سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

 

باب: --

صفحو :1

خط ٻن اديبن جا

[1999]

جامي چانڊيو

مهاڳ

سماج جو بنياد انساني رشتن تي رکيل آهي. دراصل انساني رشتا ئي آهن، جن جي سَڳي ۾ سمورو سماج زندگيءَ جو روح يُوتَلُ هجي ٿو. جيئن جيئن  انساني سماج اُسريو ۽ ارتقا پذير ٿيو آهي، تيئن تيئن انسان جي گڏيل ۽ باهمي رشتن جون به نوعيتون سُڌريون، اُسريون، تبديل ۽ مربوط ٿيون آهن، انسان جي ان سموري سماجي ارتقا جي اِتهاس جون جيڪي بنيادي حاصلاتون آهن. انهن ۾ انساني رشتن جو سڌرڻ ۽ مربوط ٿيڻ به هڪ آهي. زندگي ۽ سماج جي هڪڙن رشتن جو تعين فطرت پاڻ ڪري ٿي، جن کي عام ٻولي ۾ رَتَ  جا رشتا چيو وڃي ٿو. پر ٻيا رشتا سماج ۾ انسان پنهنجين خاص اوليتن سب پاڻ طيءِ ڪري ٿو. جي اُهي ناتا مثبت ۽ گڏيل نيڪ مفادن ۽ اعليٰ آدرشن جي بنياد تي قائم آهن، ته انهن جو درجو ٻين سمورن ناتن کان مٿانهون ۽ اُتم سمجهيو ويندو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي ٻن سدا ملوڪ سڄڻن جي هڪ اهڙي ساههَ سُڌير سُٻنڌ جي ڪهاڻي آهي: هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا پنهنجي گرڀ ۾ سوين ٻيون ڪهاڻيون به رکي ٿي_ اهڙيون جيڪي ڄڻ ته هن ڪتاب ۾ محڪم ٿي ويون آهن پر پوءِ به انهن ۾ تازگي آهي، انهن ۾ ماضيءَ جي يادُن جي انوکي سرهاڻ ۽ سونهن آهي: اهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ ماضيءَ جا انيڪ احساس، اُڌما، ويچار، آدرش ۽ ڪردار اڄ به ساههَ کڻن ٿا: اهڙيون ڪهاڻيون جيڪي دل جي اکين جي هڪ اشاري سان روح جي اُونهاين ۾ لهي وڃن ٿيون ۽ ماڻهوءَ جي مَنَ کي ويا ڪلتا مان ڪڍي اميدن جي اَڪَٿ اوسر سان ڀري ڇڏين ٿيون.

هي ڪتاب سائين محمد ابراهيم جويي ۽ اسان جي يار عبدالقادر جوڻيجي جي دلي دوستيءَ جو دل پذير داستان ۽ دستاويز آهي، جنهن ۾ اُهي سمورا خط شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي هنن 1966ع کان وٺي ويندي 1976ع تائين هڪٻئي ڏانهن باقاعدگيءَ سان لکيا. جيتوڻيڪ هي خط ڪو خاص ادبي مقصد رکي ڪونه لکيا ويا هئا، پرسندن ٻوليءَ جي حسن، احساساتي گهرائيءَ ۽ ويچارن جي ورِونهنَ، هنن خطن کي اسان جي وڏي وَٿُ بڻائي ڇڏيو آهي. بلڪل ائين جيئن دنيا جا ڪيترا ادبي شاهڪار ڪنهن خاص ادبي مقصد تحت ڪونه لکيا ويا هئا، پر اڳتي هلي سندن فن ۽ معيارَ انهن کي بي مثال ادبي شاهڪارن جو درجو ڏئي ڇڏيو. هونئن به خطن کي ”ادب ِ لطيف“جي خاص ۽ اهم صنف مڃيو وڃي ٿو، جو ان ۾ اظهار جي بي ساختگيءَ ۽ سِڌي تخاطب جي ڏانوَ سبب، انهن کي لطافت جو پنهنجو چَسُ ۽ هُڳاءُ هجي ٿو. سائين جويي صاحب ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا هي خط به منهنجيءَ نظر ۾ اسان جي ادب جو هڪ لطيف حصو آهن. ڪجهه حوالن سان ته هنن خطن جي هڪ خاص حيثيت ۽ اهميت آهي. مثلاً سڀ کان پهرين ته هي خط سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي اُن دور جي احساساتي ۽ ادبي عڪاسي ڪن ٿا، جنهن دور ۾ ائين کڻي چئجي ته اسان جي ادب ۽ اديبن جا جذبا ۽ انهن منجهه جؤلان ئي ڪجهه اؤر هئا. ڇا ته زمانو هو. اسان جي نسل لاءِ ڄڻ ته اُهو دور هڪ خواب آهي، هڪ حسرت ۽ زمانن کي تبديل ڪندڙ مُرڪ آهي. هي اهو دور هو، جڏهن هڪ طرف اسان جي ٻوليءَ، ادب، ثقافتي توڙي قومي سڃاڻپ لاءِ خطرا پيدا ٿيا ته ٻئي طرف اسان جي سداحيات ٻوليءَ ۽ وطن سان پيار ڪندڙ،   ان جي انگ انگ جا گيت ڳائيندڙ، اديب، شاعر، دانشور ۽ قلمڪار هئا، جن حب الوطنيءَ، سچ ۽ سونهن سان سُچيتائيءَ ۽ سنڌ سان سـِرَسيتائي جا سوين داستان رقم ڪيا. هي اهو دور هو، جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ تحريڪون به هليون، رسالا ۽ ادبي ڪتابن جا سلسلا شايع ٿيا، جن سنڌ کي نئين ساڃاهه ڏني ۽ ڄڻ ته ذهني ۽ روحاني طرح نئون جنم ڏنو. هي اهو دور هو جڏهن سنڌ جا روشن خيال اديب ۽ شاعر پاڻ ۾ ڄڻ ته هڪ ڪٽنب جيان هئا. ۽ انهن ۾ اڄ جيان معمولي سببن ڪري وڏا ويڇا ۽ سَنڌا نه هئا. هي اهو دور هو جڏهن اسان جو هر باضمير ۽ ساڃاهوَند اديب شاعر قومي اڏاوت ۽ آجپي جي جُهُد ۾ جُنبيل ۽ ويرؤن وَڌ ِ هو. هي اُهو دور هو جنهن ۾ شيخ اياز سنڌ جو عظيم شاعر ٿي اُڀريو هو ۽جديد سنڌي ادب جا بنياد پيا. هن ئي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لازوال گيت، شاهڪار افسانا، ڪهاڻيون ۽ فڪري مقالا شايع ٿيا، ۽اهي سڀ ڳالهيون ’اهڃاڻ‘ احوال، جذبا جؤلان، قربتون، ٻوليءَ ۽ وطن سان لازوال سان محبتون ۽ آجپي جون اُڪيرون هن ڪتاب ۾ نه رڳو موجود آهن، پر زندهه آهن. ۽ اهوئي ڪجهه ته آهي جنهن هن ڪتاب کي  ڄڻ ته اُن دور جي تاريخ جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي_ هڪ انوکي تخليقي اسلوب ۾ لکيل تاريخ. هن ڪتاب ۾ هڪ طرف محمد ابراهيم جويو آهي، جيڪو هڪ ڏاهي استاد وانگر عبدالقادر کي ڄڻ ته فڪري چيچ کان وٺي سجاڳيءَ ۽ جي سداحيات سفر لاءِ اتساهي ٿو، سندس رهنمائي ڪري ٿو. سندس مَنَ ۾ علم، عرفان جا ٻج پوکي ۽ کيس ان ”فهم“ ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن سان ”پرين“ پسبا آهن، ۽ ٻئي پاسي عبدالقادر جوڻيجو آهي. سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر ۽ اڄوڪي ”شوبِز“ جي دنيا جو عبدالقادر نه پر جنهاڻ ۽ فضل ڀنڀري وارو ماستر عبدالقادر. جنهن ۾ ٿر جي اڃايل ڀِٽُنِ جهڙي تشنگي ۽ پڪل پيرُنِ جهڙي خوشبو آهي، جنهن ۾ ”ٿرين“ جهڙي سادگي، معصوميت ۽ ”ڪجهه“ ڪرڻ جي تانگهه آهي. هِنن خطن ۾ عبدالقادر جي ٻوليءَ کي پنهنجو حسن آهي. هن جي اندر جو فنڪار اُن ئي زماني ۾ وهيءَ چڙهيو. هن جي آرٽسٽڪ جوڀن جو جُوار ڀاٽا هنن خطن ۾ جهومندو نظر اچي ٿو. هونئن عام طرح اسلوب جي سادگي ۽ آرٽ ٻه مختلف شيون هونديون آهن، پر هي خط ۽ انهن ۾ عبدالقادر جي ٻولي، انهن ٻنهي شين جو خوبصورت امتزاج آهي. ڳالهيون_ ساديون سُوديون، بظاهر عام پر گهرِيون ۽ آرٽسٽڪ، اها ئي عبدالقادر جي ٻوليءَ جي انفراديت ۽ سونهن آهي. هنن خطن وارو عبدالقادر ڪا ٻي شيءَ آهي. هو اڄوڪي عبدالقادر کان گهڻو مختلف آهي_ پنهنجي شخصيت ۾، سوچ، فڪر، ٻوليءَ ۽ روين ۾. هڪ لحاظ کان هي خَطَ عبدالقادر جي آتم ڪٿا به آهن. مان ائين چوندس ته هن ڪتاب ۾ اهو عبدالقادر جوڻيجو موجود آهي. جنهن کي اڃا ”زماني“ جو واءٌ نه لڳو هو، جنهن تي اڃا ”شهري زندگي“ جو پاڇو به نه پيو هو. هڪڙو معصوم، خالص ۽ نِجُ نـِبارُ انسان_ ٻئي پاسي جويي صاحب جا خط ته پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن. وڏا ماڻهو پنهنجي وڏائيءَ جو اظهار زندگيءَ جي عام روين ذريعي ڪندا آهن ۽ هي خط جويي صاحب جي شخصيت جي وڏائي، مڻيا،وضعداري  ۽ ڏاهپ جا آئينه دار آهن. سنجيده نثر ۾ جويي صاحب جي ٻولي جو جواب ناهي. اها هن جي وڏائي آهي، جو هنن خطن ۾ ڪٿ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪو جويي صاحب جهڙي وڏي شخصيت هي خط نوجوان ۽ سيکڙاٽ قلمڪار کي لکيا آهن. هونئن ته سندس هي خط عبدالقادر کي ذاتي طور لکيا ويا هئا. پر حقيقت ۾ جي علامتي انداز ۾ ڏسجي ته هنن خطن ذريعي جويو صاحب هڪ پوري نسل سان مخاطب ٿيو آهي. سندس مدبرانه ڳالهيون، ساهه سُڌير ڏَسَ ۽ سهڻا آدرش، سندس ”خوابن واري سنڌ“ جا آئينه دار آهن.

هي خط مون کي ذاتي طرح ان ڪري بيحد وڻيا، جو جويي صاحب ۽ عبدالقادر، ٻنهي سان منهنجو پنهنجو به شخصي تعلق رهيو آهي. جويو صاحب منهنجو مهربان ۽ مَنَ جو سائين آهي ۽ عبدالقادر هڪ دل گهُريو دوست. انڪري ههڙي دلپذير ۽ روح پرور ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ سچ پچ ته مون لاءِ وڏي سرهائيءَ جي ڳالهه آهي. مون کي يقين جهڙي اُميد آهي ته ڪتاب سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ضرور پسند ڪيو ويندو ۽ جنهن هي ڪتاب پڙهيو، اُهو مُدتن تائين ڪتاب کي وساري نه سگهندو.

- جامي چانڊيو

حيدرآباد - سنڌ

11 - مارچ 1998ع

(1)

شاه عبدالطيف گورنمينٽ ڪاليج

ميرپور خاص هاسٽل جو روم نمبر 5.

پيارا سائين!

دعائن سلامن بعد احوال ته

هينئر آفيس مان کنڀڙون واڪي واڪي دوست وٽ اچي ڪريو آهيان. جتان هيءُ خط پيو لکان. پڇاڙيءَ جو اُستادن، روم جي چارج ڏيڻ وٺڻ ۾ اُرائي اچي کنيو. سو تڙتڪڙ ۾ ڪمري جا ٽپڙ ساري سنڀالي ڏيئي. ڊوڙي، اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيس. حيدرآباد ڇڏڻ وقت اوهان کان موڪلائي نه سگهيس ۽ نه وري پليجي جو ديدارڪري سگهيس. بهرحال ذهن جي جهوليءَ ۾ يادن جا ڪَڻا کڻي ڳوٺ پهتس. آئنده جون اميدون 10 اپريل سان ڳنڍيل آهن. اميد ته ملاقات ٿيندي. سائين، حيدرآباد ۾ رهي ڪري اوهان جيڪا راين ۽ مهرباني جي ڳاني منهنجي ڳچيءَ ۾ پاتي، جا ڪنڌ ۾ پيئي لڙڪي. ان لاءِ لک لک ٿورا.

اوهان ٿر گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. سچ پچ ايندا ته منهنجي اکين تي.

اسان کي اسڪولن جا آرڊر اڃا ڪونه مليا آهن. جي 9 اپريل تي حيدرآباد ۾ ملندا. اميد ته اوهان جون ڪوششون ڪامياب وينديون. ان وچ ۾ جيڪڏهن شيخ  صاحب ٽيليفون تي به مليو هجي، ته کيس هينئر ياد ڪري ٽيليفون ڪندا، هو صاحب  اڄڪلهه آفيس ۾ وقت گذاري پيو.

وڌيڪ ڪو ڪم ڪار پويوَ ته هيءَ سنڌ جي مٽي هر وقت حاضر آهي، پليجي صاحب کي نياز عرض آهن.

عبدالقادر جوڻيجو، ڳوٺ جنهاڻ

پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو، ضلعو ٿرپارڪر، سنڌ

(2)

منهنجا سائين،

گهڻي گهڻي پيار کان پوءِ احوال ته اسڪول جون چارجون وغيره وٺي، دخلڪار ٿي. ڪلهه ٽنگون  هڻي هڻي، اسٽيشن تي پهتس،۽ اُتان سڌو ڳوٺ آيو آهيان. اچي گهر ڀيرو ٿيو آهيان. اسڪول لاءِ ته ايترو چوندس ته ويران اسڪول ۽ ويران فنڪار. هاڻ ته ٻَکو ٻَک آهيون. پوءِ کٽي قسمت. شيخ صاحب اڃان ٿر ڏانهن امتحانن تي ويل آهي. ايندو ته چٺڙي پڄائيندوسانس.

واسلام

اوهان جو وڇڙيل ساٿي عبدالقادر جوڻيجو

في الحال ائدريس:

P.O.  جُهڏو، صلعو ٿرپارڪر

عبدالقادر جوڻيجو، ن. م. پرائمري اسڪول

ڪمال پتافي، برانچ آف پرائمري اسڪول،

جهڏو

(3)

ڳوٺ ڪمال خان پتافي

9 مئي 1966ع

مٺڙا سائين،

هن کان اڳ ميار لاهوڻي ڪري خوش خيرعافيت جو خط لکي ڇڏيو هئم،جو اميد ته مليو هوندوَ، ۽ هاڻ هيءُ ٻيو خط اِن اُميد سان پيو لکان ته جواب ملندم.

سائين! مون وٽ چوٿين درجي ۾ هڪڙو ڇوڪرو پڙهندو آهي، عجيب عادت اٿس. ساڳيا ساڳيا لفظ ورجائي، اُٿلائي پٿلائي، تنگ ٿيندو آهي، تڏهن ڪتاب جي شروع ۾ اوهان جو لکيل نالو زور زور سان پڙهندو آهي ”محمد ابراهيم جويو. . . محمد ابراهيم جويو. . . محمد ابراهيم جويو.“ منهنجي ڪاري ٻاٽ ذهن ۾ ڪا ياد جي تيلي سرڙاٽ ڪري ٻري ويندي آهي ۽ آءٌ روز خط لکڻ جو ارادو ڪندو آهيان، پر پوءِ پُڄان ڪونه. لکڻ ويهان ته ڄڻ ڪنهن هٿ ڀڃي ڇڏيا هجنم.

منهنجا سائين!مون تي سدائين سستيءَ جو پهرو هوندو آهي. پهريدار ڀالا کڻيو منهنجي هردي مُردي جي چوڌاري پيا ڏند ۽ ڀالا کُڙڪائيندا آهن. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن چخي ڏيئي پهريدارن کي ڀڄائي ڪڍندو آهيان ته ڪڏهن افسانو  لکيو وٺان، ڪڏهن ڪو آزاد نظم (جو ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڦاڙي ڇڏيندو آهيان) ته ڪڏهن وري ڪنهن دوست ڏانهن ٻرندڙ خط. اڄ سڻائو واءُ وريو آهي اوهان کي خط پيو لکان، پوسٽ ته الائي ڪڏهن ڪندس.

منهنجا ڏينهن، منهنجيون راتيون، ڳالهيون ئي نه پڇو! روزانو دورزخ جي باهه ۾ ٻرندو ۽ سڪل ڪاٺين وانگر ٽـِڙڪندو آهيان. ويچارا شاعر ته رات جو اوسيئڙو پيا ڪندا آهن ته ڪڏهن ٿو سج نڪري، ڪڏهن ٿي هيءَ قهري رات ڇڙيون هڻي هڻي دم ڏئي. پر سچ پڇو ته مون لاءِ صبح جي تکي ڳاڙهاڻ پاڻ سان رت جا وٽا ۽ باهه جا اُلا کڻيو اچي. پوءِ سڄو ڏينهن پُڄرڻ ۽ اسڪڙڻ ۾ لنگهيو وڃي. وڃيو وڃيو ڏينهن جا ٻه گهوٻاٽا کُٽن ته آءٌ به ساڻو ٿيو رات جي هنج ۾ هليو وڃان. رات جي هنج ته ڪانهي، مولا ٿو ڄاڻي محبوبه جي هنج آهي، امن جي هنج آهي، سُک جي هنج آهي. پوءِ سبح جو ساڳيو شفق جو اوڳاڇيل رت، ساڳيا ٿُڙ، ساڳيا ڪهاڙا، ساڳيا کپا.

هفتو کن به ڪونه ٿيو آهي، اسڪول ۾ ٻارن سان پئي وچڙيس، هڪڙو ڪولهي شاگرد اڳيان اچي بيٺو. منهن اَڌوتو، ڪپڙا شاعر جي دل وانگر چيرَ چيرَ، پير اُگهاڙا.

”شائين مَني موڪل ڏيو.“

”سائين مين وٽ ڪتاب ڪُنهين،شيٺ بصرٿو وڍائي، بصر وڍي ڪتاب ڳڙهندس“_اٽڪيل اٽڪيل ڇڙوڇڙ لفظ.

ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ_.

ڀانيان ٿو يارهين کن جو ٽائيم، هوا درين مان رونگٽ ڪندي مٽيو ٿي آئي. اسڪول جي در مان ٻاهر، ڪوٽ جي در ڏانهن نهاريم. اڳ ۾ ٿڙڪندڙ ۽ سڏڪندڙ ڌراڙ، پويان وڏيرو نيٽ سوڌو.

”هل پُٽ هل، تنهنجي آءٌ ٺاهيو ٿو مرمت ڪريان، لوفر ڇورا“

ٻَئي هلي اچي ڀرواريءَ ڪوٺيءَ ۾ ويٺا. ان ڪوٺيءَ ۽ اسڪول جي وچ ۾ در آهي ، جتي منهنجي ڪرسي پيل هوندي آهي.

”هون. . . . .“ سيٺ جا ڌڪ سٽڪا ڪندا ڌراڙ جي بُت کي نانگن وانگر ويڙهجندا ويا.

”الاڙي سائين . . . گهوڙا ڙي، ٻيهر ائين ڪونه ڪندس ٻڇڙا بچنئي، اڙي مري ويس، اڙي الاڙي“

”ها پٽ، ڀلي عشق ڪماءِ . . . .ڳوٺ جون نياڻيون تڪ. . .هوءَ ماڻهين هُتي مائٽن نيٽن سان سڙهي ڇڏي آهي. . . . تون ڪو لاٽ صاحب جو پٽ ڪونه آهين . . . .“ ان ڏيٺاري تان نظرون هٽائي، شاگردن ڏانهن نهاريم. ڌراڙ جو  ڀاءُ. . . . الا . . . .هيٺيون چپ ڏندن هيٺان، اکين ۾ لڙڪن جي اُٿل ، چپ چپ ڄڻ دل بيهي رهي هجيس. .. . سندس نهارڻيءَ لاءِ ته مون وٽ تشبيهه ئي ڪانهي. . . . اڃا به سوچ ڌراڙ جي پرينءَ ڏانهن ٿي وڃي ته پينَ ٿو ڀڃيو وجهان، رواني الاهي واقعا ڏسان پيو. جي اوهان کي وڻيا، ته لکندس .

گهڻو وقت ٿيوهو، جو خط لکيو هئم معاف ڪندا، جو دير سان موڪليان پيو. ”زال ذات“ جو رد عمل اوهان تي الائي ڪهڙو ٿيو. مهرباني ڪري وڻـِي يا نه وڻيءَ جي خبر ڏيندا.

 

اوهان وارو غريب يار

پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو، ٿرپارڪر

(4)

حيدرآباد، سنڌ

17آگسٽ 1966ع

منهنجا ننڍڙا مٺڙا ڀاءُ عبدالقادر

تو هيلتائين ٽي خط لکيا آهن. ٽيئي مون وٽ سنڀاليا رکيا آهن. آءٌچاهيان ٿو ته تون مون ڏانهن ائين خط لکندو رهه. تنهنجو هر هڪ خط پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿئي ٿي. آءٌ توکي جواب به ڏيندس. سچ پڇ ته ٻيو خط تو پنهنجي اسڪول منجهان لکيو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اوهان کي وئڪيشن ٿي وئي. سوچيم پئي ته هڪڙيءَ ائڊريس تي تو ڏانهن جواب موڪليان. تنهنجي ڳوٺ جي ائڊريس مون وٽ ڪانه هئي. اُهو ڏينهن ڪونه ٿي گذريو، جنهن ڏينهن تو ڏانهن خط لکڻ جي تانگهه ڪانه ٿي ٿيم. پهرئين خط جو جواب تو ڏانهن ميرپورخاص جي ڏنل ائڊريس تي موڪليو هيم، جو توکي ڪونه پهتو. تنهنجڪري جواب نه ڏيڻ جي ميار پاڻ تي ڪانهي، آءٌ ترسيو ويٺو هئس ته وئڪيشن پوري ٿئي ته تنهنجي اسڪول تي توڏانهن خط لکندس، تنهنجو هيءُ خط مليو ته ڏاڍي خوشي ٿي.

افسانا تنهنجا سڀ جيڪي به ڇپجن ٿا سي آءٌ ۽ ٻيا دوست ڏاڍي ڌيان سان پڙهون ٿا. جيڪڏهن منهنجي صلاح مڃين ته جيڪو به افسانو لکين اهو پهريائين مون ڏانهن موڪل. اها چڱي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ توکي آءٌ چوان ٿو. پوءِ جنهن به رسالي کي چوندين ان کي افسانو آءٌ پهچائي ڏيندس ۽ ڇپائيءَ تائين ان تي نظر رکندس. پر جيڪڏهن ائين ڪرڻ ۾ ڪجهه باز محسوس ٿي ته ڀلي نه ڪج. هر صورت ۾ اهو يقين رک ته تنهنجي لاءِ نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جي خواهش رکندڙ تنهنجا ساٿي ۽ همراهه هتي هڪ نه، ٻه نه، پر گهڻا گهڻا، ويندي تنهنجي سوين هزارين سمجهدار پڙهندڙن تائين، ۽اُهي لکين انسان پڻ جيڪي هونئن ته بي زبان، گگدام ۽ ڳوڀ آهن، جن کي پنهنجي افساسن ۾ تون پيش ڪرين ٿو، ۽ جن جا ڏک سور ٻين کي ٻُڌائين ٿو ۽ ٻين سان ونڊين ٿو_ اُهي سڀ سوين هزارين لکين ماڻهو تنهنجي نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جي خواهش رکندڙ تنهنجا ساٿي ۽ تنهنجا همراهه  هـِتي ۽ سنڌ ۾ هر هنڌ موجود آهن.

ٻي ڳالهه ٻڌ! اسين تنهنجي ٿر ۾ آيا هئاسون! ڪيئن ٿو ڀانئين!جمال ابڙو،شيخ اياز، ڀَٽـِي ۽ آءٌ. ڏيپلو، مٺي، اسلام ڪوٽ، نگرپارڪر، ڇاڇرو، عمرڪوٽ، مطلب ته سڄو تنهنجو ٿرپارڪر گهمي ڦري ويا آهيون.

هر هنڌ تنهنجي يادگيري هئي. تنهنجي ڳوٺ جو پتو ڪونه هو. جتي ڪٿي ماستر عبدالقادر جوڻيجو پئي ڪيوسين. چون ته ”هي ٿر آهي ئي جوڻيجن جو، سو اوهان جي يار کي ڳولي ڪٿي ڳولجي، ڪو ڳوٺ جو پتو پار ٻڌايو! سو ٿر ڏسي موٽياسون. پر ٿر دل تي چٽو ٿي بيهي رهيو آهي. ڏاڍو وڻيو ڏاڍو وڻيو. ٿر ته سڄو افسانن سان ڀريو پيو آهي. اسلام ڪوٽ ۾ لوڪ رس جو مليو ٿيو_ اسان لاءِ جنهن ۾ لوڪ گيت، لوڪ رهاڻ ۽ ناچ ڏيکاريائون ۽ ٻڌايائون.

بس مٺا ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين! همرچو به ٿر ۾ رستي پنڌ هر هنڌ ٻڌوسون! نگرپارڪر ۾ ڀٽ ۽ چارڻ به ٻڌاسون. ٿر جون تاريخي جايون به جيڪي ممڪن ٿي سگهيون، اُهي ڏٺيونسين. ٿر اهو هڙٻاٺيون نڪتل، سڪي ٺوٺ ٿيل بندو آهي، جنهن تي مينهن ٿو پوي ته نئين سر جوانيءَ جي ريهه نڪريو ٿي اچيس. هر سال ٿي مٿس اها جواني اچي تو جا اها ڊپ جهڙي ڳالهه ٻڌائي آهي ته ”هڪ ٻيو مينهن هفتي کن ۾ نه پيو ته ٻاجهريءَ جي ڪاني وانگر ٿر ويچارو لَڙي پوندو.“ سو ائين ٿيندو، ان جو احساس رڳو انهن کي ٿيندو جن ٿر ڏٺو آهي. ڌرتي ماتا ۽ آڪاس پتا-ٻنهي جي رس ۽ قرب تي جيترا ٿر جا مارو ماڻهو ڀاڙين ٿا، ايترو ڪن ٿورن ٻين ماڻهن کي ڀاڙڻو پوندو. شال ڌرتي– آڪاس جا هي معصوم ٻچڙا پنهنجي ماءُ پيءُ جي پيار جي نظر هيٺ هميشہ خوش ۽ سلامت رهن.

”سهڻي“ رسالي ۾ مون هڪڙو اڀياس پيش ڪيو آهي. پليجي جي افساني “پسي ڳاڙها گل. . . .“ تي اهو اڀياس لکيل آهي. هفتي کن ۾ اهو پرچو نڪرندو. تو وٽ ضرور پهچندو. اهو ضرور پڙهج ۽ پنهنجي رد عمل کان واقف ڪج.

هتي ڪجهه ”روح رهاڻ“ ۽ ”سهڻي“ جي هلائيندڙن جي اڻبڻت سبب اديب ۽ شاعر دوستن ۾ ڪجهه ڦڪت جا آثار پيدا ٿي پيا آهن. پاڻ جيڪي ڳالهيون ٻولهيون هـِتي اِنهي سوال تي ڪيون هيون . اُنهن تي آءٌ اڃا به بيٺل آهيان، پر گهڻِ ۾ پاڻ کي يعني هـِتي انهن کي جن لاءِ پاڻ کان مٿي مقصدُ آهي، وڃڻ نه گهرجي. گهڻي قدر اسين انهن سڀني جا دعاگو ۽ بانهن ٻيلي آهيون، جيڪي ادب جي ميدان ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ ڪجهه نه ڪجهه اثرائتي خدمت ڪندا ٿا رهن. اسين انهن ۾ ويڇو وجهڻ يا ويڇو وڌائڻ جي حق ۾ نه آهيون. اسين چاهيون ٿا ته منجهانئن، جيڪا ڌُر يا جيڪو ماڻهو جيترو به جوبدار هجي، اوترو مڃي ڪري هڪٻئي جي ويجهو اچن، هڪٻئي کان پري نه ٿين، ڇو ته ويجهي اچڻ ۾ فائدو سندن ۽ اسان سڀني جو آهي. پري ٿيڻ مان چوپاسو نقصان آهي. اميد ته تون پنهنجي ساٿ سنگت سان خوش وخرم هوندين. تنهنجا سڀ افسانا مون کي وڻيا آهن. ڪي گهٽ ڪي وڌ وڻيا.

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

(5)

ڳوٺ ڪمال خان پتافي

سائين،

اوهان جو خط مليو، اِئين جيئن ڪنهن اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪو کڙ کٻيتو لنگهي اچي. اميد ته اوهان جي چوڻ موجب ائين آئنده پڻ ٿيندو رهندو. آخر اوهان اهو ڇو لکيو ته اوهين ٿَرِ آيا هُئا. مون کي ته ڪڙيائين لٺ هڻي ڪڍي اٿو. سا به لوندڙيءَ واري. اوهان سان ملاقات ٿي نه سگهي، جڏهن اوهين گهر هلي آيا! ايتري پَڪ اَٿم ته مون کان صرف ٻن ميلن جي پنڌ تان مٽيا آهيو. اوهين نئين ڪوٽ آيا هوندا، ضرور انهيءَ مـِيرن جي پراڻي قلعي وٽان مٽيا هوندا، جو ٿر ۽ سنڌ جي وچ ۾ ڳنڍ جي حيثيت رکي ٿو. جتان ڀٽن جو درياءُ شروع ٿئي ٿو- لهرون هڻندو، هيٺ مٿي، هيٺ مٿي لهرون ئي لهرون، ڏهوڪا گولاڙا، همرچا ڪجليا، پڙاڏا، اُڀن ٽونڪن سان ڀِٽون.

ها: ته انهيءَ قلعي کان ٻه ميل سَرِ اُڀرندي ڍوري جي ڪپ تي، ٿوهرن جي گهاٽي جهنگ ۾ ويڙهيل ڳوٺ آهي- جنهاڻ- اُتيئي، هيءُ مست ويٺو هو. پر خير،. . . .ڳالهه هٿن مان نڪري ويئي آهي، پويان رڳو زخم ڇڏيا اٿس، سي به دل تي، باقي پڇڻ سان ته اوهان پوريون ڪري ڇڏيون- مون کان ته ٽهڪ ٿا نڪريو وڃن. ڀلا هيڏي ساري ٿر ۾ هڪ ماستر کي ڪير سڃاڻندو-واهه منهنجا معصوم همعصر ساٿيو!

پليجو نَرُ ٿر ڪونه آيو، ڇو؟ ڀلا واٽ ڏَسُو ڪير هووَ. جهيڙي جو ٻڌي مون کي ته ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. ها! جهيڙو جتي نقصانڪار آهي اُتي فطري پڻ.

مون ته ڀارت جي سنڌي رسالن ۽ پاڪ جي اردو رسالن کي پاڻ ۾ وڙهندو ئي ڏٺو آهي.

ظاهر آهي ته پاڻ سڀڪنهن جا همدرد آهيون-مَنَ ٺَهي  وڃن اوهين ڪوشش ڪريو. همراہ آهن نازڪ مزاج.

اوهان جو لکيو آهي ته پنهنجا افسانه ڇپجڻ کان اڳ اوهان کي موڪليان، ڀلا ان کان وڌيڪ اوهان جو ٿورو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. آءٌ ته ان ڪري ماٺڪو(ماٺ ڪيو) ويٺو هوس ته همراه  تي بار ٿيندو- ٻه اشاعتي ادارا ڪنڌ تي، مٿان اسان جون بيگرون، ڪيئن به آهي آءٌ هڪ افسانو ”وِکَ وَکُ وِههُ“ خط سان گڏ موڪليان ٿو. ٻيو افسانو ” واٽون ۽ رول“ سگهوئي موڪليندس. آءٌ اُميد ٿو رکان ته اوهان موٽ ۾ هن ڪهاڻيءَ تي راءِ موڪليندا. پسند ٻسند ڇُٽي، پر اوهان جون ته گاريون به مون کي گل ٿي لڳنديون. هيترا افسانا لکيا اٿم. ايماندارانه راءِ منهنجي همت ڪانه گهٽائيندي. پَڪ ڄاڻو- ڪهاڻيءَ کي ڪا ڪمزوري هُجي ته اُن ۾ دُرستي ڪندا ضرور. بلڪل نه وڻيوَ ته ختم ڪري ڇڏجوس ڇو ته آءٌ پنهنجي تخليق تي رحم ڪونه ڪندو آهيان. جي سڀ مرحلا مٽي وڃي، ته ”سهڻيءَ“ جي حوالي ڪري ڇڏجو.

پليجي جي ڪهاڻيءَ تي ٿيل تنقيد ته مون کي تنقيد براءِ نڪته چيني ٿي لڳي. خار ۾ اچي چئن صفحن جو جواب پڻ لکيو اٿم. فيئر ڪري سگهوئي ”سهڻيءَ“ کي موڪليندس. ظلم ته ڏسو نقادن جو:”ڪهاڻي بور آهي،“ ”ڪهاڻي چَٽڻي آهي.“ ڇا ڪريون يَر. ڪراچي هوٽل ۾ ويهو همراه بم جو بٽڻ دٻايو ڏين. پنهنجي تخليق جو قسم ته ههڙي ڪهاڻي مون پنهنجي عمر ۾ ڪانه پڙهي آهي. مون کي ته دنيا جا وڏا ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ اڳيان سجدو ڪندا نظر ٿا اچن. سائين سنڌ جي نقادن لاءِ اياز سچ چيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ته سنڌي ماحول جا لينگها ڪڍي ڇڏيا آهن. آءٌ پليجي جي نئين ڪهاڻيءَ جي انتظار ۾ آهيان.

اوهين ٿر گهمڻ آيا، ضرور تاثرات وغيره لکيا هوندوَ. اياز جو ردعمل ڇا هو؟ رشيد ڀٽيءَ جون تازيون ٻه ڪهاڻيون پڙهي ڏاڍو افسوس ٿيم. ڪجهه به ڪونه هُئو اُنهن ۾.

اوهان ته ٿر ڏسڻ جي آرزو پوري ڪئي، پر آءٌ الائي ڪڏهن جي ايم سيد ڏسڻ واري آرزو پوري ڪندس.

ٿر لُڙهي ويو آهي. فضل ۽ گاهه جو رنگ ڦري سُنهري ٿيو آهي. واءَ جي زور تي اُڌاڻل واري نَريُن تي اچيو ٿي لڳي.

اوهان خط ڳوٺ جي ائڊريس تي لکندا.

P.O. Fazal Bhambhro, Tharparkar.

To Abdul Kadir Junejo, Janhan

حيدرآباد جي ادبي حالتن کان واقف ڪندا رهندا. جيئن گذريل خط ۾ ڪيو اٿو. لک ٿورا سمجهندس. ڀلا اِهي همراهه ڇا تان وڙهيا؟ ڇو وڙهيا؟

اوهان جو پنهنجو، سنڌ جي مٽي.

عبدالقادر

وري پوءِ. . . . .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org