سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آخري ڪتاب

 

باب: --

صفحو :10

رخسانا جي دل ۾ هڪ خواهش جنم ورتو، ”اقبال، تون، مون کي اهي خط پڙهائيندين؟“ سندس آواز ۾ هڪ رحم جوڳي نماڻائي هئي. (اسين چاهيندا آهيون، ته اسان تي اسان جا دوست ۽ ساٿي رحم ڪن. ۽ هي سڀ شايد سوچيندا هوندا ته مون پيار ته هڪ سان ڪيو ۽ شادي ڪيم ٻئي سان... پر هنن کي ڪهڙي خبر ته محبت جو جذبو به ٻين ڪيترن جذبن جيان وقتي آهي. زندگيءَ جي ساٿ ۾ فقط ڪي چهرا اهڙا هوندا آهن، جن جي لاءِ انسان پنهنجي اندر ۾ ازلي ڇڪ محسوس ڪندو آهي. پر ان ازلي ڇڪ کي محبت جو جذبو به ته نٿو چئي سگهجي. پر انسان جي ذهن ۾ به ته الائي ڇا آهي؟ هڪ انسان جو ذهن فقط ان ئي انسان جو ذهن ته ڪونهي. صدين کان ۽ جُڳن کان هڪ ذهن ٻئي انسان ۾ منتقل ٿيندو پيو اچي. سوچ هتي فقط هڪ انسان جي ناهي پر اها سوچ هزارن سالن جي ان قديم ۽ اتهاسڪ انسان جي آهي، جيڪو ان وقت به سڪون جي تلاش ۾ هو ۽ اڄ به سڪون جي تلاش ۾ آهي. سوچ ۽ ذهن به مؤروثي آهي. پر مان به ته پهرئين جنم ۾ الائي ڪير هيس؟ ۽ ڪنهن جي تلاش هيم؟... انسان مري وڃي ٿو پر ذهن نٿو مري، سوچ نٿي مري ۽، ۽ الائي ڇا!؟ پر ڪڏهن ڪڏهن اسين هڪ ٻئي جا خيال ڪيئن پڙهي وٺندا آهيون؟)

رات جي اونداهه هر طرف کان پکڙجندي پئي ويئي. لان ۾ رات جي هوا جا ٿڌا ٿڌا جهوٽا کين لڳي رهيا هئا. لان ۾ لڳل ننڍن بلبن جي ڌيمي ڌيمي روشنيءَ ۾ هو ٽيئي ڄڻا چپ چاپ پنهنجن پنهنجن خيالن ۽ سوچن سان ويٺا هئا. فضا ۾ موتئي ۽ گلاب جي مهڪار هوا سان گڏ سندن اندر ۾ اوتجندي پئي ويئي. پريان مينديءَ جي قطار مان آر جو آواز پئي آيو. تيز هوا جا جهوٽا تيزيءَ سان کين لڳي سامهون مينديءَ جي قطار مان لنگهي گم ٿي پئي ويا ۽ رخسانا، خاموشيءَ سان نسرين کي ڏٺو جيڪا اقبال کي ڏسي رهي هئي ۽ اقبال سگريٽ ڇڪي رهيو هو. رخسانا کي بيحد ڏک ٿيو ته هن زندگيءَ ۾ هيل تائين ڪوبه فيصلو سوچي سمجهي نه ڪيو. کيس اڃا شادي نه ڪرڻ کپندي هئي. ’شادي نه ڪريان ها؟‘ هن سوچيو. (ته پوءِ ڪنهن سان شادي ڪريان ها؟ راحيل سان، جيڪو زندگي سان لڙندي ۽ وڙهندي الائي ڪهڙين اونداهين ۾ لڪي ويو هو. نظريو به ڪيڏو نه عجيب ٿئي ٿو ۽ آئيڊلسٽ ماڻهوءَ سان ته زندگي به نٿي گذاري سگهجي؟! پر ڪڏهن ڪڏهن نظريا زندگيءَ کي ٺاهڻ بدران انسان کي ڇو ٿا کائي وڃن! انهن انسانن کي جيڪي ڪي نظريا کڻي ميدان ۾ ايندا آهن! ۽ هن معاشري ۽ هن زندگيءَ کي بدلائڻ لاءِ ڪي ته نظريا هجن. زندگيءَ جي هنن تيز طوفانن ۾ ڪير آهي، جيڪو بيهي سگهندو؟ ۽ ڪير آهي جيڪو بيٺو آهي هر دؤر ۾. ۽ اهي ڪرانتيڪار به ڪير هئا، جن زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ پنهنجو خون ملايو. مون کي ته ڪا ڄاڻ ڪانهي ته اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ اهي ڪهڙا ڪرانتيڪار هئا، جن سوچيو هو انسانن جي زندگيءَ کي بدلائڻ جو ۽ راحيل ئي ته چوندو هو: ”هر تحريڪ کي شروع فقط چند گمنام ماڻهو ڪري سگهندا آهن! منزل جي پڄاڻيءَ ۾ ته هزارين انسان هوندا آهن. اسان زندگيءَ جي هن ڪاري ٻاٽ اونداهه ۾ جيڪا سچائيءَ جي لاٽ ٻاري آهي، اها ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ڀنڀٽ ٿيڻي آهي. ۽ شايد اهو سڀ ڪجهه منهنجي زندگيءَ ۾ نه ٿي سگهي. پر...؟“- پر مون کي ته ڪا خبر نٿي پوي ڪنهن ڳالهه جي. سچ ته مون کي شادي نه ڪرڻ کپندي هئي، شادي ڪرڻ کپندي به هئي يا نه، ان جو فيصلو ڪير ڪندو. ڪير ڪري سگهندو ان ڳالهه جو فيصلو؟ زندگي ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن فيصلي ڪرڻ تي مجبور نٿي ڪري. پوءِ به اسين بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي ڪي فيصلا ڪندا آهيون ۽ پوءِ سڄي زندگي انهن ڪيل فيصلن تي سدائين پڇتائيندا آهيون. پر پڇتاءُ ته زندگيءَ ۾ الائي ڪيترا آهن. پڇتاءَ تمام گهڻا آهن، ايترا گهڻا، ايترا گهڻا، جن جي ڳڻپ به نٿي ڪري سگهجي...) ۽ سوچيندي سوچيندي هن کي محسوس ٿيو ته هوءَ اهو سڀ ڪجهه ائين هرو ڀرو سوچي رهي هئي. هُن کي سخت بيزاري ٿيڻ لڳي (اسين هڪ ٻئي جي ذهنن ۾ لڪي لڪي ليئاڪا ڇو پائيندا آهيون؟ ۽ هينئر به هڪ ٻئي جي ذهنن ۾ ليئا پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هي ڇو ڏسي رهيا آهن سڀ ائين مون کي؟)

نسرين ڪجهه ڳالهايو، جيڪو هن نه ٻڌو. نسرين وري شايد ڳالهه کي ورجايو، ”رخسانا، ڪهڙين سوچن جي دنيا ۾ هلي وئينءَ؟“

رخسانا اقبال ڏانهن ڏٺو، جيڪو نسرين سان گڏ کيس ڏسي رهيو هو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو، ڪٿي هي سڀ سندس خيال ته نه پڙهي رهيا هئا. هن يڪدم سوچڻ بند ڪري چيو، ”ڪڏهن ڪڏهن خاموشيءَ ۾ هڪ عجيب سڪون ملندو آهي.“

”۽ هر خاموشيءَ کي پنهنجي هڪ زبان به هوندي آهي.“ اقبال آهستي چيو.

۽ نسرين کي محسوس ٿيو ته اقبال هر ڳالهه ۾ رخسانا جي پٺڀرائي ڪري رهيو هو!

”ڪاش، هيءَ خاموشي اسان کي سدائين حاصل هجي.“ رخسانا ڇٻر تان گاهه جا ڪي سلا پٽيندي چيو، ”خاموشي، تنهائي ۽ سُڪون اسين چاهيون ٿا پر اسان کي اهو سڀ ڪجهه نٿو ملي.“- ائين چئي هو اٿي بيٺي.

اقبال ۽ نسرين به اٿي بيٺا.

”اچو، اندر ٿا هلون. مون کي هن خاموشيءَ ۾ ويهندي به هاڻ وحشت ٿي ٿئي.“رخسانا ائين چئي اڳيان وڌي.

۽ هو ٽيئي، ننڍا ننڍا قدم کڻندا، اونداهيءَ مان روشنيءَ ڏانهن وڌي ويا... تيز هوا سوسٽ ڪندي، خالي ڪرسين سان ٽڪرائيندي، اڳتي وڌي ويئي ۽ ٻاهر رهجي ويا. هوا جا تيز جهوٽا، خالي ڪرسيون، سناٽو، خاموشي ۽ آر جا تيز آواز! ’... ڏاکڻي ڇهه ماسي، ڪرشن پک ۾، رات جو، جڏهن دونهون پکڙيل هجي، تڏهن مري ٿو، سو چندرما لوڪ پائي وري جنم وٺي ٿو...‘ پڙهندي پڙهندي رخسانا کي محسوس ٿيو، ڄڻ انهن لفظن سان گڏ ڪن اڌمن جا درياهه هئا، جيڪي اوتجي پيا سندس من ۾. هوءَ اڳيان نه پڙهي سگهي. هُن بيزاريءَ مان اهو ڪتاب اڇلائي ٻيو ڪتاب کنيو. پر اُهو ڪتاب نه پر ڪا ڪاپي هئي. هن بيزاريءَ مان ڪاپيءَ جا ورق اٿلائڻ شروع ڪيا. ڪاپي سندس ئي هئي، ڪاپيءَ ۾ هن ڪٿي پڙهيل نظم اُتاري ڇڏيو هو ڪنهن وقت. هن زور سان اهو شعر پڙهڻ شروع ڪيو:

تمام عمر انهيءَ انتظار ۾ گذري،

ستم ۽ درد ۽ مايوسين جي راهُن ۾،

ته ڪنهنجو سج کان بيداغ چمڪندڙ چهرو،

هزار جهلڪا ڏيئي چمڪندو نگاهن ۾،

انهيءَ تصور جان بخش جي سهاري تي،

حيات مرُڪي پئي آخري پساهن ۾.

....     .....    ....

۽ ڪير ڄاڻي انهيءَ مُرڪ جو قدر قيمت؟

۽ ڪير ڄاڻي انهيءَ مُرڪ لاءِ ڪيترا سال،

لِڪي لِڪي ۽ اڪيلائيءَ ۾ رُنا آهيون،

۽ ڪير ڄاڻي انهيءَ مرڪ لاءِ ڪيترا سال-

اڃا به روئڻو پوي- ها اڃا به روئڻو پوي،

۽ ڪير ڄاڻي انهيءَ زندگيءَ کي ماڻڻ لاءِ،

هزار سُورَ سهي ڪنهن کي ڪنهن کي مرڻو پوي،

۽ ڪير ڄاڻي انهيءَ پِرهه کي پسڻ ڪارڻ،

الائي ڪيترو عرصو اسان کي جلڻو پئي!

اوچتو هن جي دل ڀرجي آئي. هُن ڪاپيءَ ۾ مُنهن لڪائي روئڻ شروع ڪيو. هروڀرو به بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي. (گهُريون ته زندگيءَ کان بيحد خوشيون هيون سين ۽ گهرندو آهي هر ڪوئي زندگيءَ کان خوشيون ۽ سک. پر اي زندگي، او زندگي! تون جيئن به ملين آهين ۽ جنهن به روپ ۾ ملين آهين، اُها قابل قبول آهي. موت خوفناڪ چيز آهي پر موت ان ماڻهوءَ لاءِ خوفناڪ نه آهي، جنهن ماڻهوءَ زندگي عام حيثيت ۾ گذاري ڏٺي هوندي. ۽ موت شايد ان لاءِ به خوفناڪ چيز آهي، جو زندگي بيحد سونهن سان ڀريل آهي. ۽ هڪ ڀيرو شايد راحيل ئي مون کي الائي ڪنهنجي چوڻي ٻڌائي هئي ته:’مون کي دنيا جي تعريف جي ڪهڙي پرواهه. مان سمجهان ٿو ته صداقت ۽ حقيقت تمام ٿورن ماڻهن کي وڻندي آهي. ان لاءِ جيڪي ماڻهو حقيقت بيان ڪندا آهن، انهن کي کپي ته هو چپ چاپ پنهنجو ڪم ڪندا رهن ۽ انهيءَ وقت جو انتظار ڪن، جڏهن اهي ٿورا ماڻهو پيدا ٿين، جن کي فڪر جي غير معمولي ڳالهه پسند ايندي آهي. زندگي مختصر آهي، پر صداقت ۽ حقيقت دور دور تائين ڦهلجي ويندي آهي ۽ دير تائين زندهه رهندي آهي- اچو ته صداقت ۽ حقيقت جو اظهار ڪريون.‘

روئندي روئندي هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ سندس ساهه منجهي پيو هجي ڪنهن ڪُن ۾. هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي بيهي رهي. ٻاهران ڪنهن وڻ تان ڪوئل ڪُوڪ ڪئي. ڪوئل جي ڪُوڪ سندس دل جي ديوارن مان لنگهي الائي ڪيڏانهن پيهجي ويئي. هن کي هي پنهنجو ڪمرو ڄڻ بلئڪ هول محسوس ٿيڻ لڳو. هوءَ بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي پنهنجي روم مان ٻاهر نڪري آئي. (مونکي ماني کائي سمهڻ کپي!) هن پنهنجي خيالن مان پلاند آجو ڪرڻ چاهيو پر خيال به ته ڪنهن پراسرار پاڇي جيان هر انسان سان گڏ آهن. ’مون کي ماني کائي سمهڻ کپي! هن رڙ ڪئي، ”قمر، او قمر.“ ۽ رڙ ڪندي هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ اهو آواز سندس پنهنجو نه هو ۽ اها رڙ شايد هن ڪئي ڪنهن خوف منجهان! هن وري سڏ ڪرڻ چاهيو، پر کيس ياد آيو ته نوڪرياڻي تائين اهو آواز نٿو پهچي سگهي. هيٺ ڪِچن ڏانهن هوءَ اهو سوچيندي تيز تيز قدم کڻندي هلڻ لڳي. ڏاڪڻ تان هيٺ لهندي، هن کي لڳو ته ڄڻ هوءَ هڪ قدم به نه هلي سگهندي. هن پنهنجي پاڻ تي هڪ عجيب بيزاري ڇانئجندي محسوس ڪئي. ڏاڪڻ تان لهي هوءَ ڪيئن اچي ڊائننگ روم ۾ بيٺي، تنهن جي کيس به خبر نه پئي.


(1) امداد حسيني

(1) شوپنهار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org