سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آخري ڪتاب

 

باب: --

صفحو :12 

ڊينجر مين

مهتاب محبوب

جنهن رفتار سان اديبن، رسالن ۽ ڪتابي سلسلن جي وڃڻ جو سلسلو جاري آهي، تنهن کي ڏسندي ائين ٿو لڳي ته سنڌي ادب جو هاڻ خدا ئي حافظ. اهو ته نيرو جو ئي جگر هو، جنهن شهر روم کي سڙندو ڏسي به پي بانسري وڄائي. اسانجا ته گهاءَ ئي نه ڀريا آهن. زخم ئي نه ڇٽا آهن. ڪٿي ائين ته ناهي جو اهي چاڪ سدائين چڪندا رهجي وڃن.

مون کان اهڙي وقت ڪهاڻي جي گهر ڪئي وئي آهي، جڏهن مون وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. دليون ئي پرڻ بنجي وڃن ته پوءِ ڪيئن لکجي، ڇا لکجي، مون کان ته سڀ وسري ويو آهي. ذهن جي لاڪر ۾ سانڍيل ساروڻين جو سهارو وٺي ڪجهه لکڻ چاهيم پر ڏٺم ته ان جي چاٻي به مون کان وڃائجي وئي هئي- جا اڄ به نٿي لڀي. تنهنڪري ڏک اٿم ته ’تخليق پبليڪيشنس‘ جي شايان شان ڪا تحرير نه موڪلي سگهيس، پر جيئن ته هن ڪتاب بعد ’تخليق پبليڪيشن‘ به اسان کان وڇڙجي رهي آهي ته ان الوداعي موقعي تي ٻه ٽي مهينا اڳ لکيل ننڍڙي ڪهاڻي سندس ڀيٽا. – مهتاب محبوب

”اول ڊينجر، آخر ڊينجر هي از اي ڊينجر، ڊينجر، ڊينچر مين.“ ٽريفڪ سگنل جي بند ٿيڻ تي ڪار کي بريڪ لڳائي هُن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.

”سچي؟“ هِن کيس حيرت مان ڏسندي پڇيو.

”توکي خبر ناهي ڇا؟“

”نو آئي ڊونٽ...“

”اِٽ از اي فيڪٽ، هي از ’سُپر ڊينجر‘ شال نه ڪنهنجي پٺيان پوي، اصل ترا ٻاهر هوندس، ڇنڇري لاهي ڇڏيندس. ڌاڻا ڪڍي رکندس،“ سگنل کلڻ تي هُن ٻرندڙ سگريٽ جو ٽوٽو اڇلي ڪار اڳتي ڪندي چيو. ”پنهنجي شاٽ گن جهڙي قلم سان چڱن چڱن کي رت جا ڪونڊا روئاڙيا اٿس.“

”بَٽ وائي؟“ منهن سونڊائي پڇيائينس.

”ڊينجر مين جو ٿيو.“

”جي ائين آهي ته مان به کيس ڏسي رهندس.“

”اونهون،“ هُن ننهڪار ڪئي. ”ڊونٽ بي سِلي، متان نانگن جي ٻر ۾ هٿ وڌو ٿئي.“

”مونکي نانگن تي ريسرچ ڪرڻ جو شوق ٿيو آ.“

”نانگن واري نواب جي شاگردي ته نه قبولي اٿئي.“

”واٽ نانسينس، ايتري به خبر ڪانه اٿئي ته زهر کي زهر ماريندو آ.“

”هي سيد مرتضى ڏاڏاهي جو ’زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين‘ واروبرڪتن ڀريو زهر نه ٿئي ميڊم. هن کي گهٽ نه ڄاڻ، وڏو بليڪ ميلر آهي، بليڪ ميل ڪندءِ.“

”ڇا ڏٺو اٿس جو بليڪ ميل ڪندو.“ هِن ٿورو چڙ مان چيو.

”اوه... وائي ڊونٽ يو اَنڊر اسٽينڊ، ڊينجر مين ڏسي وائسي ڪم ڪرڻ لڳن ته پوءِ باقي ڊينجر مين ڪيئن ليکجن. بِليوِمي، هي اِز وِيري ڊينجرس.“

”دين واٽ؟“ هوءَ هيسجڻ بجاءِ رهندو مشڪڻ لڳي. ”مون کي ڪائي پرواهه ناهي، مان ڊينجر مين کان نٿي ڊڄان.“

”ته پوءِ ڏجانس منهن.“ هِن جي فَسٽ ڪَزن کيس لاسٽ وارننگ ڏيندي ڪار کي کاٻي پاسي موڙيو ته هڪ اسڪوٽر اوور ٽيڪ ڪري هُن جي پاسي کان لنگهيو.

”اهو ٿي ڊينجر مين!“ اسڪوٽر ڏانهن آڱر کڻي هُن ڏاڍيان رڙ ڪري چيس.

”اِهو، جو هاڻ ويو؟“

”ها اِهوئي، ’هڻ کڻ‘ جو مائٽ ’سنگچور‘.“

”پاسي ته ٿي ڀلا، ڏسڻ ته ڏي.“ کيس ڏسڻ لاءِ هِنجو شوق جاڳيو.

”ميڊم مان ڪار پيو هلايان، ڪو جهاز ته نه پيو هڪليان...“

”هونهه... ڏسڻ لاءِ چيئه به ته پاڻ.“

هُن جو کتو جواب ٻڌي منهن تي لڙي آيل وارن جون لٽون پري ڪندي هوءَ شيشي جي اڳ تان نهارڻ لڳي، پر اسڪوٽر سندن ڪار کي گهڻو پُٺتي ڇڏي ويو. پوءِ به ڊينجر مين جا رڳو ڇڙا چُهچ ڪارا وار ئي ڏسي سگهي، جي هوا جي زور تي اُڀا ٿي خطري جي علامت جو ڏِک ڏيئي رهيا هئا.

”ڏٺئه نه؟“ هو مشڪندي کانئس پڇڻ لڳو.

”اهو وري ڪهڙو ڏسڻ- ڊينڊا گيڊا.“

هِن پرس مان ڪئڊبري چاڪليٽ ڪڍي چڪ ڀريندي وراڻيس.

”مون کي جي ڊينڊو گينڊو سڏيندينءَ ته مان به ايفل ٽاور سڏيندومانءِ.“

”سائپريس ڇو نه؟“ هِن چاڪليٽ ڳهندي شوخيءَ مان پڇيس. ورندي ۾ گينڊي کيس طيش ڏيارڻ لاءِ ڇڙو اکيون ڦِرڙائي ٽرڙي سينڍ وڄائي.

”ڀلي ڀلي وڄائي سينڍون،“ هِن تِهانئين چيڙايس. ”نيٺ به ته ڪلاڪار فنڪار آهين.“

”تو جيان ليکڪ ته ناهيان.“ هُن لائٽر سان سگريٽ دکائيندي چيس.

”ليکڪ ٿيڻ ڏوهه آ ڇا؟“

”ليکڪ جو روح سڪون لاءِ سڪندي سدائين مَکَ جيان مٿو پِٽيندو آهي.“

”هر تخليق ڪار جو روح ساڳيو آهي، پوءِ ڇو نه هو آرٽسٽ هجي، اديب، فنڪار يا شاعر. مان ته چوان سائينسدان به ساڳي ئي ويڙهي ۾ اچيو وڃن.“

”اڙي ها،“ سوالن جوابن ۾ پاڻ کي مئل ڏسي هُن گيئر بدلائڻ سان گڏوگڏ ڳالهه به بدلائي ”اهو ٻڌائڻ وسري ويو...“

”ته تون ٻاهر پيو وڃين.“ هِن ڳالهه ڪاٽيندي چيس.

”توکي ڪنهن ٻڌايو!؟“

”اها ڪا نئين ڳالهه ته ناهي. خبر اٿم ته تون وڏو ٽيلينٽيڊ آهين، ٻاهريان ملڪ گهمڻ ۽ اتان ڪانه ڪا تربيت وٺي موٽڻ تنهنجي وندر آهي.“

هُن ڪو جواب ڪونه ڏنو، شايد رٺو هو. هوءَ به چپ هئي. گاڏي پنهنجي گهر جو گيٽ ٽپي اڃا مس بيٺي ته هوءَ در کولي تڪڙي تڪڙي فرش لتاڙي اندر هلي وئي. 

گينڊو ته پوءِ ’حبشڪو‘ رقص سکڻ لاءِ يوگينڊا هليو ويو، البت دوزخ جهڙا ڀنڀٽ هن جي دل ۾ سو ٻاري ويو ۽ اُهي تڏهن مس وڃي ٺريا، جڏهن کيس هڪ اڌ پائنٽ اهڙي ملي وئي جنهن کي سوگهو جهلي هِن ڊينجر مين خلاف رسالن جا ڪئي ڪالم ڪارا ڪيا. هِن کي پڪ هئي ته ڊينجر مين کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو. زهر ۾ ٻڏل تير هڻي هڻي هن جو اندر رتوڇاڻ ڪري ڇڏيندو. هن جي شاٽ گن جهڙي قلم مان نڪتل لفظ کيس ڀسم ڪري ڇڏيندا پر جڏهن ڊينجرمين طرفان کيس ڪوبه ريسپانس نه مليو ته ڏاڍي تشويش ٿي پيس.

الائي هڪدم هو ڪيڏانهن هليو ويو. هِن پنهنجي پر ۾ سندس گهڻئي پڇائون ڪيون پر هُن جو ڪو به پار پتو نه پيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن خطرناڪ جادوگر کيس پنڊ پهڻ بنائي، پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو هجي. شايد پوءِ بخت جي پريءَ ڇانوَ ڪئي مٿس جو وري پنهنجي پيرين سيرين ٿي اچي ڪَکين ڀيڙو ٿيو.

هڪ وار وري سندس چوٻول ٻڌجڻ لڳو.

’هاڻ ته رهندو باهه بنجي موٽيو هوندو‘، هِن سوچيو، ’يارن جون باهيون به ڀتارن مان ڪڍندو.‘

پر وري به نه ڪو ٻوڏ نه ڦوٽ. هِن کي ڊينجر مين تي ڏاڍا خار پي آيا ’ماڻهو آ ڪين مَس چِٽو‘ ڪئي ڀيرا هن کي خيال آيو ته وڃي کيس ڌونڌاڙي ڌونڌاڙي پڇي ته: ’ڇو اي ڊينجر مين! چئن پنجن سالن جو طويل عرصو گذري وڃڻ کانپوءِ به تو منهنجا تختا نه ڪڍيا... پنهنجي شاٽ گن جهڙي قلم جي نوڪ جو نشانو نه بڻايئي... ٻڌاءِ... جواب ڏي نه؟ تون ڪيڏانهن هليو ويو هئين... ايڏو انتظار ڇو ڪرايئي... تون ڇڙو نالي جو ئي ڊينجر مين آن ڇا.‘

ايترو سوچڻ بعد به ڊينجر مين کان ڪجهه نه پڇي سگهي.

’من هاڻ ڪجهه ڪڇي‘ هر ڀيري اهو خيال ايندو هئس، پر وري به ساڳي ماٺ. انتظار ڪري ڪري نيٺ ڪڪ ٿي گريٽ ۽ عظيم جا ڳٽ کڻي گلي ۾ وڌائينس ۽ پشيمانيءَ مان سوچڻ لڳي: ’مان پنهنجي زيادتين تي شرمسار ٿي کيس پرچائيندس ته تو جهڙي عظيم ۽ بلند جرنلسٽ کي سمجهي نه سگهيس... تنهنجي ڀُلَ هئي يا ڀورائي... ڇا به هو... پر ان جو احساس مون توکي ڪيڏو نه تلخ لهجي ۾ ڏياريو... مان... مان...‘

اوچتو هِن جي هيانءُ ۾ سور جي سَٽ اُڀري. ’الا...‘ هِن هيانءَ تي هٿ رکي پنهنجيون اکيون بند ڪيون ۽ ديوان تي آهلجي پئي. اهي سور جون سٽون هن لاءِ نيون نه هيون. هوءَ ڪيتري وقت کان اهي سهندي پي آئي....

’ڪهڙا اڻ ڏٺا درد آهن جي منهنجي دل ۾ آهستي آهستي دکندا پيا رهن،‘ هن سوچيو. ’دُکي دُکي رک نه ٿي وڃان... جي مان رک ٿي ويس ته پوءِ؟‘ اوچتو هن گهٻرائجي اکيون کوليون. ’مون کي ڪنهن هارٽ اسپيشلسٽ سان ڪنسلٽ ڪرڻ کپي... نه ته اهي درد مون کي جهوري وجهندا. اهي دل لاءِ آهن به ته سخت ڊينجرس... ڊينجرس... هان!... ڇا؟ ڊينجرس... ڊينجر مين....‘

هن جي ذهن جي الائي ڪهڙي ڪنڊ مان اسڪوٽر فراٽ ڪري نڪري نروار ٿيو ۽ ان دم ئي خطري جي علامت، چهچ ڪارا اُڀا وار، ڀالا بنجي هنيانءَ ۾ لهي آيس. هِن وري دل کي سنڀاليو. ڀريل گلاس مان ٻه ڍڪ پاڻيءَ جا پيتائين.

’هو واقعي ڊينجر مين آ... اها ڳالهه ٽيريبل حد تائين برابر هئي،‘ هن سوچيو. ’مان وري ڪهڙي نه چرياڻ آهيان جو هلي آن کيس پرچائڻ... معذرتون گهرڻ... هونهه! ڪيئن چوان ته هو گريٽ آهي.... ڇو چوان ته عظيم آهي...‘ هن عظيم ۽ گريٽ جا ريشمي ڳٽ خيالن جي هڪ ئي سَٽ سان ڇني کڻي ڦٽا ڪيس.

’هو ڊينجر مين آ.... سپر ڊينجر مين... ڪيئن نه بدلو ورتو اٿس... هُن ماٺ رهي مون کي ايڏي ذهني اذيت ڏني آهي، جنهن جو عذاب مان اڃا به روح اندر محسوس پئي ڪريان... گينڊي سچ ٿي چيو... هو لاشڪ ته ڊينجر مين آهي. اول ڊينجر، آخر ڊينجر، ڊينجر ڊينجر ڊينجر مين!‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org