سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :9

پنهنجي متعلق

 حيات جي ڪنهن HoroScope پٽاندر...

آءٌ بنا مرضي جي 17 آگسٽ 1947ع تي خميس جي ڏينهن ڄائي هئس. وقت! پنهنجو پاڻ گذرندو آهي، پر ڪجهه ماڻهو وقت کي پنهنجي مرضيءَ تي گذاريندا آهن. آءٌ انهن مان آهيان جن کي ’وقت‘ پنهنجي مرضيءَ سان هلائيندو آهي. ڪو وقت ايندو، جڏهن خيرالنساءِ جعفري هن دنيا ۾ نه هوندي، پر ان وقت جي مون وٽ تاريخ ڪونهي!!

ٽائيم ٽيبل پٽاندر زندگي گذارڻ منهنجي وس ۾ ڪونهي. نه ٽائيم ئي وس آهي ۽ نه ٽيبل تي اختيار آهي!.... ٽائيم ٽيبل مطابق زندگي چڱا ۽ عقلمند ماڻهو گذاريندا آهن. زندگيءَ جا هو نه، زندگي هنن جي محتاج هوندي آهي. مون ته انڪساري وچان ٽيبل تي ويهي ڪڏهن ماني به نه کاڌي آهي. ماني صندل تي ويهي کائيندي آهيان. صندلي سستي پوندي اٿم پر (ڪڻڪ جو داڻو) يعني ماني ڏاڍي مهانگي پوندي اٿم، جو پيٽ ڀري نه چار گرنهه وڌيڪ کائڻ جي مون کي قيمت ڀاسڻي پوندي آهي! يعني Suger فوراً Stand-up ٿي ويندي آهي.

صندلي سستي ان ڪري پوندي اٿم جو انڪسار جي ڪا قيمت ڪونهي. صندلي تي ويهندي سمهندي به آهيان لکندي به آهيان، گلا جو گلم به صندلي تي ئي وڇائيندي آهيان. گويا منهنجي جيئڻ جو Scope، منهنجي رهڻ جي دنيا تمام سستي ۽ Portable آهي!

1970ع ۾ منهنجي مرضي هئي ته مون کي ڪٿ ماستري ملي پوي!  جو هر مهيني 50 رپين جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي هئي. بڪ اسٽالن جي ڪتابن خريدڻ جي شوق ۾! ماستري نه ملي....

پر اوچتو ان ئي سال 1970ع ۾ يونيورسٽي نفسيات ۾ ليڪچررشپ ملي ويئي. پگهار 50 رپين جي بدران 450 رپيا پئي مليو. پر! منهنجي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ئي لهي ويو. اڄ به منهنجو مطالعو، ڪتابن پڙهڻ جي حد تائين نه هئڻ جي برابر آهي!

’ماڻهو‘ منهنجي دلچسپيءَ جو هميشه محرور رهيو. خصوصاً اهو ماڻهو جيڪو هميشه صندليءَ تي رهيو ۽ صندليءَ کان اڳيان پنهنجا پير ڊگهاري نه سگهيو!

1974ع جو وقت آيو! ڪهاڻيڪار نه هوندي به ڇهه ست ڪهاڻيون لکي ڇڏيم. جن منهنجي وقت ۾ به، البت 1977ع-1978ع ڌاري ڪافي مڃتا ورتي. 1978ع کان 1982ع تائين مون رڳو پنهنجي وقت کي، پويان گذريل وقت کي مڙي ڏسڻ ۾ ئي وقت گذاريو!

1982ع جي آخري تائين گذريل وقت کي ميڙي سيڙي هڪ اسٽور روم ۾ ڦٽو ڪيم، پنهنجي مرضي سان. نه رڳو هند جو سفر ڪيم پر پنهنجي پسند تي ٻه قسطون به لکيم.

ان کان پوءِ پراڻي قلم مان ڪجهه ڪس لٿي. ڪجهه سهڻن ماڻهن جي سهڻن ڪتابن جي ايماندارانه دلالي به ڪيم. يعني Preface لکيم! ۽ پوءِ وقت پٽاندر! مرضي نه هوندي به، ڪڏهن پاڻ سان ڪڏهن پاڻ کان وڏن سان شامون ملهائڻ جي موقعن تي ڪي لکڻيون، ڪي لفظ، جن کي ماڻهو تقريرون چوندا آهن. منهنجون مڙيئي لکڻيون! ڪهاڻيون، پريفيس، انٽرويوز، تقريرون، هن وقت جون تازه دم نه پر گذريل وقت جون پراڻيون شيون آهن. پنهنجي مرضي تي انهن مڙني چيزن کي هڪ هنڌ ڪنهن اسٽور ۾ بند ڪيو اٿم. ان اسٽور جي چاٻي اوهان کي ڏيان ٿي. ڪا اوهان جي پسند جي چيز ملي پوي. جي نه ملي ته پوءِ هي اسٽور روم ته منهنجو آهي.... اوهين شوروم يا ڊرائنگ روم کي ئي ڏسو.

 

پيڙا جو پڙلاءُ

 

 ڪڏهن ڪڏهن ڪتابي علم به انسان کي ڪيڏو  نه بيويساه ۽ بزدل بڻايو وجهي، ان جي شايد توکي سڌ نه هجي، جو تون ان ماحول ۾ اچڻ کان پوءِ به ان لِڇ کان آجوئي رهين، ورنه هيڏو ڏيساور ڏورڻ، پئسا خرچ ڪرڻ، پنهنجن کان پري ٿيڻ سڀ اجايا ته ڪين هئا!!

’بوسٽن‘ اچي ته تنهنجون روشون اهي ئي رهيون جي شايد تنهنجون پنهنجي ديس ۾....

ها دوست، تون جو ايتري لوڏ سان ٿي هلين، ٻارن ۾ ٿي ويهين ۽ گرل فريندز سان ٿي گهمين.

مان به هتي تعليم سانگي آئي هيس ۽ تون به، پر هت اچي اسان ٻنهي جا ’مطلب‘ ساڳيا هوندي به ’منزلون‘ بدلجي ويون هيون يا منزلون ساڳيون هجڻ کان پوءِ به گس مٽجي ويا هئا.....

آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اسٽڊي کان پوءِ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ انهن ونجهين مان نهاريندي هيس ته تنهنجي روم جون بتيون رات جي ٻارهين وڳين سوڌي بند ئي رهنديون هيون. ان کان پوءِ البته هڪ ڏيڍ وڳين ڌاري تنهنجي روم جي شيشن مان روشني جا پاڇولا اچي ۽ لڙي ويندا هئا. جنهن مان منهنجو اندازو هو ته تون ڇڙو روم ۾ اچيو ۽ سمهيو رهين. خدا ڄاڻي تون اسٽڊي اورس ڪٿي صرف ڪندو هئين؟

پاڻ ٻنهي مان غلط ڪير هو ۽ صحيح ڪير؟ ان جو فيصلو ته وقت به نه ڪري سگهيو. جو چڱائي ۽ لڱائي غلط ۽ صحيح جون جوڙون اسان پاڻ ئي ته جوڙيون آهن. وقت ۽ حالتن، جا سانچا انسان کي به ميڻ جيان مٽايو ڇڏين ته معيارن کي به اڄ تون چوندين ته تون صحيح هئين ۽ مان ڀائيندس مان. باقي ”حقيقت“ جو ”ڪاٿو“ اچي سو  ڪٿان؟

تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ڄڻ ٻه ڪنڊون هئاسين، جن جا رخ ڄڻ ازل کان جدا.

تون درياءَ جي مست وهڪري جيان جتان چاهيئي اتان لنگهندو وئين. زندگي جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي، بي فڪر ٿي روم ۾ هلندو وئين: جيئن جو، ڀانيهءِ تيئن ڪيهءِ، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا. تو آڏو زندگي جو ساز رڳو موج ۽ مستي جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساهه ڀانيهءِ. شايد اعتماد جي اها گهڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.

ان جي ابتڙ مان هميشه کان بي اعتمادي جو شڪار ازل کان بيويساه ۽ بزدل- ماڻهو ته ماڻهو ڪڏهن ته خدا تي به اجايا.... مان پاڻ کي هميشه دريا ۾ ان ڪن جيان ڀانيو، جو ماٺ کان پري هميشه مانڌاڻ جي چڪرن ۾ هوندو آهي. سنگين کان سنگين حقيقتون پاڻ ۾ لڪائي ۽ ڏيکاءَ ۾ ڪجهه نه ڏيکاري. مون جيون جي جهورين کي ايئن پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪيو آهي جو ڪن جئان غمن جي غرقابي، هاڻ ڄڻ حيات جي فطرت بڻجي ويئي آهي.

هاڻي ته من جون مرادون ڪجهه اهڙيون وڃي ٿيون آهن، جو هينئر به جيڪر مون آڏو اهنج ۽ سهنج سامهون ڪرين، ته مان هٿ ڊگهيريندس اهنجن ڏانهن. جو من کي هاڻي انهن ۾ ئي مزو ملي ٿو. ڇو؟ ان جي شعوري ڪارڻ جي ته خود مون کي به ڪل ڪانهي.

دوست، اڄ دنيا توکي ڇا به چوي پر تون پاڻ ته جيل جي چؤديوارين ۾ چين سان آهين نه ته اڄ تون به مون وانگيان سوچ جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهين ها.

مون کي ياد آهي ته جڏهن مان هتي نئين نئين آئي هيس تڏهن ڪيترو وقت ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ لڳو هو. جيڪڏهن ڀيڻي به هجي ۽ ڀر جهلو به، ته پوءِ مقصد ماڻڻ هروڀرو ڏکيو ڪونه لڳندو آهي. سمڪ ايندي ئي مان پنهنجي مقصد ۾ جنبي ويس. ڪتابن جي دنيا ۾ مون پاڻ کي ڪافي حد تائين گم ڪري ڇڏيو جو منهنجي آڏو منهنجو پهريون مقصد ئي اهو هو.

همت افزائي لاءِ جتي استادن جي همت افزائي هئي اتي ادي عبدالقادر جي رفاقت به، پاڻ هتي ٻه سال مون کان سينئر هو. اصل شڪارپور جو هو، ڇريءَ ۽ نيت بريءَ جي چوڻي جي بنهه ابتڙ. بيشڪ هتي جي ماحول ۾ کپي وڃڻ ۾ مون کي ادي قادر جي ڏاڍي مدد هئي. چڱي دوست جو ملڻ به ته خوش نصيبي آهي نه، تڏهن مان به پاڻ کي ڏاڍو نيڪ نصيب ڀائيندي هيس.

پر هڪ ڳالهه ٻڌايانءَ ته تن ڏينهن اسان جي خوش نصيبيءَ جو معيار ئي ڪجهه اهڙو هو. خوشيون ايتريون سستيون ڀانئبيون هيون جو ڪٿي اگر پرائي باغ ۾ ڪو گل ٽڙندو هو ته دل پنهنجي پئي خوش ٿيندي هئي. ڪٿي ڪو سٺو راڳ ٻڌم يا سٺو ڪتاب هٿ آيو ته ڀائيندي هيس ته ڄڻ قاروني خزانو ملي ويو. ٻيو ته چانهه جو هڪ سٺو ڊوز به خوش نصيبيءَ جي علامت پئي لڳندي هئي. ۽ هاڻي حالتون ٻيون، ماڻهو ٻيا، ۽ ماڻهن سان گڏ معيار به ٻيا.....

منهنجي هتي اچڻ کان ٻارنهن مهينا پوءِ تون آئين. جڏهن پهريو دفعو قادر کان تنهنجو بوسٽن اچڻ جو ٻڌم ته دل خوشيءَ کان ٻلهار ٿي ويئي. نه ته توکي سڃاڻندي هيس. پر پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي.

جڏهن تون آئين ۽ ادي قادر تنهنجي مون سان سڃاڻ ڪرائي مون تومان ڪو خاص امپريشن نه ورتو. سواءِ ان جي ته تون بلڪل سادڙو، هاٺي ڪاٺيءَ جو مضبوط ٿورڙو بي ترتيب ۽ ڪافي رف شيءِ هئين، باقي ان کان وڌيڪ مون توکان ڪوبه تاثر نه ورتو، جو تو ۾ متاثر ڪرڻ جي ڪا ڳالهه ئي ڪونه هئي. ان لاءِ نه ته ڪو تون ديار غير ۾ اچڻ ڪري ڪو هيسيل هئين، بلڪه تو ۾ ڪو لڇڻ ئي ڪونه هو. گهٽ ۾ گهٽ ان وقت مون اهوئي محسوس ڪيو.

مون کي تنهنجي اوائلي ڏينهن جي ڪابه خبر ڪانه هئي ته تو ڪٿي پئي گهاريا ۽ ڪيئن پئي گهاريا البته ايتري سان خبر پيم ته توکي رهڻ لاءِ ايم-سي-اسٽريٽ ۾ ئي روم مليل آهي! يعني منهنجي هاسٽل جي سامهون لان جي هن ڀر ٻئي ونگ ۾ منهنجي روم جي اڳيان. ورانڊي جي ونجهين ۾ منهن هڻي جي سڌي نهار ڪبي هئي ته لائين ۾ ٻئي پورشن جي مڙني فليٽن جون دريون قطار ۾ ڏسڻ ۾ اينديون هيون، قادر ٻڌايو هو ته توکي ٻئي فلور ۾ ٻيو نمبر روم رهڻ لاءِ مليل آهي.

ڪنهن لئبريريءَ ۾، ڪنهن دوست دڙي وٽ يا ڪنهن هوٽل يا بار ۾. تن ڏينهن مون کي تنهنجي ڪا خبر ڪانه هئي.

باقي سو توسان ڪڏهن ڪڏهن رسمي طور ملڻ ٿيندو ئي رهندو هو، جو اسين سڀئي ڏيساور کان آيل هم زبان هئڻ جي ناتي ۾ محفلون ڪندا ئي رهندا هئاسين. جتي ٻين ٽاپڪس سان گڏ، اڪثر ٽاپڪ پنهنجي سوني ڌرتي جو به هوندو هو.

تون هوندو ته ماٺ ماٺ ئي هئين، پر قادر ٻڌايو هو ته سخت قوم پرست آهين. توکي پنهنجي ديس جي محبت ۾ ڪافي دفعا اسٽرائڪون ڪرڻيون پيون هيون ۽ ڪيئي ڀيرا جيل به وڃڻو پيو هو. تو ديس ۾ رهي جو ڪجهه ڪيو هو ان ۾ جيتري صداقت هئي تنهن لاءِ آءٌ ڇا چوان.

اڄ تنهنجي سار سان گڏ ’مارٽن‘ به ٿو من ۾ هريم. مارٽن اسان واري پورشن جي انچارج جو پٽ هو. 18-19 سالن جو ڏاڍو ٺاهوڪو جوان. اڪثر شام جو چاڪليٽ چٻاڙيندو ۽ گٽار وڄائيندي نظر ايندو هو. ’بوب‘ سندس ڪتو هو هر وقت ساڻس گڏ. اهڙو ذهين اهڙو ٽرينڊ جو ماڻهو کي مات ڪري. مارٽن ۽ بوب منهنجا پڪا دوست هئا. آءٌ هر روز شام جو لان ۾ بسڪوٽ کڻي ويندي هيس بوب لاءِ. جتي مارٽن پيو گٽار وڄائيندو هو ۽ بوب پاسي کان اکيون بند ڪيو شايد سرن مان پيو سرور وٺندو هو. اتي اسان جون خوب ڳالهيون ٿينديون هيون. مارٽن مون کان سنڌ متعلق ايڏي ته پڇ پڇ ڪندو هو، جو منهنجي خيال ۾ هاڻي سندس ناليج به سنڌ متعلق بوب بسڪوٽن جو ايترو ته عادي ۽ شوقين هوندو هو جو مجال آهي اڌ ڪلاڪ کن دير ٿئي کيس ڏيڻ ۾. زنجير ڇڏائي، کڙڪائيندو سڌو منهنجي روم ۾. اڳيان بوب پٺيان مارٽن. سزا جي طور تي بوب کي ته بسڪوٽ ملندا ئي هئا، پر مارٽن جي چانهه به لڳندي هئي مٿي تي. حقيقت ۾ منهنجي مارٽن جي دوستي پڪي ٿي هئي هڪ رليءَ تي. مارٽن کي منهنجي پاڻ سان آندل رلي ڏاڍي وڻي هئي. اڪثر ان رليءَ کي مفلر جيان گلي ۾ ويڙهي پيو گهمندو هو.

هڪ دفعي اندر روم ۾ آيو ته نظر وڃي پيس رکيل ڪئلينڊر تي، جنهن تي عمر ۽ مارئيءَ جي ڏاڍي سهڻي تصوير چٽيل هئي. تصوير ۾ عمر مارئيءَ کان پاڻيءَ جي آڇ ڪري رهيو هو، ۽ مارئي اڳيان وڌي پاڻي پيش ڪري رهي هئي، پاسي کان هڪ اُٺ پڻ بيٺل ڏيکاريل هو، جيڪو رليءَ سان خوبصورت ڪجاوو اوڍيل هو. مارٽن ڪئلينڊر ڏسندي ئي هميشه جيان سوال جواب ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا. ۽ مون جواب ۾ کيس سڄو عمر مارئيءَ جو داستان ٻڌايو هو. ان سان گڏ ڪجهه لوڪ گيت به ٻڌايامانس جي مون پاڻ سان گڏ ٽيپ ڪري آندا هئا.

هڪ ڏينهن آيو ته ڏاڍو سرهو هو. رليءَ واري چادر ڪلهن ۾- ڪنڌ ۾ گٽار. ڪئلينڊر ڏانهن ڏسندي چيائين: ”ڪمال آهي هڪ عورت ۾ ايڏو عزم، وفا ۽ پوترتائي!“

چيومانس ته: ”شابس ته ان مرد کي به ڏي نه مارٽن، جو وڏو حاڪم هوندي به ايترو بااصول، بهادر ۽ ڊيموڪريٽڪ هو.“

”بيشڪ بيشڪ“. چئي کن ڏسي پنهنجي گلي ۾ چادر ڏانهن ڏسندي هڪ شرارتي مرڪ مرڪي چيائين، ”فرينڊ، هيءَ چادر به ڪٿي اوريجنل ته ناهي. جا مسٽر عمر جي اُٺ تي ڏيکاريل آهي؟“

”ها، ها ڀائي“، مون چيو

”اُٺ به ته هي اوريجنل ئي آهي نه، جنهن تي رلي اوڍيل آهي!“ مون ڏانهنس اشارو ڪندي وراڻيو.

اهڙي طرح مارٽن اسان جي تهذيب، اخلاق ۽ بهادري کان ڏاڍو متاثر هو. ڪڏهن ڪڏهن کلي چوندو هو ته: ”فرينڊ جڏهن ته تون پنهنجي ديس موٽي واپس ويندينءَ ته توکي مان به ڪمپني ڏيندس ۽ پنهنجي اکين سان ان ڌرتي کي ڏسندس جنهن جا رهواسي ايڏا سندر ۽ سٻاجها آهن.“

توکي ياد آهي ته هڪ دفعو تون اسان واري فلور تي وڃڻ لاءِ ورانڊي ۾ بيٺل هئين، ان مهل مان به يونيورسٽيءَ مان موٽي هئيس. آءٌ مٿي وڃڻ لاءِ لفٽ جي انتظار ۾ هئس ۽ تون منهنجي وجود کان بي خبر ٿي چپ چاپ بيٺو رهين، ۽ مون پاڻ ئي توسان ڳالهايو هو.

”توهان اڄ هن پاسي ڪيئن؟“

”قادر ڏانهن.“

”توهان پنهنجو وقت ڪيئن گذاريو؟“

”دوستن سان، دوستن وٽ.“ تو تمام مضبوط لهجي ۾ ننڍڙو جواب ڏنو.

”پر وقت جي گهرج توهان کان ڪجهه ٻيو به چاهي ٿي؟“

”دوستن لاءِ منهنجي جان به حاضر آهي، ۽ ان کان وڌيڪ ڪا گهرج، گهرج ناهي.“

ان کان پوءِ تون مون کي نو لفٽ ڪري خاموش ٿي وئين ۽ مان به هروڀرو ڳالهائڻ مناسب نه سمجهو هو.

پوءِ هوريان هوريان مون محسوس ڪيو ته قادر وٽ تنهنجا پنڌ پير وڌي ويا آهن. اڪثر يا تون قادر وٽ ايندو هئين يا قادر تو وٽ. شايد تنهنجي دوستن ۾ هاڻي قادر به شامل ٿي ويو هو.

مون کي پن- ڇڻ رت جي اها پيلي پيلي شام ياد آهي. جڏهن تو پهريون ڀيرو مون کي پاڻ هر تو سلام ڪيو هو.

مان لان ۾ ويٺي هئس. بوب بسڪوٽن ۾ مگن هو، مارٽن گٽار تي هلڪا هلڪا سر پي ڇيڙيا. سڪل سڪل پن هوا جي رخ تي هيڏي هوڏي ٿي وکريا. موسم تي اداسيءَ جو عجيب اثر هو.

مان رکي رکي غير ارادي طور تنهنجي درين ڏانهن ٿي ڏٺو جي هميشه جيان اڄ بند هيون. شاهه لطيف ان ئي ويل لاءِ چيو هو:

ڪڏهن تاڪ يون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا،

ڪڏهن اچان ته اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيونين.

ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳهن،

اهڙا ئي آهن، صاحب! منهنجا سُرين.

ائين ٿي لڳو ڄڻ درين تي صدين جي دز وري وئي هجي. انهن جي ماٺ ۾ ڪڏهن ڪا چرپر نه ٿي هجي. سوچيم ڪڏهن ڪڏهن بند دروازا به من کي ڪيڏو ڏکيا لڳندا آهن. اهڙين ڳالهين جي چت ۾ چنتا ڪري وجهندا آهن، جن جو ڏسڻ ۾ ڪو سبب ئي ڪونه هوندو آهي.

اسان به نادانيءَ ۾: ٻه ڪتاب پڙهي پاڻ کي سمجهه جو صاحب ڀائين ويهندا آهيون. ائين ڇو ڀائيندا آهيون ته حالتن جا حاڪم اسان پاڻ آهيون؟ هر ڳالهه جي نفعي ۽ نقصان تي ويچارڻ تي آتا! ان ڳالهه کان قطعي بي خبر ته ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڳالهين جا ڪارڻ، حالتن ۾ نه، ازل کان ڪرم ۾ جڙيل هوندا آهن. جن ڳالهين تي اسان کي پهرين کل ايندي هئي ۽ اسين انهن کي ٻين جون بيوقوفيون ڀائيندا هئاسين اهي ئي اسين اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پاڻ تي لاهي ويهندا آهيون. ان لاءِ جو اهي ڳالهيون اسان جي جنم پتري ۾ جنم کان ئي جڙيل هونديون آهن، جن کان جند ڇڏائي ئي نه سگهبي آهي.

ان شام پهريون دفعو مون ڏٺو ته درين تان دز ٿوري وکري هئي. ماٺ ۾ هلڪو تحرڪ ۽ مستي هئي، ۽ درين جا تاڪ کلي پيا هئا، تنهنجي روم ۾ روشني ڦهليل هئي ۽ تون شايد شام جي سوگواريءَ کان ڇڪجي اچي دريءَ ۾ بيٺو هئين. تو سگريٽ جا ڊگها ڊگها ڪش ٿي هنيا، ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي تنهنجي اوچتي نظر مون تي پئي.

عزت مان تو سگريٽ وارو هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو، ۽ نوڙي ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏاڍي اخلاق سان سلام ڪيو هيئي. اسان جي روايت مطابق.

مون کي تنهنجي اها ادا ايتري وڻي هئي جو مان خوش ٿي پڪي اڌ ڪلاڪ جو مارٽن سان تنهنجي پرپٺ سڃاڻپ ڪرائيندي رهيس.

ڪڏهن ڪڏهن روشنيءَ جو ننڍڙو ترورو به من جي ڏنگيندڙ اوندهه کي ڪيڏو نه منور ڪري ڇڏيندو آهي. روشنيءَ ۽ روح جو به ڪيڏو نه اٽوٽ ناتو آهي هڪٻئي سان.

حيران آهيان گوتم به ته انهن روشنين جو ڳالهائو هو. پوءِ ان کي ڇو زندگي تياڳڻ ۾ روشني ملي هئي؟ جڏهن ته روح زندگيءَ جي انهن روشنين مان ئي نور پايو وڃي، ۽ من کي جا ان روشنيءَ مان آسيس ملي ٿي سا وري تياڳڻ ۾ ڪٿي؟ ۽ تن ڏينهن هڪ ”روح“ کي به روشنين جي تلاش هئي. نٻل ۽ نستي جيءَ کي نور جي ٽيڪن جي ضرورت هئي. جي ان روح شايد اتان پائي ورتا هئا.

وقت جو وهڪرو وهندو رهيو. منهنجي ٿيسز گهڻي ڀاڱي پوري ٿيڻ واري هئي. هونئن به من آڏو ڪو مقصد هجي ته زندگي هونئن به ڏاڍي روان دوان گذرندي آهي.

من جا لطيف مامرا هروڀرو دل کي اڳيان ڌڪيندا آهن. ڪجهه سوچڻ لاءِ ڪجهه لوچڻ لاءِ، ۽ طبيعت حساس ٿي اڌ پورن ڪمن کي پورو ڪرڻ چاهيندي آهي، ۽ سمجهائي ڪونه سگهبو آهي ته اها ذهن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي جنهن تي خوشيءَ گاڏڙ رنگ رچيل هوندو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته هينئر من ڪهڙي ڪيفيت مان لنگهي رهيو آهي؟ ذهن جي اها حالت تيسين قائم رهندي آهي، جيسين وڃي ماحول جا ڪي سخت جاڳورتا ذهن کي هڪ پاسي ڪن.

تن ڏينهين ادو قادر مليو. ان ڪجهه اگري تاثر سان تنهنجي لاءِ ٻڌايو ته تون هتي اچي لاپرواهه ٿي ويو آهين ۽ بنهه وساري ويٺو آهين ته تون هت ڪهڙي سانگي آيو هئين؟ تنهنجي دوستيءَ جو دائرو وڌندو ٿي ويو، جنهن ۾ ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون به شامل آهن. توکي تنهنجي دوستن ۾ خاص مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هوٽلن ۽ بارن جا بل گهڻو ڪري تون ڀريندو آهين. تنهنجون پسنديون ايتريقدر ته بدلجي ويون آهن، جو چوندو آهي ته ڪوڪ ۽ پاڻي ته فقط موڊ ۾ اچي هارڻ لاءِ هوندا آهن. اهو پيئڻ ڪهڙو جو جيئڻ لاءِ نه جاڳائي. جو چڪو تکو نه لڳي سو چڪو ڪهڙو؟

اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي دل کي ايڏو ته ڌڪ لڳو هو جو ان ڏينهن مان ڪو ڪم ڪري ڪانه سگهي هيس، ۽ سارو ڏينهن ڪافي پي ۽ رڪارڊ ٻڌي گذاريو هو. سچ ته هتي توکي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪير هو. مستيءَ جي انڌ ۾ اچي تون اهو رستو وڃائي ويٺو هئين جنهن لاءِ هيترا ڏورڻ ڏوري هتي آيو هئين. مون کي نڪو حق هو ۽ نڪا حيثيت جو توکي انهن ڀليل رستن تان ورائي وٺان ها.

شايد ڪم جي گهڻائي هئي. وطن جي سڪ به هئي ۽ ڪجهه من جو ذاتي خلفشار به. مان اوچتو بيمار ٿي پيس. اڪيلائيءَ ۾ ڏيل اصل ائين پئي ڏريو جو مجبورن اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو. هتي اچي پنهنجي اهميت جي اصل خبر پوندي آهي. دوستن جي پرگهور لاءِ اچ وڃ، استادن جي خبر گيريءَ لاءِ فونن مٿي فون. مطلب ته مون ڀانئيو، هيل تائين مان پاڻ کي شايد Under Estimate ڪندي رهي آهيان. شايد توکي به قادر جي ذريعي خبر پئي سو تون به ڀلائي ڪري پڇڻ آيو هئين. آئين ته پڇيئي ڪي به ڪين. چپ چاپ ويهي هليو وئين. ويندين ويندين سو ڏاڍي نهٺائيءَ سان چيو هيئي، ”ڪو ڪم ڪار هجي ته مان حاضر آهيان.“ ۽ جواب ۾ مان تنهنجي مهرباني به مڃي ڪانه سگهي هيس.

اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ مون ٿوري وقت لاءِ پنهنجو ڪم پاسيرو ڪري ڇڏيو هو. مارٽن ۽ سندس ماءُ منهنجي ايتري ته چاڪري ۽ پرگهور لڌي جو مان پنهنجي بيماري کي شرم جو ڪارڻ محسوس ڪرڻ لڳي هئس. ان وچ ۾ قادر تنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ڳالهه ٻڌائي، ته تون اڪثر منهنجي خيريت پڇندو رهندو آهين. پر پاڻ پڇڻ ان ڪري نه ايندو آهين جو اهو مون کي الائي ڪيتري قدر مناسب لڳي! مٿان ادي قادر چيو هو ته، ”اسان هڪ ئي پاسي کان آيل پرديسي هڪٻئي جي خبر نه لهنداسون ته ٻيو وري ڪير لهندو؟ پر جي جڙون اتي جي ماحول جون هميشه کان اندر ۾ کتل آهن، تن جي ڪري لحاظ به آخر رکڻو ئي پوي ٿو.“

۽ مان اڄ تائين سوچي ڪانه سگهي آهيان ته اسان جي ماحول جون جڙون ته ڪيتريون ئي اسان ۾ کتل هونديون آهن، پوءِ انهن مان ڪجهه اسين قائم رکيو اچون ۽ ڪجهه کي ائين ڇنيو اڇليون جو اهي ڄڻ اسان جي ميراث مان ئي ڪين هيون. ائين آخر ڇو آهي؟ پوءِ ڪيترا ڀيرا مون پنهنجن اکين سان ڏٺو، تون اتي جي ديسي ڇوڪرين جي وچ ۾ راجا انڊر بڻيو گهمندو وتندو هئين. ٻڌو هئم ته انهن مان ڪي دل پسند ڇوڪريون پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيون آهن، ۽ تون چوندو هئين، ”انهن کي اگر ڪڏهن مان ڪنهن ’ٻئي سان‘ ڏٺو ته غيرت جي ثبوتن لاءِ ٽي گوليون هميشه لوڊ ڪري رکندو آهيان.“

انهن گولين جو ليکو به ٻڌو هئم. هڪ گولي شايد تون ان ڇوڪريءَ لاءِ ڳڻيندو هئين، ٻي ان جي آشنا لاءِ ٽي گولي!! ٽين گوليءَ جو حساب وسري ويو اٿم- غالبن تو پنهنجي لاءِ چونڊي هوندي اها ٽين گولي!!!

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته تنهنجي ۽ قادر جي وچ ۾ ٿوري اڻ بڻت ٿي پئي آهي، جو توهان جو هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ بنهه ڪونه ٿيندو هو. ڳالهين مان ڳالهه تي قادر پاڻ ٻڌايو هو ته توهان ٻنهين ۾ رنجشون ويتر وڌنديون وڃن.

مون کانئس سبب پڇيو هو، پر هو اهو چئي لنوائي ويو هو ته بس مڙئي نظرياتي اختلافن ڪري ويڇا وڌيا آهن. ورنه ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. ان ڏينهن مان هيڏي هوڏي ويچارڻ بدران ڪافي دير ويهي پنهنجي ٿيسز کي فائينل ٽڪز ڏنا هئا، ۽ پنهنجي پٽاندر پڪو پهه ڪيو هئم ته آئنده سيرئس ٿي صرف پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏبو جو مون کي آخر پنهنجي وطن به ته واپس وڃڻو هو.

ڪافي ڪم ڪرڻ کان پوءِ اها رات آءٌ ڏاڍي گهري ننڊ ستي هئس. روشنيون جي پري هجن ته انڌاري ۾ هونئن به گهري ننڊ ايندي آهي. سو مان به ننڊ ۾ الائي ڪيترو پري وڃي نڪتس جو تڪڙا تڪڙا ۽ زورائتا دروازي تي گهنٽين جا آواز ٿيا، جيسين اٿي دروازو پٽيان تيسين لاڳيتو گهنٽي وڄندي رهي.

”پرور، پت رکجانءِ.“ دروازو کوليم ته سامهون مارٽن بيٺو هو. منڌل متيون ۽ جسم ۾ ڪنبڻي.

”ڇا ٿيو مارٽن؟“

”قتل، قادر قتل ٿي ويو.“

منهنجو مٿو ڀوانٽي کائي ويو. ”ڪنهن قتل ڪيو، ڇو ٿيو قتل، ڪٿي ٿيو؟“ هڪ ئي ساهه ۾ مون الائي ڪيترا سوال پڇيا هئا.

مارٽن سامهون ٻئي فلور جي ٻئي نمبر روم ڏانهن اشارو ڪندي رکائي سان هليو ويو ۽ ويندي ويندي تنهنجو نالو به وٺندي ويو.

تنهنجو نالو ٻڌي مون کي محسوس ٿيو ڄڻ، ڄڻ عبادت ڪندي منهنجي تسبيح جا داڻا ڇڄي پيا هجن.

دوست، تون شايد ذهن جي انهن حالتن مان نه لنگهيو هجين ته ذهن تي جڏهن سانحا گذرندا آهن تڏهن دل پنهنجن جون قربتون چاهيندي آهي ۽ هروڀرو  ڀانئبو آهي ته ڪن پنهنجن وٽ وڃي وهجي جو لمحن جي اذيت ايترو نه ستائي. مان تڪڙ ڪري بي سمجهائيءَ وچان اٿيس. چيم، ”قادر کي وڃيو ٿي پنهنجو ڏوهه ڏسيان ان سان وڃي ٿي تنهنجون ڳالهيون ڪريان.“

” پر قادر ته ڪڏهوڪو ڪسجي ويو.“ الائي ڪٿان کان سمجهه موٽي آئي، ۽ پوءِ مان چپڙي ڪري ليٽي پيس جو ويهڻ جو ست ئي ڪونه هو. اهو سڄو ڏينهن مان اندران دروازو بند ڪري پئي هئس. ٻاهر طرح طرح جا آواز هئا. اچڻ وڃڻ جا آواز، گوڙ گهمسان، قتل جون خبرون ، قياس آرائيون. اهو سارو ڏينهن مون اڪيلو روم ۾ گذاريو. نه مارٽن ئي لڙي آيو ن نه ئي بوب ڪا سار لڌي. تنهنجي ڪيتي تي ٻين ڪيترن کي لوڙڻو پيو. ڪيترا رولز ريگوليشنز پاس ڪيا ويا. ڪيتريون ئي تبديليون آيون ۽ اسان ڌارين تي سختيون ڪيون ويون.

مارٽن پنهنجا آدرش بدلائي ڇڏيا هئا ۽ بوب پنهنجي عادت مٽي ڇڏي ۽ مان تڏهن پهريون ڀيرو ڀانيو هو ته پرائي ڌرتي تي ڪو ڌاريو ماڻهو بيٺي آهيان جنهن کي هتي رهڻ جو هاڻي ڪوئي حق ناهي. ۽ جڏهن ڊگري پيتيءَ ۾ وجهي وطن ڏي واپس وڃڻ جي ڪئي هئم، ان ڏينهن دل جهڙو ويٺي ويٺي پئي ڀانيم. مارٽن سان ملڻ ويس ته هو ڏاڍي پاٻوه سان مليو. بوب کي پيار ڪري هڪ نظر قادر جي روم ڏانهن وڌم. پر اتي ته ڄڻ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هئا. سندس روم اڃا تائين سيل ٿيو پيو هو. نوڙي پٽ کي ڏسڻ چاهيم متان ڪي ماضيءَ جي ميساريل داغ ئي نظر اچن، پر وقت جا ريلا ته ڄڻ رت جي رشتن کي ريٽڻ لاءِ ڪي آتا هوندا آهن، ڪي به ته ڪونه هو اتي! جوڳين کان سواءِ جايون سڃيون سڃيون پئي لڳيون. پولارن مان ڄڻ هر سؤ آواز ٿي اٿيا، ”اڄ..... ماٺ مڙهين.... ۾ جوڳي.... جيڪي ويا..... اڄ ماٺ..... مڙهين ۾ ماٺ..... مڙهين ۾!“ ۽ مان انهن آوازن کان گهٻرائجي روم ۾ هلي آيس. عجيب طرح جي آنڌ مانڌ هئي من ۾! ڀانيم اڃا به ڪا ميخ آهي اندر ۾ جا اٽڪي ٿي. جا تند آهي جا ڪجهه تنواري ٿي ۽ مان ان پيڙا کان بچڻ ڪاڻ ڪيترو وقت اڳ ۾ ئي ايئرپورٽ هلي آيس. ايندي ايندي الائي ڪهڙو رحم پيو پاڻ تي جو چيم اڄ هڪ ڦيرو ڇو نه تنهنجي چؤديواريءَ جو به ٿي وڃي. هتي جا بوجهه هتي ئي ڇڏي وڃجن. پوءِ متان پنهنجو من پاڻ کي ئي ميارون نه ڏي.

تنهنجي بلڊنگ جو ٽيڪسيءَ ۾ چڪر ڏيندي سوچيو هوم: هي ڦيرا ته ڪنهن مذهب ۾ قسمتن جي سنجوڳ جا امين ڪري ڀانئبا آهن، پر مان اڄ هن ڦيري جي تعبير بدلائڻ آئي هئس. چيم، ”اڄ توکي ارپڻ آئي آهيان پنهنجي لکئي جا اُهي ڏينهن جي منهنجي لاءِ يقينن ڏاڍا ڏکيا هئا، پر هاڻ اڄ توکي اُهي بوجهه ارپڻ کان پوءِ انهن جو منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گذر نه ٿيندو- ڪڏهن نه!“ اهو منهنجو عزم هو، منهنجو فيصلو هو. جهاز ۾ ويٺي ويٺي الائي ڪٿان ’غازيءَ‘ جا لفظ تري آيا ذهن تي. ”اسٽيشن تي عزيزن کي ’الوداع‘ چوڻ وقت ڀاسندو آهي، ڄڻ اسان جي وجود ۾ ڪجهه آهي جو مري رهيو آهي ۽ جڏهن اتان موٽبو آهي تڏهن ڀانئبو آهي ڄڻ اسين پنهنجي ئي وجود جي هڪ حصي کي خدا حافظ چئي آيا هجون.“ ۽ جڏهن جهاز رن- وي تي ڊوڙڻ لڳو هو تڏهن مون به دريءَ مان منهن ڪڍي فضا ۾ آخري دفعو توکي ’خدا حافظ‘ چئي هميشه لاءِ ان ڪهاڻيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو هو: هميشه لاءِ!

 

بيروزگاري ۽ بندوق

 

مون کي مليريا جي موسمي تپ وانگر هڪ دورو پوندو آهي، جو جسم کي ٻارڻ بدران ذهن تپائيندو آهي. (ڀانيان ٿي اهو پراڻو فقرو آهي، پر هت لکڻ ضروري به آهي) ۽ آءُ ان تپ جي توَ کان وڦلڻ لڳندي آهيان. يعني اجايون ۽ ابتيون سبتيون ڳالهيون! اجائي خيالي ٽنب ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ گٿن لفظن جو استعمال.

 

مون کي مليريا جي موسمي تپ وانگر هڪ دورو پوندو آهي، جو جسم کي ٻارڻ بدران ذهن تپائيندو آهي. (ڀانيان ٿي اهو پراڻو فقرو آهي، پر هت لکڻ ضروري به آهي) ۽ آءُ ان تپ جي توَ کان وڦلڻ لڳندي آهيان. يعني اجايون ۽ ابتيون سبتيون ڳالهيون! اجائي خيالي ٽنب ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ گٿن لفظن جو استعمال.

 

منهنجو مامو، جو عمر ۾ مون کان اٺ نو سال وڏو، پر علم، تجربي، ذهانت، سمجهه مطلب ته هر ڏس ۾ مون کان گهڻو وڏو آهي. سو مون کي چوندو آهي ته، ”شعوري طور مون رڳو ٻن ماڻهن کي ڳالهه مان ڳالهه پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ڏٺي- هڪ جسٽس ڪياني، جنهن کي قدرت اهو ’فن‘ عطا ڪيو، جو هن نه رڳو ڏاڍي سليقي سان پورو ڪيو، پر چڱو نالو به ڪڍيو ۽ ٻيو تون جکه! جنهن کي قدرت ته ڪجهه نه ڏنو پر ’بدهضمي‘ ڪري اهو مرض پيدا ٿيئي. جنهن کي تو اڍانگائيءَ سان برباد ڪيو، جنهن ڪري تون ڪجهه ’بدنام‘ آهين ۽ ڪجهه ٿيندينءِ.“ (جو نياڻين نماڻين کي اهي ڳالهيون سُهن ڪين ٿيون)

آءٌ چوندي آهيانس ته، ”گهڻي بي وقوف آءٌ به ناهيان. پنهنجي مرض ڪري بڪ صرف انهن آڏو ڪندي آهيان، جيڪي منهنجي بيوقوفين جا بار سهي سگهن.“

پوءِ اها ڳالهه ٻي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ’ڪير سهڻ جو اهل آ ۽ ڪير نه؟‘ ان من- گهڙتي کي جاچڻ لاءِ تجربي جي ضرورت پوندي آهي، جنهن ۾ ’سهڻ واريون‘ ۽ ’نه سهڻ واريون ٻئي درجي بنديون اچي وينديون آهن.“

’نه سهڻ وارا‘ مون کي بيوقوف سمجهي در گذر ڪندا آهن. (پنهنجي ڪشادي نگاهه باعث) ۽ ’سهڻ واري‘ Category مون کي پنهنجين بيوقوفين جي هوندي به ڪجهه ڪجهه ڀائيندي آهي ۽ آءٌ به کين پيار ڪندي آهيان!

سو ڳالهه پنهنجي ٿي ڪيم، پر وچان وري پنهنجي مامي جي ڳالهه اچي نڪتي، پهرين مامي جي ڳالهه پوري ڪري پوءِ پنهنجي ڳالهه ڪنديس.

(شرط آهي ته وچان ڪا ٽين ڳالهه نه نڪري).

منهنجو مامو جو انتهائي هوشيار، عقل ۽ علم وارو آهي، پر نوڪري نه ملڻ ڪري سخت Frustrated آهي، ويٺي ويٺي کائڻ سان ته کوهه به کٽيو پون، سو به وري شاهاڻي انداز سان، کيس ڏسڻ وارو اهو ڪاٿو به نه لڳائي سگهندو ته مٿان کان چکيل مکيل هيءُ ماڻهو، جنهن کي ٻانهن ۾ ساڍن ڇهن سون جي ’بليڪي‘ ۽ هٿ ۾ ولايتي ۽ اڻلڀ سگريٽ جو دٻو، سوڪو اندران بقول تاج بلوچ جي، ”انب جي ککڙي وانگر صفا ڪو ائين کوکلو هوندو!“

صبح ساڻ سج جي تپش، هيڪر وري سندس ڄميل سمجهه کي وٽڙائي ڇڏيندي آهي ۽ وري هو ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ نوڪريءَ جا اشتهار ڳولهيندو آهي.

پنهنجون مسواڙ تي ڏنل جايون، دڪان ۽ ٻنيءَ جا واڌو ٻارا! (پهرين واڌو ۽ هاڻي ضروري) وڪڻي وڪڻي جي پاڻ هي پڙهي ته دل ۾ نه ڪري) سنڌي ادبي سنگتون ملهائيندو آهي. ڳرا ڳرا ڪتاب، جيڪي مون پاريءَ کان بار وگهي کنيا به نه ٿين، خريد ڪندو آهي، ۽ فرسٽريشن کان بچڻ لاءِ شام جو سئٽزرلينڊ جي جاني واڪر جو اڌ شيشو ڏوگهيندو آهي.

شام جون گهڙيون ته خير مڌ ۽ مدهوشيءَ سان رهاڻيون ڪندي گذرنديون اٿس، پر صبح ساڻ سج جي تپش، هيڪر وري سندس ڄميل سمجهه کي وٽڙائي ڇڏيندي آهي ۽ وري هو ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ نوڪريءَ جا اشتهار ڳولهيندو آهي. درخواستون ٽائيپ ڪرائي آفيسن طرفان جوابن جو انتظار ڪندو آهي. (شاعرن ته پنهنجي ’چاهه‘ ۾ سڄيون سڄيون عمريون انتظار ۾ وهائي ڇڏيون. منهنجي مامي ته فقط ٻه حصا عمر گهاري آهي، اميد ته باقي حصو به خير سان ان انتظار ۾ گهاري ويندو.)

جڏهن ڪتابن ۽ وسڪيءَ جا نشا ٽٽندا اٿس ته ڪڏهن ڪڏهن سر سان جهونگاريندو آهي، ”هاءِ اس ڪار زار هستي مين تو جو اگر ايک بار مل جائي.“ تڏهن آءٌ کيس چوندي آهيان، ”ماما وقت اڃا به ناهي ويو، ڪا هلڪي سلڪي نوڪري چوين ته  ڪٿي آءٌ ئي کڻي هٿ پير هڻي......

چوندو آهي ته، ”اها ٻچاپڙائي ۽ وچ ٿري واري پاليسي پاڻ کان نه پڄندي. وٺي ڏينم ته يا ليڪچراري، نه ته پٽيوالي. تخت يا تختو- پر پٽيوالي وٺي ڏينم ته چڱو، جو منهنجي فرسٽ ڪلاس ايم-اي جي ڊگري ٻيو نه ته سماج جي ٻوٿ تي چماٽ ته بڻبي!“

ڪڏهن نراسائيءَ وچان چوندو آهي، ”عمر ڪافي لنگهي وئي گورنمينٽ جي نوڪري ته ملڻ کان وئي! پويان پساه آهن. ٿڪجي پيا آهيون هن بار کان!“

آءٌ چوندي آهيانس ته: ”پوءِ پنهنجي آخري خواهش ته بيان ڪري ڇڏيو.“ چوندو آهي، ”هڪ بندوق آڻي ڏي. ان سان انهن سڀني جوانن جو خون ڪريان جيڪي هزار رپيو مهينو ڪمائين ٿا ۽ سندن وات مان اڃان کير جي ڌپ نه وئي آهي. (سندس اشارو سڀني سان گڏ مون ڏانهن به هوندو آهي.)

”پر هيڏن ماڻهن کي مارڻ لاءِ گردو کپي؟“

”آءٌ ائين ٿو روئي ڪندس.“

”باقي“

باقي- بندوق جي نالي رکندس سيني تي....“

”پر ان لاءِ به ته جگر کپي؟“

”همت اچي ويندم. جڏهن ٽرئگر دٻائڻ کان پهرين چوندس، ’قوم جي سڀني بي روزگارن جي نالي-‘ ڏسجئين ويٺي، ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ائين ٿيندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com