونت سارنگا“ جي آڌار تي هڪ ڊرامو ريڊيائي پڻ لکان پيو. شايد ان لوڪ  ڪهاڻيءَ جي بنياد تي ڀارت ۾ ’سارنگا‘ نالي فلم به بنجي چُڪي آهي.

هاڻي اوهين ئي ٻڌايو ته ڇا نقل ڪيان ۽ ڇا لکان؟ آيس مزي ۾ ته ڏينهن رات هڪ ڪري سڀ ڪم چُڪائي وٺندس. بهرحال منهنجي پسنديده ”وڃايل ڌنڌ“ اوهان کي ڏيکاري اُن تي راءِ ضرور وٺندس.

پليجي ڏانهن هڪ ميار اٿم، جو پاڻ ڪتاب  ”انڌا اونڌا ويڄ“ ڇپايائين پر هڪ ڪاپي نه موڪليائين. اسان کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙا ڦاڙها ماريا اٿس ۽ هاڻ اوهان اِها ميار وٽس پهچائي ڇڏيندا. کيس سلام عرض آهن. پنهور کي پڻ سلام عرض آهن. B.A (Part-I) ۾ پاس ٿيو آهيان.

والسلام عبدالقادر جوڻيجو

(نوٽ:3-12-1967ع تي حيدرآباد ۾ مليو،- محمد ابراهيم)


 

(46)

حيدرآباد، سنڌ

1-12-1967ع

پيارا ڀاءُ عبدالقادر،

 تنهنجو خط هـِتي ٽين تاريخ مليم. مون کي  پهرينءَ تاريخ کان موڪل ملي. رمضان جي عيد تائين هتي هوندس. بي. اي. جي پارٽ پهرئين  ۾ پاس ٿيو آهين. مبارڪ هجيئي. ٻيو به، جيڪي خط ۾  لکيو اٿيئي ته لکين ۽ پڙهين پيو، تنهن مان مون واريءَ ڳالهه  جي تصديق ٿئي ٿي ته پورهيت ماڻهو ساهي پَٽي، وري جو ڪم کي لڳندو آهي ته ڪم جا لاههَ ڪڍي ڇڏيندو. سو تو ايترو ڪجهه پڙهيو آهي ۽ لکيو آهي- گذريل ٿوڙيءَ مدت ۾- ان ڳالهه تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اِن جون به توکي مبارڪون هجن. باقي مون وارو خط، سو جيڪڏهن هيلتائين نقل ڪري سگهيو هجينس، ته مهرباني ڪري ڏيکاري موڪلج. ”سڏوَنت سارنگا“ جي ريڊيائي ڊراما پڙهڻ جو به ڏاڍو شوق اٿم.  جڏهن پورو ٿئي، تڏهن ترت موڪلج. تڪڙ ڪانهي، ڀلي پهريائين پنهنجي مُداوَ تي پورو ٿئي. رسول بخش پليجو بي ميار آهي. هونئن به اِهو ڪتاب ”اونڌا اونڌا ويچ“ هڪ اڍائي روپيا قيمت رکي اٿس. جُملي 120 صفحا اٿس. ڪنهن  يار دوست کي خاص ڪونه تحفي طور ڏنو اٿن. مون کي هڪ ڪاپي رسول بخش پاڻ ڏني هئي. جوکيس ڪي ست اٺ ڪاپيون مليون هيون. ان کان علاوه مان پاڻ هـِتي ۽  جيڪب آباد ۾ دوستن  کي ڏيڻ لاءِ هيلتائين پنج ڪي ڇهه ڪاپيون پيسن تي بڪ اسٽالن تان- سو به ريلوي بڪ اسٽالن تان- وٺي چڪو آهيان. ڪتاب ته اهڙو آهي. جو ضرور پڙهجي ۽ سنگت ساٿ کي ۽ دشمن دوست کي به پڙهاجي. سو لاچار وٺڻو ۽ ڏيڻو ئي پوي ٿو. منهنجي ليکي ته توکي دوست هيستائين ڪاپي ڪيئن نه ڪيئن هٿ اچي ويئي هوندي. توڏانهن هوندي. توڏنهن آءٌ اِها هڪ ڪاپي وٺي ڏينهن ٻن ۾ ڏياري موڪليندس.

مون مهيني جي موڪل ڏندن جي علاج لاءِ ورتي آهي، سو چوٿينءَ تاريخ کان داندان سازڊاڪٽر جي حوالي آهيان. علاج مهينو کن لاڳيتو هلندو. سڄو ڏينهن گهر ويهڻو پوندو. پڙهڻ لکڻ جو ڪم مڙي.ئي دلپسند مشغلي طور چڱو ٿي سگهي ٿو.

الف. ح جوخط ” بادل ۾“ اتم جي نالي پڙهيو هوندئي هيءُ همراهه ايترو سادو ۽ سڌو ناهي جيتري قدر پاڻ کي دوستن وٽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هونئن پوليس (جاسوسي)، اطلاعات ۽ ريڊيو اُهي محڪما آهن جيڪي چوويهه ئي ڪلاڪ خدمت گذاريءَ طور هڪڙو ڪوڙ گهڙيندا، سچ کي بي آبرو ڪندا. طاقت نه حڪم جي پرستاري ۽ پذيرائي ڪندا رهندا آهن. سو انهن سان وابسته  ڪنهن شخص کان خلوصَ، ترقي پسنديءَ يا انقلاب  دوستيءَ جي اميد رکڻ چريائي آهي. بلڪ اِها انهن جي فرض ادائي ۾ شامل آهي ته مخلص، ترقي پسند ۽ انقلاب دوست ۽ اديبن ڪارڪنن سان لاڳاپو، سنگت ۽ همنوائي پيدا ڪن ته جيئن پنهنجي منصبي فرض کي وڌيڪ ڪامبيابيءَ ۽ هوشياريءَ سان ادا ڪري سگهن. اسان دوستن اهو خيال ڪيو آهي ته هن کي تمام ٿڌي نموني ۾  پليجو جواب ڏئي، ۽ هونئن ڳالهه کي وڌيڪ نه ڇيڙجي ۽ ڇاڙجي، جو ائين ڪرڻ سان فوري طور وڌيڪ نقصان ٿيندو ۽ شايد مخالفن کي وڌيڪ فائدو ٿئي. پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندو رهج. اميد ته هر طرح سان خيريت سان هوندين.

سلام ۽ پيار سڀني دوستن جا رسن.

تنهنجو

محمد ابراهيم

9-12-1967ع

عبدالقادر جوڻيجو

پوسٽ آفيس ڳوٺ جنهاڻ،

فضل ڀنڀرو

ضلعو ٿرپارڪر

(47)

20-12-1967ع

پيارا سائين!

 اوهان  جو نئينءَ اِئڊپين سان لکيل خط مليم. آءٌ جواب ۾ به نئينءَ ائڊپين سان خط لکان ٿو. مون جيڪي ڪجهه لکيو پڙهيو آهي اُهو پڙهڻ کان اڳ معلوم ڪري اوهان کي خوشي ٿي. مون کي ڀلا ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي ٿيندي! مون کي هونئن ئي اِتي جا يار spiritual son of Joyo چوندا آهن. کڻي ٽوڪ طور چون، پر آءٌ ارهو ڪونه آهيان. امر واري خط جو ذڪر اوهان ڪيو آهي، آءٌ ته ”بادل“ کي بند سمجهيو ويٺو هوس، پوءِ ته الائي ڪيئن نڪتو؟ ڪير ايڊيٽر اٿس؟ امر ڇا لکيو آهي، اُها خبر ئي نه اٿم. ڄاڻَ جو ته ڏاڍو شوق اٿم. پليجو جواب ٿو ڏئي. ڏاڍو سٺو.

تازو ”سهڻي“ جا 15 ۽ 16 نمبر مليا اٿم. بنڊل آهن. انسان دوست اديب دوستن سان ڦٽائي اٿن. هاڻي منهن ڏسن پنهنجو آرسيءَ ۾. آغا به جيڪي ٻه ڪهاڻيون لکيون سي لکيون. اڳينءَ ”شڪست جي آواز“ ۾ شڪست ئي هُئي. هن ڪهاڻي ۾ آغا پنهنجو مانُ پهرين ستن صفحن تي رکيو آهي: پويان ڊگهو پوڇڙ زوريءَ ڳنڍيو اٿس، جنهن سڄيءَ ڪهاڻي کي چالو مال ڪري ڇڏيو آهي. امر جليل کي هينئر ان ڳالهه ستايو ته هو صاحب ترقي پسند نه آهي: ان احساس هيٺ سندس ئي تعصب هيٺ پنهنجي ڪهاڻيءَ کي چيڀاٽي اڌ- مُئو ڪري ڇڏيو اٿس. ٻاهريون ذاتي دٻاءُ ته فن جو هوندو آهي. باقي مزاح ڇپيو اٿن. ان ۾ به بقول ڊاڪٽر عاليه امام ته ”پهکڙي هي“ جيستائين انهن دوستن تي اِهو نظرياتي تعصب رهيو تيستائين پنهجي فن جو خون ڪندا رهندا.

ها سو ڳالهه ٿي ڪيم ته همراهه وڃن  ڪنڌ تي چڙهندا. هينئر ماٺ ڪري ويهي  مٿي کنهڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو. مون خيال ڪيو هڪ خط ٿو لکان ”سهڻي“ کي جو گهڻو ڪري ڇپيندا ته ڪونه، جيئن اڳ ڪيو هئائون. پر ڇوڙيونس ٿا ڦٽاڪو، وجهون ٿا ٻاکاٽاڙو، ملهون به ملهن جهڙيون ٿينديون. کـِههَ به راڄ ڏسندا. همراهه مورڳو چڙهندا ٿا اچن. جيئن  ته هن خط ۾ ”سهڻي“ جي پوين پرچن تي راءِ آهي، ان ڪري اخلاقي فرض ڄاڻي کين ئي لکبو. جونه اِهي يار اِهو طعنو هڻندا وتن ته اسان هنگامي ادب  پيا پيدا ڪريون ۽ پاڻ سڳورا واري سنجيدو ادب پيا لکن ۽ لکائين. ته کين اِهو به ٻڌائي ڇڏبو ته سنجديدگي رڳو اوهان جي امانت نه آهي. مون هيءُ خط تنقيدي سوچي سمجهي، نرميءَ ۽ سنجيدگيءَ سان لکيو آهي. عام سجاڳ پڙهندڙن کي ته غير جانبدارانه لڳندو، پر انهن يارن کي چوچڙي لڳي ويندي. پوءِ وري ڏسنداسون سندن سنجيده  جواب. انهيءَ هوندي به مون کي ٻن ٽن سوالن جو جواب لکي موڪليندا ته ڪيئن ڪجي. (1) اِهو ته اوهان مناسب سمجهو ته آءٌ خط موڪليانِ، جي نه ته اُها ڳالهه ڪجو. (2) اِهو ته اوهان مناسب سمجهو ته ”سهڻي“ ۾ ڇپجي ته واه، نه ته ٺهيو. ۽ (3) اِهو ته  پليجي نه جيڪا ڪهاڻي ’جتي باه ٻري‘ لـِکي هُئي، اُها منهنجي نِظر ۾ گهڻو داخلي آهي، جو سونا ۽ اُميءَ جي اندر جي اُپٽار ڪيل آهي. پر اِنهي حالُو چالو لفظ ”داخليءَ“ مطابق داخلي آهي يا نه اِها ڳالهه پليجي  کان به پڇجو ۽ پوءِ مون کي جواب موڪلجو. اِتي هن خط جو گهڻو ذڪر نه ڪجو، جو اِهي يار ائين سمجهندا ته خط ڪنهن صلاح هيٺ دوستن گڏجي لکيو آهي ”سهڻيءَ“ کي خوار ڪرڻ لاءِ وغيره، ننڍڙيءَ دل وارا آهن نه!

ها! ٻيو عرض ته ”روح رهاڻ“ جا پرچا آءٌ هميشه ميرپورخاص ايندڙن ويندڙن کان گهرائيندو آهيان. پر هن ڀيري اتفاقاً سيپٽمبر، آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جا پرچا نه گُهرائي سگهيو آهيان. منهنجي مالي حالت جي ته خبر اٿوَ. تازو ”سهڻي“ جي وي پيءَ ڦٽي ڇڏيو اٿم، ۽ حيدرآباد جو چڪر به ان سبب ڪري هڻي نٿو سگهان. گهر جي بيماري  مطالعي جي به اجازت نٿي ڏئي. اوهين مهرباني ڪري اِهي پرچا مون کي وٺي موڪليندا. ترقي پسند ادب ڇا آهي اُها مون کي خبر آهي، ريڊيو جي عاليشان عمارتن ۾ ويهندڙن کي ان جو ڪهڙو پتو؟

اڄڪلهه سنڌي ادبي بورڊ جو ڪهڙو رخ آهي؟ ڪم ٻم هلي ٿو يا نه؟ ٻين يارن دوستن جي حال حوال کان واقف ڪندا. مون واري يار شوڪت جي به پارت اٿو- اوهان کي ۽ ربانيءَ کي به. يار محمد پنهور ڪهڙن حالن ۾ آهي؟ ”طول عمره اڄڪلهه ڇا پيو ڪَري؟ آهي حال ۾ يا ڪي اِسڪرو ڍرا ٿيندا وڃنس. سربستو حال احوال موڪليندا.

سلام سڀني دوستن کي عرض.

والسلام

عبدالقادر جوڻيجو

- هُو خط به نقل ڪري موڪلبو، سـِگهو.

(48)

جنهاڻ

1 فيبروري 1968ع

پيارا سائين!

 معاف ڪجو، جو خط ڏاڍي دير لايو پيو لکان. سُستي پُٺي نٿي ڇڏي. دل چوندي آهي ته اوهان ڏانهن ڪو خط لکجي ته، بقول اوهان جي، ’هُجن پيرائتا احوال ۽ پيرائتيون ڳالهيون.‘

پيرائتي ڳالهه هيءَ آهي ته مڙيئي پيا حياتيءَ جي ٺيلهي کي ٺيلهيون. حيدرآباد ۾ اوهان مون کان هڪ  بزرگ ۽ همدردانه رويو رکندڙ جي حيثيت ۾ پنهنجي ’ذات‘  متعلق سوال پڇيا ۽ مون اڻپورا مختصر جواب ڏنا جا عادت اٿم، جا چاهڻ جي باوجود ترڪ ڪري نه سگهيو آهيان.

بس احوال هيءُ ته بورزوا طبقي جو ماڻهو هوس ۽ هاڻي حالت ڪمزور آهي. اِهوئي سبب آهي، جو آءٌ ذهني پريشانين ۾ گهڻو ورتل آهيان- اهڙيون ذهني پريشانيون، جن جي الف کان به اوهين نه آهيو. ڪڏهن ڪڏهن حياتيءَ کي تـِڇ سمجهندو آهيان.

اوهان پنهنجي حال کان واقف ڪندا.

دوستن جا حال احوال وغيره وغيره.

سراج وارن جو رسالو ڪڏهن ميدان تي ايندو؟

اوهين تمام پري ويٺا آهيو. هيڏانهن ڪٿي ويجهي بدلي ڪرائي اچو ته به چڱو.

هُو ڪتاب Soviet Literature  پڙهي سگهيا هُجو ته ”انڌا اونڌا ويڄ“ سميت موڪليو.

ساليانو اِمتحان ڪرائي ڇڏيو اٿم، واندڪائي گهڻي آهي.

 هڪ مزاحيه ڪهاڻي ’فيصلو‘ لکي هُيم، جُا ”سهڻي“ وارن جي خط تي خط اچڻ سببان موڪلي ڏني اٿمان. آهيان ته روئڻو، سوال اِن مزاحيه ڪهاڻيءَ مان مون کي ته ڪجهه نه وڻيو. ڪهاڻي ”وڃايل ڌنڌ“ سگهي اوهان ڏانهن موڪليندس.

احوال سگهو ڏيندا.

                              والسلام

                             عبدالقادر جوڻيجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org