مون کان آخر رهي نه سگهيو، ”تون چوين ٿي ته بسترو
ڀلي ڪري وڇائي، پر منهنجي وهاڻن کي هٿ نه لائي.
روڪينس وڃي.“
منهنجي طبيعت کان هوءَ واقف هئي، اٿي ٻاهر وئي ۽
زينا کي چوڻ لڳي، .”اهو صاحب جو هنڌ نه وڇائجئين.“
”ڇو بيگم صاحب، وڇي ته ڀلي ٺري.“
”نه نه صاحب اڃا به سمجهي ٿو ته هٿ ککا هوندس.“
انهيءَ ڳالهه جو زينا تي ڇا اثر ٿيو سا ته مون کي
خبر ناهي جو مان اندر ويٺو هوس، پر مون سک جو ساهه
کنيو.
صبح جو جڏهن مون ناشتي کانپوءِ چانهه گهري ته چمچو
منهنجي زال جي هٿ مان ڪري پيو. منهنجي زال جهڪي
چمچو ته کنيو پر گڏوگڏ رڙ به ڪئي، ”زينا.“
زينا آئي. صاف سٿري ڊگهي، لان جي چولي ۾ لوڏ
نروار هيس.
”هي چمچو ته ڌوئي اچ.“
زينا چمچو ته هٿ ۾ ورتو ۽ ٻاهر نڪري ويئي پرمنهنجي
دل ڪچي ٿيڻ لڳي.
”ٻيو چمچو کڻي اچ يا تون اٿي پاڻ ڌوئي اچ نه ته
اها چانهه پاڻ کان زور آهي.“ مون چيو.
ايتري ۾ زينا چمچو ڌوئي کڻي آئي پر پنهنجي آڱوٺي
سان چمچي تان پاڻي پئي اگهندي آئي. اهو ڏسي منهنجي
زال چمچو وٺي ٽيبل تي رکيو ۽ پاڻ اٿي وئي ٻيو چمچو
کڻڻ. پر مون کي اهو چمچو جيڪو ٽيبل تي رکيو هو ڄڻ
ڏنگي رهيو هو.
چانهه پي ٻاهر نڪتس ته درمحمد جيپ صفا ڪري رهيو هو
۽ اسٽيرنگ تي هڪ ميري ڪپڙي سان اهي گهڪا ڏيئي رهيو
هو جو بس ڀلي.
”بابا، تنهنجو اهو ڪم ناهي. ڊرائيور ڇا جي لاءِ
آهي.“
درمحمد ڏند شيڪي کلڻ لڳو. مون کي ويتر بڇان لڳي.
سندس ڏندن تي پيلاڻ ڄميل هئي،جيڪا آلي هئڻ ڪري
جرڪي پئي ۽ مون محسوس ڪيوته درمحمد جي وات ۾ کلڻ
مهل يا ڳالهائڻ مهل عام ماڻهن کان وڌيڪ آلاڻ ڏسڻ ۾
پئي آئي. هن ڳالهايو ائين پئي ڄڻ سندس زبان، ٿڪ جي
تلاءُ ۾ ٽٻي ڏيئي ٻاهر پئي اچي ۽ وڃي. منهنجي لڱن
۾ عجيب ڪريڀ جو احساس ڦهلجي ويو.
هونئن عام طور تي جيپ مان ئي هلائيندو آهيان، پر
اڄ اسٽيرنگ تي ويهڻ جي همت نه ساريم ۽ ڊرائيور کي
اشارو ڪيم. ٿورو اڳتي جڏهن هلياسين ته مون ڊرائيور
کي چيو، ”علي احمد، هي نوڪر ۽ سندس زال ڏاڍا گدلا
آهن.“
”سائين هت غريبن جي حالت اهڙي ئي آهي.“
”ڪو ٻيو ماڻهو ڳولهه ته انهن ٻنهي کي موڪل
ڪرائجي.“
”سائين ڪوشش ڪريان ٿو.
اسين چپ ٿي وياسين.
”ماڻهو ڳولڻ ۾ اهو احتياط ضرور ڪجائين ته اهي پلو
مڇي نه کائيندا هجن ته وڌيڪ چڱو.“
”سائين اها ته ڏکي ڳالهه آهي،“ ڊرائيور چيو. ”هت
ماڻهن جو کاڄ ئي پلي ۽ مڇيءَ تي آهي.“
”اسين کين گوشت کارائينداسين.“
علي احمد کلڻ لڳو. مون پڻ سمجهيو ته صحيح ڳالهه نه
ڪئي اٿم.
شام جو جيپ ۾، مان، زال ۽ بيبي ٽيئي سجاول کان
ٿورو اڳتي سنڌو درياهه تي ٺهيل نئين پل ڏسڻ
وياسين. درياهه ۾ پاڻي خير ڪو هو. هڪ طرف معمولي
وهڪرو هو ۽ ٻيو درياهه سڄو سڪل هو. اسين جيپ تان
لهي، پل تي هلڻ لڳاسين. عربي سمنڊ جون هوائون،
اسان کي ڏکڻ کان اتر ڏي اصل ڇڪيو پئي ويون. مون
واري زال ته ڄڻ هوا جي رسن ۾ چوڌاري ويڙهجي ويئي ۽
هلڻ ئي ڏکيو ٿي پيو. پوءِ اسين پل جي انهيءَ حصي
تي اچي بيٺاسين، جت هيٺ ڪجهه مهاڻا، درياهه ۾ رڇ
وجهيو ويٺا هئا ۽ سڪيءَ تي ڀرسان ڪاٺين جي مچ تي
ٻه ڄڻا، پلو تري رهيا هئا. ايترو مٿان ڏسڻ جي ڪري
مون کي ڪا شيءِ محسوس نه ٿي. پاڻ پنهنجي زال سان
ڏاڍي دلچسپي سان پلو ترندي ڏسڻ لڳس. ايتري ۾ هڪ
مهاڻو جيڪو پاڻيءَ ۾ بيٺو هو، تنهن ٻه پلا، جيئرا
جاڳندا، پوري زور سان، سڪيءَ ڏي پنهنجن همراهن
ڏانهن اڇليا. هڪ مهاڻي اٿي پلن کي کنيو. تازا تازا
پلا، پاڻي مان نڪتل، جرڪيا پئي ۽ مهاڻي جي هٿن مان
ائين ترڪيا پئي جو سندس مضبوط هٿن ۾ به نه بيهي
سگهيا.
اسان ڪافي دير اتي بيٺا رهياسين. سج به لهڻ جي
ڪئي. اسين به موٽڻ لڳاسين. ٻه مهاڻا هلندا هلندا
اسان تائين رسيا. مون کي کٽي کنئي جو پڇيومان،
”ميان خوش ته آهيو.“
هنن ادب سان سلام ڪيو ۽ هڪ ڄڻي وڌي مون سان هٿ
ملايو. نه چاهيندي به منهنجو هٿ وڌيو ۽ انهيءَ
مهاڻي سان ملايم جنهن کي ٿوري دير اڳ ٻه پلا جيئرا
جاڳندا کڻندي ڏٺو هوم. ٻئي مهاڻي جي پٺن تي پلن جي
ڇٻي هئي، تنهنڪري انهيءَ هٿ ملائڻ جي مهرباني نه
ڪئي. اُهي ته هليا ويا، پر منهنجي لاءِ آزار ٿي
پيو. پنهنجو هٿ اوپرو پئي لڳو. گهڻو رومال سان صاف
ڪيم پر ذهن تي اهڙو احساس ڇانئجي ويو جو بس. زال
مون واري ٽهڪ پئي ڏيئي.
”توهان کان ڄام تماچي چڱو، جو بادشاهه ٿي اچي کک ۾
ويٺو.“ منهنجي زال ٻيا ٽهڪ ڏنا.
”جي مان تاريخ نويس هجان ها ته ڄام تماچي کي سنڌ
جي بدبودار بادشاهن جي قطار ۾ بيهاريان ها. مان
ڀانيان ٿو اهو هڪڙو ئي بدفضيلتو بادشاهه هو. پنهون
اگر پاڻ نوايو ته به ڪپڙا ڌوتائين. اهو به صفائيءَ
جو ڪم هو.“
”ميهار جي متعلق ڪهڙو خيال آهي؟“ زال پڇيو.
”هن مينهون ڏڌيون، کک ۾ ته نه ويٺو. خير ماهيو
گوشت ڪا چڱي شيءِ ناهي. اسان جا ديسي عاشق به واهه
جا جيوڙا هئا. هوڏانهن مجنون ۽ فرهاد کي ڏسجي ته
انهن کان گهڻو صفائي پسند عاشق هئا. برپٽ منهن ۽
جبل منهن ڪري ويا پر پلا ڪونه ماريائون نه ڪو
مينهون ڏڏئون.“
”عشق ته اهو ئي آهي نه. توهان به عشق ۾ روهڙي
اسٽيشن تي تارا ڳڻيندا هئا نه.“
”عشق ۾ تارا ڳڻڻ انهن عاشقن جو ڪم آهي جيڪي فضيلت
ڀريا ۽ سلڇڻا هوندا آهن.“ ايترو چئي مون کان به
ٽهڪ نڪري ويو. پر هٿ جي آڱرين ۾ عجيب ڪريڀ جهڙي
سوُن سوُن پئي ٿي ۽ منهنجي ڪنن ۾ اها سوُن سوُن
صاف ٻڌڻ ۾ پئي آئي. اکين ته بلڪل ڏٺو پئي ته هٿ
سان ڪهڙو انڌير ٿيل هو.
ائين ڪجهه ڏينهن گذريا. مان پنهنجي طبيعت تي ڪجهه
ضابطو ڪري چڪو هوس ته منهنجي زال اعلان ڪيو ته
هوءَ سڀاڻي ڪراچي ويندي جو ٻئي ڏينهن پڻس جي اک جي
آپريشن هئي. ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ مون کي به اچڻ جي
تاڪيد ڪيائين. هن وقت اسان جو سيڪريٽري پئي آيو.
خير سائين زال مون واري ته وڃي ڪراچي پهتي، پر مان
رُلي ويس. پهرئين ڏينهن صبح جو درمحمد جا لاهه پٽي
ڇڏيم. گڏهه چانهه کڻي آيو. چانهه رکيائين ڪوپ کي
ڪا ذرڙي مير لڳل هئي. چيومانس صاف ڪري اچ. سو ڪوپ
کڻي پنهنجي ميري قميص سان صاف ڪري چلڪائي کڻي
منهنجي اڳيان رکيائين. مان ڪاوڙ ڳيت ڏيئي پي ويس.
ٿوري دير کانپوءِ کير جو گلاس کڻي آيو ان ۾ ڪو ڪک
ذرو هو يا ٻيو ڪجهه. نالائق ڇا ڪيو جو منهنجي
سامهون، پنهنجي ٿلهي داڦوڙي جهڙي چيچ کير ۾ ٻوڙي،
ڪک ڪڍي، سمجهيائين ته ڏاڍو فضيلت ڀريو خدمت جهڙو
ڪم ڪيو اٿم ۽ گلاس ڏهن ئي آڱرين ۾ سوگهو جهلي مون
ڏانهن وڌائيندي چيائين، ”بسم الله- بابا سائين کير
حاضر آهي.“
کير ته مون نه پيتو پر ’بسم الله بابا سائين‘ ڊوڙ
پائي ٻاهر ڀڳو. جوڻس ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺي هئي، تنهن
پڇيس ته خير ته آهي. مون اندر ڪمري منجهه رڳو
ايترو ٻڌو: ”ڇتو ٿيو ويٺو آهي.“ ۽ هو شايد در کان
ٻاهر نڪري ويو. مان اندر ڪاوڙ ۾ ويٺو هوس. زينا
اندر آئي.
”سائين خير ٿيو، ڪا خطا ٿي ويئي.“
”نه ڪجهه نه- پر انهيءَ کي چئي ڇڏ، منهنجي سامهون
وري نه اچي.“
زينا اتي بيٺي هئي. بي ڊپي، منهنجي زال جا ڪپڙا
سندس بدن تي ٺهيا پئي. هوءَ واپس مڙي ۽ ٻيو کير جو
گلاس ڀري کڻي آئي- ٽري ۾. اها ڳالهه مون کي وڻي.
اها هئي منهنجي زال جي ٽرئننگ. مان کير پيئڻ لڳس،
هوءَ ڳالهائي رهي هئي: ”صاحب تنهنجي ڪري ٻه هفتا
ٿيا آهن جو پلو نه چکيو اٿم. رڳو تون خوش رهه
اسانجا ڀاڳ انهيءَ ۾ ئي آهن.“
”مڙسئين کي به ته سمجهائي.“ مون اهو مناسب موقعو
سمجهيو ته کيس مڙسس جي گدلائپ جو ٻڌايان.
”سائين ڪهڙي ٿو ڳالهه پڇين. تون بادشاهه توسان
ڪهڙو ڪوڙ- مئي کي چيو به هوم ته وهنجي سهنجي صاب
جي اڳيان وڃ. اهو ميرو مٿو نه کڻي وڃ...“
مان کير پيئندي ڇرڪيس.
”جي...“
”صاب منهنجو چاچو به پٽيوالو هو، پڇاڙي ۾ نائيڪ جي
عهدي تان لٿو، سو چوندو هو ته: پير فقير جي درگاهه
۽ هاڦيسر جي ڪمري ۾ ڪڏهن به اهڙي جهڙي حالت ۾ نه
وڃجي. هو ماڻهو نصيب جا مالڪ آهن. الائي ڪهڙي
ڳالهه نه وڻين.“
مون کير پي گلاس کيس ڏنو ۽ پهريون ڀيرو کيس غور
سان ڏٺم. سندس منهن سُرهو هو ۽ وار اڃا آلا هئس.
اکيون ڄڻ ڀالا هئس. هوءَ گلاس کڻي مڙي ته مون ڏٺو
ڍِلن ڪپڙن ۾ به سندس جسم جي لوڏ لک پئي لهي.
سمجهان ٿو ته هوءَ پيار جي بين الاقوامي زبان جي
ماهر هئي ۽ منهنجي اکين مان ڳالهايل هڪ ٻه جملا
پوريءَ ريت سمجهي ويئي هوندي.
جيپ هلائيندي مون زينا متعلق سوچيو پر منهنجي ذهن
۾ جيڪا کک سمويل هئي سا زينا جي سڄي خيال تي وري
ويئي ۽ مون ڳيت ڏني سا ڪجهه کير هاڻي، درمحمد جي
چيچ جي گدلي ڇهاءُ لڳل ۽ زينا جي ککي بدن جي بوءِ
سان سمويل پئي لڳي. ذري گهٽ الٽي ٿي آئي. مون
اوڏيءَ مهل فيصلو ڪيو ته پهرين فرصت ۾ ڪراچي ڀڄي
ويندس.
منجهند جي ماني هڪ دوست جي گهر کاڌم ۽ سعيو ڪري
دير سان گهر پهتم. زينا ورانڊي ۾ منهنجي انتظار ۾
ويٺي هئي.
”صاب ماني کڻي اچان...“
”نه، ماني مان کائي آيو آهيان ۽ تون وڃي سکي ٿي ۽
ڇهين وڳي مون کي چانهه ٺاهي ڏجائين.“
”چڱو...“ هوءَ چئي وڃڻ لڳي.
”ڀلا مون کي ٿڌي پاڻيءَ جو جڳ ڏيئي پوءِ وڃ.“
مان پنهنجي ڪمري ۾ ڪپڙا بدلائڻ لڳس ۽ ڪپڙا بدلائي
ڪرسيءَ تي اخبار ڏسڻ لڳس. زينا آئي ۽ اڳيان رکيل
ميز تي جڳ رکيائين. جهڪي رکڻ ڪري سندس کليل گلي
مان صحتمند ڇاتي صاف طرح نظر آئي پئي. مان پهرين
ته هٻڪيس پر پوءِ ڀرپور نظر ڀري ڏٺم (اهو منهنجو
صاحباڻو حق هو). هوءَ به سمجهي ويئي ته مان ڇا ڏسي
رهيو آهيان. بين الاقوامي زبان کي يڪدم ختم ڪري
مون سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، ”درمحمد ڪٿي آهي؟“
”هو صبح کان ڊٺو پيو آهي.“
”چڱو تون ڀلي وڃ ۽ ڇهين وڳي...“
”چانهه ٺاهي ڏيان.“ هوءَ مرڪندي چوڻ لڳي.
”ها.“
هوءَ وڃڻ لڳي.
”صاب هڪڙي ڳالهه چوانءِ.“ واپس مڙي.
”چؤ...“
”اڄ مون کي موڪل ڏيو ته پلو کان.“
”پلو!“ مون کان رڙ نڪري ويئي ۽ ائين لڳم ڄڻ وري کک
۾ ڦاسي پيو آهيان.
”ها پوءِ سرهي صابڻ سان بلڪل صاف هٿ ۽ وات ڪري
ڇڏيندس.“
هوءَ مرڪڻ لڳي ۽ سندس اکيون جواڻ جماڻ زال جي ٻولي
ڳالهائي رهيون هيون. منهنجي ذهن ۾ کک جي بيٺل پاڻي
مٿان مرد جي خواهشن جي لهر وري آئي ۽ پهريون ڀيرو
کيس مرد جي نظرن سان ڏسندي چيم، ”هٿن ۽ چپن جي کک
سرهي صابڻ سان صاف ڪندينءَ پر تنهنجي لڱن ۾ ککاڻ
آهي، تنهن کي ڇا ڪندينءَ.“
”صاب منهنجا لڱ لکن ۾ به نه لڀن. باقي جي توکي کک
لڳي ٿي ته کڻي چٽي صاف ڪرينس.“ انهي ترار جهڙي
زبان مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو.
مان کلڻ لڳس پر بدن گرم ٿيڻ لڳم. هوءَ در ڏانهن
مڙي ۽ ڪنڌ ڦيري چيائين: ”صاب تو ڏٺو به ڇا آهي؟
اهي صابڻ سان صبح شام ڌوتل گسيل بدن. بس نه. صاب
انهيءَ پلي ۾ ڪهڙي لذت جنهن کي پاڻي منجهه ڌوئي
ڌوئي ترجي. پلي جي لذت ته تڏهن آهي، جڏهن جيئرو
جاڳندو ڦٿڪندو پلو درياهه مان ڪڍي رڌينس ۽ پوءِ
کاءُ ته ڏس چپ به چٽيندين ته آڱريون به، پڇاڙي جو
ڇلر به نه ڇڏيندين. باقي توهان جي شهر جو ٻاڪرو يا
ڳائو گوشت ڪهڙي ڪم جو، نه لذت نه ڪي منجهن اڇل،
ڇيڇڙي جا ڇيڇڙا.“
هوءَ ڪي ساعتون اتي بيٺي. منهنجي ذهن ۾ مهاڻن جي
هٿن ۾ ڦٿڪندڙ پلن جو منظر ڦري ويو. مون سندس کليل
ڳچيءَ واري چولي منجهه به اهڙن ئي ٻن جيئرن
جاڳندڙن پَلن کي ڏٺو هو. پر انهن چئن ئي پَلن جي
کک منهنجي مٿي جي ور ور ۾ پيهي ويل هئي. پر تازو
قلم ته اهو هو جو هن اسان جي ٻاڪري توڙي ڳائي گوشت
کي ڇيڇڙو چيو هو. اها ڳالهه مون کي نه وڻي.
”ڀلا اوهان جي پلي ۾ ڇيڇڙا ناهن ڇا؟“ مون ڪوشش ڪئي
ته دل جي ڳالهه لفظن ۾ آڻيان پر صفا ڀوڪ نڪتس.
”صاب هڪ ڏينهن پلو کائي ڏس. کائڻ ۾ لست ڏس. کائي
پوءِ به پيو خشبو سونگهه. منهنجو تريل پلو کائي ڏس
دماغ چرک نه ٿي وڃيئي ته پوءِ چئجان.“
”دماغ سان هٿ چراند نه ڪر-،“ مون چيو. ”باقي سائين
تنهنجو پلو کائبو.“
مون وڌيڪ چوڻ چاهيو ٿي ۽ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ به چاهيو
ٿي پر ڪجهه به اُڄهي نه سگهيو. زينا کي روڪڻ تي دل
به پئي ساٿ ڏنو.
”ڀلا هي درمحمد تنهنجو ٻيو مڙس آهي.“
”نه صاب ڪوڙ ڇو ڳالهايان. مري منهن الله کي ڏيڻو
آهي. اهو مئو ٽيون آهي.“
”ٽيون-!“ مون کان رڙ نڪتي.
”صاب رڙيون نه ڪر.“ هوءَ کلڻ لڳي. هوءَ مون کي مات
ڪري چڪي هئي ۽ کيس به انهيءَ جي ڄاڻ هئي، ”باقي جي
حسابي حساب ڪرين ته مڙسن ۾- شرع محمدي وارن ۾-
سمجهه ته ٻيو ئي آهي. پهرئين مڙس ۾ هشناڪي نه هئي.
منهنجا لڱ جهڙو ساوڻي ۾ درياهه اٿل کائي ۽ هو
صفا...“ ايترو چئي هن آڱوٺي کي ’نه‘ واري انداز ۾
لوڏيو.
”ڀلا سچي ڪنهن سان...“
”صاب آءٌ زال ذات آهيان. مرد آڏو هميشه سچي هوندي
آهيان. شرط رڳو اهوته دل رنجيل نه هجيم.“
”تون ڳري بلا.“ مون کلندي چيو.
”نه صاب صفا هلڪي آهيان، کڻي ته ڏس.“
وري چوڻ لڳي، ”صاب، وري به پاڻکي لغام ڏنل اٿم پر
هت جيڪا ڏس ڪلهوڪي ڇوري سامائي سو ڏينهن به نه ٿيا
آهن ڏهاڪو کن يار به ڪريو ڇڏي.“
”تو به ڪا ياري رکي يا...“
”ياري-“ کلڻ لڳي، ”صاب مرد ۽ موسمون اچڻا وڃڻا
آهن.“
”پوءِ به...“
”انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ...“ اهو چئي هوءَ کلڻ
لڳي، ”ها هڪ ياري هڪ سادات سان ڪئي هيم- مڙيئي
ثواب خاطر. باقي پاڻ ته صفا ڏيڏر جهڙو هو. چوندو
هو رن قيامت ڪاري ٿيڻ کان بچائيندس توکي.“
مان کلڻ لڳس. هوءَ ويئي هلي پر هن ڀيري حواسن تي
کک بدران هڪ عجيب جادو ڇانيل هو. مون جهڙو نفيس،
صاف سٿرو، پرفيوم يا ڊيٽال جي خوشبوءِ سان چاهه
رکندڙ طبيعت جو مالڪ، الائي ڇو پلي جي ڇلرن کي هٿ
گهمائڻ لاءِ هرکيس پئي.
پوءِ انهيءَ رات-
مون پلو کاڌو- جيئرو جيئرو، ڦٿڪندڙ.
لست وارو پلو.
ڪينجهر کي هندوري مثل به ڏٺم. هندوري ۾ لڏيس به.
ٻئي ڏينهن صبح جو، آفس مان ئي جيپ ڪاهي ڀڳس ڪراچي.
مون کي ائين پئي محسوس ٿيو جو مان پاڻ کي کک جي
چقمق کان آزاد ڪرائڻ جي جاکوڙ ۾ لڳو پيو آهيان.
مون ايڪسلريٽر کي دٻايو. ڪانٽو سؤ ڪلوميٽر کان به
چڙهي ويو ۽ جڏهن ڪراچي جي حدن ۾ پهتس ته الله
سائين، جيپ جي موجد ۽ پنهنجي زال جي مجموعي ڪشش جا
لک ٿورا مڃيم. سوچيم صاب رلي وڃين ها نه ته
پرديسين جي مقام ۾ رٽائر ٿين ها.
زال ڏٺو ته چيائين، ”پڪ کک توهان کي ڀڄايو آهي.“ |