سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :11

مهاڳ اياز لطيف جي ڪتاب تي!

آگري ۾ تاج محل ٺهڻ کان پهرين......

اسلام آباد ۾ فيصل مسجد ٺهڻ کان پهرين......

هر وڏي هنڌ تي ڪا وڏي عمارت ٺهڻ کان پهرين.......

ننڍڙو هڪ ’ماڊل‘ تيار ڪرائبو آهي.......

ائين جيئن وڏو انسان ٺهڻ کان پهرين، ننڍڙي ٻالڪ جي ڇٺي ٿيندي آهي. نالو رکبو آهي........!

سڄي ’خرابي‘ ان نالي ۾ هوندي آهي......

يا وري سڄي خرابي ان خاندان ۾ هوندي آهي....

(دوستو مون کي معاف ڪجو. آءٌ اڄڪلهه ’خوبي‘ کي خرابي چئي ويندي آهيان. Heart Attack کان پوءِ ٻيڙي پيئڻ بند ڪئي اٿم. ’دلڙي ننڍڙي جنهن سگريٽ جي دونهين سان لڏي ٿي مون ته ان ننڍڙي قبر کي اگربتيءَ جو واس ٿي ڪيو‘.)

سو ڳالهه ٿي ڪيم ته سڄي خرابي ان نالي ۾ آهي. منهنجي نالي جي معنيٰ مون کي ننڍي هوندي بابا ٻڌائيندو هو ته آهي مائي خير واري.

نالي جي خرابيءَ جو  نتيجو اهو ٿيو هو اڄ پاڻ کي اڪثر مارڪيٽ جي چوڪ تي فقيرن ۾ گهيريل ڏسندي آهيان. منهنجي حالت اڪثر اهڙي هوندي اهي جو فقيرن کي رپيو آڌيو ڏيندي ڏيندي بعضي بعضي ته خود فقير به ڀلجي منهنجي هٿ تي رپيو آڌيو رکي ويندا آهن..... سو ڳالهه ٿي ڪيم ته سڄو ممڻ ان نالي جو مچايل آهي.

شيخ اياز جي نالي جو پويون حصو.

شاهه لطيف جو نالي جو پويون حصو.

رسول بخش پليجي جي نالي جو پويون حصو.

انهن مڙنئي وڏن نالن جا پويان حصا اڳين حصن کان ڪٽي ايلفيءَ سان جوڙي هڪ ماڊل ٺهيو ”اياز لطيف پليجو“

ماڊل کان عمارت جو سفر! شاهه جي ڀٽ کان پٺاڻ ڪالونيءَ جو سفر!!

اياز لطيف پليجي پيرين پنڌ طئي ڪيو آهي... اڪيلي سر نه.... پنهنجي گهر جي ڀاتين سان گڏ.... ننڍڙي قافلي جو ننڍڙو مسافر بنجي. تڏهن ته چيم ٿي نه ته سڄي خرابي ئي ان خاندان ۾ آهي.

مون کي ياد آهي ننڍي هوندي امان مون کي امام بارگاه مجلس ۾ وٺي ويندي هئي. ڀت جي شوق ۾ آءٌ به ويندي ته هيس پر مون کي (شايد هر ٻار کي) امان جو روئڻ بنهه ڪونه وڻندو هو. مجلس پڙهڻ واري ممبر تي چڙهي اڃان امام حسين ۽ ان جي گهراڻي جا فضائل ٻڌائڻ شروع ڪندي ئي مس ته...... ”مومنو تئسين جاندي هو..... حسين اوندا گهرانا.... وڏا شانان ولا......

امان جو روئڻ ’شانان والا‘ کان ئي شروع ٿي ويندو هو. مائي چوندي هئي، ”عزت بهي بڙي تهي.... تو مصيبت بهي بڙي تهي“ اهو جملو امان لاءِ دل ڏاريندڙ هو. هائي.... هائي چئي گوڏن تي هٿ هڻندي، منهنجا هٿ تڏهن گوڏن تائين پڄندا ڪونه هئا.

اڄ به منهنجا هٿ پنهنجن گوڏن تائين ڪونه پڄي سگهندا آهن آءٌ هٿ دل تي رکي ڇڏيندي آهيان....... حسين جي شهادت، امام زين العابدين جي بيماري..... بيبين جو قيد و بند، هٿن ۾ رسيون، گلي ۾ طوق...... ۽ پوءِ ڪوفي جي بازار ۾ ساداتن جو ننگي پير نڪرڻ، بيبي زينب جو ڪوفين کي خطاب....... اهو سڀ ٻڌي لڳندو هو دل هٿن مان به نڪري ويندي. ايڏي آزاريءَ کان پوءِ ساداتن جي آزادي... اڄ به سڄي دنيا جا شيعا ڪارا ڪپڙا لاهي رنگين ڪپڙا مٽيندا آهن. باقي سو اياز جي خاندان وارا، پاڻ، سندس پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ سوچيان ٿي، قيد مان نڪري الاه ڪهڙي رنگ جاڪپڙا مٽيندا هيا.....! يا شايد رنگين ڪپڙا پائڻ جي اڃان موسم نه آئي آهي!!

ڏاڏا هوشو تنهنجا ڏهٽا اڄ به آهن چوٽ چريان نعرو جن جو سنڌ نه ڏيسون پتو جن جو پنڌ ئي پنڌ. اياز صفحي 34 تي هاو شعر مجيدي جو ڪوٽ ڪيو آهي. هوشو جو ذڪر پڙندي ڪلهه واري ڳالهه ياد آيم. حميد چيو ’هوشو پڪي قلعي ۾ دفن آهي، سندس قبر تي پناهگير ڇيڻا ٿڦي رهيا آهن‘..... سوچ جو سلسلو ٽٽيو پوي.... هو سامهون T.V تي اجهو الطاف ٻهارو کنيو بيٺو آهي. ڏسندي ڏسندي سڄو اسڪرين ٻهارا ئي ٻهارا ٿي ويو آهي. Close up ۾ هڪ ٻهارو... پريان جي سين ۾..... ٻهارا ننڍڙا ٿيندا وڃن..... ٻهارا سنهڙا ٿيندا وڃن..... صائمه لکڻ ۾ ڊسٽرپ ٿي ڪري،

’ممي هي ٻهارا ڪٿي آهي؟ هي ته ڏاڙهيون آهن‘.

’نه پٽ، هفته صفائي جي بهاني سڀني جي هٿن ۾ ٻهارا آهن......‘

لکڻ جو سلسلو وري جڙي ٿو.... ذهن ۾ هڪ سوال اياز ڇا تون انهن ڏاڙهين سان ڪنهن ڏينهن هوشوءَ جي قبر تان اهي ڇيڻا لاهي سگهين ٿو؟.... اياز جو جواب گهڻو ڪري هر صفحي تي موجود آهي. رڳو سمجهه ۽ وقت جي ضرورت آهي.... الائي وقت ماڻهو جي هٿ ۾ آهي.... منهنجي ته واچ به الائي ڇو سلو هلڻ لڳي آهي. وقت هميشه گهٽ ٻڌائيندي آهي. آءٌ ڦڪائي وندرائڻ لاءِ چوندي آهيان هيءَ سلو ڪونه ٿي هلي، بلڪه انڪساريءَ سان ٿي هلي. حالانڪه ڪلهه تارڙ T.V تي ’ننڍڙي ڳالهه‘ ۾ ٻڌايو هو ته ناڪاميءَ جي ريل هميشه سستيءَ جي پٽڙي تي هلندي آهي.

صفحه 42 تي اياز لکي ٿو.... پاڻي ڍڪ ڏيڻ بدران انسپيڪٽر ڌڪا ڏيندي چيو: ’سالا همارا بهي روزا خراب کرتا هي‘...... ۽ پريان بيٺل ڀنگيءَ مون کي پنهنجي ئي گلاس ۾ آڻي پاڻي پيارايو.

اها ڳالهه پڙهندي مون کي ٽيون ڏينهن پنهنجي پاڙي ۾ ٿيندڙ هڪ ننڍڙو واقعو ياد آيو.

ٽنڊي ولي محمد ۾ اڪثريت سنڌين جي آهي. وچ ۾ 4-5 گهر پناهگيرن جا آهن ۽ پوءِ سڄي اڪثريت ڀنگين جي آهي... گهڻو ڪري روزانو ڀنگين ۽ پناهگيرن جا جوان جوان ڇوڪرا ٽولا ٽولا ٿي بيٽ بال، اٽي ڏڪر اهڙيون ٻيون رانديون کيڏندا آهن..... الائي ڪيئن هڪ ٻن سنڌي گهرن جون شيشي جون دريون ڀڄي پيون... حالات اڄ ڪلهه هونئن نسلي جهيڙن جي ڪري چڱا نه- درين جي ڀڄڻ ڪري سنڌي، مهاجر ۽ ڀنگين ۾ هڪ ذاتي جهيڙي جي بدران ننڍڙو سياسي issue ٺهي پيو. ڀنگي ۽ مهاجر هڪٻئي تي هڻڻ لڳا ته اهي شيشا انهن نه پر ٻي ڌر ڀڳا آهن، سو ڀنگين ڏٺو ته متان ان ڳالهه مان ڪو وڏو سياسي ڳالهوڙو ٺهي سو رات جو سمورن ڀنگين جي پئنچات ويٺي، ڪجهه فيصلا.... ڪجهه ڪجهه انومان.... صبح جو پنجاه سٺ ڀنگين جا ڇوڪرا هڪ جلوس ٺاهي ٻاهر نڪتا. نعرا هنيائون. بينر ٽنگيائون،

”سنڌي- ڀنگي ڀائي ڀائي!“

”سنڌي- ڀنگي ڀائي ڀائي.....“

الائي ڇو نعرو ٻڌي مزو آيو. واقعي ڀيل هجن ڪي ڀنگي.... اسان جا ڀائر آهن.

اجهو! وري سامهون T.V تي الطاف ٻهارو کنيو بيٺو آهي. هونئن ڀنگين جي ڀائيچاري جو ذڪر اياز ڪجهه وڌيڪ مزيدار لفظن ۾ صفحه 44 تي ڪيو آهي. مهمان، جيڪڏهن ليڊيز آهن... ۽ مهمانن جو اگر ڪموٽ خراب ٿي پوي ته... بقول اياز جي بنا بخشش وٺندڙ ڀنگي سندس مڙئي دوست سرفروش لشڪر جيان ٻهارا ۽ ڪاٺيون کڻي ڪموٽ تي ڪاهي پيا ۽ منٽن ۾ نه رڳو صفائي ڪيئون بلڪه Thanks به پاڻ ئي ڪيئون!

باقي صفحه 49 تي اياز جي When ۽ Where واري ڪٿ، ڪڏهن واري Philosophy  ئي ڇو ٽچي لڳي.

I don’t know وارا لفظ به هروڀرو پنهنجا لڳا.

I only know that I don’t know!

ڪڏهن؟.... ڪٿ......

ملڻ ۽ وڇڙجڻ جو سلسلو.

ڪنهن سان ملجي؟.... ڪڏهن ملجي؟؟

ڇا ڇا ڄاڻجي؟؟ ڇا ڇا نه ڄاڻجي؟؟؟؟؟

زندگيءَ ۾ انيڪ سوالن جو سلسلو آهي. جو وقت به وقت ماڻهو کي آزمائيندو آهي! يا خود ’وقت‘ پاڻ ئي ماڻهو کي آزمائيندو آهي. ماڻهو جو ڇا مجال بقول قرة العين حيدر جي ’وقت جو حساب ڪڏهن نه رکجو.... ڏينهن ۽ راتين جي گذرڻ جو حساب رکڻ جو غلطي ڪڏهن نه ڪجو.......‘

آءٌ ڪڏهن ڪڏهن Bio Data جا فارم ڀريندي الائي ڇو.... عمر جو خانو ڀرڻ اڪثر مس ڪري ويندي آهيان..... ڀلا سڄي عمر جا ليکا چوکا محض هڪ خاني ۾؟ بدنصيبيءَ سان اهو خانو به اگر ڀرڻ کان رهجي وڃي ته ڇا سڄي زندگيءَ جا ليکا ئي لهي ويا؟

نه.

اياز وٽ ائين ناهي.... اياز پنهنجي سڄي ڪتاب ۾ زندگي جا ليکا چوکا تاريخن سميت سنڀالي رکيا آهن.... 1974ع ۾ مون پنهنجي ئي ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ لکيو هو، آءٌ نالو ڪمائڻ لاءِ جيڪڏهن خودڪشيءَ به ڪريان ته منهنجو نالو ايندو سهي اخبار ۾..... پر ڪجهه ائين ته لاوارث جو لاش لڌو... چهري جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي.‘

اهو ته خير ڪهاڻيءَ جو هڪ جملو هو.... هاڻ ته روز اخبار ۾ اهڙيون جيئريون خبرون اينديون آهن. اڄ هيترا مئا..... هيترن جا لاش لاوارث سرخاني ۾ پيل آهن. ڪيترا لاشا اباڻن ڳوٺن ۾ اماڻيا ويا....

ڏک! جو اسان وٽ پنهنجي عمر جي تجربن جي لاشن کي سنڀالڻ لاءِ سردخانو به ڪونهي.... پر الائي ڇو ڪي ڪي لاشا سردخاني نه هئڻ جي باوجود به دل جي ڌرتيءَ ۾ قدرت ’امانت‘ طور رکندي آهي.... وقت انهن کي کاري، ماري يا ڳاري نه سگهندو آهي.... هي ڪتاب به ڀانءِ ته ڪو سردخانو آهي. انيڪ يادگيرين جو..... اياز لطيف پليجي جون يادگيريون ! حالانڪ جيترو نالو، شڪل شبيهه يا شڪتي ڳري اٿس، اوتروئي ڏسڻ ۾ هلڪو ڦلڪو آهي.....  ڦوڪ سان اُڏامي وڃي ڪبوتر وانگر لطيف جي قبي مٿان وهي.... ڀل ويٺو اُت لطيف جي بيتن ۽ بيانن کي داڻي وانگر چڳي.... ڪبوتر رڳو چڳندا آهن.... اياز لطيف پليجو چڳندڙ به آهن.... انتهائي حساس.

صفحي 71 تي..... اياز جي مارچ جي 10 رپيه خرچيءَ به..... الائي ڇو ڏک ڏنو... سندس موتيءَ جو مرتبو به ڏکوئيندڙ هو..... اهي جملا.... ”بابا وقت ڏس پاڻ ۾ ڪيڏيون نه وڇوٽيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. پاڻ شاه لطيف جي سٽ وانگر ڌار ڌار ٿي ويا آهيون.....“ ڌار ڌار ٿيڻ..... وڇوڙا... الوداعيون.... خدا حافظ ڪرڻ..... هر لفظ کي پنهنجي پت ڇڻ آهي.

آءٌ هاڻي ڪتاب ٺپڻ جي موڊ ۾ آهيان..... ٿورو ٿڪجي به پئي آهيان. شايد منهنجا هٿ به هاڻ گوڏن ڀر ٿيندا وڃن.... سامهون T.V تان ٻهارا به صاف ٿي ويا آهن..... شايد شيخ اياز جي وائي اچي رهي آهي،

’ٽڙي پوندا ٽارئين.... جڏهن ڳاڙها گل تڏهن ملنداسين!‘

پر ڪٿ؟ ڪڏهن ؟؟ ڪيئن؟؟؟ ڪنهن سان ؟؟؟؟؟

ان کان پهرين جو سوالن جو سلسلو ڪو  نئون اُڀري ذهن ۾ آخر ۾ هڪ ننڍڙي ڳالهه اياز لطيف پليجي بابت ضرور ڪندي هلان ته جي هو جيئن آهي تيئن ئي هلندو رهي ته يقيناً ڪو وقت ايندو (ان ۾ ڪو شڪ ناهي) جڏهن سڀاڻي ڪنهن رستي پنڌ هلندڙ ذهين انقلابي سياستدان ۽ عظيم قومي فنڪاره کي ڏسي ماڻهو چوندا، ’هو ڏسو اياز لطيف پليجي جا ماءُ پيءُ آهن!‘

ڪڏهن هو ٻئي هن جي سڃاڻ ۽ ڪڏهن هو هنن ٻنهي جي سڃاڻ. 

         

رعنا شفيق جي ڪتاب ’پولار‘ تي لکيل مهاڳ

 

ادب ۽ ادب پيدا ڪندڙ ڌرتيءَ ۾ به ڪوئي ”زچه-بچه“ وارو رشتو رهيو آ.... جو ڌرتيءَ تي جڏهن به ويڳ ولوڙ ٿي آ رت ست نچڙيو آ تڏهن آهن ۽ ايذائن جو پيٽ چير جي منجهاس نرم گرم ڳاڙهه ڳٽولي ٻار جيان ”ادب“ جنم وٺندو آ.... جو ٻار وانگر پنهنجو ٻلهه کير جي بوتل ۽ راند جي کيڏڻ بدران گس تي کتل صليبن ۽ وس تي ورسايل ڪوڙن کان وٺندو آ. اهي صليب جيڪي انسان گلي ۾ پائي گهمڻ بدران ساهن ۾ سانڍي گهلجندو آ. اهي ڪوڙا جيڪي جندڙي انسان تي وار وار ورسائيندي آ....

ادب تي بهار ايندي ئي ڌرتيءَ جي خزان جي رنگ سان آ......

”پولار“ پڙهڻ سان لڳو ادب تي هڪوار وري بهار جهولي آئي آ. ڌرتيءَ جي باغن سان هيڪيار وري ادب جي ڳلن تي لالاڻ لمي آئي آ.

ادب لاءِ اهو سڳڻ سٺو ئي سهي پر هي منهنجي کاٻي اک الائي ڇو ڦڙڪي رهي آهي.

”يا الله بهار جا هي رنگ ٻڌائين ٿا ته اڄ وري ڌرتي ۽ مٿس پلجندڙ ڪائي دل ناصر جهان جي مرثئي مان لنگهي رهي آ.....

”اڄ وري ڌرتيءَ جي ڪائي ڪنڊ شام غريبان جي ٻاٽ اوندهه ۾ اٿلي آئي آ.....

هن ڪتاب ۽ منجهس ڪهاڻين جا ڪردار! ڄڻ هڪ جزدان جي ڪفن ۾ ويڙهيل ڍير سارا جنازا!! جن کي هن ڪتاب جا ڪلها ڪانڌي ٿي کڻڻ جو ساهس نه ساريندا هجن ڪنهن مون پاري جو Preface پاڻ هرتو اهو فرض نڀائڻ جو اهل نه بڻجي سگهي، ڪاغذ جي قبر ۾ دفن ٿيڻ بدران، پڙهندڙ جي دل ۾ دفن ٿيڻ جوڳا آهن. ”پولار“ پڙهڻ کان پوءِ دليون خود بخود ايڏيون ڪشاديون ٿي وينديون جئن چڱي ماڻهوءَ جي مرتئي تي سندس قبر ڪشاده ٿي پوندي آ.... جو صرف دليون ئي اهڙن ڪردارن جي مدفن لاءِ صحيح مقام آهن.

”پولار“ ۾ پلجندڙ ڪردار جيڪي جيئڻ مهل عقل وارا سقراط آهن. مرڻ پڄاڻان ”سڪندر“ آهن. سڪندر کي ماڻهو ”فتح“ جو سمبل ڪري سمجهندا هوندا پر هت اشارو سندس ڪفن مان نڪتل انهن خالي هٿن سان آهي، جيڪي دنيا جي ڪائي چيز ته ڇا خود پنهنجي پاڇولي کي به ڪڏهن پائي نه سگهيا.

دنيادر گذر!

پولار شايد انهن سڀني کي وڻي جي مٿاهين اُڏام جي آس ۾ راڪيٽ ۾ رهڻ بدران ڀل کان راڪيٽ جي ٻاهر ئي پولار ۾ ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان لڙهندا رهيا. راڪيٽ زوزاٽ ڪندو اڳيان نڪري وڃي ۽ هو پولار ۾ ئي ترندا رهيا. نه پويان ڪوئي ماضي نه اڳيان ڪوئي مستقبل.

جن جو ماضيءَ ۽ مستقبل سان ڪو رابطو ئي نه رهي. جيوت جا سمورا سلسلائي ڇڄي پون. اهڙا انسان راڪيٽ جي ڪک ۾ رهڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن خود راڪيٽن کي پنهنجي ڪک ۾ ڀري پنهنجي اندر هڪ ٻيو پرائيوٽ پولار بڻائيندا آهن. ۽ پوءِ ٻاهر جي پولار ۾ اندر جو پولار گرهه جيان گردش ۾ اچي Crush ٿيو وڃي.

پولار جا ڪجهه جملا مثلا ”هو هڪٻئي تي ائين جملا اُڇلي رهيا هئا. جئن ٻار هنس پکي ڏانهن ڦلا اڇلائيندا آهن يا جئن ڀينر هڪٻئي ڏانهن اڌ کاڌل صوف اڇلائينديون آهن. هڪ وڏي Crush کان پوءِ به بطور يادگار باقي رهندا. جئن سنڌي پنهنجي اجڙيل حال کي آٿت ”موهن جي دڙي“ جو مثال ڏيئي پوري ڪندا آهن تئن اهي حملا به آثار قديمه جئان پولار جي ڪردارن جي مضبوطي، Intellect ۽ Maturity جي ترقيءَ جو ڏس پتو ڏيندي ظاهر ٿيندا.

ڪن ڪن ڪهاڻين جا سرا پن ڇڻ کان پوءِ اميدن جي گئونچن جيان ڦٽندي من تي مور جي پکن جيان وائک ڪندي به نظر ايندا. Identity جي ڪردار ثمينه وانگر جا پنهنجي دل کان ڌڪ کائي به دماغ جي اٽل فيصلي تي Relax ٿي پنهنجي جيون ڪٿا کي ڪيسٽ ۾ بند ڪري زندگي جي بليڪ ميل کان يعني ڪيسٽ کي Air mail ڪرڻ لاءِ هلي ٿي وڃي.... ۽ جي ڪردار جيوت جي بيلڪ ميلنگ کان بچي نه سگهيا، تن جي جيوت جي سموري سچي ڪهاڻي انهن ٻن ڪيسٽ ۾ ئي قيد رهي. جيڪا سماج جي V.C.R تي هلائڻ لاءِ نه پر بچاءُ لاءِ پاسي کان ئي پئي رهي..... ڪيسٽ!

سماجي V.C.R تي هلائڻ لاءِ اندران هندستاني!

۽ بچاءُ ۾ ڏيکارڻ لاءِ پاسي کان پيل پاڪستاني!!

 

ثميره زرين

 

 ثميرا زنده هئي! ثميرا مري وئي!! آهي ته بظاهر مختصر ئي ڳالهڙي. پر ان هئي ۽ آهي جي مختصر وڇوٽيءَ ۾ وقت جو هڪ طويل وقفو آ- هڪ دور آ- عهد آ.... تکي مٺي جيون جو رس ڪس آ.....

سڄي ساري ثميرا چند ڪاغذن ۾ قيد ٿيڻي ته ناهي پر جڏهن ٻه ڏينهن اڳ مون کي سندس جندڙيءَ تي لکڻ لاءِ چيو ويو، تڏهن هيڪر هائوڪر جي ڪر ته کنيم پر ڪو به کاڌم. ڀلا سالن جون محبتون ڪٿ ٿيون لفظن ۾ لاهي سگهجن.....

چند جملا هن جي سڄي جيوت جو قرض چڪائڻ آهي ته قرض تي ڄڻ قرض چاڙهڻ! پر محبتن ۾ اهي قرض هروڀرو بوجهه نه ڀانئبا آهن-۽ مقروض ٿي مري وڃڻ ۾ سڪرات به هروڀرو ايڏو نه ستائيندي آهي.

بيشڪ ثميرا منهنجي دوست هئي. اول ادب جي اڻ ٽٽ ناتي. ائين جئن ٻالڪ جي مک ۽ ماءُ جي ارهه ۾ ٿڃ ناتي امر ۽ لافاني رشتو جڙي.

اهو رشتو ساڻس اڄ به قائم آ صبحان به قائم رهندو. ڀل هوءَ جيوت جا سڀ وسيلا ٽوڙي ڀريءَ کي ڀور ڪري قبر جي تنهاين ۾ وڃي پنهنجو آڳر اڏي.....

پوءِ ثميرا سان دوستي ٿي سندس شخصيت ناتي. هوءَ هوءَ هئي، آءٌ هئس. بس ان ڪري هڪ ٻئي کي سلهاڙيو آياسين ساڻ ساڻ. کيس جيسين نه ڏٺو هئم، تيسين ساڻس لاءِ دل ۾ احترام ۽ عزت رکندي آئي هئس. جڏهن ساڻس مليم تڏهن احترام ۽ عزت ٻين لاءِ ڇڏي ساڻس محبت جوڙي ويٺس.

هوءَ ڪيتريءَ قدر قابل محبت هئي لفظن ۾ نه ٿي آڻيان. ان ڪري نه جو محبتن ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون وڃن پنهنجي اهميت وڃائي وهن ٿيون، بلڪه انهن محبتن جي سهاري ئي ته غار حرا جي عبادتن آڪاش عظيم جو سفر طئي ڪيو هو. دلين جون محبتون ساعتن ۾ معراج جو مزو بخشيو وڃن، پر سچ ته آءٌ سندس وقفي وقفي ۽ ڌيرج ڌيرج پر ديرپا هلندڙ مزاج ۽ محبتن کي قلم جي ڪوڙڪيءَ ۾ آڻي ئي نٿي سگهان. مون کي پنهنجي قلم جي ڪمزوريءَ جو پورو اعتراف آ. هوءَ ته تازي ناريل جو اڇو کير جهڙو اڻ ڇهيو پوتر پاڻي هئي.

جنهن مان چڪي چکي ئي هن جي ون ۽ واس جي مٺاس جو مزو ماڻي سگهيو هو. ڀانءِ ته ڪو باغ ارم جي ميون جي مٺاس ۾ ڪا ڪمي هئي. جن جي پورائيءَ لاءِ خالق قدرت کيس اوچتو ئي اوچتو فرش تان کڻي عرش جي وسعتن ۾ اُڪلائي ڇڏيو.

بس هن سان ملياسين ۽ وڇڙي وياسين! آهي ته وري به مختصر ئي ڳالهڙي!

پر ان ميلاپ ۾ چاهتن جا لنمبا سلسلا هئا. ادبي بحثن جو بي پايان ذڪر هو، ننڍڙين ڳالهين تي وڏڙا رسامان ۽ پرچاءُ، ڪتابن جي ڏي وٺ خيالن جي ڏي وٺ، گهرن ۾ ننڍڙيون دعوتون، فونن تي وڏيون ڪچهريون.... ذات نيات جا ڏک ڏولانجهه، ياد ٿم هڪ لڱان هن ڪنهن وڏي ماڻهو کان ڏکوئجي نااميدي وچان فون تي چيو هو. ”يار ڪجهه نه ٿو وڻي، ڪجهه نه ٿو وڻي، هڪ دم هر چيز بور.“ ان تي چيوهومانس ثميرا ننڍي لاءِ سانڊن جو تماشو ڪڏهن ڏٺو هئه! وڏين وڏين گهٽين ۾ ٻارڙا انبوهه ڪيو گول دائري جي صورت ۾ سانڊن کي ورايو بيٺا هوندا هئا. وچ ۾ هزارين منهن سائيرڙن سائيرڙن پٽين سان پيلا پيلا سانڊا هڪٻئي مٿان سٿ ڪيو سرندا پيا هئا.

ياد ٿم ڪٿي ڪو سانڊو احتجاج وچان ٿڙ کان ٿيڙ کائي پري سرڻ لڳندو هو. ته تماشي ڏيکارڻ وارو ڀيل ان کي چمٽي سان جهلي واري هڻندو هو وچ ۾، پاسي کان هڪ وڏي لوهه جي ڪڙهائي ٽانڊن تي دهڪندي رهندي هئي. تماشي ڏيکارڻ وارو جيئرا جيئرا سرندڙ سانڊا ڪڙهائيءَ ۾ وجهي ان جو تيل چڪائيندو ويندو هو ۽ شيشون ڀري جواني ٻيهر ماڻڻ لاءِ خريداردن کي وڪڻندو ويندو هو. پر تڏهن اسين ان کي تماشو سمجهندا هئاسين.

هاڻ خبر پئي ته اسين پاڻ تماشو آهيون، اسين پاڻ ئي تماشائي. آهي ته وري به مختصر ئي ڳالهڙي. پر ان ۾ پيڙهن کان پيڙهين تائين جون پيڙائون پوريل آهن. ڪاڻي سماج جي سيٽن جو سٽاءُ شامل آهي ڏک ڏولاءَ مسلسل ڳوڙها ۽ انهن جون ڳالهيون..... سماجي سٽاءَ ۾ اسين سانڊن سمان آهيون، اسان جي تيل تي اسان جا وڏکڙا بوٽ پهريل وڏا اسان جي ئي تيل تي هر دم جواني ماڻين ٿا، انهن جي ڏنؤرن جي طاقت اسان جي ئي تيل تي آهي، سچ ته هوءَ پنهنجي ڳوڙهن کي منهنجي ڳالهين ۾ ڳهي وئي.

پر حالتن سان هلي ڪانه سگهي... سهي ڪانه سگهي... تماشو بنجڻ هن جي ساهس ۾ ڪونه هو. تماشائي ٿيڻ هن جي سڀاءَ وٽان ڪونه هو.

بس ستي جتي ڀنڀرڪي جو ڀاڳ هئي. رات جي ڪاراڻ ۽ سج جي تيز اکين کان حراسجي هڪ ئي هلي وئي!

جئن مون ثميرا جي شخصيت تي ڪو خاص ناهي لکيو، تيئن مون هن جي ادب تي به ڪجهه خاص ناهي لکيو.

ڇو جو وري به وقت ٿورو ۽ قلم ڪچو اٿم. ائين ته ڪونه هو ته ڪو ثميرا ادب کي ڀانڀڙا پائيندڙ ٻار جيان اڱر کان وٺي اڳتي هلايو. ادب سندس ٻلهه تي اڳيان هلندو رهيو ۽ هوءَ هڪ موڙ تي ٿڪجي پري بيهي رهي. پر به هوءَ پنهنجي مت ۽ وت آهر ان وقت جي گهرج ۽ ضرورت آهر جڏهن عام عورتن ۾ لکڻ ته ڇا پڙهڻ جي سمڪ به پوري ساري هئي، مردن مٽ مس نائيٽ اينگل جيان ادبي مشعل هٿ ۾ ڪري اونداهي واٽن تي لاٽ وکيرندي ’خاتون اول‘ جو لاب پائي وئي، پوءِ ڀل ته روشنيون درجي بدر جي ترقيءَ  جون منزلون طئي ڪندي، وهندڙ وقت سان گڏ پنهنجا ماپ ماڻا، ڏيئي جي ننڍڙي لاٽ کان سؤ والٽن جي بلبن تائين رسي وڃن. ثميرا انهن بلبن جي چڪا چوند روشني ڀل پنهنجي اکين تي سهي نه سگهي هجي، پر به ٻاٽ اونداهين ۾ سندس هٿن جا کڙکٻيتا کوڙ نور سان چيهه جيان چمڪندا رهيا. اڄ سندس ڪهاڻي پڙهندي ڀل وڌندڙ وقت جو پتو پئي نه پئي، پر پوئين وقت جي پوري سچائيءَ جو ساءُ ضرور اچي ٿو. هن جيڪو لکيو جيترو لکيو سچ لکيو. بقول آغا سليم سقراط ته فقط هڪ زهر جو پيالو پيتو، ثميرا سڄي ڌرتيءَ جو زهر اندر ۾ اوتي موٽ ۾ املهه اکر ڏنا.

سچ ته ’مهراڻ جون ڇوليون‘ ثميرا جي پورهئي جو اهو پگهر آ، جنهن مان ڀانت ڀانت اديب جي سهيڙ ۽ سيڙپ مان چڪايل عطر جي خوشبو واسي سگهجي ٿي. مهراڻ جون ڇوليون هميشه ڇر ۾ هونديون آهن، وقت جي دز انهن کي ماٺو ڪري مڃائي نه سگهندي آهي. ثميرا جي اها ڪوشش هميشه عطر ۽ عنبير رهندي، وقت هن جي سڳنڌ کي هميشه سانڀي رکندو.

آخر ۾ آءٌ ايترو چوان ته سڄي ساري ثميرا جيئن جيئن هوءَ هئي تيئن ئي مون هن کي هنن چند ڪاغذن تي ٻيهر جنم ناهي  ڏنو. ڇو جو اڄ ثميرا جو جنم ڏينهن نه، ڏک ته هن جي مرتئي جو ڏينهن آهي.

ثميرا تون پنهنجي شخصيت جي باقي وصفن کي منهنجي اڻ ڇهي ڇڏي وڃڻ کي بخش ڪري ڇڏجانءِ. جيڪڏهن محبتن ۾ ڪو روحاني رشتو آ، ڀل ته موت جي وڇوڙي توکي اسان کان ڇني پري ڪري ڇڏيو آ.... پر به ايترو سو ايمان ٿم تنهنجي جندڙي ڪٿي اسان جي آس پاس پرڙا هڻندي هوندي. اڄ جون هي چار گهڙيون اسين سڀ تنهنجي ئي نانءَ گڏ ٿيا آهيون. هت ڪو ڪير آ ڪو ڪير؟ جو سوال ڳالهه ناهي، بلڪه هت توکي ڪنهن ڪيئن محسوس ڪيو ڪنهن ڪيئن جي ڳالهه سو اڄ جي هيءَ شام تنهنجي ئي نانءَ رهي.

سانول

خيرالنساء جعفريءَ سان ڳالهه ٻولهه

 

 اڄڪلهه ڇا پئي لکين؟

ڪجهه ئي ڪونه،

ڇو؟

Motivation ناهي، محرڪ ضروري آهي. هاڻي محرڪ ويليو وڃائي ويٺا آهن. انسپائريشن ناهي. چڪور چنڊ کان انسپائر ٿيندو آهي ۽ بلبل گل کان... منهنجي هن Motivation جي ’سيز فائز‘ ٿي چڪي آهي.

اهو هل هليل آهي ته توهان قلم ڇڏي ٿالهيون کنيون آهن؟

ٿالهيون سيلاٽياڻيون کڻنديون آهن. مون اڳ ۾ ئي چيو آهي ته آءٌ سيلاٽي نه پر چيلاٽي آهيان. (هونئن سنڌ جي نياڻين جي هٿن ۾ ٿالهيون سونهن ڪونه ٿيون، ويڙهه لاءِـ پر چيلاٽي کي به شريف نفس هوندو آهي. ان جي چرچ ڪبي ته پوءِ چڪ پائيندو. نانگ به ائين آهن، پر انسان... ڏنگ چيلاٽن ۾ نه- انسانن ۾ آهن.

ڪتاب (تخليق جو موت) ڇپجڻ کان پوءِ تو ڪا ڪهاڻي نه لکي آهي؟

ان ڪري جو مون پنهنجو ڇپيل ڪتاب پاڻ نه ڏٺو آهي... هاڻ ڏٺو اٿم، بلڪه وڪيو اٿم، جوکاين ۾! هڪ لکندڙ پاڻ پنهنجي تخليق وڪڻي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو آڀاڳ ٿي سگهي ٿو.

ڏوڪڙ انسپائر ڪري سگهن ٿا؟

نه، بنهه نه، پٽيءَ نه پئسو پناه گاه ٿي سگهي ٿو، انسپائريشن نٿو بڻجي،

آءٌ ٻيڙي پيان...؟

مون کي ڊپ آهي ته تون ڪڏهن ڀريل ٻيڙي نه پئين؟

نه اها نه اها نه، ڇو ته آءٌ پنهنجي ڌيءَ لاءِ به اهو پسند نه ڪنديس ته هوءَ... ۽ جيڪا شيءِ آءٌ پنهنجي ڌيءَ لاءِ پسند نٿي ڪريان سان پنهنجي لاءِ سماج لاءِ ٻين لاءِ ڪيئن ڪنديس.

پر اسان جي پسند نه ڪرڻ جي باوجود ڪيتريون ڳالهيون ٿين ٿيون؟

ٿين پيون ته اها الڳ ڳالهه آهي. برائيون ته آهن نه... ليکڪ ڪو سماج سڌار ناهي. پر تڏهن به ... ’ياري رکڻ‘ بدران ان سان شادي ڪرڻ سٺو آهي. چئن شادين جي فلسفي جي حمايت ٿي ڪريان، جو مسلمينن کي نيٺ ’ائڊز‘ کان بچڻو آهي. ڇو ته مسلمين آهيان. نه هجان ها ته چئن کي چئن سان ضرب ڏيان ها. پر ان لاءِ نڀائڻ ضروري آهي. برقرار نٿا رکي سگهو، ته ان کي دل سان بيقرار رکو.

ڀلا ساهيڙپ ...؟

ساهيڙپ... هم جنسيت... منهنجو اندر ان کي لڱو نٿو چوي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ شاديون ڏاڍيون مهانگيون آهن، ان ڪري ماڻهون سستي ۽ سولي طريقي ڏانهن لوهه پائيندو ۽ ٻاهر ته اهو سڀ Legalize ٿيل آهي.

هونئن هم جنسيت فرائڊ مطابق شخصيت جي نشونما لاءِ هڪ اهم نفسياتي ڪيفيت آهي. جنهن مان هر ماڻهون لنگهي ٿو... ڀل ڪو مڃي نه مڃي.

ڊڄ ٿيندو اٿئي؟

ڊڄان رڳو امان کان ٿي. بابا جو احترام ڪندي آهيان ۽ پيار رڳو ڌيءَ سان ٿي ڪريان.

ڀلا رنگ ڪهڙو ٿو وڻنئي؟

رنگن سان چاهه نه اٿم...

Colour Blind?

نه... Colourless less less آهيان. ۽ ’ليس‘ ته رون تي به نه وڻندي اٿم. هي رئو ڀاڄائيءَ جو اٿم. اڇو ۽ ڪارو ٻه رنگ ٿين ٿا.

اڇو ۽ ڪارو ٻه انتهائون؟

ٻئي انتهائون جڏهن ڪٺيون ٿينديون، تڏهن آءٌ پاڻ کي Balanced فيل ڪندي آهيان. سنڌي لاءِ Balanced هئڻ ضروري آهي؟

نه- سنڌين لاءِ رڳو ان اکر جو اڌ يعني ’Ban‘ هئڻ ضروري آهي.

تون Balanced آهين؟

آءٌ Survive ڪري رهي آهيان، Un balanced هئڻ سان ماڻهو يا ته مري ويندو آهي يا چريو ٿي پوندو آهي. مان اڃا نه مئي آهيان، نه چري ٿي آهيان.

ته تون پاڻ کي سنئون ٿي سمجهين؟ سو! هٿ تريءَ وانگي!؟

ها، لکڻ مهل ڏنگي ڦڏي ٿي ويندي آهيان، ڪار وهنوار ۾ سڌي هوندي آهيان ڪار وهنوار ۾ اونڌو ڏسي بڇان وٺندي اٿم...

هڪ سرجڻهار، ساهتڪار جو ڪهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو؟

هو حساس هوندو آهي، پنهنجي حقن ۽ فرضن جي سڃاڻ رکندو آهي. هو هر حالت ۾ حق شرع پاريندو آهي.

۽ ائين هو ڪري رهيو آهي؟

نه، ائين هو نه ڪري رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ جيڪي بي ادبيون آهن، اهي مون ڪٿي به ناهن ڏٺيون! هتي جهڙوگند آهي... گند خراب ناهي، پر ان لاءِ ڪا مخصوص boundry ڪا limit هئڻ گهرجي... ڊسٽ بن بازار... باٿ روم.

انهيءَ گند ٻهارڻ ۾ تو ڪهڙو رول ادا ڪيو آهي؟ يا تو به ان گند ۾ واڌرو ڪيو آهي؟

مون گند ناهي ڪيو. ائين هجي ته مون کي احساس ڏياريو. آءٌ پنهنجي حصي جو گند پاڻ کڻنديس، پر ٻين جو گند آءٌ نٿي کڻي سگهان، اهو حصو انهن کي پاڻ کڻڻ گهرجي.

پاڻ ماچيس مٽايون؟

ڪم مڙئي آ ٻارڻ سان. لائٽر آءٌ پاڻ افورڊ نٿي ڪري سگهان. آءٌ ته لپ اسٽڪ افورڊ نٿي ڪري سگهان.

ڪهڙي لحاظ کان، کيسو يا ذهن؟

کيسي جي ڳالهه پوءِ جي آهي، پهرين ذهني طور تي افورڊ نٿي ڪري سگهان.

ادبي اختلاف ته ٻڌا اٿئون، پر ادب ۾ هي ذاتي اختلاف ڪوهه ڪاهي پيا آهن؟

ڪاهي پوڻ کپن، ڇاڪاڻ ته ائين ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي. ذات به فلٽر ٿيڻ گهرجي.

ائين اصل مسئلا رهجي نه ويندا؟

ڦڪيءَ کي ڇاڻي کائبو آهي، تڏهن ئي فرق ڪندي آهي، ادب ۾ به ائين ٿيڻ گهرجي.

ڳالهه وري به اصل مسئلن جي آهي، اسان وٽ ناول ڊگهي ڪهاڻي، ناولٽ، تنقيد، اسٽيج ناٽڪ، لکڻين تي اُجوري جهڙا مسئلا، ٽولي بازيون، ٺيڪيداريون...

اصل مسئلن جي صحيح معنيٰ ۾ اسان کي ڄاڻ ڪانهي، ان ۾ وقت لڳندو.

ڪيترو وقت؟

آءٌ نه، ته منهنجا ٻار، تن جا ٻار...

ڇا تنهنجي لکڻين کي رڳو ساراهيو ئي وڃڻ گهرجي؟

ساراهه وڻندي اٿم، جيڪا ساراهه آهي اها نٿي وڻيم، جڏهن ته دل ۾ ان کي مڃان ٿي، ساراهه تي ماٺ ته ڪري سگهان ٿي، پر مڃي نٿي سگهان.

پوءِ چاهي اها ساراهه غلط ئي ڇو نه هجي؟

اهو فيصلو آءٌ نٿي ڪري سگهان، گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن ۾ ته پٽيءَ نه، بنهه اڪيلائي هجي ته پوءِ...

بنهه اڪيلائي آهي به سهي؟

آهي ئي ڪونه.

اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين ۽ ميلي جهميلي ۾ تنها اسين!

 ها، نه، نه، ها...

توکي هونئن به، ۽ هينئر به اهو فيل ٿئي ٿو، ته تون چٽي پٽي ناهين! پڌري پٽ ناهين؟

چٽي ته ڪا به شيءِ ڪونهي!

تون ڇا ٿي سمجهين ته اهڙي ايڪانت ملي به ته اهو عرصو فيصلن جو هوندو آهي يا ڀوڳڻ جو؟

ها. اهو عرصو ڀوڳڻ جو ئي هوندو آهي!

ڀلا لکڻ ڪو مقصد؟

مقصد ناهي، هوندو تڏهن به چٽو ناهي! مان پاڻ به چٽي پٽي ناهيان. قلم سان سچي آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کان به لڪائي ڇڏيندي آهيان.

سچ ڇا آهي؟

هڪ معمولي ڄاڻ... جنهن کي گهڻائي مڃي، ۽ محسوس ڪري.

بور ٿيندي آهين؟

اهي ڏاڍا اڙانگا کن آهن. سچ پچ، ڏينهن قيام تائين بور ٿيندي رهندس.

هڪ سرجڻهار لاءِ بور ٿيڻ ضروري آهي؟

ها، تخريب ضروري آهي، تعمير لاءِ حال ۾ لکيو ٿم، ضروري ناهي ته اهو ستائش قابل هجي. ڀتين تي لکيو اٿم. جڙيل ناهي، ٽڪرا ٽڪرا ڪو به تسلسل ناهي انهن ۾...

سيڪوئنس ضروري ته ناهي ٽڪرا هئڻ کي به ته ڪا معنيٰ ٿي سگهي ٿي؟

آءٌ جا خود جڙيل ناهيان ... ناهيان... ڀور ڀور، ٽڪرا ٽڪرا، ان ڪري ئي شايد جڙيل هجڻ، تسلسل وڻندو ٿم.

لکڻ کان پوءِ Relaxed فيل ڪندي آهين؟

آءٌ Relaxed هوندي آهيان تڏهن لکندي آهيان.

آخري خواهش؟

آءٌ وقت کي نه Moments کي Enjoy ڪرڻ ٿي چاهيان... بس رڳو ڪي ڪي پل...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com