سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو :3  

(12)

فضل ڀنڀرو

17-9-1966ع

سائين،

اوهان هاڻي وارث شاهه جون حدون مٽي آيا هوندا، اوهان جا پير ڀٽائيءَ جي کيههَ کٿوريءَ چُمندا هوندا. هـِير جي پوکيل گلابن جي شادابي مارئيُن (مارئيءَ جو جمع) جي نماڻن نيڻن ۾ گَم ٿي ويئي هوندي.

اڄ ڇنڇر آهي. منهنجي پنڌ جو ڏينهن. ڳوٺ ويندي ويندي اوهان ڏانهن خط پيو لکان. هڪڙو خط اڳ ۾ ئي اسڪول مان لکي چڪو آهيان.

جيڪا مَڻين جي مالها ڪنڌ ۾ وجهي اوهان ڏانهن خط لکڻ ويٺو هوس. سا هڪدم ٽٽي پيئي آهي، جذبا ڇڙو ڇڙ ٿي ويا آهن. تنهنڪري اڳتي لکڻ کان معافي گُهران ٿو.

واسلام

عبدالقادر جوڻيجو،

P.O. فضل ڀنڀرو، ٿرپارڪر.

+  +  +

(13)

ڳوٺ ڪمال خان پتافي

22-9 1966ع

پيارا سائين،

خاطري اٿم ته جڏهن هيءُ خط پيو لکان تڏهن منهنجي ٻن خطن جو جواب ڳوٺ پهتو هوندو، سو ڇنڇر جو وڃي ڳوٺ پڙهندس.

اڄڪلهه آءٌ ڏاڍيءَ ڇڪتاڻ ۾ آهيان. هونئن ته اِها ڇڪتاڻ سنڌ جي بدنصيب عوام سان لاڳاپيل هوندي آهي. پر هينئر آءٌ پنهنجي ذات ۾ پورو آهيان. اُميد ته انهيءَ ڪُنَ مان سگهو ئي پنهنجو پاڻ کي ڇِـڪي ڪڍي ويندس. شايد اِها ذهني ڇڪتاڻ اوهان خط ۾ محسوس ڪريو، ڇو ته آءٌ پاڻ اِهو محسوس ڪريان ته جيڪي ڪجهه لکان پيو سو سڀ بي ترتيب جملا ۽ اڻ پورا خيال آهن- معاف ڪندا. 

ائين کڻي سمجهو ته هيءُ خط لکان ئي ان لاءِ ٿو ته پنهنجي ذاتي ذهني مشڪلاتن جون سنگهرون ڍَريوُن ڪريان. ڪنهن پياري ۽ اثرانداز ٿيندڙ شصخيت سان ڳالهيون ڪري ڪجهه وقت لاءِ ماڻهو ذاتي ٽڙڪندڙ مسئلن کان ڀاڄ (فرار) کايو وٺي. ڪجهه ته آرام اچيو وڃي، پوءِ وري جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي. هن وقت منهنجي هر عضوي تي اڪيلائيءَ جو احساس سوار آهي. جيتوڻيڪ سامهون ڇوڪرن جو سڄو ولر ويٺل آهي. ٻار پنهنجيءَ ۾ پورا آهن. زندگيءَ جي رستي تي نچندا، ٽپندا، ڳائيندا، ڪُڏندا وڃن؛ اِها خبر ڪا نه اٿن ته اڳيان لاڪانئن ڪهاڙين کي روهيءَ تي لائيو پيو وڃي، پر محسوس نٿا ڪن. آءٌ ته ڏسان پيو ته مٿن ڪيترو بار سٿيل آهي. الا! سنڌ جا نڌڻڪا ٻار.

منهنجا سنگتي ساٿي، مٽ مائٽ، سڀ سوچيندا آهن ته آءٌ ڏک پسند آهيان، جيتوڻيڪ آءٌ ته هر انسان ته ڇا پر هي شيءَ کي سُک ۾ ڏسڻ چاهيندو آهيان. ڀلا ،ائين ڇو نٿو سوچيو وڃي ته هيءُ دور (توڙي جيڪو اڳ وهي واپري چڪو آهي) آهي ئي ڏکَ، ڏنگَ. سور، تڪليفون! ائين سمجهو ته هـِتي وِکَ وِکَ وِههُ آهي. يا تنوير جي سـِٽ، ”گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ. پل پل هڪ پور!“ انهيءَ سٽ  جي لفط لفظ تي منهنجو پير آهي، اِهوئي رستو آهي جنهن تي آءٌ ٿڙندو ٿاٻڙندو اڳتي پيو وڃان.

منهنجيءَ همت ۾ هارَ آهي. جيئن پليجي عورت  ويچاريءَ لاءِ چيو آهي ته سندس ڪو مـِٽ ڪونهي، ڪو مائٽ ڪونهي، ڪو ڀاءُ ڪونهي، ڪو پيءَ ڪونهي. سڀ اجايون ڳالهيون، سڀ ٺلها ٺڪاءُ. ائين اونداهين ۾ ڪرندڙ زمين جي گولي جو ڪو به ساٿي ڪونهي، ڪوبه آڏو هٿ ڏيڻ وارو ڪونهي. زمين جو گولو ڦيريون کائيندو، وچڙندو، اونداهين ۾ ٻڏندو وڃي، جيئن پوءِ تيئن رفتار تيز اٿس. اسان پارا ڪي هن گولي جا همدرد آهن ته اُهي رڳو رڙيون پيا ڪن، ٽُنڊا آهن. مَنڊا آهن- ”هاءِ بچايو!“ ۽ گولو ٿڙندو ٿاٻڙندو، تارن کي ٽڪرون هڻندو پيو وڃي. سڀ ادب ، سڀ فلسفا ، سڀ ڪتاب بڪواس آهن، رڙيون آهن، خواب آهن ٺلها خواب، خالي خولي خواب. ٻرندڙ باه اڃا ڪنهن ڪا نه وسائي آهي. جن ٻه ٽي بالٽيون (منصور ۽ سقراط پارن) اُڇلايون، اُهي پاڻ سڙي رک ٿي ويا.

ماڻهو ٿا چون ته ” عظيم جنگ جو خطرو آهي ۽ جنگ ڪرڻ نه ڏني وڃي.“ آخر جنگ آهي ڃا؟ جنگ ڇا ڪندي؟ جنگ ته  موت آهي، آرام آهي، ننڊ آهي، سڪون آهي، جنگ کان سواءِ انسان پيڙبو پيو وڃي. روح تي ڏنگ پيا لڳن، عذاب آهن. جنگ ته پاڻ انهن شين کي هميشه لاءِ نپوڙي ڇڏيندي. بم احساسن تي ڪونه ڪرندا. روح تي ڪو نه ڪرندا. جسمن تي ڪرندا، جاين جڳهين  تي ڪرندا. ڀلي پيا ڪرن. پَر ڇا اُهي بم سهڻ جوڳا آهن جيڪي روز دلين کي چـِٿين ٿا، احساسن کي ٻاريو ڇڏين، روح جا ٽڪر نڪريو وڃن. سائين! سچ چوندي آءٌ سر حدون ٽپندو وڃان. قلم الائي ڪٿي وڃي بيهي! ان ڪري اڌ ۾ ٿو روڪيانس. . . . . . . . .

ڪجهه بدليءَ جي باري ۾_

شايد اِهوبدليءَ جو موضوع الائي ڪيترا ڏينهن هلي. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته ان سري ( موضوع) کي کڻندي ڏاڍو ڦڪو ٿو ٿيان. اوهان کي ڏاڍي تڪليف ڏني اٿم. هونئن به آءٌ پنهنجي ڪنهن پياري دوست تي بار لڏڻ  ڪو نه چاهيندو آهيان. چُئان ته جيڪي ڪجهه هجي، سو پنهنجي سر تي کڻان.

پر . . . . وس ڪو نه اٿم. منهنجي بدلي اڃا تائين ڪا نه ٿي آهي. ڊکڻ صاحب آسرو ڏنو هو، درخواست صحيح ڪري هيڊ ڪلرڪ ڏانهن پڻ موڪلي هُئائين، پر خاطري اٿم ته ڳالهه وسـِري ويئي اٿس. آءٌ ٻئي ڀيري کيس يادگيري ڏيارڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه آهيان. آفيسراڻو مزاج! مڙسrobust آهي، منهنجي دوباره وڃڻ تي شايد ڪاوڙ جي به پوي. پر اوهان کيس جيڪڏهن ٽيليفون رستي يادگيري ڏياريندا ته ڪم اَوس ڪندو. منهنجي حال جي خبر اَٿو، مون لاءِ ڏينهن سسئيءَ جو ڏينهن آهي، گهڙي گهٽي بارُ آهي. مهرباني ڪري مٿو به ڦاڙي منهنجي ڳوٺ بدلي ڪرايو. ٻڌو اٿم ته ڀٽو صاحب ساڻس گڏ آهي. يادگيريءَ لاءِ چوان ٿو-

آءٌ هن وقت اسڪول ڪمال خان پتافي، برانچ جهڏو، بيٽ جهڏو، تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ آهيان، ۽ ڳوٺ جِنهاڻ، بيٽ مٺي، تعلقي مٺيءَ ۾ وڃڻ چاهيان ٿو.

ها! ٿر ۾ سماٽ قوم ۾ ٿيندڙ شادين جي ريتين رسمن جو ذري پرزي مضمون پيو لکان. بنهه ئي وڏو ٿيندو. سگهوئي اوهان کي موڪليندس.

واسلام، عبدالقادر جوڻيجو

سلام طول العمراه مولائي پليجي، شمشير الحيدريءَ، ابن حيات پنهور غلام رباني سنڌيءَ کي عرض آهن.

(14)

سائين

اوهان کي هڪڙو خط اڳ لکيو هوم، جواب ڪونه آيو، شايد ڪم ۾ گتل آهيو. ڪڏهن ڪڏهن انهن ڪاغذ جي ٿهن تان اکيون هٽائي، دل هٽائي، اسان کي به ياد ڪندا ڪريو. آءٌ جو هِتي ڳوٺ اچي هلندي ڦرندي مشين ويو آهيان، مال سان وٺ پڪڙ، شهر مان وکروڙو ڪلهن تي آڻَڻَ، ڪَڏهن ڪڏهن ڪاٺين جي ٻَري به مٿي تي هوندي آهي. تڏهن به اوهين ته ڏاڍا ايندا آهيو. مولائي پليجو به الائي ڪهڙن حالن ۾ آهي؟ اوهان به ڀلا اچو نه هيڏانهن گهمڻ، مُلڪ ۾ بهاريون آهن. پر جو هيءُ واءُ لڳڻ شروع ٿيو آهي سو مڙيئي نقصان ڪار آهي، ٻاجهريءَ ۽ گاهه  جا نازڪ سلا ڪوماڻبا وڃن، رڪوع ۾ بيٺا آهن، ٻه ٽي ڏينهن مينهن نه وُٺو ته سجدي ۾ ڪري پوندا، ۽ ماڻهو به. سائين ٿر ۾ ڏڪار جا ڏنگ ڏاڍا زهريلا آهن. کاڌل مرندو نه ته کَري پڪ  ويندو. ٻه ٽي مهينا ٿيا آهن. ڪجهه به نه لکي سگهيو آهيان. باقي ڪا ڳالهه وَر تي چڙهيو ٿي اچي ته اُتي ڇڏيندوسانس جو جڳ ڏسندو.

منهنجي افساني ’زال ذات‘ لاءِ راءِ ڏيندا. ’ويٽنام‘ ته مطالعي جي زور تي لکيل آهي. ظاهر آهي ته آءٌ ويٽنام ڪڏهن ڪونه ويو آهيان. گهڻا ڏينهن ٿيندا، 18 مهينا کن، تڏهو ڪو لکيل افسانو، جو مون ”روح رهاڻ“ کي موڪليو هو، ۽ ناقابل اشاعت هو، ۽ هينئر ان کي شايع ڪرڻ جو الائي ڪهڙو ضرور پيو. آءٌ ته افسانو پڙهي ڏاڍو ڦـِڪو ٿيس، سچ پڇو، دل جي ڳالهه ٿو ٻڌايانوَ، منهنجي ذهن ۾ ذر ذر خيال ٿو اچي: ”آخر جويو صاحب پڙهي ڇا سوچيندو. اِهوئي ته جوڻيجي جي همت افزائي ڪئيسين، مرڳيءَ کڏ ۾ وڃي ڪريو!“ خبر نه آهي ڇو پنهنجو پاڻ کي اوهان سان ايتروڳنڍيل ٿو سوچيان- ايتريقدر، جو ڪجهه به شئي لکي ان تي تنقيدي نظر وجهڻ وقت اوهين اڳيان اچي ويندا آهيو. پڙهڻ وارا ٻيا به ته جام آهن، شايد اَهم آهي جا اوهان ”همت افزائي“ ڪئي منهنجي. بهرحال ’کڙيل تارا‘ لاءِ به راءِ ڏيندا. منهنجو مقصد اِهو ڪونهي ته اوهان پنهنجو اُملهه وقت وڃائي مفصل راءِ لکو. پر مختصراً ٻيو نه ته صرف ٻه اکر ’وڻيو يا نه وڻي‘! ڪا خامي ڪا  خوبي! مون لاءِ ته جيڪا به شيءِ لکي وٺندو آهيان، سا پوءِ ’اڻ وڻندڙ‘ جو روپ وٺيو بيهو رهي! مطمئن ٿيان ئي نٿو پنهنجي فن مان.

جواب ڏيندا سگهو سگهو، ڇو ته 22 تاريخ اسڪول هليو ويندس. سلام ربانيءَ کي ڏيندا.

واسلام، عبدالقادر جوڻيجو، فضل ڀنڀرو ٿرپارڪر.

پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو، ضلعو ٿرپارڪر

(15)

حيدرآباد، سنڌ

22-9-1966ع

عزيز ڀاءُ،

تنهنجا ٻه خط مليا اٿم. هڪڙو لاهور وڃڻ کان اڳ ۽ ٻيو اُتان موٽڻ تي. هونئن جو خطن جو سلسلو مون ذهن ۾ رکيو هو ته ڇنڇر ڏينهن توکي منهنجو خط ملي ۽ سومر يا اڱاري ڏينهن تنهنجو خط هيڏانهن اچي؛ اُن سلسلي ۾ منهنجي طرفان گهاري پئجي ويئي، ۽ سڄو هفتو ٻاهر رهڻو پيو هوم. بهرحال، خط پيا ايندا ويندا؛ نيڪ نيتي ۽ نيڪ تمنائي خطن وهيڻي نه رهي آهي، نه رهندي. البت تو وٽان خط اچڻ جو انتظار رهي ٿو ۽ ان جي پڙهڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اميد ته تون پنهنجي ڀرپور جذبن سان ۽ قلم جي پوريءَ روانيءَ سان جڏهن به فرصت مليئي تڏهن لکندو رهندين. هو جيڪو داستان کنيو هوئي، ان جي اڳتي ٻڌڻ جي به سڪ رهي ٿي. پر ائين به نه ٿئي، جو رڳو خطن لکڻ ۾ پئجي وڃين ۽ ٻيو لکڻ پڙهڻ جو ڪم اُتي ئي پيو رهي.

ٻه افسانا جيڪي تو وڌيڪ موڪلڻ لاءِ چيا هئا، سي اڃا ڪونه مليا. اِهو جيڪو نقل ڪرڻ جو بار توتي وڌو اٿم. سو آءٌ ڄاڻان ٿو ته ڏاڍو ٿڪائيندڙ آهي. نقل ڪرڻ ۾ پنهنجن شاگردن يا ڪنهن ساٿي استاد کان ڪم وٺندين  ته بهتر، تنهن کان سواءِ ادب اهڙي شيءِ به ناهي، جو ڪنهن مشين طور اُئين ئي باقاعدي ۽ لڳاتار تخليق ٿيندو رهي. اديب جي زندگيءَ ۾ ڪيترا اهڙا ڏينهن بلڪ مهينا ۽ سال ايندا آهن، جڏهن هو ڪجهه به ڪين لکندو آهي. اُهو عرصو هو رڳو پنهنجي اندر ۾ اٿندڙ اُڌمن ۽ ويچارن کي پڪو ڪندو رهندو آهي. اِها اُٿل پٿل ئي ڪنهن فنڪار جي دل ۾ دائمي رهي ته به ٿوري يا گهڻي ڏينهن ڪانه ڪا تخليق، ڪونه ڪو شاهڪار وٽانئس دنيا کي ملي ويندو،جنهن لاءِ دنيا انتظار ۾ رهي ٿي، ۽ اها ڳالهه توکي هر وقت ۽ هميشه ذهن  ۾ رکڻ گهرجي ته پنهنجي اديب لاءِ ۽ اديب جي تخليق ۽ پيشڪش لاءِ ان جا همزبان، ان جا پڙهندڙ، ۽ ان جي دنيا هر وقت انتظار ڪندا ٿا رهن-نت نئين ادب، نت نئين پيشڪش جو انتظار، بلڪل ائين جيئن ’وِلات ويل ڪنهن وڻجاري‘ جي جوءِ يا هن جي ڪا ننڍڙي نينگر ائين سمنڊُ اکئين لايو اوسيئڙي ۾ ويٺي هجي ته ”الائي ڪڏهن ايندو، الائي ڇا آڻيندو!“

تو لاءِ لاهور مان مون هڪڙو انگريزيءَ ۾ ڪتاب-"Gorki on Literature" آندو آهي. اُهو ۽ ان سان گڏ ”نئين دنيا“ جو هڪڙو پرچو جنهن ۾ ”اڄوڪو يُگ ۽ سنڌي ليکڪ“ عنوان تي ٻه چار لکڻيون آهن، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ تازا ڇپيل ڪتاب” دنيا جا عظيم افسانا“ ۽ ٻه ٻيا ننڍڙا ڪتابچا موڪليان ٿو.اميد ته تون انهن کي پڙهندين ۽ توکي اِهي سڀ وڻندا ۽ پڻ ايندا.

مون پڪ آهي ته  تو وارو صاحب تنهنجي بدلي ڪندو. هفتو کن ڏسونس ٿا، نه ته سندس صاحب يعني انسپيڪٽر صاحب کان چورائبس. آءٌ ڄاڻان ٿو ته تو لاءِ اڻانگي هنڌ تي رهڻ ۽ ايڏي اڻانگي پنڌ تي اچڻ وڃڻ هڪ ڏينهن لاءِ به ڏکيو لڳندو هوندو، پر دنيا جا جيڪي دستوري اشڪنجا آهن، انهن جي پيڙ سَهڻي ئي پوي ٿي.

تنهنجي افساني ”وک وک وِههُ“ جي پڇاڙيءَ واري فقري کي، ڀاءُ پليجي جي صلاح تي ڪجهه قدر ٻئي نموني بيهاريو ويو آهي، ۽ هاڻي ڳالهه بنهه پوريءَ طرح ڳرُ لايو بيٺو آهي. پنهنجي طرفان  ان ۾ ٻيو ڪجهه ملايو نه ويو آهي. ان مان رڳو هڪُ وچان جو جملو ڪڍيو ويو آهي.

لاهور مان پنجابي ادبي ائڪيڊميءَ جا ڇاپيل سمورا پنجابي شعر جا ڪتاب بُلي شاهه، وارث شاهه، شاهه فريد، شاهه حسين، علي حيدر، هاشم شاهه ۽ ٻين شاعريءَ جي ڪلام جا وٺي آيو آهيان. جي ڪنهن شعر جي ڪتاب تي دلِ هجيئي ته تو ڏانهن موڪلي ڏيان.

سڀاڻي سکر ٿو وڃان. سکيا ۽ جيڪب آباد جي همراهن جيڪي ڪيس. . . . تي ڪيا هئا، انهن جي 24 تاريخ هڪ ئي هنڌ سکر ۾ شنوائي آهي، ڪي چڱا مڙس انهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته ڪيس نڪري وڃن ۽ پاڻ ۾ ڌريون رضانامو ڪن. جي ائين ٿي ويو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جو خير هجي، ته ڏاڍي چڱي ڳالهه ٿيندي.

ٻـِي آڪٽوبر تير ڪراچيءَ جي سنگت سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي آهي. اوڏانهن وڃڻ جو به ارادو آهي. 29 تاريخ هـِن مهيني جي، چوٿين سنڌي ثقافتي ڪانفرنس ڀٽ شاهه تي ٿي رهي آهي، جنهن جو افتتاح سنڌ جو سيد اعظم جناب جي. ايم. سيد صاحب ڪندو. ڪراچيءَ توڙي ڀٽ شاهه تي اياز به گهڻو ڪري ايندو. انهن موقعن تي، تو ڪيئن اچي سگهندين! پر جي اچين ته ڀلي اچ، جيءُ اچ! اخبار الائي  تون ۽ تنهنجا ننڍا ۽ وڏا اِتي ڪهڙي ٿا پڙهو! ڪينَ  پڙهو ئي ڪونه ٿا! اخبار ته هر روز ضرور نظر مان ڪڍڻ گهرجي.

اميد ته خوش هوندين.

تنهنجو محمد ابراهيم

(16)

حيدرآباد، سنڌ

30 سيپٽمبر 1966ع

عزيزم عبدالقادر،

هن هفتي ٻه ڀيرا ڊکڻ کي ٽيليفون ڪيو اٿم. پهريون ڀيرو پاڻ ڪونه ڳالهائي سگهيو، جو آفيس ۾ ڪونه هو، ۽ ٻيو ڀيرو ساڻس ڳالهائڻ ٿيو. جيڪو مون کي چوڻو هو سو چيو اٿمانس. اميد ته ترت ئي ڪو بلو ٿيندو. انسپيڪٽر صاحب مسٽر ڀٽو، گشت ۾ ويل آهي، سو اڃا موٽيو ڪونهي. هِتي رَسندو ته هن کان به ڊکڻ صاحب کي چورائيندس.

رسالو ”بادل“ نڪري چڪو آهي. ان ۾ اياز جو انٽرويو، سندس ٻه چئن فوٽن سان شايع ٿيو آهي. ”پسي ڳاڙها گل. . . .“ تي مون وارو مطالعو به وري ان ۾ آندو اٿن. دوست ڇاپڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن. مون اڃا پڙهيو ڪونهي، پر اميد اٿم ته چڱي نموني ۾ ان جي ڇپائي ڪئي اٿن.

ڪالهه يعني 29 تاريخ ڀٽ شاهه تي چوٿين سنڌ ثافتي ڪانفرنس ٿي گذري. اياز توڙي اتر سنڌ جو ٻيو ڪو دوست ڪونه آيو. هونئن ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب ٿي. اٽڪل اٺ ڏهه هزار ماڻهن جو ميڙاڪو هو. تقريرون ۽ راڳ ڏاڍي ڪامياب نموني پيش ٿيا. مشاعرو البت ڪجهه اهڙو سٺو نه ٿيو. هڪ بجي تائين اُتي هئاسون.

سڀاڻي نه پرينءَ  آچر ڏينهن ڪراچيءَ ۾ اُتان جي سنڌي ادبي سنگت جي سهاري هيٺ ادبي ڪانفرنس ٿي رهي آهي. ان موقعي تي ادبي ڪانفرنس سنگت جي ڪنويش به ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت وارا جنرل سيڪريٽري وغيره نئين سر چونڊيندا. ارادو اٿم ته اوڏانهن وڃان پر اها پڪي دل ڪانه ٻڌي اٿم. شمشير الحيدريءَ کي ”نئين زندگي“ جي ايڊيٽريءَ جا آرڊر اڄ اچي مليا آهن. هو هاڻي سومر ڏينهن اوڏانهن وڃي ايڊيٽريءَ جي چارج وٺندو.

آءٌ ۽ ٻي ساري سنگت هتي خوش آهيون. تون پنهنجي خيريت جي حال احوال کان واقف ڪندو رهج.

ٻيو سڀ خير،

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

(17)

ڳوٺ ڪمال خان پتافي

30 سيپٽمبر 1966ع- شام 5 بجه

پيارا سائين،

اوهان جي خط ملڻ بعد ٻه خط اوهان ڏانهن موڪليا هُئم ۽ جڏهن ڇنڇر جي ڏينهن، فضل ڀنڀري پهچڻ تي خط جي پڇا ڪيم، تڏهن خلاف توقع خط ڪونه مليو. نه ڄاڻان ڇو؟ ظاهر آهي ته اوهان تي ميار ته رکي نٿي سگهجي. ڪم ڪار وارا ماڻهو آهيو. اميد ته هيستائين ڪجهه نه ڪجهه وقت بچائي مون ڏانهن خط لکيو هوندوَ، جو فضل ڀنڀري ۾ منهنجي انتظار ۾ هوندو. سوچيان پيو ته اوهين، جو لاهور کان حيدرآباد  پهتا هوندا، سو مائي اينمري شميل جي چاڪريءَ ۾ رُڌل هوندا. انهيءَ مائيءَ  کي به جس هُجي، سنڌي هجي، سنڌي ادب سان ڪا ڏاڍي دل اٿس. شميل کان موڪلائڻ بعد اوهان کي وري بزم صوفياي سنڌ وارن کنڀي کنيو هوندو. هيءُ پليجو مولائي ڪڏهن صوفي ٿيو؟ (ٿيو نه طُول العمره؟) خير! مس مس اِتان جند آجي ڪندا ته سنڌي ادبي سنگت ڪانفرنس ٺهي جُڙي آهي. 2 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ هوندا ته مزا پر آءٌ اِهي مزا خوابن ۾ ماڻيندس. سائين! ڪهڙيون ڳالهيون ڪريان، اصل ڏاڍو سنڀريل هوس. هڪڙو ته ڪراچي اڳ ڏٺل ڪانه هيم، ٻيو وري سنگت ساٿ، اهڙي ته سنبت هُيم، جيئن مون وارا ڳوٺائي سائين سمن شاهه جي ملي تي سنڀريل آهن. آڏا، اُبتا، موڳا خواب به ڏٺم  پر ڇا ڪريان، ننڍي هوندي کان بڇڙي عادت اٿم. بي دعوتو ڪٿي وڃان ئي ڪونه. ايتريقدر، جو سنگت به بي دعوتي ڪانه رکان. ڪو يار دعوت ڏئيم ته پيچ ڳنڍيو به ڇڏيان نه ته موليٰ ڪري خوش هجي، پر هي سنڌي ادبي سنگت وارا سڃاڻو اٿم، گڏ اُٿيا ويٺا آهيون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ وات ٽُڪاڻيون ڪيون اٿئون، ٽڪي پئسي وارو کڻي ڪارڊ موڪلين ها ته پڪ سان لَهي ڪونه پون ها. پر هاءِ ڙي ڪاميابيون- آءٌ سندن ڪاميابين تي ڏاڍو خوش آهيان، شل اِهي ميلا متا رهن. هينئر ادب ۾ ڏاڍي گرمي ٿي ڏسجي- وِساري ڇڏيو اٿن ته  پرواه ڪانهي. 30، 40 روپيا بچي پيا. مون پاري غريب مڙس لاءِ اهي ئي لک. مٿن ميار ڪانهي، وساريلن جون ڪهڙيون ميارون! آءٌ ته اِهو ٿو سوچيان، ۽ عجب مان ٿو سوچيان، ته اوهان مون کي الائي ڪيئن ياد رکيو آهي. خط پيا لکوم،”شابسون هجنئي جويا!“ ڪم از ڪم دل ۾ ويٺل چور اهو طعنو ته ڪونه هڻندو ته ” جوڻيجا توڏانهن ڪو ٻه اکر لکڻ وارو اديب به ڪونهي!“ – آءٌ ته يارن جو دعاڳو آهيان. شل ڪانفرنس ڪامياب ٿئي ۽ اهڙي ڪامياب ٿئي، جو دشمن مٽيءَ سان گڏجي وڃي. اسان جا يار آهن، اسان جو ساٿ آهن، جيڪي قدم کڄين سو اڳتي. جيئو جيئو- اسان جي بُت تي سندن قدمن جي اُڏايل لٽ سونهي. اسين ئي پويان رڙهندا اينداسين. يارن جي پچار کي ڦـِٽو ڪريان.

هاڻي اچو ٿر تي. مينهن ته پيو پر بي مُندو، جڏهن ٻاجهريون به ڀيلاڙ ٿي ويون. هاڻي اُتران سيارو اُسهيو آهي، ڏکڻان ٿرين جا لڏا (قافلا) ٻئي  پنڌِ، پاڻ ۾ هپ ٿي ويندا. بهتر آهي ته اوهان کي لڏي ۾ وٺي هلان-چڱو پڙهو-.

”هاڻ ڀلا مون سان گڏ اچ! سامهون تاجيا (ڀِٽَ جو نالو) واري ڀٽ آهي نه، سڀني ڀٽن کان مٿي ڪر کنيو بيٺو آهي. انهيءَ جي اُلهندئين ڇيڙي وٽ ٽونڪ (ڀٽ جي چوٽيءَ) تي، ڪُنڀٽ (وڻ جو قسم) هيٺيان هليو ٿا ويهون، ٺيڪ آهي نه؟ ويهه ويهه، ڪپڙا خراب ڪونه ٿيندا. اسين ته ڪپڙا ڌوئي واريءَ هيٺ پُوريندا آهيون جيئن جلدي سُڪي وڃن. سرءُ پنهنجا ٽپڙ ويڙهي چُڪي آهي. سياري جي اڳياڙي پير پئي ڄمائي، سج نور وڃائيندو، هاڻي سامهون ٽونڪ ۾ گَچَڻَ جي پيو ڪري. سندس منهن جـِي ونڪ گهٽ ٿيندي وڃي. ڪا ڪنوار ڏٺي هوندءِ؟ جڏهن هوءَ محسوس ڪندي ته ڪي نظرون سندس چهري تي پيون ترڪن، ته هوءَ شرم وچان ڳاڙهي لعل ٿي، گهونگهٽ ڪڍندي؛ اهڙي نموني سان جڏهن سج محسوس ڪندو آهي ته هو رات جي هنج ۾ وڃڻ وارو آهي، تڏهين شرم وچان منهن لعل ٿي ويندو اٿس ۽ آهستي آهستي گهونگهٽ ڪڍي، منهن لڪائي ڇڏيندو آهي. پوءِ جيڪا رات جي مرضي.

هيٺ ڏهر ۾ ڇانءَ جي چادر وڇائجي ويئي آهي. سامهين اڳهه وانگر سُتل ڀٽ تي  اڃا تائين سج جا ڪرڻا وڇايل آهن، مٿس بيٺل وڻن جا ڊگها پاڇولا پينسل جي ڪارن ليڪن وانگر پيا لڳن. چلڪندڙ واريءَ تي سونُو نُور خوشبوءِ وانگر پکڙ جي ويو آهي. ڪنن تان اجرڪ ويڙهي ڇڏ، نه ته ٿڌ لڳي پوندءِ، ٿورو ٿورو اُتر پيو لڳي. هُتان پريان تـِڙڪو آهي، پر نه! پاڻ هتي اولي ۾ چڱا آهيون. ذري کان پوءِ سج تڙڪو کڻي ويندو. اُتر نهار، سنڌ جا ميدان اٿئي، اِها هلڪي هلڪي ڳاڙهاڻ وونئڻاٺين جي آهي. انهيءَ ڳاڙهاڻ سان ڪارو پٽو آهي، ڏس ته رڳو ڪارو ڪارو ڌنڌُ آهي. ان پردي جي پويان روز هن مهل زمين ۽ آسمان هڪٻئي کي چميون ڏيندا آهن. ڇا ڪن ويچارا، ڦڪا ٿا ٿين.

ٿورو سونگهه ته سهي، چوڌاري خوشبوءِ جا پلاند پيا ڦڙڪن. واريءَ مان خوشبوءِ اُٿلون پيئي کائي، ڪنڀٽن جا ننڍڙا اڇا گل ٽهڪ ڏيو خوشبوءِ پيا ڇاڻين. ٿڌي هوا ۽ خوشبوءِ پاڻ ۾ ويڙهبا وڃن. ذري کان پوءِ پنهنجي ذري ذري ۾ خوشبوءِ جو خمار ڇانئجي ويندو. ٻڌ! ڪو ويراڳڻ (بانسري) پيو وڃائي. رولَ (آواره) آواز جا ڪم ته ڏس، ڀـِٽن سان ٽڪرون هڻندون وَتي، وڄائيندڙ جي روح جي آواره گردي اٿئي. هن اسان جي سماج ۾ ٻوساٽيل روح  جڏهن اِئين آزاد ٿي ڀـِٽن ۾ ايندو آهي، تڏهن ئي آواره گردي شروع ڪندو آهي، ڀٽن سان ٽڪرون  کائيندو آهي، لڪنَ مٿان اُڏامندو آهي، منزل ته الائي ڪٿي هوندي اٿس. . . .اڻ ڄاتل منزل. تون اڻ ڄاڻ آهين. هتي ڀٽن جي پڙاڏن ۾ توکي اِها خبر ڪانه پوندي ته اِهو آواز ڪٿان پيو اچي. آءٌ ٿو ٻڌايانءِ. او هو ڏکڻين ڀٽ جي پاڙ وٽ ڳئون ڏسين ٿو! ڇڙوڇڙ جُونئن وانگر اورتي رڙهنديون اچن. پڪ ڄاڻ انهن ۾ ڪو دل جلئو هوندءِ. هي  ڳئون به عجيب آهن، گڏ اصل ڪونه هلنديون. هڪٻئي کان پري پري پَرو ٺاهيو پيون اينديون. شل نه ڪو اوپرو ماڻهو ڪاهڻ جي ڪوشش ڪَرينِ، ڳوڙهيون ٿي وينديون. سڱن سان کڻي ڇڏينديون. انهيءَ ڪري اسان وٽ ڳئون جي چوري ٿئي ئي ڪانه. ڌراڙ سان وري اهڙي دل هوندي اٿن، جو بس. پييون چَٽينديس. اِهي ڳئون سج لٿي تائين پاڻي ۾ پهچي وينديون. اِها ڳئن جي مٿان ڀٽ تي ڪنڊي ڏسين ٿو. ٻانهون پکيڙي ڇڏيون اٿس، کُٿل ڪنڊي آهي. اِهي مٿس جيڪي ڪارا ٽُٻڪا پيو ڏسين، اِهي ڳجهون اٿئي. ڇا چيئه؟ ويراڳڻ! اِها رڳي ويراڳڻ ڪانه اٿئي، اِن سان پکين جي چون چون ۽ پرئين ڳوٺ مان اُڏامي ايندڙ ٻارن ۽ زالن جا آواز گڏجي ويا آهن. . . . يڪي وڄت اٿئي. تڏهن ته چوان ٿو، ان ويراڳڻ کي ٻڌي هر ڪا شيءِ ساڻس لئه ۾ گڏجي ويندي آهي. تنهنجون ۽ منهنجون ڳالهيون به ان وڄت سان گڏجي ويون آهن. رڳو ڳالهيون نه، دلين جي ڌڪ ڌڪ به هينئر هينئر سُر ۾ آهي ڳئن ۾ ٻڌل چڙا به . . . . .ڏس ڏڪڻي به مزو پيئي ڏئي. ها ته اِهي ڳجهون اِتي ويٺيون آهن. او ڪنڊيءَ جي مٿان اِهو ٽٻڪو پيو گهمريون کائي، ڏسين ٿو نه؟ اِها به ڳجهه آهي، ذري کان پوءِ ڪنڊيءَ تي ويٺل ڳجهن ۾ اچي پر هڻندي، پوءِ انهن ڪارن ٽٻڪن ۾ اُٿل ايندي، ”ڪٽ ڪٽ ڪٽ“ جا آواز، کنڀن جي سراڙٽن سان گڏجي، ويراڳڻ سان لئه ۾ شامل ٿي ويندا، سج لٿي کان پوءِ اِهي پَر به ڪونه چورينديون، ڪنڊيءَ هيٺيان لنگهندي به محسوس ڪري ڪونه سگهندين. البت هيٺان مَٽندڙ تي وِٺِ ضرورو ڪِرندي. ڏهر ۾ ڪو نه وِهن ڇو ته  هيٺ ڏهرن ۾ سيءُ ڍري پوندو آهي. هتي ڪوبه ڳوٺ ڏهر ۾ ڪونه ڏسندين. سياري ۾ ڏهرن ۾ ويٺل وڻ سڙيو وڃن ۽ ڀٽن تي سلامت هوندا آهن. هو سج ۽ رات جو جهيڙو ته ڏس، سج ويچارو شرم جو ماريل اڌ گهونگهٽ اوڍي ويو آهي. آهستي آهستي پنهنجو جسم، پنهنجو روح، رات جي حوالي ڪري ڇڏيندو، خود سپردگيءَ جي انتها آهي. پوءِ مُلڪ تي رات جو دونهن پکڙي ويندو. دونهن جا دائرا وڌنڌا سڄي ملڪ تي راڄ ڪري ويندا. پر اڃا سج جي اڌ ڪناري ٻاهر آهي. سج جو حشر ڏسي پنهنجا چهرا، وڻ ٽڻ، وارِي سڀ شرم وچان ڳاڙها ٿي ويندا. اڙِ ڙڙ هو ته ڏس، هوڏانهن، پريان ڪارو نانگ ور وڪڙ کائيندو، واريءَ تان ترڪندو،سامهين ٻـِرَ تي ٽُٽو وڃي. ڇا چيئه؟ ماريونس؟نه نه نه، اسان وٽ رواج اٿئي ته اسين ڪارو نانگ ڪونه ماريون. اسان جي وڏڙن جو چوڻ آهي ته ڪارو نانگ اسان جو ڏاڏو آهي. ڊاروِن به ته ائين چوندو آهي. خير، ڪجهه به هجي! مون کي ذاتي طور تي اِهو آزمودو آهي ته جيستائين نانگ کي ڪو ڇيڙيندو نه ڏنگ اصل نه هڻندو، ڏاڍو ماٺيڻو ۽ صبر وارو آهي. اسان وٽ جڏهن ٻار ڄمندو آهي ته تڏهن نانگ جي ماني ڪندا آهيون. ڇا ڪندا آهيون، جو ڀورَ ڪري پاڙي ۾ ورهائي ڇڏيندا آهيون. وڏڙا ته ”نانگ“ جو لفظ به منهن مان ڪونه ڪڍن، چوندا ”ڏاڏا سائين“- ها لُنڊيءَ (بلا جو قسم) کي ڳولي به مارينداسين. ڏاڍي نڀاڳي آهي، بي گُري ڀينسان، هروڀرو جهَڙيندي (ڏنگيندين). پَرُ سال پنهنجو سوٽ ڳئن سان پهري ويو. لئي واريءَ (ٻنيءَ جو نالو) تائين پهچندي پهچندي ڇهه لُنڊيون ماريائين. اسان وٽ وسڪاري ۾ رات جو ڳئون پهرنديون آهن. مون واري سوٽ وٽ جهڙولا (اوور بُوٽ) نه هجن ته ڪڏهن ڪو کاڄي وڃي ها! لنڊيءَ ۾ هڪڙي  خاصيت اٿئي. مينهُن اڳواٽ ٻُڌائيندي آهي. يا ته رات جو ٻوليندي آهي. سندس ٻولي ۽ چچيءَ جي ٻوليءَ ۾ توکي تفاوت نظر ڪونه ايندو. پر اسان سڃاڻيو وڃون. يا ته وري ڏينهن جو وڻن تي چڙهندي آهي، ٻنپهرن جو ويندي ويندي جيڪڏهن ڪنهن ڄار جي ٿڙ تي ويٺل ڏسندينس، ته پَڪ ڄاڻ ته شام ڌاري مينهن جي ريل ڇيل ٿي ويندي.

سج جي ته هاڻي ذرڙي اچي بچي آهي. هوڏانهن نهار سامهين ڏهر مان ڪنهن لَڏي منهن ڪڍيو آهي، اڳيان ڪو مڙس ماڻهو آهي گوڏ سان. مَليشي جي گوڏ جو ڇيهه گوڏن کان به مٿي هوندو. سندس پويان هڪڙي اَڌ مادي اُٺڙي هوندي جنهن تي ڪا هڪڙي اڌ پوڙهي، ٻه ٽي ٻارڙا ويٺل هوندا. ٻه ٽي گڏهه هوندا جن تي مختصر سامان کَڙيي ۾ پيل هوندو، ۽ ڪجهه ٽٽل ڦاٽل، مُٽ هاڻيون رليون، تـِن جي پويان ڪونه نوجوان ۽ سندس نوورني هوندي. نوجوان کي بنان ٻيڙي مَليشي جي صدري پيل هوندي. مٿي تي ڪا اَڌوراڻي کُٿل ٽوپي هونديس. سندس نوورنيءَ کي بنا پُٺيءَ گج پيل هوندو. سج پنهنجي اوج تي ڪونهي نه ته ڪر کج ۾ ٽانڪيل ٽـِڪن جو جرڪو ڏسين! پر، خير! ۽ پڙو پيل هوندس. مُلان انهيءَ ويس تي ڏاڍو ڪاوڙبا آهن. چون ٿا ته اِهو يورپ کان به اُگهاڙو لباس آهي. اُگهاڙپ ته الائي ڇا کي چوندا آهن! تون پڙهيل ماڻهو آهين! وڌيڪ خبر هوندءِ. (ٿر ۾ گُج صرف اڳئين پاسي هوندو آهي ۽ اگهاڙي پٺيءَ وٽان ڌاڳو ٻڌل هوندو آهي. اِهو ڌاڳو جو اُن جسم ۽ گج کي پاڻ ۾ وفادار رکندو آهي). توکي الائي خبر هجي يا نه پر جڏهن جوان جوان سانوريون ڇوڪريون نمي دلو کڻنديون آهن، تڏهن سندن رَس ڀريون ڇاتيون، هوا کي چميون ڏينديون، اڇل کائي، اچي اکين تي پونديون آهن. ڊگها ڊگها ساه، ڊگهي وڻ ۾ ٻڌل لوڏ وانگر جهوٽا ڪنهن ڪَويءَ، ڪنهن فنڪار کي ساڻ کڻي ويندا آهن. ڪويءَ جي دل لوڏا کائيندي آهي زمين کان آسمان، آسمان کان زمين تائين- انهن جهوٽن ۾ مستي هوندي آهي ۽ خمار – ننڊ – آرام – خود سپردگي – ڪوي، پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهندو آهي، ۽ سڀ حدون اورانگهي ويندو.

باقي پَڙو- ٻيو ته ڪونه. پر ڪڏهن لـِڪي، وجهه وٺي، ڏسندين، ڪا ڇوڪري شل موج ۾ اچي ڦيريون پائي. پوءِ پڙي جو گهُمرو هوندو، گول گول، وڻ ٽڻ پيا ڦرندا. تون به پيو ڦرندين. سحو ماحول ساز وانگيان وڄي اُٿندو. زمين، آسمان، سج سڀ پيا نچندا. ها! ڀلا ڪانهوڙي جو ناچ ڏٺو اٿئي! وچ ۾ دُهل وڄندو، پورا پورا هَٿَ پوندا آهن، دل ٽپڪيون کائيندي آهي. دهل جي ڀر ۾ ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ جي ڪُلهن تي ڪانهوڙي جو بت، زيورن سان جهنجهيل رکيل هوندو آهي، سندس ٻنهي ڪُلهن تي ٻه ٽامانوان لوٽا رکيل هوندو آهي، جن ۾ ناچ ڏسندڙ پئسا وجهندا آهن. ڇا چيئه؟ ادا! اِهو ناچ تڏهن ٿيندو آهي. جڏهن سانوڻ جون سانوريون برساتيون آخري مرحلن ۾ هونديون آهن، ۽ وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۾ زمين تي ساوڪ جون چادرون وڇانئجي وينديون آهن، گولاڙن ۾ گولون پچي وينديون آهن، تراين جو پاڻي ڪپرن کي چميون ڏيندو آهي، ۽ ڪڪر آواره گردي شروع ڪندا آهن. سنهڙي بوندار ڄارِيُن جي ساون پننن کي ڌوئندي آهي. ڳئون ڀٽاريون ڍَوَنِ ۾ هونديون آهن- اِهو ڪولهين جو ڏڻ آهي. ها ته دهل ۽ ڪانهوڙي جي چوڌاري ڇوڪرين جو ٽولو پير پير ۾ مـِلائي گول ڦرندو آهي. نچڻ واريون اڳيان به ناڙيون هڻنديون آهن ۽ پويان به، پير پير ۾ ملندو ايندو، ڪنڌ جُهڪيل هوندا، تاڙين ۽ پيرن  جي لئه سان سنهڙا گيت جا آواز گڏجي ويندا آهن. اِها لَئه ته ڪائنات کي نچائيندي آهي. ها، گيت البت راجستاني زبان ۾ هوندو، جو سمجهندين ته ڪونه، پر روح ۾ ٽنبجي  ويندءِ. هُن نازڪ ليکڪ آغا سليم ڪونه لکيو هو: ” آءٌ بنگالي سمجهان  ڪو نه، پر بنگالي گيت ٻڌي، روئي پيو هوس“ سو اِها وَڄت (موسيقي) ٻوليءَ کي سڃاڻي ڪانه، حدن جا زنجيرپيل ڪونه اٿس. بين الاقوامي زبان اِهائي آهي. اِها ٻولي زبان مان ڪانه پر روح مان نڪرندي آهي. . . .“

 

اڙي واه! پاڻ ته ڳالهين ۾ لڳي وياسين، سج رات جي هنج ۾ وڃي سُکي ٿيو. لڏي وارا پويان ٽپڙ پيا لاهين. هَل ته گهَرِ هَلون، مهمان ماڻهو آهين، ڪجهه کاڌي پيتي جي به ڪريون. ماني کائي، ٺهي ٺُڪي، لَڏي ۾ هلنداسين، ڀلي چَنڊُ ۾ به ساهُ پئي.

چانڊوڪيءَ ۾ لڏي جو سير ۽ انهن جي مسئلن کي ٻئي خط ۾ ڇيڙيندس.

 

تازو قلم-2 آڪٽوبر  1966ع

آءٌ خط جي شروعاتي حصي لاءِ معافي ٿو گهُران. مون کي دعوت جو ڪارڊ مليو. پر 1 آڪٽوبر 1966ع تي، جڏهن آءٌ هوائي جهاز تي چڙهي به ڪراچيءَ پهچي نٿو سگهان.

اوهان جا  ٻئي خط مليا. گڏوگڏ ڪتاب پڻ. تڏهن ته اڳي لکي چڪو آهيان ته اوهان جون مهربانيون آهن. انگريزي ڪتاب موڪلي ڏاڍو سٺو ڪَيوَ ۽ گڏو گڏ عظيم افسانا، نئين دنيا، ٻه پمفلٽ به.

سائين، اِها خاطري ڪريو ته هي منهنجا خط، منهنجي لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڌڪ ڪونه هڻندا، اڄڪلهه ڏاڍو پڙهان پيو- سيپ، نقوش، نقش، افڪار وغيره.

پاڻ ۾ هڪڙو تفاوت پيو محسوس ڪريان. اڳ لکڻ وِهندو هوا ته جوش هوندو هو، جذبا هوندا هُئا، اکين ۾ لڙڪ ايندا هُئا. ۽ هاڻ جڏهن لکڻ وهندو آهيان تڏهن، ننڊ هوندي آهي، خمار هوندو آهي، نشو هوندو آهي، پنهنجو پاڻ کي ائين محسوس ڪندو آهيان ته هوا تي ترندو وڃان. اوهان لکيو آهي ته ڪو پنهنجن افسانن جو دوستن کان نقل ڪرايان. سائين منهنجي رف ڪاپي ڏسو ته کـِکي کـِلي  کيرا ٿـِي پَئو. اڻ پورا جملا اَڌورا خيال. دراصل افسانو تڏهن بنبو آهي  جڏهن آءٌ نقل ڪرڻ وهندو آهيان، چئن صفحن جي شيءِ ڦـِري اٺَ صفحا ٿي پوندي آهي. نوان جملا ۽ نوان خيال ذهن جي درين مان ٽپي ايندا آهن. وري جيڪڏهن انهن اَٺن صفحن کي نقل ڪرڻ وِهان ته ٻارهن صفحا ٿي پون. ها! ڪڏهن ڪڏهن نقل ڪرڻ وقت ذهن جو سڀ دريون بند هونديون آهن. هڪڙو اکر به وڌيڪ ڪونه سُجهندو آهي.

اڌ ۾ ڇڏيل داستانُ به گهڻو ڪري آئنده خط ۾. . . .اوهان جي خواهش پوري ڪندس. تنهن کان سواءِ ”لَڏي“ جي ڳالهه به رَهائي اٿم.

اخبار ”عبرت“ گهڻو ڪري منهنجي نظرن هيٺان مَٽيندي آهي. اديب دوستن  جي مصروفيتن جو پتو اٿم.

ٻه افسانا ته پيا آهن. پر انهن مان اطمينان نٿو ٿئي. بلڪل رَدي ٿو سمجهان. اوهان ڏانهن موڪليندي ڦـِڪائي ٿي ٿئيم. ”نئين دنيا“ ۾ ڪلپنا وارن جا رايا چڱيءَ طرح پڙهيا ۽ سمجهيا اٿم.

بابا فريد جو ڪلام موڪليو ته مهرباني. تنهن کان سواءِ آمريڪي افسانا (مترجم رباني ۽ سراج) پڙهڻ جو به شوق اٿم.

2 آڪٽوبر واري سنڌي ادبي ڪانفرنس جا حال احوال به ڏجو.

والسلام. عبدالقادر جوڻيجو، جنهاڻ،

پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو، ٿرپارڪر،

سلام طول العمراه کي، ربانيءَ کي، پنهور کي ڏيندا. اوهان جي ڪِڪَن کي چميون.

طول العمره جي ڪهاڻيءَ جي انتظار ۾ منهنجو ته مُٽُ ٿو وهيو وڃي. طارق ڏاڍيون ديريون ٿو ڪري.

”نئين زندگيءَ“ ڏانهن افساني موڪلڻ جي خواهش جاڳي اُٿي آهي. اڳي ته منهنجا افسانا واپس ڪيا ويا هُئا.

 

+ + +

(18)

حيدرآباد، سنڌ

7 آڪٽوبر 1966ع

پيارا عبدالقادر،

تنهنجو ٽن پنن وارو پيرائتو خط مليو. پڙهي ڏاڍي دل خوش ٿي.

جدا، رجسٽر پارسل رستي توڏانهن اڄ ”مهراڻ“ 1-2/1966ع، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”ديس ديس جون ڪهاڻيون“، ”بول فريدي“ (پنجابيءَ ۾)، ٻه ڪتا بچا محترم جي. ايم سيد جي تقريرن جا ۽ هڪڙو ڪتابچو ميان يار محمد پنهور جو ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب تي لکيل تبصري جو، موڪليا اٿم. اميد ته اِهي ڪتاب ڏسي ۽ پڙهي، تون خوش ٿيندين.

”روح رهاڻ“ ۽ ”سهڻي“ جا تازا پرچا ڪڍيا اٿن، جي شايد توکي اِتي ملندا رهن ٿا. ”سهڻي“ جي پرچي ۾ طارق اشرف ۽ ”سهڻي“ جي بانيڪارن، جيڪا مون کي پليجي جي افساني تي مطالعي لکڻ ڪري، پڳ ٻڌائي آهي، سا تون ” سهڻي“ جي اُن پرچي ۾ پڙهي سگهين ٿو. ٽنڊي الهيار جي ”اياز“ بلوچ جي نالي ۾ هڪڙو نهايت هلڪڙي  نمونو جو خط ڇاپيو اٿن،جنهن ۾ سواءِ منهنجي هتڪ ڪرڻ جي ٻي ڪا مراد سندين ان ۾ ٿي ڪا نه ٿي سگهي. تون، جو هتي هُئين ته اسان ساڻن قربائتا پير ان ڪري کنيا پوءِ ائين طئي ٿيو هو ته هو ۽ رنجش نه رهي. گهڻي قدر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ ائين ئي طئي ٿيو هو ته هو اهڙي قسم جي ڪا  ڳالهه وڌيڪ ”سهڻيءَ“ ۾ نه آڻيندا جنهن مان اديبن ۾ تفرقو پيدا ٿئي يا وڌي. ۽ هاڻي، جو هو پاڻ ان سڄيءَ ڳالهه کي ختم ڪري ائين لوٺيا بنجي  بيٺا آهن، ته به اسان جي طرفان هـِن معاملي ۾ سندن مقابلي ڪرڻ يا جواب ۽ جوابي جواب وغيره جي سلسلي  شروع ڪرڻ يا هلائڻ لاءِ ڪوبه قدم ڪونه کڄندو. ڇو ته هنن جي نيت ئي اِها آهي ته انهيءَ گند ڀريءَ گپ ۾ اسان کي به لاهي پاڻ جهڙو ڪري بيهارين ۽ اُتي گپ جون مُٺيون ڀري هڪٻئي تي بيهي اڇليون. پر هن سندين حرڪت سان سندين اصلي ذهنيت ۽ آئندي جي روش جو اندازو اسان کي پوريءَ ريت لڳي ويو. اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اسان پنهنجي طرفان وري به ڏانهن دوستي، نيڪ تمنائيءَ ۽ خير طلبيءَ جو هٿ وڌائيندا ئي رهنداسون. من ڪا چڱي من ۾ پوين.

ڪراچيءَ ۾ سنگت جي ڪنوينشن ٿي گذري. ادبي ڪانفرنس به ٿي گذري. احوال سمورو تو ”عبرت“ ۾ پڙهيو هوندو.

شمشير کي ”نئين زندگي“ جي ايڊيٽري ملي ويئي، ۽ هو وڃي اُتي ملازمت ۾ دخلڪاري ٿيو آهي. اِها هڪڙي واقعي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

تو وارو افسانو ”وِک وِک وِههُ“ سهڻيءَ جي هن پرچي ۾ ڪو نه آڻي سگهيا آهن. شايد ٻئي پرچي ۾ ڇاپيندا. اسين ٻه چار دوست هتي هي پيا ويچار ڪريون ته حال في الحال ”روح رهاڻ“ سان همراهي ڪري ان کي وڌايون ۽ وڌيڪ سنڌي ادب لاءِ ان کي ڪار آمد ۽ ڪامياب بنايون. حميد سنڌيءَ سان ان باري ۾ اڃا ڪونه ڳالهايو اٿئون، پر اميد آهي ته هو ان ڳالهه کي خوشيءَ سان قبوليندو. ان ۾ پڻ ”سهڻي“ جي مقابلي ڪرڻ جي مراد ڪانه رهندي. اسان جو خيال آهي ته ”سهڻي“ وارا جنهن ڪروڌ، ضد ۽ هوڏ ۾ ايندا ٿا وڃن، ۽ جنهن قسم جي جي ادب کي  وڌيڪ پسند جي اک سان ڏسڻ جا هيراڪ آهن، ته هو۽ سندن رسالو سنڌي ادب لاءِ هاڃيڪار  ثابت ٿيندا ۽ پنهنجي لاءِ ادب ۾ ڪا خاص قدر لائق جاءِ ٺاهي ڪين سگهندا. تنهنڪري هنن جي مخالفت ڪرڻ جي اسان کي ڪا ضرورت ئي ڪانهي. اسان کي فقط هائوڪاري انداز ۾ پنهنجي ڪم کي اڳتي آڻڻو آهي. انڪاري انداز ڀري؟ سوچ جو يا عمل جو هميشه ناڪام ۽ نامراد ثابت ٿيندو آهي.

ٽيون ڏينهن انسپيڪتر صاحب، مسٽر ڀٽو، هتان کپري طرف گشت تي ويل آهي. مون کيس تنهنجي بدليءَ لاءِ چئي ڇڏيو آهي. مون کي يقين آهي ته هاڻي ڊکڻ صاحب جي  گهڻي ڦوڪ شوڪ ڍري ٿي ويندي. منهنجي چوڻ تي پنهنجو ڪم ڪري ها ته سندس چڱائي ثابت ٿئي ها. افسوس جو ماڻهن کي اِها اون ئي ڪانهي ته پاڻ کي نيڪ خصلت ۽ نيڪ عمل ثابت ڪريون. هاڻي سندس بالاعملدار چوندس ته حڪم  جو بندو بڻجي ”جيءُ سائين“ ڪندو. ڳالهه ۾ ڇا رهيو! دنيا ۾ عجيب  غريب قسم جا اُٺ رهن ٿا، جيڪي ازخود پتڻ تي ڪڏهن ڪين چڙهندا. پتڻ تي اُٺ هميشه مار کائي پوءِ چڙهندو آهي. بهر حال اسان جو ڪم ٿئي، پوءِ ڊکڻ صاحب پاڻ کي مانُ ڏنو يا نه ڏنو، تنهن جو ڪو خاص خيال پاڻ کي ڪرڻ نه چڱائي. ڀٽو صاحب ڏينهن ٻن ۾ واپس ايندو ته پڇندوسانس، ۽ توڏانهن پختو ۽ پڪو احوال موڪليندس. پر مون کي بهرحال خاطري آهي ته هفتي ڏهن ڏينهن ۾ تنهنجي بدلي جنهاڻ ۾ ٿيندي.

تو پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته” . . . .پر انهن مان اطمينان نٿي ٿئي“. سنڌي ۾ ” اطمينانُ“ مذڪر آهي- ”نٿي ٿئي“ نه پر ”نٿو ٿئي“ چئبو. تو ڪيترن لفظن جي برئڪيٽ ۾ منهنجي ڄاڻ لاءِ معنيٰ لکي آهي- مثلاً لُنڊِي لفظ لکي برئڪيٽ ۾ ”بلا جو قسم“ لفط لکيا اٿئي، يا لئي واريءَ (ٻنيءَ جو نالو)، يا رولَ (آواره) يا لڏا (قافلا) وغيره جا اهڙا لفظ ائين برئڪيٽ ۾ آندا اٿئي. هروڀرو اهڙو ته شهري مان به نه آهيان، مـِٺا! جو اهي  عام ٻهراڙيءَ جا لفظ به مون لاءِ اوپرا بنجي بيهن! بهرحال انهن کان سواءِ ڪي لفظ جيڪي خاص ٿر جا آهن مثلاً تاحيا( ڀٽ جو نالو)، ڪُنڀٽ  (وڻ جو نالو)، ويراڳڻ (بانسري)، جهانپو (واڙو)- اسان جي پاسي اِهو لفظ اَجهاپو يا آجها پو ئي ڪم ايندو آهي-، جهاڙولا (اوور بوٽ). . . .اِهڙا لفظ چڱو جو معنيٰ سان ڏنئي، نه ته ايترو انهن کي سمجهي ڪين سگهي ها. توگج  جي ٻَڌڻِي به سمجهائي آهي. پر توکي خبر آهي ته ڪن سماٽ قبيلن ۾ اڃا به سنڌ ۾ گج بلڪل ائين پائبو آهي، جيئن تو بيان ڪيو آهي. خود منهنجي پنهنجي سانڀر ۾ اسان جون پنهنجون عورتون به بنهه انهيءَ نموني گج پائينديون هيون – يعني پٺ بنهه اگهاڙي، ڏوريءَ سان ٻڌل.

ڀٽ شاهه جي ثقافتي ڪانفرنس نهايت ڪامياب ثابت ٿي. اٽڪل اٺ ڏهه هزار ماڻهن جا پنڊالَ ۾ ستين بجي کان هڪ بجي تائين موجود هئا. تَرَ جا سڀ نيڪ مرد آيل هئا. خانبهادر وساڻ به سڄو وقت ويٺو رهيو، وساڻ جو نالو ان ڪري ٿو وٺان جو اوهان جي پاسي جو آهي ۽ سنڌ جي سياست ۾ بهادر ۽ وطن جو هڪ محب سمجهيو ويندو آهي. ڪانفرنس کان اڳئين ڏينهن تي بدخواهن طرفان اعلان ڪرايا ويا هئا ته ڪانفرنس ڪانه ٿيندي، سردار علي شاهه جي اخبار ”مهراڻ“ محترم جي. ايم سيد خلاف هڪ ليک لکيو هو. پر محفل بزم صوفياءِ سنڌ طرفان ڀٽ تي اهڙي ٿي، جو راڄن ڏٺي ۽ راڄن پسند ڪئي. اڄوڪي اخبار ”مهراڻ“ ۾ سردار علي شاهه وري هڪ ٻيو زهريلو ليک لکائي ڇا پيو آهي، جنهن جو سـِرو هيءُ آهي: ”بزم صوفياي سنڌ- يا ڪا سياسي جماعت؟“ ۽ پوءِ لکيو اٿس ته ”هيءَ هڪ سازش آهي، ڪفر آهي، الحاد آهي“ وغيره وغيره. ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ جيڪو ليک محترم سيد صاحب خلاف ڇا پيو هئائين ان جو سرو به ڏاڍو شرارت ڀريو ۽ گمراهه ڪندڙ ۽ اشتعال ڏياريندڙ هو- چي: ” محمد بن قاسم چور ۽ ڌاڙيل هو!- جي. ايم سيد ڇا ٿو چوي؟“ وغيره. سو منهنجا جوڻيجا ڀاءُ اِهي آهن اسان جي سنڌ جا ڪي . . . .، جيڪي سنڌ جي ڀلائيءَ واريءَ ڪنهن به ڳالهه ۾ خوش ڪينهن. هنن کي فقط پنهنجو اڊنبر، پنهجي دولتمندي، طاقت ۽ وڏائي گهرجي. شال سنڌ کي ڪي صالح ۽ سر گهورڻ وارا سپوت ملن! سنڌ جي ڳالهه ٿي ٿئي ته اڄ  هڪڙو نظم تو ڏانهن لکي ٿو موڪليان- پڙهي دل بهار بهار ٿينديئي، ۽ ڀِڄي پاڻي به ٿينديئي- ۽ ڀڄنديئي انهيءَ ڪارڻ جو پنهنجي جيجل ماءُ جي دک جو داستان ٻڌي ڪنهن جي دل رت جا ڳوڙها ڪانه ڳاڙيندي! ته هاڻ ٻُڌ- نياز همايونيءَ جو هيءُ نظم لکيل آهي. نالو اٿَس: ” سنڌڙي منهنجي ماءُ!“ هتي سامهون هجين ها ته ڳائي ٻڌايانءِ ها- پر تون اِتي ان کي پڙهي به ڪنهن نه ڪنهن سر ۾ ان کي ڳائي سگهين ٿو:

سنڌڙي منهنجي ماءُ

 

سنڌڙي! منهنجي ماءُ، او منهنجي جيجل توتان گهور ٿيان!

شال نه ٿيان غَدار سَندءِ، ڀَل داڪو ٿيان يا چور  ٿيان.

ڪڏهن ته تنهنجو روپ هو اِئين، ڄڻ جلوو ٻانهينءَ واريءَ جو، هُئي حياتي هيج ۾ ائين ڄڻ ڇيڄ  ۾ ڇيڏڪ ڪنواريءَ جو.

ڪڏهن ته لال ڪُنوار هُئينءَ اڄ بيوهه جان بيحال، اَبوءِ!

جيجل تنهنجي جهول کي جَسُ پر، دل  وارن جو ڪال، اَبوءِ!                   سانوڻ آيو، سور ويا، ته به تنهنجو اُهوئي حال  رهيو،

ساڳيون لهرون، ساڳيا لوڏا، ساڳيو سک جو ڪال رهيو.

وري وري ڪو واءُ سڻائو، ورِي مـِٽيءَ کي مانُ ملي،

سنڌڙي آهي اوسـِيئڙي ۾  مانَ ڪو دريان خان ملي!

سنڌڙي تنهنجو نانءُ وٺي ٿا دريا خان کي ياد ڪريون

شال اُها دل ڌاري اسان اڄ تنهنجي جند آزاد ڪريون

آيل تنهنجي سورن جا ٿا اسان کي ائين اُهڃاڻ لڳن

ننڊ مان ڇرڪي ٻار جئين ٿا ماءُ جي ڇاتيءَ ساڻ لڳن

مڪلي ٿي اڄ ڳوڙها ڳاڙي، مياڻي ٿي فريا ڪري،

آهي ڪو جو سنڌڙيءَ کي اڄ سَڌڙين کان آزاد ڪري،

روئندي روئندي نير کُٽي ويا، لُهو اچي ويو لڙڪن مان،

آءٌ ڪيئن کلندي کـِيرَ پيان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾.

سنڌڙي تنهنجا وِير جيئَنِ، تون شاد رهين آباد رهين!

شال اچن سي ڏينهن جڏهن تون جنجَل کان آزاد رهين!

اَسان مُڙڻ جا ڪينَڪي آهيون، ڀلي ڪريو سؤ ڦند کڻي،

”مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ هو شوءَ سوَ ڳند کڻي.

سنڌڙي تنهنجي نانءُ تان صدقي، منهنجا سڀ سنگيت،الا!

جيسين جيئندس تيسين لکندس تنهنجي غم جا گيت، الا!

سنڌڙيءَ تنهنجي ساران ڪهڙي تون ايئين منهنجي گيتن ۾.

شاهه سونهارو پوئي ويو جـِئن آيت آيت بيتن ۾.

سنڌڙي تو جي سور سَٺا، تن سورن جا سوَ ڳند کڻي،

اسان ڪريون ٿا عَهد ته تنهنجا ويري وڍبا رند کڻي.

جيجل تنهنجي سامَ جَهلي،جن سَڌڙين توکي سور ڏنا،

انهن ئي سورن سانگين کي اڄ پوياڙيءَ جا پور ڏنا.

اسان گهڻو ئي سـِکي چُڪاسين، هاڻ نه ڪجهه سيکاري ڪو،

وطن جي حُب ايمان اسان جو، سورِي ڀل سينگاري ڪو.

هاڻ اسان کي هـِن ڌرتيءَ تي هوشو بڻجي رهڻو آهه

خودداريءَ سان جيئڻو آهه، يا سورهيه ٿي سـِرُ ڏيڻو آهه

سنڌڙيءَ ڪارڻ سوَدائي ٿي، سـِرُ ڏَئي ساري ڪرڻي آهه

سنڌڙيءَ جا سروچ جيئن شل، سـِنڌڙيءَ جي پت رکڻي آهه

سنڌڙِي، جا مخدوم بـِلال جي، سَن جي سائينءَ حيدر جي،

تنهن سنڌڙيءَ تي ڌاڪ نه رهندي ڪنهن بيگاني بيدر جي

13-10-66

سنڌڙي تنهنجي سانگين کي جن ڏني تپائي توڻي آهه،

ساموئيءَ جو سُنهن ته انهن سان هاڻ هـِڪا هـِڪ ڪرڻي آهي.

فيصل ٿيندا فتنا سارا، اسان کي چُپُ ٿي رهڻو ناههِ.

سنڌڙيءَ کي جن سؤدو سمجهيو، سولو تن کي ڇڏڻو ناهه.

هيڪر دل درياهه ڪري جيئن اُٿلي پياسين اوٿر جان

سارا  ڌوڪا ڌوڙ ٿي ويندا، ڏونگر ڏرندا محشر جان.

راڻا ڪاڻا راڄ ڌڻي  تو راڄ ڪيا رَنجورُ مڙئي،

تنهنجي ڪائي ڪاڻ نه آهه کڻ ڌوڪي جا دستور مڙئي

سنڌڙي ڪنهن ارغون جي ناهي، سنڌڙي ڄام نظام جي آهه

غاصب تنهنجو ڪو حق ڪونهي، سنڌڙيءَ سنڌ جي عام جي آهه

سنڌڙي آهه ته سڀڪجهه آهي، سنڌڙيءَ سان ئي جندڙي آهه

اسان ته ڪجهه ڀي ناهيون سائين، جيڪي آهي سنڌڙي آهه

سنڌڙي شاهه لطيف جي سنڌڙي، سنڌڙي لال قلندر جي

توتي ڪائي ڌاڪ نه رهڻي آهي ڪنهن به سڪندر جي.

+ + +

سو مٺا، اهو آهي نظم سنڌڙيءَ جو، اميد ته پڙهي خوش ٿيندين.

هيءُ خط لکندي لکندي، وچ ۾ ڇڏڻو پيو هو، جو اوچتو سکر وڃڻو پيو هو، سنڌ جي شاعر اياز تي وري بد و خواهن حملا ڪرڻ شروع ڪيا آهن، چي، ’سندس نظم ”هي سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام،. . . .“ جيڪو ”روح رهاڻ“ جي سيپٽمبر واري پرچي ۾ ڇپيو هو، سو وطن دشمنيءَ جو نظم آهي،‘ وغيره. ڪوڙا پوسٽر هنيا ويا، پترا ڇپائي ورهايائون، اخبار ”مهراڻ“ ۾ بدنام ڪيائون، سرڪار وٽ دانهيائون. مطلب  ته هن مختصر ۽ مخصوص سنڌ دشمن ٽولي پنهنجي ذليل ڪارواين ۾ ڪين گهٽايو آهي. اميد ته اِهي ڳالهيون تو اخبارن ۾ پڙهيون هونديون ۽ پڙهندو  پيو هوندين. هتي ڪيترائي اديب ۽ فنڪار گڏجي ان سنڌ دشمن تحريڪ جو مقابلو، جيترو ٿي ٿو سگهين اوترو ڪري رهيا آهن. اميد ته بدخواهه دشمن دفع ٿيندا، ۽ سنڌ دوست جيئندا ۽ وڌندا.

هن خط سان گڏ اخبار ”نواي انقلاب“ ،سکر، جي هڪ ڪٽنگ توڏانهن موڪليان، ٿو جنهن ۾ منهنجو هڪڙو خط هنن ڇاپيو آهي. اِهو خط مون پنهنجي دوست مقبول صديقيءَ ڏانهن لکيو هو، جيڪو ان اخبار جو ايڊيٽر آهي- اخبار جي شروع ٿيڻ تي هن ڏانهن لکيو هوم. بنهه هينئر اوهان جي انسپيڪٽر صاحب مسٽر ڀٽي سان ٽيليفون تي ڳالهايم. چيائين ته ڊکڻ صاحب کي چيو اٿم ته هو اِهو ڪم ضرور ڪري ڇڏيندو.

خاطري رکجي.

وڌيڪ خير

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org