ڊائننگ روم:
وچ ۾ تمام وڏي بيضوي ڊائننگ ٽيبل. چوڌاري اُنجي
ڪرسيون، پريان کان رکيل فِرج، سامهون ڀت تي لڳل
وال ڪلاڪ
(Wall Clock)،
ڊائيننگ روم ۾ ڇانيل ساڳيو سناٽو، ساڳي خاموشي،
جنهن ۾ سواءِ وال ڪلاڪ جي ’ٽڪ ٽڪ‘ کانسواءِ ڪو
آواز ڪونهي. کيس هي اولڊ فيشن وارو وال ڪلاڪ ڪيترو
نه وڻندو آهي. هُن اهو وال ڪلاڪ ڪراچيءَ جي ڪنهن
پراڻين شين واري دُڪان تان خريد ڪيو هو- ’هي
زندگيءَ جو بيحد گهرو سناٽو ۽ خاموشي به انسان جا
ساٿي آهن.‘ هن اهو سوچيندي ڀرسان ديوار ۾ لڳل سوئچ
بورڊ تي گهنٽي جي بٽڻ تي هٿ رکيو. دور ڪٿي گهنٽي
وڄڻ لڳي ۽ وڄندي رهي. کيس انهيءَ بيحد گهري سناٽي
۾، گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ سان گڏ اهو دور کان ايندڙ
گهنٽيءَ جو آواز بيحد سُڪون ڏيڻ لڳو. (زندگيءَ جي
انهيءَ شديد سناٽي ۾، گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ شايد
زندگيءَ جي اهميت جو احساس آهي. ۽ احساس ئي رهن
ٿا، جيڪي اسان کي زندگيءَ جي حقيقتن کان واقف ڪندا
رهن ٿا. احساس؟) هن جو هٿ ائين بٽڻ تي هو ۽ هوءَ
ائين ئي بنا ڪنهن سوچ جي اتي بيٺي رهي- انهيءَ
سناٽي ۾، انهيءَ گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ سان گڏ! قمر،
سندس نوڪرياڻي ڊوڙندي اچي سندس ڀر ۾ بيٺي. هن
ڏانهنس نهاريو- ’مون هن کي ڇو سڏايو؟‘ هن هٿ بٽڻ
تان کنيو. دور ڪٿي گهنٽيءَ جو آواز بند ٿي ويو.
وري هڪ ڀيرو سناٽو، خاموشي. قمر، کيس ڏسڻ لڳي. هن
پڇيو- ”ڇا آهي؟“
”توهان سڏيو نه بيگم صاحب!“
”هون، صاحب ڪونه آيو؟“- هن هروڀرو به اهو سوال
ڪيو. جيتوڻيڪ کيس خبر به هئي ته سندس مڙس هن وقت
ڪٿي هوندو. نوڪرياڻي ڪهڙو جواب ڏنو، سو هن نه ٻڌو.
اوچتو کيس ياد آيو، هن نوڪرياڻيءَ کي مانيءَ لاءِ
سڏايو آهي- ”ٻڌ، ماني رک جلدي.“
”پر توهان ته چيو هو بيگم صاحب توهان ماني نه
کائيندا؟“
هن نوڪرياڻيءَ ڏانهن تيز نظرن سان ڏٺو. نوڪرياڻي
سندس نظرن مان ڪجهه سمجهندي، ڪجهه نه سمجهندي، تيز
تيز ڊوڙندي ڪِچن ڏي ويئي هلي. انهيءَ گهري
خاموشيءَ ۾ نوڪرياڻي جي قدمن جي چاپ ٻڌڻ ۾ آئي ۽
پوءِ وري خاموشي ۽ گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ.
(هاڻي ڇا ويهي ڪريان؟)
هوءَ خالي خالي نظرن سان ڊائيننگ روم جي هڪ هڪ
شيءِ کي ڏسندي اچي ڊائيننگ ٽيبل واري ڪرسيءَ تي
ويٺي. ٻئي هٿ ڳلن تي رکي، هوءَ ميز تي رکيل خالي
ٿانون کي ڏسڻ لڳي: ٿاليون اونڌيون رکيل، گلاس ۾
نيپڪن، ڇريون، ڪانٽا. ۽ چمچا، ساس جي بوتل. ميز جي
ڪاري بيحد صاف سطح تي سڀ شيون رکيل هيون. هُن جون
نظرون ميز تان هٽنديون وڃي سامهون، يوار ۾ لڳل
ٿانون جي شوڪيس تي پيون. شوڪيس چينيءَ جي ٿانون
سان سجايل. ڊنر سيٽ ٻه هڪ چينيءَ جو جاپاني سيٽ ۽
ٻيو پلاسٽڪ جو ايراني سيٽ. گلاس. واٽر سيٽ ڊرنڪ
(Drink)
جا گلاس ۽ ننڍا سهڻا فرينچ جام. ٿانون سان ڀريل
شوڪيس تان سندس نظرون ڦرنديون وري اچي ڊائيننگ
ٽيبل تي بيٺيون. (سڀڪجهه اجايو آهي، هي سڀڪجهه هتي
رهجي وڃي ٿو. هي ٿانو به سهڻا لڳن ٿا هِن شوڪيس ۾.
پر جڏهن هي سهڻا ٿانو شوڪيس مان ٻاهر نڪري ڀڄي پون
ٿا، ته پوءِ؟ پوءِ اسان انهن ٽٽل ٿانون کي ڪيئن ٿا
اڇلائي ڇڏيون ٻاهر. گهڙيءَ لاءِ دک ٿيندو آهي، ۽
پوءِ بس. انسان به انهن چينيءَ جي بيحد نازڪ ۽
سهڻن ٿانون مثل آهي. انسان به هڪ ڏينهن آخر ڀڄي
پوي ٿو. ٽُڪر ٽُڪر ٿيو وڃي! ۽ پوءِ؟... پوءِ ڇا؟
پوءِ ڪجهه به ڪونهي. هر شيءِ جي پنهنجي جاءِ آهي.
ڪابه شيءِ پنهنجي اصلي هنڌ تان هٽي ٿي، ته اهو هنڌ
ڪيڏو نه عجيب لڳي ٿو. هي شوڪيس يا هي ٽِڪ ٽِڪ ڪندڙ
گهڙيال هِتان هٽائي ڇڏجي ته ڪيڏو نه عجيب محسوس
ٿيندو؟ پر شيون؟ سڀ شيون؟ نه، پر شين جو تعلق اسان
سان ڪهڙو؟ اسان ته ٺهيو، پر منهنجي پنهنجي ذات
سان....؟ منهنجي ذات؟ منهنجو وجود؟ سڀ ڪيڏانهن
ويا؟ ”او خدايا، سگهه ڏينم، دک سهڻ جي. طمع تياڳڻ
جي ۽ هيڪلو گهارڻ جي.“ ها، الائي ڪنهنجو شعر آهي،
جيڪو خبر ناهي ڪنهنجي واتان ٻڌو هيم. پر انسان
هيڪلو ڪيئن گهاري سگهندو؟ نه، هيڪلو گهارڻ به
زندگيءَ جو هڪ عذاب آهي. بڪواس. پر هنن سڀني
ڳالهين جو هن وقت ۽ مون سان آخر تعلق ڪهڙو؟“
”اُف خدايا!“ هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ ائين سوچيندي
سوچيندي سندس ٻئي لوندڙيون ڦاٽي پونديون سُور کان.
(آخر اسين سوچيون ڇو ٿا؟ آخر اُها اندر جي ڪهڙي
لاشعوري ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ طاقت آهي، جيڪا اسان
کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.) هن هڪ هٿ سان ڌيري ڌيري
ٻنهي لوندڙين کي زور ڏيڻ شروع ڪيا. سندس اندر ۾ هڪ
سمجهه ۾ نه ايندڙ بيچيني هئي. هن پنهنجي پاڻ کي
خيالن جي آڏو بيوس پئي محسوس ڪيو. هن هڪ ڀيرو وري
بيزاريءَ مان ڪمري ۾ چئني پاسن نظر ڊوڙائي، ته کيس
سخت وحشت ٿيڻ لڳي- (ڪيڏي نه خاموشي آهي... هيءَ
خاموشي، هيءَ رات جو سناٽو، هي خيال، هيءَ اندر جي
اڪيلائپ ۽ هيءَ گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ... هي سڀ گڏجي
مون کي ماري ڇڏيندا... مان ڇا ڪريان؟ ڪيڏانهن
وڃان؟ ۽ وڃي به ڪيڏانهن ٿي سگهان. چئني پاسن کان
سخت انڌوڪار آهي. سخت انڌوڪار، اندر جي اڪيلائي،
بيچيني، بيحسي، بيرحمي، خيال، خوف، بيوسي ۽
ٻيو...؟ ٻيو ڇا. ڪجهه به نه. فقط انڌوڪار ۽ ان ۾
سخت ڀٽڪندڙ اڪيلو ۽ ذليل، بيرحم، بيوس ۽ نفرت جي
قابل... نه نفرت جي قابل نه، پر فقط رحم جي قابل
انسان.)
هن پنهنجي اندر جي بيچينيءَ کي ختم ڪرڻ چاهيو.
خيالن جي رُخ کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن سيکڙاٽ
ناکئي جيان، جيڪو ڪُن کان ٻيڙي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾
وڃي ڪُن جي حوالي ٿيندو آهي. (ڪُن؟ زندگي؟) هن ميز
ڏانهن نهاريو. سندس دل ٿي ته هن خاموشيءَ ۾ گهڙيال
جي ٽِڪ ٽِڪ سان گڏ ڪو ٻيو به آواز هجي ”پر ڪهڙو
آواز؟“- هن هڪ هٿ سان، ڊائيننگ ٽيبل تي هلڪي هلڪي
ٺڪ ٺڪ ڪئي. گهري خاموشي ۾ ٺڪ ٺڪ جو عجيب آواز، هن
بي انتها خاموشيءَ ۾، گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ سان گڏ
کيس اهو آواز به سُڪون ڏيڻ لڳو. ڪجهه دير تائين
هوءَ ائين آڱرين سان ڪا سمجهه ۾ نه ايندڙ ڌُن
وڄائيندي رهي، خالي خالي ذهن سان! خالي ذهن؟ (ڪاش!
اسان جا ذهن سدائين خالي هجن. بلڪل هن ڊائيننگ
ٽيبل جي ڪاري ۽ صاف سطح وانگر بيحد صاف. جنهن تي
ڪو نشان پوندو آهي، ته اُهو هڪ منٽ ۾ ڪپڙي سان صاف
ٿي ويندو آهي. اسان جا ذهن به ائين هجن. اسين جڏهن
چاهيون، پنهنجي مرضيءَ سان انهيءَ ذهن جي اسڪرين
تي، ڪي يادون ٺاهيون، ۽ ڪي يادون ڊاهي ڇڏيون. ڪاش!
هيءُ ذهن جو اسڪرين اسان جي ڪنٽرول ۾ هجي. پر هي
ذهن جو اسڪرين ته فقط ائبسٽرئڪٽ
(Abstract)
آهي. سمبالڪ آهي. سمجهه ۾ نه ايندڙ، مونجهارا پيدا
ڪندڙ، جديد دور جي جديد انسان جو ائبسٽرئڪٽ ذهن.
جنهن ۾ سواءِ ذهني پريشاني، روحاني ناآسودگي، دکن،
جذباتي ۽ غير جذباتي خواهشن جي، ٻيو ڪجهه به
ڪونهي.)
’پر هيءَ ذليل نوڪرياڻي ڪيڏانهن وڃي مري ويئي؟‘ هن
سامهون وال ڪلاڪ ۾ نهاريو. رات جا ساڍا ٻارنهن.
’ساڍا ٻارنهن؟ ٻارنهن جو ٺڪاءُ مون ڇو ڪونه ٻڌو؟
چڱي دير ٿي ويئي آهي!‘ اوچتو کيس پنهنجي مڙس جو
خيال آيو، جيڪو هينئر شايد ڪٿي نشي ۾ گم، رمي
کيڏندو هوندو. يا....؟ ’پر مون کي انهيءَ سان ڇا؟
مون کي سندس انتظار ڪونهي.‘
قدمن جي چاپ جو آواز ٿيو. هن ڪنڌ ورائي پويان ڏٺو.
قمر، ماني ٽراليءَ ۾ کڻي پئي آئي. هن قمر ڏانهن
ڏٺو. کيس هن تي بيحد رحم اچڻ لڳو- ’مون هنِ ويچاري
غريب کي سويل دڙڪو ڇو ڏنو؟‘ هن قمر ڏانهن نهاريندي
سوچيو، جيڪا ڪنڌ هيٺ ڪيو، ميز تي چانورن جو ڊش رکي
رهي هئي- (اسين پنهنجي نفرتن جو اظهار ڪڏهن ڪڏهن
پاڻ کان گهٽ ماڻهن تي ڇو ڪندا آهيون؟ ڇاڪاڻ ته
اسين جن سان پُڄي سگهندا آهيون، تن سان نفرت جو
اظهار ڪندا آهيون ۽ جن سان پڄي نه سگهندا آهيون تن
سان اندر ۾ نفرت جو اظهار ڪندا آهيون، ۽ اُها،
اُها به هڪ سخت منافقي آهي!) هن جي دل ٿي ته هوءَ
قمر کان معافي گهري. ’پر ڇو؟‘
”ٻڌ قمر، تون وڃ. آءٌ پاڻهي ماني کائينديس.“ هن
قمر کي چيو، جيڪا ڪنڌ هيٺ ڪيو، چپ چاپ بيٺي هئي-
(ويچاري. هن مهل تائين جاڳي پئي. اسين سڀ پنهنجي
پنهنجي جاءِ تي وقت ۽ حالتن جي هٿن ۾ سخت مجبور ۽
بيوس آهيون. هيءَ نوڪرياڻي آهي، ان ڪري سخت مجبور
آهي، هن وقت تائين جاڳڻ لاءِ. مون کي خبر آهي هيءَ
غريب آهي، مڙس خون جي ڪيس ۾ جيل ۾ بند ۽ ماءُ انڌي
اٿس. غربت به ڪهڙي نه ذليل چيز آهي. خبر ناهي ڪڏهن
هيءَ غربت ختم ٿيندي؟ ۽ مان به، هن سان وڙهندي
آهيان. پر سڀڪجهه فضول آهي.) هن هڪ ڀيرو وري قمر
ڏانهن ڏٺو، جيڪا چپ چاپ ڪنڌ هيٺ ڪيو، ڪمري مان
ٻاهر وڃي رهي هئي. قمر ٻاهر ويئي ته اکيون بند
ڪري، مٿو ڪرسيءَ سان لڳائي ڇڏيائين. سندس ذهن بيحد
ٿڪل هو. کيس لڳو پئي، ڄڻ هوءَ سوين ۽ هزارين ميل
سفر ڪري آئي هجي. (زندگي به هڪ سفر آهي، جنهن جي
ڪا منزل ڪانهي. اڻ ڄاڻ ۽ منجهيل پيچرن جو سفر،
ڊگهو ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ. پانڌيئڙا هڪ هڪ ٿي
ختم ٿيندا ويندا، انهن ساڳين پيچرن تي، پر هي سفر
ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. الائي ڪڏهن اُهو ڏينهن
ايندو جڏهن هي سڀ ڪجهه سانگ پورو ٿيندو. خبر ناهي
ڪڏهن؟ ڪا ڄاڻ نه آهي.)
هن جي دل ٿي ته هوءَ ائين اتي سمهي پوي، هتي هن
خاموشيءَ ۾، هن شديد گهري سناٽي ۾، هن گهڙيال جي
ٽِڪ ٽِڪ سان گڏ. هن يڪدم اکيون کولي ڪمري ۾ نهار
ڦيرائي. ڪمري ۾ ڦهليل خاموشي، هاڻ کيس هڪ عجيب
سُڪون ڏيئي رهي هئي. هڪ اهڙو سُڪون، جيڪو هن کي
اڳي ڪڏهن به ڪونه مليو هو. کيس پنهنجي بيڊ روم جي
خيال کان سخت وحشت ٿيڻ لڳي. کيس سخت نفرت ٿيڻ لڳي.
پنهنجي بيڊ روم کان. پنهنجو بيڊ روم، جنهن ۾ هن
الائي ڪيتريون راتيون بيحس ٿي گذاريون هيون. اڄ
کيس پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو، ته کيس هن گهر کان،
هن گهر جي ماحول کان سخت نفرت هئي. سخت نفرت، جنهن
کي هوءَ الائي ڪيئن لڪايو ويٺي هئي. اڄ اهي سڀ
پردا ختم ٿي ويا هئا. سچ پچ ته کيس هن ڪمري جي
خاموشي، هڪ عجيب سُڪون ڏيئي رهي هئي. خاموشي، سخت
گهري خاموشي، سناٽو، اڪيلائپ ۽ هيءَ گهڙيال جي ٽِڪ
ٽِڪ، هي سڀ گڏجي کيس سُڪون ڏيئي رهيا هئا. (ان جي
معنى ته سڀ ڪجهه هِرڻ تي آهي. انسان جنهن به ڳالهه
تي پاڻ کي هيري ٿو ڇڏي، پوءِ اُها ڳالهه عجيب نٿي
محسوس ٿئي! ”مونکي ڪجهه دير اڳ هِن سناٽي ۽
خاموشيءَ کان سخت ڊپ لڳي رهيو هو، پر هاڻي مون کي
ڪيترو نه سڪون ملي رهيو آهي، هن خاموشيءَ ۾، هن
سناٽي ۾، هِن گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ سان گڏ! پرهي
گهڙيال جيڪڏهن بند ڪري ڇڏجي ته پوءِ ڪهڙو نه عجيب
محسوس ٿيندو. پر نه، ڪجهه دير لاءِ ٽڪ ٽڪ جي آواز
لاءِ انتظار ٿيندو. ماحول ڪجهه عجيب ٿي ويندو، پر
فقط ڪجهه دير لاءِ. پوءِ وري هِري وينداسين: هن
خاموشيءَ ۾، هن سناٽي ۾، گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ
کانسواءِ“ ڪاش، هي هينئر وارو سڪون، خاموشي ۽
سناٽو، مون کي سدائين حاصل هجي. مان هتي ئي سمهي
پوان. مون کي ڪنهن جي پاسي ۾ سمهڻ کان سخت نفرت
آهي. نفرت. سخت نفرت...)
اوچتو سندس نظر مانيءَ تي وڃي پئي. کيس ياد آيو،
ته هن کي بُک صفا نه هئي. ٻاهر موٽر جو تيز هارن
وڳو ۽ هارن جي آواز سان گڏ هن جي اندر ۾ ڊپ جو هڪ
عجيب ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ احساس جاڳي پيو. هوءَ بنا
ڪنهن احساس جي ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهي. (اچي ويو
شايد. ۽ هيءَ رات به شايد جاڳندي گذري وڃي.... ۽
گذري ويندي هيءَ رات به ائين؟)
هن سوچيو: ’رات پويان ڏينهن، ڏينهن پويان رات ۽
زندگي ائين ئي هلندي رهندي، احساس ۽ جذبي جي
هوندي، بنا ڪنهن احساس ۽ جذبي جي!‘
|