سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :10

تخليق جو موت

هميشه جيان هينئر به عيد آئي ۽ گذري وئي. دستور موجب هن عيد تي به صوفن ۽ ڪشن جا ڪورَ بدليا هئا، قالين کي ڇنڊڪو لڳو هو. بتيون ڇنڊيون هيون، پردا مٽيا هئا ۽ رڌڻي ۾ سڳداسي چانورن جي هٻڪار ٻهڪي هئي.

هستيءَ جون اهي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ڏاڍيون ويساهه جوڳيون آهن، جو هميشه ورجائبيون آيون آهن ۽ ورجائبيون رهبيون.

ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون، هلڪيون سلڪيون يادون، مٺڙيون موسمون، پيارا دستور ۽ سٺيون رسمون، ڪيڏيون نه ويساهه جوڳيون آهن. اهي شيون، باقي بي ويساهه ڪير آهي ته ساهه جي تند، جا ٽٽندي ويرم ئي نٿي لائي!

سو هن عيد تي به هر ڪم ائين ٿيو هو جيئن هميشه ٿيندو آهي. باقي ناهي ڪير ته عزيز!

عزيز منهنجو دوست هو. دوست به هينئر ٿي چوانس جو آءٌ به ٻين وانگيان مئلن جي پڄاري آهيان. باقي اکين اڳيان هوندو هو ته دشمن ڪري ليکندي هئي مانس! ان کان پوءِ منهنجي ۽ عزيز جي وچ ۾ ٻيو به رشتو هو. اهو هي ته عزيز منهنجي ماءُ جي ماءُ جو پٽ ۽ منهنجي ناني جو همشڪل هو. ان مان ثابت ٿيو ته هو منهنجو مامو به هو، پر خير مامو منهنجو ان ڪري هو، جو هو منهنجي ناني ۽ نانيءَ جو پٽ هو باقي سچ پچ هو منهنجو دوست هو.

عزيز کي عزيز ڪري هاڻي ٿي سڏيان جو منهنجي اکين اڳيان ناهي. باقي سامهون هوندو هو ته هميشه ”يزيد“ ڪري ڪوٺيندي هئي مانس، جو هميشه پيو اکين ۾ اٽڪندو هوم.

سندس عمر اڄ کان هڪ سال پهرين ايتري هئي جيتري هينئر منهنجي ۽ منهنجي عمر تڏهن پورا پنجويهه سال هئي. اسان ٻنهي جون عمريون ساڳيون ئي هيون. ڄڻ ٻئي هڪ جيڏا هڪ جيان ۽ هڪ جهڙا هئاسين. باقي فرق ڪو هو ته حالتن ۾.

انگريزي محاوري مطابق عزيز به ”وات ۾ سونو چمچو“ ساڻ ڪري ڄائو هو ۽ مان به، پر مون کي اتفاق سان حالتن ساٿ ڏنو سو منهنجو ’چمچو‘ قائم رهيو، باقي عزيز جو ’چمچو‘ ڇڏائجي ويو. تڏهن، جڏهن عزيز اڃا پنڌ ڪندڙ مس هو. اسان جو نانو مئو ته عزيز به ڏتڙجي ويو.  سکيو کائي نپنو. هميشه هاسٽل ۾ رهيو ۽ ڌڪا ٿاٻا کائي پڙهيو. سو ننڍي وهيءَ ۾ جو چمچو جهلڻ ڏانءَ نه آيس ته وڏو ٿي به عزيز پنهنجيءَ پر ۾ اهو سونو چمچو وري ڪڏهن نه سنڀريو.

اسان ٻئي تعليمي ميدان ۾ گڏ گڏ هلياسين. مئٽرڪ کان وٺي ايم-اي تائين. عزيز هميشه پرائيوٽ ئي پڙهيو، جو اسي رپين جي ماستري ماڻڻ ۽ نڀائڻ به ڪو چرچو ته ڪونه هو نه؟ ۽ جڏهن ايم-اي ڪئي سين تڏهن هيڪر وري اڪيلي سر سوا ٻن سو رپين جي نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سو جيئڻ ڪاڻ عزيز به وسان ڪين گهٽايو هو، ۽ تڏهن مان به ساڍن چئن سون جي ماستري وٺڻ ۾ کٽي وئي هئس کانئس.

عزيز رهندو ته ڳوٺ جي هاسٽل ۾ هو، پر نظر ايندو هو هميشه حيدرآباد ۾. کنڊ جو جهاز جيڪر ٻڏيم ها ته به ايترو رنج ڪونه محسوس ڪريان ها، جيترو عزيز کي ڏسي رنجبي هئس دل ۾.

جڏهن به در پٽ، سامهون عزيز ته هوندو ئي هوندو هو. ڪڏهن ٻارن جا يونيفارم ٺهرائڻ جا سبب ٻڌائيندو هو. پر منهنجي ذاتي خيال هو ته انهن سڀني شين کان سواءِ اهم سبب جيڪو کيس ٻئي ٽئي ڏينهن سفر جا سور سهڻ لاءِ آڀاريندو هو، اهو هو سندس پڪچر ڏسڻ جو شوق.

آءٌ کيس ايندو ڏسي فوراً وڃي لڳندي هئس پنهنجي ڪرت کي. جلدي جلدي فرج کي تالو ڏيئي چاٻي وڃي رکندي هئس وهاڻي هيٺ. پوءِ باٿ روم ۾ وڃي ڪٻٽ مان صابڻ، تيل، ڦڻي پيسٽ، ٽوال ۽ اهڙيون ٻيون شيون ڪڍي انهن جي جاءِ تي ڪو ’هالو چالو‘ سامان رکي ڇڏيندي هئس. اهو سامان به سندس محبت ماري ڪانه رکندي هئس، پر ان لاءِ جو سري کان ماڳهين ڪا شيءَ نه ڏسندو ته پڪ ڄاڻندو هو ته اهي شيون مون ئي کڻي ڪٿي گول ڪيون آهن پوءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح اک بچائي منهنجي روم مان اهي شيون تڳاڙي وٺندو هو. منهنجي ڪا هروڀرو ساڻس دشمني صرف دشمنيءَ ڪاڻ ڪانه هئي، پر سندس افعال ئي اهڙا چٻا، چٿا هوندا هئا. اهڙو سڌاترو، جو صابڻ کنئين ته سڄي چڪي پيرن تي ئي لائيندو هو. چئن ماڻهن جي پيسٽ هڪ ئي وقت پوري ڪندو هو. تيل جي تيسين جند نه ڇڏيندو جيسين وڃي باقاعدي ان ۾ ٽٻي نه ڏي.

منهنجو خيال هو ته، عزيز اڳوپوءِ حيدرآباد ۾ ئي اچي پاڻ کي ٺاهيندو جوڙيندو آهي باقي جيترا ڏينهن ڳوٺ هجي اوترا ڏينهن اتي اها خجل ڪري ئي ڪانه. سو مون کي ايندي هئي سندس انهن ڳالهين تي مٺيان هڪڙ به ته اهڙو ئي هو جو پري کان ئي ايندو ته واڪڙ واڪڙ ڪيون ايندو. هلڻ مهل بوٽ جون کڙيون ايڏو ته زور سان وڄائيندو هو جو اڌ ميل تان سندس اچڻ جو اعلان ٿيڻ لڳندو هو.

ڪتابن ۾ منهنجي ۽ عزيز جي ٽيسٽ خاصي ملندڙ هئي هميشه ڳوٺ وڃڻ کان اڌ ڪلاڪ پهرين منهنجي اڳيان اڳيان ڦرندو هو. چئي، ”فلاڻو ڪتاب ڏي، ريل ۾ پڙهندو ويندس. وري ياد ڪري کڻي ايندس.“

مانيءَ جي ميز تي مجال آهي جو ڪير ماني کائي ساڻس پيٽ ڀري! چڱي خاصي ميز جي روماني ماحول تي، چڪڙ چڪڙ جي آواز سان، پاڻي ڦيري ڇڏيندو هو.

سندس انهيءَ بي تالي روش ڪري گهر جي باقي ماڻهن جي عام طور ۽ منهنجي ساڻس خاص طور ڪانه بڻندي هئي. سانت سان ته ڪڏهن ويٺو ئي نه. اٻهرو ٿي ڪڏهن هن شيءِ ۾ هٿ وجهندو هو ته ڪڏهن هن شيءِ ۾.

هيڏانهن هوڏانهن ڏسي گهڙندو هو ڊرائنگ روم ۾. صوفه تان ڪشن کڻي رکندو هو سيرانديءَ هيٺ. ڳوٺان آندل بوٽ ۾ گپ جا گارا اچي رڱائيندو هو قالين تي. پوءِ سرو رکندو هو پٽ تي ۽ پگهرهاڻا پير وري صوفه تي. ماني کائي هٿ ته ڪڏهن ٽوال سان اگهيئين ڪانه، ڀائيندو هو ته ڀتيون ۽ پردا آخر ڇا جي ڪاڻ آهن. آءٌ سندس انهن بي ڍنگين تي ويهه دفعا ٽوڪي به چڪي هونديس، پر کيس ڪو اثر ئي نه ٿيندو هو. هميشه الي ويندو هو. چئي، ”ثبوت ڪهڙو آهي ته اهي ڀت تي لڳل لينگها، گادين تي تيل جا ڌٻا ۽ ڪورن تي پيرن جا نشان منهنجا ئي آهن؟“

پوءِ ته مان هوندي هئس موقعي جي تلاش ۾ ته ڪيئن کيس سڳ سوڌو پڪڙي لڄي ڪريان. جو آئيندي گهٽ ۾ گهٽ ان ريت لڪ ڪرڻ ته ڇڏي ڏي.

سو هڪ دفعو کيس موقعي تي جهليو به هئم. سندس پان هاڻن، هٿن ۽ ڀت تي لڳل تازن لينگهن جا فنگر پرنٽس ملائي بطور عيني شاهد، اميءَ کي وٺي آئي هئس جاءِ واردات تي ثبوت ثابت ٿي وڃڻ کان پوءِ سڌيءَ طرح امان کي ۽ اڻ سڌيءَ طرح کيس نوٽيس ڏيندي چيو هئم، ”امي، جي آئيندي ان ريت، ڪريت ڪئي وئي ته مان ڪيس سڌو ريفر ڪنديس سپريم ڪورٽ ۾ بابي جي اڳيون....“ امان کي خبر هئي، اول ته بابو منهنجو ڪيڏو مان رکندو آهي ٻيو ته بابي وانگيان منهنجي وات تي به گهڙو مٽ ناهي، سو جي اهي خبرون ويون بابي جي ڪن، ته اوڏي جو اوڏي مهل ٿڏي تي ئي کيس ’جائو‘ ڪرائيندو. سو ان ڊپ کان امان، ايڏا سخت ڳالهو ڏنا عزيز کي جو غريب سمجهي نه سگهيو هو ته ڀيڻس ۾ اها ناگوار تبديلي ڪا گرفتاريءَ کان پهرين جي احتياط ۾ Beil Before Arrest ’ضمانت‘ طور آيل آهي. ڪتابن ۾ منهنجي ۽ عزيز جي ٽيسٽ خاصي ملندڙ هئي هميشه ڳوٺ وڃڻ کان اڌ ڪلاڪ پهرين منهنجي اڳيان اڳيان ڦرندو هو. چئي، ”فلاڻو ڪتاب ڏي، ريل ۾ پڙهندو ويندس. وري ياد ڪري کڻي ايندس.“ آءٌ ظاهر آهي ته ٺپ جواب ڏيندي هئي سانس. پوءِ عزيز هڪڙيءَ تي آءٌ ٻيءَ تي. جيسين وڃي ڳالهه پهچندي هئي امان جي ڪن. ڪڏهن عزيز کي ڳالهائڻ پوندا هئا ڪڏهن مون کي.

پر گهڻو ڪري امان پاڻ وچ ۾ پئي ڪتاب وٺرائي ڏيندي هئس، ان وعدي تي ته ڪتاب هيترن ڏينهن ۾ ڪيتري حفاظت سان واپس ڪيو ويندو پر جيڪڏهن منهنجو ڪو ڪتاب گم ٿيو ته مون کي پڪ هوندي هئي. ”مڃين نه مڃين ڪتاب ضرور عزيز جو کنيل آهي.“ پوءِ آءٌ سندرو ٻڌي ساڻس وڙهڻ جا سانڀاها ڪندي هئس. هتان اڃان منهن ڪڍندو ئي مس هو ته آءٌ به وٺي ويندي هئي سانس هڪ ئي ساه ۾. ”يزيد ڪتاب آندءِ“ پڇندو هو، ”ڪهڙو ڪتاب؟“ اهو جيڪو ان ڏينهن کڻي وئين.“ بغير ڏٺي منهنجي لهجي ۾ هروڀرو جو اعتماد هوندو هو.

ان ڳالهه تي عزيز کڻندو هو قسم. چئي، ”امڙ سنڌو جو سنهن:“ پر آءٌ ڳالهه ڪاٽيندي هئي سانس وچ مان، ”مڃين نه مڃين ڪتاب تنهنجو ئي کنيل آهي.“ چوندو هو، ”موليٰ علي جو.....“ پر منهنجو آرڊر صفائي کان پهرين ئي اشو ٿي ويندو هو، ”وري اچين ته ڪتاب کنيو اچجانءِ. نه ته منهنجي طرفان پنهنجي عزت هيٺ مٿي ڀانئج.... ٻڌئي..... عزت اڳ ۾ ئي پوري سوري اٿئي.... جي اها به هلي ويئي ته..... ڌمڪيون ٻڌي ٻيهر قسمن جو سلسلو چالو ڪندو هو. چئي، ”حضرت عباس جو سنهن مون کي ناهي خبر.“ پر سندس انهن قسمن تي تيسين اعتبار ڪانه ڪندي هئس جيسين وڃين ساڳيو ڪتاب پنهنجي ڪنهن وهاڻي يا صوفه هيٺان نه ڪڍان، پوءِ ان لڌل ڪتاب کي ان ريت لڪائي ڇڏيندي هئس جو عزيز جي اک نه چڙهي، ان احتياط کان ته جي آئينده سچي پچي ڪو ڪتاب کڻي به ويو ته کيس ان رعب سان دٻائي نه سگهبو. تن ڏينهين اسين رهندا هئاسين پنهنجي پراڻي جاءِ ۾، جنهن جا چار روم ڇڪي تاڻي اسان کي ئي پورا مس ٿيندا هئا. بابو ۽ الطاف (منهنجو ڀاءُ) آهن هميشه جا خلوتي، سو نه هي ڪنهن جي حد دخلي ڪن ۽ نه ڪو ٻيوئي هنن جي ڪمري ۾ وڃڻ جي همت يا حجت ساري. باقي ٿيس آءٌ ۽ امان، سو عزيز ايندو هو ته گهڻو ڪري امان جي ئي روم ۾ گذاريندو هو. ڏينهن جو سوڙهو سنگهڙو ٿي ويهاڻو چٻو ڪري ليٽيو پيو هوندو هو پينگهي ۾، ۽ رات جو سمهندو هو سندس جي کٽ تي. جيتريون راتيون عزيز اسان وٽ هوندو هو اهي مڙيئي راتيون امي پٽ تي سمهندي هئي. ۽ مون کي ڏسي ان ڳالهه تي وٺندي هئي باه، هوءَ ته مون کي ڏسي ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڏينهن ۾ هڪ دفعو ضرور چوندي هئي، ”پٽ تي ڪڏهن ڪڏهن سمهڻ به ڏاڍو مزي وارو ٿيندو آهي.“ پر مون کي خبر هئي ته پٽ تي سمهڻ ڪيتري قدر مزي وارو ٿيندو آهي خاص ڪري پيريءَ واري هڏ سان.

”آخر امان، تون منهن ڪؤڙو ڪري چوينس ڇو نٿي ته تون پٽ تي سمهين ۽ لاٽ صاحب سمهين کٽ تي.“

هوءَ چوندي هئي، ”مون کان ائين نه ٿيندو. مون کي پٽ تي سمهڻ خراب ڪونه ٿو لڳي، پوءِ هروڀرو.....؟“

امان کي عزيز جون وري ٻيون ڳالهيون ڏکيون لڳنديون هيون. هوندو هو هميشه جو دهريو. ڪندو هو سدائين ابتيون سبتيون ڳالهيون. پاسي کان ويهي فضيلت سان ڪا ڳالهه ڪرڻ ته ڄڻ سکيو ئي نه هو. پاسي کان ويٺل ماڻهونءَ کي ڌڪ هڻي هڻي اصل ايڏو ته کٿ ڪندو هو جو آءٌ کانئس سنجيدگيءَ سان پڇندي هئس، ”عزيز تون ڪٿي اڳئين جنم ۾ بينڊ ماستري ته نه ڪئي آ؟“

هڪ هنڌ ويٺي به ايڏي چرپر ڪندو هو  جو کل کل ۾ صلاحون به ڏيڻ لڳندي هئي مانس، ”بس ڀائي، جي انهن Random Activites کي ٿورو به Arrange ڪرين ته بينڊ ماستر سان گڏ ڊانس ماستر به ٿي سگهين ٿو. پنهنجي خاندان جو منهن مٿي ڪندين ٻيو ڀلا ٻارن کي پڙهائڻ واري ماستري ۾ رکيو به ڇا هي؟“

سو امان چڙندي هئي سندس ’دهرئي پڻي‘ ۽ ابتي سبتي ڳالهين تي. الله رسول به ته هروڀرو  اکين ۾ اٽڪندا هئس نه.....

هڪ لڱان گهڙيو هو باٿ روم ۾. ڪجهه دير ٿي ته اتان رڙين جي وارو وار لڳائي ڏنئين.... ايڏو ته حشر مچايو هئين جو امي اٽو ڳوٺل وچ ۾ ڇڏي اچي در تي بيٺي هئس. ايڏو بي چين ٿي پڇيئيس، ”ڇا ٿيو عزيز، ڇا؟ ٿيو،“ اندران جواب ڏنائين، ”ڪجهه ڪونه، بس گرمي ٿي لڳيم.“ اميءَ چيس، نالائق، ان تي هيڏيون رڙيون. مون ڀانيو ته ڪو.....!!“

چئي رڙيون ان ڪري ڪيم جو هتي خيال آيم ته جڏهن نئين جاءِ جوڙايو تڏهن باٿ روم ۾ پکا هڻائڻ نه وسارجو، جو گرمي ٿي ٿئي. هتي به جيڪر ٻاهر نڪران ها ته تيتر وڃيم ها وسري.....“

ٻاهر نڪتو ته چيومانس، ”عزيز، تنهنجي فڪر ۽ تدبر جو پرواز باٿ روم کان شروع ٿي وري اتي ئي دم ٽوڙي ڇڏي. واه واه ڇا خيالن جي اُڏام آهي؟“

ان تي عزيز ڏنو هو هڪ وڏو ليڪچر امان جي ئي آڏو. جنهن جو تت ڪجهه ان ريت هو ته Sex کان وٺي Soul تائين سوچ جو پهريون سيمينار باٿ روم ئي آهي. ۽ وضاحت ڪندي ڪي اهڙيون ڳالهيون به چئي ويو هو جو امان ٻه ٻه هٿ ڪري ورتا هئس.

چيو هئينس، ”مئا الله رسول جا تڙيل ڇورا، ڏسين ٿو ڪفر بڪي بڪي منهن جي مڻيائي مري ويئي اٿيئي، تنهنجي گهر ۾ پير رکڻ سان لڇمي ئي نه ايندي ماريا بي لڇڻا.“

ان تي عزيز ويندي ويندي چوندو هو، ”خدا رسول جو ناهيان ورتل ادي، منهن جي مڻيا ته فيرا ڊال جي نذر ٿي وئي اٿم، پگهار پورو ئي نه ٿيو سو....“

۽ جڏهن عزيز امان جو ٿڪ بجو کائي پٺ ڏيندو هو ته هميشه هوءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چوندي هئي، ”جٺ ٿي ڪريانس ته هانو ٿو سڙيم. پر افعال ئي اهڙا اٿس. ڏسان پئي ته لهي به ڪيڏو ويو آهي. جڏهن ڄائو هو ته بابو سندس پير اکين تي رکي چوندو هو. هي منهنجو ڪعبو آهي ڪعبو.“

قرض کڻڻ لاءِ مون کي ڪيئن ڪيئن قائل ڪندو هو. ”سوا ٻه سؤ پگهار، تنهن مان هاسٽل جو بل ڀريان، ڌوٻيءَ جي ڌلائي ڏيان، 3 ويلا مانيءَ جا ڪڍان، شيو جو سامان وٺان، ٻه- ٽي فلمون ڏسان...“

آءٌ اهو سڄو پروگرام ٻڌي پئسن ڏيڻ کان لنوائڻ ڪاڻ چوندي هئس، ”ڀلا فلم ڏسڻ ڪو هروڀرو فرض آهي؟“

چئين، ”پنهنجي من جا پاڻ تي به ڪي حق ٿيندا آهن آخر؟“

وراڻيئين، ”توکي ڪهڙي خبر؟ فلم ڏسڻ فرسٽريشن کان فرار جو سڀ کان سستو نسخو آهي ماڻهو ته پاڻ کي پرڀائڻ لاءِ الائي ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪندا آهن.“

”اها ته ڪا ڳالهه ناهي، جڏهن موچڙو گهٽ ماني ڍؤ تي هجي ته پوءِ فرسٽريشن فرار بنجي ويندي آهي.“

کيس چوڻ ڪاڻ ته ائين چيم پر دل ۾ پاڻ ئي پاڻ تي کلڻ لڳي هئس.

مون کي سوچيندو ڏسي چيائين، پروگرام سڄو تنهنجي آڏو آهي تون ئي ٻڌا ڪهڙو Item واڌو يا فضول آهي جو ڪڍي ڇڏيان؟“

۽ مان کيس صلاح ڏيڻ لاءِ واقعي سوچڻ لڳي هئس ته ڪيئن هو واڌو  Item کي ڪٽ ڪري، کيس پگهار جو پورت جو ڏسيان جو آئيندي هو قرض کڻڻ کان بچيو رهي.

”..... ڇا فلم جو پروگرام ڪٽي من جي مونجهار کي رهڻ ڏي ها. مانيءَ جي ٽن ويلن مان ڪٽي ٻه ڪري ها. يا ڌوٻيءَ کان ڪپڙا ڌوئارڻ ڇڏي مجنون ٿي رستن تي هليو اچي ها. انهن Items مان ڪهڙو Item واڌو هوس آخر؟ تڏهن مان سمجهي نه سگهي هئس سواءِ ان جي ته، عزيز جي جان تي سفيد پوشي جو ڀرم به ڪيڏو نه وبال بڻيو هو!

بيشڪ وعدي جو هميشه سچو رهيو، هتان اڃان پگهار ملندي ئي مس هئس ته فوراً اچي در تي ٽيڪسي بيهاري پهرين قرض چڪائي پوءِ ڳوٺ ويندو هو. سندس در تي بيٺل ٽيڪسي ڏسي ڄاڻي واڻي چوندي هئس،

”ٽيڪسي بيٺي اٿئي عزيز نه ته ڀت کارايان ٺاهوڪو.“

کاڌي جو هو ڏاڍو شوقين. اڃان هتان گهر گهڙندو هو ته هڪ نظر رڌڻي ڏانهن وجهي امان کان پڇندو هو، ”ادي آهي ڪا شيءَ کاڌي لاءِ ڪن سڻائي ئي سڻائي؟“

آءٌ وچ ۾ ئي وراڻيندي هئي سانس، ”بلڪل سڻائي ئي سڻائي......“

سو ڀت جو ٻڌي سندس منهن تي سچ پچ سوچ جا ليڪا وکرڻ لڳندا هئا..... پڇندو هو، ”ته پوءِ ٽيڪسيءَ کي ڪجهه وڌيڪ ڏيئي بيهاريان؟“

”ها.... جي مهانگو نه ڇٽيئي ته......“

پوءِ تڪڙ تڪڙ ۾ ڪوسا ڪوسا گرهه وات ۾ وجهندي ويندو هو ۽ واه واه ڪندو ويندو هو. ويندي ويندي چوندو ويندو هو، ”واقعي گهر جي روٽي پاڻيءَ ۾ به ڪو ’معراج‘ جو مزو آهي. پر اسان پارن اڀاڳن کي معراج ملي ئي ڪونه!

هڪ لڱان پريان کان ئي پاڻ سان هيڏي ساري پيتي لوڏيندو آيو. چيئن، ”B-T ڪئي اٿن لازمي ٽيچنگ ۾، سو آيو آهيان B-T ڪرڻ.... پر رهندس اوهان وٽ ئي، جو نڪو هاسٽل ۾ داخلا ئي ملندم ۽ نڪو ئي پاڻ ۾ حال ئي ساريان.“

اها ڳالهه ٻڌي، منهنجي جو منهن جو پنو لٿو ٿي پاڻ به اهو تاڙي ويو. سو چيئين، ”شڪر ڪر جو تون ان آزار کان بچي ويئين، نه ته 12 مهينا مون وانگيان گيسيءَ جو ٺڪاءُ پيو لڳئي ها.“ کامي چيومانس خير 12 مهينا ٺڪاءُ ته هاڻي پيو لڳندم. تون ته پڇاڙيءَ ۾ سرٽيفڪيٽ به وٺيو ويندين ۽ منهنجي ٺڪاءُ جو ته ڪو کڙ تيل ئي نه نڪرندو.“

سمجهي ويو سو چيئين، ”نه مان هروڀرو اوهان کي تڪليف نه ڏيندس. چڱي عرصي لاءِ رهڻو اٿم نه.“

چيم، ”تون پاڻ جا تڪليف نه ڪرين اها اسان کي ڪرڻي پوندي آهي. نل کولين ته بند نه ڪرين. رات جو ٻيڙين جا ٽوٽا ڳولهڻ لاءِ سڄي گهر جون بتيون ٻاري ننڊ ڦٽائين. کڙيون وڄائي وڄائي دلين جا دهڪا ڏين....“

چيئين، ”نه، نه آئينده ضرور احتياط ڪندس، بس ڀائي وعدو....“

”هي ڏس ڀتين تي لڳل لينگها... تيل هاڻيون گاديون ...۽ چٻا ٿيل وهاڻا، چڪ جي قالين تي رانڱان هي سڀ تنهنجي اڍنگائيءَ جا ثبوت آهن....“

مون لڪ چپ ۾ کيس سندس بي تاتي هلت چلت جو احتياطن نوٽيس ڏيئي ڇڏيو  جو آئينده گهٽ ۾ گهٽ يا ’خيال ‘ ڪري نه ته ’جائو‘ ئي ڪري.

بس پوءِ عزيز رهڻ لڳو هو اسان وٽ. ڪجهه پاڻ ’سمجهه‘ ڪيائين. ڪجهه اسان سمجهوتو ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح وڙهندي کلندي، ٻڌندي ٻڌائيندي وقت جو وهڪرو وهڻ لڳو هو. گٿا اکر اڃان به هڪٻئي کي چوندا هئاسين. لفظن جي ڏي وٺ ۾ اڪثر تلخي به ٿي ويندي هئي، پر تن ڏينهن منهنجا نظريا به نرالا هوندا هئا ۽ عزيز کي به بهرحال اسان وٽ رهڻو هوندو هو سو ننڍي ننڍي لفظي چڪرين کي هڪٻئي جي ’انا‘ جو سوال بڻائي وهندا هئاسين جو تڏهن منهنجو خيال هوندو هو ته اسين سڀئي لفظن جا ئي ٺهيل آهيون اندر ۾ جي رڳو اڳڙيون اٿئون ته ڇا ٿي پيو! سو ڪوشش بهرحال اها هوندي هئي ته هڪٻئي کان مات نه کائجي. عزيز مون کي سلي سير، ۽ مان جي سوا سير نه بڇيانس ته مان به ڪهڙي؟

اصل ۾ مون کي هوندو هو پنهنجي Ego جو ڏاڍو خيال، سو ان Ego جي حفاظت ۾ اگر ڪڏهن ڪڏهن لفظي گرمي وڌي به ويندي هئي ته پوءِ Sorry ڪرڻ به ته آخر جهڙن تهڙن جو ته ڪم نه هيو نه؟

ڪڏهن ڪڏهن امان وٽ وڃي وهندي هئس چوندي هئي، ”تنهنجي عزيز سان اها روز روز جي ڪل ڪل مون کي ڪانه ٿي پرچي. گهڙن جا پاڻي سڪيو وڃن ان طرح ته. خبر ٿئي جڏهن تون ننڍڙي هئين ته تنهنجي لاءِ اسان ڪڏهن نه کيڏڻا ورتا ۽ نه گرم ڪپڙا. بابو جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته عزيز لاءِ ورتل سامان مان ايترو ته تنهنجي لاءِ ڏيئي ويندو هو جو اڄ تائين تنهنجا اهي کيڏيل کيڏڻا ۽ پهريل سوئيٽر سنڀالي رکيا اٿم.“

آءٌ امان جو اهو بليڪ ميل وارو موڊ تاڻي ويندي هئس، سو ان موضوع کان هٽي ’عزيز‘ کي موضوع بڻائي چوندي هئس، ”پر امان، اهو ته تون به سمجهندين ته آهي ڏاڍو بي ڍنگو. هن تي نه ڪڙم جو اثر ٿيو نه ڪيڙ جو. آخر ويو الائي ڪنهن تي؟“

امان رنج مان ورائيندي هئي، ”ڪڙم ۾ رهيو ئي نه، اثر ڀلا ڪٿان ٿيندس؟ ننڍي لاڪون ئي تڙجي ويو.... ننڍڙو هو ته بابو سندس پير اکين تي...؟“

آءٌ چوندي هئس، ”پر امان اٿئي هڙ ڇڙو، تون اجايو ٿي رنج ڪرين؟“ چيئين، ”تون ڇڙٻيندي آهينس ته هانو سڙندو اٿم.“

”.... ۽ منهنجي جا بي عزتي ڪري منهنجو هانءُ ساڙيندو آهي سو؟“

چيئين، ”تنهنجي ڪندو عزيز بي عزتي؟ توکان هو ڪيٻائيندو آهي سو؟“

”خبر اٿئي امان، اڃا ڪلهه تازو مون سان اٽڪيو آهي. ڪلهه شام منهنجيون ساهيڙيون آيون هيون ته ويهه چڪر ڏيئي مون کان پڇيو اٿس ته، اهي ڪٿان آيون آهن. ڀائر ۽ پير ڇا ڪندا اٿن ۽ پرفيوم ڪهڙو يوز ڪنديون آهن؟“

چيئين، برابر آهي ڇيڳرو، پر تون منع ڪرينس ها نه....“

”منع ڪئي مانس، پر خبر ٿئي مون کي ڇا چيئين؟“

امان وچان ڳالهه ڪٽ ڪري چيو، ”پهرين تون ٻڌاءِ تو منع ڪيئن ڪيس؟“

چيومانس، ”کٽل کاتا، تنهنجي ڏانءَ جون ناهن اهي پرفيومز، ڇٽل ڪارتوس!“

تنهن تي مون کي ٿو چوي ته، ”ڏانءَ جون تنهنجي به نه هيون، پر دعا ڪر جو ڄائين حيدرآباد جي هن گهر ۾، جي ڄمين ها ڳوٺ جي ڪنهن غريب جي گهر ۾ ته هينئر تون به ڇيڻان پئي ٿڦين ها يا اڳٺ ويٺي اڻين ها.“

فجر ٿيندو هو ته عزيز کي لڳندي هئي چانهه جي ٻاڙ. هو سدا جو چلولو، سو ياد نه هوندو هئس ته سمهڻ مهل رات جو جتيون ڪٿ لاهي ستو. سو فجر جو اٿي اسان جي ڊپ کان سرٻاٽن ۾ امان کان پڇندو هو، ”ادي منهنجي جتي ڪا ڏٺئي؟ الا ڪٿي لاٿم؟“

ڪيترا دفعه اهي پادر منهنجي سيرانديءَ سٽي ويو هوندو ۽ مون کيس ٽوڪيو به هوندو، ”جتي سمهين ات سٽيندو ڪر اهي گهيتلا. ان ريت منهنجي سيرانديءَ جو سٽيو وڃين سو سڄي رات خراب خواب ڏٺا اٿم....“

چيئين، ”خراب ذهنن کي هميشه خراب خواب ئي ايندا آهن. فرائڊ ائين ٿو چوي....“

ساڙ کائيندي وراڻيومانس، ”مون کي ڇڏي فرائڊ ڏاڙهيل توسان اهي ڳالهيون ڪڏهن ڪيون؟“

چيئين، ”اهو جيڪو گلاس جي زور تي Spirit  ڪونه گهرائيندا آهن، سو تڏهن مون به کيس ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي؟“

پڇيومانس، ”پهرين آيو به هيئي؟“

چئي، ”واه ڪاڻي دجال وانگيان اوڏي مهل اچي حاضر ٿيو.“

”پوءِ ڀلا قوم جي نالي ڪهڙو پيغام ڇڏيئين؟“ پڇيومانس.

چيئين، ”قوم لاءِ ته بس رڳو خوابن جي تشريح ڪري ويو باقي سو تنهنجي خاصي مٽي پليد ڪيائين.“

”ڪجهه پنهنجي لاءِ به ته ڍارو  هڻائينس ها؟“

وراڻيئين، ”ها پڇيو هومانس، پر چيئين تو جهڙن الله وارن جون ’جنتريون‘ آهن فرشتن جي هٿ! باقي مان رڳو ماڻهن جا ڪچا چٺا ٻڌائيندو آهيان. سو ويندي ويندي تنهنجي نالي چئي ويو ته، آءٌ سندس ڇڙو پوٽو ٿيان. باقي پاڻ ته منهنجي به ڏاڏي لڳي!“

سو ڳالهه ٿي ڪيم ته فجر ويل عزيز کي لڳندي هئي چانهه جي ٻاڙ، ۽ سرٻاٽن ۾ امان کي پڇندو هو. جتيءَ جو، سو هڪ دفعو سندس اهو پڙلاءِ منهنجي ڪن به پيو هو. سو پنهنجي روم جي دري کولي ڄاڻي ٻجهي پڇيومانس، ڇا ويو ٿئي عزيز؟“

وراڻيائين، ”منهنجا پادر الائي ڪيڏانهن ويا؟ ايڏانهن ته ناهن؟“ مان اتان رڙ ڪري چيومانس، ”ها ها پسائي رکياٿمانءِ منهنجي روم ۾ اچ، اچي کڻي وڃ.....“

اهو چئي منهنجي ته اک اک سان لڳي وئي هئي پر صبح جو ڏٺم ته موڊ ٺيڪ نه هو امان جو. رڌڻي ۾ گهڙيس ته عزيز ات چانهه جا وڏا وڏا سرڙاڪ پئي هنيا. مون به امان کان چانهه گهري ته ڏيڻ جي بدران منهنجي اڳيون ڦٽي ڪري پاڻ وڃي لڳي ٻي ڪرت کي. مون کي جلدي پنهنجي اسر وارو جواب ککڻ لڳو. سو مان به ڌت هنيون چپ چاپ ويٺي رهيس، پر هن کان گهڻو برداشت ٿي نه سگهيو. سو چيئين، ”دنيا جهان جون ڌيون پڙهنديون آهن ته اُن اسان گڏ پروڙينديون به آهن ۽ تون.......؟“

”ڇو مون ڇا ڪيو امان؟“

ڇوهه مان چيئين، ”اهو ڪو جواب ڏيڻ جو ڍنگ هو. اسر مهل ماڻهو اٿي الله رسول جو نالو وٺن ۽ تون.....“

”پر اها ڳالهه ته عزيز ۽ منهنجي وچ جي هئي... ۽ اسين پاڻ ۾......“

عزيز کي چپ ڏسي مون پنهنجي پاليسي ٿورو بدلائي پر امان به ڇڏڻ وارن مان نه هئي سو چئين ”کڻي ڪنهن جي به وچ جي هجي، پر ’لڇڻ‘ به آخر ڪا شيءِ ٿيندي آ. ٻڌءِ؟“

عزيز ورتو جهٽ موقعي جو فائدو. سو چيئين، ”ادي هڪ انگريزي قول آهي.....“

مون کي پڪ هئي ته اهو قول منهنجي فائدي ۾ ڪونه ويندو ويتر ٿيندو تتيءَ تي تيل، سو ڳالهه اڌ ۾ ڪپي چيومانس، ”چڱو چڱو هاڻ ڏس چانهه ۾ ٿي مک پويئي.“

پر عزيز کي پڪ هئي ته صبح ساڻ رنڌڻي ۾ مک جو گذر ناهي ٿيڻو، سو ڏاڍي اطمينان سان پنهنجو قول پورو ڪيئين. چئي، ”انگريزي قول آهي ته جنهنجي دولت وئي، تنهنجو ڪجهه نه ويو. جنهنجي صحت وئي سمجهو ته ڪجهه وئي، ۽ جنهنجا ’لڇڻ‘ ويا ڀانيو ته هڙئي وئي!“

اهو ٻڌي مون کي ورتي بڇان، سو چمچو سڃيي چڙ مان چيومانس، ”ڏس دام ۾ رک پاڻ کي عزيز نه ته.“

پر امان جي ڪن تي منهنجي هڙ وڃڻ جو اطلاع پهچي چڪو هو سو هڙ وڃڻ تي ايڏو ته ماتم مچايائين جو منهنجو اتان چپ چاپ کسڪڻ کان سواءِ ڪو چاروئي نه رهيو هو. چئي، ”ها ها هڙئي ويس مون کي ڪهڙي خبر ته ڄمڻ سان ئي ڪي هن جا ڇٺيءَ جا ڇهه پئسا به ڇڙي پوندا.... دنيا جون ڌيون ڏسندي آهيان ته پيٽ ٺرندو اٿم.... ۽ هيءَ.....“

اهو ٻڌي مون کي عزيز تي ويتر ورتي باهه، سو ساڙ مان پاسي کان لنگهندي چوندي وئي مانس، ”پوڙهي ٿوهر جا سڪل ڇوڏا، جي وير نه وٺانءَ ته مان به ’مان‘ ناهيان.“

ان صبح جو ڏاڪڻيون لهندي سوچيندي وئي هئس، ”مئو وٺ جهڙو امان کي ڪيئن برغلائي ويو اڄ منجهند موٽندي جي امان جو موڊ ٺيڪ رهيو، ۽ پاڻ به وجهه چڙهيو ته ڪنهن ڪنڊ پاسي ڪري دٻڙاٽ ته زوردار پٽينديسانس رڳو وجهه چڙهي.“

هڪ لڱان بابو ويو هو ڳوٺ. امان ٿي پڙهي مٿي سنجهان جي نماز، سو وجهه وٺي عزيز کي چيم، ”عزيز، ساٿ ڏين ته تون آءٌ ۽ الطاف جيڪر شام ملهايون ٺاهوڪي.“

پڇيئين، ”ڪيئن؟“ چيم، T.V ڏسنداسين، چانهه پئينداسين ۽ تنهنجيون ٻيڙيون ڇڪينداسين.“

ٽنهين جي منظوري سان وڃي ويٺاسين ڊرائنگ روم جي پٽ تي. مون احتياطن روم جا پردا چڱيءَ طرح ڪيرائي ڇڏيا جو متان ٻيڙيءَ جو دونهون يا ڌپ ٻاهر نڪري.

عزيز پهرين ٻيڙي دکائي ٻه سوٽا هڻي مون کي ڏني مون پڇڙي ڇني ٻه ڦوڪون ڀري الطاف ڏي ڪئي، ۽ الطاف عزيز ڏي ورائي. اهڙي طرح ٻه رائونڊ پورا ڪري وري نئين ٻيڙي دکائيسين، پر وچ ۾ عزيز هئين رڏ چئي،

”ان ريت پڇڙيون ڀڃي ڀڃي جي ٻيڙيون پيتو ته مون تي ٿيندو بوجهو جي ڇڪڻي هجيو ته سڄي ٻيڙي ڇڪيو، نه ته توهانجي مرضي.“

چيم، ڀائي ڏس، ڇڪينداسين ائين جيئن هينئر ڇڪي آيا آهيون. باقي سو توتي بوجهه وجهڻ اصل ڪونه ڏبو. جيتريون ٻيڙيون پيون اوترا پيسا ڳڻي وٺي ڇڏجانءِ. بيشڪ ٽڪو في ٻيڙي مٿي جي حساب سان.“

چيئين، ”پئسن جي ڳالهه ناهي، پر جي رات جو کٽي پيون ته مون کان هڪ پل به هنن کان سواءِ نه سرندي، پوءِ ٽوٽو چونڊڻ ته......“

جڏهن ٻيڙيءَ جو ٽيون رائونڊ ٿيو پورو تڏهن خبر پئي مذاق ئي مذاق ۾ اسان جي بي خياليءَ ڪري ڪا چڻنگ وڃي پئي قالين جي نرم نرم ريشمي پشم تي اندر ئي اندر دکي دکي هڪ گلابي گلابي گل ڪلين سوڌو سڙي ڀسم ٿي ويو. لئه جو موڊ ويو پاڻي ٿي. جهٽ جهٽ ڪري ٻريءَ تي ڇنڊو وڌوسين، پر وسائڻ لڪائڻ جي وٺ پڪڙ ۾ امان کي خبر پئجي وئي. ٻيڙي پيئڻ جي خطا ته خير معاف ڪري به ڇڏي ها، پر قالين جو ٻرڻ معاف نه ڪري سگهي.

ويتر جو خبر پيس ته مون ۽ الطاف به ويهي ٻيڙيون پيتيون آهن. سو اسان ٻنهي کي گڏي ڪتن سان کارايو هيئين. اسين ته ماٺ ماٺ ڪري وڃي پياسين پنهنجن هنڌن تي باقي رات جي ڪيتري پهر تائين عزيز جا جي ڇوڏا لاٿا هيئين سي اڃا به ياد اٿم. چئي، ”هاسٽلن جا هريل ڪافر، تون گهر جي رهڻ جو لائق ناهين. سڄو پيتو پيو آهين پر تڏهن به اها ڪتن جهڙي ڪرت ڇڏين ڪونه ٿو. توبهه رب جي، ويهي قالين ساڙايو اٿس ۽ ٻيڙيون پياريون اٿس.“ ”وسن جهڙو قالين سڙيو آهي سو اهو داغ ڪڏهن نه وسرندم.“ اها رات ڪافي دير امان ايندي ويندي قالين جو ٻريل داغ ڏٺو هو ۽ اسان تي لعنتون وڌيون هيون.

ڏينهن ڏاڍا هلڪا سلڪا ٿي گذرندا ويا ۽ عزيز B-T ڏاڍي موهه سان ڪندو رهيو يا ائين چوان ته عزيز کي B-T ڏاڍي موهه سان ڪندي رهي، جو ڀانيو هو ته مٿس يونيورسٽيءَ جي نازڪ فضا جو ڏاڍو سلوڻو اثر ٿيڻ لڳو هو. اکين جي جوت به تن ڏينهن ڏاڍو جهل مل ڪرڻ لڳي هئس ۽ منهن ۾ لالاڻ به ليئا ٿي پاتس.

عزيز جا ان ريت هوريان هوريان رومانٽڪ گيت جهونگارڻ دڙڪا سڙڪا کائي منهنجي پرفيوم لڳائڻ مون کي بي سبب ڪين لڳا هئا. ڏاڍو پينٽ کي پنج ڀيرا استري ڪري ڪلهن تي اجرڪ ويڙهي پڇندو هو، ”ڀلا ڪيئن ٿو لڳان؟“ آءٌ پينٽ ۽ اجرڪ جي تضاد کي تنقيد سان ڏسي چوندي هئس، ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري ۽ وري پڇين ٿو ان تي ته ڪيئن ٿو لڳان؟“

پر کيس هاڻي اهي ننڍيون ڳالهيون لڪائينديون ڪين هيون. هوريان هوريان جهونگاريندو هو. ”هينئڙو منهنجو جهوريءَ منجهه- جهڄي ٿو.“

آءٌ کيس موقعي تي وٺندي هئس، ”عزيز 6 فٽن جو ڀائي، ۽ جهونگارين ٿو اهي زنانا پار. پون ئي ڪين ٿا منهن تي. تنهن کان ته ويهي قومي نغمو ڳاءِ يا منهنجي آيل ماءُ هيڏي راڄ مان، وارو آلاپ ڪج.“

چيئين، ”توکان مشورو ڪنهن ورتو هو ته ڇا پويم ٿو منهن تي يا ڇا نٿو پويم؟“

چيومانس، ”جا ڳالهه مناسب سمجهيم، سا چڱائي سمجهي آڏو رکي مانءِ.... نه مڃين ته......“

طنز سان وراڻيئين، ”تون ۽ چڱائي! ان ڪتي جيڏي قد سان جڏهن چڱائي ڪندينءَ تون ته اهو هي جنم نه هوندو.....“

چيم، ”نه خير- مان بنفس نفيس چڱائي آهيان.“

چئين، ”تون جي فقير جي پڙ ۾ مائي خيريءَ جي مسيت کان متاثر ٿي ڪا مسيت جوڙائين نه.... ته به مان ڀائينديس پڪ اها مسيت جتين چورائڻ لاءِ.......“

تڏهن مون سندس ايندڙ نسل تي زور سان لعنت وجهي آئنده کيس ڪوبه مشورو نه ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. ڀلاءِ چڱائي به ڪجي ۽ چور به ٿجي سو اهو ڪهڙو دستور؟

هڪ ڏينهن آيو ته دستور خلاف ڪجهه چپ چاپ هو. ڪجهه منجهيل ٿي لڳو. اچي بوٽ لاهي پاسيرو ڪري پاڻ رنڌڻي جي ٻنڌ ٿي ويهي رهيو. مان ات اميءَ لاءِ مڱن جي دال ٿي اٻاري جو چاق نه هئي. صبح کان آڳر ۾ چادر تاڻي پئي هئي. دال ڏيڻ وئي سانس ته چيئين: ”عزيز ڇو اڄ ماٺيڻو ٿو لڳي. پڇينس ته سهي؟ پر مون کي اميءَ جو اهو ماٺيڻو لفظ ڪين آئڙيو. سو امان تي رکي پنهنجي طرفان چيومانس، ”عزيز امان ٿي پڇي ڇو اڄ ميسڻون ٿو لڳين؟“

پر موڊ ۾ نه هو سو نڪو ورچيو ۽ نه ئي ڪجهه وراڻيائين.

چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهي هڪ پاڻ کڻي ٻيو ڏيندي پڇيم، ”تنهنجا ڪلاس ڪيئن پيا ٿين؟“

ٿورو ڇرڪيو پڇيئين، ”ڇو“ مون چيو، ”اونهينئن.“

ٿورو مرڪيو، پر منهن پڪو ڪري وري پڇيئين،”خير ته آهي؟“ پراڻي خط جو رواجي جملو دهرائي چيومانس، ”هت سڀ خير آهي- باقي اوهان ڏي سو خير ڪونه ٿو لڳي.“

چيئين، ”جي ڦيڪالاجيءَ جي رعب ۾ آڻڻ ٿي چاهين ته اهڙي ڪائي ڳالهه ڪانهي.....“

”خير سلين يا نه سلين باقي.....،

پر ڏٺم هيڪر وري عزيز خيالن ۾ گم ٿي ويو. چانهه جي ٻاڦ ۾  ڀانيم ته سندس خيال رجهندا ٿا پيا وڃن. سو هيڪر وري پڇيومانس، ”عزيز انسان هئڻ جي ناتي سڌو هلي هلي ماڻهو ڪڏهن پٽڙيءَ تان لهي به ويندو آهي ۽ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.“

چيئين، ”ڏس وري اها ڪتابي لئنگوج؟“

”ڪتابي ڳالهيون ڪتابن ۾ ئي ٿيون سهن. اهي صرف پڙهڻ ڪاڻ ئي هونديون آهن. هت صرف تون ۽ آءٌ ويٺا آهيون ٻڌاءِ ڪا خاص ڳالهه ضرور آهي؟“

چيئين، ”ڪجهه به ناهي.“ پر مون کي ويساه ڪين آيو سو مان اڙي رهيس،

”تون هلندي هلندي ضرور پٽڙيءَ تان لٿو آهين. مون کي پڪ آهي.“

چيئين، ”پٽڙي ڇڏاءِ وڃڻ جي ڊپ مان ڪڏهن پٽڙيءَ تي هليم ئي نه....“

”پر ماڻهونءَ جي نجات ته صرف پٽڙيءَ تي هلڻ ۾ لکيل آهي، جو هو سڌو سنئون هلي سگهي.“

”ته پوءِ مان ڪڏهن پنهنجي مرضيءَ سان هليو ئي ناهيان. مون کي زندگيءَ ۾ زبردستي اڳيان ڌڪي ڌڪي آندو ويو آهي. مون زندگي گذاري ناهي. مون کي گذارڻي پئي آهي....“

چيومانس، ”اهي ڳالهيون ته ڌڪ کائي دل وندرائڻ جا پار ٿيون لڳن....

ڇا مون کي واقعي ڪجهه نه ٻڌائيندين.....؟“

”چوان ٿو ته- اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي.....“

”ڏس عزيز اسان سڀ ڌرتي جا رهواسي هڪ ئي خمير جا جوڙ آهيون. زمين تي رهي آسمان جون ڳالهيون ڪرڻ ”زيب داستان“ کان سواءِ ڪجهه به ناهن. مڃ ته جي تنهنجون پستيون اڄ توکي هيٺ ڌڪڻ لاءِ آتيون آهن پڪ ڄاڻ ته آسماني رفعتون به توکي مٿي ڪرڻ لاءِ ضرور ڪوشان ٿينديون.“

چيئين ”ڏس وري اها ڦيسڪالاجي..... ٻاجهر جو اٽو ڏيئي ڊگري وٺڻ وارن جو حال ٻيو ڪهڙو ٿيندو؟“

”ڦيسڪالاجيءَ مون کي ڪجهه ٻيو ڏنو يا نه.... البته ايتري ته Broad-Minded ضرور آهيان جو تنهنجي ڪنهن ڪڌائيءَ کي نڪو ’نئون‘ ڀانيان ۽ نه ئي ’حيران ‘ ٿيان....“ ”ماڻهونءَ ۾ ڪڏهن تولو- ڪڏهن ماسو ٿيندو ئي رهندو آهي ۽ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ڦير ته رڳو ڪڏهن ڪثافت جو- انسان هئڻ جي ناتي سڀن سان ائين ٿيندو آهي.“

رستي تي سڄي واٽ امان دعائون گهرندي هلي. چئي ”ٻانگ جا ڌڻي منهنجي بابي جي گهر جو ڏيئو ٻرندو رهڻ ڏجانءِ- ياعلي، پنهنجي ٻچڙن جي صدقي منهنجن ٻچڙن جهڙي کي کلندو ڪڏندو اٿارجانءِ. الله سائين، عزيز اڃا دنيا ۾ ڪجهه نه ماڻيو آهي......“

 

چيئين، بي ڪار ليڪچر ڏيئي مٿو نه کاءُ- مون ۾ ڪا به ڪڌائي ناهي....“

”ته پوءِ لڪائين ڇو ٿو؟ ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“

چيئين، ”بابا تو ڀڳل دهل جو مون کي اعتبار ناهي.“

”چڱو ڀلا وعدو وٺ......“

وعدو وٺي عزيز مون کي هڪ پتڪڙي پر ’نازڪڙي‘ ڳالهه ٻڌائي هئي.... ڳالهه ڪا خاص نه هئي. بس تنهنجي- منهنجي هڪ عام ڳالهه هئي. پر عزيز جو مان رکڻ لاءِ ڳالهه جو کڻي ڀرم رکيم. نه سندس زندگيءَ ۾ ڪنهن سان ڪيم ۽ نه پنهنجي زندگي ۾ ئي ڪنهن سان ڪنديس. باقي اهو ٻڌايان ته ان ننڍڙي ڳالهه ۾ چنڊ جو چمڪو به هو. گلن جي ورکا به هئي، رچنا جو رچڻ ۽ اميدن جي آس به هئي- تارن جي چمڪ ۽ هيرن جي هٻڪار به هئي ان ڳالهه ۾. هڪ عام ماڻهونءَ پٽاندر- پر عزيز الائي ڇو منجهيو منجهيو ٿي لڳو؟ ۽ تڏهن هڪ لڱان عام راتن جهڙي رات هئي. نڪا تارن جي ٽم ٽم هئي نه ئي چنڊ ۾ ڪو خاص چمڪو، پرٻاٽ اونده به نه هئي. نڪو کنوڻ جو ڪو کيٽو هو. بس عام راتين جهڙي حيدرآباد جي هڪ عام رات هئي.

ان شام جو سڄو وقت ويهي گهر جي سيٽنگ بدلائي هئم- قالين کي ڇنڊ ڪر لڳرائي صوفه ۽ ڪشن جا ڪور به بدلايا هئم، بتيون ڇنڊرائي پردا مٽيا هئم- چانور سوئي ڀڄائڻ لاءِ ٻاهر رکيا هئم- جو ايندڙ صبح جا چانورن جي هٻڪار ڦهلڻي هئي رنڌڻي ۾. جو منهنجي پٽاندڙ ايندڙ صبح عيد جو صبح هو. ۽ هيڏي ڪم کان پوءِ آءٌ جا الوٽ ننڊ ۾ گهڙي هئس ته گهنٽيءَ جي گجگوڙ هڻي ڇرڪائي وڌو هوم. پر مون پنهنجيءَ پر سوچيو هو ته، ”آيو هوندو ڪو پاڙي جو اڙٻنگ ماچيس جي تيلي وٺڻ- يا هوندي ڪا ننڍڙي نينگر آئي هوندي عيد جي ميندي لهرائڻ!“ سو خود غرض ٿي سوچيو هئم، بابي جي وسن جهڙي ننڊ ٿي خراب ٿئي. ٻارن کي ڇا آهي ته وقت بي وقت بيٺا هوندا.“ ان وقت ’وقت‘ جو احساس ئي نه ٿيو هوم جو ان ڏس ۾ هميشه کان جاهل هئس ۽ آهيان.

سو اٿي مين سوئچ بند ڪري ڇڏيم. ”نه هوندي لائيٽ نه وڄندي گهنٽي.“ مان پنهنجو پاڻ کي داد ڏئي وري لت کوڙي سمهي رهيس. پر ڀانيم اڃان به ڪير آهي جو  در وڄائي رهيو آهي. بڇان وچان اٿي سوئچ آن ڪري رستي جي بتي ٻاري در پٽيم- سامهون منهنجو ماسات بيٺو هو سو ٿڪل منهن ۽ وکريل وارن سان. چيئين، ”عزيز جو رات 8 لڳي ٽرڪ سان ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، تمام سيريس آهي. سول ۾ کڻائي ويا آهيونس. جو عزيز ويو هو عيد جي موڪل گهارڻ ڳوٺ پنهنجي ۽ منهنجي ڏاڏيءَ ڏانهن.“

ڏڪندي ڏڪندي امان کي اٿاريم- ٻڌايومانس ته ”ڳوٺان اشفاق آيو آهي. عزيز ڌڪ کاڌو آهي سو هت آندو اٿنس.“ امان جيئن تيئن اٿندي چيو: ”ڌڪ عزيز کاڌو آهي، پر دل منهنجي ڇو ٿي ويهندي وڃي؟“ دلبو ڏيڻ ڪاڻ چيومانس، مڙئي الله خير ڪندو. تون اٿ ته سهي- اسپتال ته هلون....“ ۽ جڏهن اسان گهران نڪتاسين تڏهن مؤذن به ’الله اڪبر‘ ڪئي هئي. سڳڻ سٺو ٿيو. امان چيو دل کي ڏڍ مليوٿم، سو اسر ويل اذان جي سائي ۾ اسين عزيز ڪاڻ اسپتال وياسين.

واٽ تي اشفاق ٻڌايم ته جڏهن عزيز کي رات ڌڪ لڳو ته بظاهر ڏسڻ ۾ کيس ڪجهه به نه هو. جڏهن اسپتال کڻي وياسينس ته ڊاڪٽر کي ڏسي عزيز مرڪڻ لڳو هو، ۽ ڊاڪٽر به چيو ڪا خاص ڳالهه ناهي. چئن ڪلاڪن کان پوءِ عزيز جي طبيعت بگڙڻ لڳي هئي. هتي کڻي آياسين ته ڊاڪٽر جواب ڏنو. چيئون، ”جي 4 ڪلاڪ پهرين کڻي اچو ها ته اميد به هئي....“

رستي تي سڄي واٽ امان دعائون گهرندي هلي. چئي ”ٻانگ جا ڌڻي منهنجي بابي جي گهر جو ڏيئو ٻرندو رهڻ ڏجانءِ- ياعلي، پنهنجي ٻچڙن جي صدقي منهنجن ٻچڙن جهڙي کي کلندو ڪڏندو اٿارجانءِ. الله سائين، عزيز اڃا دنيا ۾ ڪجهه نه ماڻيو آهي......“

۽ جڏهن اسين اسپتال پهتاسين ته امان بي چين ٿي وڃي وارڊ ۾ گهڙي هئي. باقي مان در تي بيٺي رهيس. جو اندر وڃڻ جي همت ئي نه پئي ٿي. ڪجهه گهڙيون ٻاهر بيهي دولابن سان پاڻ کي اندر وٺي ويس پر ڏٺم ان وچ ۾ امان عزيز جي منهن تان اڇي چادر تاڻي چڪي هئي.

ڳالهه ڪا خاص نه هئي. بس تنهنجي- منهنجي هڪ عام ڳالهه هئي. پر عزيز جو مان رکڻ لاءِ ڳالهه جو کڻي ڀرم رکيم. نه سندس زندگيءَ ۾ ڪنهن سان ڪيم ۽ نه پنهنجي زندگي ۾ ئي ڪنهن سان ڪنديس. باقي اهو ٻڌايان ته ان ننڍڙي ڳالهه ۾ چنڊ جو چمڪو به هو. گلن جي ورکا به هئي، رچنا جو رچڻ ۽ اميدن جي آس به هئي- تارن جي چمڪ ۽ هيرن جي هٻڪار به هئي ان ڳالهه ۾.

مون کي ڏسي چادر هٽائيندي ٻاڪاريائين، ”هي ڏس امي، منهنجي بابي جو ڪعبو ڪيئن نه ڊهيو پيو آ.....“ پر مون کي نه ڏيکار اهو ڪعبو جنهن کي مان ڪرندي محسوس ڪيو آ.... امي مون کي نه ڏيکار....“

ڪيئن ڏسان ان ٽٽل تاري کي... جو اڻ پوري رچنا ۽ جهريل جذبو هو..... وکريل آس ۽ ڇڄل سپنو هو..... ڀلا جيوت جون اهي جهوريون به ڪي ڏسڻ جون هيون؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com