سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون آگسٽ- آڪٽوبر 2012ع

مضمون--

صفحو :16

پنجاهه هزارن جو حزب الله

شهيد حزب الله تي هيٺيون مضمون اسان جي شعبه نفسيات جي لئب اسسٽنٽ صفدر علي جو لکيل آهي... صفدر حزب الله دوست هئا... صفدر هن مضمون کي نامڪمل سمجهي مٿس ڪتاب لکي رهيو آهي... بهرحال هي مضمون لکيل سندس آهي... ترجمو البته مون ڪيو آهي... آئون مضمون ۾ ڪٿي ڪٿي ٻيائي ساڪري وئي آهيان ڪو ڪو جملو جت صفدر جو کاڌو اٿم ات پنهنجو جملو به هڻي وئي آهيان... ائين ئي جملن جي ڏي وٺ آئون ۽ حزب الله به پاڻ ۾ ڪندا هئاسين... صفدر هميشه جيان خاموش ئي هوندو هو... پر حزب الله جي موت صفدر جي خاموشي ڀڃي ڇڏي آهي... آئون ڀانيان ٿي هن پهريون دفعو پنهنجي خاموشي کي احتجاج جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍيو ۽ اڀاريو آهي...

هي مضمون مڪمل ڪونهي جو حزب الله پاڻ به مڪمل ڪونه هو... خدا يقينن کيس ڪنهن مقصد جي مڪمل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو هوندو... سو خدا جو مقصد به مڪمل ڪونه ٿيو... ۽ هو وچ ۾ ئي اسان کان هليو ويو... اڄ اسان جو ڊپارٽمينٽ مڪمل ڪونهي... اسان جو هڪ ساٿي هڪ دوست... هڪ ڪليگ... هڪ انتهائي ڪم وارو ماڻهو اسان ۾ کٽل آهي.

حزب الله پنهنجي آفيس  ۾ پنهنجي ميز آ ڏو ڪرسي تي ويٺل ڪونهي. البته کانئس پوءِ ساڻس لاءِ آيل پوسٽ ميز تي ڪٺي ٿي وئي آهي. اهي ڪانفرنسون، عقيقه ۽ شاديون... جن لاءِ ڪارڊ ۽ دعوت نامه آيل آهن.

اهي به مڪمل ڪينهن... جو حزب الله جي شرڪت انهن ۾ نه آهي ڪائنات جو هڪ گوشو گم آهي... ڪائنات خود به اهڙن ماڻهن جي هلي وڃڻ سان مڪمل نه آهي.

منهنجو پنڌ به مڪمل نه آهي جو آئون روز صبح جو بس مان لهڻ شرط ڪامن روم مان ٿي هلي وڃي سندس آفيس جي ٻاهران دري آڏو بيهندي هئس... اتي... حزب الله آيو آهين...؟ روم ۾ اندر جهاتي پائينديس... هو ڪنڊ مان ٿورو اڳتي اچي مرڪي وراڻيندو. ”ها... ها... اچو... اچو... اچان ڪونه ٿي... بس توکي ڏٺم ٿي ته تون ويٺو  ته آهين نه...!

پوءِ واندي ٿي وڃي حزب الله وٽ ويهندس... چانهه هلندي سگريٽ هلندءِ... ڪتابن جي ڏي وٺ... ادبي جملن جي ڏي وٺ... علمي ڪانفرنسن جو ذڪر... دوستن جون تعريفون... ڪن ڪن جون گلائون... ڪچهري... سندس ڳالهائڻ مان بردباري به نظر ايندي ته بهادري به... گهٽ ڳالهائيندو... پر هر جملو توري تڪي.. بامعنيٰ... بي خبر ٿي حزب الله ڪڏهين ڪين ڳالهايو چانهه جو شوقين Mildseven سگريٽ جو شوقين ڊگهي وقفي سان سگريٽون پيئندو ته يڪيون ٻه... گهڻون ڪري چپ هوندو... ٻئي کي ٻڌندو... گهڻو ڪري sete, set لڳندو پر هو set هوندي به upset هو... جوان هوندي به پوڙهو هو... استاد هوندي به شاگرد هو... پاڻ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش هئس... هڪ پتوڙ... هڪ پنڌ... جو لڳو ٿي ته کٽڻ جو نه هوس.

کيس ڏٺي لڳندو هو ته هي شخص الاءِ ڪيترو اڳيان ويندو ڪو معمو آهي... جنهن کي هي حل ڪندو. ڪو پرائيز بانڊ آهي جيڪو هن کي ملندو. تمام وڏن عزائم جو مالڪ هو اسان جو حزب الله...

لک ٻن جو ذڪر ائين ڪندو... جيئن ڪي جيڏيون پاڻ ۾ رنگين چوڙيون پائڻ لاهڻ جو ذڪر ڪنديون آهن... ها البته رنگين چوڙين جي نزاڪت ۽ رنگن کي سمجهندو هو... محسوس ڪندو هو مرڪندو ۽ ماٺ رهندو... سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون سندس هٿن مان آيا ويا... ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا... وٽس پنهنجا پنهنجا problems کڻي بيٺا هوندا... هو پو ٻڌندو ۽ نبيريندو جيڪڏهن حزب الله ڪرسي تي ويٺل ڪونهي ته پوءِ پڪ هوندي ته هو ڪنهن نه ڪنهن برانچ يا پنهنجي ڪم سان ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر آهي... اسان جو پٽيوالو يعقوب بيمار آهي.. هو هاڻ ته اسان جي دپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪونه ٿو ڪري... پر حزب الله سندس گهر جي در تي بيٺل نظر ايندو... يعقوب بيمار آهي... ان لاءِ دوائون پيو وٺي... يعقوب serious آهي ته حزب الله به تمام سنجيده آهي...

ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر رستي تي هڪ ڀڳل سوزوڪي کي حزب الله پريشان ٿي ڊوڙائيندو پيو وڃي.

حزب الله ڪيڏانهن؟

”يعقوب گذاري ويو... ان جو بندوبست ڪرڻ... بس اچان ٿو ڊپارٽمينٽ....“

ڊپارٽمينٽ نه آيو... ٻي ڏينهن پٽيوالن کان خبر پئي ته حزب الله، يعقوب جي ڪفن دفن جو انتظام ڪري سندس جنازو ڳوٺ کڻائي دفنائي آيو... پر ڳالهه پاڻ نه ڪندو... پر اها ڳالهه ٻيا ڪندا... پٽيوالا ڪندا... هڪ پٽيوالي جي شادي آهي... يا ڪو ٻار ڄائو آهي ته حزب الله لفافن ۾ ويڙهي نوٽ پيو ڏيندو... خوش پيو ٿيندو... ڪاڄن ۾ پيو ايندو ويندو...

اسان جو پٽيوالو سومار... تمام سنجيده، سينيئر ۾ سينيئر ماڻهو... سندس پٽ به اسان وٽ پٽيوالو سياري ۾ عاليشان ٻنهين پيءُ پٽن کي ڪوٽ پيل ... آئون پڇان ٿي سومار ههڙا عاليشان ڪوٽ ٻنهين پيءُ پٽن ڪٿان ماريا آهن...

ادي سائين حزب الله اسان لاءِ اسلام آباد مان وٺي آيو آهي...

منهنجي گهر ۾ هڪ نئين قسم جو هٿ سان اڻيل کيس آهي... ڪوئي پڇندو آهي ته هي ”ڪٿان آيو آهي. آئون چوندي آهيان... ته هي اسان جي ساٿي حزب الله جو آندل آهي مون کي شادي تي present ڪيو هيئين.“

ٻانڌڻا اهڙيون کوڙ، اجرڪون، کٿا ۽ کيس به سويٽرن ۾ حزب الله جي تخليق آهن جو سندس پيءُ انهن شين جو بڻ بڻيادي ٺاهيندڙ به آهي ته واپاري به... حزب الله جا ليک به انهن شين تي لکيل آهن... پر چوندا آهن ته لکئي جا ليک به ڪي عجيب آهن... ڳالهه اجرڪن جي... هن دفعي کان اڳئين دفعي... اڳئين دفعي به دهشتگردن... سندن پاڙي وارن سندن گودام ۽ دڪان تي حملو ڪيو هو... سندس چوڻ مطابق ته گودام ۽ دڪانن جي ڪا چيز نه ڇڏي  هئائون... حزب الله سخت آپي وندو انسان هو... آپي جو ايمان سهي نه سگهيو... چئي اسين هتي جا... اسان جا ابا ڏاڏا هتي جا... هتي اسان جا بڻ بنيادي گهر گهاٽ... وڻج واپار... هي ڪالهوڪا آيل ٿا اسان جا گهر ٽپن... اسان جا مال ۽ مڏيون ڊاهين... ڀيڻان هنن کي ڪو مڙس هيل تائين ڀتو ڪونهي... نه ته... اسان جي دڪانن کي لٽيو ٿن ائين جو هڪ اجرڪ نه ڇڏي اٿن...

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ... حزب الله ڏاڍو مرڪندو مرڪندو مليو چئي... هڪ هڪ اجرڪ ڳڻي ورتي مان...

حزب الله سامان جي ملڻ کان وڌيڪ پنهنجي انا جي بحالي تي مطمئن هو...

۽ هاڻ جڏهن هن دفعي سندن سامان لٽيو هو... گهر سڙيو هو... ۽ جڏهن حزب الله ئي نه رهيو هو... سامان ورائڻ واري کي ئي ماري ڇڏيائون... تڏهن سندس ڀيڻيون رنيون هيون. چون... آپا سامان ته ساڙيئون... گهر ساڙيئون بابو (حزب الله) کي ماريئون... اسان وٽ هڪ اجرڪ اهڙي نه ڇڏيئون... جو اسان پڇاڙي ۾ بابو جي مٿان وجهون... اسان کي بابو مٿان وجهڻ لاءِ هڪ اجرڪ نه ملي...

بابو جي پڇاڙي سرهي ڪرڻ لاءِ.

حزب الله، اجرڪن جي تخليق ڪار جي پڇاڙي سرهي ڪرڻ لاءِ... هڪ اجرڪ جو سوال...؟

اسين هڙئي سنڌي سوالي آهيون... سموري سنڌ سمورا اسان جا سنڌي  جوان... پنهنجي ورثي کي واپس ورائڻ لاءِ... هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا آهيون... ڪڏهن هڪ ٻئي کان ٻڌي ۽ اتحاد جي ٿا خيرات گهرون ته ڪڏهن انساني حقن جي ڪميٽي آڏو ٿا پنهنجا لاشا ڳڻايون... ”لاشا ڳڻيون... تازيون قبرون ڳڻيون... ڪيترا سنڌي مئا... حالتن ۽ حڪومتن اسان جي قومي ڪردار  ۽ قومي غيرت کي ماري ڇڏيو آهي... اسين بيغيرت بڻجي ويا آهيون... ڪڏهن لطيف کي ٿا دانهن ڏيون... ڪڏهن خدا کي پيا ڏوراپا ڏيون... اسان مان ڪجهه قومي ڪردار جا ماڻهون جيلن ۾ آهن... ڪجهه ريلن ۾ آهن ۽ اسان جا ليڊر هوائي جهازن ۾ هتان کان هت بيان ڏيڻ لاءِ گهمي رهيا آهن... اسان جا پڙهيل ڪڙهيل نوڪرين وارا ماڻهو گهڻي ڀاڱي... رشوتي هڏ حرام ۽ کائو آهن. انهن کان وڏو بيغيرت انسان ڪنهن ماءُ نه ڄڻيو هوندو... سنڌين جو سڀ کان وڌيڪ بيغيرت طبقو تعليم... جي انتظاميه ۾ آهي. ان کان وڌيڪ بيغيرت طبقو سڌو سنئون حڪومت ۾ آهي. ڪي منسٽر آهن ته ڪي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز آهن... جن ڪڏهن گڏهه گاڏي ڪونه ڏٺي هئي پجارون ۾ ٿا سنڌين جي حقن لاءِ پچارون ڪن...

ڪالهوڪي آيل الطاف (جنهن سنڌين جا انب کائي ٻلهه ورتو) ۽ ان جي چند ڇاڙتن سنڌين کي جيئري ئي آسمان جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن... هو  ڪا قوم نه هوندي به پنهنجو ڪردار، ٺاهي ويا آهن. پنهنجي دهشتگردي جي تنظيم سان ڌرتي کي لوڏي ڇڏيو اٿن. هنن کي پنهنجي ڌرتي تي نه هوندي به هو پنهنجا پير ڄمائي ويا آهن... ڇو...؟ ان ڪري جو هنن ۾ ڪجهه به نه آهي... سواءِ تنظيم ۽ ٻڌي جي... هو پنهنجي ڪني ۽ ڪوڙي ڪردار سان سچا آهن ۽ اسين پنهنجي سچ ۽ سر زمين سان به ڪوڙا آهيون... جيڪڏهن اسان جا پڙهيل ڪڙهيل ۽ چڙهيل ماڻهن ۾ ٿورو ٿورو به... حزب الله هجي ها... ٿوري ٿوري به حزب الله جهڙي خودي هجي ها... ته ائين مور نه ٿئي ها...

قلم منهنجو ٿيڙ کائي ويو... مون ڳالهه ته حزب الله جي پي ڪئي... ته حزب الله آپي وندو انسان هو... هن جي غيرت کي للڪارڻ ڏکيو هو... اهو ئي سبب آهي جو هو دشمن جي دل ۾ ڪنڊو ٿي ٿي لڳو... اهڙا انسان قومي اثاثو هوندا آهن... ڪنهن قوم کي پورو ڪرڻو هجي ته پهرين اهڙن انسانن کي پورو ڪجي سو حزب الله به پنهنجو رت پنهنجي ڌرتي پنهنجي قوم کي ڏنو... سندس گوشت البته ايم ڪيو ايم جي ڳجهن کاڌو جو بقول ڪنهن سياستدان جي ته هي اها دهشتگرد تنظيم آهي جنهن پهرين پٺاڻن جي گوشت سان ناشتو ڪيو... پوءِ ٻن پهرن جي لنچ پنجابين جي گوشت سان ڪئي ۽ هاڻ ته شام رات جي ڊنر سنڌين جي گوشت سان ڪري رهي آهي... هي رات ڪيڏي ڊگهي آهي... ڪنهن کي خبر ڪونهي هي ڊگهي رات... جنهن ۾ گوشت جي ٻن ڏينهن جو ڪٿ ناغو به نظر ڪونه ٿو اچي.

سنڌين جو گوشت... حزب الله جو گوشت... حزب الله جهڙن انيڪ انسانن جو گوشت!!!

وڏو جرم سمجهيو ويندو هو. عيسيٰ چيو ڪونهي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته دشمن کي اخلاق زير ڪرڻ لاءِ ٻيو ڳل به پيش ڪريو.

اهو اسلام جو يسو مسيح دور هو.

پوءِ سنڌ تي اسلام جو تارا مسيح دور به آيو... جڏهن پٽي کي تارا مسيح ڦاسي ڏني هئي... ۽ هاڻ سنڌين تي اسلام  جو الطاف مسيح دور آهي...

اسلامي طريقي تي سنڌين جي گوشت کي جهانٽو ڪري سندن گوشت کي حلال ڪيو ٿو وڃي... ڳلن تي چماٽ هڻن ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي. حزب الله جو وزن ته الائي ڪيترو هو... پر حڪومت سندس بدن جي قيمت في ڪلو 50 رپئي جي حساب سان 50000 هنئين ڇا حزب الله صرف 50000 جو هو...؟

تاريخ کي هڪ سوال آهي... هو ڀل کڻي 50000 جو هجي. پر سندس شڪتي روح سندس رت جي قيمت... پاڪستان کي ڏاڍي مهانگي پوندي ڪي ته سنڌ جا پٽ هوندا هن ڌرتي تي... يقينن هن ڌرتي تي... جي ايمان ۽ انصاف سان... هن ڌرتي ۽ ان جي شهيدن جي قيمت اسان کي وٺي ڏيندا.

گلبدن جاويد

يادگيريون

 

مئڊم خيرالنساءِ جعفريءَ کي پهريون ڀيرو مون فٽاز هوٽل ۾ هڪ پروگرام ۾ ڏٺو هو. اهو پروگرام ناري پبليڪيشن طرفان قمر شهباز سان رهاڻ رچايل هئي. اُتي ڪنهن ليکڪ چيو هو ته قمر شهباز هڪ ئي وقت ليکڪ، شاعر، اداڪار ۽ صداڪار آهي. ۽ چئني شعبن سان انصاف ڪيو اٿس. تنهن تي خيرالنساءِ چيو ته: ”قمر شهباز جيڪڏهن چار شاديون ڪري ها ته انهن سان به هڪجهڙو ئي انصاف ڪري ها. ٻيو دفعو وحدت ڪالوني ۾ حفيظ قريشي وارن مئڊم سان شام ملهائي هئي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي برانچ جنهن جو سيڪريٽري اياز شاهه هو. ان ۾ مئڊم  سان شام رچائي وئي هئي. هن پروگرام جي صدارت استاد بخاري ڪئي. مون مئڊم تي مقالو پڙهيو. ٻئي ڏينهن آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ ڀاڪر پائيندي چيائين ته: ”تو ڏاڍو سٺو ڳالهايو.“

مئڊم سان تمام ڊگهي ۽ تفصيلي ملاقات فقط هڪ دفعو ٿي هئي، سندس گهر شيرين ڪارنر تي. مون سندس انٽرويو ڪيو هو. ”سرتيون“ لاءِ. ڏاڍي خاطر تواضع ڪئي هئائين ۽ چيائين ته: ”اڄ تائين ڪنهن به ايڊيٽر مون کي ايتري لفٽ نه ڪرائي آهي.“ مون ۽ صائمه ڪئمرا جو سڄو رول مئڊم جي تصويرن سان ڀريو هو. اهو مارچ 1991ع جو زمانو هو. پوءِ ايڪڙ ٻيڪڙ مئڊم سان يونيورسٽيءَ ۾ ملڻ ٿيندو هو. پاڻ سرتيون ۾ هڪ سلسلو ”ڀينرن جا سوال ۽ اسان جا جواب“ جي سِري هيٺ نفسيات جي روشنيءَ ۾ لکندي هئي، پر طبيعت جي ناسازي سبب اهو سلسلو وڌيڪ هلي نه سگهيو.

هينئر صائمه سان ملڻ ٿيو ته ٻڌائي پئي ته امي توهان کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ ياد ڪندي هئي. توهان جيڪو مون کي (صائمه کي) دادوءَ مان وڳو ڀرائي ڏنو هو اهو اميءَ کي ڏاڍو وڻندو هو. ڇو ته دادو جو ڀرت مشهور آهي. اهڙي نموني تمام ننڍڙيون ننڍڙيون ۽ مٺڙيون ڪيتريون يادگيريون مئڊم سان وابسته آهن. شايد 1991ع جي ڳالهه آهي محرم جو مهينو هو. مئڊم نواز ڀٽي جي گهر مجلس ۾ آئي هئي. اتان مئڊم تنوير جوڻيجي سان ملڻ مارئي هاسٽل آئي. جيئن ته منهنجو ڪمرو مئڊم تنوير جوڻيجو جي ڀرسان هوندو هو، ٻيو ته ساڻس ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر تبسم سان گهري دوستي هئي، انڪري هر هر پيا ملندا هئاسين. سو مئڊم خيرالنساءِ جيئن مون کي ڏٺو ته هڪڙي حليم جي ٿيلهي (نذر) مون کي هٿ ۾ پڪڙايائين پوءِ ڀاڪر پاتائين. کيس ڪارو جوڙو پاتل هو جنهن ۾ ڏاڍي سندر پئي لڳي.

ائين مئڊم سان گهڙي پل لاءِ ملڻ جلڻ پيو ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مارئي هاسٽل هڪ مرڪز هئي سڀني ليکڪائن سان ملڻ جو. مئڊم ثريا مخدوم به اتي رهندي هئي. ڊاڪٽر قمر واحد، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، زبيده ميتلو، مسرت مرزا ۽ مرحب قاسمي انهن سڀني سان ويجهڙائپ رهي ۽ آهي. بهرحال ٻي هڪ خاص ڳالهه ته هي نمبر سهيڙيندي مون کي انهيءَ ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو ته مئڊم جا ٻيئي ڪتاب اڻ لڀ آهن ۽ تصويرون به ڪي گهڻيون ڪونه مليون. وري به آفرين آهي ادا نصير مرزا ۽ جامي چانڊئي کي جن تصويرون ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.

امر سنڌو

سنڌي ادب ۾ سنڌ جي حقيقي انٽليڪچوئل

عورت جو چهرو سدائين غائب رهيو آهي.

 

اهوئي آرٽس فيڪلٽي جو ساڳيو ڪاريڊور، ساڳيو ئي ڪامن روم  ۽ ڪامن روم جا ساڳيا ئي در ۽ ديوارون، ڪاريڊور ۾ گهمندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا گروپ، سندن مشڪريون ڇيڙ خانيون ڪتابن جا رٽا ۽ مارڪن لاءِ سندن ڊُڪ ڊڪان شايد سڀ ڪجهه ساڳيو. جيڪڏهن ڏسجي سڄي جهان سان گڏ ان آرٽ فيڪلٽي جي سڀ کان مٿئين فلور واري ڪاريڊورس جو جهان به ساڳئي طرح روان دوان- ڇو ته زندگي بيهڻي ناهي ۽ شو مسٽ گوز آن. پر ڪجهه ان جي هلندڙ جهان ۾ ڏسجي ته زندگي ڪجهه رُکي ۽ ڦِڪي آهي. جيڪو ستر ۽ اَسي جي ڏهاڪي ۾، هن ڪاريڊور جي زندگي ۽ ڪامن روم جي ڪار گذارين کان واقف هوندو اهو جيڪر ڀُلجي هتي اچي نڪري ته بي- اختيار دانهن ڪري اهو ضرور چوندو ته اها خيرو ۽ ان سان جڙيل خيرو جي منڊلي وارو جهان- زندگي نيٺ به وقت جي ڪهڙي وهڪري ۾ لڙهي وئي! وقت جي سيني ۽ هن ڪاريڊور جي تاريخ ۾ خيرو ۽ ان جي منڊلي جا ڇڏيل پيرا مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ وري ڳولهي لهڻ شايد ناممڪن آهي. هن ڪاريڊور ۾ خيرو ۽ سندس منڊلي واري زندگيءَ جو عروج و زوال ڀلي ٻيو ڪير رکي. پر خيرو جي زندگي جا اهي ڪي آخري سال جيڪي هن سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن جي حيثيت ۾ گذاريا انهن کي مون ڏاڍو پري کان توڙي جو فقط هڪ ديوار منهنجي ۽ سندس ڊپارٽمينٽ جي وچ ۾ هئي. پر شايد منهنجي ۽ خيرو جي وچ ۾ به اُها ئي ديوار رهي. اهو فاصلو جيڪو ڪنهن شاگرد ۽ استاد جي وچ ۾ هجي ان کان به وڌيڪ طويل هو ڇاڪاڻ ته مان فلسفي ۾ شاگردياڻي جي حيثيت سان داخل ٿي هئس ۽ خيرو جو شعبو وري نفسيات جو. هوءَ جيڪا نفسيات جي شعبي جي هيڊ هئي، ان کان مان تمام گهڻو پري- پر اُها خيرو جنهن کي ڪهاڻيون لکڻ جو هنر ٿي آيو ۽ جيڪا (تخليق جي موت ۾) سدا امر رهجي وئي. جڏهن مان شاگردياڻيءَ جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس، ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ڄام شورو ادبي رومانس جي ڪوهيڙي ۾ ورتل استعارو بڻيل هئا. ڄام شورو ۽ سنڌ يونيورسٽي فقط تعليمي ۽ تحقيقي مرڪز ئي نه هئا- پر ورسٽي جي ڪک ۾ هڪڙو شهر آباد هيو ۽ ان شهر ۾ اديبن جي هڪ گليڪسي موجود هئي. جنهن جي ادب سان اڳ ئي واقفيت هجي ۽ اديب مندر جي ديوتا سمان سندس دلين ۾ آباد هجن. اهڙن شاگردن لاءِ ڄام شورو ۽ ان ۾ موجود اديبن جي اها گليڪسي هڪ خواب گهر مثل هئي. ان خواب گهر ۾ اديبن جي ان گليڪسي ۾ ڪهڙا نالا ڳڻجن. خيرالنساء جعفري، سحر امداد، تنوير جوڻيجو، امداد حسيني، شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، ظفر حسن، طارق عالم ابڙو ۽ ڪجهه ٻيا شامل هئا. يونيورسٽي ۾ اچي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي سند وٺي وڃڻ ته بيشڪ هر داخلا وٺندڙ شاگرد جو بنيادي مقصد هوندو. پر اديبن جي ان گليڪسي جي ستارن جي لکڻين کان سندن ذاتي ۽ شخصي ڏيٺ ويٺ تائين پڄڻ به يقينن انهن ڪجهه ئي مون جهڙن شاگردن لاءِ هڪ نئون چارم هو.

خيرالنساء جعفري قريبي دوستن لاءِ گُڏي ۽ دوستن لاءِ خيرو. هٿ ۾ پن جي ٻيڙي، لائٽر نه پر ماچيس. چئي ته ”چيلاٽڻ ته آهيان“ پر جي ڳالهائجي ساڻس ته اونهو سمنڊ.... پري کان ڏس ته لڳي. ڪا پروفيسر نه. پر ڄڻ پنهنجي اڪيلي نياڻي کي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ آيل اُها ماءُ- پريشان حال ماءُ، جيڪا داخلا جي پهرين ئي ڏينهن پنهنجي ڌيءُ کي ڪنهن اهڙي پروفيسر جي ڪلهي چاڙهي وڃي جو پوءِ يا نصيب........

ملڻ وارو قبيلو ساڳيو هوندي به جونيئر/ سينئر. ۽ عمرن واري وڇوٽي جو فرق پار ڪرڻ مون کان نه پُڳو هو. جڏهن ته ساڳي ئي ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ پروفيسر تنوير جوڻيجي تائين رسائي ۾ الائي ڇو اهو عمر جو ڏاڪو نه آيو هو ۽ نه ئي سحر امداد ڪڏهن عمر کي  ۽ سينيئارٽيءَ کي پنهنجي وچ ۾ اچڻ ڏنو. حقيقت ته اها ڪجهه شخصيتون عمر ۽ ڪجهه ادبي قد ڪاٺ جي حوالي سان وڏيون ٿين. خيرالنساء جعفري بيشڪ ته ٻنهي مرتبن ۾ گهڻي مٿانهين هئي.......

منهنجي آمد جي ڏهاڙن تائين ”ورسٽي“ جو اهو رنگ، رچاءُ ۽ رس نڪري ويو هو. وقت ڪيترن ئي شين کي کائي پورو ڪيو هو. ڪامن روم جي ان ڪلچر جي موڪلاڻي ٿي چڪي هئي.

نون استادن کي ذاتي اُنسيت واري ”پرائيويسي“ وڌيڪ پياري ٿي پئي هئي ۽ اهي ڄڻ ته هڪ طرح سان ان گڏيل ڪلچر جو حصو ٿي نه سگهيا. جنهن تي رڳي گلا جون نشتون نه ٿي هليون. پر جيئن ٻڌم تنوير جوڻيجو کان ته هڪ علمي ۽ ادبي بحث و مباحثي جو دؤر به هلندڙ هو. اهي گهڻا پڙهيا لکيا ماڻهو شايد هاڻ ماضي جو داستان، پر جيڪڏهن خيرالنساء جعفري جي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي کان هٽي ڪري ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش جي شروعات شايد اڃان ڪانه ٿي آهي.

”سرتيون“ پاران خيرالنساء جعفري جو هيءُ نمبر الائي ته سندس يادگيرين جي حوالي سان آهي، الائي ته سندس ادبي پورهئي جي ڪٿا ۽ مڃتا لاءِ آهي.

حقيقيت اها آهي ته اسان جي ٽهيءَ کان اڳ ۾ ادب ۾ زالاڻي، مرداڻي دٻي جي ڪا مخصوص رعايت ته نه هئي. پر پوءِ سنڌي ڪهاڻي جي سرموڙي ۾ نقادن پاران. خيرالنساء جعفري يا ماهتاب محبوب جي ادبي پورهئي جي ڪٿ ايمانداريءَ سان ڪا ڪٿ ڪيل نظر نٿي اچي. نه ادبي تنقيد ۾ ”جوڙ“ ملائڻ واري روايت رائج آهي. نسيم کرل، عبدالقادر جوڻيجي ۽ امر جليل جي صف ۾  ڪنهن عورت ڪهاڻيڪار کي بيهارڻ جيتري عزت بخشڻ ۾ اسان جو نقاد ته بيشڪ ڪنجوس ئي رهيو آهي. جيڪڏهن ماهتاب محبوب ۽ خيرالنساء جعفري جا ڪي ادبي حوالا نظر به اچن ٿا ته اهي به حقيقت ۾ سندن انهن ئي گهڻ گهرن اديبن پاران شامل آهن جيڪي سندن ذاتي ڏيٺ ويٺ ۾ آيل..... نه ته نسيم کرل وٽ اگر سنڌ جي ٻهراڙين جي نج پچ ڪهاڻي موجود آهي ته ماهتاب محبوب جي ڪهاڻي ۾، گهرجي اندر جي رياست ۾ عورتاڻو --- لهجو ۽ عام ٻولي وري ورلي ئي ڪٿي نظر ايندي. خيرالنساء جعفري جي ڪهاڻي ان حوالي کان شايد ڪنهن به  جوڙ جي نه آهي، اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي ڇو ته خيرالنساء جعفري جي ڪهاڻي جي انٽليڪچوئل عورت ڪڏهن ادب ۾ مرد جي پيداوار نه. پر حقيقي وجود رکندڙ آهي. الائي به ڇو پر سنڌي ادب ۾ سنڌ جي حقيقي انٽليڪچوئل عورت جو چهرو سدائين غائب رهيو آهي.

خيرالنساء جعفري جي ڪهاڻي جي ”عورت“ دراصل اها ”ذهين“ عورت آهي، جنهن سان مرد دوستي به چاهي، پر برابريءَ کان خائف آهي. ان عورت جي ذهانت کيس موهي به ٿي پر هو سماجي مٿپرائپ واري درجي تان ڪي ڏاڪا هيٺ لهي کيس فرد جي برابريءَ واري حيثيت ۾ ورتائڻ کان خوفزده آهي.

خيرالنساء جعفري جي ڪهاڻي جي اها ذهين عورت اها پاڻ آهي ۽ لڳ ڀڳ اهي سڀ جيڪي ڪامن روم جي منڊليءَ جون مستقل ميمبر آهن.

سماش جاويد مرزا

سرتيون پاران ٻيا به نمبر اچڻ گهرجن

 

اسين ٻار جڏهن کان سمجهدار ٿيا آهيون تڏهن کان امي (گلبدن جاويد) به پنهنجي روٽين ۾ تبديلي آندي آهي يا کڻي چئجي ته اسين کيس بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. اهي تبديليون هن طرح آهن: گهر ۾ آفيس جو ڪوبه ڪم کڻي نه اچڻ. آفيس جي معاملن تي ابوءَ سان بحث مباحثو نه ڪرڻ ۽ ۽ گهڻي دير ٽيليفون/ موبائل تي نه ڳالهائڻ. ۽ اسان کان سواءِ نه شاپنگ ڪرڻ ۽ نه ڪنهن جي گهر يا ڪنهن پروگرام ۾ وڃڻ- ۽ امي هڪ فرمانبردار ٻار وانگر اسان جون سڀ ڳالهيون مڃندي آهي. باقي سندس زندگيءَ ۾ ڪجهه خاص ماڻهو آهن- جن لاءِ نه هو آنڌي مانجهي کي ڏسندي آهي نه اسان مان ڪنهن جي پرواهه ڪندي آهي. امي جي انهن دوستن لاءِ ابو ۽ اسان ٻارن جي دل ۾ پڻ بي انتها سڪ ۽ احترام آهي. ابو ۽ اسين به انهن سان ملڻ لاءِ ۽ ڳالهائڻ لاءِ امي کي چوندا آهيون. بلڪه آءٌ ته امي کي ڪپڙا استري ڪري ڏيندي آهيان ۽ ميڪ-اپ به ڪندي آهيان ته تون اڄ پنهنجي پيارين دوستن/ سهيلين سان ملڻ وڃجانءِ!

بهرحال! اڄڪلهه معمول جي خلاف امي ڪجهه فائيل گهر ۾ کڻي پئي اچي. ۽ ليکڪن/ ليکڪائن سان به ڳالهائڻ ۾ مصروف نظر پئي اچي بلڪه هڪ ٻن ليڊيز کي ته گهر ۾ گهرائي انهن سان ڪچهري به پي ڪيائين ۽ انهن جون ڳالهيون ڊائري ۾ پي لکيائين. پر هڪ چڱي ڳا لهه ٿي جو انهن آنٽين جا ٻار اسان سان هري مري ويا بلڪ هڪ ته منهنجي بيسٽ فرينڊ جي ماءُ به هئي ۽ اسين بور ٿيڻ کان بچي وياسين. ۽ پاڻ رفريشمينٽ ڏيڻ ۾ مزو آيو. هونئن به اسان جي گهر ۾ مهمان ايندا آهن ته اسين سڀ خوش ٿيندا آهيون ۽ گهر ۾ رونق لڳي ويندي آهي. پر اتي به اميءَ جي لکڻ پڙهڻ وارين ڳالهين ته بهرحال اسان جي ذهن ۾ سوالن کي جنم ڏنو!

امي چيو ته هيءَ نئين دوست صائمه جعفري آهي. نامياري ليکڪا ۽ تقرير جو منفرد اسٽائل رکندڙ شخصيت خيرالنساءِ جعفريءَ جي ڌيءَ آهي. هن کان مئڊم بابت ڪجهه يادگيريون لکرايون اٿم. پر امي اوهان اڳ ته ڪڏهن مئڊم بابت ڪجهه نه ٻڌايو هو. توهان ته مون کي ٻڌائيندا آهيو ته هند، سنڌ جي ڪهاڻيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي ليکڪا ماهتاب محبوب آهي، جنهن جي ڪهاڻي ”سُريت“ پڙهي منهنجي بابا ممتاز مرزا صاحب (منهنجو ڏاڏو جنهن کي اسين بابا چوندا آهيون) چيو هو ته ”هن ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ ٻي ڪنهن لکڻي پڙهڻ تي دل نٿي چوي“.اها بلڪل حقيقت آهي ته: ڪهاڻي ۾ امر جليل، ماهتاب محبوب، نسيم کرل، موهن ڪلپنا، پوپٽي هيراننداڻي ۽ خيرالنساء جعفري تمام وڏا نالا آهن.

امي طرفان مليل جيڪي ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن اُهي منهنجي پسند جون لکڻيون آهن جيئن امر جليل جي ”ڪاري“ جنهن ۾ ٻارن جو ذڪر آهي. نسيم کرل جي ”اٽالوپڊنگ“. جڏهن ته امي چوندي آهي ته نسيم کرل جي ڪهاڻي 34 در تمام بهترين ڪهاڻي آهي. ماهتاب محبوب جي ”مٺي مراد“ ۽ ”لهر لهر زندگي“ ۽ رشيده حجاب جي ”سيمنٽ جي پتلي“ ڏاڍيون پسند آيون آهن. هاڻي وري امي چيو ته: هي ڪتاب پڙهه ”تخليق  جو موت“ خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو. مئڊم تي سرتيون طرفان نمبر شايع پيو ٿئي تون به ڪجهه لک! هاڻي مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته امي گهر ۾  فائيل ڇو آڻڻ لڳي آهي. ٻي هڪ ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿي سمجهان ته امي اسان کي نيٽ تي گهڻي دير ويهڻ نه ڏيندي آهي ۽ موبائل ته اسان جي هٿ ۾ ڏٺي ڪونه وڻيس. جڏهن ته sms ۽ نيٽ تان هر معلومات مان يا آصف وٺي ڏيندا آهيونس. پر به ماءُ جو حق جتائيندي ڇنڊ ضرور پٽيندي آهي. خير مان ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ٿي ڪريان.... آهستي آهستي ڪهاڻيون وڻڻ لڳن ٿيون. ٻولي سمجهڻ ۾ ڏکيائي نٿي ٿئي جو اهو لهجو ۽ اها ٻولي مون کي ’امان‘ (منهنجي ڏاڏي) جي ٻولي جهڙي لڳي ٿي. سڄو ڪتاب ته پڙهي نه سگهيس جو اسڪول جو ڪم فيئر ڪرڻو هو. ٽيوشن تي به وڃڻو هو. هڪ ڪهاڻي غور سان پڙهان ٿي اها آهي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ توڙي جو هيءَ ڪهاڻي چار ڏهاڪا اڳ جي لکيل آهي- پر مون کي منهنجي جديد دور جي ڪهاڻي محسوس ٿئي ٿي. مان دل ئي دل ۾ اميءَ جو شڪريو ادا ڪريان ٿي ته چڱو جو مون کي هڪ سٺي ڪتاب پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين. ۽ هي سٽون لکڻ لاءِ همٿايائين. سو مان موقعي جو فائدو وٺندي امي (سرتيون جي ايڊيٽر گلبدن جاويد) کي چوان ٿي ته سرتيون پاران ماهتاب محبوب، پوپٽي هيراننداڻي، رشيده حجاب ۽ ٻين ليکڪ/شاعر عورتن تي ڀرپور نمبر شايع ڪري ته جيئن اسان جو نسل انهن جي زندگين ۽ سندن فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهي.

 

امي طرفان مليل جيڪي ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن اُهي منهنجي پسند جون لکڻيون آهن جيئن امر جليل جي ”ڪاري“ جنهن ۾ ٻارن جو ذڪر آهي. نسيم کرل جي ”اٽالوپڊنگ.“جڏهن ته امي چوندي آهي ته نسيم کرل جي ڪهاڻي 34 در تمام بهترين ڪهاڻي آهي. ماهتاب محبوب جي ”مٺي مراد“ ۽ ”لهر لهر زندگي“ ۽ رشيده حجاب جي ”سيمنٽ جي پتلي“ ڏاڍيون پسند آيون آهن.

ٻي هڪ اهم ڳالهه ته مون سان اسڪول ۾ پڙهندڙ سنڌي ڇوڪرين کي پنهنجي سنڌي ٻولي لکڻ يا شاهه جو شهر پڙهڻ سمجهه ۾  نه ايندو آهي ته ان لاءِ ائين ٿيڻ گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌي جي استادياڻين ۾ ايتري مهارت هجي، جو اهي پاڻ ٻولي جي جوڙجڪ کان واقف هجن ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ساليانا ادبي پروگرام ٿيڻ گهرجن ته جيئن هر شاگرد پنهنجي ٻولي توڙي شعر و ادب کان با خبر ٿئي. جيئن مون پنهنجي گهر مان سکيو آهي ته مان چئي سگهان ٿي ته اسان جو ادب تمام شاهوڪار آهي. امي چوندي آهي ته جيڪڏهن توهان شاهه سائين کي نه پڙهيو ته پوءِ توهان جي تعليم يافته هجڻ جو ڪو فائدو ناهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com