سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :7

پروفيسر رشيده ڀٽي

نه وسرڻ جهڙي شخصيت

هڪ لمحي کان پوءِ خير النساء جعفري جو آواز آيو. مون کي سڏ ڪري چيائين ته منهنجي ڌيءَ صائمه ڏاڍي پاڻيءَ جي شوقين آهي ۽ ٻيڙي ۾ چڙهڻ هن جو بهترين مشغلو آهي، هاڻي ٻڌايو ته آهي ڪو اهڙو ٻيو جيڪو ساٿ ڏي ڇو ته اڪيلو ته مان صائمه کي وڃڻ نه ڏيندم ۽ نه مان بار بار ويندم، اهو سڀ ڪجهه ٻڌي منهنجي به خوشي جي انتها نه رهي ڇو ته مون کي پڻ Boating يعني ته ٻيڙي ۾ چڙهي سيرڪرڻ ۽ دريا جو نظارو ڪرڻ ڏاڍو وڻندو ته ڇا پر بي حد وڻندو آهي.

اڄ مان پهريون ڀيرو ڪنهن اهڙي شخصيت متعلق تاثرات لکي رهي آهيان، جنهن کي نه مان گهڻو سڃاڻان نه جنهن متعلق گهڻو ڄاڻان ٿي. پر ڪجهه چهرا اهڙا ته متاثر ڪندڙ هوندا آهن جو ائين محسوس ڪبو آهي ته جهڙوڪر انهن چهرن سان اسان جي جنم جنم جي شناسائي هجي ۽ پهرين نظر ۾ ئي اهڙو متاثر ڪري ڇڏيندا آهن جو پوءِ اهي چهرا تاحيات اکين ۾ سمائجي ويندا آهن. سالن جو ملڻ ملائڻ ۽ شناسائي ايترو متاثر نه ڪندي آهي، جيڪا اها پهرين ملاقات. ڀلي اها لمحن تي ئي ڇو نه مشتمل هجي پر اُن جي ڇاپ هميشه دل تي چٽجي ويندي آهي. منهنجي ان تمهيد جو اصل مطلب آهي، ان سٻاجهڙي ۽ هڪدم سچ منهن تي چئي ڏيڻ واري، دل ۾ اندر ڏک سانڍي رکڻ باوجود منهن تي هميشه مرڪ سجائي ملڻ واري اسان جي ادي خير النساء جعفري. مان پنهنجي متعلق ٻڌائيندي هلان، ته جيئن ته منهنجو تعلق سائنس ڊپارٽمينٽ سان آهي، ۽ ادي آرٽس فئڪلٽي جي استاد هئي، پر اتفاق چئجي ته 1976ع کان ساڳي يونيورسٽي ۾ منهنجي پهرين ڪڏهن به نه ملاقات ٿي ۽ نه ئي ڪو آمهون سامهون گذر ٿيو. منهنجي پهرين ملاقات ادي تنوير سان گڏ ساڻس سنڌ يونيورسٽي واري گهر تي ٿي، جڏهن پاڻ اُتي حيدرآباد منجهان شفٽ ٿي آئي هئي. ساڻس گڏ سندس نياڻي صائمه به هئي. مون سوسائٽي ۾ شفٽ ٿيڻ جي حوالي سان ملڻ ٿي چاهيو ۽ ادي تنوير جيڪا منهنجي بهترين ادي ۽ دوست آهي، تنهن کي زور ڀريو ته توهان  پاڻ سان گڏ وٺي هلو.

سو اهڙي نموني مان پهريون ڀيرو ادي خير النساء جعفري سان مليم ڇو ته ڪجهه ڪهاڻيون مون پڙهيون هيون ۽ ڪجهه سندن باري ۾ ٻڌل هوم، سو بي انتها پروش نموني ساڻس ملاقات ٿي. پهريون ڀيرو  ملڻ وقت پاڻ پنهنجي گهر ۾ هندوري ۾ ويٺل ملي ۽ اسان کي ڏسي بي انتها خوشي جو اظهار ڪيو ڇو جو مان اڪيلي نه هيم پر ادي تنوير گڏ هئي جيڪا سندن دوست هئي. ائين پهريون ڀيرو اديءَ تعارف ڪرايو مون ٻڌايو ته مان هن سوسائٽي ۾ سڀ کان پهرين اچي ويٺي آهيان. جڏهن اڃان ٻه يا ٽي گهر مس ٺهيل هئا. خير النساء جعفري ملي مون کي ائين لڳو ته ڄڻ منهنجي پهرين کان واقفيت هجي نه ڪو ڳالهائڻ ۾ تصنع نه وري ڪو رک رکانءُ. بلڪل فري موڊ ۽ بيحد بيساخته لهجو  ، بي انتها ساده دل ۽ سادگي پسند، سادو صاف، کرو لهجو، منهنجن ٻارڙن سان بي انتها شفقت ڀريو رويو. توڙي جو پاڻ نفسيات جي ماهر پروفيسر هئي، پر سندس طور طريقي مان بلڪل به نه پي لڳو ته ڪو ايڏي وڏي بهترين استاد ايترو پنهنجائپ واري انداز ۾ ملندي ۽ ڳالهائيندي.

ڪجهه لمحن جون ياديون ڪڏهن ڪڏهن صدين جي ملاقاتن تي محيط ٿي وينديون آهن. ضروري نه آهي ڪو هڪ انسان ٻي کي ڪافي عرصي کان سڃاڻي ۽ پوءِ راءِ قائم ڪري، پر ڪجهه املهه ماڻڪ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو کن پلڪ جي ملاقات جو پهريون تاثر هميشه قائم دائم رهندو آهي

ان بعد ٿيو ائين جو مان اڪثر پنهنجن ٻارڙن کي شام جو واڪ لاءِ سپر هاءِ وي ٽپي مهراڻ يونيورسٽي کان چڪر لڳرائي واپس ورڻ مهل ڪچو رستو وٺي جڏهن به سندس گهر وٽان لنگهندي هيم ته منهنجا ٻارڙا چوندا هئا. امي هن آنٽي ڏانهن وٺي هلو ته اسان به هندوري ۾ لڏون. ائين منهنجي سندن گهر ۾ چڱا ڀيرا اچ وڃ رهي ۽ سندن نياڻي صائمه جي به منهنجن ٻارڙن سان دوستي رهي. ان ننڍڙي عرصي دوران مون محسوس ڪيو ته خيرالنساء، هڪ بهترين انسان، دوست ۽ استاد هئي. اهڙي شخصيت جيڪا ڳالهائڻ ۾ اڳيان ويٺل جي تربيت ڪري ۽ اڻمٽجندڙ نقش ڇڏي. سندس گفتگو بي حد دلچسپي سان گڏوگڏ ڪجهه لمحن لاءِ سندن چهري تي آيل ڏک ۽ درد ۽ اندر جي پيڙا جو تاثر اُڀرڻ ۽ وري جلدئي ان تي غالب اچڻ اها سندس شخصيت جي جداگانه ڪيفيت هئي. منهنجي يادن ۾ اديءَ جو ملڻ نه صرف سوسائٽي جي يادگيرين تائين محدود آهي. پر اتفاق سان تن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس اسوسئيشن طرفان رٿيل پڪنڪ پروگرام ۾ جيڪو گڏيل پروگرام هو سائنس ۽ آرٽس فئڪلٽي جا ٽيچرس گڏجي پڪنڪ لاءِ ڪينجهر ڪناري ويا هئاسين. اهي ڏينهن، اهي لمحا، اهي يادون ۽ يونيورسٽي جو اهو سونهري دور وارو گذاريل ماحول هينئر ڪٿي آ؟ ڄڻ ته يونيورسٽي کي ڪا نظر لڳي وئي هجي، ڄڻ ته ڪا ڏائڻ صرف ان تاڙ ۾ هئي ته ڪيئن هن پُر رونق يونيورسٽي ۾ صرف راڪاس گهمي ۽ روڊ رستا ويران ۽ استاد شاگرد حيران و پريشان رهن. رب تعاليٰ خير ڪندو ۽ اسان دعا ڪريون ٿا ته رب سائين شل هن يونيورسٽي کي تاقيامت آباد رکي. آمين ثم آمين.

جتي اسان پڙهياسين، پڙهايوسين ۽ هينئر جڏهن وڃڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ته شل اسان جي هيءَ يونيورسٽي هميشه خوشحال ۽ آباد رهي (آمين ثم آمين)

ها ته ڳالهه پي ڪئي سين، ان يادگار پڪنڪ جي جنهن ۾ سڀ استاد گڏ، بسن ۾ چڙهي جڏهن خير سان اچي ماڳ تي لٿاسين ته سڀني هيڏانهن هوڏانهن نهاريو سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي مزاج مطابق پنهنجن دوستن ۽ ساٿين جي جهرمٽ ۾ ڪجهه وقت ويهي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ جڳهه ڳولڻ لڳو. ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو مان، ادي تنوير ۽ تبسم، خير النساء جعفري ۽ صائمه، سڀ گڏجي هڪ هنڌ اچي ويٺاسين ۽ مون کي هڪ لمحي کان پوءِ خير النساء جعفري جو آواز آيو. مون کي سڏ ڪري چيائين ته منهنجي ڌيءَ صائمه ڏاڍي پاڻيءَ جي شوقين آهي ۽ ٻيڙي ۾ چڙهڻ هن جو بهترين مشغلو آهي، هاڻي ٻڌايو ته آهي ڪو اهڙو ٻيو جيڪو ساٿ ڏي ڇو ته اڪيلو ته مان صائمه کي وڃڻ نه ڏيندم ۽ نه مان بار بار ويندم، اهو سڀ ڪجهه ٻڌي منهنجي به خوشي جي انتها نه رهي ڇو ته مون کي پڻ Boating يعني ته ٻيڙي ۾ چڙهي سيرڪرڻ ۽ دريا جو نظارو ڪرڻ ڏاڍو وڻندو ته ڇا پر بي حد وڻندو آهي. ڀانيان ته جيڪر پري پري ميلن تائين دريا بادشاهه گهمان. ان شوق جي پويان به هڪ ياد آهي جيڪا ذاتي آهي ۽ ٻي ڪنهن هنڌ شيئر ڪبي.

هن وقت ته آهن ادي خيرالنساء جعفري جون يادون. اهو ٻڌي مون بي ساخته چيو ته ادي توهان فڪر نه ڪريو مان صائمه سان گڏ آهيان. ۽ جيترا دفعا چوندي ته مان ساڻس گڏ چڪر لڳائيندم. پوءِ ٿيو ائين جو پهريون دفعو سڀ گڏجي چڪر هڻي آياسين ۽ بعد ۾ ڪيئي دفعا ياد ناهي شايد (10) ڏهه دفعا يا ان کان به مٿي مان ۽ صائمه ٻيڙيءَ ۾ سير ڪندا رهياسين.

سو ان حوالي سان به اها پڪنڪ هڪ يادگار ٿي وئي. جنهن ۾ سڀ يونيورسٽي جا استاد گڏ هئا. کاڌوسين، پيتوسين گڏ، ڪچهريون ٿيون، سُر سنگيت سان دلچسپي رکندڙن ڪجهه سُر وکيريا، هر ماڻهو پنهنجي مزاج متعلق انجواءِ ڪيو ۽ منهنجي لاءِ اها پڪنڪ خاص اهميت جي حامل ٿي وئي ڇو ته مون سڄو ڏينهن پاڻيءَ ۾ گذاريو. سنڌوندي، سنڌودرياءِ بادشاهه، اهو جتان شروع ٿئي ٿو ۽ جتي ختم ٿئي ٿو، ڪنهن ٻيڙيءَ، ڪنهن غوراب، ڪنهن پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي سير ڪرڻ جو منهنجو خواب شايد منهنجي لاشعور ۾ لڪل اها خواهش آهي جيڪا شايد ڪڏهن پوري نه ٿي سگهي.

پر ماڻهوءَ کي پُر اميد رهڻ گهرجي ڇو ته دنيا اميد تي قائم آهي. خير، اهي ته منهنجون ڪجهه يادگيريون ڪجهه لمحا جيڪي مون ادي خير النساء جعفري سان گذاريا، جيڪي مون کان ڪڏهن به وسري نٿا سگهن. آخر ۾ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته الله تعاليٰ ادي خير النساء جعفري تي پنهنجي رحمت فرمائي ۽ سندس مرقد مُنور رهي. (آمين ثم آمين)

ڪجهه لمحن جون ياديون ڪڏهن ڪڏهن صدين جي ملاقاتن تي محيط ٿي وينديون آهن. ضروري نه آهي ڪو هڪ انسان ٻي کي ڪافي عرصي کان سڃاڻي ۽ پوءِ راءِ قائم ڪري، پر ڪجهه املهه ماڻڪ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو کن پلڪ جي ملاقات جو پهريون تاثر هميشه قائم دائم رهندو آهي، هڪ انگريزي چوڻي آهي ته:

First Impression is the Last Impression.

مان بذات خود ان اصول جي پوئلڳ آهيان ڇو ته انسان اهو جيڪو ٻي لاءِ پهرين فرصت ۾ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهي، ڇو ته پهرين لمحي قائم ڪيل راءِ، پوءِ جي دليلن کان وڌيڪ ڀاري هوندي آهي.

رضوان گل

ڪهاڻيڪاره ۽ سفرنامه نگار

 

سنڌي ڪهاڻيءَ جي عورت ليکڪائن جو جڏهن به ۽ جتي به ذڪر نڪرندو، اُتي خيرالنساءِ جعفري جو نالو نهايت اهميت وارو هوندو، ڇا لاءِ ته خيرالنساءِ جعفري هڪ اهڙي حقيقت پسند ڪهاڻيڪاره هئي جنهن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سوچ ۽ فڪر جا نوان دڳ ڏنا. جيئن سندس ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن تيئن اسلوب ۽ فن به ٻين ڪهاڻيڪارن کان کيس الڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس شمار سنڌي جي بهترين ڪهاڻي نويسن ۾ ٿئي ٿو.

خيرالنساءِ جعفري پنهنجي مشهور ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ پيوست ٿي ويو آهي. عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس جنهن خوبصورت انداز ۾ هن ڪهاڻيءَ اندر ملي ٿو سو هڪ حساس ماڻهو درد مند دل رکندڙ ئي سمجهي سگهي ٿو.

خيرالنساءِ جعفري، جنهن کي پيار مان ”خيرو“ ۽ ”گُڏي“ جي نالن سان به پُڪاريو ويندو هو، 7 آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سن 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي نفيسات واري شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي. باضابطا لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي 1974ع ۾ ئي ”سوجهرو“ رسالي ۾ شايع ٿي. خيرالنساءِ جي لکڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ موجود آهن، جن ذريعي هن سماجي اڻ برابرين ۽ بُراين جو ذڪر جاندار انداز  ۾ خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ٿو. هن هندوستان ياترا کان واپس ٿي هڪ سفرنامو به لکيو. جنهن ۾ پنهنجي وطن جي سِڪ ۽ محبت جو ڏاڍن نفيس احساسن ۾ اظهار ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ پاڻ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ٻارڙن جي نفسيات بابت لکيل سندس مضمون تمام ڪارائتا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس سبجيڪٽ ئي نفسيات هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين ۾ به داخلي احساسن ۽ جذبن جي اپٽار ججهي انداز ۾ ٿيل آهي. انهيءَ حوالي سان هن ادب جي نفسياتي لاڙن وارين تحريرن جو اضافو ڪيو.

خيرالنساءِ جعفري 1974ع کان مسلسل ڪهاڻيون لکندي رهي، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ جنوري 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس تمام مانائتي موٽ ملي. هن پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام سنڌي معاشري مان چونڊيا آهن، جن کان ٺيٺ سنڌيءَ جا تُز محاورا به چورايا اٿائين، جيڪا سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي آهي. خيرو جي ڪهاڻين جو ڪوبه ڪردار تصوراتي يا غير ضروري محسوس نه ٿيندو. جملا جيءُ جهنجهوڙيندڙ، ٻولي دلڪش ۽ منظر ڪشي لاجواب. هن جي تحرير ۾ گرفت ايتري جو پهرين سِٽ پڙهڻ کان پوءِ سڄي ڪهاڻي پڙهڻ بعد ئي اُٿجي.

خيرالنساءِ جعفري جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تمام گهڻيون مقبول ٿيون. عبدالقادر جوڻيجو سندسن ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ” خيرالنساءِ ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول ۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل رکيو آهي. هن اهڙا ئي ڪردار کنيا آهن جيڪي سندس آسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گهاٽو تعلق رکن ٿا.“

خيرالنساءِ جعفري 1974ع کان مسلسل ڪهاڻيون لکندي رهي، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ جنوري 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس تمام مانائتي موٽ ملي. هن پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام سنڌي معاشري مان چونڊيا آهن،

خيرالنساءِ جعفري پنهنجي مشهور ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ پيوست ٿي ويو آهي. عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس جنهن خوبصورت انداز ۾ هن ڪهاڻيءَ اندر ملي ٿو سو هڪ حساس ماڻهو درد مند دل رکندڙ ئي سمجهي سگهي ٿو. مثال ان ڪهاڻيءَ جو ن هي سٽون پڙهي ڏسو.

”مڃان ٿي مقدس آهي هيءَ حويلي، جنهن جي اوچين ديوارين تان سج صدين کان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن ته هن حويليءَ تان ڪڌهن گذرڻو ئي ناهي. هر وقت رات ئي رات سان رُسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏي، صرف رات ئي رات جو ديرو دُکندو رهي، اتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگهجي ٿو.“

ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي، جنهن جي جملن جي جوڙجڪ ۽ اڻت پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار عزيز هڪ آزاد خيال من موجي ماڻهو آهي، جيڪو رهندو ته هاسٽل ۾ آهي پر اڪثر و بيشتر پنهنجي ڀيڻ جي گهر حيدرآباد ۾ به رهي پوي ٿو، جتي سندس هم عمر ڀاڻيجيءَ سان جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي.

ڪهاڻي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ۾ جذبن جا عڪس ايڏا ته دل کي ڇُهندڙ آهن جو پڙهندي پڙهندي انهن لفظن جو مٺاج من کي سڪون بخشي ٿو. درد جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جا احساس علامتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو وٽس خاص ڏانءُ آهي، جيڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.

”تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ٻه ڪُنڊون هئاسين، جن جا رخ ازل کان جُدا، تون درياءَ جي مست وهڪري جيان جتان چاهيئي اتان لنگهندو وئين. زندگيءَ جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي بي فڪر ٿي روم هليو وئين، جيئن ڀانيئه تيئن ڪيئه، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا، تو آڏو زندگيءَ جو ساز رُڳو موج ۽ مستيءَ جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساهه ڀانيئه، شايد اعتماد جي اها گهڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پُرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.“

خيرالنساءِ جعفري جي لکڻين جو مجموعو ”منهنجو تخليقي سفر“ 1992ع ۾ سنڌيڪا پاران ڇاپيو ويو، جنهن ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”تخليق جو موت“ کان علاوه ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ انڊيا جو سفرنامو پڻ شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو.

نثار حسيني

سنڌي ادب جي گُڏي! خيرالنساء جعفري

سنڌ جي لاڙ پٽ جي شهر تلهار ۾ جنميل، شينهڻ، (Leo) اسٽار واري سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ۽ بيباڪ ليکڪا خاتون بِناءَ خيرالنساءِ جعفري ۽ عرف عام: ”گڏي“ ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ سنڌي ساهت جي اُڀ تي اُڀرندي ئي اهڙو سُهائو ڪيو جو سندس تخليق جي جوت جي ڪرڻن اڳوڻا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا!

سندس پهرين ڪهاڻي اُن دور جي مقبول ماهوار رسالي ”سوجهرو“ ۾ ڇپي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سندس ڪهاڻين تي ٻڌل هڪ ڳٽڪو ”تخليق جو موت“ 1878ع ۾ نروار ٿيو، جنهن کيس ادب ۾ هڪ امر حيثيت بخشي ڇڏي، ان کان پوءِ هن هڪ ماسٽر پيس ڪهاڻي لکي، ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ کيس ان تي سنڌيءَ جي بهترين ڪهاڻي طور ”جيلاني ادبي انعام“ مليو.

گڏيءَ جي لکڻيءَ ۾ تکائي، تيزائي، طنز ۽ سچائيءَ جو عنصر گهڻو آهي. سندس مڪالما ڀرپور تِکا، تُز ۽ کرا آهن، هوءَ شخصي طرح به کري ۽ تيز آهي. سندس اڪثر ڪهاڻين جي ڪردارن جو انگ ٽي (3) آهي. گُڏي شخصي طور توڙي طبيعتن ”مولائڻ“ آهي. هوءَ هر  قسم جي ٺاهه ٺوهه کان لاپرواهه، من موجي ۽ مست الست هستي آهي. رستي هلندي اُس توڙي ڇانوَ ۾ گاڏڙن ۽ ريڙهن تان ٽول وٺي کائڻ کي عيب نه سمجهندي آهي. مڪائيءَ جا سيڪيل سنگ کائڻ، پن جي انڊين فرمائشي ٻِيڙي ڇڪڻ سندس دلپسند هابي آهي.

نفسيات جي شعبي جي اُستاد گُڏي جو جيون نفسياتي ۽ سماجي هيٺ مٿاهين جو شڪار پئي رهيو آهي. شايد اهو الميو آهي جو هوءَ ڪهاڻيڪاريءَ جي صنف کي جاري رکي نه سگهي آهي پر هن پنهنجي تخليق جي عمل کي صفا مرڻ به نه ڏنو آهي“. سندس ڏات ۽ ڏانءُ تقريرن جي روپ ۾ وقت به وقت مختلف ساهتي ميڙن ۾ نروار ٿيندو رهندو آهي، جنهن ۾ سندس مخصوص انداز واري لکڻيءَ جون جهَلڪون پڌريون ٿينديون آهن. هوءَ انساني جيوت جي ٺوس گهرن، حساس روين جي اپٽار اهڙي ته ڪلاڪاريءَ سان ڪندي آهي جو ٻُڌندڙ پنڊ پهڻ تي روئي پوندا آهن. هوءَ پاڻ نه ته اڪيلائيءَ ۾ لکندي آهي ته روئيندي آهي پر سندس روئڻ جي هڪ مقرر مهل ۽ موسم آهي. ڀيڻي آهي هنڌ آهي!!

جيون جي ٻير جي ڍينگريءَ ۾ ڦاٿل/ اٽڪيل لڙڪيل سنڌي ادب جي هن گُڏي جو قلم شال سنڌي سماجي جي ڪڙيون ٻُڌل ڦٽن لاءِ مرهم جو ڪم ڪري!

(سرتيون 1991ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com