سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آخري ڪتاب

 

باب: --

صفحو :5 

هستيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو

مشتاق احمد شورو

واٽون ڪيئي آهن، واٽ اها به هئي جنهن تان هوءَ ڀلجي (آءٌ ڀلجي ئي چوندس) آئي- ۽ واٽ اها به هئي جنهن تي هوءَ وڃائجي ويئي. جي وڃائجي نه ويئي ته گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ ته وڃائجي ئي ويئي. واٽون ڪڏهن ڪڏهن اوچتو اتفاق سان ملنديون آهن. مليون، ڪجهه کنن لاءِ ۽ ايترو جلد، ايترو تڪڙو جدا به ٿي ويون. مون چاهيو هو جدا نه ٿين پر جو ٿيڻو هو، ڇا ان کي آءٌ جهلي ٿي سگهيس. اسان ٻنهي ۾، هن جي وچ ۾ ۽ منهنجي وچ ۾ اهڙو ڪوبه جذبو يا اهڙو ڪجهه ٻيو نه هو جو انهن کنن کي جهلي بيهاري، اينگهائي. ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي، مون ته چاهيو ٿي ۽ ان جو اظهار به ڪيم. مئل لفظن ۾ دم ڦوڪي انهن کي زوردار نه بڻائي سگهيس. لفظ پاڻمرادو ساهه ڇڏيو مريو وڃن، آءٌ ڇا ڪريان. آءٌ چاهيان ٿو لفظن کي زندهه بنائڻ، جيئرو جاڳندو بنائڻ ۽ لفظ ئي نڙيءَ مان ترڪي، گسي، گهٽجي، ٻوساٽجي دم ٽوڙي ٿا ويهن، مرضي جي ابتڙ- جيئن آءٌ نٿو چاهيان.

هوءَ نه رهي آهي، آءٌ آهيان، رهيو آهيان- رهندس....(؟) شايد، نه- پڪ ئي پڪ اهڙي ئي حال ۾، جنهن ۾ هاڻي آهيان يا ان کان به وڌيڪ بدتر.

بستري ۾ اهڙي حالت ۾ لڇندي جي سوچ هڪ کن لاءِ به بند نه ٿي ته ڇا ننڊ ايندي. سوچ بند ٿيندي ڪيئن. گهر ۾ ويليم بچيل هوندي الائي نه.

مون چيو، چيو هو- هن جي پڇڻ تي ۽ هُن پڇيو- ڇا تون! (ها هُن تون ئي چيو) هتي، هن ئي ڪوٺڙيءَ ۾ رهندو آهين؟ ڪجهه سوچي، ڪجهه ويچاري- مون چيو: ”ها! اسان ماڻهو ڄمندا هنن ڪال ڪوٺڙين ۾ آهيون، جيئندا به هنن ڪال ڪوٺڙين ۾ آهيون ۽ مرندا به هنن ئي ڪال ڪوٺڙين ۾ آهيون. مرڻ کانپوءِ به بخشيو اسان کي نه ويندو آهي. مئل مڙهه کي ڪال ڪوٺڙي جهڙي کڏ ۾ پوريو ويندو آهي، جنهن جا نشان ڪجهه ڏينهن اندر ئي ميسارجي ويندا آهن. ڀاڳ اسان جو بدلجي ٻيو نٿو ٿي سگهي. يقين ڄاڻ آءٌ پنهنجي جاءِ ڇڏي توکي ٻي ڪنهن جي جاءِ ۾ نه وٺي آيو آهيان.“

چيم- هن ئي بستري تي، جتي آءٌ هاڻي اڪيلو آهيان. مون سوچيو، چيم، ان چوڻ جي پٺيان منهنجي وڏي توقع هئي- همدردي ڪندي- پيار- لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پوندي. نه- اثر نه ٿيو. جي ٿيو ته ابتو ئي اثر ٿيو، نفرت- ڌڪار يا بيزاري، غير متوقع ڪيفيت هيٺ. منهنجي لفظن ۾ جادو نه هو يا هو ته اُن تي اثر نه ٿيو يا لفظ ئي بيمار ۽ ڪرڀ ڏياريندڙ هئا.

هاڻي هن وقت اها ڳالهه سوچيندي، پنهنجو پاڻ کي جسٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ من ئي من ۾ پاڻ کي ڊگهي ۽ خطرناڪ گار ٿو ڏيان. ’سالي رنڊي‘، رنڊين تي لفظن جو ڪهڙو اثر ٿيندو. اجايو لفظن جو زيان ڪرڻو ٿيو. رنڊين جي اڳيان ڀرپور لفظ به ڄميو برف ٿيو وڃن. بي معنى، اجايا، بيڪار.

ٽيون ڏينهن شايد هڪڙي مينڊريڪس بچائي رکي هئم ته سهي- الائي....

نه- ڏک ٻڻ سئون جي وڃڻ جو نه آهي، اهي وڃڻا ئي هئا، ڪنهن نه ڪنهن ريت. هن ريت نه ته ٻي ڪنهن ريت هليا وڃن ها. ٿيو- جو به ٿيو- سٺو نه ٿيو. وري ڪڏهن گڏجندي؟ اثر ڪهڙو به وٺي- ڇا ٿيندو؟ جو مون نه چاهيو، ڄاڻي واڻي نه ٿيو پر جو چاهيو اهو به نه ٿيو. ڏک ان جو آهي ته اهو نه ٿيو. ان اجائي، بي مطلب، بي فائدي، بدصورت دهراءَ مان فائدو؟ نه ته ڀلا ڇا؟ ڪري به ڇا ٿو سگهجي.

هُن چيو: ”سائين مال ڪو آهي ڇا، وڏا- وڏا گراهڪ به ڇتا ٿيو پون. اهڙو مال ته ڪو ڀاڳ وارن کي ملندو آهي. توهان جا ته ڀاڳ ڀلارا آهن. رات جا پورو هزار ٿي وٺي ۽ ٻن ڪلاڪن جا ٻه سؤ. سو به ڪلاڪ ٻن لاءِ ته ويندي به ته ڪانهي پر توهان پراڻا گراهڪ آهيو، توهان سان وري ڪهڙا ليکا.

مون ٻه ڪلاڪ چونڊيا. چونڊيم ان ڪري جو هزار رپيا ڀري آءٌ نٿي سگهيس، جيڪو منهنجي پهچ کان، پرائي زال جيان پري ٻه سؤ رپيا ڏيئي به ڪجهه نه ڪري سگهيس، ڪجهه به نه- هڪ آسرو کڻي، بيڪار- اڻ ٿيڻو. سالي پئسن جي پٽ. مجبوري هن جي. ها اها مجبوري ئي هئي جا هن کي مون تائين وٺي آئي. ٻي طرح ته هن جو يا منهنجو يا اسان ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ڪجهه به نه هو. وڻِي مون کي ڏاڍو. مجبوري منهنجي به ته هئي پر مون اڳتي وڌي وڃي ڪجهه وڌيڪ ئي گهريو/ گهرڻ چاهيم جو پاتل به وڃائي ويٺس.

ٺيڪ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ رئو سنڀالي هوءَ اٿي کڙي ٿي اهو چئي ته ٽائيم ختم ٿي ويو، ٻئي پاسي به وڃڻو آهي- جلدي آهي. اُن وقت جي گهڙين جا ڪانٽا واپس ڦري ان ساڳئي ٽائيم تي بيهي رهن ها جنهن تي هوءَ آئي هئي.

نامرد سمجهيو هوندائين. سمجهي_ جيڪي به سمجهي، آءٌ ڇا ٿو ڪري سگهان. مون ته چاهيو- ٻئي جي قابل نه سهي، ٻين هنڌان نفرت- ڌڪار پرائي، ٿڏجي ڇا اها واٽ به پڪڙيو نٿو هلي سگهان؟ نه هلي سگهيس، ڌڪيو ويس سا ڄاڻ مون کي اڄ پئي. ڳالهه منهنجين وابسته ڪيل اميدن جي آهي، نه ته ٻي طرح ان واٽ تان آسانيءَ سان هلي سگهجي ٿو.

نه، پيڙا نه- پيڙا ڇا جي- پيڙا ڇو. ڪجهه به ته نه. پر مون پاتو ئي ڪڏهن جو وڃايم، جنهن جو ماتم ڪريان. مون کي ڄاڻ هئي پر پوءِ به هڪ اڻلکي، اڻچٽي، مئل، بيڪار آس کي ساڻ کڻي عذاب ڀوڳي ورتم. گهاڻي جي چڪر ۾ به اهڙو عذاب ناهي.

شايد وري مون وٽ ڪڏهن ٻه سؤ رپيا يڪا گڏ نه ٿين، جي ٿين ته اها وري نه ملي شايد، ڪٿي بُڪ ٿي ويئي هجي يا ٻي ڪنهن شهر هلي وڃي يا مون وٽ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. آخر مون کي اهڙو پوتر، اعلى ۽ آدرشي بنجڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي، ان بدصورتي، واهياتپڻي ۽ ذلالت جي بدنما ڏيکاءَ جي. فرق به ڪهڙو ٿو پوي. نٿو پوي ڪوبه فرق، ان هوندي به ايڏو ڪجهه فرق جيڏو ڇو ٿو ٿئي.

مون کانئس نالو ڇو نه پڇيو. پڇڻ سان ڇا ٿئي ها. نالن سان ڇا ٿو ٿئي. شايد هن ئي پڇيو هو مون کان منهنجو نالو يا پڇيو نه هئائين. مون پنهنجي ليکي ئي ٻڌايو هومانس پنهنجو نالو يا شايد هن نالو پڇيو، مون ڪجهه نه ٻڌائي لنوائي ڇڏيو هجي. ڳالهائڻ لاءِ لفظ گهرجن، اصل مسئلو ڳالهه شروع ڪرڻ جو آهي. ڳالهه شروع هن ئي ڪئي يا ڳالهايو صرف هن ئي. آءٌ سندس منهن ۾ تڪيندو ۽ ٻڌندو رهيو هوس يا شايد ٻڌي نه رهيو هوس، صرف تڪي ئي رهيو هوس. نه رهي آهي هاڻي هوءَ. ائين هلي ويئي، جيئن آئي. وڃڻ جو انداز انتهائي ڀيانڪ، بدصورت، مڪروه ۽ بدبودار هئس. بلڪل ٿرڊ ريٽ رنڊين جيان.

ٻانهون سنگمرمر جهڙيون هئس، نرم وارن سان. ان سان ڪهڙو فائدو ٿيندو هاڻي ائين ان طرح ياد ڪرڻ سان. شايد ڪنهن حيلي سان وڃايل ٻه سؤ رپيا ان ريت سجايا وڃن. ڇا ماڻڻ کانپوءِ وڌيڪ بوريت نه ٿئي ها، ڪريڀ جهڙو ڪجهه. مجبوريءَ کي اکيون نه هونديون آهن، ڪن به نه هوندا آهن، محسوس ڪرڻ لاءِ حواس به نه هوندا آهن. نه، صرف حواس ئي هوندا آهن مجبوري کي.

پيلي رنگ ۾ سائو رنگ ملائڻ سان جيڪو رنگ ٺهندو آهي، شايد منهنجي منهن جو رنگ هينئر اهڙو بڻيل آهي، پڪ ئي پڪ.

ڇا آءٌ ٿرڊ ڪلاس شاعر نٿو بڻجي سگهان. جيڪڏهن منهنجو ان سان پيار ٿي ويو هجي ها يا ٿي وڃي، پوءِ به فرق ڪهڙو پوي ها. سهڻي ته ڏاڍي هئي، سهڻيءَ کان به وڌيڪ سهڻي. اهڙي ڇوڪريءَ کي ته... ڪري به ڇا ٿو سگهجي. شادي ڇو نٿي ڪري ويهي رهي. ڪير ڪندس؟ آءٌ....؟ پر مون سان ڪٿي ڪندي. اهڙين ڇوڪرين کي ٺيڪ آهي سڀ. ڪجهه به نئون، ڪجهه به غير معمولي ڪجهه به عجيب نٿو لڳي. مئل، ۽ زندگيءَ ۽ کاڌل اندر تي ڇا زمين ڌوڏن جو ڪو اثر ٿيندو. تڏهن ته ڪجهه به غير معمولي ناهي. هن جي اچڻ، اچڻ کان وٺي ٻه ڪلاڪ رهڻ، ٻن ڪلاڪن جي رهڻ دوران ٿيل ڳالهين کي ورجائڻ، ذهن تي هر هر اها سين وري هلائڻ بهتر ٿيندو، سواءِ بدبودار طريقي سان رئو سنڀالي اٿي وڃڻ کي ڇڏي، هن اهو بلڪل واهيات ۽ بي ڍنگي نموني ڪيو.

هن به بلڪل واهيات ۽ بي ڍنگي نموني سان منهنجو رستو روڪي، کڌڙن وارن نخرن ۽ تالن سان چيو: سائين مال واهه جو آهي، اصل ڳالهه ئي نه پڇو، توهان جا ته ڀاڳ ڀلارا آهن. ماڻهو ڀانئي ته رڳو ويٺو ڏسان، هٿ به نه لايانس، متان جسم ميرو نه ٿي پوي. ننڊ کي آڻڻ جو اهو طريقو تمام بدصورت آهي، ائين ننڊ نه ايندي جيئن آءٌ چاهيان پيو. گولي ويليم ٽين هئي شايد.

اچڻ مهل هوءَ شرمائي رهي هئي، ڪنوار جيان. نئين ڪنوار جيان. مون هن جو هٿ پهرين پنهنجي هٿ ۾ وٺي سڌو اکين ۾ نهارڻ شروع ڪيو. هن جو هٿ ڏڪيو پئي، ڏڪيو هٿ منهنجو به پئي يا شايد وڌيڪ هٿ ڏڪيو منهنجو ٿي يا شايد صرف منهنجو ئي هٿ ڏڪي رهيو هو. بڪواس آهي، لعنت آهي اهڙي ريت سوچڻ تي، منهنجو وس به جي هلي نه.

وري ملي ته! ڌوڙ پائي. ٻن سئوئن جي وڃڻ جو ڏک ناهي، ڏک ان جو به ناهي ته ٻه سؤ رپيا ڏيئي به ڪجهه نه ڪري سگهيس. نه، ڏک ڇا جو، ڏک ڇو؟ ننڊ نٿي اچي. ڇا اها وڏي ڳالهه ناهي ته هڪ عورت، ڇوڪري، سهڻي ڇوڪري مون وٽ هلي آئي ۽ ٻانهن ۾ هئي. هن جي رنڊي هجڻ سان منهنجي لاءِ ڪهڙو فرق ٿو پوي. عام عورت ۽ هُن ۾ ڪو به ظاهري فرق مون ته محسوس نه ڪيو. ڇا عام عورتون، جن کي شريف سڏيو وڃي ٿو، سي ايترا، ايڏا، ان جيترا نخرا نه ڪنديون هونديون ڇا. ڪنديون هجن ته پوءِ... هن منهنجي ۽ منهنجي ڪوٺڙي بابت ايڏي دلچسپي سان سوال ڇو ٿي ڪيا، جڏهن ته ان سان سندس ڪو مقصد نه هو. کيس بوريت ٿي يا بيزاري يا نفرت يا ڪريڀ يا ائين هروڀرو بي مقصد ڳالهه جاري رکڻ لاءِ، جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ڪا خاص ڳالهه نه هئي. شايد ائين وقت ڪاٽڻ خاطر هن اهڙا سوال ٿي ڪيا. جواب مون طرفان توري تڪي ڏيڻ پٺيان مقصد هو، کيس هميشـﮧ لا ڦاسائي وجهڻ جو. نه ائين نه هوندو مون کيس پاڻ کان متاثر ڪرائڻ ٿي چاهيو (شايد فلمن جو اثر هجي). عجيب واهيات ڳالهه آهي، هُن لاءِ آءٌ وقت گذارڻ جو ذريعو، وسيلو هوس. هن ائين سمجهيو ٿي. منهنجو ٻيو ڪارج ئي... ويليم ٽين يا مينڊريڪس هر وقت گهر ۾ رکڻ تمام ضروري آهي. ڪانه ڪا هوندي ته سهي، ان سان ننڊ آرام سان اچي ويندي نه ته ٻي حالت ۾...

ڪال ڪوٺڙيءَ جي تصور کي مون رومانٽڪ بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، غلطي ڪٿي نه ڪٿي مون کان ٿي ويئي. پنهنجو ڄمڻ ۽ مرڻ ان سان ڳنڍي ۽ ڀاڳ ڪنفائينڊ ڪري مون کيس ڇرڪائي، ڊيڄاري وڌو. ڊپ ان وقت ئي سندس اکين ۾ لهي آيو يا بيزاري. مون ئي سري کان غلطي ڪئي، مون جيڪو ڪال ڪوٺڙيءَ جو رومانٽڪ تصور چٽيو، سو هن لاءِ انتهائي ڀيانڪ ۽ دهشتناڪ ثابت ٿيو. هوءَ ڊڄي ويئي. کڏ ۾ پئي، نه ته وري ڪهڙو ڀلا.

عجب بڪواس آهي. ٺيڪ سڀاڻي نوڪري تي دير سان وڃبو ته ڪهڙو اُڀ ڪري پوندو. اُڀ کي جيترو ڪرڻو هو سو ڪري چڪو، ان کان وڌيڪ/ اڳتي ڇا ڪرندو.

ان ساڳي ڇوڪريءَ کي چار ڏينهن اڳ هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان ڏٺو هوم، هاڻي ياد ٿو اچيم، تڏهن ته اڄ چهرو ڏٺل ڏٺل پئي لڳو. هاڻي ياد پيو آهي. تڏهن شريف زادي سمجهي، پنهنجي وس کان ٻاهر پائي، سندس صورت ذهن مان زوري ڪڍي ڇڏي هيم ۽ هاڻي سهڻيون صورتون به بدروح بنجي ننڊون ڦٽائينديون ڇا؟

ماڻهو، زندگي، سوچون، پيار، لڳاءُ، عجيب بڪواس آهن. سڀ احمقپائي آهي. صرف مينڊريڪس سان ئي بهتر ننڊ اچي سگهي ٿي. سوچ جي رخ کي جيئن آءٌ گهران ٿو بلڪل ان ڍنگ سان موڙي، هڪ هڪ ڳالهه ياد ڪري ان مان ڀرپور مزو ماڻيان، جيترو هاڻي ڪري سگهان ته پوءِ، ٻيو نه ته ٻه سؤ اهڙي ريت وصول ٿي سگهن ٿا. ڇوريءَ جي شڪل شبيهه،جسم جي انگ انگ جو تصور... ائين ويتر ننڊ نه ڦٽندي، الٽو ابتو اثر ماڻڻ جو ڀوڳڻو پوي. ڇا مون کان هڪ به مينڊريڪس نه بچي آهي، هڪ به نه، اڌ به ۽ رات...

رڳو پاڻي پيئڻ سان، جيئن پي رهيو آهيان، ڪجهه به نه ٿيندو. وات جو هر هر خشڪ ٿي وڃڻ، پيٽ ۾ وڌيڪ پاڻيءَ لاءِ جاءِ ناهي. جيڪڏهن مٿي جو ڀيانڪ سور شروع ٿي ويو ته پوءِ ڪٿي جو به نه رهندس.

ايترن پاسن ورائڻ سان/ ورائڻ کانپوءِ سَنڌن جو ذرو ذرو ٻري باهه ٿي ويو آهي. سلوار جي پانچن کي هر هر مٿي کڻي سٿرن تائين آڻي لاهي ڇڏڻ سان ڇا ننڊ اچي ويندي. مڙيئي بيزاري... هيءَ رات به ٻين انيڪ راتين جيان... رستي تي وري ملي ويئي ته سڃاڻندي سهي يا لنوائي ويندي. مون کي ڳالهائڻ جي همت ٿيندي. هاڻي ته ڀانيان ٿو...

اهو ڀڙوو به وڏو حرامي آهي. سڀ کان بهتر اهو آهي ته ماڻهو خود ئي ڀڙوو بنجي وڃي يا آپگهات ڪري. انهن رنن جو ڀڙون سان الائي ڪهڙو رويو هوندو- زال مڙس وارو يا... اجايو- بڪواس. ڇوري هئي واهه جي.

جيڪڏهن پکي جي اسپيڊ فل کان به اڳتي وڌي سگهي ته ڪيڏو نه سٺو. يا صرف مون کي ايتري گرمي ٿي لڳي. گرميءَ جي ڳالهه هُن به ڪئي هئي ته سهي.

ذهن ايڏو مڏو، ٿڪل ۽ بيمار ڇو آهي. جي ان فرسٽريشن مان وري ڊپ شروع ٿي ويو ۽ ڊپ خواهشن، محرومين، پريشانين تي ڇائنجي وڃي ۽ هر شيءِ ڊپ هيٺ دٻجي وڃي ته پوءِ. پوءِ پڪ ئي پڪ چريو ٿي ويندس. عذاب آهي زندگي. هروڀرو بيمار ذهن سان رئپ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي.

نه ملندي هوءَ هاڻي. واندي ٿوري هوندي جو ويٺي هجي منهنجي لاءِ، جيئن آءٌ چاهيان ٿو.

ها هڪ ويليم ڪٻٽ ۾ هيٺئين تاڪ تي رکي ته هيم، هوندي ضرور.

جي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي رات ئي رهي پوي ها ته! ڀاڪرن ۾ چميون، پر...

هي شايد پاڻيءَ جو اٺون گلاس آهي. بڪواس آهي، پاڻي جي گلاسن ڳڻڻ مان فائدو؟ فائدو- فائدو، فائدو نيٺ آهي ڇا. اها آخر بڪواس ڪهڙي آهي؟ هنڌ ڏاڍو گرم ٿي ويو آهي. ويهڻ يا سمهڻ جي لائق نه رهيو آهي. جي ائين ويٺي ويٺي ڪرسي تي ننڊ اچي وڃي ته. هنڌ تي پوءِ...؟

هوءَ شايد منهنجي لاءِ سٺو امپريشن کڻي ويئي هجي! پڪ ئي پڪ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org