سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آخري ڪتاب

 

باب: --

صفحو :2 

ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريان ٿو. اڳ کان ڪافيءَ جو ذائقو ڦريل لڳي ٿو. ’ليس ٽيسٽي.‘ ڪافي اڌ پي ڇڏيان ٿو. کيسي مان سگريٽن جو پئڪيٽ ڪڍي، پئڪيٽ کولي سگريٽ ڪڍي، چپن جي وچ ۾ اٽڪايان ٿو. کين ڏسان ٿو. هو به ڄڻ سمورو وقت منهنجي هڪ هڪ پوز جا سنئپس وٺنديون رهيون آهن. ماچيس جيب مان ڪڍي سگريٽ دکايان ٿو. تيلي وسائي هيٺ اُڇلائي، سگريٽ مان ڀريل ڪش ٻاهر پڦ ٿو ڪريان ته لڳي ٿو هو ٻئي سيٽون خالي ٿي ويون آهن. وري پڪ ڪرڻ لاءِ ڏسان ٿو. هو برابر اُٿي منهنجي ڀر مان ئي ٻاهر وڃي رهيون آهن.

رڪارڊ جي ڌن ۾ مان اٿڻ لڳان ٿو. کيسي مان پرس ڪڍي، ٻن جو نوٽ اندران ڇڪي ميز تي پيل پليٽ ۾ بل مٿان رکي ٻاهر وڃڻ لاءِ مڙان ٿو.

هو وئيون هليون، لڳاتار سوچيندو ٻاهر پهچي ٿو وڃان. لائونج کان ٻاهر اسٽيپس لهي فوٽ پاٿ تي وهندڙ آمدرفت کي ڏسڻ ٿو لڳان. کاٻي پاسي فوٽ پاٿ تي اهي ٻئي بيٺيون ڏسان ٿو. من حرص سان ڀرجي ٿو وڃي. دل جو درياهه تيزگيءَ سان وهندڙ محسوس ٿو ڪريان.

سندن مک تي دائمي تلخ مسڪراهٽ ڏسي، مان پنهنجو پاڻ تي ڦٽ لعنت ٿو وجهان، ’هي منهنجي نظرن ۾ اٽڪي هلنديون رهيون آهن. مسڪرائينديون رهيون آهن ۽ تون آهين جو کين سويٽ سمائيل به نٿو ڏيئي سگهين، جاهل، ڳنوار، اليٽريٽيڊ! هڪ جي بجاءِ ٻه! يا رب! ڪي اڌ چوٿيءَ لاءِ پيا واجهائين.‘ کين ٽئڪسي ڪري وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو وٺان.

هڪ جوان منهنجي اڳيان اچي ٿو بيهي. پناما پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي پيئڻ ٿو لڳي. سندس اکين ۾ مون کي لالچ ٿي ڏسجي. هو ائين مشڪڻ لڳو آهي ڄڻ مون سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ٿو چاهي.

مان فراخدل آهيان هوءَ ساڙهي واري کپيس...

منهنجي چوڻ کان اڳ هن پنهنجا چپ چوريا آهن، چوي ٿو، ”ڪهڙي پسند اَٿو. ساڙيءَ واريءَ جا پنجاه! ۽ ڪڙتي واريءَ جا پنجهتر- سوچيو نه فل نائيٽ اوهان سان هوندي!“

مان حيران، کيس ڏسندو ئي رهان ٿو. مون کي لڳي ٿو ته منهنجي هوش ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڪنهن مون تي پستول مان فائر ڪري منهنجو انت آندو آهي.

ريکا دور ڌنڌلڪي ۾

بيدل مسرور

ٽائيپ رائٽر جي اکرن تي آڱريون هلائيندي ۽ ٽيبل تي رکيل پني ڏانهن ڏسندي بار بار سندس نظرون خالي ڪرسيءَ ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، ’الائي ڇو دير ڪئي اٿس‘ ٿوري دير لاءِ سوچي هوءَ وري ٽائيپ جي چاٻين کي آڱرين جي زور سان دٻائيندي، ليٽر ٽائيپ ڪرڻ لڳي ٿي وئي. سمورو ڪم ٽائيپ ٿي ويو ۽ جيڪو صاحب ڏانهن به هليو ويو. آفيس جا ڪجهه ڪلارڪ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئا پر سندس سامهون پريان ڀت سان رکيل ميز وٽ، مزي سان ويٺل مقبول، سگريٽ جا ڪش هڻي کيس گهوري رهيو هو ۽ خالي ڪرسيءَ ڏانهن ڏسندي، ٽائيپ ڪندي ڏاڍو پئي چاهيائين ته مقبول کانئس رفيق متعلق پڇي ته جيئن خبر پوي ته ڇو ڪونه آيو آهي. نيٺ هوءَ گهڻو ضبط ڪري نه سگهي،

”ڇو، اڄ رفيق نه آيو آهي.“

”اهو ته اسان کي، اوهان کان معلوم ڪرڻ گهرجي، ميڊم.“

”اڇا!“ اکيون ڇنڀي چيائين ته سهي پر هڪدم گهٻرائجي وئي ۽ ان سان گڏ سندس ذهن ۾ هن جي رفيق ۾ دلچسپي وٺڻ واري معاملي جي صورت اهڙي اڀري آئي جنهن ۾ هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته مقبول، رفيق ۽ سندس هڪٻئي ڏانهن لاڙي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

هڪ ئي آفيس ۾ ڪم ڪندي هن هميشـﮧ رفيق کي ئي سٺو پاتو هو ۽ ان ڪري ئي رفيق سان ڳالهائڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ گڏجي لنچ ڪرڻ وقت هڪ قسم جي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندي هئي. دل جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪڏهن ڪڏهن کيس آواز ايندو هو ته: ’هوءَ رفيق ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي آهي.‘ ۽ پوءِ ڌيرج ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ئي چئي ڇڏيندي هئي: ’دلچسپي وٺڻ گناهه ته ڪونهي.‘

مقبول پنهنجي مڇن جا وار زبان جي مدد سان ڏندن تائين آڻي چپن کي ڀڪوڙي کيس لالچي نظرن سان تڪي رهيو هو، هوءَ ائين ئي چئي ويٺي، ”دل ٿي چوي ته جيڪر اڄ سوير ئي گهر هلي وڃان.“

ائين چوندي کيس لڳو ته رفيق جي نه هئڻ ڪري ڄڻ بور ٿي پئي آهي. سوچڻ لڳي ’گهر ۾ ڇا رکيو آهي جو سوير وڃان. جنهن گهر ۾ ٻارن جي موجودگيءَ ۾ به من جو وندرڻ اوکو ٿي پوندو اٿم. کين کارائڻ، سمهارڻ، پڙهائڻ ۽ پيار ڪندي به هر وقت ڪنهن کوٽ جو احساس چهٽيل رهي ٿو.‘

مقبول ڪرسيءَ تي پاسو بدلايو ۽ پنهنجائپ مان کيس چوڻ لڳو، ”ميڊم، دل جيڪي چوي سو ضرور ڪجي.“

”ڇا مطلب؟“ مُرڪي، خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪندي چيائين.

”اڄ مسٽر رفيق به ته نه آيو آهي.“ مقبول پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍندي چيو.

”الائي ڇو نه آيو آ.“ ساڳئي نوع ۾ چوندي پاڻ کي اداس ڀانيائين. پر چئي وڃڻ کانپوءِ کيس مقبول جو جملو محسوس ٿيڻ لڳو ته پنهنجي منهن لڄي لڄي ٿي وئي. خاني مان پنو ڪڍيائين، جنهن تي بال پين سان موڪل جي درخواست لکي اڳيان رکيائين.

”ها ميڊم، اڄ ته توهان کي موڪل وٺڻ ئي گهرجي.“

هن کي لڳو ڄڻ مقبول کيس چئي رهيو هجي- ’ڪنهن پروگرام تحت اهڙو ناٽڪ رچائڻ ئي مناسب آهي.‘ سوچي هن کيس چيو، ”تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“

”مان ڇا چوندس،“ مرڪندي، ڏکاري لهجي سان چوڻ لڳو، ”مان چئي به ڇا ٿو سگهان.“ ’ڪيڏو نه ڪريل ماڻهو آهين، هن کيس من ئي من ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي ڇڏيو. هن کي هونئن به مقبول جي ايڏي حجت ڪانه وڻندي هئي، ڪليگس هئا، جنهنڪري ڪاوڙ ڪرڻ جي بدران ڳالهه کي ٽاري پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳندي هئي. هوءَ اٿي صاحب ڏانهن وئي.

ڪاغذن تي صحيحون ڪندي صاحب وڏو ساهه کنيو ۽ ڪنڌ مٿي کڻندي چوڻ لڳو، ”يس ماءِ ڊيئر ميڊم.“ صاحب جي منهن تي مرڪ هئي ۽ مسلسل وڏا ساهه کڻي رهيو هو. ڄڻ هن جي جسم جي خوشبوءِ مان فرحت وٺندو هجي.

”سر!“ هن هٿ ۾ جهليل درخواست ڏانهس وڌائي.

صاحب سندس درخواست پڙهڻ کانسواءِ صحيح ڪري پاسي واري رئڪ ۾ رکي ڇڏي ۽ وري اکيون کپائي کيس ڏسڻ لڳو. هن کي ائين محسوس ٿيو جهڙو صاحب جون جسم ۾ پيهي ويندڙ نگاهون، هن جي اگهاڙين ٻانهن تان ترڪنديون، جسم جي ڪجهه حصن کي بيقرار بنائڻ واريون هيون.

”ته سر مان وڃان.“ پاڻ کي نروس محسوس ڪيائين.

”تنهنجي مرضي.“ صاحب ساڳي مرڪ سان پنهنجون نظرون سندس سيني جي ٿوري کليل حصي تي اٽڪائيندي چيو. هن جو من ڌڙڪڻ لڳو ۽ هوءَ جلد ٻاهر نڪري آئي. ميز جا خانا بند ڪيائين، هڪ اڇاتري نظر ڀر واري خالي ڪرسيءَ تي وڌائين ۽ ڪرسيءَ تان نظرون هٽائي هوءَ هلڻ لڳي. مقبول جي ميز وٽان لنگهندي هن مرڪي هٿ جي ٻن آڱرين سان کيس الوداع ڪيو. مقبول به کيس ويندي ڏسندو رهيو.

آفيس جي ڏاڪڻ تان لهندي، هوءَ رفيق جي نه اچڻ بابت سوچيندي فيصلو ڪرڻ لڳي، ’ته پهرين رفيق ڏانهن ٿي وڃان. پنهنجي گهريلو حالتن کان اڄ بهرحال کيس واقف ڪري ڇڏيان ته چڱو.‘ هوءَ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺي ۽ جڏهن گاڏي آفيس مان نڪري شهر جي رستي تي آئي ته دل من هڻڻ لڳي، ’رفيق کي ڪيئن ٻڌائي سگهنديس ته مون سان ڪهڙي ويڌن آهي.‘ هوءَ احتياط سان گاڏي هلائيندي پئي وئي. سندس ذهني سوچون، مستقبل لاءِ ٺهندڙ معاملن جي اونهائين تائين ويندي ويندي موٽي ٿي آيون. ’رفيق ٻڌندو ته ڇا سوچيندو؟- نه- رفيق منهنجي هر قدم کي ساراهيندو رهيو آهي. جڏهن مڙس کان طلاق ٿي ورتم ته به رفيق ئي منهنجي پٺڀرائي ڪئي هئي. هاڻي جڏهن کيس پنهنجي مستقبل لاءِ چوندس ته رڳو همدرديءَ وچان مخصوص جملا چوندو؟ پر ڇا هو منهنجي ان کوٽ کي محسوس نٿو ڪري. ڪندو هوندو، ته پوءِ مان ڪيئن کيس چئي سگهنديس. نه- مونکي چوڻو پوندو. مان هاڻي ئي وڃي کيس ٻڌايان ٿي، پر منهنجي مستقبل لاءِ ڇا رفيق ڪجهه به نه ڪري سگهندو؟ پر اِن طرح ته هن جي به مستقبل جو مسئلو حل ٿي ويندو. ڪيئن ٿيندو؟ هنجو مڱڻو ٿيل آهي. ڇا هو مائٽن کي ناراض ڪري سگهندو؟ مون کي ايڏو نه سوچڻ گهرجي. رفيق مون کي ڀائيندو آهي ۽ ٻين مردن جي ڀيٽ ۾ هوءَ پاڻ رفيق کي چاهڻ جي حد تائين ڀائيندي آهي. پر رفيق نيٺ مون کي ڇو ڀائيندو آهي؟ رفيق مون کي ڇا سمجهي ايڏي عزت ڏيندو آهي.‘ هن اهڙن سوالن بابت اڳي به گهڻو ئي سوچيو هو پر کيس اڄ تائين ڪو خاطريءَ وارو جواب نه آئڙيو هو.

’پنجويهن سالن جي ئي عمر ۾ هو ايترو گهڻو ذهين ۽ سنجيدو لڳندو آهي. جنهن جي مقابلي ۾ مان چئن ٻارن جي ماءُ، وچولي گهراڻي جي آزاد خيال عورت، جنهن رڳو پنهنجي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ نوڪري ڪئي آهي.‘ سندس مڙس بئنڪ ۾ مئنيجر هو. مڙس جو خيال ايندي ئي هن جي ڪنن جون پاپڙيون گرم ٿي ويون. ’مئنيجر جي ڀيٽ ۾، رفيق ڪيڏو نه ذميدار آهي. اڃان ته رڳو مڱڻو ٿيل اٿس ته به پنهنجي مڱيندي لاءِ ڪيڏو ۽ ڪيترو نه سٺو سوچيندو آهي. مون سان گڏ هوندو ته به ڪيڏي نه عقل کان ڪم وٺي سهڻا موضوع ڪڍي وٺندو آهي ۽ هو مئنيجر.‘ نفرت وچان سندس ناسون ۽ چپ ٿورا ڇڪجي ويا. ’بي عقل، ٻارنهن سال گڏ رهندي به منهنجي طبيعت کي سمجهي نه سگهيو ۽ رفيق سان نوڪري ڪندي ڪجهه سال ئي مس گذريا اٿم ته هو منهنجو احترام ڪرڻ لڳو آهي. نيٺ رفيق ايترو احترام ڇو ٿو ڪري؟‘ هوءَ وري مُنجهي پئي ۽ ان مونجهه ۾ کيس ٻيو ڪوبه اهڙو شخص نظر نه ٿي آيو، جنهن سان مستقبل جا باقي ڏينهن، سڪون ماڻڻ جي اميد تي وابستا ڪري ڇڏي. بس هڪ رفيق ئي کيس ذهن تي ڇانيل لڳو. جنهنکي هن پنهنجي ننڍڙي ماحول ۾ منفرد پاتو هو، جنهن کي هن پنهنجي مئنيجر مڙس کان علحدگيءَ متعلق به ٻڌايو هو، تنهن بعد رفيق سندس احساسن جو احترام ڪرڻ لڳو هو. انهيءَ سبب ئي هن کي يقين هو ته رفيق کيس سمجهي سگهيو ٿي ۽ هن کي به رفيق متعلق چڱي اسٽڊي هئي، پر هن کي هميشـﮧ اها ڳالهه کٽڪندي هئي ته رفيق کيس دل جي ڳالهه چوندي چپ ٿي ويندو آهي ۽ ڏاڍو پراسرار ۽ مبهم ٿي ويندو آهي. جلد ئي سمجهه ۾ اچڻ جو وجهه نه ڏيندو آهي.

”مان سمجهان ٿو، ڪنهن وقت توتي واضح ٿي ويندو.“

”ته؟“

”ته تون به مون کي سمجهي نه سگهي آهين.“

”۽ اهو جملو جي مان تنهنجي لاءِ چوان ته؟“

”اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڪير ٿو ڪنهن کي سمجهي سگهي.“

آفيس ۾ روزانو هڪجهڙن ۽ مقبول ۽ صاحب پارن جسماني لالچ رکندڙن جي وچ ۾ ڪم ڪندي هوءَ ڄڻ تنگ ٿيڻ لڳي هئي.

گهر- ساڳيا ساڳيا ٻار، ساڳيون ساڳيون ڳالهيون، جن سندس زندگيءَ کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيو هو.

’نوڪري اٿم، گهر اٿم، پوءِ مون کي ڪهڙي ڳالهه جي ضرورت آهي. شايد مڙس کان علحدگيءَ جي پڇتاءَ جو احساس، ڪنهن ٻئي مرد مان ضرورت پوري ڪرڻ ۾ اطمينان جو احساس ڏئي رهيو آهي. نه- ها- شايد مون کي مرد جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ معاشرتي رسم طور نڪاح ڪرڻ به ضروري آهي. يعني مون کي هڪ عدد سُٺي مڙس جي ضرورت آهي. پر ڪٿي ائين ته ناهي ته مان، مئنيجر جي بُري رويي جو اثر وٺي ڪنهن سٺي مرد سان منسوب ٿي مئنيجر کي ڪجهه ڪري پئي ڏيکاريان. نه- ڀلي ائين هجي به.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org