سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :8

سمرا گلزار

نوڪري ڪندڙ عورتون پاڻ کي بيمارين ۽ مشڪلاتن کان ڪيئن بچائن

ننڍين ڪيبنز ۾ ويهي ڪم ڪرڻ سان، گهڻي ڪم سان ۽ مسلسل ڪم تي ڌيان ڏيڻ، پاڻ کان لاپرواهي توهان کي بيمارين ۽ مسئلن ۾ وڪوڙي سگهي ٿي. ان لاءِ توهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟!

چيلهه جو سور: اڌ مٿي جو سور، ٿڪل اکيون، سخت ڊپريشن ۽ ٿڪائيندڙ ڪم، اهو ته نٿو ٿي سگهي ته اسين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيون ڇو ته ان ڪم جو معاوضو ئي پگهار جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ اهو پگهار گهر جي ضرورت آهي.

اسان مان ڪيتريون عورتون روزانو اٺن کان ڏهن ڪلاڪن تائين گهر کان ٻاهر رهن ٿيون ۽ آفيس ورڪ ڪن ٿيون. مسلسل ڪم جو دٻاءُ به اسان جي ذهن ۽ صحت تي خراب اثر ڇڏي ٿو، پر اهو به ممڪن آهي ته اسان روٽين وارو ڪم ۽ ڊيسڪ وارو ڪم ڪجهه آساني سان ڪري سگهون.

اسان ڪجهه ماهرن کان ان بابت پڇيو آهي، ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۾ ڪهريون بيماريون ۽ مشڪلاتون آهن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن. جيئن اهي عورتن پنهنجي ڪم ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن.

ٿڪل اکيون:

سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي نظرون ڄمائي ويهي ڪم ڪرڻ سان اکين ۾ تڪليف ٿي سگهي ٿي خاص ڪري انهن کي جن جي نظر گهٽ آهي. امرتا هڪ صحافي عورت آهي هوءَ ٻڌائي ٿي ته ڪمپيوٽر تي مسلسل ڪم جي دوران منهنجون اکيون سڙنديون هيون ۽ اکين ۾ پاڻي ڀريل رهندو هو. آءٌ انهن کي ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئيندي رهندي هئس، پر ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو هو، مون اکين جي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ان چيو ته توهان ڪمپيوٽر تي گهڻي دير ۽ مسلسل ڪم جي ڪري گهڻي دٻاءُ جو شڪار آهيو.

پنهنجي ڪمپيوٽر تي روز ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ مناسب ڪونهي، پر ڪم جي دوران ڪجهه آرام ڪري، ٻيهر ڪم ڪري سگهجي ٿو. پنهنجي ڪمپيوٽر اسڪرين کي پنهنجي نظر جي هيٺ رکو (پنج انچ) ڇو ته پنهنجي نظرن جي بلڪل سامهون پوزيشن ۾ ڪمپيوٽر اسڪرين جي هجڻ سان اکين تي بار پوندو آهي. مسلسل ڪمپيوٽر تي اکيون ڄمائي ڪم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اکين کي آرام ڏيڻ لاءِ ڪجهه وقفو ڏيو، هر ويهه منٽ کان پوءِ پنهنجي اکين کي آرام ڏيو پنهنجي ٻنهي هٿن کي پاڻ ۾ مهتي اکين تي رکو. ان سان نه صرف توهان کي هڪ منٽ لاءِ وقفو ملندو پر هٿن جي گرميءَ سان اکين جي رت جي گردش به نارمل رهندي.

هارٽ انسٽيٽيوٽ دهلي جي لائف اسٽائل منيجمينٽ ايڪسپرٽ ڊاڪٽر رچنا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هن وقت اسان وٽ اهڙا هائي اسٽريس جا مريض اچن ٿا. جيڪي مناسب ڌيان ۽ علاج نه ڪرڻ ڪري وڏين بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا، جن ۾ هائي بلڊپريشر، ٿولهه، دل جي بيماري، هائير ٽينشن وغيره. ڏٺو وڃي ته اسٽريس کان سواءِ زندگي گذارڻ سولو ڪونهي. پر پنهنجي حياتي کي سڌي ۽ سولائي سان گذارڻ لاءِ توهان کي توانائي جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر رچنا چوي ٿي ته صحت مند حياتي گذارڻ جا ٻه اصول ٺاهيو:

هڪ ته سٺي ۽ معياري کاڌوصحيح طرح کائو، ٻيو ايڪسرسائيز ڪريو، روز ٽيهه منٽ واڪ ڪرڻ ڪجهه يوگا جا ٽپس ڪرڻ سان پنهنجي پاڻ کي ذهني دٻاءُ کان بچائي سگهو ٿا، ماني وقت تي کائجي، صحت کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجي کاڌي ۾ فروٽ ۽ تازيون ڀڄيون استعمال وڌيڪ ڪريو. ميوزڪ ٻڌڻ جي عادت وجهو. خاص ڪري پنهنجي ڪم تي وڃڻ مهل ۽ اچڻ مهل ۽ ڊرائيونگ وقت، ايئن ڪرڻ سان به توهان جو ذهن چست رهندو وڏا ساهه کڻڻ جي ايڪسر سائيز پڻ ڪريو. اسٽريس کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته هفتي ۾ ڪجهه ڪلاڪ پنهنجي ڪمن ڪارين کي ڏيو، پاڻ کي ڏيو ۽ هر ٽن مهينن کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪري ريسٽ ڪريو. سال ۾ هڪ ڀيرو ڊگهي موڪل وٺي گهمڻ وڃو. ايئن ڪرڻ سان توهان ذهني دٻاءُ جو شڪار نه رهنديون.

ڪرائي جو سور:

هڪ چوويهن سالن جي ريسرچ اسسٽنٽ مهر جو پنهنجي ڪرائي جي سور جي شدت برداشت ڪرڻ کان ٻاهر ٿي وئي. تڏهن هن پنهنجي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ۽ اهو سوچيو ته سمهڻ مهل ٻانهن جي ڪرائي  مڙي وئي هوندي، پر ڊاڪٽر چيو ته، ٿي سگهي ٿو ته توهان Repetibe Strain Injur (RSI) ٿي ويو هجي! پر مون ته اهڙو اصطلاح ڪين ٻڌو آهي.

هوءَ پنهنجي ڪي بورڊ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪندي آهي. RSI هڪ اهڙي ڪنڊيشن آهي جا جسم جي هڪ حصي کي هر هر هڪ ئي انداز سان حرڪت ڪرڻ سان پيدا ٿيندي آهي. توهان جا مسلز ۽ اعصاب ٻين ٽشوز کي نقصان پهچائن ٿا. ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ اهي عورتون جيڪي ڪمپيوٽر جا ڪي بورڊ ۽ مائوس استعمال ڪنديون آهن خاص ڪري ٻانهن جي تڪليف انهن کي ٿيندي آهي.

چيلهه جو سور:

ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ وارا ورڪرز سڄو ڏينهن گهڻو ڪم ڪرڻ جي ڪري چيلهه جي شديد سور ۽ ڪنڌ جي سور جي شڪايت ڪندا آهن. جنهن جو تجربو اسان مان ڪنهن نه ڪنهن سان ضرور ٿيو هوندو. ڊاڪٽر رضوان چوي ٿو ته ڪم جي دوران توهان ڪنهن پٽيوالي جو انتظار نه ڪريو ته توهان پاڻ اٿي فائل پنهنجي ڪليگ تائين پهچائي سگهو ٿا ايئن ڪرڻ سان توهان جي چيلهه کي فرحت ملندي پر ٽنگون به سڌيون ٿينديون. گڏوگڏ ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com