سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :14

ثمينه ميمڻ

جرئت ۽ همت جو نانءُ

سنڌي ادب ۾ عورتن جي سِرجيل ادب کي جڏهن به پڙهبو ته خيرالنساءِ جعفريءَ جو نانءُ انهن ليکڪائن ۾ هوندو، جن ادب جي صنف کي نه صرف جياريو، پر هن جي هر لکڻيءَ جي هر سٽ تخليق جو سفر طئي ڪندي نظر ايندي. هُن جي مشاهدي جي اک تمام تيز هوندي هئي. هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جو مضمون پڙهائيندي، ماڻهوءَ جي اندر جي ڪچ کي ٻاهر ڪڍڻ جو هنر ڄاڻندي هئي. هن جي لکڻين ۾ تضاد شامل هوندو هو. ۽ معاشري جي اوڻاين کي بي باڪيءَ سان پنهنجي لکڻين کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. خيرالنساءِ جعفري مصلحت پسند نه هئي، بلڪه حقيقت پسند هئي. هوءَ سچ ۽ کرو ڳالهائيندي هئي. هوءَ اسٽيج تي جڏهن به تقرير ڪندي هئي ته ماڻهو سندس تقرير جي هر جملي کي ڪوٽ Quete ڪندا هئا ۽ ٻُڌڻ چاهيندا هئا، تقرير ڪرڻ جو هُن وٽ فن هو.

مان ادي خيرالنساءِ جعفريءَ کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ مان ادي خيرالنساءِ کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن آءٌ ڪراچيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهڻ ڄام شوري آيس، مون يونيورسٽيءَ ۾ ته اديءَ کي گهٽ پرکيو، پر جڏهن ادا خان محمد پنهور ۽ ادي نسيم سان گڏ انهن جي گهر ٽنڊو ولي محمد ۾ شيرين منزل ۾ وڃڻ ٿيو ته. اديءَ جي ظاهري شخصيت رعب دار لڳي هئي. پر جڏهن ڪچهري ڪرڻ لڳي ته هن جي ڳالهين ڪرڻ جو انداز اهڙو سادو. هن جي ٻوليءَ ۾ رک رکاءُ بلڪل به نه هوندو هو.  ورانڊي ۾ رکيل پينگهيءَ ۾ ادا خان محمد، ادي نسيم  ۽ پاڻ ويهي ڪچهريون ڪرڻ لڳن ته رات ٿي وڃي.

مون کي پينگهي ۾ ويهڻ لاءِ چوندي هئي، پر مان پينگهي ۾ انڪري نه ويهي سگهندي هئس جو  منهنجي طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي هئي. هڪ ڀيرو ادي خيرالنساءِ جي چوڻ تي ويٺس. اديءَ کي ٻڌائي به نه سگهيس، پر اچي طبيعت خراب ٿي، پوءِ ته الٽيون ڪري ساڻي ٿي پيس. پوءِ جڏهن اديءَ کي خبر پئي ته چوڻ لڳي: ”بابا تو مون کي ڇو  ڪونه ٻڌايو“. پوءِ اسان جڏهن به اديءَ جي گهر ويندا هئاسين ته هوءَ منهنجي لاءِ پهرئين ئي ڪرسي رکي چوندي هئي ته ”پُٽ تون اتي ئي ويهه، نه ته ان ڏينهن وانگر نه......“ مان کلي پوندي هئس. مان اديءَ جي طبيعت کان ان ڏينهن کان ئي متاثر ٿي هئس. جڏهن اديءَ جي هٿ ۾ پن جي ٻيڙي هئي. مون پهريون ڀيرو ڪنهن عورت کي بي باڪيءَ سان مردن اڳيان ٻيڙي پيئندي ڏٺو هو.

هڪ ڏينهن مينهن ٿي وَٺو ادي نسيم چيو ته اسين ادي خيرالنساءِ ڏي ٿا وڃون. مون به وڃڻ لاءِ اسرار ڪيو، ڇو ته اديءَ جي شخصيت مون کي ڏاڍي وڻڻ لڳي هئي. ايتري همت ۽ جرئت مون ڪڏهن ڪنهن عورت ۾ ڏٺي ڪونه هئي، هوءَ واقعي به هڪ بهادر عورت هئي.

اسان جڏهن اديءَ جي گهر پهتاسين ته چڱو مينهن وسي چڪو هو. ادا خان محمد دروازو کڙڪايو، نوڪر آيو ۽ اسان کي مٿي وٺي آيو. ۽ اسان ته ڄڻ اديءَ جا روز جا مهمان هئاسون، ڇو ته جڏهن به شهر ۾ ڪم ٿيندو هو ته ادي خيرالنساءِ وٽ ضرور وڃبو هو. اڄ ته موسم به ڏاڍي سٺي هئي. ادا خان محمد مارڪيٽ مان ڀُڳڙا، ريوڙيون ۽ بيهي مڱ ورتا هئا. اديءَ جيئن اسان کي ڏٺو ته چوڻ لڳي: ”مان اڄ ٻيو ڪجهه گهران ها ته شايد ملي پوي ها، پر چڱو ٿيو اوهان اچي ويا. مون موسم آهر پڪوڙا پئي ٺاهيا، اڪيلي کائڻ ۾ ڪهڙو مزو، سٺو ٿيو اوهين اچي ويا. پوءِ ته اسين به رڌڻي ۾ اديءَ خيروءَ سان گڏ وڃي ويٺيونسين. ادا خان محمد پينگهي ۾ ويهي اخبار پڙهي رهيو هو ۽ اڱڻ ۾ پوندڙ مينهن جو مزو به وٺي رهيو هو. ادي پڪوڙا ٺاهيندي پئي وئي، ٻي پاسي ادي نسيم چانهه ٺاهي ورتي. اها پڪوڙن جي لذت اڄ تائين نه وسري سگهي آهي، اها خوشبو ئي الائي ڪهڙي هئي. ۽ ائين ئي اديءَ کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو، ۽ وري جڏهن خبر پئي هئي ته ادي ڪهاڻيڪار به آهي تڏهن مان اديءَ جي ڪهاڻين کي رسالن مان هٿ ڪري پڙهڻ لڳس، اديءَ خيروءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”تخليق جو موت“ ته واقعي لاجواب هو ڇا ته اديءَ جون لکڻيون هيون، لکڻين ۾ جيڪو درد هو، اهو ڪٿي ڪٿي هن جي پنهنجي اندر جو درد لڳندو هو.

اديءَ جي اڪيلائيءَ جي ڀوڳنا جو درد، اديءَ جي پياري نوجوان ڀاءُ جنهن سان هوءَ ڏاڍو پيار ڪندي هئي. اهو درد. اديءَ خيرالنساءِ ڀاءُ جي پيار مان شادي ڪرائي هئي ۽ هن جي اوچتو گذاري وڃڻ تي هوءَ ڄڻ چري ٿي وئي هئي. پوءِ هميشه هُن جي اکين ۾ هر وقت ڳوڙها هوندا هئا، ۽ اهي ڳوڙها اسين ڏسي نه سگهندا هئاسين. ۽ پهرئين جيڪي کل ڀوڳ ڪندي هئي اُها کل مري چڪي هئي هُوءَ اندر ۾ ٽٽي چڪي هئي. نوجوان ڀاڄائي ۽ ڀائٽيءَ کي ڏسي نه سگهندي هئي. اهو غم هن لاءِ هاڃيڪار هو. هوءَ پهرئين ئي صدمن ۾ ورتل هئي ۽ هيءَ صدمو هن لاءِ وڏو صدمو هو ۽ ائين آهستي آهستي ادي خيرو جنهن اڪيلي سر پنهنجي همت ۽ حوصلي سان زندگي گذاري هئي،  منهن تي مرڪ سجائي هلڻ جو فن ڄاتو ٿي، اها هاڻ اندر ۾ جهري پئي هئي. ڦوڙا ئي جي ڦٽ هن کي هيڻو ڪري ڇڏيو هو. ان لاءِ هن کي هاسپٽل ۾ به داخل ٿيڻو پيو هو، ۽ هوءَ هاڻ سمجهي وئي هئي ته هوءَ وڌيڪ جي نه سگهندي. تڏهن اديءَ خيرالنساءِ کي پنهنجي ڌيءَ صائمه جو ڏاڍو فڪر هوندو هو. ڇو ته هوءَ اڃا ٻار هئي ۽ اهو سوچي اديءَ يونيورسٽيءَ مان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو  ۽ هن کي اهوئي اونو هوندو هو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڪو اجهو اڏي ۽ ائين ئي ريٽائرمينٽ جي پئسن مان ڄام شوري ۾ مليل پلاٽ تي گهر جوڙايو. اديءَ جي دل جي بيماريءَ هن کي وڌيڪ مهلت نه ڏني ۽ ائين اوچتو ادي خيرالنساءِ جو وڇوڙو اسان سڀن کي روئاري ويو ۽ يادن جون موسمون دلين ۾ هميشه لاءِ رهجي ويون.

اهو ڏينهن اڄ به ياد آهي مان، گلبدن، نجمه ۽ ادي نسيم سندس يونيورسٽي واري جوڙايل گهر پهتيون هيونسين، صائمه ماءُ جي وڇوڙي تي صدمي وچان نڍال هئي. ان کي ڀاڪر ۾ ڀري آٿت به ڏئي رهيون هيونسين ۽ اندر ۾ روئي به رهيون هيونسين، اسان جي ڀر ۾ اديءَ خيروالنساءِ جي اڪيلي دوست ادي تنوير جوڻيجو جيڪا هن جي ڏکن سکن جي ساٿياڻي هئي پڻ سڪتي ۾ ورتل هئي.

اسان سڀ اديءَ جي تڏي تي هڪٻئي کي ڏسندي اکين سان دلاسا ٿي ڏنا، ڪير به ته نه هئو هن جو پنهنجو جنهن سان روئي اسان دل جو بار لاهيون ها، صرف صائمه ئي هئي جنهن کي پڻ اسان سڀني جي ضرورت هئي. هن جي اڳيان اسان پنهنجا ڳوڙها اگهي ڇڏيا هئا، هُن جي دلجوئي ڪرڻ لاءِ........!

بلقيس جامي چانڊيو

 

امڙ جهڙي دوست، مئڊم خيرالنساء جعفري

 

جڏهن مون مئڊم خيرالنساء جعفري جو ڪتاب ”تخليق جو موت“ پڙهيو ته مون کي محسوس ٿيو ته پاڻ هڪ منفرد ۽ عجب ليکڪا آهي. مون کي ساڻس ملڻ جو اشتياق پيدا ٿيو پر مون وٽ ڪو اهڙو ذريعو نه هو، جو آءٌ ساڻس ملي سگهان. انهن ڏينهن ۾ مان  M.A سوشيالاجيءَ  جي تياري ڪري رهي هئس، انڪري ساڻس  ملڻ هڪ خواب  پي نظر آيو.

مون کي ڀاڪر پائيندي چيائين ته تون مون کي ڏاڍي وڻين آهين....“ پوءِ جاميءَ جا قصا مون کي ٻڌائڻ لڳي. جامي جڏهن به اچڻ جو چوندو آهي ته مان هن لاءِ باقاعدي رڌ پچاءُ ڪرڻ کي لڳي ويندي آهيان. خاص ڪري پلو ۽ انهن جون آنيون تري تيار ڪندي آهيان. جي آيو ته پوءِ گهر خوشيءَ مان ٻهڪي پوندو آهي پر اتفاق سان جي نه آيو ته پوءِ انهن پلن کي ڏسي....

5 ڊسمبر 1996ع ۾، منهنجي جامي سان شادي ٿي ته مئڊم خيرالنساء جعفريءَ پنهنجي گهر ۾ اسان جي دعوت ڪئي. منهنجي لاءِ ته اهو ڏينهن ڪنهن به طرح ڪنهن شادماني کان گهٽ نه هو. ڇاڪاڻ ته مئڊم کي جاميءَ سان تمام گهڻي پنهنجائپ هئي. اسين جڏهن سندس گهر وياسين ته پاڻ ڏاڍي پيار  ۽ پاٻوهه منجهان اسان جو آڌار ڀاءُ ڪيائين. جامي ڪنهن دوست سان ملڻ يونيورسٽي ويو هو. پاڻ مون کي پينگهي ۾ ويهاري ڪچهري ڪرڻ لڳي. چيائين: ”آءٌ توهان جي شاديءَ ۾ آئي هئس، پر مون اسٽيج تي چڙهي توکي ويجهي کان ڏٺو ڪونه....“ ڀلا توهان مون کي ڇو نه ڏٺو؟ مون سوال ڪيو: چيائين ته، ”مون سوچيو اصل ۾ الائي ڪهڙي هوندي- باقي ميڪ-اپ ته هر ماڻهو کي خوبصورت ٺاهيو ڇڏي“.

”ڀلا هاڻي!“ مون ٽهڪ ڏيندي چيو:

 ائين ئي مئڊم سان پهرين بي تڪلف ملاقات ٿي ۽ مون کي هڪ پل لاءِ به محسوس نه ٿيو ته ڪو مان ساڻس پهريون دفعو ملي آهيان. مون کي ته جهڙوڪر امڙ واري ٻاجهه ڏنائين. چڱي دير ڪچهري ڪندي کيس اوچتو ياد آيو ته جامي يونيورسٽي مان اڃا نه آيو آهي. پنهنجي مخصوص انداز سان جامي کي خاص لقب ۽ گاريون ڏيندي چيائين: ”تو کي بُک لڳي هوندي؟“

”جامي اچي ته پوءِ  ٿا ماني کائون“.مون چيو:

نيٺ جامي آيو ۽ اسان هن عظيم شخصيت جي هٿن سان ٺاهيل ماني کاڌي جيڪا تمام گهڻي سوادي هئي. مون کي محسوس ٿيو ته هيءَ دعوت فارمل نه پر دل سان ڪئي وئي هئي.

مون کي جڏهن پهريون ٻار عاطف ٿيو ته مون کي لڳندو هو ته ڄڻ منهنجي سڳي ماءُ هجي، اسين نه ويندا هئاسين ته پاڻ هلي ايندي هئي. منهنجي طبيعت پڇڻ، خيال رکڻ. جي سندس گهر ويندا هئاسين ته اوتي رهائي ڇڏيندي هئي. پوءِ سڄي رات ڪچهريون ٿينديون هيون. کائڻ، کارائڻ جي شوقين هوندي هئي. صائمه به خوش ٿي ويندي هئي. انڪري سندس گهر ۾ ڪڏهن به ڌاريائپ جو احساس نه ٿيندو هو.

۽ پوءِ ايئن ئي ساڻس ڪيئي ملاقاتون ٿيون. پاڻ اسان کي دل سان ڀائيندي هئي. چوندي هئي ته گهر جو مٿيون حصو خالي پيو آهي توهان هتي اچي رهو. مون کي به وسونهن ٿي پوندي توهان به اڪيلا نه ٿيندؤ.

 مون کي جڏهن پهريون ٻار عاطف ٿيو ته مون کي لڳندو هو ته ڄڻ منهنجي سڳي ماءُ هجي، اسين نه ويندا هئاسين ته پاڻ هلي ايندي هئي. منهنجي طبيعت پڇڻ، خيال رکڻ. جي سندس گهر ويندا هئاسين ته اوتي رهائي ڇڏيندي هئي. پوءِ سڄي رات ڪچهريون ٿينديون هيون. کائڻ، کارائڻ جي شوقين هوندي هئي. صائمه به خوش ٿي ويندي هئي. انڪري سندس گهر ۾ ڪڏهن به ڌاريائپ جو احساس نه ٿيندو هو.

هوءَ اندر ٻاهر هڪجهڙي هوندي هئي. ڳالهه ڳالهه ۾ ماڻهوءَ سان اهڙي ڪري ويندي هئي جو ٻڌڻ واري جا ٺپ ئي ٺري ويندا هئا. سندس گفتگو ۾ طنز مزاح وارو انداز اهڙو جو کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي وڃي... چرچي ڀوڳ ۾ ته پنهنجي اڪيلي سڪليڌي ڌيءَ جنهن لاءِ چوندي هئي ته دنيا ۾ مون کي صائمه کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو وڻي، پر ان کي به نه ڇڏيندي هئي.

منهنجي پٽ عاطف سان تمام گهڻو لڳاءُ هئس جهڙو سڳين نانين يا ڏاڏين کي ٻارن سان هوندو آهي. هڪ ڏينهن سهي سنبري آئي ۽ جامي کي چيائين ته: ”مان عاطف سان يادگار تصويرون ڪڍرائڻ چاهيان ٿي.“ ۽ عاطف کي کڻي ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍرايائين.

پاڻ اڄ اسان وٽ موجود ناهي پر سندس دلبريون ۽ دلداريون يادن جي صورت ۾ اسان سان گڏ رهنديون.

صائمه مرتضيٰ پانڌياڻي

امي سان گذاريل وقت جون ڪي چند يادگيريون

مون کي ياد آهي ته يونيورسٽيءَ مان موٽندي، امي منهنجي لاءِ روزاني کائڻ جون شيون وٺي ايندي هئي، جيئن ’گلاب پان هائوس‘ تان پان، ’حافظ مٺائي‘ واري ۽ ’سوغاتِ شيرين‘ تان مختلف قسمن جون مٺايون - فروٽ جي گاڏي تي جيڪو به فروٽ هوندو هو اتان اهو ضرور وٺي ايندي هئي. امي کُلا پئسا پرس ۾ ضرور رکندي هئي فقيرن کي ڏيڻ لاءِ.... اوڙي پاڙي ۾ جيڪي به غريب ۽ مسڪين هوندا هئا انهن جي ٻارن جي سار سنڀال لهڻ، مطلب ته انهن جي هر قسم جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪندي هئي.

هڪ دلچسپ ڳالهه ته امي جيئن ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ تان لهندي هئي ته وَلرُ ڪتن جو سندس پويان هلندو ايندو هو. مان پريشان ٿيندي هئس ته چوندي هئي ته: ”ڪُتا مون کي سڃاڻن ٿا سو ڪجهه نه ڪندا“. پوءِ گهر اچي انهن سڀني ڪتن کي ماني ڏيندي هئي.

ٻيو ته امي پنهنجي اوڙي  پاڙي، ڄاڻ سڃاڻ ۽ خاص ڪري دوستن ۾ تمام گهڻو يقين ۽ اعتماد رکندي هئي، ۽ انهن سان تمام گهڻي پيار ۽ وفاداريءَ سان هلندي هئي. امي جي سهيلين ۾ آنٽي مهرالنساء پنهور، جنهن آخري دم تائين ساٿ ڏنس. آنٽي جيجي زرينا بلوچ، آنٽي تنوير جوڻيجو، آنٽي قمر واحد، آنٽي نذير ناز، آنٽي قمر جهان مرزا ۽ آنٽي نور افروز خواجه، آنٽي ممتاز ڀٽو وغيره هميشه اميءَ سان گڏ رهيون.

ناني، نانيءَ جي وفات ۽ ماما جي وفات، اميءَ کي ٽوڙي وڌو. ٽنڊي وارو گهر (شيرين منزل) وڪرو ڪري ڄام شوري اچي رهياسين.

مون سان ته عشق هوندو هئس. جو اڪثر ماڻهو  چوندا هئس ته جيڪڏهن صائمه مري وڃي ته تون ان جو مقبرو ٺهرائي اُتي مجاور ٿي ويهندينءَ! اسين اميءَ کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين. منهنجو اميءَ سان ڏاڍو پيار هوندو هو، پر ورتاءَ ۾ ڄڻ مان هُن جي ماءُ هوندي هئس. منهنجو اميءَ سان ضد هوندو هو ته:

“Learn to say no”.

ٻيو ته ڪنهن به ماڻهوءَ تي تڪڙو اعتماد نه ڪر.

منهنجي ناني، اميءَ جي سگهه هئي. نانا جي امي لاڏلي هوندي هئي. نانا جون تلهار ۾ ڪافي ٻنيون هيون ۽ جيئن ته اميءَ کي به صرف هڪ ڀاءُ هو، انڪري امي کي نانا طرفان به گهڻو ڪجهه مليل هو. انڪري خرچ ڪرڻ ۾ بلڪل به نه گهٻرائيندي هئي. مون کي جنهن به  شيء جي گهرج هوندي هئي. هڪدم وٺي ڏيندي هئي. هر سال گهر جو فرنيچر تبديل ڪندي هئي ۽ پراڻو سامان نوڪرن کي ڏيندي هئي.گهر ۾ نوڪرن چاڪرن هوندي به رڌ پچاءُ پاڻ ڪندي هئي.

پاڙي جا جيڪي ٻار پڙهڻ ۾ دلچسپي نه وٺندا هئا يا داخلا جا پئسا نه هوندا هئن انهن کي منٿون ڪري پئسا ڏيئي، داخلا ڪرائيندي هئي. اهو ئي سبب هو جو امي جڏهن بيمار ٿي ته ٽنڊي ولي محمد جا ڇوڪرا پُٽن وانگر اميءَ کي پنهنجي ڪُلهن تي کڻي اسپتال پهچائيندا هئا ۽ تيمارداري ڪندا هئا.

اميءَ جي ازدواجي زندگيءَ بابت مون ڪڏهن به تفصيل سان ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. بس مون کي ايتري خبر آهي ته ڪو قاضي هو جنهن سان اميءَ جي شادي ٿي هئي ۽ مان اُن جي ڌيءَ آهيان. مون کي ٻه ويڳا ڀائر آهن جيڪي آخري دم تائين اميءَ سان اسپتال ۾ رهيا ۽ انهن سان منهنجو اچڻ وڃڻ آهي. مون کي به گهڻو گهُرندا آهن. هونئن به منهنجو انهن ماڻهن سان واسطو آهي جيڪي امي کي ويجهو هئا. آنٽي قمر ۽ جامي وارن ڏي اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي.

امي مون کي سنگاپور، بئنڪاڪ، انڊيا، ايران، ۽ سعودي عرب وٺي هلي. هتي به خريداريءَ لاءِ مون کي شهر وٺي هلندي هئي، پوءِ ڪامن روم جي فرينڊس لاءِ گفٽ وٺندي هئي. خاص ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ گهمندي امي کي ڏاڍو مزو ايندو هو. هتان پن جي ٻيڙين جي ڳوٿري ضرور کڻي هلندي هئي. سنگاپور ۾ هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪ انڊين عورت پن جون ٻيڙيون ٻڌي رهي هئي. هن کي ڏسي امي ڏاڍي خوش ٿي، پوءِ کانئس ٻيڙيون خريد ڪيائين. چوڻ لڳي ته ٽنڊي ولي محمد ۾ اهڙيون ٻيڙيون نٿيون ٺهن. هن ۾ اهڙي مڻيا هئي جو گهڻو ڪري خوش نظر ايندي هئي ۽ هر ماحول کي انجواءِ ڪندي هئي.

اميءَ جي جاميءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي جهڙي پٽن سان مائرن کي هوندي آهي. کائڻ جون شيون خاص ڪري مڇيون رکيون ويٺي هوندي هئي، چوندي هئي ته جامي اچي ته پوءِ ٿي رڌيان. جامي چوندو هو ته مان کاڌو پاڻ ٿو ٺاهيان. امي چوندي هئس هروڀرو وڃي رڌڻي ۾ ڪن ڪندين. هڪ دفعو دال چانور ٺاهڻ لاءِ جامي رڌڻي کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو هو. انڪري امي کيس رڌڻي ۾ گهڙڻ نه ڏيندي هئي.

امي وفادار دوستن لاءِ جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندي هئي. مون کي امي هميشه خودمختيار رکيو مالي طرح به ته شخصي طرح به. انڪري هوءَ مون مان مطمئن هئي. مون B.A  ۾ پوزيشن کنئين ۽ M.A ۾ پڻ پهرين پوزيشن کنئي اٿم. امي کي شوق هو ته مان نوڪري ڪريان ۽ هينئر مان بطور ليڪچرر انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهيان. مون سان منهنجي مڙس ۽ ڪٽنب جو ساٿ آهي. ۽ ٻن خوبصورت ٻارڙن جي ماءُ بڻجڻ جو اعزاز پڻ اٿم.

تنوير جوڻيجو

ڪامن روم جي خيرالنساءِ جعفري

 

 

ليليٰ ۽ خيرو ٻئي قدو بت شڪل شبيهه ۾ هڪ جهڙيون ٻئي نهايت ذهين، حاضر جواب، علم وَ ادب سان ٻنهي جو رشتو، ادي ليليٰ آغا خاني خواجه ۽ ادي خيرو اثناعشري خواجه. ادي ليليٰ ۾ هر ڳالهه لاءِ تورتڪ هوندي هئي. جڏهن ته ادي خيرو تورتڪ کان بي نياز! ادي ليليٰ نرم ۽ Soft انداز ۾ گفتگو ڪندي هئي. ادي خيرو هڪ ڌڪ ۾ حساب برابر. ٻنهي جي انداز گفتگو ۾ پنهنجائپ حجت ۽ محبت هوندي هئي ۽ منهنجي خوشقسمتي جو ٻنهي جي محبت ۽ پنهنجائپ ملي ۽ بقول ادي ليليٰ جي ته ”تنوير اسان ٻنهي جي وچ ۾ واڌوءَ جو نشان آهي. جنهن اسان جي محبتن کي وڌايو آهي.“

 

 

خيرالنساءِ جعفري هڪ بولڊ بهادر ليکڪا هڪ بهترين دوست، بهترين استاد ۽ سڀ کان وڌيڪ بهترين ۽ تمام بهترين ماءُ. لکڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين ستر واري ڏهاڪي ۾ وڃڻو پوندو ۽ داخل ٿيڻو پوندو آرٽس فيڪلٽي واري بلڊنگ ۾ ۽ ڪينٽن واري چاڙهي چڙهي، سيڪنڊ فلور تي اچڻو پوندو. سيڪنڊ فلور تي (اُن وقت) ڊپارٽمينٽ آهن سوشالاجي، اسلامڪ ڪلچر، سائڪالاجي مسلم هسٽري ۽ فلاسافي. ڪمرا ننڍڙا ۽ غريباڻو سامان. پر استاد هاءِ ڪئالٽيءَ جا- نامور، محنتي ۽ سنجيده. انهيءَ ونگ ۾ هڪ ننڍو ليڊي ٽيچرس ڪامن روم به آهي. جنهن ۾ سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ خواتين استاد ويهن ٿيون. ست اٺ نيٽ سان واڻيل ڪرسيون، هڪ سينٽرل ٽيبل، هڪ ڪاٺ وارو ڪٻٽ. ڪامن روم جي اگُهه پُگهه سوشالاجيءَ واري پٽيوالي ”گل“ جي ذمي آهي. ۽ انهيءَ ڪامن روم ۾، چوهتر دوران منهنجي به انٽري ٿي. منهنجي ڀرتي بحيثيت ليڪچرر سوشالاجي واري شعبي ۾ ٿي آهي. مون کان اڳ هت جيڪي استاد صاحبان موجود آهن انهن ۾ ميڊم خالده شيخ ۽ عزت خواجه جن جو تعلق سوشالاجيءَ سان آهي. ميڊم ليليٰ بانا، ميڊم فرحت نقوي، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جن جو ڊپارٽمينٽ سائڪالاجي آهي. ان بعد ميڊم زرينه ميمڻ جيڪي اسلامڪ ڪلچر سان تعلق رکن ٿيون. ڪامن روم ڀرسان آفيس آهي آپا عزيزه چنه جي، جن جو شعبو مسلم هسٽري آهي ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل هو به اچي ڪامن روم ۾ ويهنديون آهن. ۽ ائين ڪامن روم ۾ منهنجو نمبر وڃي بيٺو اٺون. ۽ مون کان پوءِ جن خواتين جي آمد ٿي اهي هيون سوشالاجيءَ ۾ نسيم بانو شيخ، فخر النساءِ مرزا، نادره ترڪ مسلم هسٽريءَ ۾، ممتاز ڀٽو- اسلامڪ ڪلچر ۾ ڪلثوم پٺاڻ، ۽ سائڪالاجيءَ ۾ رعنا جوڻيجو ۽ تسنيم قريشي. ۽ انهيءَ دور ۾ (شيخ اياز وارو دور) ٻيون جيڪي مشهور خواتين يونيورسٽيءَ ۾ اپوائنٽ ٿين ٿيون اهي اڪنامڪس ۾ نسيم ٿيٻو، سنڌي ۾ سحر امداد، سنڌالاجيءَ ۾ ثميره زرين ۽ رعنا صديقي هيون. جڏهن ته مهتاب چنه اڳواٽ ئي بين القوامي شعبي ۾ استاد هئي.

خيرالنساءِ جعفري علم وَ ادب جي پياسي هئي گهڻو پڙهندي هئي سندس پهرين تحرير هڪ خاڪو هو جو سوجهرو ۾ خ ج جي نالي سان 1974ع ۾ شايع ٿيو. تاج بلوچ اهو ڇپيو هو.

ڪامن روم جي دنيا به هڪ عجيب دنيا هئي، هڪ طرف سوشل، ٻئي طرف علم وَ ادب سان ڀرپور ٽئين طرف پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ چوٿين طرف محنتي ۽ بردبار ۽ پنجين طرف محبتي ۽ هڏ ڏوکي!

علم ۽ ادب جي حوالي سان ذڪر ڪنديس، ليليٰ ۽ خيروءَ جي ڪنٽريبيوشنس جو. ان زماني ۾ ”سنڌ سائنس سوسائٽي“ ڪافي سرگرم ۽ متحرڪ هئي جيئن ڊاڪٽر ممتاز قاضي، ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه، ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، ظفر حسن شاهه، سوسائٽي جا سنڀاليندڙ هئا ۽ ماهوار ”سائنس ميگزين“ باقاعده نڪرندي هئي. هن رسالي لاءِ ليليٰ ۽ خيروءَ جا سائڪالاجيءَ بابت مضمون ڇپجندا هئا نه رڳو ايترو- پر ٻنهي سائڪالاجيءَ جي لغت پڻ تيار ڪئي هئي. ان کان سواءِ سنڌالاجيءَ مان ”سنڌي ادب“ نالي هڪ جرنل نڪرندو هو. انهيءَ ۾ به ٻنهي جا تحقيقي مقالا ڇپجندا هئا. ان کان سواءِ ”عبرت ميگزين“ ۾ به ٻنهي جا نفسيات بابت مضمون شايع ٿيندا هئا، ۽ خيرالنساءِ لکڻ جي شروعات مقالن کان ڪري چڪي هئي.

ٽيهتر چوهتر وارو زمانو ادبي لحاظ کان عروج وارو زمانو هو، سوجهرو، مارئي، سنڌي ڊائجسٽ سهڻي، مهراڻ ۽ ٻيا ڪيترا رسالا نڪرندا هئا. منهنجون به ڪچيون ڦڪيون لکڻيون، امداد حسيني ۽ تاج بلوچ ڇنڊي ڦوڪي رنگ روپ ڏئي ”سوجهرو“ ۾ شايع ڪندا هئا، انڪري مون ڪهاڻي کيتر ۾ چڱو نانءُ ڪمايو هو. مٿان وري نثار حسيني منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”امرت منجهه ڪڙاڻ“ شايع ڪيو هو ۽ ٻئي طرف سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا معرفت منهنجي ملاقات ادي ليليٰ بانا ۽ خيرالنساءِ جعفري سان ٿي هئي، انڪري ڪامن روم ۾ مون کي پنهنجي من پسند جاءِ ملي وئي- خاص طرح ادي ليليٰ ۽ ادي خيروءَ جي وچ ۾.

 نفسيات واريون ٽئي خواتين، ٽئين فرحت جيڪا اردو اسپڪينگ خاتون هئي. اثناعشري مسلڪ سان تعلق رکندڙ هڪ سٺي ذاڪره پڻ هئي. هي ٽيئي خواتين گهڻ پڙهيون، Deep علم ادب سان تعلق رکندڙ عورتون هيون. هن ڪامن روم ۾ فرحت ڪچهري دوران به پئي لکندي پڙهندي هئي. پي. ايڇ. ڊي جو ڪم پئي ڪندي هئي. شماريات ۾ ماهر هئي ۽ اڪثر جڏهن به ڪنهن مونجهاري جو شڪار ٿيندي هئي ته ليليٰ ۽ خيروءَ سان بحث مباحثو شروع ٿيندو هو. ائين گڏجي سڏجي حل نڪرندو هو.

ليليٰ ۽ خيرو ٻئي قدو بت شڪل شبيهه ۾ هڪ جهڙيون ٻئي نهايت ذهين، حاضر جواب، علم وَ ادب سان ٻنهي جو رشتو، ادي ليليٰ آغا خاني خواجه ۽ ادي خيرو اثناعشري خواجه. ادي ليليٰ ۾ هر ڳالهه لاءِ تورتڪ هوندي هئي. جڏهن ته ادي خيرو تورتڪ کان بي نياز! ادي ليليٰ نرم ۽ Soft انداز ۾ گفتگو ڪندي هئي. ادي خيرو هڪ ڌڪ ۾ حساب برابر. ٻنهي جي انداز گفتگو ۾ پنهنجائپ حجت ۽ محبت هوندي هئي ۽ منهنجي خوشقسمتي جو ٻنهي جي محبت ۽ پنهنجائپ ملي ۽ بقول ادي ليليٰ جي ته ”تنوير اسان ٻنهي جي وچ ۾ واڌوءَ جو نشان آهي. جنهن اسان جي محبتن کي وڌايو آهي.“

ڪامن روم ۾ ڪافي مرد استاد به باقاعدگيءَ سان ايندا هئا، جن ۾ غلام حسين خاصخيلي، رشيد انصاري ۽ ظفر حسن سيد پڻ هوندا هئا.

ادا ظفر حسن جڏهن به ڪامن روم ۾ ايندو هو ته هڪ مشن ۽ هڪ مقصد سان هر ڀيري ڪونه ڪو اسائمينٽ کڻي. هڪ ڀيري عالمي ادب لاءِ ڪهاڻيون ڏنائين ته ترجمو ڪري لکي ٺاهي ڏيو. ٻئي ڀيري سماجي سائنس لاءِ مضمون لکرايائين هڪ ڀيري ”ڌرتيءَ“ لاءِ مطلب ته نهايت بامقصد ڪارج لاءِ اڪثر سندس اچڻ ڪامن روم ۾ ٿيندو هو.

انهيءَ دور ۾ (نبي بخش بلوچ صاحب جن جو زمانو) ڊاڪٽر فيروز جي اپائنٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي سوشالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي. هو به اڪثر ڪامن روم ۾ ادي ليليٰ ۽ ادي خيروءَ سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. ڇاڪاڻ ته ٻئي ڳالهين جون ڳهير هيون. هر موضوع تي نهايت سهڻي گفتگو ڪري وٺنديون هيون. ۽ پوءِ ڊاڪٽر فيروز انهيءَ ونگ جي استادن کي ”ريسرچ ميٿڊلاجي“ جي موضوع تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو. طريقه ڪار ڪجهه هن ريت هو جو هر استاد کي عنوان ڏيندو هو. ان موضوع تي استاد پيپر لکي ايندا هئا ۽ پيپر پڙهندا هئا ۽ پوءِ بحث مباحثو ۽ ڊاڪٽر فيروز جو ليڪچر ٿيندو هو.

ڊاڪٽر فيروز هڪ بين الاقوامي شهرت جو مالڪ استاد هو ۽ سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪرڻ هن جو ملڪ سان محبت جو اهڃاڻ هو. پر شايد اسان وٽ اهڙن ماڻهن جو قدر ڪونهي. ڊاڪٽر صاحب کي پيپر پڙهڻ لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻو هو. پر اسان جي يونيورسٽي کين اجازت نه ڏني ۽ هو دل شڪستو ٿي هتان هليو ويو.

سڄو پنڊال هيسجي خاموش ٿي ويو. مهتاب شاهه اٿيو خيروءَ جي مٿي تي هٿ رکي ڳراٽڙي پائي کيس پنهنجي ڀرسان ويهاريو ۽ پوءِ ماڻهن ڏٺو ته هوءِ ڪيتري دير تائين اتي سڏ ڪندي رهي!

ڊاڪٽر فيروز جي وفات کان پوءِ سندس جمع پونجيءَ مان ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن وارو شعبو پڻ تعمير ڪرايو ويو.

شيخ اياز واري دور ۾ شيخ صاحب يونيورسٽي وزٽ ڪرڻ آيو ۽ مٿي اسان جي ڪامن روم ۾ به آيو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ڪو ڪمينٽ ڪونه ڪيائين. ٻئي ڏينهن ڏسون ته پي. ڊي آفيس مان انجنيئر اچي لٿا، ڪمري جون ماپون وٺڻ لڳا ۽ پوءِ هفتي ڏيڍ ۾ ڪمري جي ”ڦودني ئي ڦري وئي.“ سڄو ڪمرو پينٽ ٿيو، ڪارپيٽ ميچنگ، پڙدا سينٿيٽڪ، ريگزين وارا صوفا سيٽ، چانهن لاءِ الڳ ٽيبل، هڪ اسٽڊي ٽيبل جنهن تي اڪثر ڪلثوم پٺاڻ پنهنجو ڪم ڪندي هئي. سامان رکڻ لاءِ ٽي چارڪبينيٽس ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ عدد ڊريسنگ ٽيبل به، ۽ بقول شيخ اياز جي ته ”عورتن جي ڪمري ۾ ڊريسنگ ٽيبل ضروري آهي.“

نه رڳو ايترو پر هڪ عدد پٽيوالو محسن شاهه به ڪامن روم کي ڏنو ويو ته ”ليڊي ٽيچرس جي ڊڪ ڊوڙ ۽ ڪم ڪار واسطي هڪ ماڻهو هجي.“ ۽ الله لڳ ڳالهه ڪجي ته محسن شاهه جيتري سچائي ۽ وفا ٻين ۾ ڪونه نظر ايندي. نه رڳو ڪامن روم پر اسان جي گهرو معاملن ۾ به اڃا سوڌو معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ رب پاڪ کيس رتبي ۽ عزت سان به نوازيو آهي. سو خيرالنساءِ جعفري جيڪا ڪامن روم جي وڏڙي هئي ان جي ته تمام گهڻي عزت ڪندو آهي.

شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو ته يونيورسٽيءَ ۾ بي انتها رنگا رنگي اچي ويئي. ادبي ميڙاڪا، گڏجاڻيون، موسيقيءَ جا پروگرام ڪيترن ئي قلمڪارن کي نوڪريون ڏنيون ويون. ۽ ڪيترن استادن کي اها ڳالهه نه به پئي وڻي ۽ انهن پروگرامن ۾ به قلمڪارن کي توجه ۽ ڌيان ملندو هو. ليليٰ بانا، خيرالنساءِ جعفري ۽ تنوير جوڻيجو هر جاءِ تي اسان کي ڪوٺ ملندي هئي ۽ اسان به هر جاءِ تي ”حق موجود! سدا موجود“-هونديون هيوسين ۽ پوءِ اسڪالرشپس (سي. او.ٽي) آيون شيخ صاحب اسان ٽنهي جي نامينيشن ڪئي پر شرط اهو هو ته ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملڻ گهرجي. ادي ليليٰ انهيءَ سلسلي ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ڪيل (Keel) يونيورسٽي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ۽ هميشه لاءِ گهر وسائي آباد ٿي وئي.

ڊاڪٽر فيروز طبيعت ۾ سادو کلمک، شلوار قميض ۾ ملبوس رهندڙ شخصيت، سياري جي موسم ۾ پٺاڻن واري گرم ٽوپي پهريندو هو ۽ شڪل شبيهه ۾ وڻندڙ هوندو هو، آغا خاني هو انڪري ادي ليليٰ ۽ اديءَ خيروءَ سان ڪافي ويجهو محسوس ٿيندو هو. اهو ڏينهن نه رڳو مون کي پر ٻين کي چڱيءَ ريت ياد هوندو. آرٽس فيڪلٽي جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ڊاڪٽر جي وفات تي تعزيتي ريفرنس ٿي رهيو هو. مقرر ڊاڪٽر صاحب بابت تقريرون ڪري رهيا هئا. اوچتو خيرالنساءِ هال ۾ داخل ٿي اڳيان اچي ويٺي ۽ پوءِ جذباتي ٿي هڪ مقرر کي ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيائين ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ڊاڪٽر فيروز جيئرو آهي، تون هروڀرو پيو ان کي مارين.“

جڏهن ته مان ۽ ادي خيرو رهجي وياسين، شيخ اياز جي دور ۾ هڪ طرف يونيورسٽيءَ جي هار سينگار تي ڌيان ڏنو ويو ٻئي طرف علم وارن پڙهيل لکيل ماڻهن لاءِ به دروازا کوليا ويا. ”مارئي هاسٽل“ به شيخ اياز جي دور ۾ پنهنجو روپ مٽايو ساوڪ سبزي وڻ ٽڻ گل ٻوٽا نئون سامان ڪارپيٽ پڙدا مطلب ته ٻاهر جي ڪا هاسٽل لڳندي هئي. ان دور ۾ نفسيات واري شعبي ۾ ڊاڪٽر مهڪري جي به مقرري ٿي، ڊاڪٽر مهڪري حزب الله ميمڻ ۽ خيرالنساءِ جي دوستي عروج تي هئي. جيئن ته ادي خيروءَ کي ڳالهائڻ جو ڏانءُ هوندو هو انڪري هرڪو دلچسپي سان سندس ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ ادي خيروءَ ٻئي ماڻهوءَ جي اندر جو احوال به ڪڍي وٺندي هئي. غلام رباني آگرو صاحب اسان جو پرو- وائيس چانسلر هو. پر خيروءَ سان ڪافي ويجهڙائپ رهيس ۽ خيرو جهڙوڪر سندس گهر ڀاتي هجي. سندس سموري فيملي کيس بي انتها ڀائيندي هئي.

ان دور ۾ ڊاڪٽر مهڪري به سڀني استادن کي ليڪچر ڏيندو هو، سندس ڳالهائڻ جو انداز نهايت مٺو نهايت سادو ۽ وڻندڙ هو. دل ۾ بيٽري لڳل هئس- پيرسن استاد هو. ڪراچيءَ کان ايندو هو- حزب الله ميمڻ سندس ڪافي خيال رکندو هو. حزب الله ميمڻ جي آفيس ڪامن روم جي ڀر ۾ هوندي هئي. نهايت نفيس مزاج جو ماڻهو هو ڪتاب، قلم، ڊيڪوريشن پيسز سان بيحد دلچسپي هوندي هئس. هڪ ڀيري سندس ٽيبل تي ڪاٺ جي پيتي رکيل ڏٺم. جنهن تي ڪارِونگ (اڪر) جو سهڻو ڪم ٿيل هو. ”ادي خيرو پيتي ڏاڍي سٺي آهي.“

اديءَ خيروءَ نه ڪئي هم نه تم ۽ اها پيتي کڻي مون کي ڏنائين ”کڻ کڻ“ ۽ پوءِ رڙ ڪري حزب الله کي چيائين ”حزب الله پيتي تنوير کي ٿي ڏيان.“ ۽ اها پيتي مون کڻي ورتي. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي مهاجر فساد ٿيا. حزب الله جي لائبريريءَ کي ساڙيو ويو. حزب الله اهي ماڻهو ٻڌرايا ۽ پوءِ انهيءَ لساني تنظيم جي ماڻهن وري اچي حزب الله تي فائرنگ ڪئي ۽ حزب الله کي شهيد ڪري ڇڏيو، ۽ اڄ اها ڪاٺ واري باڪس مون لاءِ تاريخ جو اهم ورق آهي.

اردو ادب سان کيس بي پناهه دلچسپي هئي پر ان کان سواءِ کيس موسيقيءَ سان به بي پناهه پيار هو جنهن زماني ۾ وي سي آر آئي ته پهرين وي سي آر خيروءَ ورتي. ڊش آيو  ته پهرين خيروءَ ورتو، مون کي ياد آهي هڪ ريئلٽي شو ”سونونگم“ پيش ڪندو هو. اڪثر ادي خيرو چوندي هئي ”ڇا ته ڇورو سهڻو آهي ڇا ته سريلو آواز اٿس.“

ان وقت سونو اڃا پهريون وکون کڻي رهيو هو ۽ پوءِ ماڻهن ڏٺو ته واقعي ڪهڙي مقام تي پهتو!

اسان جي ڪامن روم ۾ جيڪي به خواتين هيون. گڻن واريون، اسان جي فخرالنساءِ ٽالپر جنهن کي به قدرت واري سريلي آواز جي نعمت عطا ڪئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ادي خيرو، فخروءَ کان فرمائش تي نيره نور ۽ لتا جا ڪلام ٻڌندي هئي. خود ادي خيروءَ جي گلي ۾ به قدرت واري درد ۽ سوز ڀريو هو، ٻه ڪلام اڪثر ڪري ڳائيندي هئي هڪ سرائڪي ڪلام ”رانجهي دي نال ملنسان“ ۽ ٻيو مائي ڀاڳيءَ جو ”کڻي آيا کوهه تان“. ڪامن روم ۾ جيڪي به خواتين هيون نهايت سگهڙ سليقي واريون سوشل ۽ اسان اڪثر ڪري هڪٻئي جون گهرن ۾ به دعوتون ڪندا هئاسين.

 

يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ ته هوءَ ”جيجي“ هئي جتان لنگهندي هئي اڳتي وڌي سندس پيرن تي هٿ رکي، هٿ ملائي اڳتي وڌندا هئا.

ادي ليليٰ ان وقت مبارڪ ڪالونيءَ ۾ نئون بنگلو جوڙايو هو. مبارڪ ڪالوني جي سونهن ۽ خوبصورتي ڏسڻ وٽان آهي. صاف سٿرا رستا وڻ ٽڻ گل و گلزار ۽ صفائي سٿرائي. ادي ليليٰ جو گهر به ڏسڻ وٽان هو، هڪ پاسي کان گيٽ ٽپندي باغ ان اڳيان ورانڊو جنهن ۾ پينگهو لڳل، در ٽپي اڳيان، وچ ۾ ڪاريڊور جنهن جي ٻنهي پاسن بيڊرومس اڳيان لائونج اتان سيڙهيون چڙهي مٿي لائونج ۾ داخل ٿبو هو اتي هڪ ڪمرو ادي ليليٰ جو هوندو هو. هڪ امداد بانا (ادي ليليٰ جو ڀاءُ) جو . ادي ليليٰ جو ڪمرو نهايت رومينٽڪ اڇي رنگ جو فرنيچر سنهڙا ليس وارا پڙدا مطلب ته فلمي ڪمرو. لائونج پويان ڊرائنگ ۽ ڊائننگ روم، ڊرائنگ روم مڪمل سنڌي ثقافت جي نمائندگي ڪندڙ جڏهن ته ڊائننگ روم ۾ وڪٽورين ٽائيپ فرنيچر هوندو هو. انهيءَ خوبصورت گهر ۾ ادي ليليٰ مينگو پارٽي ڪندي هئي. ۽ ادي خيرو سان گڏ اوڏانهين ويندي هئس.

 

ڪامن روم ۾ خيرالنساءِ وٽ نه رڳو اديب ۽ استاد ايندا هئا پر شاگرد به علمي مامرا سمجهڻ ايندا هئا. ۽ اڪثر اتي ڀرسان ويهاري کين ليڪچر به ڏيندي هئي ته سمجهائيندي به هئي. نذر سومرو به انهن مان هڪ اڇڙو سهڻو قدآور عينڪ سان نوجوان هو. اڪثر ڪتاب کڻي ايندو هو ۽ خيرو کيس ويٺي ليڪچر ڏيندي هئي. سيلف ميڊ نوجوان هو ڪا ننڍي وڏي نوڪري ڪري گهر به سنڀاليندو هو ته علم به پرائيندو هو. پنهنجي هوشيارپ باعث نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو.

آپا فرحت سلطانه نقوي، شعبه نفسيات جو ٽيون ٿنڀ ۽ اها به حقيقت آهي ته ادي خيروءَ جي آپا فرحت سان بي انتها دل هئي ۽ نهايت سچائيءَ سان کيس ڀائيندي هئي. فرحت جو ڪٽنب هيرآباد جي هڪ گهر ۾ (پر نه ٻن گڏيل گهرن ۾) رهائش پذير هو. گهر مٿان ۽ ڪمرن ۾ لڳل ڪٻٽن جي شيشن تي پراڻن مڪينن جا نالا درج هئا. هڪ وچولو عزتدار ۽ وضع دار ڪٽنب هو. هڪ ڀاءُ بينڪ آفيسر ۽ ڀيڻ اسڪول ٽيچر هئي. سندس ماءُ غرارو پائيندي هئي. پاندان رکندي هئي. نهايت قربائتي خاتون هئي. ۽ اديءَ خيروءُ جي دوست هئي. اڪثر ادي خيرو سندن گهر ويندي هئي. حضرت عليؓ جو شيدائي خاندان هو. فرحت به ڪڏهن ڪڏهن دعوت ڪندي هئي. سندس ماءُ جي هٿ جو ڀُڳل قيمو ۽ پراٺا مون ڪٿي ڪونه کاڌا. مگر فرحت کي پڙهائي جو بي پناهه شوق هو پي. ايڇ. ڊي جو ڪم پئي ڪندي هئي. هرنيا جو مسئلو ٿيس ۽ اهو سوچي آپريشن لاءِ تيار ٿي ته موڪل وٺنديس ۽ انهيءَ دوران پي. ايڇ. ڊيءَ جو به ڪم ڪري وٺنديس. پر قدرت کي جيڪو منظور اينٿيزيا اهڙي ڏنئونس جو وري نه اٿي ۽ جوانيءَ ۾ اسان کان وڇڙي وئي! اهو صدمو به خيروءَ لاءِ وڏو هو. جو ليليٰ کان پوءِ نمبر ٻي تي، فرحت سندس دوست هئي يا وري نمبر پهرين تي فرحت هئي!

ادي خيروءَ جو گهر ٽنڊو ولي محمد ۾ واقع هو، يونيورسٽي واري بس ۾ چڙهندي هئس، سول اسپتال واري ڪنڊ تي، جتي سامهون ڪامران ٽي اسٽور آهي اتان روڊ ڏئي سيلاٽن جي پاڙي ۾ ايندي هيس ٿاڻي جي ڀرسان، سامهون جماعت خاني واري پاسي هڪ رستو هوندو هو جيڪو فوڊ ڪورٽ ۽ شاپنگ اسٽريٽ هوندو هو، اتي ”عنايت ميڊيڪل اسٽور“ جو بورڊ لڳل هوندو هو ۽ ان ميڊيڪل اسٽور اڳيان هڪ ڪنڊائتي گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندي هيس. اها گهٽي وڏين ٻن گهٽين کي ڪراس ڪندي هئي ته ”شيرين منزل“ اچي ويندي هئي. گلابي رنگ جي عمارت هئي ڊگهي ۽ اوچي، هيٺ ٻئي پاسي دڪان ۽ گيراج هوندي هئي. چاڙهين تي چڙهبو هو ته دڪانن ۽ گيراج تي هڪ وڏو ڪمرو هو، جيڪو خيروءَ جي بابا پروفيسر احمد علي خواجه جي لائبريري آفيس، اوطاق ۽ بيڊروم هو. ان کان ٿورو مٿي خيروءَ جو گهر هو. در اڳيان خيروءَ جو بورچيخانو  جنهن ٻاهر ورانڊي جي اوون لڳل هوندو هو. ان ڀرسان اوريان ڪنڊ تي ڪپڙن ڌوئڻ وارو غسلخانو. بورچي خاني ڀرسان لڳو لڳ ساڄي هٿ تي خيرالنساءِ جي ماءُ جو ڪمرو جنهن ۾ صندل ۽ نهوار واري ڳاڙهي کٽ هوندي هئي. ان ڪمري ڀرسان خيرالنساءِ جو ڊرائنگ روم هو جنهن ۾ ان دور جي فيشن وارا نيٽ جا صوفا رکيل هئا. پلاسٽڪ جي وڏن پتن وارا گلدان ۽ ٻيا ڊيڪوريشن پيسز رکيل هئا. ڀرسان خيروءَ وارو ڪمرو هو. جنهن ۾ پراڻي دور جو شيشي وارين پينٽگس وارو پينگهو رکيل هو. اڳيان ٽي وي ڀرسان پلنگ، ڀت ۾ شيشي وارو ڪٻٽ جنهن ۾ خوبصورت ٿانوَ ۽ ڊيڪوريشن پيسز رکيل هوندا هئا. ڪمرن اڳيان چوڌاري کليل ورانڊو ۽ پڌر هوندو هو. بورچي خاني اڳيان چاڙهي مٿي خيروءَ جي سلڇڻي سدوري ۽ نرم گفتار ڀاڄائي سلميٰ رهندي هئي. گهر ۾ خيروءَ جي قربائتي ماءُ نج پج سنڌياڻي خاتون ”شيرين“ هوندي هئي. اڪثر خيروءَ کي اهڙي ڇنڊ به پٽيندي هئي جو ٻيو ماڻهو ٿورو منجهي به پوندو هو. ۽ هڪ ٻي شخصيت خيروءَ جو دوست ”ماما حميد“ هي سڄو ڪٽنب مون سان بي پناهه پيار ڪندو هو. خيروءَ جي ماءُ سياري ۾ گجرن، گوگڙن ۽ گوبيءَ جو آچار ٺاهيندي هئي. ۽ مون لاءِ به هڪ برني ٺاهيندي هئي. هڪ ڀيري فرحت اچي نڪتي ۽ فرمائش ڪئي ته ”اماں مجھے بھی آچار دو“ خيروءَ جي ماءُ بي ساختگيءَ سان ٻنهي ٻانهن ۾ کڻي آچار لڪايو. ”نہیں نہیں یہ تو تنویر کے لئے ہے“ خيروءَ جي گهر به اسان ڪامن روم وارين خواتين جون دعوتون ٿينديون هيون، مڇي وارو، سوئا وارو پلاءُ اسپيشلٽي هوندو هو ۽ هڪ ٻي مائي هوندي هئي ان کان پلا پڻ پچرائيندي هئي. جيڪي تريل هوندا هئا مٿان گدامڙيءَ جو مصالحو هوندو هئن.

اڪثر ماڻهن کي مرڻ کان پوءِ مٽ مائٽ، دوست احباب وساري ڇڏيندا آهن. پر خيروءَ جي خوشقسمتي جو هوءَ هر پل هر لمحي ماڻهن کي ياد آهي. جامي چانڊيو هر سال هن تي ڪالم لکي هن کي ڀيٽا ڏئي ٿو. نصير مرزا هن تي ريڊيو پروگرام ڪرائي ٿو، نذير ناز خيروءَ جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪوٺرائي ٿي. سعيده دراني اڪيڊمي آف ليٽرس مان سندس ”شخصيت فن ۽ فڪر“ تي ڪتاب لکرائي ٿي. ۽ هينئر خيرالنساءِ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گلبدن جاويد جي ڪاوش اوهان جي هٿن ۾ آهي.

ڊاڪٽر يامين ميمڻ جي ذهين ۽ هوشيار نياڻيءَ سان شادي ڪئي جيڪا پڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر هئي. ۽ ٻئي اسڪالرشپ وٺي انگلينڊ ويا. نذر ماسٽرس جي ڊگري وٺي واپس آيو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي رتبي تي پهتو ۽ وري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري لاءِ لنڊن اسهيو. پر جيڪو قدرت کي منظور، پي. ايڇ ڊي کيس ملي. پر برين ٽيومر سندس زندگي کسي ورتي ۽ سندس مڙهه هت پهتو.

 

خيرالنساءِ جعفري جي حوالي سان گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته هوءَ في سبيل الله Consultancy پڻ ڪندي هئي. الاهي مرد توڙي خواتين خير النساءِ جي گهر ايندا هئا، پنهنجا ڏک سک ۽ مسئلا خيروءَ سان شيئر ڪندا هئا، خيرو نه رڳو سندن خدمت چاڪري ڪندي هئي، پر مشورا ۽ صلاحون به ڏيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيترن نوجوانن کي قرض يا مالي معامرن لاءِ ضمانت به لکت ۾ ڏيندي هئي. ۽ آءٌ اڪثر رڙ ڪري چوندي هيس. ”ادي خيرو ڇا پئي ڪرين؟ ڦاسين نه“ پر هن مست ملنگ کي ان جي ڪابه ڳڻتي نه هوندي هئي.

۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته خيرالنساءِ محبتن جي معاملي ۾ نهايت  خوش نصيب هئي اوڙي پاڙي جا هر عمري گروهه، هر جنس توڙي جو ٽئين جنس جا ماڻهو کيس بي انتها پيار ڪندا هئا. ”گڏي گڏي“ چوندي نه ٿڪجندا هئا. اديب ۽ سنڌ يونيورسٽي جي استادن لاءِ ادي خيرو، ادي ۽ ڀيڻ هئي ساڻس کل ڀوڳ ۽ چرچو به ڪندا هئا ته جوابي حملا به کلندي انجواءِ ڪندا هئا. ۽ هرڪو اها ڪيفيت رکندو هو ته ادي خيرو فقط سندن دوست آهي. ادا عبدالجبار جوڻيجو سندس ڳوٺائي هجي يا وري ٿر جو پروفيسر الله وسايو راڄڙ، يا وري ڪنڊياري جو باٽنيءَ جو پروفيسر بشير جنڙ.

هڪ ڀيري بشير جنڙ چونڊن ۾ بيٺو. اتفاقاً جتان لنگهون سامهون اچي ٽڪراءُ ٿئي اليڪشن جي روايت پٽاندر ٻانهون ٻڌي ووٽ لاءِ پارت ڪري. اديءَ خيروءَ کي به سُجهي شرارت، جتي بشير جنڙ کي ڏسي، رئي سان گهونگهٽ ڍاري منهن لڪائي ڇڏي. پوءِ بشير ٽهڪ ڏئي ڪنن تي هٿ رکيا ته: ”هاڻ اوهان کي تنگ ڪونه ڪندس“.

خواتين جو عالم اهو هو جو هر خاتون چاهي ان جو تعلق يونيورسٽيءَ سان هجي يا پاڙي سان نوجوان هجي يا عمر رسيده، پڙهيل هجي يا ڪم ڪندڙ اڻ پڙهيل پورهيت، افروز، نذير ناز، ادي زرينه بلوچ، مهتاب چنه، سعيده بشير، گلبدن جاويد مطلب ته سڀ کيس تمام گهڻو پنهنجو سمجهنديون هيون.

نه رڳو اهو پر سنڌ جون قدآور ۽ عظيم هستيون به کيس ڀائينديون هيون ۽ سندس ڳالهيون ڌيان سان ٻڌنديون هيون، سائين غلام مصطفيٰ شاهه هجي يا پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز عارباڻي. سائين شيخ اياز هجي يا وري سائين مظهر الحق صديقي صاحب يا وري مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مظفر حسين شاهه!

خيرالنساءِ جعفري زنده آهي، زنده رهندي. سندس لکڻيون ڳالهيون ماڻهن کي هميشه ياد رهنديون!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com