سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آخري ڪتاب

 

باب: --

صفحو :1

آخري ڪتاب

ڪهاڻيون،شعر ۽ مضمون

 

طارق اشرف

آخري ڪتاب

 

پنهنجي جيئري آخري ڪتاب لکندي ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ مان مري ويو هجان. حالانڪ مان جيئرو آهيان، جذبا به جيئرا آهن، بي همٿو به نه ٿيو آهيان، وڪاڻو به ڪونه آهيان، نه ئي ڪا وڏي نوڪري حاصل ڪئي اٿم ته به لکڻو پوي پيو ته- هيءُ تخليق  پبليڪيشنس جو آخري ڪتاب آهي.

انهيءَ اعلان سان ڪن پڙهندڙن کي ڏک ٿيندو ۽ ڪن کي عجب. ڪيترائي خيال ذهن ۾ اُٿندا. سڀني کي مطمئن ڪرڻ ته ممڪن ڪونهي، پر پنهنجي طرفان ڪوشش ڪريان ٿو: سهڻي ڪتابي سلسلو 1966ع ۾ شروع ڪيو ويو هو. 1967ع جي پڇاڙيءَ ڌاري انهيءَ تي حڪومت پابندي وجهي ڇڏي. همٿ نه هاريم ۽ سهڻي پبليڪيشنس قائم ڪري سلسلو هلايم. 1970ع ۾ ماهوار سهڻيءَ کي ڊڪلريشن مليو. پرچو آهستي آهستي هڪ هزار کان وڌي چار هزار تائين پهتو. سمجهيو هوم ته هاڻ پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿيو آهيان، ته هڪ ئي ڌڪ سان ترو نڪري ويو- جون 1975ع جي سهڻي پريس ۾ هئي، 56 کن صفحا ڇپجي ويا هئا، جو انهيءَ وقت جي حڪومت سهڻيءَ تي پابندي وڌي ۽ سهڻي پريس ضبط ڪري ورتي. منهنجي گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا، پر سيپٽمبر 1975ع تائين پوليس مونکي گرفتار نه ڪري سگهي. نيٺ گرفتار ڪيائون ۽ 22 مهينا جيل ۾ رکيائون. پريس سرڪار جي قبضي ۾ هئي، مختلف ڪيس ٺاهڻ لاءِ مختلف وقتن ۾ پريس کولي، جيڪي شيون وڻيون، کڻي ويا. هڪ ٻي پريس ٺيڪي ۾ ورتل هئي، گهڻو سامان اُتي رکيل هو، منهنجي جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ، هڪ همراهه تالو ڀڃي پريس تي قبضو ڪري ورتو ۽ گهڻي ڀاڱي سامان چورائي ويو.

جڏهن مان آزاد ٿيس ۽ سهڻي پريس موٽي ملي ته انهيءَ حالت ۾ نه هئي جو هلائي سگهجي، پر مون جيئن تيئن ڪري نه فقط پريس هلائڻ شروع ڪئي، بلڪ سهڻي پبليڪيشنس جي تحت ڪجهه ڪتاب به ڪڍيم. پر اڃا ڇهه ست ئي ڪتاب نڪتا هئا جو مون تي حڪومت ڪيس ڪيو ۽ منهنجي گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا. الزام اهو مڙهيو ويو ته مون بنان ڊڪلريشن ماهوار سهڻي ڪڍي آهي. حالانڪ مون فقط ڪتاب ڪڍيا هئا، ڏوهه اهو هو ته ڪتاب باقاعدگيءَ سان هر مهيني نڪتا پئي ۽ نالو سهڻي پبليڪيشنس جو ڪم آندو هوم (سهڻي پبليڪيشنس 1968ع ۾ قائم ڪيل آهي). حالانڪ اردوءَ ۾ ڪيترا اهڙي قسم جا ڪتاب باقاعدگيءَ سان هر مهيني نڪرندا آهن، هڪڙو مثال ’شاهڪار‘ (لاهور) جو آهي، جيڪو باقاعده لکندو آهي- رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيندڙ ۽ باقاعده هر مهيني جي پهرين ۽ پنڌرهين تاريخ تي نڪرندو آهي (پر اسين ڪنهن سان شڪايت ڪريون؟ اسانجي خلاف رپورٽ به اسان جي سنڌي آفيسرن ئي ڪئي آهي).

ڀُٽي جي دؤر ۾ جن اردو اخبارن ۽ رسالن جا ڊڪلريشن رد ڪيا ويا هئا، موجوده حڪومت انهن سڀني کي وري ڊڪلريشن ڏنا. مون به چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، سنڌ، هوم سيڪريٽري ۽ انفارميشن سيڪريٽري سنڌ کي ڪيئي درخواستون ڏنيون ته ماهوار سهڻيءَ تان پابندي هٽائي وڃي. پر مون کي جواب نه ڏنو ويو. مان روبرو انهيءَ وقت جي هوم سيڪريٽري (ڪنور ادريس) سان مليس، پر ڊڪلريشن ڏيڻ کان کتو جواب مليو. چيم: موجوده حڪومت چوي ٿي ته ڀٽي جي ڏينهن ۾ سڀئي ڪم غلط ٿيا هئا، ته پوءِ انهيءَ غلطيءَ جي تلافي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ جواب مليو- ضروري ڪونهي ته ڀٽي جي ڏينهن ۾ سڀئي ڪم غلط ٿيا هجن. (يعني ٻيا سڀئي ڪم غلط ٿيا هئا، رڳو سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي پابندي وجهڻ وارو ڪم صحيح هو).

ماهوار سهڻيءَ کي ڊڪلريشن نه مليو، پر سهڻي پبليڪيشنس جي تحت ڪتاب نڪرڻ واري ڳالهه به همراهن کي نه وڻي، سو (اڳ ۾ ڇپيل مضمون) ’4 مارچ ۽ سنڌي جوڌا‘ ڪتاب تي پابندي وجهي (خبر پئي آهي ته اها پابندي سنڌيءَ جي هڪ ’عظيم شاعر‘ جي چوڻ تي وڌي ويئي)، انهيءَ بهاني پورو دٻاءُ وڌو ويو ته ’سهڻي پبليڪيشنس‘ نالو به ڪم نه آڻيان. نيٺ سهڻي پبليڪيشنس بند ڪري، تخليق پبليڪيشنس قائم ڪري ڪتاب ڪڍڻ شروع ڪيم. هڪ پاسي نئين نالي جي ڪري وڪرو گهٽجي ويو، ٻئي پاسي ڪاغذ جي قيمت وڌي ويئي. (15 مهينا اڳ جڏهن جيل مان آزاد ٿيو هوس ته ساڳيو پنو 60 رپيا رم هو ۽ هاڻ اُهو رم 100 رپيا آهي. [ (1966ع ۾ جڏهن سهڻي ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ويو هو ته ساڳيو ڪاغذ جو رم فقط 16 رپئي هو.]).

نه فقط اهو ڪاغذ مهانگو ٿي ويو، پر بازار ۾ ملي به ڪونه ٿو. گذريل ڪتاب 3 رم پنو نه ملڻ ڪري 16 ڏينهن دير سان نڪتو ۽ هي ڪتاب سڄا سارا چار مهينا دير سان نڪري پيو، ڇاڪاڻ ته هڪ هڪ رم لاءِ، هڪ هڪ کي منٿون ڪرڻيون ٿيون پون. ٻئي پاسي پريس تمام ننڍڙي آهي، پريس مان هر مهيني ڏيڍ ٻه هزار رپيا ملندا آهن ۽ هر مهيني تخليق جي ڪتابن ۾ ڏيڍ ٻه هزار نقصان رسي ٿو. سڄو پئسو تخليق جي نقصان ۾ هليو وڃي، هاڻ مان پنهنجو گذر سفر ڪٿان ڪريان، منهنجو گذر جو واحد وسيلو به اِها پريس ئي آهي.

مٿي جيڪي ڪارڻ ٻڌايا اٿم- رڳو هڪڙو ڪارڻ هجي ها ته منهن ڏيئي به سگهان ها- پڙهندڙ گهٽجي ويا آهن، پنو مهانگو ٿي ويو آهي، لکڻ جي آزادي ڪانهي. پر سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي ته- پڙهندڙ گهٽجي ويا آهن. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي، هڪ پاسي ته اسين اهو ٿا چئون ته اسين هڪ ڪروڙ آهيون، اسان جي سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي. ٻئي پاسي اسانجا ڪتاب ۽ مخزنون ٻه هزار به نٿا هلن! ڇا هڪ ڪروڙ سنڌين ۾ ٻه هزار به اهڙا سنڌي ڪونهن، جيڪي سنڌي ادب پڙهن؟ فقط ايل ايم سي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي اٽڪل پنج هزار سنڌي شاگرد آهن. پوءِ ڪيئن اهڙي زبان بچي سگهندي! ڪيئن انهيءَ زبان کي قومي زبان جو درجو ملندو؟ ڪير سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو ڏياريندو؟ اُهي- جيڪي سنڌي ڪتاب ۽ مخزنون خريد ئي ڪونه ڪن؟

زبان کي ادب ئي بچائيندو ۽ وڌائيندو آهي. اُها ئي زبان سدا جيئري رهندي ۽ شاهوڪار هوندي آهي، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب، اخبارون ۽ مخزنون نڪرن، وڪامن ۽ پڙهجن. پر اسان وٽ هر ڏينهن انهن جو تعداد تشويشناڪ حد تائين گهٽبو وڃي. هلچل مخزن، نئون نياپو، نئين ٽهي پبليڪيشنس، ڪارونجهر، سچائي ۽ وطن دوست ۽ ٻيون ڪيتريون پبليڪيشنس بند ٿي ويون يا پوين پساهن ۾ آهن.

هڪ جيئري قوم جوادب مري رهيو آهي. انهيءَ قوم جي زبان مري رهي آهي جنهن جي دعوا اِها آهي ته اسان جي زبان پنج هزار سال پراڻي آهي. اسان جي وس ۾ هجڻ جي باوجود به اسين ڪجهه نٿا ڪريون، پنهنجي ادب ۽ زبان کي مرندو ڏسي رهيا آهيون. ڪيڏي نه مرده قوم آهيون اسين! هڪ قوم پنهنجي الڳ زبان جي ڪري ئي سڃاتي وڃي ٿي. پر اسين انهيءَ ذريعي کي پنهنجي هٿن سان ئي ختم ڪري رهيا آهيون.

مون 1960ع کان ڪتاب ڪڍڻ شروع ڪيا، نقصان، پريشانيون، سختيون سٺم- لاڳيتو سٺيم. اڃا به سهڻ لاءِ تيار آهيان. اڄ کان پهرين وڪاميو ڪونه آهيان، جيتوڻيڪ وڏا واڪ لڳا. اڄ به وڪاميو ڪونه آهيان، جڏهن ته اسان جا ’عظيم‘ وڪامجي ويا ۽ انشاءَ الله سڀاڻي به نه وڪامندس. وس پڄندي سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي خدمت ڪئي اٿم ۽ ڪندو رهندس. جڏهن ڊڪلريشن مليو، ڪاغذ سستو ٿيو ۽ ملي سگهيو ۽ خاص ڳالهه ته وڏي مشين وٺي سگهيس (جنهن لاءِ هڪ دوست وعدو ڪيو آهي) ته وري سلسلو جاري ڪبو. موجوده حالتن ۾ سلسلو جاري رکڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي.

مان پنهنجن انهن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون کي تخليق پبليڪيشنس مان پوندڙ نقصان کان بچائڻ لاءِ، هر مهيني مدد جي آڇ ڪئي. پر هڪ ڏينهن جي ڳالهه هجي ته احسان به کڻجي، هر مهيني مدد وٺڻ ممڪن ڪونهي. مان انهن دوستن- سعيد ميمڻ، يوسف لغاري، ظفر حسن، نورمحمد، ولي رام ولڀ، اسلم آزاد، پير بخش پياسي، ذوالفقار سيال، خليل قاضي، عزيز ڀٽي، نجم عباسي، ارشاد قاضي ۽ فيروز احمد ميمڻ جو به ٿورائتو آهيان، جن جيل مان نڪرڻ کانپوءِ سهڻي پبليڪيشنس جي پهرين ڪتاب ڪڍڻ لاءِ منهنجي مالي مدد ڪئي. اڄ، ايترا سال ڪتابي سلسلو، پبليڪيشنس ۽ مخزن ڪڍي، بند ڪرڻ تي مون شڪست نه کاڌي آهي، اِها شڪست هڪ مرده قوم جي آهي.

جيئن ته هيءُ آخري ڪتاب آهي، تنهنڪري ڪوشش اِها ڪئي اٿم ته گهڻي ۾ گهڻو ۽ سٺي ۾ سٺو مواد پڙهندڙن کي ڏيان، تنهنڪري صفحن جو قيد نه رکيم ۽ ان ڪري قيمت به وڌي وئي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته پڙهندڙ انهيءَ ڳالهه جو قدر ڪن ٿا يا هيءُ ڪتاب به بي قدريءَ جو نشانو بڻبو. جيڪڏهن هن ڪتاب جي موٽ سٺي ٿي ته مختلف ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جا مجموعا، ناول ۽ ٻيا ڪتاب البت نڪرندا رهندا.

افسوس اٿم ته نالي ڇپجڻ جي باوجود عبدالجبار جوڻيجو جو ’رات منهنجي روح ۾‘ ڪتاب تي مضمون نه ڇپجي سگهيو آهي، تنهن لاءِ معذرت ٿو گهران.

-طارق اشرف

ڪهاڻيون

آرٽ گئلريءَ ۾ هڪ شام

 

گوپال ٺڪر

ريکا دور ڌنڌلڪي ۾

 

بيدل مسرور

هستيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو

 

مشتاق احمد شورو

ککو پلو، ڄام تماچي ۽ اَلرجي

 

غلام نبي مغل

اُڏوهيءَ جيئن ڏکڙا

 

مدد علي سنڌي

ڊينجر مين

 

مهتاب محبوب

ڳالهه هڪ ڄٽ زال جي

 

عبدالجبار جوڻيجو

اُلّو

 

شيام جئسنگهاڻي

زندگيءَ جو هڪ ڪپيل ٽڪرو

 

ولي رام ولڀ

ضدي خاندان جو فرد

 

طارق اشرف

آرزو ۽ سپنا

 

محمود مغل

مان گدو بندر جو ڀڳل

 

عنايت هيسباڻي

رول پکي

 

وارڊ ڪيس پيٽراشين

غلام نبي مغل

سي سندر ڏينهن

 

سئم ليونسن

الطاف شيخ

  سنڌي زبان جي مقبول ترين، بيباڪ ۽

عوام جي ترجمان اخبار

عبرت

                           حيدرآباد سنڌ

سنڌ جي هر هڪ ماڻهوءَ جي پنهنجي اخبار

آرٽ گئلري ۾ هڪ شام

گوپال ٺڪر

ڪولابا کان ريگل تائين پهچي، سوچيان ٿو ته: ٽئڪسي ڪري بوري بندر وڃان يا بس پڪڙيان؟- اُن ردعمل ۾ هڪ ٻيو خيال اچي ٿو، ميوزم پهچي جهانگير آرٽ گئلريءَ ۾ وڃڻ جو. گئلريءَ لاءِ روڊ ڪراس ڪريان ٿو. چئن منٽن ۾ گئلريءَ تائين پهچي وڃان ٿو. گئلري جي رائونڊ وال ڏسي، من ئي من ۾ مشڪان ٿو. آرٽسٽ بڻجي نه سگهيس، پر فن کي ڏسڻ جو موهه جيئن جو تيئن اندر ۾ اڻتارونءَ جيان تنبو کڻي ترندو رهيو آهي.

سگريٽ فوٽ پاٿ تي اُڇلي، بوٽ جي تري جي زور سان وسائي، گئلريءَ جون ڏاڪڻيون چڙهان ٿو. لائونج ۾، ميز پٺيان ٻن ڪُرسين تي ٻه حسين جوانڙيون ويٺيون آهن. چپن ۾ مشڪي هڪ ٻئي سان رڌيون ويٺيون آهن. هڪ جي گوڏن تي ڪا انگريزي مخزن کلي رکي آهي. ٻي، پهرين کان وڌيڪ ڪشش ڪندڙ آهي. سندس گوريون لسيون ٻانهون، ميز تي رکيون آهن. مان ادب سان ان اڳيان وڃي بيهان ٿو. ڇڪيل ٻه ڪنڊيون اکڙيون ڇينڀي مون کي ڏسي ٿي. اڳيان رکيل فولڊرن مان هڪ فولڊر کڻي مون طرف وڌائي ٿي. مان فضيلت سان وٺي، کيس ”ٿئنڪس“ چوان ٿو.

ساڄي پاسي مڙي اندر هال ۾ گهڙان ٿو. فن جا چاهڪ، ديوار تي لڳل پينٽنگس کي گهوري گهوري ڏسڻ ۾ مشغول آهن. ڏائي پاسي واري گول ديوار وٽ ڪي پارسي ليڊيز هڪ ڳوٺاڻي منظر کي تصوير ۾ پسي، هڪ ٻئي کي چيڙائي رهيون آهن- ته تون هن ڳوٺ جي ڳوٺاڻي آهين- انهن جي چپن تي لڳل لپسٽڪ ۽ ڪٽيل وارن کي ڏسڻ ۾ ايترو ته مگن ٿي ويو آهيان، جو پاڻ تي قبضو ئي ڄڻ نه رهيو اٿم. بي ڌيان آهستي آهستي پيو چُران.

هڪ آمريڪي جوڙي سان ٽڪرڻ کانپوءِ هوش ۾ ٿو اچان. ”ساري“ چئي اڳيان وڌي وڃان ٿو. وري آمريڪن جوڙي کي ڏسان ٿو. ٻئي ٻڍا آهن. رت جي گهڻائي ۽ ريگ ڪري چست پيا لڳن. ٻڍي آمريڪن شايد مونکي ”اٽس آل رائيٽ “(Its  all right) چيو. پر اومالڪ ڄڻ مون نه سمجهيو هو.

هڪ چتر ۾ اکيون کپايان ٿو. سمجهڻ جي مڪمل ڪوشش ڪريان ٿو. سمجهه ۾ نٿو اچي. چتر جو نمبر پڙهي، گائيڊ فولڊر کوليان ٿو، جنهن ۾ چتر جا عنوان، قيمت ۽ ٻيو ڪجهه لکيل آهي: ائبسٽرئڪٽ آرٽ. آمريڪن جوڙو هاڻ مون اڳيان پهچي ان تصوير کي ڏسڻ لڳي ٿو. ٿورو پٺيان وڃي ٿو، وري اڳيان اچي تصوير کي پرکڻ جي مڪمل ڪوشش ڪري ٿو. جوڻس فولڊ کولي عنوان پڙهي ٿي ۽ کيس چوي ٿي، ”دِسِ از ائبسٽرئڪٽ آرٽ. (This is abstract art).“ ٻڍو آميريڪي بخيلجي چوي ٿو، ”ڊئم اِٽِ (Dame it).

مان چاهيان ٿو ٽهڪ ڏيئي سندس اِنِسِلٽَ ڪريان. پر مون کيس وچ ۾ روڪي تڪليف پهچائي آهي ٻه پَل اڳ. مان ٽهڪ نه ڏيئي ان چتر جومطلب سمجهايان ٿو، جو مون کي سمجهه ۾ اچي ويو هو. آمريڪن محض مشڪي ٿو.

سندس عورت چوي ٿي، ”ياه، يا، اِٽ اِز لائيڪ دَئٽ. (Yah, ya, it's like that) (ها، ها، انجو مطلب ائين ئي آهي.)

مان مڙي ڏسان ٿو ته منهنجي پٺيان مون کي ٻه ڇوڪريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تصوير نسبت ننڍو ليڪچر ٻڌي شايد هو مون تي خوش ٿي ويون آهن جو منهنجي نهارڻ سان يڪدم مرڪي منهنجو مانُ ڪيو اٿائون. اُها مرڪ اڃان به سندن سنهڙن چپن جي ڪنڊن ۾ نمايان آهي. مان چپ چاپ سندن اڳيان لنگهي ٿو وڃان. آمريڪن جوڙي کي ائين منهنجو لنگهي وڌي وڃڻ عجيب لڳو آهي.

هڪ تصوير کي ڏسان ٿو. ڏسندو ئي رهان ٿو. معصوم هرڻ ۽ هرڻين جو وڏو ڌڻ آهي جو چانڊاڻ ۾ وهنجي پيو. ڌڻ جون لسيون پٺيون ۽ سڱ پيا ڏسجن. ڪن ڪن هرڻين جو مٿي ڇڪيل گردن ۾ لڳل وڏڙين اکڙين وارو منهن چنڊ کي سڏڙا پيو ڪري. نيري، سائي ۽ اڇي رنگ ۾ چٽيل هي چتر ڪافي دلڪش آهي.

اُهي ٻئي ڇوڪريون، جن پٺيان بيهي مون کي ٻڌو هو، سي منهنجي هٽڻ کانپوءِ اُن هرڻين ۽ هرڻن جي ڌڻ واري چتر کي اچي ٿيون ڏسن. مان پرڀرو ٿي کين جاچيان ٿو. آرٽ اِنسٽيٽيوٽ جون اسٽوڊينٽس پيون لڳن. اُن کان به وڌيڪ ماڊل پيون لڳن. ٻنهين جا وار اڻڀا مٿي ڇڪيل ۽ منهن تي عمدي ڪريم جو تهه چڙهيل اٿن. جنهنڪري کلندي سندن ڳلن تي سج چمڪڻ ٿا لڳن. ڇڪيل سينا، جوالامکي پربت جيان ڦاٽڻ لاءِ تيار. ڊگهو رنگين بدن. هڪ کي ساڙهي ۽ ڪٽ بلائوز ۽ ٻيءَ کي سنڌي تنگ ڪڙتو ۽ شلوار، وائلنيٽي رنگ جو. ٽيري ڪاٽ جو هئڻ ڪري منجهس هڪ به گهنج پيل نٿو ڏسجي. کيس لپسٽڪ جو تهه چڙهيل آهي سنهڙن چپن تي. لوڀ وس ٿي نهاريندو رهڻ ڪري ڀڪڙجي پوان ٿو. هُت ٻنهين مون کي اُن ادا ۾ پڪڙي ورتو آهي. محسوس ٿيون ڪن ته چند منٽن کان اسپاءِ Spy ڪندو رهيو آهيان. مان کين نظرانداز ڪرڻ لاءِ هڪ چتر ۾ اکيون کپايان ٿو. هُنن هڪ ٻئي جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي آهي، اُهو مان محسوس ڪريان ٿو. اُن جي مدار جو تصور ڪريان ٿو. تصوير، جنهن ۾ منهنجيون اکيون اٽڪيل آهن، ڇا آهي اُن۾! نٿو ڄاڻان، بي نور ٿي ويون آهن ڄڻ منهنجون زنده اکڙيون. مان هڪ اڌ گفتو جهٽي ٿو وٺان. هڪ چيو آهي، ”هو شايد آرٽسٽ آهي.“ ٻي کيس سنواري چوي ٿي، ”نه فقط آرٽسٽ آهي، پر اُن سان گڏ بيوقوف به آهي.“

’بيوقوف‘ اکر منهنجي ڪنن ۾ بڙڇي ٿي لڳي ٿو. مان پاڻ کان پڇان ٿو، ڪنهن ڏنو هنن کي حق، مونکي بيوقوف ڪوٺڻ جو؟ مون؟ منهنجي ٺهر سڀاو ٻڌو پئي. نه نه. هنن مون کي گار نه ڏني آهي. پنهنجو پاڻ کي گار ڏني اٿن. اِها نئين زماني جي نئين ٽرئجڊي آهي. نه ڪجهه به نه آهي. هنن، هڪ لفظ ٻولي ڄڻ پنهنجو وجود ظاهر ڪيو آهي. اِهو پڪ سان چوندس ته کين مون کي گار ڏيڻ ۾ ٿورو سڪون ضرور مليو هوندو. شايد اِها ماڊرن بيهيوِ آهي!

گئلريءَ جي ڊگهي ۽ سنهين ڪاريڊار ۾ ڪئفيٽيريا ٺهيل آهي. سڄي ڪئفيٽيريا بانس جي لڪڙيءَ سان فنائتي نموني ٺهيل آهي. آرٽسٽ ۽ آرٽ جا شوقين هن ڪئفيٽيريا ۾ ويهي ٻٽاڪون هڻندا آهن. ويهي ناشتو ڪرڻ، ڊرنڪ پيئڻ ۾ پنهنجو شان سمجهندا آهن. کاڌو به ته لذيذ ملندو آهي. ميز ڪرسيون بيڊ جي لڪڻ جون ٺهيل آهن. ٻاهريون پاسو بانس جي چيريل اُڀن لڪڙن سان ڪور ٿيل آهي. جنهنجي پٺيان ساوا ٻوٽا ۽ وليون رنگ لائي بيٺيون آهن. ميوزم جو موڪرو ميدان اُن سان اچي ٿو ڳلي ملي. ڀت جو ٻيو پاسو ڊگهو گئلريءَ جو گليزڊ پارٽيشن آهي. جنهن جي پٺئين پاسي ٿلها پردا پيا لٽڪن.

ڪئفيٽيريا ۾ وچواري خالي پئسيج وٽ بيٺو آهيان. پاسن کان ٻنهين قطارن ۾ اکيون ٿو وجهان ته من ڪا خالي جاءِ ڏسڻ ۾ اچي. هر ڪو کائڻ پيئڻ ۾ مشغول آهن.

هڪ فرد بل چُڪائي اُٿي ٿو. لڙي وڃي سيٽ ولاريان ٿو. سامهون آمريڪن جوڙي کي ويٺل ٿو پايان. کين مرڪي وش ڪريان ٿو. پنهنجي ڀر واري مڙد ڏانهن آڏين اکين سان ڏسان ٿو، جو اليڪٽرڪ ٽرين جي رفتار کان به تيز ويٺو ليمجوس پيئي. منهنجي کاٻي پاسي واري قطار ۾ ٿورو ئي اڳيان اُهي ٻئي ڇوڪريون ويٺيون آهن جن مونکي ’بيوقوف‘ جو خطاب ڏنو هو. ٻنهين جي هٿن ۾ گول چمچا آهن، جي سوپ جي پليٽ مان ڀري سوپ ويٺيون پيئن. لڳي ٿو ته هنن مون کي پهرين ئي ساعت ڏسي ورتو آهي جو چپن ۾ پيون مشڪن.

مان هينئر انتر مکي ٿي کائڻ پيئڻ جي باري ۾ سوچيان ٿو ته ڪنن تي انگريزي ڌُن کي وڄندو محسوس ٿو ڪريان. بي اختيار منهنجا پير ڌن جو جائزو وٺي رقص ڪن ٿا.

آمريڪن جي وائيف مونکي تاڙي ويئي آهي ته مان هر هر سامهون ويٺل ٻن ڇوڪرين ۾ اِنٽريسٽ وٺي رهيو آهيان. جو هڪ اڌ دفعو مڙي انهن کي ڏسي ورتو اٿائين. کين ڏسڻ کانپوءِ جيڪي ڀاوَ سندس ڳاڙهي چهري تي نمودار ٿيا آهن، تنهن مان اِهو اندازو لڳائي ٿو سگهان ته کيس اُهي ٻئي ڇوڪريون نه وڻيون آهن. شايد کيس ’فلِرٽ‘ به لڳيون هجن. پر منهنجي جواني ڄڻ اهو منظور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مان من ئي من ۾ کين پهرين کان به وڌيڪ چاهڻ لڳو آهيان.

هو ٻئي سوپ پي ختم ڪري، پنهنجن پتڪڙن رنگين رومالن سان اُڇاترائيءَ سان چپن جي مٿين سطح کي ڇهي اُگهن ٿيون. ساڙهيءَ واري مون طرف نهاري پنهنجي سکيءَ کي ٽنگ سان اشارو ٿي ڪري مون ڏانهن نهارڻ لاءِ. پوءِ ٻئي ڀڻ ڀڻ ڪنديون ٿيون رهن.

بئرو منهنجي ڀر ۾ اچي ٿو بيهي.

مان کيس ڪجهه کڻي اچڻ لاءِ آرڊر ڪريان ٿو. هو ٻڌي، ڪنڌ لوڏائي هليو ٿو وڃي.

آمريڪن جي وائيف مون ڏانهن نهاري مشڪي ٿي. مان به هلڪو مشڪي ٿو ڏيان ۽ آهستي آهستي سندس چهري تان نظرون کڻي انهن ٻن ڇوڪرين ڏانهن ڏسڻ لڳان ٿو. سنڌي ڊريس واري ٿورو اٿي، ڀر واري ووڊن پول ۾ لڳل مخرن جي ٿهي مان هڪ انگريزي مخزن ڪڍي وٺي ٿي. ان مدرا ۾ سندس ڪڙتي تي سيني وٽ بريزيئر جون پٽيون چِٽيون ڏِسجڻ ۾ اچن ٿيون. مخزن کڻي ويهي ٿي. ٻئي مخزن کولي اُن ۾ رنگين فوٽن کي ڏسڻ ۾ پاڻ کي مشغول رکن ٿيون. فوٽن ۽ تصويرن کي ڏسندي، سنڌي ڊريس واري ڇوڪري انگريزي ڌن تي پنهنجي پير ۾ اٽڪيل سنهري تري واري چمپل کي نرتيه ڪرائي ٿي.

آمريڪن جوڙو کائي پي، بل ادا ڪري، هڪ آڌيو پليٽ ۾ ٽپ طور رکي، آهستي آهستي اُٿي نڪرڻ ۾ مشغول آهي.

بئرو، سئنڊوچ جي پليٽ رکي هليو ٿو وڃي.

مان چيز جا سئنڊوچ کائڻ لڳان ٿو.

بئرو وري اچي ٿو. ٽري مان ڪافي جو ڪوپ پليٽ ۾ رکيل، ڪڍي ميز تي رکي ٿو ۽ پوءِ هڪ ڪيوب ۾ پيل شُگر ڪيوبس رکي هليو وڃي ٿو.

ڪاري رنگ جي ڪوپ ۽ پليٽ ۾ مون کي ڪافي جو رنگ وڻڻ لڳي ٿو. ٻه ڪيوب شگر جا ڪوپ ۾ وجهي، چمچي سان کين ڊِسِٽِلِ ڪريان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org