سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :13

ياداشت کان محرومي Amnesia

مارئي ميمڻ

ياداشت جي قوت کان محروم هئڻ کي امنشيا (Amnesia) چيو ويندو آهي، ۽ پوريءَ طرح ياداشت کان محروم هئڻ پڻ ماڻهوءَ جي دماغي صحت لاءِ وڏو نقصانڪار آهي، ڇو ته انهيءَ حالت ۾ ڪوبه ذهني ڪم نه ڪري سگهبو. ته ياداشت ختم ٿيڻ جا کوڙ قسم آهن. گهڻو ڪري وڏي عمر ٿيڻ تي يا ڪنهن بيماريءَ سبب پڻ ياداشت تي گهرو اثر پوندو آهي.

علامتون:

ياداشت جي ڪمزوري يا ڪجهه وقت لاءِ ان جي ختم ٿيڻ جو سبب هڪ لفظي ياداست (Virbal Amnesia) آهي، جنهن ۾ مريض لفظ ۽ نالا وساري ڇڏيندو آهي. ۽ هن جو ٻيو قسم وري اهو آهي جنهن ۾ مريض پنهنجي سڃاڻپ وساري ڇڏيندو آهي. پنهنجو نالو، عمر، ڪٽنب يا پنهنجو ماضي پڻ وساري ڇڏيندو آهي.

ياداشت جي ختم ٿيڻ جو هڪ سبب دماغي ڪمزوري پڻ آهي، انهيءَ ۾ مريض کي هلڪو مٿي ۾ سور محسوس ٿيندو آهي ۽ گهر ۾ گوڙ به برداشت ڪري نه سگهندو آهي ۽ ڪنهن به ڳالهه جي باري ۾ ذهني طرح سان ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهندو آهي.

سبب:

هن بيماريءَ جو سبب جيوگهرڙن Cells کي نقصان پهچڻ آهي، يعني ڪنهن بيماريءَ سبب يا رت جي دؤري ۾ رت جي گهٽتائي يا دماغ جو ڪمزور هئڻ.

علاج:

کاڌ خوراڪ جو هر ماڻهوءَ جي ذهني ۽ جسماني صحت تي اثر پوي ٿو. کاڌ خوراڪ ۾ ڪنهن به هڪ وٽامن جي گهٽتائيءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي جسماني صحت تي اثر ٿئي ٿو ۽ اهوئي ڪارڻ دماغي صحت تي پڻ ٿئي ٿو، ان ڪري اهڙن مريضن کي چانهه، ڪافي، الڪوحل، چاڪليٽ، ٻاهر جون شيون جيڪي اسپيشل اٽي جون ٺهيل هجن، چانور چٽڻيون ۽ سموسن وغيره کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي.

اهرن مريضن جي کاڌ خوراڪ ٽن اهم کاڌن تي مشتمل هئڻ گهرجي. نيرن ۾ فروٽ، کير،

منجهند جي کاڌي ۾ اٻريل ڀاڄيون، اڻڇڻيل اٽي جي ماني ۽ گلاس لسي، ۽ رات جي کاڌي ۾ فروٽ، جوس، داليون ۽ کير وغيره پيئڻ گهرجي. ڳئون جو کير اهڙن مريضن لاءِ نهايت ڪارائتوآهي، مريض جيترو به کير هضم ڪري سگهي، اوترو هن کي پيئڻ گهرجي.

گهريلو ٽوٽڪا پڻ اهڙن مريضن لاءِ مفيد ثابت ٿيندا آهن. جن ۾ برهمي ٻوٽي جنهن جو بوٽنيڪل نالو (Bacopa Scruph ulari-acea) آهي هيءَ ٻوٽي ست گرام کڻو ۽ ٿوري اُس ڏيکاريوس ۽ خشڪ ڪري وٺو پوءِ پاڻي وجهي انهيءَ کي ٻنهي هٿن ۾ مليو. ست بادام بنا ڇلڪي جي، ٻه ٽي داڻا ڪارا مرچ ۽ کير ٻه چمچا وجهو. روز صبح جو نيراني پيئو. هيءُ عمل پندرهن ڏينهن تائين جاري رکو.

دماغ جي ڪمزوري يا ياداشت جي ڪميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ بادام ڏاڍا فائديمند آهن، هيءُ خشڪ ميوو آهي، جيڪو دماغ کي طاقت بخشي ٿو. بادامن کي نيم گرم پاڻي ۾ ڇلڪا لاهي پيسٽ ٺاهي مکڻ ۾ گڏائي کائو صرف بادام ئي کائو. انهيءَ کان سواءِ اکروٽ پڻ مفيد آهن انهيءَ کي انجير يا ڪشمش سان گڏي کاڌو وڃي.

تازا صوف پڻ ڏاڍا فائديمند آهن صوف، کير ۽ ماکيءَ کائڻ سان پڻ ياداشت جي قوت تي اثر پئجي سگهي ٿو.

انهيءَ بيماريءَ ۾ مريض کي پُر سڪون ماحول ۽ ننڊ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي.

 


 

ٻارن کي ٻڌايو ته مليل خرچي ڪيئن خرچ ڪجي

اقرا عبدالرزاق

مائٽن جي اها خواهش هوندي آهي ته هُو جيڪي ٻارن کي پيسا ڏين ٿا، ٻار انهن جو قدر ڪن ۽ صحيح استعمال ڪن، پر اهڙا مائٽ ڪيترا آهن!!؟ جيڪي پنهنجي ٻارن کي اها ڄاڻ ۽ معلومات ڏين ٿا. اڪثر مائٽ ته پنهنجي ٻارن کي خرچي ڏئي ٿا ڇڏين، پوءِ اُها انهن جي مرضي آهي ته هو صحيح خرچ ڪن يا اجايو زيان ڪن. ڏٺو وڃي ته اسان جي گهڻي حياتي پيسن ڪمائڻ ۾ گذري ٿي رات ڏينهن جي محنت سان ئي ڪجهه پيسا ملن ٿا جيڪي اسان جي روزاني وهنوار ۾ خرچ ٿين ٿا. پوءِ ڀل گهر جي مهيني جو بجيٽ هجي، بل هجن، اسڪول فيون هجن گهر ۾ اٽي چانور جو مسئلو هجي. انهن سڀني شين جو حل ڪجهه روپين سان ئي آهي، اهي روپيا جيڪي اسان جي محنت جي ڪمائي جا آهن. ان لاءِ ٻارن کي اهو سيکارجي ته اجايو ۽ فضول خرچيءَ کان پاسو ڪريو. آمدني ۽ خرچن ۾ بئلنس ڪريو. ائين ڪرڻ سان ئي اسان جو ٻار سڀاڻ جو هڪ ذميوار شهري ٿي سگهي ٿو. ٻارن کي اهي ڳالهيون سيکارڻ ايڏيون مشڪل ڪونهن، پر جڏهن توهان پاڻ پنهنجن خرچن جو وچور ٺاهينديون ته ضرور ٻار به توهان جي رهنمائيءَ تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا.

ٻي اهم ڳالهه ته جيڪا خرچي توهان ٻارن کي ڏيو ٿا اُها سڄي مهيني جي خرچن لاءِ پوري هجي ۽ ان لاءِ توهان کي پنهنجي پگهار. جي به بجيٽ ٺاهڻي پوندي. ٻارن جي ضرورت، ٻارن تي ٿيندڙ خرچ جيئن بس جو ڀاڙو، ٻارن جا ڪتاب ڪاپيون وغيره. ان کان سواءِ اهو به ڏسو ته ٻيا مائٽ پنهنجي ٻارن کي ڪيترو خرچ ٿا ڏين. گهڻو خرچ ڏيڻ سان ڪٿي ٻار احساس برتري ۾ نه اچي وڃي ۽ ٿورو خرچ ڏيڻ سان ٻارن ۾ احساس ڪمتري نه پيدا ٿئي.

جيترو توهان جو بجيٽ آهي اوتري خرچي ڏيو، پر ڪڏهن خوشيءَ جو موقعو هجي ته توهان بونس به ڏئي سگهو ٿا.

ٻار پنهنجي دوست جي سالگرهه تي ننڍو وڏو تحفو به ڏئي سگهي ٿو، ان ۾ به اڌ پيسا توهان ملايو ۽ اڌ پيسا هو پنهنجا ڀري ان سان هنن کي خرچ ڪرڻ جو ڍنگ به اچي ويندو.

ٻارن جي پروگرامن ۾ شموليت

ٻارن جي سالگرهه تي گهر ۾ پارٽي جو انتظام ڪريو. ٻارن کي چئو ته هو پنهنجي دوستن کي سڏائين ۽ کاڌي ۾ ڇا ٺاهڻ کپي، اهو به سندن پسند جي مطابق هجڻ گهرجي. گهر جي سجاوٽ لاءِ سندس مدد جي ضرورت آهي. ٻار پارٽي جو انتظام پاڻ ڪري وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو.

توهان ٻار کي وٺي مارڪيٽ وڃو ۽ فروٽ ۽ ڀاڄيون وٺڻ لاءِ سندن مدد وٺو. ايئن ڪرڻ سان ٻارن ۾ خريداري ڪرڻ جو شوق ٿيندو ۽ انهن کي گهر جو سامان وٺڻ جي تربيت به ملندي ۽ ٻارن کي اُها به ڄاڻ ملندي ته مختلف شين جون  قيمتون ڪهڙيون آهن ۽ ڪيئن خريد ڪبيون آهن جيئن آئنده ٻار ڪنهن دڪاندار کان ڌوڪو نه کائين.

توهان ٻارن کي همٿايو ۽ موڪلن ۾ هو پنهنجو وقت سجايو ڪن پوءِ ڀل هو ڪٿي عارضي نوڪري به ڪن. ايئن ڪرڻ سان انهن کي اهو احساس ٿيندو ته پيسو ڪيئن ڪمائبو آهي ۽ ڪيئن خرچ ڪبو آهي، پنهنجي پيسي جو احساس انهن ۾ بچت ڪرڻ ۽ اجايو خرچ ڪرڻ کان روڪيندو.

 

برکا پنهور

توهان جو وارڊ روب

اسان مان ڪيتريون اهڙيون عورتون هونديون جيڪي پنهنجي المارين کي ڏاڍي سليقي سان سجائي رکنديون آهن. پر ڪجهه عورتون اهڙيون به آهن جن جون الماڙيون ڪپڙن سان سٿيون پيون هونديون آهن ۽ انهن کي ايترو وقت ئي ڪانه ملندو آهي ته هو ڪپڙن کي سهيڙي رکن، جيڪڏهن هينگر به هوندا آهن تڏهن به بي ترتيب رومال، اسڪارف، جوراب، خانن ۾ ڀريل نظر ايندا، زيور به الماڙي جي خانن ۾ بي ترتيب پيا هوندا آهن. ڪپڙا روزانه پائڻ جا به ڪڏهن ڪٿي رکيل هوندا آهن ته ڪڏهن ڪٿي. اسان مان ڪجهه عورتون  اهڙيون ضرور هونديون جيڪي چاهينديون ته سندس الماڙي ۾ ڪپڙا ترتيب سان رکيل هجن ۽ سندن گهر ۾ به سليقو نظر اچي، روز سوچيندا آهيون ته اڄ ڪيئن به ڪري وقت ڪڍي پنهنجو سڀ استعمال جون شيون سنڀالي رکنداسين، پر روزانو ڪم ايڏا ته وڌي ٿا وڃن جو سوچيندي به ڪري نٿا سگهيون.

پر هڪ ڀيرو توهان کي همت ڪري اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اڄ ڪنهن به حالت ۾ وارڊ روب جي سيٽنگ  ڪنديونسين ائين مشڪل ڪم سولو ٿي پوندو.

وارڊ روب جي صفائي:

وارڊ روب مان سمورو سامان ڪڍي ان کي صاف ڪريو. نم جا خشڪ پن فينائل جون گوريون ۽ ٿوري ڪلونجي کڻي سڀني خانن ۾ وجهو سيف ۾ جتي خاص ڪري جيولري رکجي ٿي، ان کي چڱي طرح صاف سٿرو ڪري پنهنجي جيولري باڪسن ۾ وجهي رکو.

جيولري استعمال ڪرڻ کان پوءِ هڪدم پنهنجي سيف ۾ سنڀالي رکو ائين ڪرڻ سان ڪڏهن به توهان جون ننڍيون ننڍيون شيون گم ڪونه ٿينديون ۽ نه ئي توهان کي ڪو نقصان ٿيندو. الماڙيءَ جي مٿين شيلف ۾ ململ جو نرم ڪپڙو وڇايو، ان جي مٿان نم جا سڪل پن وجهي، هاڻ اتي  اهڙا ڪپڙا رکو جيڪي اوهين ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن تقريب ۾ استعمال ڪنديون آهيون، جيئن ڪم وارا سوٽ، شالون، ساڙهيون مُڪي ۽ ستارن جي ڪم جا ڪپڙا وغيره هاڻ ململ جي ڪپري کي چڱيءَ طرح پيڪ ڪري رکي ڇڏيو، ڪوبه پائڻ لاءِ ڪپڙو ڪڍو وري ان کي ساڳئي طرح پيڪ ڪري رکو. روزمره جي استعمال جي ڪپڙن جي لاءِ هڪ الڳ، سان الماڙي هجي ته سٺو ٿي سگهي ته اسٽور ۾ اهڙي جڳهه ٺاهيو جتي انهن ڪپڙڻ کي هينگر ۾ وجهي رکو، جيئن روز توهان کي ڪپڙا کڻڻ ۾ سولائي ٿي ۽ ڳولڻا به نه پون ۽ نه روز جي استري جو خفو ٿئي. الماڙي ۾ سوٽي ڪپڙن جو خانو الڳ ٺاهيو ۽ ريسمي ڪپڙن جو خانو الڳ ٺاهيو، جيئن ڪپڙن ڪڍڻ ۾ سولائي ٿئي.

گهر جي پائڻ جا ڪپڙا، آفيس جي پائڻ جا ڪپڙا، پڪنڪ ۽ پارٽين تي پائڻ جا ڪپڙا، مٽن مائٽن ۽ اچڻ وڃڻ جي لاءِ پائڻ جا ڪپڙا الڳ الڳ ڪري رکو.

ڪپڙڻ کي هينگر ۾ رکڻ:

ڪجهه سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙن کي هينگر ۾ ٽنگي ڇڏيو جيئن ڪيڏانهن وڃڻ مهل جلدي تيار ٿي سگهجي، پنهنجي گهر واري جي الماڙي ۾ سڄي هفتي جا ڪپڙا استري ڪري رکي ڇڏيو، اڃا وڌيڪ سهوليت لاءِ هڪ چٽ لکي الماڙي جي اندرئين پاسي هڻي سگهو ٿيون ته ڪهڙي ڏينهن صاحب کي ڪهڙا ڪپڙا پائڻ آهن، توهان جي غير موجودگيءَ ۾ به توهان جو گهر وارو آرام سان ڪپڙا کڻي استعمال ڪري سگهندو رومال، جوراب ۽ ٻيون استعمال جون شيون هڪ ئي جڳهه تي رکو جوراب جي جوڙي کي ڳنڍ ڏئي رکو جيئن هو ٻين جورابن سان ملي نه وڃن، ٽائين کي هميشه ميچنگ ڪندڙ سوٽ سان لڳائي رکو، جوتن کي روزانه پالش ڪريو ۽ الماڙي مان ڪڍي ڪڏهن ڪڏهن اس ۾ رکو ڇو ته چمڙي جو شيون گهڻو عرصو خانن ۾ رکڻ سان خراب ٿي سگهن ٿيون.

الماڙيءَ ۾ خوشبو جي لاءِ تازا گل رکو سڪي وڃن ته ڪڍي ڇڏيو، پرفيوم جون خالي ٿيل بوتلون ۽ خوشبودار صابڻ به الماڙي ۾ رکو جيئن کولڻ سان هڪ وڻندڙ خوشبو اچي.

الماڙي ۾ رکڻ وارين شين جي چونڊ:

هينگر لوهه جي بدران پلاسٽڪ جا استعمال ڪريو استعمال ٿيل ڪپڙا ٻيهر الماڙي ۾ نه رکجن جسين انهن کي ڌورائجي نه؟

غير ضروري سامان، ڪپڙا ۽ ٻيون مچينگ جون شيون الڳ رکو. هينڊ بيگس، چوڙيون ۽ آرٽيفيشل جيولري کي رکڻ لاءِ الڳ جاءِ چونڊ ڪريو.

جيڪا شئي کڻو وري ان کي ساڳي جاءِ تي رکو ته جيئن بي ترتيبي نه ٿئي ۽ بار بار الماڙي کي صاف ڪرڻو نه پوي ايئن ڪرڻ سان ۽ توهان جو وقت به بچي پوندو.

 


 

رابعه سهارڻ

بيوٽي ٽپس

وارن لاءِ کاڌ خوراڪ جي اهميت

انسان جي شخصيت ۾ سڀ کان نمايان هن جو چهرو آهي، انسان جو قد هن جي مٿي کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو وارن سان ڍڪيل هوندو آهي، وار هن کي اُس کان، ٿڌ کان ۽ هلڪي سلڪي ڌڪ کان ته بچائين ٿا، پر وار انسان جي شخصيت جي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. خاص ڪري هڪ عورت جي شخصيت هن جي ڊگهن، گهاٽن ۽ چمڪدار وارن جي ڪري وڌيڪ من مهيندڙ لڳندي آهي.

گهاٽن وارن وچان سينڌ يا آڏي سينڌ، پٺيان وارن جو وانگوڙو، يا هڪ چوٽي يا ٻه چوٽيون، انهن ۾ سڳيون، سڳنڌن سان وارن کي ڳنڌڻ ۽ واسڻ:

چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميشه آڳاٽي زماني کان عورتون پنهنجي وارن جي صحت لاءِ سجاڳ رهيون آهن، شاعرن به ”اکين رب رکين“ کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻا شعر وارن تي ئي چيا آهن.

اڄ اچو ته ڏسون ته سرتين لاءِ رابعا سهارڻ وارن جي صحت لاءِ ڪهڙا ڏس کڻي آئي آهي. ادارو.

سٺي کاڌ خوراڪ هجڻ سبب ذهني ۽ جسماني صحت سان گڏ وار به چمڪدار، ڊگها، گهاٽا مضبوط ۽ صحتمند ٿي ويندا آهن.

توهان جيڪي ڪجهه به کائو ٿيون، ان جو اثر توهان جي وارن تي ترت ظاهر ٿي ويندو آهي، جسم جي صحت وانگر صحتمند ۽ چمڪدار وارن جو به دارومدار متوازن (Balanced) غذا تي آهي. اهڙي کاڌ خوراڪ جيڪا وارن جي واڌ ويجهه ۽ انهن جي صحت کي برقرار رکي سگهي، ان ۾ جوڳي غذائيت جو هجڻ لازمي آهي.

وارن جي صحت لاءِ باقائدي ورزش ڪسرت به تمام گهڻي اهم آهي، ڇو ته ان سان رت جو دورو (Blood Circulation) تيز ٿيندو آهي، ان ريت رت وسيلي وارن جي پاڙن کي آڪسيجن ۽ غذائيت پهچندي رهندي آهي.

خراب خوراڪ ۽ ڪسرت ورزش جي کوٽ وارن تي ترت اثر انداز ٿي ويندي آهي، ايتريقدر جو معمولي بيماريءَ ۾ به وار خراب ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي چمڪ (Shaining) ختم ٿي ويندي آهي.

خوراڪ ۾ پروٽين جو گهڻو مقدار شامل ڪرڻ ضروري آهي، جيڪي اسان کي اڇي اڇي گوشت (White meet) جهڙوڪ: مڇي (Fish)، بيضن (Eggs)، دال، سڪل ميوو (Dry Fruit)، پنير (Cheeze) مان حاصل ٿيندو آهي.

ان کان سواءِ Cheeze، Fish، Yougart، Curd جي استعمال سان وار مضبوط ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ قدرتي چمڪ (Shaining) به ايندي آهي.

ڪيراٽين جي واڌويجهه لاءِ ڏاڙهون ۽ قدرتي روغن واري خوراڪ جو واهپو تمام ضروري آهي، ڇو ته وارن جا مختلف حصا ڪيراٽين تي مستمل هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com