سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :8

شبنم گل

سنڌوءَ جي لهرن

خيرالنساءِ جعفري سنڌي ادب جو هڪ منفرد نالو آهي، جنهن جي شخصيت جا انيڪ پهلو آهن. ڪنهن به شخصيت کي پرکڻ جو هر ماڻهوءَ وٽ الڳ پيمانو ٿئي ٿو. مون کي خيرالنساء جي ذات ۾ نظر ايندڙ سادگي ۽ سچائي وارا گڻ وڻندا هئا. هن جي ذات جي چؤڌاري ڪوبه مصنوعي خول نه هو. سندس ذات جي بيساختگي ۾ هڪ عجيب حسن هو. 1986ع  ۾ ماروي هاسٽل ۾ رهائش پذير هئس. انگريزي شعبي جي شاگردي واري دور ۾ ساڻس ملاقات ٿي هئي. هي اهو دور هو، جڏهن مان ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي ڪمپئرنگ ڪندي هئس. ٽيليويزن هجي يا ادبي پروگرام ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي. ادبي پروگرامن ۾ ادا ڪيل سندس بي ساخته ۽ بي باڪ جملا اڄ تائين ياد آهن، جن تي اڪثر آڊينس ۾ ٽهڪڙو مچي ويندو هو. جيڏا زندهه دل سندس جملا هوندا هئا. اوتري ئي تلخين سان ڀريل هن جي زندگي هئي. هڪ حساس ۽ سمجهدار عورت جو نصيب اڪثر سندس توقعات جي ابتڙ ٿئي ٿو. ٻٽو معيار رکندڙ سماج جي هن منجهيل تاڃي پيٽي ۾، ذهين ۽ منفرد مزاج عورت ناقابل قبول ٿي پوي ٿي. نفسيات جي ڪنهن پيچيده ٿيوري جيان محسوس ٿيندي هئي. شادي جي ٿوري عرصي ۾ مڙس کان عليحدگي ٿيڻ کان پوءِ هوءَ اڪيلي سر ڌيءَ جي پرورش ڪرڻ لڳي. اها به هن جي ذات جي سچائي هئي ته هن زندگي کي هڪ اڻ وڻندڙ سمجهوتي جي نذر ڪرڻ بدران، ان کي پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي. سهيلين جي جهرمٽ ۾ هشاش بشاش نظر ايندڙ خيرو، زندگيءَ جي اسٽيج جو هڪ اڪيلو ڪردار هئي. چند ڪهاڻيون، تاثر ۽ تقريرون ئي هن جو مڪمل تخليقي اثاثو آهن. ان وقت سنڌي سماج ارتقائي دور مان گذري رهيو هو. هن سماج جي ٻئي رويي کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو ۽ سندس تحرير جي بي باڪي پڙهندڙن جي دل ۾ گهر ڪري وئي. هن چند ڪهاڻيون لکي لازوال شهرت ماڻي آهي. 1986ع کان 1994ع تائين وارو دور ادب جي حوالي سان هڪ انتهائي سرگرم دور هو. حيدرآباد جي حسين شامن ۾ ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا. ماڻهن وٽ ادب لاءِ چاهه موجود هو. هو دلچسپيءَ سان ادبي گفتگو ٻڌندا ۽ محفوظ ٿيندا هئا. انهن ادبي محفلن کي خيرالنساء جي موجودگي جاندار بڻائي ڇڏيندي هئي. ڄام شوري جي شامن ۾ سنڌوءَ جي لهرن جي خوشبوءِ سان واسيل هوائن جو سحر اڄ به محسوس ٿيندو رهي ٿو.

خيرالنساء ۽ سندس همعصر ليکڪائن سنڌي سماج کي پنهنجي تحريرن وسيلي هڪ نئين سوچ ڏني. اديبائن جي ان سٿ ۾ تنوير جوڻيجو، ثميره زرين، رشيده حجاب، ليليٰ بانا جا نالا قابل ذڪر آهن. يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد مان به نوڪري ۾ مصروف ٿي ويس.

1996ع جي ڳالهه آهي ڪنهن ڪم سان يونيورسٽي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. چند گهڙيون خيرالنساء جي رفاقت ۾  گذريون. چوڻ لڳي ”مرد، ذهين زال کي گهٽ برداشت ڪندو آهي. تنهنجو مڙس ڪيئن آهي؟“

ان وقت منهنجي شادي کي هڪ سال ٿيو هو. ”اڃا ته حالات صحيح آهن. اڳتي ڏسجي ته ڪهڙي صورتحال ٿي بيهي“ مون کِلي جواب ڏنو.

ان ڏينهن خيرالنساء ڪجهه خاموش هئي. زندگيءَ جا تلخ تجربا ورجائيندي هوءَ اداس ٿيندي رهي. ايران جي فروغ فرخ زاد هجي يا پاڪستان جي پروين شاڪر کين حالات جي تلخين جو زهر پيئڻو پيو. خيرالنساء کي به ائين محسوس ڪندي هئس ته هوءَ زندگيءَ جي تلخين سان وڙهندي رهندي هئي..... وقت ۽ حالات ساڳيا نه ٿا رهن. زندگي مستقل تبديل ٿيندي رهي ٿي. هڪ عمر گذرڻ کان پوءِ، جڏهن ويجها رشتا دائمي طور تي وڇڙي وڃن ٿا، ته زندگيءَ جو تصور بدلجي وڃي ٿو. ڪافي عرصي کان پوءِ ملي ته اُها ساڳي خيرالنساء نه هئي. خزان جي موسم جي شروعات  ۾ سندس چهرو زرد پنن جيان لڳي رهيو هو. هوءَ پراڻين يادن کي ورجائڻ لڳي. اها حقيقت آهي ته خوبصورت دور جي گذري وڃڻ کان پوءِ اُهي سونهري لمحا دل ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳندا آهن.

”امان بابا ياد ٿا اچن. گهر جو اهو پينگهو به جنهن ۾ ويهي چانهن پيئندي هئس ۽ امان بابا سان ڪچهري ڪندي هئس. هاڻ چانهن پيئڻ ۾ اهو مزو ڪونهي رهيو.“ ائين چوندي سندس اکيون لڙاٽجي ويون هيون.

ان وقت مان سندس ڳالهه نه سمجهي سگهي هئس. پر سالن پڄاڻان جڏهن امان بابا نه رهيا. ته سندن چهرا ۽ گهر جي اڱڻ ۾ رکيل اهو پينگهو وري وري ياد ايندو هو. جنهن ۾ ويهي چانهن پيئندي ٻنهي سان ڪچهري ڪندي هئس. ڪڏهن ڪڏهن حالتن جي نوعيت مختلف هوندي به ڏک ساڳيا لڳندا آهن. ماءُ پيءُ جي محبت جو ڇانورو وڃائجي وڃڻ کان پوءِ زندگي بي ڪشش لڳندي آهي.

جيئن ان وقت خيرو جي اکين جي خالي پڻي ۾ ويل وقت جون يادون سڏڪي پيون هيون. حساس ماڻهن جا خواب يا ڏک هڪجهڙا ئي ٿين ٿا. حساس ماڻهو دنيا جي هجوم ۾ هونئن به اڪيلو آهي. مڪمل ويساهه ڏيندڙ دوستي يا رشتا اڻ لڀ آهن. خيرو به دوستن کان ٿڌي ڇانوَ جهڙو احساس چاهيندي هئي. ان معاملي ۾ خوشقسمت هئي. دوست سٺا مليا هئس. سدائين ادي تنوير جوڻيجو جي اُتساهيندڙ وجود سان گڏ نظر ايندي هئي. محبت دل جي گهراين سان نڇاور ڪندي هئي. سندس ڌيءُ صائمه سندس خوشين جو محور هئي. هر جڳهه کيس گڏ وٺي هلندي هئي. مامتا جي خوبصورت احساس خيرو جي وکريل وجود کي سميٽي رکيو. صائمه جا انگل پورا ڪري خوش پئي ٿيندي هئي.

منهنجون خيرالنساء سان ملاقاتون گهٽ آهن. پر هوءَ جڏهن به ملي ته دل سندس ڳالهين جي سحر ۾ وڪوڙجي وئي. حساس ماڻهو هر ماحول ۾ اوپرو بڻجي وڃي ٿو. هن جي انفراديت کي آسانيءَ سان قبول نه ٿو ڪيو وڃي. خيرو سچ ڳالهائيندي هئي. پنهنجي اظهار جي بي ساختگيءَ ۾ هوءَ ڪيئي غير معمولي ڳالهيون چئي ويندي هئي. جنهن جي چوڻ جي سگهه هر ماڻهوءَ وٽ نه آهي. زندگيءَ کان ماڻهوءَ مصلحت پسن د ٿي جيئڻ جو ڏانءُ سکي ٿو.

انڪري سچائي ڄاڻڻ باوجود به اڻڄاڻ بڻجي رهجي ٿو. پر خيرو انهن سڀني ماڻهن کان مختلف هئي. جيڏو ڪڙو سچ ڳالهائيندي هئي دل به اوتري سنڌوءَ جي لهرن جيان اڇي اُجري شفاف هئس.

زندگيءَ جي هڪ مختلف ڪردار طور هوءَ مون کي اڪثر ياد ايندي آهي. پنهنجي زندگيءَ جي تنهاين جي اولڙن ۾ هڪ اڌوري ڪهاڻي طور وقت کيس ورجائيندو رهي ٿو. طبعي طور تي دنيا ۾ موجود نه هوندي به ڄام شوري جي فضائن ۾ سندس لڙڪن جي نمي ۽ ٽهڪن جو سنگيت اڄ به محسوس ٿين ٿا.

هوءَ اڄ به دوستن، عزيزن ۽ مداحن جي دلين ۾ محبت جي روشن ڪرڻي جيان سندن يادن ۾ جرڪندي رهي ٿي.

حسين مسرت شاهه

صليب تان لٿل لفظ

 

تنهنجيون اڪثر ڪهاڻيون ڊگهي رات جي پيڙائن ۾ سرجنديون ۽ اسر جوان ويل انجام تي پڄنديون آهن. جنهن وقت حالات سان گذاري ڪيل قيدي ڦاهيءَ چڙهندا آهن، اسر جو آذان جي آواز تي ڪنهن نه ڪنهن قيدي سان گڏ منهنجي ڪهاڻي به قلم جي صليب تان لهندي آهي تون جيڪڏهن ليکڪ نه هجان ته پڪ پوءِ ڦاهيءَ جو سزاوار ڪو قيدي هجان ها.“ (جعفري 92-306)

وقت حالات ۽ زندگيءَ سان گذاري ڪندڙ تمام ٿورا ماڻهو هوندا آهن جن مان ڪجهه ليکڪ بڻجندا آهن. زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جيان ظالم ليکڪا خيرالنساءِ جيڪا پنهنجي نالي جي ابتڙ ڪڏهن به خير وارا لفظ نه لکي سگهي، هن جون صليب تان لٽل ڪهاڻيون هميشه پڙهندڙن جي ذهن کي جهنجهوڙي، زندگيءَ کي نئين ۽ مختلف انداز ۾ ڏسڻ لاءِ مجبور ڪنديون رهيون. .... حقيقتن کي پيش ڪرڻ جو ڏانءُ هن وٽ موجود هو.

طبيعت ۽ انداز ۽ لاپرواهه نظر ايندڙ خيرالنساءِ سوچن ۾ تمام گهري ٿي نظر اچي.

ليکڪن جي ڀيٽ ۾ هو بلندئي جي دعويٰ نٿي ڪري، هوءَ اهو به نٿي چوي ته ان ڪو ادب ۾ نئون اضافو ڪيو آهي. هن جو لکڻ صرف اندر جي پڙائڻ جي پچار ڪرڻ ٿو لڳي.

خيرالنساءِ پنهنجين ڪهاڻين جي هر ڪردار جي ڪنهن نه ڪنهن سوچ ۾ موجود نظر ٿي اچي. پڙهيل لکيل شعور جي نمائندا ڪهاڻيڪار، پنهنجن سوچن ۾ منفرد آهي.

جڏهن خيرالنساءِ جي ڪهاڻين تي لکڻ لاءِ سوچيم ته مون کي سندس تقريرون ۽ ٻين اديبن جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ تمام گهڻا متاثر ڪندڙ لڳا. قلم ۽ زبان جي بيساختگيءَ جو سنگم ....... سندس لفظ امر آهي.

سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح تي مبني تحريرون گهٽ ٿيون نظر اچن.

خيرالنساءِ جعفريءَ جو انداز بلڪل منفرد ٿو لڳي هو مزاح ۾ طنز ڪري ٿي ۽ طنز ۾ مزاح سان گڏوگڏ حقيقتن جو بيان ايتري ته اثرائتي --- ۾ ----- ڪري ٿي جو ذهن سوچي ٿو ته اکين ۾ لڙڪ ۾ اچي ٿا وڃن.

ذوالفقار سيال جي ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ جي مهورت جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۽ ادب تي ڳالهائيندي اهو ته ٻڌائي ٿي ته جڏهن سندس کي هارٽ اٽيڪ ٿيو هو ان وقت ذوالفقار اسپتال ۾ هن کي اهو ڪتاب ڏنو، خيرالنساءِ چوي ٿي ته:

”ڪي انسان مون پالا اهڙا ٿيندا آهن، جن کي اٽيڪ کلم کلا پوري درد سان پوندا آهن ۽ ڪي انسان اهڙا هوندا آهن. جن کي دورا خاموشيءَ سان پوندا آهن. ۽ انهن جي دل جي زخمن جا نشان رڳو اي. سي. جي ۾ ايندا آهن يعني دل جي دفتر ۾ دل جي زخمي هجڻ جا خاموش نشان..... انهن خاموش نشانن تي ڪو آڱر رکي ته اهو ڊاڪٽر.... انهن خاموش نشانن تي ڌيان ڏيئي.... ڪو قلم کڻي ته اهو اديب آهي. (جعفري 1992ع،314)

اديب ڇو لکندو آهي؟ ان جو جواب هر اديب جو مختلف ٿي سگهي ٿو پر سبب هڪڙو ئي هوندو، سماجي حالتن سان بغاوت، زندگيءَ جي ڪڙين حقيقتن جو دل ۾ لٿل درد ادبي تخليقن جو باعث بڻجندو هوندو. خيرالنساءِ منفرد ليکڪا هئي ان جا درد به منفرد هئا مطلب ته درد جي تشريح ۽ درد کي مختلف نموني سان بيان ٿي ڪري، هو جڏهن بيمار آهي ۽ لکي نه سگهندي هئي ته ان جو ڏک به پنهنجي تحرير ۾ بيان ڪري ٿي ته ”چڱو نه پڙهڻ جي ڪري چڱو لکڻ به ڇڏي ڏنو اٿم.“

خيرالنساءِ هر ناانصافيءَ کي دل ۾ محسوس ڪندي نظر ٿي اچي هو جيڪي ڳالهيون ڪهاڻين ۾ نه چئي سگهي آهي ته اهي وري پنهنجن تقريرن ۾ ضرور چوي ٿي سماج تي تنقيد ڪرڻ، سماجي اوڻاڻين تي آڱر کڻڻ کان ڪڏهن به پاڻ کي روڪي ناهي سگهي. سندس ننڍا ننڍا جملا ڄڻ ته تيز چنهنڊڙيون آهن. جيڪي بي اختيار الا! چوڻ تي مجبور ڪري ٿيون ڇڏين.

بي گناهه انسانن جو موت هر ڪنهن کي ڏکوئي ٿو. قتل عام ۽ بدامني خلاف ڪيترائي قلم لکيا ويا هوندا.....! پنهنجا لفظ، پنهنجا احساس ۽ هر دل تي لهندڙ درد ۽ پنهنجا پنهنجا هجن ٿا. خيرالنساءِ ڪنهن مخصوص طبقي نه پر انسانيت جو درد رکندڙ ليکڪا هئي. وڏا ته ٺهيو پر هڪ ٻار تي به تاڻيل بندوق هوءَ برداشت نٿي ڪري، ڪنهن ڪمائي ۾ پڙهيل پيراگراف پنهنجي تقرير ۾ ٻڌائيندي چوي ٿي ته نقاشزم خلاف ڪنهن ملڪ جي ماترن پنهنجن ٻارن کي جلوس ۾ موڪليو، هڪ ------ عورت جو هڪ ٻار هو، هو ٻار بائيبل کڻي جلوس ۾ هليو ويو، هڪ ٻار جي قتل کي هوءَ سڀني اولاد وارن جي ٻارن جي قتل سان تشبيهه ٿي ڏئي... خيرالنساءِ ظالم ليکڪا هئي هن کي پنهنجي اندر جو زهر پڙهندڙن تائين منتقل ڪرڻ جو ڏانءُ ايندو هو... ڪنهن جلوس ۾ شريڪ ٻار سيني سان بائيبل لڳائي بيٺو هو. خيرالنساءِ چوي ٿي ته:

”دشمن جي پهرين گولي نڪتي بائيبل کي

وچان جت لکيل هو ته، ”هڪ انسان جو رت

لٻٽي انسان تي وهائڻ حرام آهي“، چيريندي

ٻار جي دل جي هن پار هلي ويئي.

دوستو! اوهين به پنهنجي گهرن ۾ وڃو پهرين پنهنجا ٻار ڳڻيو ۽ پوءِ قرآن شريف تان غلاف لاهي ڏسو! ڪٿي اوهان جا ٻار کٽل ۽ اوهان جي قرآنن جا غلاف رت سان ڀريل ته ڪونهن“ (جعفري 1992ع،318)

انسان جي جان وٺڻ ته هر مذهب ۾ حرام آهي. پر ، انسان، انسانن کي مارڻ بند نٿا ڪن، بي گناهه انسانن جو موت انهن حڪمن جو موت ثابت ٿو ٿئي جيڪي ان امر کان روڪين ٿا. هن جا لفظ ----- ------- جيان آهن. هوءَ ماهر نفسيات هئي، انسانن جي نفسيات جي پروڙ رکندڙ هئي. هن جو علم، ڄاڻ ۽ حياتيءَ کي سمجهڻ جو فلسفو هن جي تحرير ۽ تقرير سان صاف ظاهر ٿو لڳي. هوءَ انساني نفسيات سان کيڏندي هئي. ڪنهن ماهر رانديگر جيان هوءَ هر بازي ڪاميابيءَ سان کيڏندي هئي ۽ سامهون واري رانديگر کي لاجواب بنائي ٿي ڇڏي، حياتيءَ جي ڊگهي ويڙهه کي کلندي مسڪرائيندي گذارڻ به خيرالنساءِ هو دک ڏکوئيندڙ صورتحال کي ٽمڪن ۾ اڏائي ان جي تلخيءَ کي مسڪراهٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڏانءُ هو پر ان مسڪراهٽ جي پويان ٽهڪ ڏيندڙ درد ان مسڪراهٽ جي تلخيءَ کي لڪڻ ڪونه ڏيندا هئا. هن جا درد ٽهڪ ڏيئي لفظن مان ليڪا پائڻ لڳن ٿا.

”مهيني جي شروع واري ڏينهن ۾ آءٌ فقيرن کي

خوب ڏيندي آهيان، مهيني جي وچ واري تاريخن ۾ کين رڳو رپيو ڏيئي ------- آهيان. مهيني جي آخري تاريخن ۾ فقير مون ڏانهن ۽ آءٌ فقيرن ڏانهن پئي هڪٻئي ڏانهن ڏسندا آهيون.“ (جعفري 1992ع، 306)

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جي Ph.D جي ٿيسز جي مهورت جي موقعي تي تقرير ڪندي چوي ٿي ته ”مون سڄي زندگي هر ان شخص تي رشڪ ڪيو، جنهن جي نالي پويان Ph.D لکيل هوندو آهي. 22 مارچ 1987ع کان پوءِ رات جو ساڍي 8 لڳي کان جڏهن منهنجي ماءُ اوچتو مري ويئي، ويندي هينئر تائين هاڻ هر ان شخص تي رشڪ ڪندي آهيان، جنهن جي ماءُ زنده آهي ۽ جيئري تي ماءُ جي پيرن هيٺان جنت ۾ آهي.“ (جعفري 1992ع،206)

خيرالنساءِ تدريس جي پيٺي سان وابسته هئي علم دوست، قلم دوست انسان هئي ۽ انسانيت جي محبت هن جي لکڻين مان ظاهر ٿئي ٿي.... سياسي تبديليون، سماجي ڀڃ ڊاهه هن کي متاثر ٿي ڪري ۽ هوءَ لکي ٿي. ضياء جي دور ۾ اسلام جي نالي تي ٺهندڙ حڪومت جي باري ۾ ٻه سندس تحريرون طنز سان ڀرپور آهن. پنهنجي هڪ تقرير ۾ ان دؤر جو واقعو تمام سهڻي نموني بيان ڪيو اٿس. جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪجهه استادن کي ڪڍيو، وائيس چانسلر کان استادن پڇا ڪئي ته چيائين:

”انهن استادن کي مون ناهي ڪڍيو انهن کي سڌو سنئون گورنمينٽ ڪڍيو آهي.“ اسان پڇيس: ”سائين ڇو؟“ جواب ڏنائين ”انهن  مان اسلام کي خطرو هو.“ اسلام کي خطرو معنيٰ جنت کي خطرو! اسين ماٺڙي ڪري موٽي آياسين.“ (جعفري 1992ع، 286)

خيرالنساءِ جعفري جي موضوعن تي وسعت کي اصالئه تحرير ۾ آڻڻ تمام ڏکيو ڪم آهي انساني نفسيات جي نقطئه نظر تي ڏسي ته سندس ڪهاڻيون بلڪل مختلف نظر اينديون سندس هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ جملو ڄڻ دل جي اٿاهه گهراين مان لکيل نظر ايندو وري سندس تقريرون پڙهجن ته به ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ته زماني جي تلخي ۽ زندگيءَ جي تجربن هن ليکڪا جي لفظن ۾ جادو جهڙو ڪو اثر پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سندس ئي لفظ مطابق ته آءٌ mon in one آهيان  ان جي ابتڙ هوءَ ته اسان کي Un Comtable in one  تي لڳي. سندس هر لفظ جا مختلف پهلو هجن ٿا سندس لفظ کلائين به ٿا روئاڙين به ٿا نه ساڳيءَ وقت ڪجهه سوچڻ لاءِ مجبور ٿا ڪن.

ڪي ڪي ماڻهو فرشتا آهن!

ڪي ڪي ماڻهو شيطان آهن!

Mostly اڪثر ماڻهو پڪا مسلمان آهن!!!

پوءِ انسان الاءِ ڪٿي آهي؟“ (290)

ساڳي تقرير ۾ هڪ جاءِ تي چوي ٿي ته:

”ميرن جي حڪمرانيءَ ۾ سنڌ ۾ ڏاڍا سڌارا آيا، ميرن کان اڳ تاريخ ۾ شير شاهه سوري آيو، ان جيان ميرن به ڏاڍا سڌارا آندا، کوهه کوٽايا ۽ رستا ٺهرايا، ڇا اڄ به حيدرآباد شهر جا سمورا رستا کوٽيل ناهن؟ جنهن گهٽيءَ  ۾ پنڌ وڃو، سمورا رستا کوٽيل  نظر ايندا. شير شاهه  تاريخ ۾ هڪ دفعو آيو ۽ مري ويو. البت سوري اڄ به هر رستي تي ٽنگي پئي آهي.“ (290)

شاندار ماضي ياد ڪندڙ قوم ڪڏهن به تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. سنڌي قوم جو درد به هن جي دل کي ڏکوئي ٿو. سنڌ تمام گهڻن بادشاهن جا دور ڏٺا آهن. ------ پرڏيهي حڪمرانن جون حڪومتون ٺهندي ڊهندي ڏٺيون آهن. پر سنڌ ۽ سنڌين جو مستقبل اڄ هڪ سوال جيان ساڃاهه -----، ۽ دانشورن ۽ ليکڪن اڳيان اڻ جو ابيل ٿيو بيٺو آهي.

خيرالنساء جو هڪ جملو آهي ته: ”قوم قربانيون ڏيندي ئي انڪري آهي ته عوام جو رت وهي ۽ ادب تي بهار اچي.“ (291)

خيرالنساءِ پنهنجي سوچ سمجهه جي سچائيءَ سان زندگي جيئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن جو ٿورو لکڻ جي وچ ۾ اها ئي ٻڌائي ته انسپائريشن ناهي هن جي منفرد انداز ۽ منفرد سوچن هن کي ادب ۾ بلڪل الڳ ڪري بيهاريو آهي. پنهنجين انٽرويوز ۾ هوءَ تفصيل سان پنهنجي سوچن کان آگاهه ڪري ٿي. ادب جو وڪرو  پيش نٿي ڪري اها ڳالهه کيس تڪليف ٿي ڏي ته اديب پنهنجي تخليق پاڻ وڪڻي. هوءَ سڀني کي پناهه گاهه ٿي چوي انسائريشن نه. ----- هڪ ليکڪ کان ڪجهه به تخليق نٿو ڪرائي سگهي. خيرالنساءِ جي نظر ۾ مهان ليکڪ اهو آهي. ”جنهن جي حرف لفظ يا هڪ سٽ سٽ ڏيئي... دل ۾ ٿڙٿڙي وڃي“. ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته سندس لفظن جي ڪٽوتي نظر ۾ رکندي اسين خيرالنساءَ کي ڪهڙو نالو ڏيون هڪ لفظ اهڙو جيڪو دل ۾ ٿڙٿڙي وڃي پر هيءَ ليکڪا ته لفظ سميت پاڻ به دل ۾ گهڙندي ٿي وڃي... سمورين تلخين ۽ لاپرواهين جي باوجود تحريرن وسلين..... چور چور ڪري ٿي ڇڏي ۽ پاڻ به ڀور ڀور ئي، ٿي وڃي ڇو ته تخليق جا مرحلا اهڙا ئي تڪليف ده هجن ٿا. اندر جو ڀور ڀور ٿيڻ ئي اصل انسپائريشن هجي ٿي. پاڻ ڀور ڀور ٿيندي به ڪيتري قدر نه سگهارو ادب ڏيئي ويئي، حالانڪ هوءَ ان جي دعويٰ بلڪل به نٿي ڪري مردن جو گهڻو لکڻ ۽ عورتن جي گهٽ لکڻ کي هوءَ عورت جو قصور نٿي سمجهي يا ان جي صلاحيتن جو گهٽ هجڻ نٿي سمجهي پر چوي ٿي ته: ”آزاد ذهن، پابندين جي نچوڙ ۾ پيل ڪنهن عورت کان ڪنهن ذهني حاصلات جي اميد ڪهڙي رکي سگهجي ٿي. ادب جو مکيه ڪارج آهي. جئن ۽ سچ جو ڦهلاءُ، آزاد ذهن سان، آزاد قلم سان. ڪاش سنڌي عورتن کي ايتري ذهني آزادي علمي جو هو به ڪڏهن سندس ”ساهت ۾ مردن جو حصو“ ملهائڻ جي قابل ٿين!!“ (جعفري 1992ع،274)

آزاد ذهن ۽ آزاد سوچن جي اميد رکندڙ ليکڪا پنهنجين آزاد سوچن جا جيڪي پڙاڏا ڇڏي ويئي آهي اهي خود به سنڌي ادب جا سنگ ميل ثابت ٿي سگهن ٿا. بنا شڪ جي بنا ڪنهن وڏي قومي ايوارڊ جي هوءَ دلين کي کٽڻ جو ايوارڊ ماڻي چڪي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com